سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ جنوري-جون 2000ع

 

صفحو :17

ليڪن، مختلف مذهبي پيشوائن، هن جهان ۾ انسان جي پيدائش جا تعبير مختلف ٻڌايا آهن. مثلاً، اسان مسلمان، پنهنجي مذهبي عقيدي موجب، هن جهان ۽ انسان جي پيدائش جو هڪ خاص تصور رکون ٿا. حضور صلي الله عليه وسلم جن تي ڪلمون پڙهون ٿا ۽ تاحيات پڙهندا رهنداسون.

ليڪن، ٻُڌَ مذهب جا پوئلڳ، پنهنجي عقيدي موجب، هن جهان ۽ انسان جو اسان کان جدا تصور رکن ٿا. اهي به هن دنيا ۾ ڪروڙين آهن. سڄو سِلون، چين، جپان، فلپائينس ۽ ڏور اوڀر وارا ٻيا ڪيترائي ملڪ، ٻڌ مذهب جا پوئلڳ آهن.

سائنس ته وري هن جهانَ ۽ انسانَ جي پيدائش جو ماڳهن جدا تصور پيش ڪري ٿي. مثال جي ڳالهه: يهودين، عيسائين ۽ مسلمانن جي عام مذهبي روايتن موجب، سڀ انسان حضرت آدم عليه السلام ۽ ڏاڏيءَ حوا جو اولاد آهن. سو، ڪيترائي معتبر محقق، پنهنجن مذهبي پيشوائن جا شجرا بيان ڪندي، وڃي حضرت نوح عليه السلام، يا ماڳهن حضرت آدم عليه السلام تائين پهچن ٿا. هاڻي جيڪڏهن حساب ائين ڪجي ٿو، ته معلوم ٿئي ٿو ته ڏاڏو آدم عليه السلام اڄ کان ڪجهه هزار ورهيه اڳ هن زمين تي رهندو هو، پر، سائنس ثابت ڪيو آهي، ته انسان ته لکين ورهيه اڳ به هن ڌرتيءَ تي موجود هو. آمريڪا جي مشهور هفتيوار رسالي NEWS WEEK ان سلسلي ۾ هيءَ خبر ڇپي آهي:

 

The anthropologists working at the castle in the nation of Georgia were very very lucky: after heavy rains, last May, washed away some sediments, an archaeology student, notices a bone, sticking out of mud. It turned out to be a skull from a young man 1.7 million-year-old fossil of early human ancestors and members of the species that first journed out of the continent, where the human species arose.

Sharon Begley.

News Week

May 22, 2000

”جارجيا جي قلعي ۾ تحقيقي ڪم ڪندڙ، علم الانسان جا ماهر ڏاڍا خوش خوشنصيب هئا. گذريل مئي مهيني جي سخت بارشن ۾ زمين جي مٿاڇري تان لڙهي ويل، مٽيءَ جي تهن هيٺان، گپ مان هڪ هڏو نمودار ٿيو، جيڪو آثار قديمه جي هڪ ماهر ڏسي ورتو. مڄاڻ ته اهو هڏو هڪ مرد جي کوپريءَ جو هو، جيڪو پنڊ پاهڻ ٿي ويو هو، جاچ تي معلوم ٿيو، ته سترهن لک سال پراڻو آهي ۽ انسانن جي انهيءَ نسل مان آهي، جيڪي هن کنڊ ۾ سڀ کان اول پيدا ٿيا ۽ پوءِ ٻين ملڪن ڏانهن ٽڙي پکڙي ويا.“

*              *              *

اسان وٽ ڪن سياسي، سماجي ۽ معاشي سببن ڪري، فِڪر ۽ فلسفو اهو معراج ماڻي ڪونه سگهيو، جيڪو مغرب ۾ ان کي نصيب ٿيو. نتيجو اهو نڪتو، ته سائنسي سوچَ جو سَلو ڦٽو ئي ڪونه. سنڌ ۾، هڪڙو به افلاطون، ارسطو، اسپنوزوئا، والٽيئر، ڪانٽ، شاپنهاور، هربرٽ اسپنسر ۽ نٽشي پيدا ڪونه ٿيو.

