سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تشبيهات رومي

باب: --

صفحو :11

 

مجبوري ۽ اختيار

جبر ۽ قدر جو مسئلو ته انسان ڪيسين تائين صاحب اختيار هستي آهي ۽ ڪيتري قدر هو خدا جي مرضي يا فطرت جي احوال کان مجبور آهي. حڪيم ۽ متڪلمين ۾ اسلام کان اڳ کان وٺي اڄ تائين انهيءَ مسئلي تي بحث هليو ٿو اچي ان جو ڪو منطقي حل ڪنهن جي لاءِ به پوري طرح اطمينان بخش ناهي. سلامتي اسلام جي عقيدي ۾ ئي آهي ته ايمان جبر ۽ اختيار جي وچ وچ ۾ آهي. زيادتي يا گهٽتائي جي ڪري ماڻهو جبري يا قدري بنجي ويندا آهن. جيڪڏهن جبر مطلق هجي ته پوءِ اخلاق جي تلقين بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي ۽ پوءِ جزا ۽ سزا جي ڪا معنيٰ نه رهيها ۽ جيڪڏهن اختيار مطلق آهي ته پوءِ لامحدود فطرت ۽ خدا جي مرضي معطل ٿي وڃي ٿي ابليس ۽ آدم جي قصي ۾ آدم اختيار کان ڪم ورتو اگرچه پهريون قدم هڪ لغرش ئي هئي. ليڪن آدم ان کي پنهنجي ذمي کنيو ۽ معافيءَ جو طلبگار ٿيو ۽ ابليس انڪار ۾ جبري ٿي ويو ۽ فبما اغويتني چوڻ لڳو يعني پنهنجي گناهه کي خدا جي طرف ڪري چوڻ لڳو ته تون قادر مطلق آهين ان ڪري منهنجي ذميداريءَ جو به تون ذميدار آهين. قرآن ڪريم ۾ به ڪافرن محض جبر ۾ پناهه وٺڻ لاءِ پنهنجي ڪفر جي لاءِ حجت پيش ڪئي ته جيڪڏهن خدا چاهي ها ته اسين گمراهه نه ٿيون ها. اي محمد ﷺ تون اسان کي ڇو ٿو ڏوهاري چئين حالانڪ تنهنجو خدا پاڻ ٿو چوي ته مان جيڪي چاهيان سو ٿو ڪيان ۽ منهنجي مرضيءَ جي بغير ڪجهه به نه ٿو ٿئي. جبر ۽ اختيار ٻنهين جي متعلق قرآن حڪيم ۾ آيتون ملن ٿيون ۽ اهوئي حال مولانا روم رحمت الله عليه جي مثنوي جو آهي. ليڪن ٻين صوفين جي مقابلي ۾ پاڻ اختيار جي ثبوت ۾ گهڻو ڪجهه چيو اٿن ان ڪري اصطلاح ۾ نه جبري آهن ۽ نه قدري. اهل سبا جي قصي ۾ لکن ٿا ته انهن ماڻهن به انبياءَ جي مقابلي ۾ جبرين وانگر حجتون پيش ڪيون ته اسين ته ازلي صورتن ٺاهڻ واري جا نقش آهيون.

نقاش جيڪو نقش ٺاهيو سو ٺاهيو اسان تي ڪهڙو الزام آهي؟ اگر اسان جي دلين تي تالا لڳل آهن ته اهي به پاڻ لڳايا اٿس. جڏهن تالا لڳائي ته پوءِ ڪنهن جي مجال آهي جو کولي سگهي؟ جيڪڏهن رستي جي پٿر کي سؤ سال به چوندا رهو ته لعل  بنجي وڃ ته ڇا هو لعل بنجي ويندو؟ اي نبي ﷺ اسان ڪريل پٿرن کي تون ڇا جواهر بنائي سگهندين؟ هر شيءِ ۾ الله تعاليٰ جيڪا صفت رکي آهي ان کي بدلائي نه ٿو سگهجي. هر شيءِ ۾ الله تعاليٰ جيڪا صفت رکي آهي ان کي بدلائي نه ٿو سگهجي. نه مٽي پاڻي بنجي ٿو سگهي ۽ نه پاڻي ماکي يا کير بنجي ٿو سگهي. ڪوڙي سڪي کي اهو چوڻ ته تون خالص زر يا اڪسير بنجي وڃ ته اها هڪڙي اجائي ڪوشش آهي. بس اسين جيڪي آهيون سي آهيون ۽ اسان جون صفتون سٺيون آهن يا بريون اسين ان جا ذميدار نه آهيون ته پوءِ اسان کان سوال ڪيئن پڇيو ويندو ۽ صفتن جي تبديليءَ جي نصيحت بيڪار آهي.

اسان کي اهو چوڻ ته نيڪيءَ جو رستو اختيار ڪيو، ائين آهي جيئن مڇر کي حڪم ڏجي ته تيز هوا جي خلاف پرواز ڪر يا ذري کي چئجي ته تون جبل بنجي وڃ. جيڪڏهن خدا اسان کي ٿورو عقل ۽ ٿوري همٿ ڏني آهي ته پوءِ اي نبي ﷺ تون اسان کان قلب ماهيت جي تقاضا ڇو ٿو ڪرين؟ ڪنڀار جنهن برتن کي جهڙو چاهيو بنائي ڇڏيو هاڻي مٽن کي چوڻ ته توهان گهگهيون ڇو نه ٿيون بنجي وڃو هڪ بي جا تقاضا آهي.

ليڪن انبياءَ ڪرام اگر محض جبري هجن ها ته ايتري زور شور سان ماڻهن کي پنهنجي زندگين ۾ تبديليءَ جي تبليغ ڪيئن ڪن ها؟ ثواب ۽ عذاب سڀ بي معنيٰ رهجي وڃن ها ۽ خدا محض جابر رهجي وڃي ها. عادل، رحيم ۽ حڪيم نه هجي ها. هاڻي انبياءَ ڪرام جي نظريي جبر ۽ اختيار کي مولانا رحمت الله عليه جن هن طرح ٿا فرمائين ته شين ۽ ماڻهن ۾ ٻن قسمن جون صفتون آهن. هڪڙيون اهي آهن جن کي فطرت ۽ مشيت ايزديءَ تبديل نه ٿيڻ واريون بنايون ۽ ٻيون اهي صفتون آهن جيڪي عارضي ۽ حادث آهن ۽ اهي خودبخود فطرت جي قانون جي ماتحت بدلبيون رهنديون آهن ۽ انسان به پنهنجي حڪمت ۾ همٿ سان انهن کي بدلائي ٿو سگهي. ۽ ڪجهه صفتون عارضي آهن. جيئن تنهنجو راصي يا ناراض ٿيڻ. ساڳي طرح ڪجهه جسماني بيماريون علاج جي قابل آهن ۽ ڪجهه لاعلاج. جيڪڏهن ڪو پيدائشي گونگو اهڙو هجي جو هن جي زبان سان آواز ڪڍڻ وارا عضوا موجود ئي نه آهن ته هن کي ڪوبه حاذق حڪيم ڳالهرائي نه ٿو سگهي، جيڪڏهن ڪو شخص پيدائشي نابينو آهي ۽ ان جي اکين ۾ ڏسڻ وارا جزا آهن ئي ڪونه ته اهڙي کي ڏسندڙ اکين وارو بنائڻ ممڪن نه آهي. ليڪن سوين بيماريون اهڙيون آهن جن جو علاج به خدا پيدا ڪيو آهي. بيماريون ته جاندارن ۾ به پيدا ٿينديون آهن ليڪن جمادي و نباتي ته خدا جاندارن جي پيدائش کان به اڳ پيدا ڪري ڇڏيا هئا. ان ڪري جبرين جو اهو چوڻ ته انسان جون اخلاقي صفتون روحاني پيشوائن ۽ اخلاقي طبيعتن جي علاج سان تبديل نه ٿيون ٿي سگهن اهي محض بهانا آهن.

جهنم جو مقصد عذاب نه پر تهذيب نفس آهي

مولانا رحمت الله عليه ٻين صوفين، حڪيمن ۽ مفسرن وانگر جهنم کي ابدي سزا جي جاءِ ڪونه ٿا سمجهن. چند ڏينهن جي زندگيءَ جي گناهن جي عيوض هميشه عذاب خدا جي صفت رحيم ۽ عادل جي خلاف آهي. خدا قرآن پاڪ ۾ چوي ٿو ته منهنجي هر شيءِ ۽ هر حالت منهنجي رحمت جي گهيري ۾ آهي، ته پوءِ گنهگار هر حالت ۾ انهيءَ رحمت جي گهيري کان ٻاهر ڪيئن ٿا رهي سگهن؟ مولانا جي نزديڪ جهنم محض عذاب جي جاءِ نه آهي بلڪ ان جو عذاب به هڪ تهذيب جو ذريعو آهي. مولانا رحمت الله عليه جو فڪر ڏسو فرمائن ٿا ته دوزخ گنهگارن جي لاءِ مسجد وانگر سمجهو. مؤمن مسجد ۾ اطاعت جي ذريعي پنهنجي نفس جي حالت درست ڪندو آهي، ۽ گنهگار جي اصلاح ذرا ڪوڙي طريقي سان دوزخ ۾ ٿيندي. هڪ جهنگلي پکيءَ کي گهريلو پکي بنائڻ لاءِ پهريائين ان کي ڄار ۾ ڦاسايو ويندو آهي. اهڙي طرح هن دنيا ۾ قيد خانا آهن، ته جيئن اتان سختيون سهي توبهه ڪن. انسان کي الله تعاليٰ اطاعت ۽ عبادت لاءِ پيدا فرمايو آهي. ان جا انداز ۽ طريقا مختلف آهن. ليڪن مقصد هڪ ئي آهي. هي مقصد دوزخ ۾ به برقرار رهندو آهي. هي چوڻ به هڪ طرح سان صحيح ٿيندو ته هر عمل خير عبادت آهي پر جيئن ته عبادت جو مقصد رحمت حاصل ڪرڻ آهي، ان ڪري اصل شيءِ رحمت ئي آهي. سليم طبيعتون ان ڏي خود بخود راغب ٿينديون آهن. ليڪن جڏهن دلين ۾ کوٽ واقع ٿئي اتي گوشماليءَ جي ضرورت ٿيندي آهي، جتي محبت آهي اتي گوشمالي بدلي وٺڻ لاءِ نه پر اصلاح جو ذريعو هوندي آهي. دوزخ جو تصور عارف رومي رحمت الله عليه وٽ انهيءَ قسم جو آهي. جنهن کي هن مختلف طريقي جي بيانن سان پيش ڪيو آهي. هڪ جاءِ تي لکن ٿا ته سڄي مخلوق جنت جي طرف وڃي رهي آهي. جيڪو عارف آهي ان کي هن دارالسلام تي يقين ڪامل آهي ان ڪري هو نهايت خوشيءَ سان صراط مستقيم (سڌي رستي) هلي رهيوآهي. رستي ۾ ڪا تڪليف اچي ته هو ان کي ڪا تڪليف ئي نه ٿو سمجهي. ليڪن هڪڙو ٻيو ايمان ۽ يقين کان محروم گراهه آهي جنهن کي پڪڙي جنت ڏي وٺي ٿا وڃن. انهيءَ پڪڙ ڌڪڙ، گهلڻ مارڪٽ جو نالو دوزخ آهي. ليڪن انهيءَ سزا جو مقصد به جنت ڏي ئي وٺي وڃڻ آهي.

