سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تشبيهات رومي

باب: --

صفحو :13

حصو پنجون

 

نظر جي فريب جي بازي

دنيا جون لذتون انسان جي نفس کي ڏاڍيون دلڪش ٿيون معلوم ٿين ۽ انسان به انهن ڏي مائل آهي. ان جي مقابلي ۾ اعليٰ مقصدن جي پيروي انسان کان قرباني ٿيون طلب ڪن. هڪڙي مغربي روحاني فلسفيءَ سچ چيو آهي ته خدا هر انسان جي سامهون ٻه شيون رکندو آهي هڪ طرف جسماني راحت يا نفسياتي لذت ۽ ٻئي طرف حق طلبي ۽ فرمائي ٿو ته هنن ٻن مان جيڪا وڻئي پسند ڪر. ٻئي شيون هن عالم ۾ هڪ ئي وقت ۾ نه ٿيون ملي سگهن. حق جي ڳولائو انسان کي هن عالم ۾ جهاد ۽ نفس ڪشي زياده آهي ۽ جسماني لذتون گهٽ ۽ اتفاقي – حديث نبوي ﷺ جن ۾ آهي ته رسول ڪريم ﷺ جن کان ڪنهن پڇيو ته هن دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تڪليفون ڪهڙي قسم جي انسانن کي هونديون آهن. پاڻ ﷺ سڳورن فرمايو ته نبين کي- جيتري نسبت جي ڪنهن ۾ حق جي جستجو آهي انهيءَ نسبت سان سخت ڪوشش ۽ صبر جي ضرورت پيش ايندي آهي. انهيءَ حقيقت کي عارف رومي رحمت الله عليه هيئن ٿا بيان فرمائن ته هڪڙي درويش ٻئي درويش کان پڇيو ته تو حق سبحانه وٽ ڇا ڏٺو آهي؟ هن چيو ته جيڪا حقيقت ڏٺم اها ته بي چون و چگون آهي ۽ بيان ڪري نه ٿي سگهجي. ليڪن مون ڏٺو ته خدا جي ساڄي هٿ جي طرف آب ڪوثر آهي ۽ ان جي کاٻي طرف باهه ٻري رهي آهي. جيڪا گهڻو تيز پئي معلوم ٿئي. انسانن جو هڪڙو گروهه انهيءَ باهه جي طرف وڃي رهيو آهي جيئن پروانه شمع تي ڪرندا آهن. ٻيو گروهه خوش ۽ مست آب ڪوثر ڏي وڌي رهيو آهي. ليڪن خوش بخت ۽ بدبخت انسانن جي انجام جي متعلق هي الٽو کيل هئو. باهه ۾ ڪرڻ وارو ٻئي پاسي حوض ڪوثر مان خوش ۽ فرصت سان نڪري رهيو هو ۽ جيڪو ڪوثر ڏي وڃي رهيو هو اهو ٿوري دير کان پوءِ ڀڙڪندڙ شعلن ۾ پيو نظر اچي. عام طرح ماڻهو ظاهر پرست هوندا آهن. ان ڪري ظاهري صورتن کان فريب نه کائيندڙ گهٽ انسان ڏسڻ ۾ ايندا آهن.

 

بغير قربانيءَ جي همدردي

دنيا ۾ اڪثر منافقن جو اهو حال آهي ته صرف زباني جمع خرچ جي حد تائين محتاجن ۽ مسڪين سان گهڻي همدرديءَ جو اظهار ڪندا آهن ۽ انهن جي بيان ۽ انداز سان ائين معلوم ٿيندو آهي ڄڻ ته سڄي جهان جو درد انهن جي ئي جگر ۾ آهي. عبادت گاهن ۾ عبادت جي لاءِ به ويندا آهن. نمازون به پڙهندا آهن ليڪن ڀريل خزاني مان هڪ روپيه به ڪنهن غريب مسڪين تي خرچ ڪندي انهن کي ڏاڍو ڏکيو لڳندو آهي. اهڙين نمازين تي الله تعاليٰ قرآن ڪريم ۾ لعنت ڪئي آهي. مذهب جي آڙ ۾ هيءَ منافقت عام آهي. هي ماڻهو غريبن کي صبر جي تلقين ڪندا آهن ۽ آخرت جي ثواب ڏي انهن جو رخ موڙيندا آهن ته جيئن هتي سندن کيسي مان ڪجهه نه نڪري. اهڙي قسم جي هڪ منافق عرب جو هڪ قصو مولانا بيان ڪن ٿا ته هڪ شخص ڏٺو ته هڪ عرب جي سامهون سندس ڪتو مئو پيو هو ۽ اهو عرب ان تي روئي رهيو هو. ڪنهن پڇيس ته عرب چيو ته هي ڪتو ڏاڍو وفادار هو. ڏينهن جو منهنجي لاءِ شڪار ڪري ايندو هو ۽ رات جو چورن کان منهنجي گهر ۽ مال جي حفاظت ڪندو هو وري پڇيائينس ته هن کي موت ڪيئن آيو زخم آيس يا بيمار ٿي پيو هو؟ چيائين ته نه ويچارو بک کان مري ويو آهي. ٻڌڻ وارن چيو ته ادا صبر ڪر الله صبر ڪرڻ وارن کي اجر ڏيندو آهي. وري هنن پڇيو ته هي ڀريل ٿيلهي ۾ ڇا اٿئي؟ عرب چيو ته هن ۾ مانيون ۽ منهنجي رستي جو خرچ آهي. هنن چيو ته تنهنجو ڪتو بک سان مري رهيو هو هنن مان هڪڙي ماني هن غريب کي ڇو ڪونه کارايئي؟ عرب چيو ته هي مون کي پيارو ته هئو ليڪن منهنجي سخاوت ايتري نه هئي جو پنهنجو پيٽ ڪاٽي هن کي ڪجهه ڏيان. ماني ته خريد ڪرڻ کان بغير نه ملندي ليڪن ڳوڙهن وهائڻ ۾ ته ڪجهه خرچ ڪونه ٿو ٿئي. ڳوڙها ته بي قيمت آهن. انهن کي قربان ڪرڻ ۾ مون کي ڪا هٻڪ ڪانه ٿي ٿئي.

 

اقتدار جو ذوق

نفسيات جي ماهرن زماني حال ۾ هن معاملي ۾ مختلف رايا رکيا آهن پيٽ ڀرڻ جو حرص جنسي جذبو ۽ منصب ۽ اقتدار جو ذوق انهن ٽنهين مان ڪهڙو ميلان ٻين کان وڌيڪ طاقت وارو آهي. نطشي چيو ته قوت ۽ اقتدار جو ذوق زندگيءَ جي بنيادي حقيقت آهي. آڊلر سڄي دنيا کي احساس ڪمتريءَ ۽ احساس برتري جي بنيادن تي تعمير ڪيو. مارڪسي آسترڪين پيٽ جي مساوات کي هڪ عالمگير انقلاب جو نعرو بنايو. فرائڊ جنسي ميلان سان انساني زندگيءَ جي هر شعبي ۾ تعمير ڪئي. ليڪن عارف رومي رحمت الله عليه به منصب ۽ اقتدار جي ذوق کي وڌيڪ طاقتور سمجهن ٿا. شيطان جي حقيقت به اها آهي. تڪبر جو نالو شيطانيت آهي. آدم عه ابليس جي قصي ۾ قرآن حڪيم به اشارو ڪيو آهي ته آدم عليه السلام ۽ حوا عليه السلام کي شجر ممنوعه کان پري رهڻ لاءِ چيو ويو هو مگر هنن کان اها لغرش ٿي جو انهيءَ شجر ممنوعه کان پري رهڻ لاءِ چيو ويو هو مگر هنن کان اها لغرش ٿي جو انهيءَ شجر ممنوعه جي طرف راغب ٿيا. مولانا رحمت الله عليه انهيءَ روايت کي وٺي ان مان اهو نتيجو ٿا ڪڍن ته آدم عليه السلام جي لغرش جو سبب ته پيٽ ڀرڻ ۽ قوت باهه هئا. ان جي مقابلي ۾ شيطان تڪبر ۽ حب جاهه جي ڪري لعنتي ٿيو. اهائي حب جاهه (اقتدار جو ذوق) جڏهن انسان ۾ داخل ٿئي ٿي ته سمجهو ته شيطان ان ۾ داخل ٿي چڪو آهي. بادشاهن ۽ دولتمندن وٽ لذيذ کاڌن جي گهٽتائي ڪانه هوندي آهي ۽ جنسي شهوت کي تسڪين لاءِ به لامحدود ذريعا موجود هوندا آهن. ان جي باوجود حب جاهه انهن کي آرام ڪرڻ نه ڏيندي آهي. سياست جي ميدان ۾ به قومون ۽ فرد فقط اقتدار جي نشي ۾ لکين انسانن کي ماڻ ۽ مارائڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. سڪندر هجي يا چنگيز يا نپولين اهڙن ماڻهن کي اقتدار جي ذوق ۽ طاقت جو نشو پاڳل بنائي ڇڏيندو آهي. اقتدار طلب انسان ”انا ربکم الاعليٰ“ جو نعرو لڳائيندو آهي ۽ خدا بنجي ماڻهن کان پنهنجي پرستش ڪرائيندو آهي مطلب ته نفس اماري ۾ وڌيڪ طاقتور ميلان اهوئي آهي. جيڪو ننڍي وڏي- امير، غريب سڀني ۾ گهٽ يا وڌ موجود آهي. ڪمال ۽ هنر جا صاحب ۽ عملن جا ماهر به انهيءَ جذبي کان پاڪ نه آهن. اقتدار جي شوق ۽ رياست جي ذوق سان ئي انسان شيطان جي لپيٽ ۾ اچي ويندو آهي.

فرمائن ٿا ته سرڪش گهوڙي کي عرب شيطان چوندا آهن. شيطانيت جي لفظي معنيٰ ئي ڪنڌ مٿي کڻي هلڻ آهي. کائڻ واري دسترخوان تي سؤ ماڻهو هڪ ئي وقت ويهي کائي ٿا سگهن مگر ٻه رياستون به صلح صفائيءَ سان رهي نه ٿيون سگهن. انهن مان هرهڪ جهان جو شهنشاهه بنجڻ ٿو گهري. اقتدار جي ذوق ۾ اهڙي ته ابليسيت آهي جو ملڪ گيريءَ جي خاطر پٽ پيءُ کي قتل ڪري ٿو ڇڏي. پيءُ پٽ جي فطرت محبت ختم ٿي وڃي ٿي. حب جاه ۽ سلطنت حاصل ڪرڻ جي جذبن جو حال باهه جهڙو آهي. جنهن جي ڪنهن سان دوستي ڪانه هوندي آهي. باهه ته پنهنجو پاڻ ڦڙڪائڻ لاءِ هر شيءِ کي فنا ڪرڻ لاءِ تيار رهندي آهي. اقتدار جو ذوق ٻين کي فنا ڪري ڇڏڻ کان پوءِ خود پاڻ کي به هلاڪت ۾ وجهندو آهي.

 

خدا تعاليٰ دليلن جو نتيجو نه پر هڪ محسوس ٿيندڙ حقيقت آهي

 

روحاني وجدان وارو صوفي جنهن جي لاءِ خدا معلوم نه ٿيندڙ پر محسوس ٿيندڙ آهي. انهيءَ فلسفيءَ کان بلڪل الڳ آهي جيڪو خدا جي هستيءَ کي دليلن جي نتيجي ۾ ٿو اخذ ڪري. قياسي منطق ۾ مقدمات مان نتيجو ڪڍيو ويندو آهي. هڪڙا صغرا ۽ ٻيا ڪبرا قائم ڪيا ويندا آهن پوءِ انهن مان اهو نتيجو ڪڍيو ويندو آهي جيڪو انهيءَ قياس سان لازم اچي. ليڪن مقدمات جن مان نتيجا اخذ ڪيا ويندا آهن اهي خود ٻين مقدمات جا نتيجا هوندا آهن. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته مقدمات ۽ انهن جا نتيجا خدا جي هستيءَ جي متعلق يقين ڏياريندڙ نه ٿا ٿي سگهن. هن معاملي ۾ هي علم اليقين عين اليقين ۽ حق اليقين جي مقابلي ۾ بلڪل پست تر آهي. ڇو ته خدا جي ذات ۽ صفات جي نسبت شروعاتي مقدمات به گمان تي ٻڌل هوندا آهن ۽ آخري نتيجا به. انهيءَ ڪري قرآن حڪيم فرمايو آهي ته گمان انسان کي حق تائين نه ٿو پهچائي سگهي. منطقي گهوڙا ڊوڙائڻ سان مٽي اڏامندي رهندي جنهن سان اصل مقصد لڪندو ويندو.

خود مولانا رحمت الله عليه جن به هڪ سٺو مثال ڏنو آهي. فرمائن ٿا ته فلسفي اهو آهي جيڪو دونهين کي ڏسي اهو نتيجو ٿو ڪڍي ته ان مان باهه جو وجود لازم ٿو اچي مگر اها نه ڏسڻ ۾ اچن واري باهه جو نه ته ان کي ڪو تجربو آهي ۽ نه احساس ۽ ادارڪ. ان جي مقابلي ۾ عاشق الاهي جيڪو دليل بازي نه ٿو ڪري قرب جي بدولت باهه کي بغير واسطي جي محسوس ٿو ڪري ۽ ان جي گرمائش مان زندگي ٿو حاصل ڪري. فقط دونهين کي ڏسندو رهڻ يا دونهين ۾ ويهي رهڻ خواهه مخواهه پنهنجو منهن ڪارو ڪرڻ آهي. بحثن ۽ دليلن ۾ عمر گذاري ڇڏڻ سان ڪا بصيرت ته حاصل ڪانه ٿي ٿئي. دليل مخلوق کان خالق تائين پهچڻ جي ڪوشش ٿو ڪري پر هو هميشه دروازي کان ٻاهر ئي رهجي ويندو آهي.

 

علم ۽ اختيار بغير تقويٰ جي برباديءَ جو سبب آهي

فرمائن ٿا ته علم ۽ هنر ۽ اختيار زندگيءَ جي تقويت جو سبب به ٿي ٿا سگهن ۽ تباهيءَ جو سبب به هي زندگيءَ جا اوزار آهن ۽ اوزارن کان صرف اهو ماڻهو ڪم وٺي سگهندو جنهن ضبط ۽ مشق سان پنهنجو پاڻ کي انهيءَ قابل بنايو هجي. پکي جيڪو شڪاريءَ جي ڄار ۾ ڦاسندو آهي. اهو پنهنجي گهٽ سمجهه جي ڪري ڦاسندو آهي. حرص جي ڪري داڻو ته هن کي نظر ايندو آهي. ليڪن ڄار نظر نه ايندو آهي. هنر ۾ خامي به اهڙي طرح انسان جي هلاڪت جو سبب بنجندي آهي. هڪ شخص جي هٿ ۾ تلوار هجي پر ٻانهن ۾ طاقت نه هجي يا تلوار هلائڻ جي فن ۾ خامي ته اهائي تلوار ان جي تباهيءَ جو سبب بنجندي. ڇو ته طاقتور دشمن ان کان تلوار کسي سندس ئي تلوار سان سندس گردن لاهي ڇڏيندو. مور جي پرن ۾ قدرت ڪمال درجي جي نقاشي ڪئي آهي ۽ اهائي نظر کي فريب ڏيندڙ خوبصورتي ان جي لاءِ مصيبت ۽ تباهيءَ جو سبب ٿيندي آهي ڇو ته شڪاريءَ کي هو پاڻ ڏي دعوت ٿو ڏئي ۽ مور ۾ پنهنجي بچاءِ ڪرڻ جو هنر ڪونهي. اهڙي طرح ننڍي ٻار يا مست جي هٿ ۾ تلوار تباهيءَ جو سبب ٿيندي آهي.

گذريل ٻن عظيم جنگين ۾ دنيا ڏٺو ته جرمن قوم جيڪا علم ۽ هنر ۾ ۽ جنگ جي خوفناڪ سامان پيدا ڪرڻ ۾ ٻين مغربي قومن جي مقابلي ۾ گهڻو اڳتي هئي. ليڪن بصيرت جي گهٽائي ۽ طاقت جي مستيءَ جي ڪري ڪيئن تباهه ٿي وئي. علم ۽ هنر زندگيءَ ۾ بصيرت نه هئڻ ڪري قوم يا فرد لاءِ تباهيءَ جو سبب بنجي ويندو آهي.

