سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون 2000ع

 

صفحو :13

غلام رباني آگرو

 

اکڙيون مينگَهه ملهارَ

 

تنوير عباسيءَ جي ياد ۾

 

هن جهان جي ڪابه حقيقت، ان جي پس منظر معلوم ڪرڻ کان سواءِ سمجهي نٿي سگهجي. سو، مناسب آهي ته تنوير جي باري ۾ پنهنجا تاثرات بيان ڪرڻ کان اڳ، مان سندس ننڍپڻ جو ڪجهه ذڪر ڪريان ۽ پوءِ ٻڌايان ته اسان جي دوستي ڪٿي شروع ٿي، ۽ ڪيئن سندس دمِ حيات تائين قائم رهي. مون کيس هڪ دانشورَ ۽ دلنواز دوست جي حيثيت ۾ ڪيئن ڏٺو؟

منهنجي خيال موجب ماڻهوءَ جي شخصيت جو بنيادي خاڪو ’ننڍ پڻ‘ ۾ ئي تعمير ٿي وڃي ٿو. (البت، ننڍپڻ جو زمانو ڪيترو شمار ڪجي، اها ويچار جوڳي ڳالهه آهي). وقت گذرڻ سان، ماڻهوءَ جي شخصيت جي عمارت ۾ ڀتين جي اوساري ٿئي ٿي: ڇَتِ پوي ٿي، رنگ ۽ روغن لڳن ٿا، دريون ۽ دروازا پون ٿا، عمارت فرنيچر سان سينگارجي ٿي... وغيره وغيره. ٻين لفظن ۾ هيئن کڻي چئجي ته ماڻهوءَ جي ذهن تي ننڍپڻ ۾ جيڪي پاڇا پون ٿا، تن جا اثر مٿس دائمي رهن ٿا.

ڳالهه کي چٽو ڪرڻ لاءِ، هت ٻه ٽي مثال ڏيان ٿو:

(1) چون ٿا ته ولايت ۾ هڪ عورت پنهنجي ملڪ جي ڪنهن سائنسدان کان ڏاڍي متاثر هئي. ٻار ڄائس ۽ ڇهن مهينن جو ٿيو، ته وڏيءَ حب سان وٽس کڻي ويئي. چيائينس ته، ”سائين اها ته اوهان کي خبر آهي، ته مون کي اوهان سان ڪيڏي نه عقيدت آهي. منهنجي آس آهي ته هي ٻچڙو اوهان جي نگرانيءَ ۾ پلجي وڏو ٿئي، ته شال هو به اوهان جهڙو ٿئي. انهيءَ اميد سان اوهان وٽ سوالي ٿي آئي آهيان.“

سائنسدان ڪمال همدرديءَ سان جواب ڏنس ته ”امڙ، تو ٻارڙي کي مون وٽ آڻڻ ۾ ڏاڍي دير ڪئي. ڇهه مهينا وڏو عرصو آهي.“

قائد اعظم محمد علي جناح، حياتيءَ جي پوين ڏينهن ۾، آبهوا مٽائڻ لاءِ پنهنجيءَ ڀيڻ محترمه فاطمه جناح سان گڏ، زيارت ۾، ’ريزيڊنسيءَ‘ ۾ ٽڪيل هو. ڊگهيءَ بيماريءَ ڪري، ڪمزور ٿي ويو هو. هڪ ڏينهن، پنهنجي شخصي ڊاڪٽر، ڪرنل الاهي بخش کان پڇيائين ته ”مان پُوري ۽ مرچن جي چٽڻي کائي سگهان ٿو؟“

ڊاڪٽر ادب سان جواب ڏنس ته ”سائين! هائو، پر، فقط هڪ اڌ دفعو.“

گهڻا گهڻا سال پوءِ، جڏهن محترمه فاطمه جناح، قائد اعظم جي لائيف لکڻ جو ڪم (مرحوم) جي الاني کي سونپيو، تڏهن کيس هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايائين ته ”اسان ننڍپڻ ۾ پُوري وڏي شوق سان کائيندا هئاسين، مرچن جي چٽڻي ته روز گهر ۾ ٺهندي هئي.“

جويي صاحب مون سان ڳالهه ڪئي ته پير سائين حسام الدين راشدي، پنهنجن پوين ڏينهن ۾، بعضي بعضي بيماريءَ جي زور ڪري، بيخياليءَ ۾ هڪ نالو کڻي، کيس مدد لاءِ سڏ ڪندو هو. ليڪن، اهو نالو ڏاڍو غير مانوس هو. بعد ۾ وڃي پتو پيو، ته اهو سندن خاندان جي هڪ نوڪر جو نالو هو، جيڪو پير صاحب کي ننڍپڻ ۾ هنج ۾ کڻي گهمائيندو هو.