 

عبادت

ان کان پوءِ مولانا رحمت الله عليه جن عبادت جي نسبت هڪ اهم نڪتو ٿا بيان فرمائن. اسلام جي تعليم جي مطابق هر ڪم عبادت ٿي سگهي ٿو. بشرطيڪ ان جي ڪرڻ واري جو مقصد فرض جي ادائيگي، خلق جي خدمت يا خالق جي رضا هجي. پر جيڪڏهن جنهن به ڪم ۾ هي مقصد نه هجي ته اهو ڪيتري قدر به مفيد ۽ ڪارآمد ته ٿي سگهي ٿو. ليڪن ان جو درجو ڪريل هوندو. ان جو مثال دل کي نهايت وڻندڙ پيش ڪيو اٿن. فرمائن ٿا ته ڪتاب جو مقصد علم ۽ فن حاصل ڪرڻ آهي، ليڪن اگر ڪو جاهل علم جو قدر نه سمجهندو هجي ڪنهن وڏي ڪتاب کي ويهاڻي وانگر مٿي هيٺان رکي استعمال ڪرڻ لڳي ته اهڙي  شخص جو فعل شاباس جي قابل نه آهي. يا تلوار کي ڪو شخص گهوڙي ٻڌڻ لاءِ يا تنبو ٻڌڻ لاءِ ڪلي جي جاءِ تي زمين ۾ کوڙي ته انهيءَ هڪ قيمتي اسلحي کي جيڪو فتح ۽ دين جي حفاظت لاءِ آهي هڪ نهايت ڪريل ڪم ۾ استعمال ڪيو، نتيجو اهو ٿيندو جو اوچتو دشمن جي حملي جي سبب تلوار هٿ ۾ نه رهندي ڇو ته اها ته ڪلي جي جاءِ تي زمين ۾ کوڙي وئي آهي. انسان جي سڀني ڪمن جو اهوئي حال آهي. جيڪڏهن تمام گهٽ درجي جو ڪم به ڪنهن بلند مقصد لاءِ ڪيو وڃي ته اهو به عبادت ۾ نيت جي مطابق ٿي سگهي ٿو. راهب دنيا کان گريز ڪري خدا جو قرب حاصل ڪرڻ گهري ٿو. ليڪن اسلام چوي ٿو ته سڀني جائز مشغلن ۾ مصروف رهي به توهان اهل الله بنجي ٿا سگهو. ”دست بکار دل به يار“

فرمائن ٿا ته سڄي جي سڄي زندگي عبادت گاهه آهي. ليڪن هر ڪنهن جي عبادت گاهه ۽ ڪم جي نوعيت الڳ آهي، دوزخ مجرمن جي عبادت گاهه آهي. جڏهن انهن جي بدعملن جي ڌات باهه ۾ پئي غلاظتن کان پاڪ ٿيندي ته اها به ڪندن بنجي پوندي. دوزخ جي دروازن کي ننڍا دروازا تصور ڪيو جن مان لنگهڻ مهل انهن کي جهڪي يعني رڪوع يا سجدي جي حالت اختيار ڪرڻي پوندي اهڙي طرح وڏا وڏا ظالم ۽ آڪڙباز ۾ جهڪندا ڄڻ ته دوزخ انهن کي گردنن کي جهڪائي انهن جي آڪڙ ٽوڙي ٿو.

بادشاهن جي سامهون يا اڄ ڪالهه ڪورٽن ۾ ججن جي سامهون گردن جهڪائن ٿا ليڪن خدا جي سامهون انهن کي جهڪڻ ۾ عار ٿو محسوس ٿئي. هي ماڻهو اميرن ۽ بااختيار ماڻهن کي ته ڊڄن ٿا ليڪن خدا جو خوف انهن جي دلين ۾ ڪونهي. هي ماڻهو ڪئن جهڙي خصلت رکن ٿا. ڪئا ٻليءَ کان اهڙو ته ڊڄندا آهن. جيئن چور ڪوتوال کان ڊڄندو آهي. ليڪن ڪنهن به ڪئي جي دل ۾ شينهن جو خوف نه هوندو آهي. خدا جي سياست جو شينهن انهن ڪُئن کي نظر نه ٿو اچي. مولانا فرمائي ٿو ته گهڻن اميرن، آفيسرن ۽ حڪمرانن ۾ اخلاقي گندگيءَ جي بدبوءِ هوندي آهي. ليڪن انهن بدبوءِ جي ڍيرن کي مسجد ۽ محراب سمجهي دنيا جا ڪتا انهن جي سامهون جهڪن ٿا.

عادت جي پڪڙ

ڪنهن جي سيرت سٺي هجي يا خراب، بهرحال عادتن جي پڪي ٿي وڃڻ کان پوءِ انسان مخصوص عملن ۾ ٻڌجي ويندو آهي. نيڪ نيڪي ڪرڻ لاءِ ائين مجبور هوندو آهي جيئن بد بدي ڪرڻ تي. مولانا فرمائي ٿو ته ائين سمجهو ڄڻ ته هڪڙي کي خدا پڪڙي ورتو آهي ۽ ٻئي کي شيطان، مثال لاءِ فرمائن ٿا ته هڪ دنيادار خدا فراموش امير وٽ هڪ مؤمن ۽ عابد غلام هو. مالڪ غلام کي ساڻ ڪري بازار مان وڃي رهيو هو ته مسجد مان بانگ جو آواز آيو. غلام چيو ته اجازت آهي ته مان مسجد ۾ وڃي رهيو هو ته مسجد مان بانگ جو آواز آيو. غلام چيو ته اجازت آهي ته مان مسجد ۾ وڃي ٻه رڪعتون نماز پڙهي اچان ۽ توهان سامهون واري دوڪان تي ٿورو انتظار فرمايو. مالڪ چيو ته ها وڃ پر جلدي اچجانءِ مان هتي انتظار ۾ ويٺو آهيان. هاني مالڪ ويٺو انتظار ڪري ۽ غلام مسجد مان نڪري ئي نه پيو. سڀ نماز پوري ڪري نڪري هليا ويا ليڪن هي غلام ڪنهن وظيفي وغيره ۾ لڳي ويو ۽ مالڪ حقيقيءَ جي حضور ۾ وسري ويس ته ٻاهر مجازي مالڪ سڪي رهيو آهي. آخر تنگ اچي مالڪ مسجد ۾ دريءَ کان اندر نهاري غلام کي چيو ته هاڻي اٿي ٻاهر اچ ڇا توکي اندر ڪنهن پڪڙي ورتو آهي؟ غلام چيو ته هائو اهائي ڳالهه آهي انهيءَ جنهن توکي ٻاهر ٻڌي ڇڏيو آهي ته تون مسجد ۾ داخل ئي نه ٿي سگهين انهيءَ مون کي هتي جڪڙي ڇڏيو آهي.

فرمائن ٿا ته پڪي عادت فطرت جو حصو بنجي پوندي آهي ته پوءِ انهيءَ فطرت ۽ جبلت جي جڪڙ شديد ٿيندي آهي. مڇين جو طبعي ميلان انهن کي پاڻيءَ کان ٻاهر نه ٿو نڪرڻ ڏئي ۽ خشڪيءَ جا جانور درياهه ۾ پير رکڻ کان پيا گهٻرائيندا آهن.