 

هن دنيا ۾ هر زندهه هستي شڪار به آهي ۽ شڪاري به

 

فرمائن ٿا ته هن دنياوي زندگيءَ ۾ ڪيڙن ماڪوڙن کان وٺي انسانن تائين هر جاندار کائڻ وارو به آهي ۽ کاڌو به وڃي ٿو يعني هر مخلوق کائڻ واري به آهي ۽ خود ڪنهن مخلوق جي خوراڪ به آهي. هڪڙو پکي ڪنهن ڪيڙي کي شڪار ڪري رهيو آهي. ليڪن ساڳئي وقت ڪا ٻلي انهيءَ پکيءَ جي پڪڙڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي. هرهڪ پنهنجي شڪار ۾ اهڙي طرح غرق آهي جو هو ان ڳالهه کان غافل ٿي ويو آهي ته مان شڪاري هجڻ سان گڏ ڪنهن ٻئي جو شڪار به آهيان. چور مال جي تلاش ۾ آهي ۽ ڪوتوال چور جي تلاش ۾. هڪ پاسي گاهه پاڻي پي جهومڻ ٿو لڳي ته ٻئي پاسي جانور اچي گاهه کي چَري ٿو وڃي. خدا تعاليٰ کان سواءِ هر هستيءَ جو اهوئي حال آهي. جسماني عالم کان علاوه عالم نفس جي به اهائي ڪيفيت آهي هن ۾ هڪڙو خيال ٻئي خيال کي هضم ڪري ٿو وڃي. فڪر به هڪ بئي کي کائي رهيا آهن. مطلب ته هن پيڪار هستيءَ ۾ سڀ هڪ ٻئي جا شڪاري آهن. فقط خدا جي ذات آهي جو نه ان کي ٻين جي کائڻ جي ضرورت آهي ۽ نه ڪو ٻيو ان کي کائي ٿو سگهي. انسان جيڪڏهن انهيءَ کائن ۽ کاڄڻ جي نفسانفسيءَ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهي ته ان جو هڪ ئي طريقو آهي ته صفات الهيه سان متصف ٿي زندگيءَ جي اهڙي سطح تي پهچي جتي عالم بقا آهي.

 

بقا ۽ ارتقاءِ

مولوي معنوي ارتقائي صوفي ۽ حڪيم هجڻ ڪري سڀني مسلمان حڪيمن ۽ صوفين ۾ هڪ امتيازي خصوصيت ٿا رکن. مثنويءَ ۾ پنهنجي ارتقا جي نظرئي کي پاڻ ڪيترين جاين تي مختلف انداز ۾ بيان ڪيو آهي. فرمائن ٿا ته تون پنهنجي هستيءَ جي شروعات ۾ انهن ئي چئن عنصرن باهه- پاڻي- مٽي ۽ هوا جي منزل ۾ هئين. جيڪڏهن زندگيءَ ۾ ترقيءَ جو ميلان نه هجي ها ته ان کان اڳتي قدم نه هلي سگهي ها. خدا تعاليٰ صرف وجودن جو خالق ئي نه بلڪ تبديل ڪندڙ هستي به آهي انهيءَ جي ربوبيت جي تقاضا سان زندگي بهتر کان بهتر صورتن ۾ بدلجندي رهندي آهي. پيدائش جي شروعات کان هن حالت تائين روح هزارها صورتون اختيار ڪيون آهن ۽ هميشه بعد ۾ اچڻ واري صورت پهرين صورت کان بهترين هئي. سڄي ڪائنات ۾ فنا ۽ بقا جو قانون جاري آهي. هڪڙي صورت مان فنا ٿيڻ کان پوءِ ئي ٻي صورت ظاهر ٿي سگهي ٿي.

موجوده دور جا ارتقائي حڪيم جن جي نظر مادي عالم کان اڳتي نه ٿي ڏسجي چون ٿا ته ارتقاءِ حيات انسان تائين اچي رڪجي پيو آهي. هاڻي هن ۾ عقلي ترقي ٿي سگهي ٿي. عملن ۽ فنن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. معاشرت جو اصلاح ٿي سگهي ٿو. صحت ۽ عمر ۾ واڌارو ٿي سگهي ٿو. اخلاقي حالت بهتر ٿي سگهي ٿي ليڪن انسان جو ڪنهن ٻي خلوق ۾ تبديل ٿيڻ ممڪن نه آهي. مگر ان جو ڪو ثبوت انهن وٽ ڪونهي. زندگي جي ڊگهي تاريخ انهن جي ڪوتاهه نظريءَ جي ترديد ٿي ڪري. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته هن ماديت جو سبب اهو آهي ته جماد کان نبات ۽ نباتات کان حيوانات ۾ انسان تائين جيڪي منزلون زندگيءَ طئي ڪيون آهن اهي ته هنن کي نظر اچن ٿيون جهڙي طرح انسان خشڪيءَ جي سفر ۾ جن شهرن ۽ ڳوٺن کان لنگهندو آهي. اهي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. خسڪيءَ ۾ ته منزلون هونديون آهن. ليڪن اڳتي جيڪڏهن سمنڊ اچي وڃي ته ان ۾ منزلون ڪٿي هونديون! انسان کي هاڻي وڌيڪ جنهن جهان ڏي وڌڻو آهي اهو روحاني جهان آهي. جسمان ٻنهين حالتن ۾ نه ڪو اڱڻ آهي ۽ نه ڪا ڇت. سمنڊ جي مرحلن ۾ نه ڪو مينار آهي نه ڪا جاءِ ۽ انهن منزلن جو نه ڪو نالو آهي نه نشان. ليڪن اڃان اڳتي به منزلون آهن. جن جي اصليت بيان ڪرڻ مشڪل آهي. هنن منزلن جي وچ ۾ مفاصلا وڏا طويل آهن. نباتات کان وٺي روح تائين جيڪو رستو زندگيءَ طئي ڪيو آهي. ان کان هزار دفعا وڌيڪ مفاصلا اڳي جي منزلن جي وچ ۾ آهي. مطلب ته ارتقا ۽ حيات (زندگيءَ جي ترقي) هڪ نه کٽڻ وارو سفر آهي. رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو آهي ته جنهن ماڻهو جا ٻه ڏينهن هڪ جهڙا گذريا اهو نقصان ۾ آهي ”من استوا يوماه فهومغبون“ زندگيءَ جو مقصد اهوئي آهي ته رڪجڻ کي مسلسل ترڪ ڪري تازه تازه صورتون اختيار ڪجن. فرمائن ٿا ته ڏسو رڪجڻ کي قربان ڪرڻ ۾ کجور جو وڻ به تنهنجي لاءِ سبق آموز آهي. هو پراڻا پن ڪيرائي ٿو ته هن کي وري تازا پن ملندا رهن ٿا.

هڪ گندو ۽ بخيل شخص ڦاٽل پراڻن ڪپڙن کي ڇڏڻ نه ٿو گهري. چتين ۽ پراڻن ڪپڙن جو ڍير پنهنجي بدن تي يا پاڻ وٽ لڳائيندو ٿو رهي. اهڙا گندا ۽ ڦاٽل ڪپڙا ته ڪو انڌوئي ان کان تحفي ۾ وٺندو.

ارتقا ۽ حالتن جي تبديليءَ جي منڪر جو حال انهيءَ حبشيءَ جهڙو آهي. جيڪو سمجهي ٿو ته مان اصل فطرت ۾ ڪارو آهيان ۽ منهنجي منهن جي ڪارنهن جو ڪو علاج ڪونهي. ليڪن هڪ سفيد خوبصورت انسان جي منهن تي جڏهن ڪارنهن لڳي وڃي ته هو فورا ان کي دور ڪرڻ لاءِ سوچيندو.

جنهن انسان کي هي يقين ٿي وڃي ته مان اصل ۾ لاهوتي پکي آهيان. اهو جيڪڏهن زمين تي ڪري پوي ته سخت بيقرار ٿيندو ليڪن زمين تي ئي گهمڻ واري ڪڪڙ کي پرواز کان محروم هجڻ جو ڪو صدمو ڪونهي.

مقصد هي آهي ته زندگيءَ جو اصل ميلان ارتقائي آهي. هڪ ئي حالت تي قائم رهجي وڃن ۽ تبديليءَ جي تمنا نه ڪرڻ موت جي برابر آهي.

رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ٽن قسمن جا ماڻهو قابل رحم هوندا آهن. هڪڙو اهو جيڪو پنهنجي قوم ۾ سرداري ۽ اقتداري رکندو هو. ليڪن ڏينهن ڦري وڃڻ سبب هو ذليل ٿي ويو هجي. ٻيو اهو جيڪو ڪڏهن امير هو هاڻي مفلسيءَ ۾ گرفتار آهي ۽ ٽيون اهو عالم جيڪو جاهلن جي وچ ۾ گهيرجي وڃي ۽ علم جا ناشناس ان جي مذاق اڏائين.

مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته عام طرح انسانن جي به اهائي حالت آهي. ابن آدم احسن تقويم مان اسفل السافلين ۾ ذڪر ڪيو آهي. مگر گهڻا بصيرت جا صاحب اهڙا آهن، جن کي پنهنجو مقام وسريو نه آهي. اهي بيتاب ۽ پنهنجي اصل ڏي هلڻ ۾ ڪو شان آهي. انهن کي پنهنجي مسجود ملائڪ هجڻ جي حيثيت ياد آهي. آدم عليه السلام پنهنجي اصلي حيثيت ۽ حقيقت ۾ الله تعاليٰ جي نائب جي حيثيت ۾ جهان جو سردار به هو غني به هو. ”علم آدم الاسماءَ“ جي بدولت عالم به هئو. هاڻي اهو ٽنهين حيثيتن ۾ ڪري پيو آهي. جن کي پنهنجي اصليت ياد آهي انهن جي متعلق هي درست آهي ته (کل شيءِ يرجع الا اصله) پنهنجي ماهيت ۾ انسان ذات الاهيءَ سان اهڙي طرح وابسته هئو جيئن شاخ وڻ جي ٿڙ ۽ پاڙن سان وابسته هوندي آهي. يا هڪ زندهه عضوو زندهه جسم سان رابطو رکندو آهي. عضوو جيڪڏهن ڪٽجي وڃي ته اهو مري ويندو آهي يا ڪجهه دير تائين ان ۾ حرڪت ۽ تڙپ محسوس ٿيندي آهي. جيڪي ماڻهو براين ۾ خوش ٿي ويا آهن انهن جي حالت انهن ڪتن جهڙي آهي جن کي ڍونڍ به لذيذ طعام معلوم ٿيندو آهي. (الدنيا جيفته و طالبها کلاب)

مؤمن جو مثال ائين سمجهو جيئن ڍڳن ۽ گڏهن جي وچ ۾ هرڻ ويچارو حيران پريشان ڌڪا کائيندو ٿو وتي اهو مظلوم اجنبي آهي. جنهن جي غذا ۽ فضا ٻي هئي. رسول ڪريم ﷺ جن اسلام جي نسبت فرمايو ته هو دنيا ۾ آيو ته اجنبي هو ۽ آخر اجنبي ٿي پوندو.

هرڻ ڍڳن ۽ گڏهن کان هيڏي هوڏي پاسيرو ٿو رهي ۽ گهٻرائي ٿو ته هو وري پاڻ ۾ ائين ٿا چون ته هي حضرت ائين ٿو بنجي ڄڻ ته اصل ڪو شهزادو آهي. ڪو مسخري ڪندي چوي ٿو ته هن کي وارو نه بلڪ شاهي تخت گهرجي. هرڻ نه انهن جي غذا ڏي رغبت ٿو ڪري ۽ نه وري هو ڪجهه ڏيڻ ٿا چاهين. مگر هڪڙو گڏهه هڪ ڏينهن بيمار ٿي ٿو پوي ۽ وقتي طرح ان جي بک ختم ٿي وڃي ٿي هن چيو ته اڄ هن مٿي ڦريل اجنبيءَ کي دعوت ڏجي. گڏهه هرڻ کي چيو ته وٺ هي شوق سان کاءُ مگر هرڻ چيو ته منهنجي به طبيعت خرا ب آهي ۽ مون کي به بک ڪانهي. ان تي گڏهه چيو ته نه تون پاڻ کي معزز ۽ اسان کي ذليل ٿو سمجهين ان ڪري اسان جي دعوت کي رد ٿو ڪرين. هرڻ دل ۾ پيو چوي توکي هيءَ دعوت ٿي معلوم ٿئي. مگر منهنجي به طبعيت خراب آهي ۽ مون کي به بک ڪانهي. ان ڪري اسان جي دعوت کي رد ٿو ڪرين. هرڻ دل ۾ پيو چوي توکي هيءَ دعوت ٿي معلوم ٿئي. مگر منهنجي لاءِ آفت آهي ڇو ته هي منهنجو کاڌو نه آهي مان ته چراگاهن ۾ سنبل ۽ لاله کي کائيندي به ناز ۽ نخرا ڪندو هئس. گڏهن چيو ته اها اڃان ٻٽاڪون هڻ. ٻئي ملڪ ۾ وڃي مسافر ائين ٻٽاڪون هڻندو آهي.

مؤمن ٻانهو جڏهن روحانيت جي ڳالهه ٿو ڪري ۽ چوي ٿو ته هن ظاهري بي خوراڪيءَ جي باوجود اسان کي خدا جي دستر خوان تان بهتر رزق ملندو آهي. جنهن جي لذت توهان جي خيال ۾ به نه ٿي اچي سگهي ته تنگ نظر ۽ بي بصيرت دنيادار سمجهي ٿو ته هي صرف ٻٽاڪ آهي. مؤمن جي حالت اهائي حديث نبويءَ جي مطبق آهي ته دانا جي نادان مذاق ٿا اڏائين.

 

بي رنگ نور ۽ رنگن جي ڪثرت

قرآن حڪيم ۾ الله تعاليٰ پنهنجو مثال نور سان ڏنو آهي. عالم محسوسات ۾ انهيءَ کان بهتر مثال نه ٿو ٿي سگهي. زمين تي جيڪا سج جي روشني اچي ٿي اها سفيد معلوم ٿي ٿئي. ليڪن پرزم جي شيشي ۾ اها ستن رنگن ۾ تقسيم ٿي وڃي ٿي. دنيا ۾ طبيعي نور کي به ڪو شخص سڌو سنئون ڏسي نه ٿو سگهي. لطيف نور جڏهن ڪنهن ڪثيف شيءِ سان ٽڪرائجي ٿو ته اها شيءِ اسان کي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. ڏسڻ وارو سمجهندو آهي ته مان روشنيءَ کي سڌو سنئون ڏسي رهيو آهيان. حالانڪ نور بذات خود ڏسڻ ۾ اچڻ واري شيءِ نه آهي. انهيءَ کان تمام مٿاهين درجي جي اهائي ڪيفيت ذات الاهيءَ جي نور جي آهي ته هو اسان جي اکين کي ڏسي ٿو مگر اسان جي بصارت ان کي نه ٿي ڏسي سگهي ”لاتدرکه الابصار وهويدرک الابصار“ حضرت موسيٰ عليه السلام جڏهن خدا سان ان خواهش جو اظهار ڪيو ته مان توکي ڏسڻ ٿو گهران ته جواب مليو ته هن خواهش کي پورو ڪرڻ ممڪن نه آهي ڇو ته ڏسڻ ته سج جي نور جي معاملي ۾ به ڪنهن ڪثافت سان ٽڪرائجڻ سان پيدا ٿيندو آهي. ذات الهيٰ جي تجلي طور تي ٿي. اهو خدا پاڻ ته نه هو بلڪ ان جي نور جو عڪس هو. مولانا فرمائن ٿا ته دنيا ۾ جيڪي حسين ۽ جميل صورتون نظر ٿيون اچن. اهي الله تعاليٰ جي نور جو عڪس آهن. عالم محسوسات ۾ رنگارنگي شيشا آهن انهن مان گذري نور الاهي جيڪو بذات خود بي رنگ آهي. رنگارنگي اختيار ٿو ڪري. بلڪل اهائي تشبيهه انگلستان جي هڪ مشهور شاعر شيلي کي به سمجهه ۾ ائي. هو چئي ٿو ته هيءَ ڪائنات رنگين شيشن جو گمنبذ آهي. جن مان گذري ازلي نور شين تي پوي ٿو ۽ انسان کي هزار نورن جي تجلي نظر ٿي اچي.

هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا انسان ڪمال معرفت ۾ به شيشن مان ئي ڇڻيل نور الهيٰ کي ڏسندو رهندو؟ هي شيشا ته زمان ۽ مڪان ۽ محسوسات جي عالم جي هڪ عارضي پيداوار آهن. مولانا رحمت الله عليه انهيءَ جا قائل آهن ۽ معلوم ٿو ٿئي ته هو تجربي جي بنياد تي چئي رهيا آهن. ته انسان معرفت ۾ ترقي ڪندي اهڙي مقام تي پهچي ٿو سگهي، جتي انهن شيشن کان سواءِ به الله تعاليٰ جي نور کي ڏسي ٿو سگهجي. نور الاهيءَ کي نور الاهيءَ ۾ ڏسي ٿو سگهجي. محسوسات ۽ معقولات جا چراغ هتي ڪم نه ٿا اچي سگهن. محسوسات ۽ معقولات مختلف قسم جا شيشائي اهن. جن مان گذرندي بي رنگ، گوناگون رنگينيون پيدا ڪندو آهي.