تنوير ”هن جڳ ۾ انسان“ جي مقام بابت، ادبي انداز سان، هڪ تمثيل ۽ تعبير بيان ڪيو آهي مناسب ٿيندو ته انهيءَ جي تسلسل ۾، هِت ڪن ٻين به اهڙين نظرين ۽ خيالن جو مختصر ذڪر ڪجي، جيڪي جديد د‍ؤر ۾، انهيءَ ابدي معمي متعلق مروج آهن.

*              *              *

انسان ۽ هي جهان

جيڪڏهن اصول اهو قرار ڏجي، ته وجود ئي ’حقيقت آهي، يعني جيڪي ’آهي‘ سوئي ’سچ‘ آهي ۽ جيڪي ’ناهي‘ سو ’خام خيال‘ آهي، ته پوءِ مڃڻو پوندو ته ’انسان‘ ۽ ’هيءُ جهان‘ بلاشبه ’حقيقت‘ آهي.

ان سان گڏوگڏ اسان کي اهو به مڃڻو پوندو، ته هن جهان جي حقيت، انسان جي حقيقت کان وڏي آهي ڇو ته سڀ ڏاها چون ٿا، ته جڏهن انسان وجود ۾ ڪونه هو، تڏهن به هي جهان موجود هو. ان جو منطقي نتيجو هيءُ نڪري ٿو، ته هي جهان تڏهن به موجود هوندو، جڏهن منجهس انسان جو نالو نشان ڪونه هوندو، ڇو ته هن جهان ۾ ڪيترائي ساهوارا هئا، جن جا نسلن پٺيان نسل، هزارين لکين سال اڳ، هن ڌرتيءَ تي، انسان وانگر، ڪو زمانو زندهه رهيا، ۽ پوءِ جو ختم ٿيا، ته هاڻي انهن جو نالو نشان به ڪونهي.

هن جهان ۾ ڪوبه شخص ٻه سو ورهيه جيئرو ڪونه ٿو رهي. پر، ڪن ساهوارن جي حياتي ان کان وڏي ٿئي ٿي. بيجان شين ۾ ته گهڻيون اهڙيون آهن، جيڪي هزارين لکين ورهيه اڳي به هيون، ته هاڻي به موجود آهن؛ مثلاً: سمنڊ ۽ جبل. هن صديءَ جي هاڪاري سائنسدان، آلبرٽ آئنسٽائين جبلن ۽ ٽڪرن جي باري ۾ لکيو اهي ته:

“…The silence of high mountains, where the eye ranges freely through the still pure air and fondly traces out the restful contours, apparently built for eternity”.

GERMAN ESSAYS ON SCIENCE

 IN THE 20TH CENTURY

پر، هنن مڙني ڳالهين جي باوجود، انسان جي دعويٰ آهي ته مان هن جهان جي ’خاص خلقت‘ آهيان. بلڪه، جهان جي اندر جهان آهيان. سندس اها دعويٰ هن دليل تي مبني آهي ته مون ئي هن جهان جي ساهوارن توڙي بيجان شين کي پنهنجي ڪنٽرول هيٺ آندو آهي. مون شينهن ۽ ٻڪريءَ کي، (سرڪس ۾) ساڳيءَ ٿالهيءَ ۾ گڏ کائڻ پيئڻ سيکاريو آهي. مون وسندڙ، گجندڙ ڪڪرن مان زمين تي ڪرندڙ کنوڻ کي پنهنجيءَ مُٺ ۾ قابو ڪيو آهي. مون زمين تي ويهي، آسمان ۾ چَنڊَ ۽ تارن جو مفاصلو ماپيو آهي.