تحقيق ۽ تقليد يقين ڪامل ۽ گمان غالب

مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته دين جي معاملي ۾ ٻن قسمن جا ماڻهو هوندا آهن تمام ٿورا اهڙا هوندا آهن جن کي محقق يعني تحقيق ڪندڙ چئي ٿو سگهجي. جن جي يقين جو دارومدار تحقيق تجربي يا مشاهدي تي هوندو آهي. اهڙا ماڻهو بغير کٽڪي ديني زندگيءَ جي رستي تي هلندا آهن. ان ۾ انهن کي نفعو ئي نفعو محسوس ٿيندو آهي. انهن ۾ خوف يا تذبذب نه هوندو آهي. انهن جون دليون يقين سان پوري ٿيڻ وارين اميدن سان سرشار هونديون آهن. ليڪن زياده تعداد مقلدن جو آهي. جيڪي انهيءَ لاءِ ان دين تي هلن ٿا جو ان دين واري جماعت ۾ پيدا ٿيا آهن ۽ ان کان پوءِ دين جون ڪجهه ڳالهيون ٻڌي ۽ ٻڌائي عمل ڪرڻ ڳا. جيئن ته دنيا ۾ زياده تر گروه مقلدن ئي جو آهي ان ڪري مولانا ان گروه کي مخاطب ٿي فرمائن ٿا ته توکي خود ڪو روحاني تجربو نه آهي. ليڪن توکي به ديني زندگيءَ کان پاسو نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن توکي يقين ڪامل نه آهي تڏهن به اميد ته زندگيءَ گذاريندا رهو. پنهنجي دنياوي زندگيءَ جو جائزو وٺي ڏسو. ڇا توهان پنهنجي ڪنهن ڪم لاءِ يقين ڪامل کي مٿاهون سمجهو ٿا؟ توهان هڪ ڪم اختيار ٿا ڪيو ۽ ان ۾ محنت ڪندي ڪندي ڪک وانگر ڪمزور ٿي ٿا وڃو. جڏهن ڪنهن واپار ۾ هٿ وجهو ته ڇا توهان کي يقين هوندو آهي ته هن ۾ نفعو ئي نفعو ٿيندو ۽ نقصان جو ڪوبه انديشو ڪونهي؟ محروميءَ جو خدشو هر دنياوي ڪاروبار ۾ موجود آهي. ليڪن هڪ عقلمند مرد ٿو چوي ته ڪاهليءَ جي مقابلي ۾ ته ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ بهتر آهي. پوءِ فقط دين جي معاملي ۾ توکي ڇو يقيني نقصان جو خوف اچي لڳو آهي جو اميد جي بنياد تي به هن طرف نه ٿا اچو؟ ٻين ڪمن ۽ واپارن وانگر هن واپار ڏي به اچو گرچه نفعي ۽ نقصان جي باري ۾ تنهنجو حال اميد ۽ خوف جي وچ ۾ ئي هجي. ڪامل يقين کان سواءِ هن ميدان ۾ قدم رکڻ کان توکي ڪير ٿو روڪي؟ محقق ۽ عارفن ته پنهنجي تجربي جي بنياد تي ٿا چون ته هن ۾ نفعو ئي نفعو آهي ته پوءِ تون کڻي هيئن چؤ ته چڱو اسان به اها زندگي بسر ڪري ٿا ڏسون. آخر ٻيا ڪم به ته ڪامل يقين کانسواءِ ئي ڪندا آهيون ۽ ڪوشش ۾ ڪا ڪمي نه ڪندا آهيون.

 

احتياج

مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته ماڻهو احتياج کي هڪ مصيبت سمجهندا آهن ليڪن ان تي غور نه ڪندا آهن ته دنيا ۾ جيتريون به ڀلايون آهن سڀ احتياج جي ڪري ٿيون پيدا ٿين. دنيا ۾ طلب ۽ رسد جو قانون هر جاءِ تي جاري ۽ ساري آهي. فرمائن ٿا ته ڇا فطرت کي نه ٿا ڏسو ته ٻار جي پيدائش سان گڏ ماءُ جي کير جو احتياج پيدا ٿيندو آهي ۽ احتياج کي پوري ڪرڻ لاءِ فوراً  پاڻيءَ کي ڪن کان پڪڙي اوڏانهن وٺي ويندا آهيو. دنيا ۾ ماڻهو زندگيءَ جي بلند درجن جي حاصل ڪرڻ جي خواهش ته ڪن ٿا ليڪن طلب جي شدت انهن ۾ ڪانه هوندي آهي ان ڪري محروم رهجي ويندا آهن. صرف شعوت جي سطح تي اڀرڻ وارين خواهشن سان ڪم نه هلندو. گهڻن ماڻهن جي خواهشن سان گڏ مخالف جزا به انهن جي طبيعت ۾ ملندا آهن جيڪي طلب کي لاحاصل ڪري ٿا ڇڏين.

مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته طلب ۾ شدت زياده پيدا ڪيو ۽ پاڻيءَ جي حاصل ڪرڻ کي خدا جي مقرر ڪيل فطري طريقي تي ڇڏي ڏيو. جڏهن اڃ گهڻي ٿيندي ته پوءِ ڏسو ته ڪيئن نه هر طرف کان پاڻي توهان ڏانهن اچي ٿو. تنهنجي جان ۾ اندر اهڙا ممڪنات موجود آهن جو جيڪڏهن طلب جي شدت سان تون ان جي آبياري ڪرين ته تنهنجي زندگيءَ جي فصل تي رحمت جو ڪڪر وسي داڻن جي جاءِ تي جواهر پيدا ڪري ڇڏي.

رجائيت

مولانا رحمت الله عليه جن جو مسلڪ پر اميد ۽ رجائي رهڻ آهي. اسلام جو مقصد به اهوئي آهي ته مومن کي ڪنهن به حالت ۾ مايوس نه هئڻ گهرجي. رجائي رهڻ ايمان جو ثبوت آهي ۽ نااميدي ڪفر آهي. مولانا رحمت الله عليه جن حيات نبوي ﷺ مان هڪ روايت ٿا نقل ڪن ته رسول ڪريم ﷺ جن هڪ دفعي نماز لاءِ وضو ڪرڻ ويٺا. پير ڌوئي جوراب پائڻ وارا هئا ته هڪدم هڪ جوراب هڪڙو پکي کڻي هوا ۾ اڏائڻو ۽ مٿي وڃي انهيءَ جوراب کي الٽو ڪيو ته ان مان نانگ ڪريو. نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ڏسو اسان هن جي هن حرڪت کي پکيءَ جي گستاخي سمجهو ليڪن هن جي هيءَ جفا ڪمال درجي جي وفا ثابت ٿي. اسين بشري تقاضا جي ڪري هن حرڪت تي رنجيده ٿياسين. جيڪا وقتي طرح اسان جي لاءِ غم ڏيندڙ هئي حالانڪ اها غم کي ٽارڻ واري ثابت ٿي. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته زندگيءَ ۾ اڪثر مصيبتن جي متعلق اهوئي نظريو قائم ڪجي ته جيڪي ڪجهه هليو ويو اهو اسان جي لاءِ خير ۽ برڪت ثابت ٿيندو. دير يا سوير انسان تي اهو منڪشف ٿي ويندو ته جنهن ڳالهه کي مون هڪ وقت ۾ بلا سمجهو هو اها ته منهنجي لاءِ بيحد نفع ڏيندڙ ثابت ٿي. جيڪڏهن اها مصيبت نه اچي ها ته مان هڪ تمام وڏي ڀلائيءَ کان محروم رهجي وڃان ها. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته جيڪڏهن مؤمن آهيو ته زندگيءَ جي متعلق اهوئي رجائي- پراميد رهڻ وارو نظريو اختيار ڪيو. هر هڪ مصيبت ۾ اهو يقين ڪيو ته اها هڪڙي تمام وڏي مصيبت کي ٽارڻ جو ذريعو آهي. گهڻي مال سان انسان وڏن وڏن ظاهري ۽ باطني مصيبتن ۾ مبتلا ٿي پوندو آهي ان ڪري فالتو مال جي ضايع ٿيڻ تي هرگز ماتم نه ڪيو بلڪ خوش ٿيو ته ان جي ڪري گهڻيون بلائون ٽري ويون. ڪنهن ڪنهن نه عمدي ڳالهه ڪئي آهي ته جيئن پيسن جي ٿيلهيءَ جو منهن چڱي طرح زور سان ٻڌي ڇڏيو آهي ته جيئن ان جو گلو چڱيءَ طرح بند رهي. مال جي گهڻائي انسان جي زندگي ۽ ان جي دل جو اهوئي حال ڪندو آهي. غريب ۽ مفلس سمجهندو آهي ته هي سرمائيدار وڏي اطمينان قلب جي زندگي گذاريندو هوندو. ليڪن جڏهن انهيءَ سرمائيدار جي زندگيءَ کي چڱيءَ طرح ڏسو ته معلوم ٿو ٿئي ته ان دولت ته هن جو گلو گهٽي ڇڏيو آهي ان کان ته روز ڪمائي حلال جي ماني کائيندڙ مزدور زياده مطمئن آهي. اجايون خواهشون اطمينان ڏيڻ جي بجاءِ غم ڏيندڙ هونديون آهن. اول اهو ته هي خوشيءَ ۽ راحت جا واعدا شيطان جي واعدن وانگر ڪوڙا هوندا آهن ۽ ڪڏهن به انسان کي حقيقي راحت نه ٿا پهچائن ٻيو اهو ته اجاين خواهشن ۽ لذتن جي ڪري حقيقي لذتن جو ذوق هليو ويندو آهي جيڪو هڪ شديد روحاني ۽ قلبي نقصان آهي. هن جو مثال مولانا رحمت الله عليه اهو ٿا ڏين ته گهڻن مردن عورتن يا ٻارن کي مٽي کائڻ جو چسڪو پئجي ويندو آهي. اهڙي انسان کي پوءِ گلقند ۾ اهو مزو نه ملندو آهي جيڪو مٽي کائن ۾ ٿو ملي.

اختيار عزت ۽ ذلت ٻنهين جو سبب بنجي ٿو سگهي

مولانا رحمت الله عليه جن بار بار انسان جي بااختيار هجڻ تي زور ٿا ڏين ۽ اهائي ڳالهه انهن کي گهڻن صوفين ۽ حڪيمن کان ممتاز ٿي ڪري. ليڪن عام حڪمت ۽ عام تصوف ۾ گهڻو ڪري جبر ڏي ئي لاڙو رهيو آهي. فرمائن ٿا ته خدا تعاليٰ جيڪو آدم کي باعزت ڪرڻ جو ذڪر ڪيو آهي ته اها عزت هن کي اختيار جي ئي بدولت حاصل ٿي آهي ۽ هي عزت (ڪرم) غلط استعمال سان ستم (ذلت) بنجي انسان کي ظالم ۽ جاهل به بنائي ٿي سگهي. اختيار جي تلوار الله تعاليٰ انسان جي هٿ ۾ ڏني آهي هاڻي هو چاهي ته رهزن بنجي زندگي گذاري ۽ وڻيس ته سڀني سچاين جي گلن مان رس چوسي ان مان ماکي ٺاهي ان مان جسماني ۽ روحاني شفا حاصل ڪري ۽ چاهي ته زهر کائي پنهنجي زندگي ئي ختم ڪري ڇڏي. قرآن پاڪ جو هي فرمايو آهي ته ڪافرن کي پيپ (پونءِ) پياري ويندي ته ان مان به اهو ئي مقصد آهي ته سندن ڪيل گناهن جا جراثيم سندن ئي غذا بنجي ويندا.