 

لطافت ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي ڪثافت ڏسڻ ۾ اچي ٿي

دنيا هڪڙو عجيب قسم جو جادو گهر آهي جنهن ۾ نظر جي فريب جي ڪري هست نيست ۽ نيست هست ڏسڻ ۾ ٿو اچي. هينئن سمجهو ته هڪ ڇوليون هڻندڙ سمنڊ آهي. جنهن جي سطح تي گجي ته ظاهر نظر ٿي اچي مگر اهو پاڻي جنهن هيءَ گجي پيدا ڪئي آهي هن جي هيٺيان لڪل آهي. لطافتون جيڪي زياده حقيقي آهن اهي ته نظر ڪونه ٿيون اچن. مگر ڪثافتون نظر پيون اچن. مگر هن عالم ۾ فطرت جو قانون ئي اهو آهي ته هتي لطافت بغير ڪثافت جي پنهنجو جلوو نه ٿي ڏيکاري سگهي. ڏسو هوا لطيف آهي ۽ مٽي ڪثيف. هوا کي ڪير به نه ٿو ڏسي سگهي مگر مٽيءَ جا مينار نظر اچن ٿا. ڏسڻ ۾ اچڻ واري مٽي نه ڏسڻ ۾ اچڻ واري هوا جو دليل بنجي ٿي وڃي. الفاظ نظر اچن ٿا مگر معنيٰ نظر نه ٿي اچي حالانڪ الفاظ فڪر جا ظاهري قالب آهن. انهن جي حقيقت ۽ اصليت فڪر آهي مر فڪر خود ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي.

دنيا جا فائدا ۽ دنيادار جون خواهشون ۽ انهن جي تسڪين سراسر باطل آهن. ليڪن ماڻهو ايمان جو خالص زر ڏئي انهن کي خريد ٿا ڪن ۽ سمجهن ٿا ته ڏاڍو سٺو سودو ٿيو اهي. هڪ جادوگر چئي ٿو ته ڏسو مان چنڊ جي ڪرڻن کي اُڻي ڪپڙو ٿو ٺاهيان ۽ توهان جي سامهون ماپيان ٿو. مگر منهنجو انعام پهريائين منهنجي هٿ تي رکو. چنانچه ماڻهو هن کي رقم ڏئي ٿا ڇڏن ۽ هو نظربنديءَ سان ڪرڻن جي هڪ چادر ٺاهي ٿو ۽ ڏسڻ وارن جي سامهون والن ۾ ماپي هنن جي حوالي ڪري ٿو. هو رقم وٺي رفو چڪر ٿي ٿو وڃي ۽ فريب کاڌلن کان جڏهن مسمريزم جو اثر ختم ٿو ٿئي ته ڏسن ٿا ته هتي هڪ گراٺ جيترو به ڪپڙو ڪونهي. خدا تعاليٰ جڏهن ڪافرن جي اعمالن جي بابت ”حبطت اعمالهم“ فرمائي ٿو ته انهن جو سڀ ڪيل ڪرايل ختم ٿي ويندو ته ان جو مطلب اهو آهي ته هنن جون خواهشون ۽ انهن جي حاصل ڪرڻ واريون ڪوششون جادوءَ جي نظر جو نتيجو هيون. ناجائز طريقي سان حاصل ڪيل دولت جا چند ستارا صبح جي حقيقت نروار ٿيڻ سان گم ٿي ٿا وڃن. جنهن کي دولت ٿي سمجهوسين اها مصيبت هئي.

 

علم- فن ۽ نفس جي پاڪيزگي

دنيا ۾ هرقسم جي علم ۽ فن کي حاصل ڪرڻ لاءِ استاد ۽ مرشد ضرورت آهي. شاگرد ۽ مريد کي مرشد جي سامهون ادب سان سر جهڪائي فرمانبرداري ڪرڻ ضروري آهي. حلم کان سواءِ علم حاصل ٿي نه سگهندو. وڏائي ۽ ناز کي ڇڏڻ کان پوءِ ئي ڪجهه حاصل ٿي سگهي ٿو. متڪبر ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪجهه سمجهڻ وارو مرڪب جهل ۾ مبتلا رهندو آهي. جيڪڏهن ڪو چمڙو رنڱڻ وارو ڪم جي وقت ڪو ڦاٽل پراڻو ڪپڙو پائي ته ان سان ان جي وڏائي ۾ ڪهڙو فرق ايندو؟ جيڪڏهن ڪو لوهار بٺيءَ کي ٻارڻ مهل چتين لڳل ڪپڙا پائي ته ان سان ماڻهو ان کي ذليل يا سڃو ته ڪونه ٿا سمجهن. انساني ڪمال حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ وقت فخر ۽ تڪبر جي لباس کي لاهي ڇڏجي ڇو ته ڪمال بذات خود بهترين لباس آهي. ان کان بعد فرمائن ٿا ته انسان کي جيڪي ڪجهه سکڻ گهرجي ان جا ٽي قسم آهن. علمن جو حصول قول سان ٿيندو آهي. اقوال استاد جي زبان مان به سکي ٿا سگهجن ۽ علم جي ماهرن جي تصنيفن سان به ليڪن بهرحال سڀ ظاهري علم قولي آهي. پر جنهن کي حرفت يا صنعت چوندا آهن اها صرف ٻڌڻ يا پڙهڻ سان ڪانه ايندي آهي. بلڪ هيءَ ڪرڻ سان ايندي آهي. ڪوبه فن ڪتابن پڙهڻ سان حاصل نه ٿيندو آهي ان لاءِ مسلسل عمل جي ضرورت آهي. مگر جنهن کي درويشي يا فقيري چوندا آهن ۽ جنهن جو مقصد باطن جي پاڪيزگي آهي. اگرچه سٺا قول ۽ فعل هن سان معاون ٿي ٿا سگهن. ليڪن هن ۾ اصل فيض ڪنهن اهل دل جي صحبت سان ئي حاصل ٿيندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن شخص کي علم به حاصل هجي ۽ ان جا عمل به سٺا هجن پر ڪنهن برگزيده روحاني انسان جي صحبت ان کي نصيب نه ٿي هجي ته ان کي فقر جو ڪو اعليٰ درجو حاصل نه ٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن علم- عمل ۽ اولياءَ جي صحبت ۾ ٽئي شيون ملي وڃن ته پوءِ سبحان الله صحبت جي فيض سان جڏهن سينو کلندو آهي ته خود انسان جي اندران هڪ آب حيات جو چشمو نڪري ايندو آهي. هي چشمو اندر ئي اندر لامحدود سمنڊ سان مليل هوندو آهي. روحانيت سينه به سينه منتقل ٿيندي آهي. ”وفي انفسکم افلاتبصرون“ (توهان جي اندر ئي آهي توهان ڏسو ڇو ڪونه ٿا؟)

 

انسان جي اندر لامحدود دولت آهي پر هو جهالت جي ڪري گداگر بنجي ويو آهي

سڄي تصوف جو لب لباب اهوئي آهي ته خدا تعاليٰ انسان جي اندر موجود آهي. ليڪن انسان جي بي بصريءَ ان کي حجاب ڪري ڇڏيو آهي. خدا کي ڪاٿي ٻاهر ڳولڻ جي ضرورت ڪانهي. مشرقي پنجاب جي هڪ درويش جنهن جو نالو ڀيڪ هو ۽ جنهن جي نالي تي ان جا معتقد نالو غلام ڀيڪ رکندا آهن. انهيءَ هڪڙو عمدو شعر چيو آهي جنهن ۾ سڄو تصوف اچي ويو آهي.

بهيکا بهوکا کوئي نهين سب که گدري لال

گره کهول نهين جانتا اس لئه هي کنگال

جيڪڏهن انسان پنهنجي خودي ۽ نه کٽڻ وارن ممڪنات ۽ ان جي لامحدود قوتن کان آگاهه ٿي وڃي ته ان کي هن جهان ۾ ڪا محتاجي محسوس نه ٿئي. عارف رومي رحمت الله عليه هن عقيدي کي ڪيترن ئي مثالن ۾ ٿا پيش ڪن. فرمائن ٿا ته انسان جي حالت ائين آهي جيئن ڪو شخص مانين جو ٽوڪرو مٿي تي کڻي هلندو وتي مگر اهو هن کان وسري وڃي ته در در تي مانيءَ جي ٽڪري لاءِ سوال ڪندو وتي. غافل انسان به ائين ٻين جا در کڙڪائيندو ٿو وتي. جيڪڏهن هو پنهنجي دل جي دروازي کي کڙڪائي ها ته ان جي کلڻ کان پوءِ هن کي اهو ڪجهه ملي وڃي ها جيڪو هن کي دنيا ۽ جيڪي ڪجهه ان ۾ آهي، سڀ کان بي نياز ڪري ڇڏي ها.

اقبال رحمت الله عليه فرمائي ٿو ته:

حسن کان گنج گرانمايه مجهي مل جاتا

تونه فرهاد نه کهودا کبهي ويرانه دل

دل جو دروازو خدا جي گهر جو دروازو آهي ۽ خدا فرمائي ٿو ته مون کي سڏ ڪيو ته مان جواب ڏيندو آهيان. جاهل ۽ غافل انسان جو مثال ائين آهي. جيئن گوڏن تائين پاڻيءَ ۾ بيٺو آهي. ليڪن اڃ کان بيحال ٿي ٻين کان پاڻي گهري رهيو آهي. هن جي ساڄي کاٻي ۽ هيٺ مٿي هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي. مگر هن جي اکين تي غفلت جو پڙدو پيل آهي. هڪڙو حواسن گم ڪيل شخص گهوڙو ڊوڙائي رهيو آهي ۽ ماڻهن کان پڇي ٿو ته مان پنهنجي گهوڙي جي تلاش ۾ آهيان ڪنهن منهنجو گهوڙو ڏٺو هجي ته ٻڌايو ته اهو ڪاڏي ڀڳو آهي. (ڪجهه ماڻهو عينڪ پائي پنهنجي عينڪ ڳوليندا وتندا آهن) هڪڙو فرنگي پروفيسر پنهنجي موٽر تي سوار گهر واپس آيو ته پري کان گيراج جو ڦاٽڪ کليل ڏسي گهٻرائجي ويو ته منهنجي موٽر ڪير ڪاهي ويو ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻڏل اهو وساري ويٺو ته مان پاڻ موٽر تي سوار آهيان. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته خودناشناسي ۽ خدا شناسي اهڙي طرح دل جي اکين جي آڏو پڙدو بنجي وينديون آهن. موتي سپ جي اندر سمنڊ ۾ ئي هوندو آهي. ليڪن سپ ان جي لاءِ حجاب بنجي ويندي آهي. جيڪڏهن موتيءَ ۾ شعور هجي ۽ پڇي ته سمنڊ ڪاٿي آهي ته ان جي ڪيفيت غافل انسان جهڙي هوندي. حيات ۽ ڪائنات جو ظاهر ۽ باطن ذات ۽ صفات الهيه جو هڪ نه کٽڻ وارو سمنڊ آهي ۽ انسان پنهنجي اصليت ۾ ان جي ڪناري کي ويجهو آهي ليڪن روحاني بصيرت جي نه هئڻ سبب ان کي انڌو ڪري ڇڏيو اٿس.

 

توجهه سان نيڪين کي پاڻي ڏي

هر انسان جي شعور ۾ توجهه جو هڪ خاص مقدار آهي. هڪ طرف توجهه ڪرڻ سان ٻئي طرف کان توجهه هٽي ٿو وڃي. ڪنهن شخص جي زندگيءَ جي صالح يا غير صالح هجڻ جو دارومدار انهيءَ تي آهي ته ان جو توجهه زياده تر ڪهڙي شيءِ جي طرف آهي. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته زندگيءَ جي گلشن جي آبياري توجهه سان ٿيندي آهي. جنهن ٻوٽي کي توجهه سان پاڻي ملندو آهي اهو زندهه ۽ تازو رهندو آهي ۽ جنهن جي پاڙن کي پاڻي نه ٿو ملي اهو سڪي ٻارڻ جي قابل بنجي ويندو آهي. ليڪن زندگيءَ جي گلشن ۾ خيابان لاله وگل کان علاوه ڪنڊن جون جهاڙيون به هونديون آهن. حرص- مال- شهوتن سان محبت هي سڀ ڪنڊا آهن ليڪن شيطانيت جي نظر انهن کي جميل ۽ حسين بنا.ئي ٿي ڇڏي. (زين لهم الشيطان اعمالهم) جنهن جي ڪري انسان هنن ڪنڊن کي توجهه جو پاڻي ڏيندو ٿو رهي. جيئن ته پاڻيءَ جو رخ لاله و گل جي ٻارين جي طرف نه ٿو ڦيري ۽ نه ميويدار وڻن کي پاڻي ٿو ملي ان ڪري اهي ڪومائبا ٿا وڃن. ظلم جي معنيٰ آهي. ”وضع شيءِ عليٰ غير محله“ يعني ڪنهن شيءِ کي اتي رکڻ جيڪا ان جي جاءِ نه آهي. مٽي بذات خود بري نه آهي. سڄي روءِ مين تي سڄي زندگيءَ مٽيءَ مان ئي پيدا ٿي ٿئي ۽ پرورش ٿي حاصل ڪري. ليڪن ڪپڙن يا سامان تي جيڪڏهن مٽي پئجي وڃي ته اهو ظلم آهي ان ڪري انسان ان کي ڇنڊي ڇڏيندو آهي. ان جي برعڪس عدل جي تعريف هيءَ آهي ته جنهن کي جيتري نعمت جو حق آهي اوتري نعمت ان کي پهچائي وڃي. لهذا زندگيءَ جي باغبانيءَ ۾ اهي ماڻهو ظالم آهن. جيڪي توجهه جو پاڻي ڪنڊن کي ڏين ٿا ۽ گلن کي اڃارو ٿا مارين حالانڪ حسن ۽ جمال جي ڪري پاڻيءَ جو حق انهيءَ کي گهڻو ٿو پهچي.

 

روزگار جي غم سان روح کي مجروح نه ڪيو

فرمائن ٿا ته دنيا جي ڌنڌن ۽ روزگارن جي فڪر سان دل کي متاثر ۽ مجروح نه ڪرڻ گهرجي. هي مادي مسئلا آهن ان ڪري انهن کي جسم جي ئي حوالي ڪري ڇڏيندا ڪيو. مطلب هي آهي ته جسماني جدوجهد سان ان جو حل تلاش ڪرڻ گهرجي. حافظ رحمت الله عليه انهيءَ مضمون کي ڪيتري نه خوبيءَ سان ادا ڪيو آهي ته سٺي جهان جي به ايتري قيمت ناهي جو ان جو نفعو يا نقصان انسان کي هڪ لمحي جي لاءِ به غمگين ڪري.

مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته دنيا جو بار يا غم روح تي وجهڻ اهڙو آهي جهڙو گڏهه جو بار ته مسيح جي مٿي تي هجي ۽ گڏهه آرام سان چراگاهه ۾ چري رهيو هجي. جسم ۽ روح جو مثال عيسيٰ عليه السلام ۽ خرِ عيسيٰ وانگر آهي هتي گڏهه جي ڪاڻ تواضع گهڻي ٿيندي آهي مگر مسيح عليه السلام کي ڪير ڪونه ٿو پڇي.

فرمائن ٿا ته حرص سان روح زخمي ٿي پوندو آهي. جيترو حرص گهڻو هوندو ۽ خواهشن جي ڪثرت هوندي اوترو ئي روح به مجروح ٿيندو آهي. اهڙن انسانن جو مثال انهن گڏهن وانگر آهي جن جي پٺين تي زخم هجن ۽ زخمن تي ڦاتل ڪپڙن جون ليڙون رت ۽ پيپ سان گڏ چپڪيل هجن. انهن زخمن جو علاج گندن ڪپڙن جي ليڙن سان نه ٿي سگهندو. ڪو نبي سڳورو اچي ٿو ۽ هنن جي زخمن تان اهي گندن ڪپڙن جون ليڙون هٽائي صحيح علاج ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ليڪن جڏهن زور سان چپڪيل ليڙون هٽائڻ جي ڪوشش ڪيو ته گڏهه کي شديد درد ٿو محسوس ٿئي ۽ اهو اِٽون هڻن ٿو شروع ڪري.

 

مغز ۽ کل

فڪر ۽ لفظن جو پاڻ ۾ تعلق ۽ کل جهڙو آهي. مغز جي مٿان کل ضرور هوندي آهي پر کل جيتري سخت ۽ غليظ هوندي آهي. اوتروئي مغز ۾ گهٽتائي ايندي آهي. سٺو بادام انهيءَ کي چوندا آهن جنهن جي کل باريڪ هجي ان ڪري ان جو نالو ڪاغذي بادام آهي. ان جي اندر جو مغز مقدار ۾ گهڻو ۽ لذت ۾ لذيذ تر هوندو آهي. جيڪو شخص ڳالهائيندو گهڻو آهي. ان وٽ لفظن جون کلون مغز جي جاءِ وٺنديون  آهن. بيان ڪرڻ ۾ معنيٰ لفظن جي کلن ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. ان ڪري لازمي آهي ته جيڪو شخص فڪر جي پرورش جو طلبگار آهي. اهو خاموش گهڻو رهي ۽ ڳالهائي گهٽ.