انسانَ هن جهان جي ساهوارن يا بيجان شين تي جيڪا دسترس حاصل ڪئي آهي، سا پنهنجي عقل جي آڌار تي. عقل انسان جو اوزار آهي. پير علي محمد راشديءَ هڪ دفعي مون کي ذهن نشين ڪرايو ته ڳوٽَ ڀڄندي آهي عقل سان.“ عقل زندگيءَ جي اهم وصف آهي. هونئن ته هر ساهواري کي ٿورو گهڻو عقل ٿئي ٿو، پر انسان جو مَٽُ ڪير به ڪونهي. بيجان شين کي عقل ڪونه ٿو ٿئي. پٿر ڪيڏو به پتڪڙو ڇو نه هجي، عقل کان عاري آهي. يا وري پٿرن جو ڍير ڪيڏو به وڏو ڇو نه هجي، خود همالا جبل هجي، ته به منجس عقل ڪونهي. ساڳيءَ طرح، ماڪَ ۽ مينهنَ جو هڪڙو ڦڙو هجي، يا ماڳهن ڪو درياءُ يا سڄو سمنڊ ڇو نه هجي، پر اهو به عقل کان عاري آهي.

هن جهان ۾ سمورا ساهوارا ۽ سمورا سمنڊ ۽ جبل، قدرتي قانونن جي تابع آهن، پر ’انسانُ‘ ئي هڪ اهڙو ساهوارو آهي، جيڪو پنهنجي عقل سان، قدرتي قانونن کي سمجهي، انهن کي پنهنجي فائدي لاءِ ڪم آڻڻ جو اُدَمُ ڪندو رهي ٿو. تهذيب ۽ تمدن نالا ئي آهن، انسان جي اهڙين ڪامياب ڪوششن جا. سندس دعوا آهي ته:

من  آنم که از سنگ  آئينه سازم

من آنم که از زهر نوشينه سازم

قدرتي قانونن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ جي انساني ڪوشش ايتري ئي قديم آهي، جيتري خود انسان جي پيدائش، پر، انهيءَ زور، رفتي رفتي، خاص ڪري پوين زمانن ۾ ورتو آهي. دنيا جي مشهور آمريڪي رسالي ’ٽائيم‘ (Time) ۾، هڪ نامور سائنسدان چٽن لفظن ۾ چيو آهي ته:

“The 20th century will be most remembered, like the 17th, for its earth shaking advances in science and technology.

        WALTER ISAASCON

                                                     TIME

                                         DECEMBER 31, 1999.

اڳوڻن زمانن ۾، ڏاها ماڻهو، هن جهان جا عجائب ڏسي، رات ڏينهن، قدرت جي جمال ۽ جلال جي ثنا ۽ ساراهه ڪندا رهندا هئا. گهڻو وقت گيان، ڌيان، مراقبي ۽ مڪاشفي ۾ گذاريندا هئا. تاهم، اهي به انسانَ جي عظمت جا انڪاري ڪونه هئا. هن جهان کي ’عالم اڪبر‘ ڪوٺيندا هئا، ته انسان کي ’عالم اصغر‘ (يعني جهان جي اندر هڪ جهان).

انهن مان هڪڙن ”خود شناسي“ (پاڻ سڃاڻڻ) ۽ ”خدا شناسي“ (خالق کي سڃاڻڻ) جي تعليم ڏني، ٻين وري قدرتي قانونن تي سوچڻ شروع ڪيو ۽ انهن جي طاقت کي انسانذات جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ، نوان نوان اصول يعني’فارمولا‘ (Formula) ايجاد ڪيا. ائين، وڏا وڏا ڪم ڪيائون، مثلاً، بجلي ايجاد ڪيائون

نيم _ ملا، پوءِ اُهي ڪهڙي به مذهب جا هجن، اهڙين ڳالهين کي مڙئي پسند ڪونه ڪندا هئا. ڀائيندا هئا ته هي نادان شخص، قدرت جي ڳُجهه ۾ هٿ وجهن ٿا. گئليلو نالي هڪ سائنسدان هو، جنهن کي عيسائي نيم _ ملن، ڦاهي تي پئي چاڙهيو، ڇو ته سندس چوڻ هو ته سج ڌرتيءَ جي چوڌاري ڪونه ٿو ڦِري: البت، ڌرتي سج جي چوڌاري ڦري ٿي. آخر کانئن معافي وٺي، پنهنجي جان ڇڏايائين. پر، هاڻي سڄي دنيا مڃي ٿي، ته گئليلو صحيح هو: ڌرتي سج جي چوڌاري ڦري ٿي.