 

 

مثل ۽ مثال

اهو صحيح آهي ته عارف رومي رحمت الله عليه جي مثنوي کي پهلويءَ زبان جو قرآن چيو ويو آهي. اسلام جون ظاهري ۽ باطني حڪمتون ۽ معنوي صداقتون بيان ڪرڻ کان علاوه مولائي روم به قرآن وانگر تشبيهه ۽ تمثيل کان گهڻو ڪم ورتو آهي ۽ جيئن قرآن آگاهه ڪندو رهندو آهي ته تشبيهه صرف سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي لاءِ استعمال ڪئي وئي آهي. ڪٿي مثال کي مٿل نه سمجهجانءِ ۽ خدا جي ذات ۽ صفات جي متعلق مثال ڏئي ان سان گڏوگڏ اهو به ٿو آگاهه ڪري ته ليس کمثله شيءِ- ساڳئي طرح جنت جي متعلق ڪيترائي تفصيل ٿا ملن جن کي ظاهر پرست ۽ صورت پرستن مثال نه بلڪ مثل ۽ اصل سمجهي ورتو آهي. حالانڪ قرآن آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته جنت جو مثال اهڙو سمجهو ڄڻ ته هو هڪ باغ آهي. هڪ قصي جي دوران مولانا هڪ عورت جو ذڪر ڪن ٿا ته اولاد جي مسلسل موتن جي مصيبتن کان پوءِ خدا تعاليٰ ان کي جنت جي هڪ ڪيفيت ڏيکاري فرمائن ٿا ته بيان جي ڪمزوريءَ جي ڪري مان به چوان ٿو ته خدا هن کي هڪ سرسبز ۽ پربهار باغيچو ڏيکاريو حلانڪ جو ڪجهه ڏيکاريو ويو آهي ان کي ڀلا باغن سان ڪهڙي نسبت؟ ان جي ڪيفيت بيان جي دائري ۾ نه ٿي اچي سگهي ان ڪري هن کي مجبوراً باغ چئي ٿو ڇڏجي. هن تشبيهه کي ائين سمجهو ته خدا جنهن جو نور هن دنيا جي نور کان بلڪل مٿاهون ۽ بيان ۾ نه ايندڙ حقيقت آهي ان کي قرآن هڪ طاق ۾ فانوس جي اندر رکيل ڏيو چئي ڇڏيو. جنت جو به مثال ائين سمجهو فرمائن ٿا ته هن دنيا ۾ انسان جي سمجهه جي عاجزي يا گهٽتائيءَ سبب ناقابل بيان حقيقتن جا به ڪجهه مثال بيان ڪرڻا پوندا آهن، ته جيئن هن عالم ۾ انسان صرف حيرانيءَ ۾ گم نه رهن. انسان جي حيرانيءَ کي رفع ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه چوڻو پوندو آهي. ليڪن هنن نڪتي کي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي ته مثال ۽ مثل ۾ تمام وڏو فرق آهي. گهٽ سمجهه وارا ماڻهو جهالت جي ڪري مثال کي مثل سمجهندا آهن. خدا جي لاءِ زماني ۽ مڪاني تشبيهون استعمال ڪيون وينديون آهن ۽ جسماني عضون جو ذڪر به خدا جي واقعي ۾ ڪيو ويندو آهي ان ڪري ڌوڪو کائي گهڻا متڪلمين خدا جي جسم جا قائل ٿي پيا. عذاب ۽ ثواب جي ڪيفيتن جي نسبت وسيع سدا بهار باغ سمجهي ورتو آهي ۽ دوزخ کي هڪ خوفناڪ باهه جنهن ۾ ڪافرن جا ڪباب بنبا رهندا. جنهن سٺي نتيجي تي پهچندڙ عورت جو هن قصي ۾ ذڪر آهي. ان جي متعلق فرمائن ٿا ته خدا هن کي جنت ڏيکاري. پهريائين پاڻ به ان کي باغ سان تشبيهه ٿا ڏين ليڪن فوراً چون ٿا ته هڪ بي ڪيف نعمت کي مون باغ چئي ڇڏيو. اها سڀني باغن ۽ نعمتن جو اصل آهي ورنه اهو ڪو باغ ڪونهي جيئن خدا ڪو چراغ ڪونهي.

 

جزا ۽ سزا عملن جي موافق مگر هم جنس نه آهي

مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته نيڪ يا بدعمل جي جزا يا سزا ۾ تناسب ته هوندو آهي. ليڪن عمل ۽ ان جو نتيجو هم رنگ نه هوندا آهن. ڪنهن شخص عبادت ڪئي ۽ ان کي جنت ملي ليڪن عبادت ۽ باغ و بهار جي جنس ته هڪ نه ٿي. هن دنيا ۾ به فعل ۽ جزا هڪ رنگ نه هوندو آهي. هڪ شخص پٿر ڍوئي ٿو ۽ ان جي بدلي ان کي چانديءَ جا سڪا معاوضي ۾ ملن ٿا. ڏسو هتي پٿر چاندي بنجي ويا. مزدون جي مزدوريءَ کي هڪ شيءِ سمجهو ۽ ان جي اجرت يا معاوضي کي ان جو جوهر سمجهو جنهن مان ڪيترن قسمن جي راحت ۽ آسائش جون شيون پيدا ٿي ٿيون سگهن. هڪ شخص زنا ٿو ڪري ۽ ان کي سزا ۾ هڪ سئو ڏنڊا لڳايا ٿا وڃن. جيڪڏهن هو چوي ته هي ڏنڊا ته زنا جا هم جنس نه آهن. فعل ۽ سزا ۽ جزا افعالن جي پيداوار ته هوندي ليڪن انهن جي هم رنگ يا هم جنس نه هوندي. عالم مثال ۾ جزائون ۽ سزائون عجيب عجيب رنگ اختيار ڪنديون. نيڪ عملن جي جزائيت جنت جي حالت پيدا ڪندي ۽ برن عملن جي سزا جهنم جي باهه نانگ ۽ وڇون بنجي ويندا. مولانا رحمت الله عليه جن جو هي عقيدو به آهي ته هن دنيا ۾ گهڻو ڪري ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته هڪ شخص بغير ثبوت جي هڪ تهمت ۾ گرمتار ٿي ذليل ۽ خوار ٿيو. عدالت به ان جي خلاف غلط فيصلو ڏنو. انسان سمجهي ٿو ته هي ته انڌيري نگري معلوم ٿي ٿئي . ليڪن انڌير نگري نه هن دنيا ۾ آهي ۽ نه آخرت ۾. انهيءَ شخص جيڪو هن وقت بيڏوهو سزا ۾ ڦاٿل ٿو معلوم ٿئي ضرور ڪنهن ٻئي وقت ۾ ڪو اهڙو ئي گناهه ڪيو هوندائين جنهن جي سزا هاڻي هتي منتقل ٿي وئي آهي. جيڪڏهن ان ۾ بصيرت هجي ته سمجهي وڃي ته هتي ته برابر بي گناهه ڦاسجي پيو آهيان ليڪن ٻين ڏوهن جو ڏوهي ته رهيو آهيان جن جي سزا منهنجي منتظر هئي. مون هڪ شخص تي ظلم ڪيو هو جنهن جي آهه جو تير مون کي اچي لڳو آهي.

جيڪڏهن تون انسانن سان مهرباني ۽ محبت سان پيش اچين ۽ ان جي جزا ۾ جنت ۾ توکي کير جي نهر جي خوشخبري ڏني وڃي ته توکي تعجب ڇو ٿو ٿئي؟ آخر هتي هن دنيا ۾ ڇا ماءُ جي محبت ان جي ڇاتيءَ ۾ کير جون نهرون پيدا ڪانه ٿي ڪري؟ آخرت جي کير جي نهر جي ڪيفيت بيان کان ٻاهر آهي ليڪن هن دنيا ۾ ماءُ جي محبت ۽ ماءُ جي کير جي مثال سان ڪجهه ڳالهه تنهنجي سمجهه ۾ اچڻ گهرجي.

تدريج

مولانا رحمت الله عليه راتقائي حڪيم ۽ صوفي آهن. هستيءَ جي بيشمار درجن جا قائل آهن ۽ انهيءَ ڳالهه کي ذهن نشين ڪرائڻ ٿا گهرن ته تدريج خدا جو قانون آهي. جيڪا شيءِ به وجود ۾ اچي ٿي ان جي تڪميل جي لاءِ هڪ وقت مقرر آهي جهڙي طرح داڻي مان وڻ ۽ ڦر تائين تدريج آهي (مختلف درجا آهن) اهڙي طرح زندگيءَ جي هر شعبي ۾ آهي. فرمائن ٿا ته خدا خود پاڻ تي انهيءَ قانون جي پابندي لازم قرار ڏئي زمين ۽ آسمان کي ڇهن ڏينهن ۾ بنايو (خدا جو هڪ ڏينهن اسان جي هزارها سالن جي برابر ٿيندو آهي) حالانڪ هو محض ڪُنُ فيڪون سان هزارها ڪائناتون يڪدم پيدا ڪرڻ تي قدرت رکي ٿو. خدا جلد باز نه آهي. جلد بازي ته شيطان جو ڪم آهي التاني من الله والعجلته منب الشيطان (حديث) يعني آهستگي الله جي سنت آهي ۽ جلدبازي شيطان جي خصلت.

فرمائن ٿا ته تدريجي (درجي به درجي) ترقيءَ سان زندگيءَ ۾ اضافو ۽ پاڪيزگي پيدا ٿيندي آهي. هڪ ننڍي نهر به جيڪا هلندي رهندي آهي اها نه پليت ٿيندي آهي ۽ نه گندي، تدريجي ترقي اقبال ۽ سُرور جي ضامن آهي. جهڙي طرح آهستي آهستي ڪجهه ڏينهن تائين مرغي پنهنجي جسم جي گرميءَ سان آني کي ڦوڙيندي آهي.