 

نفس جي تڪميل کان اڳ لاف زني

هڪ درويش جو قصو ٿا بيان ڪن ته جڏهن هو چلو ڪري رهيو هو ته هن خواب ۾ ڏٺو ته رستي ۾ هڪ ڪتي آهي. جيڪا پيٽ سان آهي ۽ ان جي پيٽ مان اندران ٻچن جي ڀونڪڻ جو آواز اچي رهيو آهي. هو حيران ٿي ويو ته پيدائش کان اڳ ڪتيءَ جا ٻچا پيٽ مان ئي ڪيئن پيا ڀونڪن. ان کان پوءِ هو خواب مان جاڳي پيو ۽ تعبير سمجهه ۾ نه پئي اچيس. هن خدا تعاليٰ کان التجا ڪئي ته هن خواب جو تعبير هن تي روشن ٿئي. غيب مان آواز آيو ته هي خواب تنهنجي تنبيهه لاءِ هئو. روحانيت جي درجن ۾ بعض ماڻهو اهڙا هوندا آهن جو اڃان انهن تان حجاب دور ئي نه ٿيندو آهي ۽ اڃان پرورش تڪميل تي ڪانه ٿي پهچي ليڪن انهن لاف زني (ٻٽاڪ بازي) شروع ڪري ڏني. ڪتو جڏهن پيٽ ۾ مڪمل ٿي نڪرندو آهي ان کان پوءِ عمر ۾ به پختو ٿيندو آهي ته هو چوڪيداري به ڪري سگهندو آهي ۽ مالڪ جي لاءِ شڪار به ڪندو آهي پر جيڪڏهن پيدائش کان اڳ ئي ماءُ جي پيٽ ۾ ڀونڪڻ شروع ڪري ڏئي ته ان جو ڪهڙو فائدو؟ جيستائين ڪو شخص اخلاق ۽ روحانيت ۾ پنهنجو پاڻ کي پختو نه ڪري ان کي انسانن جي محافظت ۽ رهبريءَ جي دعويٰ ڪرڻ مناسب نه آهي. روحانيت جي ابتدائي منزلن ۾ ئي گهڻا ماڻهو اقتدار جي ذوق جي ڪري ڀٽڪجي ولايت مجدديت بلڪ نبوت تائين دعويٰ ڪري ويهندا آهن ۽ ڪجهه حقيقت کي نه سمجهڻ وارا مريد به انهن کي ملي ويندا آهن.

 

خودي ۽ خدا

خود پرستي ۽ خدا پرستيءَ ۾ بظاهر تضاد نظر ٿو اچي. ليڪن هي تضاد ان حالت ۾ باقي رهندو آهي. جڏهن انسان جي خودي خدا ۽ خلق خدا کان بي نياز ٿي ايتريقدر تنگ ٿي پوي جو ڪٽيل شاخ وانگر هن جو وڻ کان تعلق ئي ڪٽجي وڃي پر جيڪڏهن خودي پنهنجي وسعت ۾ خدا سان همڪنار (ويجهي) ٿئي ته پوءِ هي تضاد باقي نه ٿو رهي. فرد ۽ جماعت جي مفاد کي پنهنجو مفاد بنائي ۽ جماعت جي ڀلائيءَ سان ان کي سک ۽ جماعت جي برائيءَ سان ان کي ڏک محسوس ٿيڻ لڳي ته پوءِ فرد ۽ جماعت جو تضاد باقي نه ٿو رهي. انسان پنهنجي خوديءَ جي اصليت کي سڃاڻندو ان کي وسيع ڪندو ٿو وڃي. ڇو ته الڳ ٿيل فرد جو وجود مجازي آهي. جماعت ۽ ان کان پوءِ عالم کان الڳ ٿي انسان جو نفس هوا وانگر رهجي ٿو وڃي. محدود معنيٰ ۾ خود پرستي هڪ خراب صفت آهي. ليڪن اهڙي خودپرستي جيڪا عرفان نفس جي رستن تي گامزن هجي حقيقت مطلقه يعنيٰ خدا جي عرفان جي لاءِ هڪ ضروري شرط آهي. (من عرف نفسه فقد عرف ربه) جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو ان ڄڻ ته خدا کي سڃاتو.

مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته هڪ معشوق عاشق کان پڇيو ته تنهنجي دوستي تنهنجي پنهنجي ذات سان زياده آهي يا مون سان؟ عاشق چيو ته مان ته پنهنجي ذات تنهنجي ذات ۾ گم ڪري چڪو آهيان. هاڻي من توشدم تو من شدي کان پوءِ هي سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي بلڪه مان ته نالي ماتر ئي هڪ منفرد هستي آهيان. ڪارو پٿر جيڪو سج جي شعائن کي جذب ڪري لعل بنجي ويو آهي. هاڻي هن جو پٿر پڻ ختم ٿي ويو آهي. جڏهن هن جون صفتون آفتابي ٿي ويون ته هن جي خود پسندي در حقيقت آفتاب پسندي آهي. اهڙي طرح انسان تخلقوا باخلاق الله سان خودي ۽ خدا دوستيءَ جو فرق مٽائي ٿو سگهي.

جيسين پٿر بحيثيت پٿر خود پرستيءَ ۾ مبتلا، تيسين ان جي خودي ڪفر ۽ ظلمت آهي ڇو ته ظلمت نور جو ضد آهي. فرعون  پنهنجي ظالماڻي خوديءَ کي حق ۽ حقيقت سمجهي ورتو. ان ڪري ان حالت م ان جو اناالحق چوڻ ڪفر ٿي پيو ليڪن جڏهن منصور پنهنجي خوديءَ کي خدا جي ويجهو ڪري اناالحق چيو ته اها عين حقيقت هئي. فرعون ڪاري پٿر جي حيثيت ۾ آفتاب هجڻ جي دعويٰ ڪئي ليڪن منصور عقيق بنجي پنهنجو پاڻ کي آفتاب جو هم ذات چيو. انهيءَ سلسلي ۾ هڪ ٻي جاءِ تي مثنويءَ ۾ مولانا رحمت الله عليه لوهه ۽ باهه جو مثال ڏنو آهي ته لوهه تيز باهه ۾ ڳاڙهو ٿي باهه جون صفتون جذب ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن چوي ته مان باهه آهيان ته غلط ناهي. پنهنجي خوديءَ ۾ مسلسل وسعت پيدا ڪبي رهجي اهو ارتقاءَ ۽ بقا جو ذريعو ۽ خدا جو قرب حاصل ڪرڻ ۽ ان جي صفتن سان پنهنجو پاڻ کي متصف ڪرڻ جو صحيح رستو آهي.

 

سخن ۽ معنيٰ کل ۽ مغز

هن ئي مضمون کي مولانا رحمت الله عليه ڪيترين تشبيهن ۾ دهرايو آهي ته سخت (الفاظ) کل آهن ۽ انهيءَ جي معنيٰ مغز آهي. فرمائن ٿا ته ڏسو اخروٽ کي ٽوڙڻ مهل تڙاخ جو آواز ايندو آهي. ليڪن توڙن واري کي نه ڇلڪي جو شوق آهي ۽ ان جي ٽٽڻ جي آواز سان ان کي ڪا لذت ٿي محسوس ٿئي. اصل  لذت ته ان جي مغز ۽ ان جي روغن ۾ آهي. جيڪو ڪجهه چئي ٿو ان مان لذت اچي ٿي. عالم معاني يا عالم روحانيءَ ۾ اهڙي قسم جو بي حرف ڪلام آهي. ڪنهن ڏينهن ظاهري ڳالهائڻ ٻولهائڻ کي ڇڏي زندگيءَ جي مغز مان لفظ حاصل ڪرڻ لاءِ سراپا خاموش ٿي وڃو ته هي راز توهان تي منڪشف ٿي ويندو.

هڪ طرف زاهد ۽ عاشق جو فرق ٻڌائڻ لاءِ ته ٻئي طرف محبت ۽ خوف ۾ فرق پيدا ڪرڻ لاءِ مولانا رحمت الله عليه هڪ حڪايت ٿا بيان ڪن ته هڪ زاهد هو. جنهن جي زال ڏاڍي غيرت واري هئي ۽ زاهد جي زهد جي باوجود ان جي تقويٰ تي ڀروسو نه رکندو هئي. گهر ۾ هڪ خوبصورت ٻانهي به هئي جنهن جو حسن لاجواب هو. زال سالن تائين ڪڏهن به اهو موقعو پيدا ٿيڻ نه ڏنو جو هن جي غير حاضريءَ ۾ ڪڏهن حضرت زاهد کي هن ٻانهيءَ سان اڪيلائيءَ ۾ ملڻ جو موقعو ملي. هڪ ڏينهن بدقمستيءَ سان اها ڪنهن حمام ۾ غسل لاءِ وئي ۽ انهيءَ ٻانهيءَ کي پاڻ سان وٺي وئي. حمام ۾ پهچي کيس ياد آيو ته هوءَ چانديءَ جو ٿانءُ گهر وساري آئي آهي. جنهن ۾ هن جي سينگار جو سامان آهي. ٻانهيءَ کي چيائين ته فوراً وڃ ۽ جهٽ پٽ منهنجو چانديءَ جو ٿانءُ کڻي اچ. ٻانهيءَ سوچيو ته اڄ حضرت زاهد سان اڪيلائيءَ جو وقت ملندو ۽ ڪا لڪل خواهش پوري ٿيندي، هوءَ ڇهن سالن کان اها تمنا دل ۾ رکيو ويٺي هئي ان ڪري اک ڇنڀ ۾ گهر پهچي وئي ۽ حضرت زاهد به ڄڻ ته تيار ويٺو هو فوراً هي ٻئي خدا ۽ آخرت کي وساري پاڻ ۾ مليا. ٻانهيءَ کي روانو ڪرڻ کان ڪجهه دير بعد زال کي خيال آيو ته مون هي ڪهڙو غضب ڪيو جو هن کي اڪيلو دير بعد زال کي خيال آيو ته مون هي ڪهڙو غضب ڪيو جو هن کي اڪيلو گهر موڪلي ڇڏيم هي ته مون ڪپهه تي ٽانڊو رکڻ جو ڪم ڪيو. جلدي جلدي غسل ختم ڪري هوءَ به پير مٿي تي رکي ڊوڙندي گهر آئي مگر انهيءَ وقفي ۾ هتي جيڪي ڪجهه ٿيڻو هو سو ٿي ويو.

مولانا رحمت الله عليه معمول جي مطابق هن قصي مان به روحاني نڪتا ٿا اخذ ڪن فرمائن ٿا ته ڏسو هوءِ ٻانهي ته برق رفتاريءَ سان گهر ڏي ڊوڙي ۽ زال کي ٻانهيءَ جي ميلاپ جي خوف گهر ڏي ڊوڙايو. هاڻي هي سمجهو ته خدا جي طرف وڃڻ وارا به ٻن قسمن جا ماڻهو آهن. هڪڙا اهي آهن جن تي عشق جو غلبو آهي ۽ عشق هنن کي خوشي خوشيءَ يار جي گهر ڏي وٺي ٿو هلي ۽ ٻيا اهي آهن جن تي خدا جو خوف طاري آهي. ليڪن خوف ۾ اها قوت ڪانهي جيڪا عشق ۾ آهي جيترو رستو جيتري عرصي ۾ زاهد خوف سان طئي ٿو ڪري ان کان هزارها درجا وڌيڪ ترقي عاشق کي ٿي حاصل ٿئي ۽ رستي ۾ زاهد کان ته اهڙي لغزش به ٿي سگهي ٿي جيڪا هن قصي ۾ بيان ڪئي وئي. جنهن جو سبب اهو هو ته هن خراب جذبات کي فنا نه بلڪ دٻائي رکيو هو. ان جا جذبات عشق ۾ تبديل نه ٿيا هئا. عشق ۾ ئي اها خصوصيت آهي ته هو پاڻ کانسواءِ سڀني تمنائن کي ساڙي ڇڏيندو آهي. هي سعادت جي ڪيميا آهي. جيڪا ڪندن بنائي ڇڏيندي آهي. فرمائن ٿا ته عشق ۾ ذري برابر به خوف جو شڪ نه هوندو آهي اهڙن ئي عاشقان الاهي ۽ اولياءَ الله جي لاءِ قرآن حڪيم فرمايو آهي ته لاخوف عليهم ولاهم يحزنون. فرمائي ٿو ته نه انهن کي ڪنهن جو خوف هوندو آهي ۽ نه ڪنهن نقصان جو ڏک. خداداري چه غم داري- محبت وصف حق آهي ۽ خوف کي صفات الله ۾ ڪوئي دخل ڪونهي. ان ڪري جڏهن خدا ۽ انسان جو باهمي رابطو محبت جو رابطو هجي ته محبت جيڪا حق جي صفت آهي انسان جي اندر به ايترو ته داخل ٿي وڃي جو هن جي نفس ۾ خوف جو ڪو شائبو به نه ٿو رهي.

 

تقليد ۽ تحقيق

تقليد ۽ تحقيق جو فرق مثنويءَ جي انهن اهم مضمونن مان آهي جنهن مان رومي رحمت الله عليه جن جي عرفان جو شان نمايان ٿو ٿئي. مولانا رحمت الله عليه تقليدي ايمان کي بي قيمت يا نهايت گهٽ قيمت جو ٿا سمجهن. جيسين تائين روحاني حقيقتون نفس جو ذاتي تجربو نه بنجي وڃن انهن جو صرف زبان سان اقرار ڪرڻ ڪنهن شخص کي حقيقي معنيٰ ۾ مؤمن نه ٿو بنائي سگهي. اقرار باللسان کان پوءِ تصديق بالقلب انهيءَ وقت ٿي ٿو سگهي جڏهن ذاتي تجربي سان حقيتون قلب تي وارد ٿين. گهڻا  واعظ ۽ فقيهه ٻڌل يا پڙهيل ڳالهيون دهرائيندا رهندا آهن هي ڪم صرف حافظي جو آهي ان ۾ عقل جي به ضرورت ڪانه ٿي پوي. انهن کان اڳتي اهي ماڻهو آهن. جيڪي دليلن سان ديني حقيقتن جو ثبوت مهيا ڪندا آهن. ليڪن هي حقيقتون نه انهن جا تجربا هوندا آهن ۽ نه زندگيءَ جو حصو.

ڪهڙيون ديني حقيقتون آهن. جيڪي خطيبن ۽ واعظن جي زبان سان منبر تي بيان نه ٿا ٿين؟ مگر انهن واعظن جو ڪنهن تي به ڪو اثر ڪونه ٿو ٿئي. جيڪا ڳالهه انسان جي پنهنجي زندگيءَ جو تجربو نه آهي اها هن جي دل مان نه ٿي نڪري. ان ڪري ڪنهن جي دل تي اثر نه ٿي ڪري. قياس ڪرڻ وارو داناءُ هجي يا قصن ٻڌائڻ وارو واعظ انهن کي حقيقت جي متعلق نه عين اليقين هوندو آهي ۽ نه حق اليقين هوندو آهي. انهن جو تحت الشعور شڪن سان ڀريل هوندو آهي. هو جيڪي ڪجهه چوندا آهن نه ان تي ڪامل يقين هوندو اٿن ۽ نه وري سندن زندگيءَ ۾ ڪا ان جي جهلڪ نظر ايندي آهي. مولانا رحمت الله عليه هڪ لومڙ ۽ گڏهه جي ڳالهه لکي آهي ته جهنگل ۾ شينهن زخمي ٿي پيو هو ۽ بيمار هجڻ ڪري پاڻ شڪار نه ڪري سگهندو هو. هن لومڙ کي چيو ته وڃ ڪوڙ، مڪر ۽ چاپلوسيءَ سان ڪنهن گڏهه کي ئي پڪڙي اچ. ان جو هڪ حصو مان کائيندس ۽ باقي بچيل توکي ملي ويندو. لومڙ وڃي گڏهه کي چيو ته هتي ويران زمين ۾ جتي نه پاڻي آهي نه گاهه اجايو بک ٿو مرين هل هلي ڪنهن سرسبز چراگاهه ۾ چري ڍءُ ڪر. گڏهه کي شڪ پيو ته هن ترغيب ۾ ضرور مڪر آهي. ان ڪري هن توڪل ۽ قناعت تي تقرير ڪرڻ شروع ڪئي ته مون کي هتي ئي رهڻ ڏي خدا رزاق ۽ ڪفيل آهي. منهنجو جيڪو مقرر رزق آهي. اهو مون کي پاڻ تلاش ڪندو مون کي ان جي تلاش ڪرڻ جي ضرورت ناهي. گڏهه جي سڄي تقرير هڪ متوڪل صوفيءَ جهڙي هئي. پر هو جيڪي ڪجهه چئي رهيو هو، ٻڌل ڳالهيون هيون. هن جي دل ۾ يقين جي ڪا جهلڪ به ڪانه هئي. ان ڪري آخرڪار هو لومڙ جي ورغلائڻ تي سبز زار ڏي هلڻ لڳو. جتي شينهن لڪو ويٺو هو. بکايل گڏهه کي کائڻ پيئڻ جي شديد هوس هئي. هو ائين توڪل جي پرچار ڪري رهيو هو.  مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته جن ماڻهن جو ايمان تقليدي يا فلسفين وانگر صرف قياس آهي. انهن جو ايمان اندران خالي هوندو آهي جو حرص ۽ هوس جي هڪ جهلڪي انهن جي سڄي تقرير کي ڪوريئڙي جي ڄار وانگر ٽوڙي ڇڏيندي آهي. دين انهن ئي ماڻهن جو مضبوط رهندو آهي. جن جو تجربو هو پنهنجي قلب جي گهراين ۾ ڪري چڪا آهن. هي ماڻهو وڏي دليريءَ ۽ جرات سان ٻين کي دين جي راهه ٻڌائيندا آهن. ليڪن پنهنجي اندر بي يقينيءَ ۾ گرفتار هوندا آهن. اهڙن ماڻهن جي اندر حقيقت ۾ گوبر ڀريل هوندو آهي. ليڪن بيان ڪرڻ مهل هو نبين ۽ اوليائن جي لفظن جو ڪجهه مشڪ عطر پنهنجي الفاظن تي ڇڙڪائيندا آهن. هونئن ته هر انسان ۾ لطافت سان گڏ ڪثافت جي ڪجهه ملاوٽ هوندي آهي، ليڪن ڪوشش اها ڪرڻ گهرجي ته تنهنجي جان گل چيريندي رهي ته جيئن ان جي ڪثافت خوشبودار لطافتن ۾ تبديل ٿي وڃي.