*      *      *      *

        ننڍپڻ جو عرصو، عمومي طرح، هر ڪنهن کي ساريو پيو آهي. پر، ڪي ماڻهو ٻين کان اول جسماني ۽ ذهني طرح بالغ ٿي ويندا آهن. ڪي وڏيءَ عمر جي باوجود ٻاراڻيون حرڪتون ڪندا رهندا آهن. مشرق جي سياڻي سعديءَ جو مشهور قول آهي:

چهل سال  عمر  عزيزة  گذشت

مزاج تو از حال طفلي نه گشت

پـيارا، تـنهنجي عمر چاليهه سال ٿي وئي،

پر، تنهنجي مزاج مان ٻارائپ اڃا نه وئي!

        چاليهن سالن جي عمر انسان جي ذهني بلوغت جي مڃيل حد آهي. بلڪه، چاليهن سالن ۾ ته پيغمبري ملندي آهي. هر ڪنهن کي ڪانه ملندي آهي، جنهن کي خدا ڏئي، مثلاً، حضرت موسيٰ عليه السلام، طور سينا تي ويو باهه کڻڻ. پر، موٽيو، ته پيغمبري وٺي آيو.

        ڏاها ماڻهو، ٻار جي ننڍپڻ ۾ سندس تعليم تي توجهه ڏيندا آهن. تنوير انگريزن جي دور حڪومت ۾ ڄائو هو. انهيءَ زماني ۾، ڳوٺن ۾، ٻار پنجن سالن جو ٿيندو هو، ته کيس پرائمري اسڪول ۾ موڪلي ڏيندا هئا، جتي، هو الف _ بي سکڻ کان پوءِ، ٻاراڻو درجو پڙهندو هو. ٻاراڻو درجو پاس ڪري، ٻئي سال پهرئين درجي سنڌيءَ ۾ داخل وٺندو هو. سنڌيءَ جا چار درجا پاس ڪري، انگريزيءَ جي پهرئين درجي ۾ داخلا وٺندو هو. انگريزيءَ جا ست درجا پاس ڪري، مئٽرڪ جو امتحان ڏيندو هو. انهيءَ وقت سندس عمر سورهن سترهن سال ٿي ويندي هئي.

        تنوير مئٽرڪ ’اين. جي. وي. هاءِ اسڪول ڪراچيءَ‘ مان ڪئي. ان وقت جي سندس ٻن ويجهن دوستن جا نالا مون کي سُجهن ٿا: هڪ ٺارو شاهه جي ڀرسان ”ڳوٺ اڇي مسجد“، جو ويٺل رحمت الله قاضي، جنهن کي ”ڦاڙهو“ ڪوٺي چيڙائيندو هو ۽ ٻيو رشيد آخوند، جو اڳتي هلي ايس. ايم. ڪاليج ڪراچيءَ ۾ منهنجو به دوست ٿيو.

        رشيد آخوند سٺو اديب ۽ سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جو سرگرم ڪارڪن هو. تعليم ختم ڪري، علمي زندگيءَ ۾ آيو، ته وڪالت شروع ڪيائين. ڪامياب وڪيل ٿيو. پر، لٽريچر ۾ سندس چاهه گهٽجي ويو. هاڻي، مون کي اها به خاطري ڪانهي، ته کيس تنوير جي رحلت جي خبر به آهي يا نه گذريل ويهن ورهين ۾ مون سان به سندس ملاقات ڪانه ٿي آهي. رشيد آخوند، تنوير کي نُورُ ڪوٺيندو هو، ڇو ته هن جو سڄو نالو’نور نبي‘ هو.

تنوير ڪراچيءَ ۾ رهائش دوران، ننڍپڻ ۾، پنهنجيءَ نانيءَ جي ڀاءُ (مرحوم) امام الدين ’ضامن‘ کي شعر شاعري ڪندي ڏٺو هو، جنهن جا پاڇا سندس ذهن تي پيا هئا. سو، پاڻ به شعر شاعري ڪرڻ لڳو. ’مغموم‘ تخلص اختيار ڪيائين. لفظ ’مغموم‘ ننڍپڻ ۾ سندس ذهني مزاج جي عڪاسي ڪري ٿو.