الدنيا سجن المؤمنين

مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته جن عارفن کي هن دنيا کان بهتر عالم جو عين اليقين آهي. اهي هن دنيا کي هڪ قيدخانو ٿا سمجهن جنهن ۾ خدا جي مرضيءَ جي مطابق تڪميل ۽ تعليم لاءِ ڪجهه ڏينهن بسر ڪرڻا آهن. ليڪن قيدخاني ۾ خوشيءَ سان ڪير ٿو رهي. هتي گهڻا ڏينهن رهڻ راحت جو سبب ته نه ٿو ٿي سگهي نه ديندارن لاءِ ۽ نه دنيادارن جي لاءِ، وڏي عمر ۾ انسان ظاهر ۾ ڪمزور ۽ ڪٻڙو ۽ باطن ۾ سمجهڻ کان خالي ٿيندو ويندو آهي. هيءَ دنيا ڏسڻ ۾ ته گهڻو وڏي ٿي اچي. ليڪن اهل دل جو هن ۾ ساهه گهٽجڻ لڳندو آهي. جهڙي طرح هڪ گرم حمام ۾ جنهن جا ڪمرا ته وسيع هجن مگر خوب گرم هجي ته ان مان انسان جلدي ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. يا هڪ ٻيو مثال وٺو ته ڪو شخص سوڙهو ۽ تڪليف ڏيندڙ جوتو پائي ڪنهن وسيع جهنگل ۾ گهمي رهيو هجي. ڏسڻ وارو سمجهندو ته سير و تفريح ڪري رهيو آهي ليڪن ان کي معلوم ناهي ته هو ڪيتري تڪليف ۾ مبتلا آهي.

وڏي ڏاڙهي

معلوم ٿو ٿئي ته مولانا رحمت الله عليه جي زماني ۾ به گهاٽي ۽ ڊگهي ڏاڙهي وارا ماڻهو عام طرح بيوقوف خيال ڪيا ويندا هئا ۽ اهڙو شخص جنهن جي ڏاڙهيءَ جا وار ٿورا هجن ڊگهي ڏاڙهيءَ واري جي مقابلي ۾ عقلمند سمجهو ويندو هو. فرمائن ٿا ته جيترو هڪ اهل دل تنهنجي حال کان واقف آهي. اوترو تون پاڻ نه ٿو ڄاڻين جيئن ننڍي ڏاڙهي واري کي ته ٻين جي گهر جو به حال معلوم ٿيندو آهي ليڪن ڊگهي ڏاڙهيءَ واري کي پنهنجي گهر جو حال به معلوم نه هوندو آهي.

انساني ۽ الهيٰ صفتون

علم دين جو هي هڪ اهم مسئلو آهي ته خدا جون جيڪي صفتون بيان ڪيون وينديون آهن اِهي اُهي صفتون آهن جيڪي انسان ۾ موجود آهن. ليڪن خد اوٽ انهن جي اها ڪيفيت نه آهي جيڪا انسان جي اندر آهي. انسان ڪڏهن خوش ٿيندو آهي ڪڏهن ناراض. اهڙي طرح خدا جي نسبت به چيو ويندو اهي ته خدا نيڪيءَ سان خوش ٿيندو آهي ۽ بديءَ سان ناراض ٿيندو آهي. ليڪن خوشي ۽ ناخوشي ته انساني نفس جون تبديل ٿيندڙ ڪيفيتون آهن. ناراضگيءَ ۾ انسان ڳاڙهو پيلو ٿي ويندو آهي. ڇا الله تعاليٰ جي حالت به ظالمن جي عملن سان اهڙي قسم جي ٿي ويندي آهي؟ اهڙو خيال ڪرڻ به ممڪن نه آهي اهڙي طرح خدا کي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وارو چوندا  آهن ليڪن ٻڌڻ ۽ ڏسڻ ته اسان جي حواسن جو ڪم آهي. خدا پاڪ جون نه ته اکيون آهن ۽ نه ڪن ته پوءِ هن وٽ ڏسڻ ٻڌڻ جي ڇا معني آهي؟ عارف رومي رحمت الله عليه هن جو هڪڙو حڪيماڻو جواب ٿا ڏين ته خدا جي وصفن کي ڪنهن حد تائين سڃاڻي ٿو سگهجي ليڪن انهن وصفن جي اصليت اها نه ٿي ٿي سگهي جيڪا انسان ۾ ٿي ملي. خدا رحيم آهي، رحمت جا آثار جيڪي زندگي ۽ ڪائنات ۾ ٿا ملن انهيءَ ڪري اسين هن کي رحيم ٿا چئون ورنه خدا تعاليٰ ۾ رحيم هجڻ جي صفت اسان وانگر ته نه ٿي سگهي ڇو ته اسان جي رحم ۾ ته غم به شامل هوندو آهي ليڪن خدا جي رحم ۾ غم جو گڏجڻ ناممڪن آهي. ان ڪري ان جو رحم اسان جي رحم کان ڪجهه الڳ ئي شيءِ آهي. اهوئي حال صفتن جو آهي. ڪجهه خدا جا پهتل ٻانها اهڙا به آهن، جن کي الله تعاليٰ جي صفتن جي اصليت جو به علم آهي. ليڪن اهو عوام جي سمجهه ۾ اچڻ وارو نه اهي. ان ڪري تشبيهن ۽ مثالن کان ڪم وٺڻو ٿو پوي. عام ماڻهو روحاني حقيقتن جي باري ۾ نابالغ ٻار وانگر آهن. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته جيسين جنسي فطرت انسان جي جذبي کي بيدار نٿي ڪري تيسين بالغ ٿيڻ کان پوءِ همبستريءَ جي لذت ننڍن ٻارن کي ڪير سمجهائي سگهندو؟ اگر ڪو نابالغ ٻار ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ته ان کي بس اهو چئي سگهبو ته هن ۾ اهوئي مزو آهي. جيڪو حلوي کائڻ ۾ آهي. هاڻي هي ٻار همبستريءَ جي لذت کي ڪجهه به سمجهيو ليڪن اصل حقيقت جي مقابلي ۾ خاڪ سمجهيائين؟ الله تعاليٰ جي صفتن کي به سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جو اهوئي حال آهي.

وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود

توحيد جي باري ۾ وحدت الشهود ۽ وحدت الوجود جي مسئلن جي پاڻ ۾ ايتري ته ويجهڙائي آهي جو مولانا رحمت الله عليه جي گهڻن شعرن مان ته اهو گمان ٿو ٿئي ته پاڻ به حضرت ابن العربيءَ وانگر وجود يا همه اوستي آهن. ليڪن سندن اصل مسلڪ وحدت الشهود ئي معلوم ٿو ٿئي ته خدا جي سڄي مخلوق جي ظاهر ٿيڻ ۾ واحد ذات جي وحدانيت موجود آهي. ليڪن خالق ۽ مخلوق جو فرق به موجود آهي. هي فرق فنا في الله ٿي به برقرار ٿو رهي. جنهن شخص مطلقا پنهنجي مرضيءَ کي خدا جي مرضيءَ ۾ ختم ڪري ڇڏيو آهي ان جي انفراديت خدا جي نزديڪ گهٽ هجڻ جي باوجود به موجود ته آهي. باهه ۾ پيل لوهه جو مثال ڏيندي فرمائن ٿا ته هڪ باهه هو جون گهڻيون صفتون حاصل ته ڪري ٿو وٺي. ليڪن هن جي اصليت بلڪل ختم ڪانه ٿي ٿئي. وري وحدت الشهود کي ٻين مثالن سان سمجهائڻ ٿا چاهين فرمائن ٿا ته جيڪڏهن منجهند جي ٽائيم تي ڪو شخص سج جي تيز روشنيءَ ۾ شمع ٻاري ته روشنيءَ جي لحاظ کان اها آهي به ۽ نه هجڻ جي برابر به آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ آهي ته ڪپهه کي ان جي شعلي تي رکي ڏسي هڪدم شمع ان کي جلائي پنهنجي هستيءَ جو ثبوت ڏيندي. هڪڙو ٻيو مثال اهو آهي ته ٻه سئو مڻ ماکيءَ ۾ جيڪڏهن ٻه تولا سرڪي جا وجهي ڇڏيو ته ماکيءَ جي ايتري وڏي مقدار ۾ سرڪي جو وزن آهي پر نه هجڻ جي برابر آهي. هاڻي جيڪڏهن وزن ڪيو ته ٻه تولا سرڪي جي وزن جا وڌيڪ ٿي ويندا. بهرحال هو غائب ته ڪونه ٿي ويو. اهڙي طرح زندگي ۽ ڪائنات جو مقدار جيڪو اسان کي بيحد معلوم ٿو ٿئي ليڪن خدا پاڪ جي لامحدود قدرت جي مقابلي ۾ گهٽ ٿو معلوم ٿئي. مگر ختم نه آهي فنا في الله باقي بالله انسان جي هستيءَ جو به اهوئي حال آهي.

شر جي وجود جو سبب

مولانا رحمت الله عليه بار بار انهيءَ مسئلي ڏي رجو ٿا ڪن جنهن جي ڪري گهٽ عقل وارن جو خداءِ رحيم و قادر تي ايمان آڻڻ ۾ رڪاوٽ ٿي ٿئي. هي مسئلو شر جي وجود جو سبب آهي ته جيڪڏهن خدا سراسر خير ۽ مڪمل رحمت ۽ ڪامل قدرت وارو آهي ته پوءِ زندگيءَ ۾ نقصان پهچائڻ واريون حالتون ڇو ٿو پيدا ڪري؟ مولانا رحمت الله عليه جن جو حڪيماڻو جواب هي آهي ته زندگي هڪ رنگ جو نالو نه آهي. خدا تعاليٰ رات ۽ ڏينهن جي اختلاف کي پنهنجي نشانيءَ طور ٿو پيش ڪري. جيڪڏهن هميشه ڏينهن ئي ڏينهن هجي ها ۽ ماڻهو مسلسل دنياوي ڪاروبار ۾ مشغول رهن ها ته بغير آرام جي انهن جون طاقتون جلد ختم ٿي وڃن ها. الله تعاليٰ هن عالم ۾ هرهڪ شيءِ جو ضد پيدا فرمايو آهي. زندگيءَ جي بهار ۽ ان جي بقا انهيءَ رنگا رنگي ۽ اختلاف ۾ آهي.