 

محسوسات ۽ معقولات کي عشق ۽ وجدان جي نور ۾ گڏائڻ گهرجي

انسان جي علم جو سرچشمو ڇا آهي؟ ان ۾ اڪثر حڪيمن ۽ صوفين ۾ اختلاف آهي. حڪيمن ۾ سقراط ۽ افلاطون جو عقيدو هيءُ هو ته سڀ حقيقي علم جيڪو انهن جي نزديڪ گهڻو ڪري ڪليات تائين محدود هئو. انسان جي عقلي روح ۾ لڪل آهي. هن جهان ۾ محسوسات ڪنهن حد تائين ان مان فائدو حاصل ڪن ٿا ۽ انسان کي اصل جي طرف رجوع ٿا ڪن. مطلب ته معقولات جو علم به انهن جي نزديڪ خارج مان حاصل ڪونه ٿو ٿئي. خارجي ظاهر ٿيندڙ فقط ان جي طرف اشارو ڪري لڪل کي ظاهر ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندا آهن. اسلام جي حڪيم خاص ڪري اشراقيين به اهوئي عقيدو رکندا هئا البته جيڪي حڪيم ماديت کان ٻاهر نه وڃي سگهيا. اهي محسوسات کان سواءِ علم جو مرڪز ٻيو ڪٿي تلاش نه ٿا ڪن. ليڪن صوفياءَ سڀ جا سڀ انهيءَ تي اتفاق ٿا رکن ته حقيقت جو سرچشمو انسان ۾ اندر آهي ٻاهر ڪونهي. قرآن ڪريم به انسان جي انهيءَ طرف رهنمائي فرمائي آهي ”وفي انفسکم افلاتبصرون“ عارف روميءَ هن تعليم کي مختلف قسمن جي تشبيهن ۽ مثالن سان واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. فرمائن ٿا ته محسوسات سان جيڪو علم حاصل ٿيندو آهي جيڪڏهن اهو محض گمان وارو علم رهجي ٿو وڃي. پر جيڪڏهن ان کي ڪشف- وحي ۽ وجدان ۾ غوطو ڏيارجي ته محسوسات ۽ معقولات تي به اهو رنگ چڙهي ٿو وڃي. ان جو مثال ائين سمجهو ته گجر- گوگڙو- صوف- يا اخروٽ ڪوبه ميوو يا ڀاڄي هجي جيڪڏهن ان کي انگور جي رس ۾ پچائجي ته انگور جو مزو انهن ۾ اهڙي طرح سمائجي ٿو وڃي جو انهيءَ ميوي يا ڀاڄيءَ جو مزو ٻيڻو ٿي ٿو پوي.

ان کان بعد فرمائن ٿا ته خالص ۽ پاڪ پاڻي آسمان کان بارش ۾ ايندو آهي. ان جي مقابلي ۾ معقولات جو علم ڄڻ ته نيسارن مان ڪريل پاڻي آهي. نيسارو پاڻ ته ڪو پاڻيءَ جو چشمو ڪونهي ۽ هن ۾ گهرن ۽ ڇتين جي مٽي ۽ غلاظت به موجود هوندي آهي. هڪڙي گهر جو نيسارو ٻئي جي ڇت يا اڱڻ ۾ پاڻي ڪيرائي ته پاڙيسرين جو پاڻ ۾ جهڳڙو ٿي پوندو آهي. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته بارش جي نسبت ماڻهو ڪڏهن به جهڳڙو نه ڪندا آهن. بلڪ ان کي باغن ۽ فصلن لاءِ رحمت سمجهندا آهن. تون پنهنجي فڪر ۽ انديشي کي جيڪو گهڻو ڪري ذاتي مطلب سان ڀريل هوندو آهي. نيساري جي پاڻيءَ وانگر سمجهه. حقيقت جو آب حيات تي آسماني ۽ نوراني آهي.، ان جي بارش انساني قلب تي ٿيندي آهي ته سچاين جو باغ تازو ۽ خوشنما ٿي پوندو آهي.

 

ارتقاءَ جون منزلون

فرمائن ٿا ته زندگي هر جاءِ تي ترقي ڪندي ٿي رهي. زمين کان وٺي آسمانن تائين ڏاڪڻيون لڳيون پيون آهن جن جي ذريعي مخلوق هر هڪ ڏاڪي تي مٿي چڙهندي ٿي وڃي. ليڪن روحاني عالم بيحد ڪشادو آهي. آسمان هڪ نه پر بيشمار آهن، پر هر مخلوق بلڪ هي فرد ڪنهن هڪ خاص آسمان تي چڙهي رهيو آهي. هر هڪ جو مقام ۽ منزل مقصود الڳ الڳ آهي. جيڪو شخص جنهن ڏاڪڻ تي چڙهي رهيو آهي. اهو سمجهي ٿو ته چڙهندو ٿو وڃي ليڪن هيءَ ڳالهه درست نه آهي. مختلف گروهه آسمان جي بيحد ڪشادگيءَ کان واقف نه آهن. هرهڪ چڙهڻ وارو ٻئي جي متعلق سوچي ٿو ته هي ڪاڏي وڃي رهيو آهي؟ آسمانن جي وسعتن جي ته ڪا حد ڪانهي. هتي زمين جي ئي وسعت کي ڏسو (ارض الله واسعته) هرهڪ وڻ هن ئي زمين ۾ لڳي ٿو. ليڪن هرهڪ جي تخليق الڳ آهي. مطلب ته هر ڪنهن جي لاءِ ترقيءَ جون منزلون الڳ آهن. هڪ قسم جي انسان کي ٻئي قسم جي انسان تي نه ته حيرت ڪرڻ گهرجي ۽ نه هي چوڻ گهرجي ته جيئن ته هو منهنجي ڏاڪڻ تي ڪونه ٿو چڙهي ان ڪري هو ڪاٿي ڪونه پهچندو.

 

خدا ۽ رسول ﷺ جو توکان ڪجهه گهرڻ حقيقت ۾ توکي فيض پهچائڻ لاءِ آهي

دنيا ۾ خدا جو هڪ رسول اچي ٿو. خدا وٽ ته نعمتن جا لامحدود خزانا آهن ۽ رسولن جي لاءِ به انهن خزانن جا دروازا کليل آهن. ليڪن ڪافرن جي غلط ڏسڻ واري اک کي هي انسان فقير ۽ گداگر نظر ايندا آهن ۽ انهن جي خدا کي به هو مفلس ٿا سمجهن، ڇو ته خدا تعاليٰ فرمائي ٿو ته ڪير آهي جيڪو مون کي قرض حسنه ڏئي ۽ منهنجي مدد ڪري؟ ان تي هي سوچن ٿا ته هنن جو خدا وقعي غني هجي ها ته پنهنجي ٻانهن کان قرض ڇاجي لاءِ گهرندو وتي ها؟ هنن گڏهن کي اهو سمجهه ۾ ئي ڪونه ٿو اچي ته خدا ۽ ان جو رسول ته غني آهن ۽ هي پاڻ مفلس آهن. انهن کان جيڪي ڪجهه گهريو ٿو وڃي اهو انهن جي افلاس کي دور ڪرڻ جي لاءِ آهي. نبيءَ کي خدا حريص ٿو چئي ليڪن هن جو حرص، هوا ۽ هوس جي بندن جي حرص کان بلڪل الڳ قسم جو آهي. ان جو حرص هي آهي ته هو توهان کي حقيقي دولت سان مالا مال ڪرڻ ٿو گهري. ساڳي طرح خدا ۽ رسول جو ماڻهن کان ڪجهه گهرڻ ائين آهي. جيئن اڪسير ڌات کي چوي ته اچ جيڪي ڪجهه اٿئي منهنجي حوالي ڪر. هيءَ گهٽ قيمت واري ڌات کي چوي ته اچ جيڪي ڪجهه اٿئي منهنجي حوالي ڪر. هيءَ گهٽ قيمت واري ڌات ان جي حوالي ٿيندي ته اها سون بلڪ خود اڪسير بنجي ويندي. خدا ۽ رسول جيڪي ڪجهه توکان گهرن ٿا. تون سمجهين ٿو ته هو توکان ڪجهه گهري رهيا اهن. حالانڪ هوا ان جي بدلي توکي اهو ڪجهه ڏيڻ ٿا گهرن. جيڪو تنهنجي وهم ۽ خيال ۾ به نه آهي.

خدا جو عاشق عبادت جي مزدوري طلب نه ڪندو آهي ۽ نه وري خوف کان تقويٰ اختيار ڪندو آهي

صوفياءَ ڪرام انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته جيڪا عبادت دنيا يا آخرت ۾ جسماني نعمتون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجي يا جسماني عذاب جي خوف کان جيڪا پرهيزگاري اختيار ڪئي وڃي. اهڙي عبادت ۽ پرهيزگاريءَ کان انسان کي ڪجهه فائدو ته ضرور پهچندو آهي. ليڪن روحاني زندگيءَ ۾ هيءَ هڪ گهٽ درجي جي ڳالهه آهي. روحاني ترقيءَ جو اعليٰ مقام هي آهي ته:

جن کا عمل هي بي غرض ان کي جزا کچهه اور هي

حور وخيام سي گذر باده وجام سي گذر

مولانا رحمت الله عليه جن هڪ عاشق الاهي شيخ جي نسبت لکن ٿا ته خدا تعاليٰ ٻنهي جهانن جا خزانا هن جي سامهون رکيا ته عبادت جي اجر ۾ هي سڀ وٺ مگر هن انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيائين ته مان ته فقط تنهنجو طالب آهيان. جيڪڏهن جنت جي شوق ۽ دوزخ جي خوف سان مون عبادت ڪئي آهي ته مان فاسق آهيان. مان لذت پرست ۽ سلامتيءَ جو طلبگار مؤمن نه آهيان ۽ جسم جو آرام يا فرحت منهنجو مقصد نه آهي ذوق جو شعر آهي:

کب حق پرست زاهد جنت پرست هي

حورون په مر رها هي يه شهوت پرست هي

عاشق جي لاءِ خدائي عشق سڀ کان وڏي نعمت ۽ اهڙي وڏي قيمت وارو رزق آهي جو ان جي مقابلي ۾ بدن ۽ بدن جون لذتون گاهه پٺي کان وڌيڪ نه آهن.

خدا جو عاشق هجي ۽ عبادت ۽ خدمت جي اجرت گهري، هيءَ ته اهڙي ناممڪن ۽ نامعقول ڳالهه آهي جيئن جبرئيل عليه السلام امين چور بنجي وڃي.

عشق پنهنجو پاڻ کان سواءِ هن دنيا ۾ هر شيءِ کي ساڙي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. موجودات دنيا ۾ هجن يا آخرت ۾ عاشقن جو انهن سان ڪهڙو واسطو؟ (مجنون) کي ليليٰ کان سواءِ ڪنهن به شيءِ جي خواهش ڪانه هئي ۽ هو وحشي جانورن کان به نه ڊڄندو هو. ڇو ته عشق کي جانور به محسوس ڪري ان جو احترام ڪندا آهن. ٻئي جهان ۽ جنت دوزخ عشق جي تارازيءَ ۾ هڪڙي داڻي جيتري به حيثيت نه ٿا رکن. عاشقن انهن جي لپيٽ ۾ ڪيئن ٿو اچي سگهي؟ ڇا ڪڏهن ائين ٿي ٿو سگهي ته داڻو مرغيءَ کي هضم ڪري وڃي يا گاهه گهوڙي کي کائي وڃي؟ جنهن کي توهان جسم ٿا چئو اهو ته عاشق وٽ بدلجي ٻيو ڪجهه بنجي ٿو وڃي. هن کي بدن چوڻ ئي درست نه آهي نورحق جي عالم ۾ بدن جو ڪهڙو ڪم ۽ مادي جنت ۽ دوزخ جو ڪهڙو مقام؟

 

روحاني عالم مڪاني عالم نه آهي

 

مثنوي پڙهڻ وارن سڀني کي هن ڳالهه جو يقين ڏيارڻ جي هڪ مسلسل ڪوشش آهي ته هن مادي ۽ جسماني عالم کان مٿاهون هڪ عالم روحاني آهي. ۽ انسان جي روح جو اصل وطن اهوئي آهي. ليڪن ماڻهو پڇن ٿا ته اهو عالم روحاني ڪٿي آهي؟ مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته اهو سوال مادي عقل اٿاريندو آهي. جنهن جي نزديڪ هر وجود جي لاءِ ڪو مڪان لازمي آهي. عالم روحاني يا معنوي جيڪو لامڪاني آهي، آسانيءَ سان انسان جي ادراڪ ۾ نه ٿو اچي سگهي. انسان ٿورو انهيءَ تي غور ڪري ته خود سندن نفس جي اندر مڪانيت ڪاٿي آهي؟ جيڪڏهن ڪو شخص چوي ته منهنجي فلاڻي سان بيحد گهري محبت آهي ته هيءَ گهرائي مڪاني ته ڪانه هوندي آهي ۽ خود نفس جي متعلق هي چوڻ حل طلب آهي ته هو بدن جي اندر آهي يا ٻاهر. نفس جڏهن آسمانن جو سير ڪندو آهي ته ڇا هو ڪنهن سواري تي سوار ٿي هي مفاصلو طئه ڪندو آهي. چاهي ڪائنات کي گهيرو ڪندڙ هستي جسم جي اندر قيد آهي جيئن هڪ پکي پڃري ۾ بند هوندو آهي؟ مڪاني تصورات جو اسان جي هن نفس تي به اطلاق نه ٿو ٿئي، جيڪو جسمن صورتن ۽ مادي محسوسات کان لڳ ٿو معلوم ٿئي پوءِ ڀلي هن جو طلاق نفس جي انهيءَ سطح تي ٿي سگهي جنهن کي روحاني عالم چوندا آهن. قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ پنهنجي نور کي ”لاشرقيه ولا غريبه“ فرمايو آهي. انساني روح به، جيڪو حقيقي نور جي ڪرڻن مان هڪ ڪرڻو آهي مڪانيت کان آزاد آهي. حديث شريف ۾ اچي ٿو ته هڪڙي عيسائيءَ رسول ڪريم ﷺ جن کان پڇيو ته جيڪڏهن قرآني آيت جي مطابق جنت جي وسعت زمين ۽ آسمانن جي وسعت آهي ته پوءِ دوزخ جي لاءِ ڪهڙي جاءِ باقي رهي؟ رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو ته صبح ٿيڻ مهل رات ڪاٿي هوندي آهي؟ هن کي اهو سمجهائڻو هو ته جنت ۽ دوزخ مڪاني نه آهن بلڪه ڪيفيت جو نالو آهي.

جيڪڏهن ڪير پڇي ته تنهنجي ڪاريگري تنهنجي هٿ جي اندر آهي يا ٻاهر ۽ جيڪڏهن اندر آهي ته اها ڪهڙي مقام تي آهي ۽ ان جي صورت ڪهڙي آهي؟ يا تنهنجي زبان ۾ جيڪا فصاحت آهي اها هن چئن آڱرين جي گوشت جي اندر آهي يا ٻاهر؟ يا ڏسڻ جو نور اک جي اندر ڪاٿي آهي؟ ته ان جي جواب ۾ بظاهر متضاد ڳالهيون ڇو ٿي پونديون ته نه اندر آهي ۽ نه ٻاهر نه مليل آهي ۽ نه جدا. ساڳي طرح مڪانيت جي گهيري ۾ ادراڪ جي لاءِ روحاني عالم ان کان به وڌيڪ نه سمجهه ۾ اچڻ وارو آهي يا ناقابل فهم آهي.