مون سان سندس ميل ملاقات تڏهن ٿي، جڏهن مئٽرڪ پاس ڪري، سنه 52_1953ع ڌاران، حيدرآباد ۾، ڦليليءَ جي ڪَڙَ تي، ڊي. جِي. ڪاليج (D. G. College) ۾ داخل ٿيو. مان به نوشهري فيروز جي مدرسي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪري، اچي ساڳئي سال، ساڳئي ڪاليج ۾ داخل ٿيو هئس. ٻنهي ڄڻن فرسٽ ييئر سائنس ۾ ”بائلاجي“ کنئي سو، هم ڪلاسي ۽ هم درس ٿياسين، ته هڪٻئي کي ويجها آياسين.

تنوير شعر شاعريءَ جي شوق ۾ حيدرآباد ۾ ”بزم خليل“ ۾ پير پاتو، جنهن جو روح روان ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل هو. اتي منظور نقويءَ، سرور علي ’سرور‘ ۽ مظفر حسين جوش سان دوستي ٿيس. هيڪر، مون کي به ’بزم خليل‘ جي محفل ۾ وٺي ويو، ڇو ته مان به پڙهندو ته سائنس هئس، پر شوق لٽريچر ۾ هئم. انهيءَ جو به هڪ سبب هو. منهنجو والد بزرگوار سنڌي ڪتابن ۽ رسالن پڙهڻ جو شوقين هو. مون ننڍپڻ ۾ گهر ۾ رڳا ڪتاب ڏٺا. انهيءَ زماني تائين، پڙهيل ڪڙهيل، متمدن مسلمان گهراڻن ۾ علمي، ادبي ڪتاب ۽ قلمي نسخا وڏي احتياط ۽ احترام سان جمع ڪيا ويندا هئا ۽ اوڏي ئي ذوق شوق سان پڙهيا ويندا هئا. ڪتابُ گهر جي ڊرائنگ روم ۾ اڃا نمائش لاءِ ڪونه رکيو ويندو هو.

فارسي زبان، اسلام تهذيبي ورثي جي علامت سمجهي ويندي هئي. مسلمان خاندان ٻار ڄمندو آهي، ته سندس ڪن ۾ بانگ ڏيندا آهن. پر، سنڌ جي مسلمان خاندانن ۾، ٻارُ، بانگ جي آواز سان گڏ، حافظ ۽ سعديءَ جون صدائون به ٻڌندو هو.*

هن ماحول ۾ منهنجي والد صاحب جي سنڌي علم ۽ ادب سان گڏ، فارسيءَ سان رغبت فطري ڳالهه هئي. منهنجو چاچو ته کانئس به وڌيڪ فارسيءَ جو دلدادو هو. مان پرائمري اسڪول مان موٽي، پنهنجي ڀائرن سان گڏ، چاچا وٽ ’ڪريما‘ جا سبق وٺندو هئس:

نداريم   غير  از  تو  فرياد  رس

تو ئي عاصيان را خطا بخش و بس

اهڙيءَ ريت، مون کي سنڌي زبان ۽ ادب سان محبت (۽ فارسي شعر ۽ ادب جو ٿورو گهڻو شوق) پنهنجن بزرگن کان ورثي ۾ مليو. تنوير ۽ منهنجي دوستي، انهيءَ پس منظر ۾ شروع ٿي.

شيخ سعديءَ ”گلستان“ ۾ لکيو آهي ته هڪ ڏينهن ڏٺم ته جهرِڪُ ۽ ڳيرو گڏ پيا گهمن. ويجهو وڃي ڏٺم، ته ٻنهي جا پَرَ ضربِيَلَ هئا. (ٻنهي ۾ قُربَتَ جو سبب اها هڪجهڙائي (Common Factor) هئي). انسانَ به جڏهن هڪٻئي سان دوستي رکن ٿا، ته منجهن ڪي نه ڪي ساڳيا ذوق شوق ۽ شُغِلَ ٿين ٿا. يا وري ڪي هڪجهڙايون ٿين ٿيون.