گلهائي رنگ رنگ سي هي رونق چمن مين

اي ذوق اس چمن کو هي زيب اختلاف سي

انهن ئي معنائن ۾ رسول ڪريم ﷺ جي اختلاف کي پنهنجي امت لاءِ رحمت لاءِ رحمت قرار ڏنو آهي.

مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته جدوجهد ڪرڻ واري مجتهد جي لاءِ غم آميز صبر مقصد جي حاصل ٿيڻ جي ضمانت آهي. راحت جيڪا غم جو ضد آهي ان جو احساس به رنج کان پوءِ ٿي ٿو سگهي پر جيڪڏهن مسلسل راحت هجي ته ان جو ڪو احساس ئي نه ٿئي. ان کان بعد انسان جسم مان ئي هڪ مثال ٿا ڏين ته انسان ڪڏهن پنهنجي مٺ کي بند ٿو ڪري ۽ ڪڏهن کولي ٿو پر جيڪڏهن بندجي بند رهجي وڃي ته مفلوج ٿي بيڪار ٿي پئي. زندگيءَ جي هر شعبي ۾ اهڙي طرح غم ۽ خوبي هڪ ٻئي پٺيان ايندا آهن. جنهن مان زندگيءَ جي بقا ۽ تقويت حاصل ٿي ٿئي. هن عالم ۾ هڪ ئي حالت خوشيءَ واري کي قائم رکڻ جي خواهش هڪ احمقانه آرزو آهي ڇو ته هن طرح هڪ ئي حالت تي رهڻ سان ان جو احساس به ختم ٿي ويندو. قبض ۽ بسط تنگي ۽ ڪشادگي زندگيءَ جي پکيءَ جا ٻه پر آهن جيڪڏهن انهن مان ڪو هڪ ئي پر رهجي وڃي ته زندگيءَ جو پرواز ئي ناممڪن ٿي پوي. جنهن شر کي خدا پنهنجي طرف منسوب ڪري ان کي پنهنجي ئي مخلوق ٿو قرار ڏئي حقيقت ۾ اهوئي خير جي اچڻ جو سبب ٿو بنجي.

 

عشق ڪتابي علم نه آهي

 

عشق الاهيءَ جي متعلق مولانا سوين طريقن سان انهيءَ ڳالهه کي ورجائن ٿا ته هيءَ شيءِ فقه، تفسير ۽ حديث جي درسن مان پيدا نه ٿيندي آهي. ان جي لاءِ اهل دل جي صحبت، درد ۽ سوز و گداز پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. مقلد جو دين ته ڪتابي يا روايتي ٿيندو آهي. ليڪن محقق ۽ عارف جي لاءِ روحاني حقائق هڪ ذاتي تجربو هوندا آهن. جن  جي بدولت علم اليقين ئي نه بلڪ عين اليقين ۽ حق اليقين پيدا ٿيندو آهي. جيڪڏهن درس ۽ تدريس سان هيءَ شيءِ پيدا ٿي سگهي ها ته امام ابو حنيفه رحمت الله عليه ۽ امام شافعي رحمت الله عليه جيڪي فقه جا وڏا قابل هئا هن باري ۾ ڪجهه نه ڪجهه لکن ها. ليڪن فقه بلڪ حديث جا ڪتاب ڪنهن عالم جو وڏو تفسير به هيءَ ڳالهه پيدا نه ٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن ڪنهن عاشق الاهيءَ کي سمر قند ۽ بخارا ڏي ويندي ڏسو ته هي نه سمجهو ته ڪنهن فقيهه يا محدث کان سبق پڙهڻ وڃي رهيو آهي. هو ته دوست جي حسن جي تلاش ۾ سرگردان آهي اهوئي دوست جو حسن هن جو ڪتاب به آهي ۽ مدرس به.

حضرت بايزيد بسطامي رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته فقيه ۽ محدث راوين جي ثقه يا غير ثقه هجڻ ۾ اٽڪندا ٿا وتن ۽ روايتن جي تصديق ۾ عمريون گذاري ٿا ڇڏن حالانڪ انهن مان ڪوبه راوي زنده ڪونهي روحاني وجدان سڌو سنئون زندهه خدا جو فيض آهي. ان ۾ دنيا مان گذري ويل راوين جو ڪوئي سلسلو ڪونهي.

مادي عالم هجي يا روحاني عالم انسان جي فطرت اها آهي ته ان کي اصل يقين ڏسڻ سان پيدا ٿيندو آهي ٻڌڻ سان نه، نبي، ولي ۽ عارف ڏسڻ سان فيضياب ٿيندا آهن. ان ڪري انهن کي تنهنجي استدلالي ۽ ڪتابي دانش جي ضرورت ڪانه هوندي آهي. غيب تي ايمان ته در کان ٻاهر وارن ماڻهن لاءِ آهي. جنهن کي خدا سان اڪيلائي نصيب ٿي وئي اهو ڪتابن کان بي نياز بلڪ بيزار ٿي ويندو آهي. دنيادار دنياوي مالڪ ۽ اسباب ۽ لذتن کي آخر ايتري قدر ڇو چنبڙندا آهن ۽ دنيا انهن جي مٿان آخر ڇو ايتري غالب رهندي آهي؟ ان جو اصل سبب هي آهي ته دنياوي شيون انهن ڏٺيون آهن ۽ ديني حقيقتون صرف ٻڌيون اٿن. انسان تي دين به ان حالت ۾ غالب اچي ٿو سگهي جڏهن ان جا اسرار ۽ حڪم ان جي لاءِ ديد (ڏٺل) بنجي وڃن. ان کان سواءِ گهڻو ڪري گمان ئي آهي جيڪو قرآن جي مطابق انسان کي حق کان بي نياز نه ٿو ڪري سگهي. هن دنيا کي ڏسڻ جي ڪري ماڻهو ان کي نقد ٿا سمجهن ۽ دين جي واعدي کي اوڌر ٿا سمجهن ۽ اوڌر نقد جي مقابلي ۾ بي اعتبار هوندي آهي.

دنيا کي چنبڙڻ وارا ان جي نعمتن جي ڪري ان کي ڇڏڻ نه ٿا چاهين مگر دنيا جون نعمتون به ته سراسر باطل ۽ بيڪار نه آهن اهي به خدا جلشانه نعمتن عطا ڪرڻ واري جو انعام آهن ۽ خدا خود قرآن ۾ فرمائي ٿو ته ڪير آهي جيڪو الله جي نعمتن ۽ زينتن کي حرام چئي؟ ليڪن دنيا جا طلبگار ڪمزور نظر جي ڪري اهو وساري ٿا ڇڏن ته هن عالم تنگ دست جون نعتون به مٿاهين عالم جو فيضان آهن. لامڪان جي ئي فيض سان مڪان سينگاريل آهي. هن دنيا کي روحاني باغ جي مقابلي ۾ هڪ پڃري کان ٻاهر جي ميدانن باغن ۽ فصلن مان آيو آهي. انبياءَ ۽ اولياءَ کي هن دنيا جي پڃري ۾ رهڻ جي باوجود ان جو يقيني علم هوندو آهي ته هي سڀ ڪجهه مٿاهين عالم جي وسيع باغ مان اچي رهيو آهي. هن پڃري مان هو هر وقت انهيءَ باغ کي ڏسندا رهندا اهن ۽ جڏهن هن پڃري جون ڪاٺيون ٽٽنديون آهن ۽ هو آزاد ٿيندا آهن تڏهن باغ باغ ٿي (يعني انتهائي خوشيءَ سان) اصل باغ ڏي پرواز ڪندا آهن.

 

برائيءَ جي باوجود انسان جو احترام

انسانيت جو احترام هر حالت ۾ لازمي آهي. جيڪڏهن انتظام يا قانون جي خاطر ڪنهن تي سختي ڪرڻ جي ضرورت پيش اچي ته به هميشه ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته ان شخص کي نقصان پهچائڻ يا ان کي برائيءَ جو بدلو وٺڻ جي نيت نه هجي. بدي ڪرڻ واري شخص جي بديءَ جي خلاف جيڪا سختي ڪرڻ ضروري هجي اها ڪجي ليڪن سختي يا سزا اصلاحي هئڻ گهرجي. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته جڏهن ڪو شفيق استاد توکي سزا ٿو ڏئي ته ان جي جفا نه سمجهو هو توتي ڪو ظلم ڪرڻ ڪونه ٿو گهري بلڪ هو تو مان تنهنجي بديءَ کي ڪڍڻ ٿو گهري. هڪرو شخص ڪنهن سٺي غاليچي يا قالين کي لڙڪائي ڏنڊا هڻي رهيو هو ته ظاهر آهي ته هو پنهنجي قيمتي غاليچي کي نقصان پهچائڻ لاءِ ته ائين ڪونه پيو ڪري اهو ته هن جي ملڪيت آهي ان مان صرف مٽي ڪڍي صاف ڪرڻ لاءِ هن کي ماري ۽ جهٽڪا ڏئي رهيو هو.

سست رفتار گهوڙي کي چابڪ هڻي تيز رفتار بنايو ويندو آهي. ظاهر اهي گهوڙي سان ته مالڪ کي ڪا دشمني ڪانهي. ڪو استاد هڪ يتيم ٻار کي مار ڪڍي رهيو هو شخص ڏسي چيو ته توکي خدا جو خوف ڪونه ٿو ٿئي هڪڙي يتيم کي ماري رهيو آهين. يتيم کي ڪاٿي ٿو ماريان مان ته ان شيطان کي ماري رهيو آهيان. جيڪو هن ۾ گهڙي ويو آهي. ماءُ جڏهن پنهنجي ٻار کي چوندي اهي ته تون مري وڃين ته اها هن جي ان بدعادت جو خاتمو گهرندي آهي. پنهنجي ٻار جو موت ته هن لاءِ وڏو دل ڏکوئيندڙ حادثو آهي.