سڀ ڪجهه هتي ئي آهي فقط زاويه نگاهه کي بدلائڻ جي ضرورت آهي. باطن جي اک کلڻ کان پوءِ هر شيءِ جي ڪيفيت دگرگون ٿي ويندي. مادر زاد انڌو هن دنيا ۾ رهي ٿو مگر هن جو عالم ڇهڻ جو عالم آهي صرف ڇهڻ ۽ ٽٽولڻ سان هن جهان جو هڪ تصور قائم ڪري ڇڏيو آهي. اگر هڪدم هن کي نظر ملي وڃي ته هن ئي عالم جي حالت هن جي سامهون دگرگون ٿي ويندي ۽ هن جي سمجهه ۾ اچي ويندو ته بغير ڇهڻ ۽ ٽٽولڻ جي ماڻهو ڪيئن چوندا هئا، ته فلاڻو پري کان اچي پيو. هزارين بلڪه لکين ۽ ڪروڙين عالم سڀ هتي ئي آهن ۽ انهن مان فقط هڪڙو عالم جسماني ۽ مڪاني آهي. مٿاهن جهانن ڏي وڃڻ ڪو جسماني سفر نه آهي.

 

نور جي وحدت ۽ چراغن جي ڪثرت دل جي حقيقت

جنهن دل ۾ عالم روحانيءَ جي بصيرت ڪانهي اها دل نه بلڪ گِلِ (مٽي) آهي. جيڪڏهن تون انهيءَ جي باوجود اهڙي دل کي شيشئه دل ٿو چوين ته هي شيشو شمع جي فانوس جو شيشو نه بلڪ قاروري جو شيشو آهي. قروري جي شيشي کي ڏيو (چراغ) ڪير چوندو؟ انسان هن دنيا ۾ مٽي جا ڏيا آهن جن ۾ نور الهيٰ مڪانيت جي اچڻ جي ڪري متعدد ۽ منقسم ٿو معلوم ٿئي. جيڪڏهن هزار ڏيا هڪ جاءِ تي جلايا وڃن ته انهن سڀني جو نور هڪ ئي نور نظر ايندو. مڪانيت تعداد جو ڌوڪو پيدا ڪري ڇڏيو آهي.

جبر ۽ اختيار جي نسبت مثال

فلسفو ۽ تصوف ٻنهين جو عام ميلان اختيار کان وڌيڪ جبر ڏي ٿو معلوم ٿئي. حالانڪه زندگيءَ ۽ ڪائنات جي گهڻن شعبن ۾ جبر ڏسڻ ۾ ٿو اچي ۽ ڪيترا شعبا انساني زندگيءَ ۾ اهڙا آهن جو جيڪڏهن ڪو شخص اختيار جو منڪر هجي ته اهو ٻه قدم به هلي نه ٿو سگهي. عارف رومي رحمت الله عليه جي امتيازي خصوصيت هيءَ اهي ته جبر ۽ اختيار جي اهم مسئلي ۾ سندن بصيرت نهايت حڪيماڻي ۽ عين اسلام جي مطابق آهي. مولانا رحمت الله عليه جن جبر ۽ اختيار تي جيڪو يقين ڏياريندڙ بحث ڪيو آهي. فرمائن ٿا ته اختيار جو احساس ايتري قدر ته ظاهر آهي جو ان جو انڪار ممڪن نه آهي ۽ انسان کي معلوم آهي ته جمادات ۾ اختيار نه آهي ۽ اهي فطرت جي مقرر قانون جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهن. ان ڪري ڪو شخص ڪنهن پٿر سان دوستي يا دشمنيءَ جي توقع نه ٿو رکي ۽ جتي ماڻهو مجبور آهي. اتي ڪوبه عقلمند انسان ان کي اختيار يا استعمال ڪرڻ جو نه ٿو چوي. ماڻهو کي ڪير به نه ٿو چئي سگهي ته پيرن تي هلڻ جي بجاءِ اڏامي اچ. انڌي کي ڪير به نه چوندو ته ذرا ڏس ته هي رنگ ڪهڙا نه دلڪش آهن يا هي نظارا ڪهڙا نه نظر پرور آهن. پٿر کي ڪير به الزام نه ڏيندو ته تون اسان وٽ جلد ڇو نه پهتين يا ڪٿان ڪا ڪاٺي جيڪڏهن اچي انسان جي سر تي ڪري ته هو ڪاٺي کي ملامت نه ڪندو. صبح کان شام تائين زندگيءَ جو مدار تعريف ۽ مذمت تي آهي. ڪنهن جي تعريف ان لاءِ ڪبي آهي ته بري رستي کي ڇڏي هن سٺو يا سڌو رستو اختيار ڪيو ۽ مذمت ان جي لاءِ ڪبي آهي ته هن پنهنجي اختيار کي چڱيءَ طرح استعمال نه ڪيو. هن دنيا ۾ جزا ۽ سزا ۽ عدالتون سڀ انهيءَ اختيار جي ئي عقيدي تي قائم آهن. اختيار جو انڪار ڪجي ته اخلاق ۽ دين سڀ ختم ٿي ٿا وڃن ۽ خدا تعاليٰ جيڪو رحيم ۽ عالم آهي اهو نامعقول ظاهر ٿو لڳي ته پهريائين ماڻهن کا گناهه ڪرڻ تي جبر (مجبور) ٿو ڪري ۽ پوءِ وري انهن کي خواهه مخواهه ذميدار قرار ڏئي دنيا ۽ آخرت ۾ عذاب ۾ ٿو مبتلا ڪري جبر ۽ اختيار زندگيءَ جا ٻه ٺلهه آهن ۽ ايمان ۽ حڪمت جي تقاضا انهن جي وچ ۾ آهي. ”الايمان بين الجبر والاختيار“

هڪڙي چور کي سپاهيءَ پڪڙيو ۽ مار ڪڍڻ لڳس چور چيو ته مون جيڪي ڪجهه ڪيو اهو الله جي حڪم سان ڪيو خدا جي مرضيءَ کان سواءِ ته ڪو پن به لڏي نه ٿو سگهي. سپاهيءَ چيو ته مان توکي جيڪا سزا پيو ٿو ڏيان اها به خدا جي ئي مرضيءَ سان آهي. ڪم بخت تون چوريءَ ۾ ته ان جي مرضيءَ کي ٿو پيش ڪرين ته پوءِ سزا ۾ به ان جي ئي مرضيءَ جي آڏو سر ڇو نه ٿو جهڪائين؟ هڪڙو شخص ڪنهن جي باغ ۾ وڃي ان جي ميويدار وڻ تي چڙهي چوري ڪرڻ لڳو باغ واري ڏٺو ته چيائين ته اي ملعون هي ڇا پيو ڪرين؟ هن چيو ته باغ به خدا جو، ميوو به خدا جو. هڪ خدا جو ٻانهو جيڪڏهن خدا جي باغ مان ڪجهه پٽي ته ان ۾ ڪهڙو ڏوهه آهي؟ باغبان هن کي مضبوط رسيءَ سان ٻڌو ۽ ان کي ماري ماري بيحال ڪري ڇڏيائينس. چور چيو ته خدا کان شرم ڪر هڪ بيگناهه کي هينئن مارين ٿو پيو. باغبان چيو ته خدا جي حڪم کان پري نه وڃ جهڙي طرح هي باغ نه منهنجو نه تنهنجو ساڳي طرح هيءَ رسي به خدا جي ۽ هي ڏنڊو به خدا جو ۽ تنهنجو جسم به خدا جو. هي سڀ ڪجهه انهيءَ جو ئي آهي. منهنجو تنهنجو ڇا آهي؟ مان جيڪو حڪم جو بندو آهيان انهيءَ جي حڪم جي مطابق عمل ڪري رهيو آهيان خدا جو لڪڻ خدا جي ڏنل جسم تي هلي رهيوآهي تون خواهه مخواهه پيو شڪايتون ڪرين؟

 

خدا سان گستاخي ۽ شوخي

خدا پاڪ جا گهڻا گستاخ ٻانها خدا تي الزام لڳائڻ ۾ گهڻا بيباڪ هوندا آهن. ڪڏهن خدا کي هن طرح بي نياز چوندا آهن ته دنيا ۾ عدل هجي يا ظلم، ڪنهن بي گناهه تي ستم ٿي رهيو هجي مگر خدا سڀ ڪجهه ڄاڻندي ڪجهه نه ٿو ڪري. ڪڏهن بي خوف ٿي چوڻ لڳندا آهن ته يا الله تون ڪاٿي آهين يا ته منهنجي حالت کي ڏسين ۽ فرياد ٻڌين نه ٿو يا خود مفلس آهي. ان ڪري مون کي دولت نه ٿو ڏيارين.

عارف رومي رحمت الله عليه اهڙين شوخين کان خدا جي بندن کي تنبيهه ٿو ڪري. هڪڙي ڳالهه ٿا بيان ڪن ته هرات ۾ هڪ درويش بصيرت کان محروم ۽ تنگ دستيءَ کان تنگ دل هو ان جي سمجهه ۾ نه ايندو هو ته بي ايمان، ڪافر، رشوت خور ۽ ظالم عيش ٿا ڪن ۽ بيگناهه درويشيءَ ۾ ڌڪا پيا کائن. انهيءَ ڏٺو ته ڪجهه سوار وڏي طمطراق سان اصيل عربي گهوڙن تي سوار عاليشان لباس ۽ ٽوپين پاتل گذري رهيا آهن. هن سوچيو ته امير يا شهزادا هوندا آهن. ڪنهن کان پڇا ڪيائين ته هي ڪير آهن؟ معلوم ٿيو ته هي امير نه آهن بلڪ هرات جي گورنر جا غلام آهن. اهو غلامن کي به اميرن وانگر سکيو رکندو آهي. مفلسيءَ هن درويش کي حديث نبويءَ جي مطابق ڪفر جي قريب پهچائي ڇڏيو هو. خدا کي مخاطب ٿي چوڻ لڳو ته تون به مالڪ ته بنيو ٿو وتين مگر فياضانه طريقو ڪنهن کي چوندا آهن، اهو هن سخي گورنر کان سک.

مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته بادشاهه سان ان جا ڪجهه خاص درٻاري ڪڏهن شوخيءَ سان به ڳالهائيندا آهن ليڪن بادشاهه کي برو نه لڳندو آهي. هو به مسڪرائي ڇڏيندو آهي، مگر جيڪو خاص درٻاري نه آهي. ان لاءِ هلاڪت آهي. هن درويش به پاڻ کي خاص درٻاري سمجهي ورتو هو پر هو انهيءَ مقام جو ماڻهو ڪونه هو. هن نالائق اهو ڪونه سوچيو ته جنهن بادشاهه پنهنجي غلامن کي خوبصورت ڪمربند ڏنا آهن. ان جو احسان ته انهيءَ نابيني کي نظر آيو مگر جنهن خدا اها ڪمر (چيلهه) عنايت ڪئي جنهن تي ڪمربند ٻڌو ويندو آهي. ان جي احسان جو ته ڪو اقرار نه شڪريو ڪجهه عرصي کان پوءِ اهو گورنر ناجائز مال جمع ڪرڻ، رشوت کائڻ ۽ سرڪاري غبن جي الزام ۾ گرفتار ٿي پيو. هن جا سڀ غلام جاچ ۽ پڪڙجي پيا. اهي مالڪ جي خلاف ڪابه شاهدي نه پيا ڏين ان ڪري انهن کي ٻڌو ويو ۽ شديد عذاب ڏنو ويو ته ٻڌايو ته توهان جي مالڪ غبن ڪيل مال ۽ خزانو ڪاٿي لڪايو آهي؟ هنن جون هڏيون ڏکيون پئي ۽ گوشت پٽجي رهيو هو مگر اهڙو سخت عذاب به مالڪ جي خلاف هنن جي زبان نه کولائي سگهيو. ان درويش کي خواب ۾ هاتف چيو ته تون خدا کي سخاوت پيو سيکارين. هاڻي تون هنن غلامن کي ڏسي بندگيءَ جا آداب سک، بندگي انهيءَ کي چئبو آهي ته ڪو وڏي ۾ وڏو عذاب يا مصيبت به انسان کي خدا سان بي وفائي ڪرڻ تي آماده نه ڪري.

 

عاشق وٽ منطقي عقل کان مٿاهون عقل آهي

جبر (مجبوري ۽ قدر اختيار) جي ڊگهي بحث کانپوءِ مولانا فرمائن ٿا ته جزوي عقل ۽ منطقي استدلال قيامت تائين ڪنهن اطمينان بخش ۽ فيصلي ڪن مرحلي تائين نه ٿا پهچائي سگهن. حقيقت تائين رسائي صرف عاشق سان پيدا ٿي سگهندي. عشق وٽ پنهنجو هڪ عقل آهي. جيڪو اسان جي معقولات کان هزار درجا زياده حقائق کي واضح ۽ روشن ڪندو آهي. اسان جو جزوي عقل ته صرف روزي حاصل ڪرڻ ۽ هن مادي ماحول ۾ زندگي بسر ڪرڻ جو هڪ اوزار يا وسيلو آهي. هي عقل نه آهي. جنهن سان حقيقت جا چوڏهن طبق روشن ٿين. جڏهن عشق انسان جي روح ۾ اچي وڃي ته پوءِ بحث مباحثه ۽ مناظرو ختم ٿي ويندو آهي. عاشق ان ڪري گهٽ ڳالهائيندو آهي ته هن جي وات مان هڪڙو قيمتي موتي زمين تي ڪري پوندو. عشق اهڙي طرح خاموش ۽ ساڪن ٿي ويندو آهي، جيئن اصحاب رسول صحبت رسول ۾ هوندا هئا ڄڻ ته انهن جي مٿن تي ڪو قيمتي پکي ويٺو آهي ۽ هنن کي خطرو آهي ته جيڪڏهن ٿوري به جنبش ڪئي سين ته مٿي تان اڏامي ويندو.

 

اياز جي سيرت عشق جو جادو

مثنويءَ ۾ محمود ۽ اياز جو هڪ طويل قصو لکيل آهي. قصو ته مختصر آهي پر مولانا رحمت الله عليه جيئن جو سندن معمول آهي الف ليلي وانگر قصي جي اندران هڪ ٻيو قصو لکندا ويا آهن ۽ وري قدم قدم تي روحاني نتيجا به اخذ ڪيا اٿن. داستان صرف ايتري آهي ته اياز جيڪو محمود جو وزير به هو ۽ معشوق به هو، ان کي محمود انعام ۽ اڪرامن سان مالا مال ڪري ڇڏيو هو، ٻيا امير ۽ وزير ان سان حسد ڪرڻ لڳندا هئا. انهن محمود جي دل ۾ شڪ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته اياز هڪڙو ڪمرو زبردست تالن سان بند ڪري ڇڏيو آهي. ڪنهن کي ان جي اندر وڃڻ نه ٿو ڏئي ۽ نه وري ڪنهن کي ٻڌائي ٿو ته ان ۾ ڇا بند آهي. يقيناً شاهي خزاني جا وڏا قيمتي جواهر چورائي ان ۾ رکندو ٿو وڃي. ان جي ڪمري جي تلاشي وٺو ته ان جي وفاداريءَ جو ڀرم کلي پوندو. محمود ته بدگمان ڪونه ٿيو ڇو ته هن کي اياز تي مڪمل اعتماد هو مگر انهن حاسدن کي ذليل ڪرڻ لاءِ هڪ حڪم ڏنو ته ڪمري جا تالا کوليا وڃن. ان مان سواءِ ان جي پراڻي پوستين ۽ پراڻن جوتن جي ڪجهه نه نڪتو. حاسد ڏاڍا شرمنده ۽ ذليل ٿيا ۽ محمود، اياز کي چيو ته جيڪا چاهين هنن جي لاءِ سزا تجويز ڪر توکي اختيار آهي. وڻئي ته معاف ڪري ڇڏ. مگر اهو ٻڌاءِ ته اسان کي معلوم ٿيو آهي ته تون هر روز اڪيلو هنن سان مخاطب ٿيندو آهين. اها ڪهڙي حماقت آهي ۽ عجيب بت پرستي ٿي معلوم ٿئي. هيءَ ته ڪجهه اهڙي ڳالهه ٿي معلوم ٿئي جيئن عرب جا شاعر انهن جبلن ۽ کنڊرات سان عشق ۽ عاشقيءَ جن ڳالهيون ڪندا هئا. جيڪي ڪنهن وقت انهن جي محبت جا اڏا هئا.