خاندان

جڏهن اسان هڪٻئي کي ويجهو آياسين، ته مان شام جو سندس گهر، ساڻس گڏ ڪاليجي ڪتاب پَڙهڻ ويندو هوس. حيدرآباد ۾ سندس والد، چاچا سائين (مرحوم) گل حسن عباسي، تڏهن مئنيجر، ’انڪمبرڊ اسٽيشن‘ هوندو هو، جنهن کي سوليءَ سنڌيءَ ۾ ’کُٽل کاتو‘ ڪوٺيندا هئا. سندس سرڪاري رهائشگاهه، صدر ۾ هوندي هئي. انهيءَ کان اڳ، پوءِ نوابشاهه ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر ٿيو.

چاچي ٻه شاديون ڪيون هيون. پهرينءَ مان سندس وڏو پٽ غلام نبي هو ۽ ٻيءَ مان ادا عبدالنبي. پوءِ نور نبي، پوءِ اعجاز النبي، پوءِ الطاف النبي، ۽ آخر ۾ ارشاد النبي. (الطاف ڦوهه جوانيءَ ۾، روڊ جي حادٽي ۾ هي جهان ڇڏيو).

چاچي جي نياڻين جي مون کي خبر ڪانهي. البت، سندس هڪ نياڻي ادي نورجهان، اڃا سينٽ ميري هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ پڙهندي هئي، ته تنوير هڪ دفعي مون سان گڏ کيس موڪل مهل وٺڻ هليو هو. اديءَ جو پٽ شاهد هاڻي تنوير جي نياڻيءَ پارس سان پرڻيل آهي.

چاچا گل حسن مرحوم، نماز روزي جو پابند، پڪو مسلمان ۽ نيڪ انسان هو. منهن تي سدائين مِٺي مُرڪ. پوئينءَ عمر ۾ وڏي سونهاري رکايائين. تنوير مون سان گڏ سندس ڳالهيون وڏيءَ سڪ سان ڪندو هو.

هڪ دفعي تنوير مون کي صوڀي ديري وٺي ويو. اتي سندس نانو، مرحوم عيسيٰ مون سان اچي مليو. پڇيائين ته: ”ذات جو آگرو آهين؟“ مون چيو ته، ”هائو“. چيائين ته ”توهان جي ڳوٺ ۾، وڏيري محمد خان جي خاندان ۾، منهنجون ٻه ماسيون پرڻيل هيون.“ مان ته اها ڳالهه ٻڌي حيران ٿي ويس. انگريزي پهاڪو ياد آيم ته ”هيءَ دنيا ڏاڍي ننڍي آهي.“

ٻئي ڀيري پنهنجي ڳوٺ ويس، ته وڏيري محمد خان جي فرزند، چاچي (مرحوم) الاهي بخش خان سان اها ڳالهه ڪيم. کلي چيائين ته ”هائو، اها ڳالهه صحيح آهي. پر، اهو محمد خان اسان جو پڙڏاڏو هو.“ پوءِ خبر پيم، ته انهن ٻن خواتين مان هڪ جو نالو، خود منهنجي گهرواريءَ تي رکيل آهي، جيڪا وڏيري وڏي، محمد خان آگري جي خاندان مان آهي.

*              *              *              *

’ڪراچي هوٽل‘ جون ڪچهريون

        حيدرآباد ۾، تنوير ۽ مان رات جو نوين ڏهين بجي، پڙهي ٿڪبا هئاسين، ته چاءِ پيئڻ لاءِ پاسي ۾ ’ڪراچي هوٽل‘ ۾ ويندا هئاسين. هوٽل جي اندرئين هال ۾، هِتِ هُتِ ميزون رکيل هونديون هيون. جيڪي ٺهيل ته ڪاٺ جون هونديون هيون، پر مٿن ٽاپ (Top) سنگمرمر جا رکيل هوندا هئا. هڪ مخصوص ميز تي، مولانا غلام محمد گرامي، چاچو ايوب سرحدي، هڪ ڪشميري (جنهن جو نالو هاڻي وسري ويو اٿم)، ڏنل شاهه، سرائي اميد علي ۽ آزاد بڪ ڊيپوءَ جو مالڪ سائين پير محمد شيخ چونڪڙي لايو ويٺا هوندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن شيخ علي محمد به اچي ساڻن شريڪ ٿيندو هو، ۽ خود ڪراچي _ هوٽل جو سيٺ ممن صاحب به دخل تان اُٿي، اچي سندن گفتگوءَ ۾ شريڪ ٿيندو هو. سڀ چاليهارو ورهين جي پيٽي ۾ هوندا هئا.