 

نفس اماروئي شيطان آهي

فرمائن ٿا ته شيطان انسان کان الڳ ڪو مستقل وجود ڪونه ٿو رکي. نفس امارو ۽ شيطان هڪ ئي معنيٰ جون به مخلتف صورتون آهن. اهڙي طرح عقل جيڪو زندگي ۽ ڪائنات ۾ ڪارفرما آهي. اهو ملائڪن جو هم ذات آهي. مولانا رحمت الله عليه جن جو اهوئي عقيدو سندن ڪتاب ”فيه مافيه“ مان به ملي ٿو. جتي هو ملائڪن کي عقل ڪل جو صورتون ٿا قرار ڏين ۽ فرمائن ٿا ته ميڻ جي پکي ته ٺاهي ٿا سگهجن پر جڏهن ان کي رجائيندؤ، ته ميڻ کانسواءِ ڪجهه نه نه نڪرندو. اهڙي طرح ملائڪن جي صورتن کي جيڪڏهن هڪ معنيٰ ۾ ضم ڪري ڇڏجي ته عقل ڪل کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو.

شيطان انسان جي اندر ئي آهي ۽ ان جي نفس کان ٻاهران ان جو ڪوبه مقام ڪونهي. اهو رت وانگر انسان جي رڳ رڳ ۾ گهمندو آهي. حديث شريف ۾ آهي ته تنهنجو سڀ کان وڏو دشمن تنهنجو نفس آهي. جيڪو تنهنجي ٻن حسن جي وچ ۾ يعني تنهنجي باطن ۾ آهي.

 

دنيا جون ناپائدار لذتون برف جا رانديڪا آهن

دنيا جو مال متاع ۽ اقتدار وغيره  ۽ انهن جون لذتون برف جا رانديڪا آهن. جيڪي حالتن جي تبديلي يا موت جي گرميءَ سان پگهرجي وينديون. الله تعاليٰ ٻارن واري طبيعت رکندڙ انسانن کي فرمائي ٿو هي مون کي ڏيو. آءُ ان کي خريد ٿو ڪيان ۽ ان جي بدلي ۾ اوهان کي زياده سڪون ڏيندڙ ۽ پائدار نعمتون عطا ڪندس ليڪن خدا سان سواءِ ڪن ٿورڙن جي ٻيو ڪير به اهو سودو ڪرڻ نه ٿو چاهي. ان جو سبب اهو آهي جو عام انسان کي خدا جي واعدي جو يقين ڪونهي. ٿورو گهڻو گمان آهي. ليڪن گمان انسان کي عمل تي آماده نه ٿو ڪري سگهي ان کان بعد هڪ حڪيماڻو نڪتو ٿا بيان فرمائن ته انسان گمان سان مطمئن نه ٿيندو آهي. هن جي فطرت يقين جي آرزو رکندڙ آهي. مگر دنيا جي پڪڙ ڌڪڙ اهڙي ته آهي جو انسان دين جي باري ۾ پنهنجي فطرت جي هيءَ تقاضا پوري ڪري نه ٿو سگهي. مولانا رحمت الله عليه جن چار درجا بيان فرمايا آهن. گمان کان مٿي علم ۽ علم کان مٿي يقين ۽ يقين کان مٿي سڌو سنئون مشاهدو يا ڏسڻ.

 

سڄي فطرت حسن ۽ عشق سان ڀريل آهي

فرمائن ٿا ته توکي عارفن جي ڏسڻ واري لذت (مشاهدي) مان تعجب ڇو ٿو ٿئي؟ جنهن هستيءَ مکڙيءَ جي فطري ڪَنَ ۾ ڪا ڳالهه چئي ۽ هو ٽڙيل گل بنجي پئي. جنهن سروءَ جي وڻ کي سڌو ۽ ڊگهو ڪيو. جنهن نرگس ۽ نسرين جي گلن ۾ رنگ ۽ خوشبوءِ پيدا ڪئي. جنهن خاڪ مان گل ڦل ۽ باغ بنايا، جنهن زبان ۾ جادوءَ جهڙو تاثير رکيو، جنهن کاڻ ۾ جواهرات وغيره بنايا. ڇا اهو ڪنهن عاشق جي اندر عشق ۽ ديدار جو ذوق پيدا ڪرڻ کان عاجز آهي؟ ڇا هو هن اشرف المخلوقات ۾ بلند درجي جو عرفان نه ٿوپيد اڪري سگهي؟ ڇا هن جي اخلاقي قوت موجودات  جي حسن آفرينيءَ ۾ ختم ٿي چڪي آهي؟

نبي سڳورا پنهنجي مقصد ۽ مضبوط پٿر وانگر هوندا آهن ۽ انهن جا مخالف انهن جي مقابلي ۾ مٽيءَ جا ڀتر هوندا آهن. پٿر ۾ سختي ته خدا تعاليٰ جي پيدا ڪيل آهي. ڀتر سرون ڍاهڻ وارا ٺاهيندا آهن. نبين سڳورن جي استقامت جو اصل سبب اهو هوندو آهي ته خدا انهن جي پشت پناهي فرمائيندو آهي. جنگ ڪرڻ وارن ڪافرن جا انبوهه هن جي سامهون ٻڪرن جا انبوهه هوندا آهن. ٻڪرن کي ذبح ڪرڻ کان ڪهڙو ڪاسائي گهٻرائيندو آهي.

 

الله تعاليٰ جي رحمت هستيءَ جي اساس آهي

هڪ قدسي حديث شريف ۾ آيو آهي ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته سبقت رحمتي علي غضبي يعني منهنجي رحمت منهنجي غضب تي غالب آهي. سبقت زماني به ٿي سگهي ٿي ۽ افضليت جي لحاظ سان به. لحاظ ٻنهي کان الله تعاليٰ جي رحمت ۽ ان جي غضب تي سبقت ٿي رکي. خدا ڪو ظالم ته نه آهي جو هن کي غضب ۽ قهر ۾ ڪنهن تيمور يا چنگيز وانگر مزو ايندو هجي. ان جو غضب امتحاني ڪرڻ چاهيو ته پهريون شرط هي آهي ته الله تعاليٰ پهريائين ان کي صحت عطا ڪئي هجي جنهن کي ترقي ڏئي هو پهلوان بنيو آهي. اهڙي طرح خدا جيڪڏهن ڪنهن جي عقل جو امتحان ڪرڻ چاهي ته پهريائين  ان کي عقل عطا ڪندو. جيڪڏهن هن جي سيرت کي مڪمل ڪرڻو آهي ته پهريائين ان کي اختيار ڏيندو ۽ سيرت سازيءَ جو سامان مهيا ڪرڻو پوندو. خدا جيڪڏهن مؤمنن جي هيءَ صفت بيان ٿو ڪري ته ”مما رزقناهم ينفقون“ خدا تعاليٰ جو ڪجهه انهن کي عطا ڪيو آهي. اهو ان جي راهه ۾ خرچ ٿا ڪن ۽ محتاجن جي ضرورتن کي پورو ٿا ڪن ته جيسين پهريائين عطا نه ڪيو وڃي تيسي زڪوات ۽ خيرات جي تقاضا ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ نفس ڪشي ۽ زندگيءَ جي ڇڪتاڻ ۽ جان و مال جي نقصان سان انسان جو امتحان انهيءَ وقت ئي ٿي سگهندو. جڏهن فطرت ان کي پهريائين جان ۽ مال جو سرمايو عطا فرمائي.

مولانا رحمت الله عليه جن هڪ مثال ٿا پيش ڪن ته هڪ گهر جي عورت چڻا ڀڃي رهي هئي. چڻن شڪايت ڪئي ته معصومن تي ظلم ڇو پئي ڪرين؟ هن جواب ڏنو ته مان ظلم ڪانه ٿي ڪيان. مان توهان کي زياده لذيذ ٿي بنايان ته جيئن توهين انسان جو جز بنجي انسان بنجي وڃو. ٻنيءَ ۾ به توهان جي پرورش ۽ آبياري انهيءَ لاءِ امتحان لاءِ ڪئي وئي هئي. جنهن کي توهان غضب ۽ ظلم يا قهر سمجهي رهيا آهيو. ڏسو رحمت انهيءَ قهر تي مٿاهين هئي يا نه؟ شروع کان آخر تائين توهان کي رحمت ئي هن درجي تي پهچايو آهي. هاڻي به هي امتحان توهان جي ترقيءَ لاءِ آهي. مون  کي توهان سان ڪابه دشمني ڪانهي منهنجا مٺا. مان ته توهان کي جان جو حصو بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهيان.

چڻن ڀڃڻ واري عورت انهن سان مخاطب ٿي اڃا وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته مان انسان جي حيثيت ۾ اهڙيون ئي منزلون ترقيءَ جون طئي ڪندي آئي آهيان. توهان وانگر مان به شروع ۾ مٽي پاڻي هوا ۽ گرميءَ کان فيضياب ٿي ۽ انهن ئي چئن عنصرن جو جز هئس ان کان پوءِ مان هڪ سوچڻ ۽ ڳالهائڻ واري هستي بنجي ويس. ان کان بعد فرمائن ٿا ته ترقيءَ جا هي اصول قرآن حڪيم مان ئي ورتا ويا آهن. ليڪن گهٽ سمجهڻ وارا انسان هن جي سمجهڻ مان ڌوڪو کائي ٿا سگهن. الله جي رسيءَ کي پڪڙڻ کان پوءِ ڪجهه ماڻهو گمراهيءَ جي کڏ ۾ وڃي ڪريا. ان ۾ رسيءَ جو ته قصور ڪونهي. انهن ڪم بختن جو ميلان ئي گمراهي جي کڏ ڏي هو ۽ مٿاهين منزلن ڏي هلڻ جو جذبو ئي ڪونه هئن.