عيسائي به ڪجهه اهڙي قسم جا خبطي آهن جو پادريءَ وٽ وڃي گناهن جو اعتراف ڪري گناهه بخشرائيندا آهن. حالانڪ پادري ويچارو ڪنهن جا گناهه ڪيئن ٿو بخشي سگهي. مگر محبت ۽ اعتقاد ٻئي شيون اهڙيون آهن. جيڪي انسان کي مسحور ڪري تصورات ۽ تخيلات جي اهڙي دنيا پيدا ڪندا آهن. جو انسان جمادات کي به روح وارو سمجهي انهن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳندا آهن. محبت ڪهڙي طريقي سان جماد کي به زندهه تصور ڪندي آهي. ان جو مثال مولانا رحمت الله عليه اهو ٿا ڏين ته ڏسو هڪ ماءُ مئل ٻار جي قبر تي ڪيئن نه چنبڙندي آهي. ٻار به هاڻي بي جان آهي. ڏسي ٻڌي نه ٿو سگهي ۽ قبر به زندگيءَ کان محروم آهي، ليڪن محبت جو جادو ڏسو ته هوءَ قبر کي به ڪنن ۽ هوش واري سمجهي پنهنجا ڏکڙا ٻڌائي ٿي ۽ مرده ٻار سان به ڳالهيون ٿي ڪري. ليڪن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ ڏک گهٽجي ويندو آهي ۽ صرف هڪ هلڪي ياد رهجي ويندي آهي ته عشق جي باهه وسامڻ سان اهو جادو به هليو ويندو آهي.

 

محروم ايمان مبلغ السلام

گهڻا مسلمان جن جو نه ايمان پختو هوندو آهي ۽ نه عمل ۾ ڪا خوبي هوندي اٿن. ڪنهن غير مسلم کي اسلام جي تبليغ ڪرڻ لڳندا آهن ته جيڪڏهن تون مسلمان ٿي پوين ته ڇوٽڪارو حاصل ڪندين ۽ آخرت ۾ توکي جنت ملندي. ليڪن ٻڌڻ واري تي ان جو ڪو اثر ڪونه ٿيندو آهي ڇو ته ان مسلمان جي پنهنجي حالت انهيءَ ڪافر کان وڌيڪ بهتر نه هوندي آهي ۽ ممڪن آهي ته ڪافر جا اعمال هن کان بهتر هجن. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته حضرت بايزيد بسطامي رحمت الله عليه جي شهر ۾ هڪڙو آتش پرست هو. هڪڙي مسلمان ان کي چيو ته تون مسلمان ٿيءُ ته توکي ٻنهين جهانن جو فلاح حاصل ٿيندو آتش پرست چيو ته جنهن اسلام ۽ ايمان ڏي تون ٿو مون کي دعوت ڏين جيڪڏهن اهو بايزيد جو اسلام آهي ته منهنجي همت کان ايترو ته مٿي آهي جو ان جي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش منهنجي لاءِ اجائي ٿيندي ۽ جيڪڏهن اسلام اهو آهي جنهن جو عملي نمونو تون آهين ته پوءِ توکان ته مون جهڙو انسان به گهٽ ڪونهي. تنهنجا اعمال ته اهڙا آهن جو جيڪڏهن ڪنهن ۾ اسلام جي رغبت پيدا به ٿئي ته به توکي ڏسي هن جي رغبت ئي ختم ٿي وڃي.

 

بد آواز بانگو

انهيءَ سلسلي ۾ هڪ قصو بيان ٿا فرمائن ته هڪ غير مسلم ڇوڪريءَ کي اسلام پسند اچي ويو ۽ هوءَ مسلمان ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وئي سڀني گهڻو سمجهايس ليڪن هوءَ پنهنجي خيال تي قائم رهي. ايتري ۾ هڪ بد آواز بانگو قريبي مسجد ۾ اچي بانگ ڏيڻ لڳو. ڇوڪريءَ چيو ته هي مڪروهه آواز ڪٿان ٿو اچي؟ هن جي گهر وارن چيو ته هي مسلمان بانگو اسلام جي عقيدن جو اعلان ڪري مسلمانن کي نماز جي لاءِ سڏي رهيو آهي.، هن کي يقين نه پيو اچي ته اسلام جو آواز اهڙو دل آزار هوندو پر جڏهن سڀني هن کي يقين ڏياريو ته هي اسلام جوئي آواز آهي ته فوراً هن کي اسلام کان اهڙي نفرت ٿي جو هن پنهنجي باطل دين تي رهڻ جو ارادو پڪو ڪري ڇڏيو، هن جي گهر وارن انهيءَ بانگي جي لاءِ مٺائي، حلوو، تحفا ۽ قيمتي ڪپڙا کڻي آيا ۽ چيائون ته توهان جي آواز اهو ڪم ڪيو جيڪو اسان جي سڄي قوم گڏجي به نه ڪري سگهي. هن مان مولانا رحمت الله هي سبق ڏيڻ ٿا چاهن ته دين کي ٻين لاءِ دلنشين بنائڻ لاءِ مبلغ جي پنهنجي سيرت ۾ ڪجهه نمايا خوبي هجڻ گهرجي ٻي ڳالهه اها ته جيڪڏهن سٺي ۽ سچي دين کي به بدذوق انسان ٻين جي سامهون پيش ن ته دين به انهي جي بد ذوقيءَ جي ڪري ٻين جي سامهون نفرت جو سبب بنجي ويندو آهي. مبلغ جو اولين فرض هي آهي ته هو پهريائين پنهنجي اندر سٺي گفتگو ۽ سٺا عمل پيدا ڪري جنهن دين جي مدعيءَ جو قول ۽ عمل ۾ لطافت نظر نه اچي اهو ٻين جي لاءِ ڪهڙي طرح اثرائتو ثابت ٿي سگهندو.

 

روح ۽ جسم

 

جسم ۽ روح جي اصليت ۽ انهن جو پاڻ ۾ تعلق جي مسئلي تي اڄ تائين فلسفي ۽ نفسيات ۾ بحث هلندو ٿو اچي. ماده پرست ٿا چون ته جسم ئي حقيقي آهي ۽ روح ان جي صفت آهي. ان جي برعڪس روحاني حڪيم ٿا چون ته اصل وجود روح جو آهي ۽ جسم ان جو طفيلي آهي. مولانا رحمت الله عليه جن جو به اهوئي خيال آهي جنهن کي پاڻ مختلف اندازن ۾ پيش ڪيو اٿن. هڪ جاءِ تي فرمائن ٿا ته روح مثل سليمان عليه السلام جي آهي ۽ صرف جسم نه بلڪ سڄي مادي ڪائنات ان جي مقابلي ۾ هڪ ڪيل جيتري حيثيت رکي ٿي. هڪ ٻي تشبيهه ڏيندي فرمائين ٿا ته روح مثل سليمان عليه السلام جي آهي ۽ صرف جسم نه بلڪ سڄي مادي ڪائنات ان جي مقابلي ۾ هڪ ڪيل جيتري حيثيت رکي ٿي. هڪ ٻي تشبيهه ڏيندي فرمائين ٿا ته روح مغز آهي ۽ جسم کل وانگي آهي. هن جهان ۾ هر جاءِ تي داڻو بهه ۾ ۽ مغز کل ۾ هوندو آهي. مولانا فرمائي ٿو ته جسم ۽ روح جي متعلق حڪيمن جو بحث هن طرح آهي جيئن هڪ عيار ۽ مڪار زال ۽ ان جي مڙس جي وچ ۾ ٿيو. ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ زال پيٽو (تمام گهڻو کائڻ واري) هئي. ان جو مڙس اڌ سير کان ڪجهه وڌيڪ گوشت خريد ڪري زال جي حوالي ڪيو ڇو ته هنن وٽ هڪ مهمان به اچڻ وارو هئو پيٽو زال سڀ گوشت ڀڃي ڪباب وغيره ٺاهي کائي ڇڏيو. جڏهن مڙس گهر ۾ آيو ته کيس چيائين ته گوشت ته سڀ ٻلي کائي ويئي. هاڻي وڃي ٻيو گوشت وٺي اچ ته مهمان به کائي اسين به کائون. مڙس هن جي مڪارين کان واقف هو. تنهن ٻليءَ کي پڪڙي ان جو وزن ڪيو ته هن جو ڪل وزن اڌ سير کان به وڌيڪ نه ٿيو. ان تي مڙس زال کي چيو ته او مڪار! هاڻي تون مون کي سمجهاءِ ته هي جيڪڏهن کائي ويل گوشت جو وزن آهي ته پوءِ ٻليءَ جو وزن به ٻليءَ جو آهي ته پوءِ هن کاڌل گوشت جو اڌ سير ڪاڏي هن ۾ اندر گم ٿي بي وزن ٿي ويو؟ مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته جسم ۽ روح جي متعلق حڪيم جا دليل ۽ بحث هن قسم جا آهن. جسم کي ڏسن ٿا ته ان ۾ روح ڪاٿي تور ۾ نه ٿو اچي ان ڪري ماده جا حڪيم هن روح جي وجود جو ئي انڪار ٿا ڪن ۽ روحاني حڪيم ٿا چون ته اصل هستي فقط روح آهي ته ماده جا حڪيم ٿا پڇن ته پوءِ هي جسم ڇا آهي؟ مولانا فرمائي ٿو ته جسم ۽ روح ٻئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي حقيقي آهن گرچه انهن جي حقيقتن جي درجي جو فرق ڪجهه هن طرح سمجهو جيئن داڻي ۽ بهه ۾ فرق آهي. پر هي ته صرف مثال آهن هن جي تعلق جي اصليت استدلالي عقل جي گرفت ۾ نه اچي سگهندي. جنهن جهان ۾ اسين رهون ٿا انهيءَ جي متعلق ايتري ڳالهه درست ۽ يقيني آهي ته روح هتي جسم کان بغير ڪجهه به ڪم ڪري نه ٿو سگهي ۽ جسم بغير روح جي صرف مردو رهجي ٿو وڃي. هتي الله تعاليٰ جسم ۽ روح ۾ ازدواج پيدا ڪري ڇڏيو آهي. هن دنيا ۾ نتيجا ترڪيب ۽ ازدواج سان ئي پيدا ٿيندا آهن. قرآن ڪريم ۾ به آهي ته الله تعاليٰ دنيا ۾ هر شيءِ جا جوڙا بنايا آهن. آخر ۾ فرمائن ٿا ته محسوسات کان مٿي به ڪائنات جي هستيءَ جون ٻيون ڪيتريون بلند سطحون آهن. اتي به جوڙا جوڙا آهن. جن جي اصليت هتي سمجهه ۾ نه ٿي اچي سگهي ڇو ته هستيءَ جي انهن سطحن تي جيڪي شيون آهن اهي نه ڪنهن ڪن ٻڌيون ۽ نه ڪنهن اک ڏٺيون آهن. جيڪڏهن انهيءَ هستيءَ جو پاڇو به اسان جي حواسن تي پوي ته هي حواس ئي نه رهن. سج جا ڪرڻا جڏهن برف تي پوندا آهن ته برف برف نه رهندي آهي پاڻي ٿي ويندي آهي.

 

بت پرستي، عقل ۽ دين جا ٻاراڻپ ٿي ظاهر ڪري

 

مندر ۽ ڪليسا ۾ جيڪا بت پرستي ٿيندي آهي. ان جي نسبت فرمائن ٿا، ته هنن ماڻهن اولياءَ ۽ انبياءَ جون تصويرون ۽ بت ٺاهي رکيا آهن مگر هنن جي ارواحن سان رابطو پيدا ڪرڻ جي بجاءِ اهي صورت پرست ٿي ٿا پون ۽ تصويرن کي سجدو ڪرڻ ٿا لڳن. هي ماڻهو روحاني طريقي سان نابالغ ٻار آهن. ٻارن کي گڏيون کيڏڻ لاءِ ڏبيون آهن ڇو ته اڃان هن جي زندگي ٻاراڻپ ۾ آهي. ننڍن ٻارن کي ڪاٺيءَ جي تلوار هلائڻ لاءِ ڏبي آهي. ڇو ته اصلي تلوار هلائڻ جي قوت انهن جي ٻانهن ۾ ڪانهي ۽ اصلي تلوار جي ڌار سان انهن جي زخمي ٿيڻ جوبه امڪان آهي. پر جڏهن جواني ۽ طاقت اچي وڃي ته پوءِ تصويرون ۽ گڏيون کڻي کيڏڻ ۽ ڪاٺ جي تلوار هٿ ۾ کني پاڻ کي تلوار هلائڻ وارو بهادر سمجهڻ ختم ٿي ٿو وڃي. مندر ۽ ڪليسا جا بت پرست اڃا انهيءَ نڪتي کان واقف نه آهن.

 

جذبات جو غلبو عقل تي پڙدو وجهي ڇڏيندو آهي

هن ڳالهه کي ذهن نشين ڪرائڻ لاءِ ته قوي جذبات جي پڙدي پوڻ وقت انسان جو عقل ۽ دورانديشي ۽ مصلت ڪهڙي طرح هوا ٿي ويندي آهي. مولانا رحمت الله عليه هڪ پيءُ کي پنهنجي حيثيت جي مطابق ناٺي نه پئي مليو. جوان نياڻي کي بغير نڪاح جي گهر ۾ رکڻ خطري کان خالي نه هو. چوندا آهن ته جڏهن گدرو پوري طرح پچي وڃي ته ان کي چيرڻ لازمي ٿي پوندو آهي. ورنه اهو اندران سڙي ويندو آهي. پيءُ هڪڙي تمام غريب سان هن جي شادي ڪري ڇڏي ليڪن ڌيءَ کي تاڪيد ڪيائين ته هن مان اولاد پيدا ٿيڻ نه ڏجانءِ. ڇو ته هي شخص ٻارن کي چڱيءَ طرح رکڻ جي استطاعت نه ٿو رکي. ٻار ٿيڻ کان پوءِ توکي ڇڏي ڀڄي ويندو. ڇوڪريءَ پيءُ سان سچي دل سان وعدو ڪيو ته هوءَ هن نصيحت تي عمل ڪندي. ناٺي غريب هجڻ جي باوجود خوبصورت نوجوان هو. مولانا فرمائي ٿو ته اهو ڪينئن ٿي ٿو سگهي ته باهه کي ڪپهه سان ملايو وڃي ۽ پوءِ ڪپهه کي چئجي ته باهه کان بچندي رهجانءِ. چنانچه جيڪا فطرت جي تقاضا آهي اهوئي ٿيو. ڇوڪري پيٽ سان ٿي پئي ۽ ٻار پيدا ٿيو. ڪافي وقت ته پيءُ کان لڪائيندي رهي ليڪن آخرڪار هن کي خبر پئجي وئي. هن ڇوڪريءَ کي ڏاڍو ڳالهايو ته تو منهنجي نصيحت تي عمل نه ڪيو حالانڪ تو پڪو وعدو ڪيو هو. مون توکي چيو ته ميلاپ جي دوران آخري انزال جي وقت مڙس کي هٽائي ڇڏجانءِ ۽ انزال جي وقت جي نشاني به توکي ٻڌائي هئي ته جڏهن هن جي اکين ۾ مستيءَ جو رنگ اچي وڃي ته سمجهجانءِ ته انزال جو وقت قريب آهي. ڇوڪري چيو ته مان هن جي اکين جو رنگ ڇا ڏسان ان وقت ته منهنجون ئي اکيون بند ٿي پيون وڃن.