سندن گفتگوءَ جا موضوع مختلف هوندا هئا. پر، ڪڏهن ڪڏهن ’انسان جي حياتي ۽ هن جهان ۾ سندس مقامُ‘ به بحث جو موضوع بڻبو هو. مولانا گرامي انهيءَ بحث ۾ گهڻي سرجوشي ڏيکاريندو هو. جڏهن محفل رنگ تي ايندي هئي، ته تنوير مان به ڪرسيون ريڙهي، آهستي آهستي، سندن ويجهو وڃي وهندا هئاسين. شروع ۾ خاموشيءَ سان سندن ڳالهيون ٻڌندا رهندا هئاسين. پوءِ سندن گفتگوءَ ۾ شريڪ ٿيندا هئاسين. جڏهن ساڻن گهائل مائل ٿي وياسين، ته هڪ دفعي، مون مهل ۽ موقعو ڏسي، کانئن سوال پڇيو: ”انسان جي زندگي جو مقصد ڇاهي؟“ سوال ٻڌي سڀ چپ ٿي ويا. محفل ۾ سناٽو ڇانئجي ويو. گهڙي رکي، مولانا گراميءَ، ٿورو کنگهي، نڙي صاف ڪري، گفتگو شروع ڪئي. پر، لفظ گهڻا، معنيٰ ۽ مطلب ٿورو. ان ۾ سندس ڏوهه ڪونه هو. سوال ئي اهڙو اڻائو هو. گرامي صاحب جي گفتگوءَ ۾ عقل جي ڳالهه ڪُلُ هيءَ هئي ته، ’زندگي هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن جا اڳيان ۽ پويان ورق ڦاٽل آهن.‘*

   *           *              *              *

مان حيدرآباد جي ڦليلي ڪاليج ۾، تنوير وانگر، شيخ حفيظ سان به گهرو گهاٽو هئس. انٽر سائنس ۾ هئس، ته سندس صلاح تي، ڪراچيءَ هليو ويس. اتي، ادبي لاڙن جي ڪري، ايس. ايم. آرٽس ڪاليج ۾ داخلا ورتم ۽ اول ماهنامي ’نئين زندگي‘ ۽ پوءِ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ ۾ ملازم ٿيس. پر، تنوير، ڦليلي ڪاليج مان انٽر سائنس جو امتحان پاس ڪري، لياقت ميڊيڪل ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا ورتي. اٺين ڏهين ڏينهن ڪراچيءَ مون سان ملڻ ايندو هو يا وري مان وٽس حيدرآباد ويندو هئس. تنوير هڪ ته ذهين شاگرد هو. ٻيو ته محنت ڪندو هو. لياقت ميڊيڪل ڪاليج مان M.B.B.S جي ڊگري ورتائين ۽ ٻيو به هڪ وڏو معرڪو سرانجام ڏنائين. ميڊيڪل ڪاليج ۾ عشق ڪيائين ۽ ان ۾ به ڪاميابي ڪيائين. انگريزي محاوري ۾، ان قسم جي عشقيه معاملي کي انگريزيءَ ۾ (Affair) ڪوٺيندا آهن. انگريزن جو عشق شايد ’معاملي‘ تائين محدود هوندو آهي. مشرقي روايت موجب، عشق ان کان گهڻو مٿڀرو آهي. عاشقن جي مِٽي قدرت ڪنهن خاص خمير مان ڳوهي ٿي. شاهه نصير پنهنجي دل جي واردات هنن لفظن ۾ بيان ڪئي آهي:

ڪــــــن کــــــي ديــــن مــلـــيـو، ڪــــن کـــــــي دنـــيـــا،

عشق اصل کنئون انعام ڏئي وئين يار اسان کي.

دهليءَ جي فارسي شاعر، ناصر علي شاهه (متوفي 12 صدي هجري) وري عاشقن جي جِگِر لاءِ هيئن چئي ويو آهي:

بنامِ  خداوند   جانِ   آفرين

جگرهاي عاشق گداز آفرين

شاديون ۽ اولاد

تنوير جي پهرين شادي مائٽن ننڍپڻ ۾ ڪرائي هئي. انهيءَ اهليه، اديءَ نور بيبيءَ مان فقط هڪ نياڻي ٿيس، جنهن جو اولاد آهي روبي. اديءَ ڊاڪٽر قمر مان ٻه نياڻيون ٿيس: پارس ۽ مارئي. ٻئي هاڻي شادي شده ۽ اولاد واريون آهن. اديءَ ڊاڪٽر قمر مان ٽيون ٻار پٽڙو ٿيس، جيڪو آمريڪا مان اعليٰ تعليم وٺي ملڪ ۾ موٽيو آهي. سرمد نالو اٿس. قائداعظم يونيورسٽيءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر آهي. ٽنهي ڄڻن پارس، مارئي ۽ سرمد جي شخصيت، تنوير وانگر سٻاجهي آهي.