نيم _ ملو، ظاهر ۾ ڪافر هجي يا مومن، اول ۽ آخر نيم _ ملو آهي. اهو ائين ئي آهي، جيئن نيم _ طبيب هندو هجي يا مسلمان _ ڳالهه مڙئي ساڳي آهي. هڪڙو جان لاءِ خطرو آهي ته ٻيو ايمان لاءِ. دراصل، نيم_ ملو يا نيم _ طبيب هڪ قسم جي ذهنيت جو نالو آهي، جنهن جون نشانيون آهن: هٺ ڌرمي، هوڏ ۽ پاڻ کي ’عقل ڪُل‘ سمجهڻ.

ڏاها (۽ صحيح معنيٰ ۾ پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو) ته اهڙين ڪوششن کي ساراهيندا آهن، ۽ هر نئينءَ ڪامياب فارمولا (Formula) کي ’خدا جو حمد‘ قرار ڏيندا آهن. سو، انگريزيءَ ۾ هڪ چوڻي عام ٿي وئي آهي ته:

Every formula that expresses a law of nature, is a human of praise to God.

ويهينءَ صديءَ ۾، جن ڏاهن سب کان اهم سائنسي فارمولا ايجاد ڪيا، تن ۾ سرفهرست نالو آهي آلبرٽ آئنسٽائين. آمريڪي رسالي ’ٽائيم‘ 31 ڊسمبر 1999ع تي جيڪو ’خاص نمبر‘ شايع ڪيو آهي، تنهن ۾ کيس سڄيءَ صديءَ جي سڀ کان اهم شخصيت قرار ڏنو اٿس ۽ لکيو اٿس ته آئنسٽائين جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، ته هن جهان جو نقشو ڦيرائي ڇڏيو آهي: بلڪ، زمان ۽ مڪان جو ’تصور‘ ئي بدلائي ڇڏيو آهي. ’ٽائيم‘ لکيو آهي، ته سائنسدانن جو چوڻ آهي ته آئنسٽائين جي نظرين کي توڙ تائين پهچائڻ لاءِ اسان کي ٻئي آئنسٽائين جي ضرورت آهي.

ليڪن، آئنسٽائين هڪ اهڙي ڳالهه به ڪئي آهي، جنهن عام پڙهيل ماڻهوءَ کي به ڇرڪائي ڇڏيو آهي. چيو اٿس ته: ”انسان هن جهان جو ’مرڪزي نڪتو‘ ڪونهي.“ ان جو مطلب اهو ٿيو، ته انسانُ، حق حقيقت ڇا، مورڳو ’عالمِ اصغر‘ به ڪونهي!

بيشڪ آئنسٽائين جي راءِ سان متفق ٿيڻ ضروري ڪونهي. ممڪن آهي ته اها صحيح نه هجي. تاهم، سندس راءِ کي رد ڪرڻ ايڏو آسان به ڪونهي، ڇو ته سڀ سائنسدان، ڪنهن به نتيجي تي پهچڻ کان اڳ، حقيقت جو معروضي مطالعو (Objective Study) ڪندا آهن. ٿڌي سيني سان سوچ ويچار ڪري،وڏيءَ ڳڻ ڳوت کانپوءِ وڃي پنهنجي راءِ قائم ڪندا آهن.