 

ڪوڙا صوفي

مولانا رحمت الله عليه جن مثنويءَ ۾ ڪوڙن پيرن ۽ صوفين جا گهڻا قصا لکيا آهن. ڪڏهن هنن کي بي تحقيق مقلد چئي ملامت ٿا ڪن ته ڪڏهن انهن جي گهڻي کائڻ جو ذڪر ٿا ڪن ۽ ڪڏهن انهن جي بزدليءَ جا داستان ٿا بيان ڪن. فرمائن ٿا ته هڪرو اهڙي قسم جو صوفي مخلوق جي توجهه جو مرڪز بنجي ويو هو. عوام هن جا هٿ چمندا هئا ته هن جو نفس خوشيءَ مان ڦنڊي ويندو هو. هن اها به دعويءَ ڪئي هئي ته مان نفس سان جهاد ڪرڻ وارو مجاهد آهيان جيڪو حقيقت ۾ جهاد اڪبر آهي. منهنجي لاءِ تلوار سان جهاد ڪرڻ کاٻي هٿ جي راند برابر آهي. هڪ دفعي ڪافرن جي خلاف جهاد جي لاءِ لشڪر روانو ٿيو ته هي حضرت به گڏجي هلڻ لڳو ليڪن احتياط سان لشڪر جي پويان رهيو جتي سامان تنبو ۽ بيمارين جي لاءِ انتظام هئو. جڏهن لشڪر دشمن کي مغلوب ڪري جنگ جي قيدين کي وٺي مال غنيمت جو ڪجهه حصو هن جي سامهون پيس ڪيائون ته فرمائڻ لڳو ته مان هن جو حقدار نه آهيان ڇو ته مان قتال کان محروم رهيس. ڄڻ ته شڪايت ڪري رهيا هئا ته مون جهڙي جانباز کي اوهان پوئتي ڇڏي ويا حالانڪ هو پاڻ جان بچائڻ لاءِ قتال کان پري رهيو هو. هڪ لشڪريءَ عقيدي سان چيو ته توهان هاڻي ڪافر کي ماريو. جنگ جي قيدين مان هڪڙي ڪافر کي جيڪو زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. اوهان جي حوالي ٿا ڪيون توهان هن کي قتل ڪري غازين ۾ شامل ٿي وڃو. چنانچه انهيءَ ڪافرن کي صوفيءَ جي حوالي ڪري لشڪري پنهنجي خيمن ڏي هليا ويا. ڪافي وقت گذرڻ کان پوءِ هو ان طرف واپس آيا ته قتل ٿيل ڪافر کي ڏسي صوفيءَ کي مال غنيمت جو حصو ڏين. اتي ڇا ٿا ڏسن ته هٿن پيرن ٻڌل ڪافر صوفي صاحب کي ليٽائي ان جي مٿان سوار آهي ۽ پنهنجي تيز ڏندن سان ان کي رتوڇاڻ ڪري ڇڏيو اٿس. لشڪرين حيران ٿي پڇيو ته اي صوفي مجاهد! هي ڇا معاملو آهي؟ هٿن پيرن ٻڌل ڪافر توکي ڪيئن ڪيرايو آهي جو تون بيوس زخمي لڳو پيو آهين؟ صوفيءَ چيو ته ڇا ٿا پڇو هن ظالم اهڙي زهريلي اکين سان مون کي ڏٺو جو منهنجا حواس گم ٿي ويا. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته افسوس آهي جو اهڙا ماڻهو مذهبي پيشوا ۽ مجاهد بنيا ويٺا آهن. عام مسلمانن کي مخاطب ٿي فرمائن ٿا ته خود تنهنجو حال به انهيءَ صوفي جهڙو آهي. جهاد اصغر ۽ جهاد اڪبر جا داعي گهڻا آهن پر جيڪڏهن امتحان جو وقت اچي پوي ته توهان جوئي ٻڌل نفس توهان کي ڪيرائي ٿو وجهي. جيئن ئي نفس امارو يا شيطان توکي اکيون ڏيکاري ٿو ته تون اتي ئي ٿڌو ٿي ٿو وڃين.

 

عشق ئي ڪائنات جي بقا- ترقي ۽ زندگي آهي

سڄي مثنويءَ جو محور عارف رومي رحمت الله عليه جو وجدان عشق آهي جنهن کي هو سڀني دينن کان مٿاهون ٿا سمجهن يا هينئن چئجي ته سڀني سچن دينن جو روح ٿا قرار ڏين. جيئن ته سڀ دين ڪجهه عرصو گذرڻ کان پوءِ حقيقت کان پري گهڻو ڪري افسانو رهجي ٿا وڃن ۽ خدا به صرف هڪ حرف رهجي ٿو وڃي. اهڙي حالت ۾ عاشقان الاهي فقط عشق جي تلقين ڪري ۽ ان کي زندگيءَ جو جز بنائڻ تي زور ٿا ڏين. جيئن ته دين جي حقيقت خدا جي خلق کان بلڪل روپوش نه ٿي وڃي. ظاهر پرست عوام ۽ فقهاءَ جن جي لاءِ دين صرف ڪجهه شعائر جي پابنديءَ جو نالو رهجي ٿو وڃي. اهڙا عاشقن کي ڪافر چوڻ ۾ دير نه ٿا ڪن. آهستي آهستي اها حالت ٿي ٿئي جو دين جي روح (عشق) کي ظاهري شعائر تي ترجيح ڏيڻ وارا پاڻ لاءِ به خوشيءَ سان ڪفر جو اصطلاح قبول ٿا ڪن بلڪ اهڙي قسم جي ڪفر تي فخر ڪرڻ لڳندا آهن.

مير جو شعر آهي:

سخت ڪافر تها جس نه دلهلي مير

مذهب عشق اختيار کيا

امير خسرو ٿو فرمائي ته:

کافر عشقم، مسلماني مرا درکار نيست

هر رگ من تار گشته حاجت زنارنيست

عارف رومي رحمت الله عليه جي نزديڪ عشق صرف انسان جو جوهر نه آهي. بلڪ زندگي ۽ ڪائنات جي تخليق جي قوت ۽ ترقيءَ جو ذوق عشق جي ڪري ئي آهي. زماني حال ۾ انهيءَ نظرئي جو وڏو مبلغ علامه اقبال ٿي گذريو آهي جيڪو پنهنجي مرشد رومي رحمت الله عليه جي پيروي ڪندڙ ٿو نظر اچي.

مولانا رحمت الله عليه هن عقيدي کي دلنشين ڪرڻ لاءِ ڪڏهن تشبيهات کان ڪم ٿا وٺن ته ڪڏهن ڪائنات جي ظاهر ٿيندڙ مظهرن ڏي توجهه ٿا ڏيارن جن تي غور ڪرڻ سان عقل به انهيءَ نتيجي تي ٿو پهچي. زندگيءَ ۾ ظاهر ٿيندڙن جو اصل ۽ انهن ۾ قوت پيدا ڪندڙ ڪهڙي شيءِ آهي؟ ان جو جواب مولانا وٽ هڪ ئي آهي ۽ اهو آهي ته سڀ کان مرعوب ٿيڻ جي ضرورت نه آهي. هي سمجهڻ ته آسمانن جي لامحدود تارن وغيره ۾ جن ۾ ڪي ڪي ته اسان جي هن زمينن کان لک لک دفعا وڏا آهن ۽ اسان جي زمين انهن وسعتن ۾ ڪا حقيقت به نه ٿي رکي. ان کان پوءِ انسان جي گهٽتائي لاءِ هي چوڻ ته هو هن ذري جيتري زمين ۾ هڪ اعتبار ۾ ئي نه اچڻ جهڙو ناچيز ذرو آهي. اهو ڪائنات ۽ زندگي جي حقيقت کان ناواقف هجڻ جي ڪري ماديت جو زاويه نگاهه آهي. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته مڪاني وسعتون صرف ظاهر ٿيندڙن جون وسعتون آهن. جن جي حقيقت بس ايتري آهي، جيتري سمنڊ جي مٿان گجي. زندگيءَ جي حقيقت جو لامحدود سمنڊ عشق آهي. آسمانن جو وجود ۽ ان ۾ گردشون سڀ عشق جي بدولت آهن ۽ انهيءَ عشق جو سڀ کان وڏو مرڪز ۽ محل انسان جي دل آهي.

جيڪڏهن عشق جو جذبو نه هجي ته مادي ڪائنات به ختم ٿي وڇي. مادي جي حڪيمن لاءِ هي هڪ ناقابل حل مسئلو آهي ته هن ڪائنات ۾ زندگيءَ جو آثار ڪيئن ٿيو؟ جمادات جي مٿان نباتات جو درجو آهي. جنهن جي اندر زندگيءَ جو هڪڙو ابتدائي قدم نظر ٿو اچي. نه ٿو اچي ته نباتات جا عناصر به اهي ئي مادي عناصر آهن جن کي ماده پرست بي جان ٿو سمجهي؟ جيئن ته هنن کي مطلق بي جان ٿو سمجهي ان ڪري هن خود پنهنجي لاءِ هي مشڪل پيدا ڪيو آهي ته بي جان مادي جاندار نباتاتي صورت ڪيئن اختيار ڪئي. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته جمادات اصلا بي جان نه آهي. ليڪن زندگيءَ جي درجي بنديءَ ۾ انهن جي زندگيءَ جو درجو تمام گهٽ آهي. جيئن ته ترقيءَ جو ذوق ۽ فنا جي ذريعي بقا جي مٿاهن درجن ڏي عروج ۽ عبور ڪرڻ زندگيءَ جي خصوصيت آهي ۽ انهيءَ جو ئي ٻيو نالو عشق آهي ان ڪري جمادي عناصر پنهنجو پاڻ کي نباتات ۾ محو ڪري خود نباتات بنجي ٿا پون. انهيءَ قرباني يا ايثار جي ڪري هو فنا ڪونه ٿا ٿين بلڪ انهن کي عروج حاصل ٿو ٿئي. ترقيءَ جو رستو اهوئي آهي ته جان يا روح اعليٰ تر جان يا روح ۾ محو ٿي هرهڪ قدم تي فنا جي ذريعي بقا حاصل ڪندي وڃي انهيءَ ئي رستي سان انسان جو موجوده روح اعليٰ تر روحاني زندگيءَ ڏي عروج ڪري ٿو سگهي. ايتري قدر جو هو روح القدس جي درجي تي اچي وڃي جنهن بي بي مريم عليه السلام کي حامله ڪيو.

جمادات جا ذرا هڪ وڻ جي اندر مٿاهين ڪوشش سان سر بلند ٿي ويندا آهن ته ڇا انساني روح ۾ اهو امڪان باقي نه رهيو آهي ته هو هڪ نئين نوع ۾ تبديل ٿي وڃي. جنهن جي ڪيفيت موجوده حالت ۾ عقل جي گرفت ۾ نه ٿي اچي سگهي.

راز ۽ راز جو کلي پوڻ قيامت جا نمونا هتي اسان جي سامهون به آهن

فرمائن ٿا ته زندگي هر درجي ۾ راز به اهي ۽ راز کي کوليندڙ به اسان جي زمين جي مٿان جيڪي به گل ۽ ميوا وغيره آهن هي سڀ زمين جي اندر لڪل هئا. ليڪن پاڻي ۽ سج جي ڪري هي اسرار زندگيءَ جي سطح تي اچي کلي ٿا پون. سرءُ جي موسم ۾ زمين ۽ وڻ مئل نظر ايندا آهن. هو مثل نه هوندا آهن. بلڪ ڪجهه عرصي جي لاءِ پنهنجي راز کي لڪائي ڇڏيندا آهن. وري بهار جي موسم انهن جي لاءِ قيامت بنجي پوندي آهي. انهن جي خميرن ۾ جيڪي ڪجهه لڪل هو اهو ظاهر ٿي پوندو آهي. انسان کي گهرجي تي قيامت جي اصليت به هن اشاري سان سمجهي وڃي. هر سال هن جي سامهون زمين تي هڪ ظاهري موت طاري ٿيندو آهي ۽ وري بهار ۾ ذري ذري جو خمير ظاهر ٿيڻ لڳندو آهي. قيامت انهيءَ جو نالو آهي ته عمل- فڪر ۽ ميلانات جا ٻج تو پنهنجي زندگيءَ ۾ پوکيا آهن. اهي تنهنجي يا ٻين جي نظرن کان لڪي وڃن ته هي نه سمجهڻ گهرجي ته اهي ڪو اثر پيدا نه ڪندا. هي راز جو مقرر وقت تي ظاهر ٿي پوڻ لازمي آهي.

سبب ۽ اثر جو هم صفت هجڻ لازمي نه آهي

ڪجهه حڪيمن جو خيال آهي ته سبب ۽ اثر جو هم ذات ۽ هم صفات هجڻ لازمي آهي. ان ڪري ماده پرست جن جي نزديڪ سڀ سبب مادي آهن. اثرن کي خواهه اهي نفسي هجن مادي جون ئي بدليل صورتون ٿا قرار ڏين ليڪن مولانا رحمت الله عليه انهيءَ نظرئي جي ترديد ٿا ڪن ۽ مثالن سان دليل ٿا پيدا ڪن پڇن ٿا ته ٻڌايو ته شاخ ۽ گل کي ٻج سان ڪهڙي نسبت آهي يا منيءَ جي قطري ۾ توکي انسان جي صورت ڪاٿي ٿي نظر اچي؟ انگور ول مان نڪرندا آهن. ليڪن ول ول آهي ۽ انگور انگور. ول ۾ ڪنهن کي انگور نظر ايندا آهن؟ ماڻهوءَ جا سڀ جزا خاڪي آهي. ليڪن ڇا انهن جي جسمن ۾ ڪا مٽي نظر اچي ٿي؟ هر سبب جي صفتن کي اثرن ۾ تلاش ڪرڻ هڪ عجيب عمل آهي. مادي عالم کي ڏسو پاڻي هائڊروجن ۽ آڪسيجن جي ملاوٽ سان بنبو آهي. ليڪن پاڻي جي اندر نه ڪا هائڊروجن جي صفت آهي ۽ نه آڪسيجن جي مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته جن کي توهان سبب ٿا چئو اهي پاڻ کان بلڪل الڳ قسم جي انداز جي هستيءَ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ بهانو هوندا آهن. اهو چوڻ بلڪل حماقت آهي ته گل پنهنجي حقيقت ۾ اهائي گپ آهي. جنهن جي اندر هو ٽڙيو آهي. اهڙي قسم جي حماقتن سان طبيعي حڪيمن دهرائڻ شروع ڪيو ته انسان آخر حيوان ئي آهي ۽ باندرن جو هڪ قسم آهي. بقول اڪبر اله آبادي

کها منصور ني خدا هون مين، ڊارون بولي بندر هون مين

سن کر کهني لگي ميري اک دوست، فکر هر کس بقدر همت اوست

فرمائن ٿا ته انسان جو نطفو ته آخر مانيءَ مان ئي ٿو پيدا ٿئي پوءِ ڇا نطفي ۽ مانيءَ ۾ ڪا مناسبت نظر اچي ٿي؟ لقمي مان لقمان بنجندو آهي ليڪن ڪاٿي لقمو ڪاٿي لقمان.

هڪڙو شخص ڪنهن سخت پريشانيءَ جي خبر ٻڌندو آهي ته مٿي ۾ سور ٿيندو اٿس ليڪن پريشان ڪرڻ واري خبر ۽ مٿي جي سور ۾ سبب ۽ اثر جي صفتن ۾ ڇا توکي ڪا هڪجهڙائي نظر اچي ٿي؟ نيڪ ۽ بدعملن جي جزا ۽ سزا جو دنيا ۽ آخرت ۾ ائين قياس ڪيو ۽ انهيءَ ۾ شڪ نه ڪيو ته اطاعت يعني فرمانبرداري جنت جي صورت ۾ ۽ نافرماني يا گناهه جهنم جي عذاب جي صورت ڪيئن اختيار ڪندا.

روح ۽ خدا جو ربط نه حلول آهي نه اتحاد

فرمائن ٿا ته انساني روح جو خدا سان هڪ خاص تعلق آهي. انسان جنهن جو تصور ۽ تخيل مادي ۽ مڪاني آهي، انهيءَ رباطي کي انهيءَ انداز سان سوچيندي مغالطي ۾ پئجي ٿو وڃي. اسان جي انا جو تعلق ته اسان جي پنهنجي جسم سان به مڪاني نه آهي حتاڪه آقاءِ مطلق يعني خدا سان ان جو رابطو مڪانيت جي سانچن ۾ قابل فهم ٿي سگهي. ڪجهه مذهبن اها غلط تعليم ڏني آهي ته خدا انساني جسم اختيار ڪري هن دنيا ۾ عام بشر وانگر کائيندو پيئندو ۽ هلندو چلندو اهي. هي اوتاري مذهب عام آهن. ان جي مقابلي ۾ ڪجهه حڪيمن ۽ صوفين هي غلط چيو ته انسان خدا بنجي ٿو سگهي. هڪرو گروه. حلول جو قائل بنجي ويو ته خدا انسان جي اندر سمائجي ٿو وڃي. ٻئي چيو ته حلول نه بلڪ اتحاد سان خدا ۽ انسان هڪ ذات ٿي ٿا وڃن. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته هي اوتار بنائڻ وارا به غلطيءَ تي آهن ۽ حلول ۽ اتحاد وارا به مڪاني سانچن ۾ سوچي رهيا آهن. فرمائن ٿا ته هي صحيح آهي ته اسان کي هن موجوده نفس يا ان کان بلند تر ٿي آقاءِ مطلق سان رابطو پيدا ڪرڻو آهي. زندگيءَ جو انتهائي مقصد اهوئي آهي ليڪن صفات الاهيءَ کي حتي المقدور جذب ڪرڻ کان پوءِ انسان جي جيڪا ڪيفيت ٿيندي آهي اها اسان جي تفڪر تي منڪشف نه ٿي سگهي. محسوسات ۽ معقولات زبان ۽ بيان ان جي ادراڪ کان عاجز آهن. مولانا رحمت الله عليه انهيءَ قرب جو اثر مثالن سان واضح ڪرڻ ٿا گهرن ليڪن حقيقت ان سان به واضح نه ٿي ٿئي. ڪڏهن فرمائن ٿا ته ائين سمجهو ته سج جي شعاع تارن جي شعاعن جي هئڻ يا نه هئڻ کي برابر ڪري ڇڏيو آهي. يا لوهه باهه ۾ ڳاڙهو ٿيڻ بعد باهه جون صفتون پيدا ڪندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com