تنوير ڊاڪٽريءَ جو امتحان پاس ڪري اول حيدرآباد ۾ پريڪٽس شروع ڪئي. رهندو ٽنڊي آغا ۾ هو، جتي ادي نور بيبي ۽ نياڻي روبي ساڻس گڏ هيون. سندس ناني به گڏ رهندي هئي. 1961ع _ 1962ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جون آفيسون حيدرآباد آيون، ته تنوير مون لاءِ پنهنجي گهر جي پاسي ۾، ڪرائي تي ڪمرو ورتو. چڱو عرصو، ماني به سندس گهران ايندي هئي. ادي نور بيبي وڏي اشراف عورت هئي. رڌ _ پچاءُ جي ڪاريگر، طبيعت جي سٻاجهي، صحيح معنيٰ ۾ هڪ سگهڙ زال.

تنوير جي اديءَ قمر سان شادي حيدرآباد ۾ ٿي. نڪاح جي تقريب بسنت هال ۾ ٿي. مخدوم امير احمد صاحب نڪاح پڙهايو. تنوير، نڪاح نامي ۾ منهنجو نالو شاهد طور لکايو. ادا عبدالنبيءَ گَهر جي وڏي جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو.

حيرت جي ڳالهه آهي ته تنوير جي وفات کان پوءِ، تازو مون دوستن سان گڏجي، سندس ياد ۾ جيڪو تعزيتي اجلاس ڪوٺايو، سو به بسنت هال ۾ ٿيو. تقريب جي صدارت ادا عبدالنبيءَ ڪئي.

    *          *              *              *

تنوير ڊاڪٽريءَ جي تعليم، ادا عبدالنبيءَ جي مشوري تي ورتي هئي، جنهن چيس ته ’شعر شاعري ڀلي ڪر پر، گذر سفر لاءِ ڊاڪٽري پڙهه.‘ تنوير ڊاڪٽريءَ جي پريڪٽس لاءِ، آخرڪار، خيرپور ميرس جو انتخاب ڪيو. اديءَ ڊاڪٽر قمر سان گڏجي. ’سنڌ _ اسپتال‘ نالي هڪ خانگي شفاخانو کوليائين، جنهن جي اڏاوت، پنهنجي حال آهر، وڏي ذوق شوق سان ڪرايائين. اڳتي هلي، ساڳيءَ جاءِ جو نالو ’سرمد جو گهر‘ رکيائين.

سندس ضمير جو خمير سنڌ جي مِٽيءَ پاڻيءَ سان ڳوهيل هو. سو، جاءِ جي مهاڙي ۾، سيمنٽ سان، اجرڪ جي ڊزائين رکايائين. جاءِ جي پٺئين پاسي، ڇٻر جو سرسبز ٻارو ۽ ان جي پاسن سان گلڙا رکايائين. جڏهن جاءِ جي ڪمرن کي رنگ لڳي رهيو هو، تڏهن مون کي خط لکيائين ته ’قمر ۽ مان، برش کڻي، پاڻ به پينٽ ڪندا آهيون.‘

عمارت جي اڏاوت لاءِ زمين جو ٽڪرو، ’ميرواهه‘ جي ڪَڙَ تي پسند ڪيائين، جنهن جي ٻنهي پاسن سان وڏا وڏا ساوا وَڻ، وهندڙ پاڻيءَ جي مٿان ڇانوَ ڪري بيٺا آهن. شاعر ماڻهو هو. حافظ شيرازيءَ جي سُنت ادا ڪيائين:

کنارِ آبِ رکنا باد و گلگشت مصليٰ را

علمَ ۽ دانش ۾ دلچسپي

خيرپور ۾ رهائش ۽ علمي زندگيءَ ۾ پير پائڻ کان پوءِ به ڀانئجي ٿو ته تنوير جي علمي دلچسپيءَ جا موضوع ساڳيا رهيا. سندس هيءُ شعر پڙهي، مون کي ته حيدرآباد ۾ ’ڪراچي _ هوٽل‘ واريون ڪچهريون ياد آيون:

هائو، آءُ نٿو ڄاڻان، آهيان ڪير الائي مان؟

تنوير ۽ مان، رڳو ’ڪراچي _ هوٽل‘ جي ڪچهرين واري زماني ۾ نه، پر ورهين جا ورهيه پوءِ انهيءَ سوال تي گفتگو ڪندا هئاسين، ڇو ته ماڻهوءَ کي اها خبر ئي نه هجي، ته مان هن شهر ۾، هن ملڪ ۾، هن جهان ۾ ڇالاءِ آيو آهيان، ته پوءِ کيس پنهنجو وجود ئي مُنجهائي وجهندو. عمر خيام تڏهن ته چيو:

معلوم نه شد که در طربخانه خاک

نقاشِ ازل بهرچه  آراست  مرا

        ڏاهن جو چوڻ آهي ته هِن جهان ۾، انسان جي اڀياس جو سڀ کان اهم موضوع خود ”انسان“ آهي. هڪڙي چيني مندر جي دروازي جي مٿان هي ٻه لفظ لکيل هئا: ”پاڻ سُڃاڻِ“. ڪي چون ٿا ته اهي اکَرَ، ڊيلفيءَ ۾، اپولو جي مندر جي دروازي تي لکيل هئا: KNOW THY SELF

        ڪي وري اهو گفتو فيثا عورث سان منسوب ڪن ٿا، ۽ ڪي سقراط سان بهرصورت، گفتو جنهن جو به آهي، ان ۾ معنيٰ جو سمنڊ سمايل آهي.

        اسلامي روايت ۾ به هڪڙو اهڙو گفتو حضرت عليءَ سان منسوب آهي. من عرف نفسہ فقد عرف ربہ، معنيٰ، ته ’جنهن پنهنجو پاڻ سڃاتو، تنهن پنهنجو رب سڃاتو.‘ (هن گفتي ۾، خود شناسيءَ ۽ خدا شناسيءَ ۾ البت قربت نظر اچي ٿي.)

ڪي چون ٿا ته اها حديث آهي. ڪي چون ٿا ته، ڪنهن صوفي بزرگ جو گفتو آهي. بهرصورت، ان ڳالهه ۾ ته ڪو شڪ ئي ڪونهي، ته اسلامي روايت ۾ اهڙي قسم جي ’ادب‘ جي آبياري مسلمان صوفين ڪئي هئي.

هونئن ته اسلامي تعليم جو بنيادي سرچشمو قرآن ڪريم آهي ۽ قرآن ڪريم کي خود قرآن ’ڪتاب‘ ڪوٺيو آهي. پر، ماڻهن ان کي پيغمبر صلعم جن جي زبان مبارڪ مان ٻڌو هو. علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب چوندو هو ته:

QURAN IS THE MIRACLE OF THE SPOKEN WORD.

ليڪن، قرآن ڪريم جي اسلوب کي، نثر يا نظم جي ڪنهن به صورت سان تعبير ڪرڻ، مناسب ڪونه ٿيندو، ڇو ته قرآن آسماني صحيفو آهي، يڪتا آهي، ۽ بي مثل آهي.

حضور صلعن جن جون ڪي حديثون پنهنجي معنيٰ ۽ مطلب کان علاوه، عربي زبان جي حُسنِ بيانَ جي لحاظ کان به لَعلَ ۽ گوهر آهن. ليڪن، انهن کي به ادب جي ڪنهن مروج سانچي ۾ وجهي نٿو سگهجي.

عربن ۾ دور جهالت ۾ شاعريءَ جو عام رواج هو. پر طلوعِ اسلام کان پوءِ ان جي نوعيت بدلجي ويئي. عربي شاعريءَ خدا جي وحدانيت ۽ پيغمبر جي رسالت جي ’نقيب‘ جو ڪم ڪيو.

هونئن ته ’ابتدائي اسلامي تصوف‘ پڻ حضور صلعم جن جي ’اقوال مقدس‘ جو ئي پڙلاءُ آهي. ليڪن، وقت جي گذرڻ سان، اڳتي هلي، ڪن صوفين کان اهڙا گفتا به صادر ٿيا، جن خَلقَ کي ڇرڪائي ڇڏيو. غور سان ڏسبو ته انهن گفتن جو ’محرڪ جذبو‘، وري به اها ئي انسان جي اندر ۾، ’پاڻ سڃاڻڻ‘ واري لوڇ پوڇ هئي. اهڙن ابتدائي صوفين ۾ بازيد بسطامي (وفات 875ع) سرفهرست آهي. ڪنهن غير معمولي ذهني ڪيفيت ۾ چيو هئائين ته: ”سبحاني ما اعظم شاني“.