معاملي کي چٽو ڪرڻ لاءِ هت هڪ مثال وٺون ٿا: اسان جي اکين اڳيان، روزانو، صبح شام، ڪيترائي مسافر، ڪراچيءَ کان اسلام آباد، هوائي جهاز رستي سفر ڪن ٿا. ڪراچيءَ مان جهاز جي اُڏامڻ کانپوءِ، پائلٽ اعلان ڪندو آهي، ته جهاز ڇهه سو ميل في ڪلاڪ رفتار سان پرواز ڪري رهيو آهي. هڪ ڪلاڪ ۽ هيترن منٽن ۾ اسلام آباد جي ايئرپورٽ تي لهندو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن اڻٽر سبب ڪري، ائين ڪونه ٿيندو آهي. جهاز ليٽ ٿيندو آهي. هونئن نه ته جيڪو شام وارو هوائي جهاز چئين بجي ڪراچيءَ مان اڏامندو آهي، انهيءَ جا ڦيٿا، پائلٽ جي اعلان موجب، پنج لڳي پنجونجاهه منٽن تي، اسلام آباد ايئرپورٽ جي رن وي (Run-Way) کي ڇهندا آهن. پنجونجاهه منٽ، ڇاونجاهه منٽ ڪونه ٿيندا آهن. اهو ڪمال ڪنهن ڪيو ۽ ڪيئن ڪيو؟

هوائي جهاز ڄڻ ته هڪ اڏامندڙ محلات آهي. زمين آسمان جو وچ ڏئي، هوا مان ڇهه سو ميل رفتار سان گهوگهاٽ ڪندو، هزار ميلن جو مفاصلو پورو ڪري، هڪ منٽ جي فرق ڪرڻ کان سواءِ پنهنجيءَ منزل تي پهچي ٿو. اڏامندڙ محلات ڪنهن ايجاد ڪيو؟ سائنسدان يا ٻئي ڪنهن؟ پر، الائي ته ڪيترن تجربن ۽ بحث مباحثي کان پوءِ وڃي هوهوائي جهاز ٺاهڻ جي فارمولا تي متفق ٿيا هوندا.

آئنسٽائين ته اهڙو سائنسدان هو، جنهن جي سڄيءَ دنيا جي سائنسدانن تي به ڌاڪ هئي. شخصي لحاظ کان اهڙو اعليٰ انسان هو، جنهن تي مير جا هي لفظ، حرف بحرف صحيح ۽ صادق آهن.

مت سهل همين سمجهو پهرتا هي فلک برسون

تب  خاک  کي پردي  سي  انسان  نکلتي  هين

هو موجوده مغربي دنيا (Western World) جو مڃيل وڏو ڏاهو هو. وچ اوڀر وارا اڪثر مسلمان ملڪ، توڙي مشرقي ملڪ (چين ۽ ايران کان سواءِ) اڄ انهن ئي مغربي ڏاهن جي پٺيان هلن ٿا.*

مغربي ڏاهن جي سوچ جو سرچشمو يوناني فِڪر (Greek Thought) آهي. قديم يوناني مفڪر، ايامن کان وٺي ان مسئلي تي بحث ڪندا رهندا هئا، ته انسان هن جهان ۾ ڪيتريقدر آزاد ۽ خودمختيار آهي؟ اسلامي تهذيب ۽ تمدن جي عروج واري زماني ۾ جڏهن يوناني فڪر ۽ فلسفي جا ڪتاب عربيءَ ۾ ترجمو ٿيا، تڏهن دار الخلافہ بغداد ۾ ’جبر‘۽ ’قدر‘مسلمان مفڪرن جو خاص موضوع هوندو هو. آئنسٽائين جو لاڙو انهيءَ مڪتبہ فڪر ڏانهن ٿيو، جيڪو’جبر‘جو قائل هو. هن صاف صاف لفظن ۾ چيو آهي ته:

In human freedom, in the philosophical sense, I am disbeliever. Every body acts not only under external compulsions, but also in accordance with inner necessity.