ظاهر ۾ اهڙن قابل اعتراض گفتن کي صحيح قرار ڏيڻ لاءِ، تشريحون ۽ تاويلون به ڪيون ويون، ته اهي در حقيقت روحانيت سان لبريز آهن. منجهن خدا جي وحدانيت جي صدا ٻڌڻ ۾ اچي ٿي:

 

من نمي گويم ”انا الحق“ يار مي گويد بگو

چون  نمي  گويم مرا دلدار مي گويد بگو

’انا الحق‘جو گفتو، حسين بن منصور الحلاج جي زبان مان نڪتو هو، ۽ انهيءَ دور جي مذهبي، سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ سخت هيجان پيدا ڪيو هئائين. نتيجتاً، حلاج کي پنهنجي سِر جو نذرانو ڏيڻو پيو.

سنڌ ۾ شاهه سائينءَ ۽ سچل سرمست، ٻنهي منصور کي ڳايو آهي. تنوير ٻنهي جي راهه جو پانڌيئڙو هو. هونئن به کيس ٻين اهلِ دل انسانن وانگر ’پاڻ سڃاڻڻ‘ جو شوق هو.

هڪ دفعي، مان اسلام آباد مان ڪنهن ڪم سان خيرپور آيس، ته سچل جو موجوده سجاده نشين، صوفي قبول محمد درازين وٺي ويو. قرب ڀري ڪچهري ڪيائين ۽ پنهنجي لئبرري ڏيکاريائين. موڪلائڻ مهل، فرانس جي معروف دانشور، مارسينو جو منصور حلاج تي لکيل ڪتاب هڪ خوبصورت نيڪ _ ٽاءِ تحفتاً ڏنائين. خيرپور ۾ تنوير وٽ ٽڪيل هئس. درازن مان موٽي وٽس آيس ته چيائين ته ”نيڪ ٽاءِ ڏاڍي سهڻي آهي، اٽليءَ جي ٺهيل آهي. پر، اها تون رک، ڪتاب مون کي ڏي.“

تنوير پنهنجي گهر، سٻنڌڙي لئبرري ٺاهي هئي. منجهس اسلامي تصوف، تاريخ، ادب ۽ فلسفي تي چونڊ ڪتاب جمع ڪيا هئائين. سانجهي جو جڏهن آسمان مان شفق جا ڪڪر غائب ٿي ويندا هئا ۽ تارا چمڪڻ لڳندا هئا، تڏهن مئي جو جام ۽ منصور تي مارسينو جهڙي هاڪاري مصنف جو ڪتابُ، تنوير لاءِ ذهني ڪيفَ ۽ سرور جو سامان هوندو هو. سندس هي شَعر غالباً انهن ئي ڏينهن جا آهن:

حــق حــق انــا الــحق حق اناالحق حق انــاالــحق حــق

هـڻـــو دوئــيءَ کــي ڌڪ، انـالحـق حق اناالحــق حــق

 

سـڀئــي مــشرب منهنجا آهن، مذاهب مون آڏو ڇاهــن

نه آهي منهنجو ڪو مسلڪ، اناالحق حق اناالحق حق

هنن شعر ۾، تنوير جي حلاج سان عقيدت ۽ ارادتمندي ته پڌري پئي آهي، پر مون کي خاطري ڪانهي ته سندس پويون شعر، حلاج جي پيغام جو ڪيتريقدر صحيح ترجمان آهي؟ سو، معاملي کي سمجهڻ لاءِ حلاج جو ڪجهه ذڪر.

*              *              *


 * حسين شاهه مون کي ٻڌايو ته چاچا حسام الدين شاهه وصيعت ڪري ويو آهي ته سندن خاندان مان ڪونه ڪو فارسي ضرور پڙهي.

* دراصل، اهو هڪ فارسي شعر آهي، جيڪو ابو الڪلام آزاد پڻ پنهنجي دوست، ۽ هندستان جي اڳوڻي صدر، ڊاڪٽر راڌا ڪرشن جي ڪتاب A History of the Eastern and Western Philosophy جي پيش لفظ ۾ لکيو آهي. غالباً پنهنجي پيش لفظ جو آغاز (يا اختتام) انهيءَ ئي شعر سان ڪيو اٿس.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com