     ALBERT EINSTEIN

     THE WORLD AS I SEE IT

     WATTS & CO. LONDON

”مان، فلسفيانه نقطه نگاهه کان، (هن جهان ۾) اِنسان جي آزاديءَ جو قائل ڪونه آهيان. هر شخص جو عَملُ، نه رڳو ٻاهرين مجبورين جي تابع آهي. پر، سندس اندروني گُهرجنِ پٽاندر پڻ.“

آئسنٽائين جرمن مفڪر هو ۽ شاپنهاور کان متاثر هو. شاپنهاوو ۽ اسپنوزوئا ’جبر‘ جي عقيدي جا قائل هئا. اسپنوزوئا ته شاپنهاور کان به آڳاٽو هو. سندس رايو هو ته:

IT IS WORLD OF DETERMINISM NOT OF DESIGN

        THE STORY OF PHILOSOPHY

                             BY WILL DURANT

اسپنوزوئا ’جبر‘ جي عقيدي جو ايڏو ته قائل هو، جو چوندو هو ته ’قدرت جي ازغيبي هٿن جون آڱريون وهندڙ پاڻيءَ جي ڇولين ۾ ڪشش جي تاريخ به اڳواٽ لکي ڇڏينديون آهن.‘ سندس فلسفي ۾ انسانَ لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه گهٽ آهي؛ غَمَ جي وڌيڪ آهي. هو انسان جي زندگي پاڻيءَ جي بوڙئي وانگر ’بي بقا‘ سمجهندو هو. چوندو هو ته ’انسانَ پنهنجي انفرادي حيثيت ۾، هن جهانَ (Universe) ۾، آخر ڪهڙي حيثيت رکن ٿا!‘

چوندا آهن ته ڏيئي مان ڏيئو ٻرندو آهي. آئنسٽائين انهن ئي مغربي مفڪرن کان متاثر ٿيو. هڪ دفعي، هن جهان ۾ انسان جي صورت حال بابت پنهنجي راءِ ڏيندي چيائين:

What an extraordinary situation is that of us mortals. Each of us is here for a brief sojourn; for what purpose he knows not, though he some times feels it.

اسان فاني انسانن جي صورتحال ڪيڏي نه غير معمولي آهي. اسان مان هر هڪ هِتِ (هن جهان ۾) مختصر مسافريءَ لاءِ آهي. ڪهڙي مقصد لاءِ؟ سو به معلوم ڪونهي، توڙي جو اسان کي ڪڏهن ڪڏهن ان جو احساس ۽ ادراڪ ٿئي ٿو.

ٻئي دفعي ڪنهن شخص سوال ڪيس ته ’انساني زندگي جي معنيٰ ڇا آهي؟‘ آئنسٽائين جواب ڏنس ته:

What is the maning of human life, or of organic life altogether? To answer this question at all implies a religion. I answer, the man who regards his own life and that os his fellow-creatures meaningless, is not merely unfortunate, but almost disqualified for life.

ALBERT EINSTIEN

‘THE WORLD AS I SEE IT’

WATTS AND CO. LONDON

 

انساني حياتيءَ جي معنيٰ (مطلب يا مقصد) ڇا آهي؟ يا، ماڳِهن، سمورن ساهوارن جي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ انهيءَ سوال جي ڪنهن تسلي بخش جواب لاءِ هڪ مذهب درڪار آهي. سو، انهيءَ سوال ڪرڻ مان فائدو؟ منهنجو جواب هيءُ آهي ته جيڪو شخص پنهنجي حياتي ۽ ٻين ساهوارن جي حياتي ’بي معنيٰ سمجهي ٿو، سو، نه رڳو بدنصيب آهي، پر حياتيءَ جو حقدار ئي ڪونهي.

*              *              *

سوچڻ جي ڳالهه آهي ته آمريڪا جهڙي متمدن ملڪ جي معاشري ۾ رهندڙ، آلبرٽ آئنسٽائين جهڙو دنيا جو عظيم ترين سائنسدان، جڏهن افسرده لهجي ۾ ائين چوي، ته اسان فاني انسانن جي صورت حال ڪيڏي نه عجيب آهي. (ڏکوئيندڙ آهي). اسان جي زندگي ته رڳو هڪ مختصر سفر آهي، جنهن جو مقصد ۽ منزل به معلوم ڪونهي... وغيره وغيره، تڏهن ٽينءَ دنيا (Third World) جي پوئتي پيل ملڪن ۾، بک، بيماريءَ، جهالت ۽ بي انصافيءَ جي مرضن ۾، مستقل طرح، مبتلا معاشري ۾ رهندڙ، تنوير جهڙو اهلِ دل انسان، اديبُ، عالم دانشورُ، شاعرُ ۽ مفڪرُ ڪيئن ڪري؟

*              *              *

        هن پس منظر ۾، مستقبل ۾، تنوير جي حياتيءَ تي ريسرچ ڪندڙ محقق، نگاهه وجهندو، ته کيس اها ڳالهه ’نوشته ديوار‘ وانگر نظر ايندي، ته مڙني مجبورين جي باوجود، تنوير، ڪامياب زندگي گذاري. هو، هر وجہ، هڪ لائق انسان هو: والدين جو فرمانبردار پٽ هو. پنهنجي اولاد جو شفيق پيءُ هو. جاهلن کان پري هو، پڙهيل ماڻهن جي ميڙ ۾ کيس سنڌ جي ’نورتن‘ ۾ شامل ڪيو ويندو هو. انفرادي زندگيءَ ۾ ڪنهن سان دغا ڪانه ڪيائين. مٽن مائٽن ۽ يارن دوستن سان تا دم حيات نڀايائين، اجتماعي زندگيءَ ۾ سنڌ جي مِٽيءَ ۽ ماڻهن سان پيار ڪيائين. انهن وٽ عزت ۽ مٿانهون مقام حاصل ڪيائين. زندگي هڪ اڇي اجري، اهلِ دل انسان وانگر گذاريائين. ڪنهن به قسم جي سياهيءَ سان دامن داغدار نه ڪيائين. سنڌ جي ايندڙ نسلن لاءِ روشن مثال ڇڏيائين. سڄي عمر گلاب جي گل وانگر سُرهو رهيو. قدرت مٿس مهربان رهي ۽ کيس هر نعمت عطا ڪيائين.

سنڌ ۾، ون يونٽ واري زماني ۾ جيڪي جلسا ٿيندا هئا، تن ۾ اسان جو دوست، جمال رند، سرائڪي ٻوليءَ ۾ هڪ ’لولي‘ ڏاڍي مٺي آواز ۾ ڳائيندو هو. ٻُڌي، بُت مان سيسراٽيون نڪري وينديون هيون. ان جون ٻه سٽون هي هيون:

پـــــــار دريـــــاهــــان، هِــــڪ مــــيــنــدي دا ٻـــــوٽـــــا،

عشق ڪماوين، ايوين، جيوين پينگهه دا جهوٽا.

مٽيءَ ۽ پاڻيءَ جي هن جهان ۾، گهڻا خوشنصيب انسان آهن، جن کي پينگهه جو جهوٽو نصيب ٿئي ٿو؟ _ پر، تنوير اهڙو خوشنصيب انسان به هو.

*              *              *

مؤج در مؤج: عدم مان وُجودُ ۽ وجودَ مان عدَمُ

”بَحَرَ منجهان جا لَهَرَ اُڀي ٿي، موٽي ٿيو مهراڻُ“

                                                        _سچل


*آئنسٽائن جي عظمت ۽ بي نيازيءَ جو اندازو لڳائڻ لاءِ هِتِ هڪ ننڍڙو مثال ڏيڻ ئي ڪافي آهي. آمريڪا جي ’وائيٽ هائوس‘ مان چاءِ جي دعوت موڪليائونس. جواب ۾ چوائي موڪليائين ته ’اهڙن اجاين ڪمن لاءِ مون وٽ وقت ڪونهي‘.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com