 

قصا ۽ حقيقتون

مثنوي ۾ نهايت گهرا حڪيماڻا نڪتا ۽ دين جا اسرار معمولي قصن جي آڙ ۾ بيان ڪيا ويا آهن. قصو يا افسانو صرف بهانو هوندو آهي. مولانا رحمت الله عليه جن انهيءَ طريقي سان بي بها جواهر ڦهلائيندا ٿا هلن. جيڪو شخص انهن اصل جواهرن جو ڳولائو آهي ان جي نظر انهن قصن ڪهاڻين جي ظاهري لفظن کي نظر انداز ڪندي حڪمت ۽ عرفان جا موتي ٿي ڳولي. ليڪن جنهن جو ذوق، عرفان ۽ حڪمت سان نه آهي اهو مثنوي شريف جا چند ورق پڙهي ڇڏي ڏيندو ته سمجهندو ته هي ته اجاين قصن ۽ ڪهاڻين جو دفتر آهي. اهڙي قسم جي هڪ بي ذوق شخص مولانا رحمت الله عليه جي قصن تي اعتراض ڪيو ته تاريخي لحاط کان هي درست نه آهن. ان جو مولانا رحمت الله عليه جن جيڪو بهترين جواب ڏنو آهي سو هن کان اڳ لکجي چڪو آهي. هاڻي هڪڙو ٻيو شخص هن مثنويءَ جي متعلق اعتراض ڪرڻ لڳو ته ماڻهو هن کي تصوف جو ڪتاب  ٿا سمجهن مگر اسان کي ته هن ۾ تصوف جي علم جي ڪابه وضاحت يا تفصيل نظر ڪونه ٿو اچي نه ئي معرفت ۽ سلوڪ جا اسرار هن ۾ ملن ٿا ۽ نه ولايت جون منزلون مقام ۽ احوال هن ۾ نظر ٿا اچن. بس صرف ٻارن کي خوش ڪرڻ واريون ڪهاڻيون آهن. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته اهي اعتراض ڪرڻ وارا انهن مڪي جي ڪافرن جا هم خيال آهن جن قرآن پاڪ ۾ انبياءَ ڪرام عليهم السلام جا قصا ٻڌي چيو هو ته هي ته محض ”اساطير الاولين“ آهن مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته مون کي اهڙن احمق حاسدن کان ڪو ڏک ڪونه ٿو ٿئي. ليڪن اهو خطرو محسوس ٿو ٿئي ته ڪجهه سادا ماڻهو انهن اعتراض ڪرڻ وارن جي ڪري هن مثنوي کي صرف قصه خواني نه سمجهن. فرمائن ٿا ته هن سلسلي ۾ حڪيم سنائي غزنوي جو قول ياد اچي ويو آهي ته ڪي ماڻهو قرآن جي لفظن کي ئي قرآن  سمجهن ٿا. ان کي ٻيهر غور ڪرڻ يا سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي بجاءِ ائين آهن جيئن ڪنهن انڌي کي سج جي گرمي ته محسوس ٿيندي آهي. ليڪن ان جي نور جو ڪو احساس نه ٿيندو آهي. ڪي ماڻهو قرآن جي آيتن کي نقش تعويذ وغيره ٺاهي ٻانهن ۽ ڳچيءَ ۾ ٻڌندا آهن ۽ سمجهندا اهن ته هي به ڪو منتر جنتر آهي.

هن جواب ۾ مولانا رحمت الله عليه هڪ حديث جو به حوالو ڏين ٿا ته قرآن مجيد جو هڪڙو ظاهري رخ آهي ته ٻيو باطني. باطن ۾ وري باطن جا ۽ معنيٰ جا ست پڙدا آهن ۽ هڪ روايت ۾ هي به آهي ته ست نه بلڪ ستر آهن. جن جو مقصد اسرارن جي ڳولا آهي. مولانا رحمت الله عليه جن جي مثنوي به هڪ طرح جو قرآن جو تفسير ئي آهي. مثنويءَ جي قصن جو به هڪ ظاهر آهي ۽ ڪيترائي باطن. ڇهه سؤ سالن کان حڪيم ۽ صوفي هن مان فيضياب ٿي رهيا آهن. ليڪن هر حڪيم مرد کي هن مان اهڙا ته حڪيماڻا نڪتا ملن ٿا جو اهو علامه اقبال وانگر انهن کي مشرق و مغرب جي سڀني فلسفن کان بهتر ٿو سمجهي ۽ انهن مان روح جي غذا ٿو حاصل ڪري.

شيطان انسان جي روحاني ممڪنات کي نه ڏسي سگهيو ان ڪري هو هن کي صرف مٽيءَ جو پتلو نظر آيو. ساڳي طرح گهڻن ماڻهن کي قرآن به قصن جو ڪتاب ٿو معلوم ٿئي. هڪ شخص جا ويجها مائٽ ٻه سؤ سالن تائين ان جي باطن کان آگاهه ٿي نه ٿا سگهن.

 

جيڪڏهن تون پاڻ تحقيق ڪندڙ نه آهين ته ڪنهن تقليد جي قابل اهل نظر جي تقليد سان فيض حاصل ڪر

ديني معاملن ۾ گهڻو ڪري ماڻهو تقليد ڪندڙ ئي آهن ۽ شايد تحقيق ڪندڙن جي مقابلي ۾ تقليد ڪندڙ جو تعداد گهڻو رهندو. سڀني دينن جو اهوئي حال آهي. فطرت جيئن ته تقليد ڪندڙ زياده ٿي پيدا ڪري ۽ تحقيق ڪندڙ تمام گهٽ. ان ڪري مولانا رحمت الله عليه عوام جي باري ۾ لکن ٿا ته انهن کي سٺن جي تقليد  ڪرڻ سان فائدو پهچي ٿو سگهي. ان جو مثال هي آهي ته هڪ اک واري کي به اڃ لڳي آهي ۽ هڪ انڌي کي به. ٻنهين اکين واري کي پري کان ندي نظر اچي رهي آهي ۽ هو انڌي کي ٿو چئي ته تون به مون سان هل ۽ انهيءَ بحث ۾ نه پئه ته مون کي پاڻي نظر ڪونه ٿو اچي. مان ڪيئن مڃان ته تون سچ ٿو چئين پر جيڪڏهن سخت اڃ آهي ته پوءِ ڪنهن تسلي بخش جواب کان بغير به اسان سان گڏجي هلندو. نديءَ تي پهچي به ان کي ندي نظر ڪانه ايندي. ليڪن جڏهن ان ۾ پنهنجو دلو ٻوڙيندو ته اهو ڀرجي وزني ٿي ٻاهر نڪرندو. ان وقت ان کي يقين ايندو ته ان جي اڃ به لهي وئي آهي. مقلد به شروعاتي مرحلن ۾ ڪنهن تحقيق ڪندڙ جي پويان هلي آخر فيض ۽ يقين پيدا ڪري ٿو سگهي. ليڪن انسان جو نصب العين تقليد ڪندڙ نه بلڪ تحقيق ڪندڙ هئڻ گهرجي.

 

زندگيءَ جي ٻيڙيءَ ۾ عقل سڙهه وانگر آهي

عشق ۽ وجدان جي مقابلي ۾ استدلالي يا جزوي عقل کي حقير سمجهندي صحيح عقل جنهن کي عقل ڪل به چون ٿا ان جي تعريف عشق کان گهٽ نه ڪئي اٿن. فرمائن ٿا ته انسان جي نفسيات ۾ عقل اهو ڪم ٿو ڏئي، جيئن ٻيڙيءَ ۾ سڙهه. جيڪڏهن ٻيڙي ڪمزور ۽ هلڪي هجي ته تيز هوا ۾ هيڏي هوڏي پئي ڦرندي آهي. گهٽ سمجهه رکندڙ احمقن جي زندگيءَ جي ٻيڙيءَ ۾ عقل جو سڙهه نه هوندو آهي. جيڪو هن کي حرص ۽ هوس جي مخالف هوا کان بچائيندو رهي.

 

 

هوس جا بندا مکين وانگر آهن

نفس اماري شيطان جو اندر مان آواز پڪن گنهگارن کي نهايت رعبدار ۽ هيبتناڪ معلوم ٿو ٿئي. ۽ خدا جو آواز جيڪو روح جي گهراين مان ٿو اچي ان ۾ ابليس جي آواز کان زياده هيبت هوندي آهي. ليڪن ضمير جي مئلن کي اهو ٻڌڻ ۾ ئي نه ٿو اچي ۽ جيڪڏهن ٻڌڻ ۾ اچي ته ڊڄي ويندو آهي. ليڪن مکيون بي پرواهيءَ سان ان جي اردگرد اڏامنديون رهنديون آهن. دنيا جي هوس جا بندا به مکين وانگر آهن جو باز کان نه ٿيون ڊڄن بلڪ شيطان جي مڪڙيءَ جي ڄار ۾ جيڪو انتهائي ڪمزور هوندو آهي، آسانيءَ سان ڦاسي ٿا پون ليڪن مڪڙيءَ جي ڄار ۾ نه ڪوئي چڪور ٿو ڦاسي سگهي نه ڪو باز.

 

دل کي دل سان راحت آهي جذب باهمي جو عالمگير قانون

 

مولانا رحمت الله عليه شدت سان انهيءَ جا قائل آهن ته دل کي دل سان راحت آهي. ارواحن جي وچ ۾ اهو فاصلو ڪونهي جيڪو جسمن جي وچ ۾ هوندو آهي. هن جو مثال اهو آهي ته ٻه ڏيا هڪ ئي ڪمري ۾ ٿورو پري پري ٻري رهيا آهن ليڪن انهن جي روشنيءَ پاڻ ۾ بلڪل مليل ناقابل تقسيم آهي. جيڪڏهن محبت ۾ خلوص هجي ۽ اها صرف نفساني خواهش جو نتيجو نه هجي ته جهڙيءَ طرح عاشق معشوق جو طالب هوندو آهي. ساڳيءَ طرح معشوق به عاشق لاءِ منتظر هوندو آهي. فرمائن ٿا ته خدا تعاليٰ ۽ انسان جي هڪ ٻئي سان محبت جو به اهوئي حال آهي. جيڪڏهن توهان جي دل ۾ خدا جي محبت پيدا ٿئي ته سمجهو ته خدا جي دل ۾ به توهان جي محبت آهي. جهڙي طرح تاڙي هڪ هٿ جي نه وڄندي آهي اهڙي طرح خدا ۽ انسان جي محبت جو رابطو به هڪ طرف جو نه ٿو ٿي سگهي.

مولانا رحمت الله عليه جن جو نظريو اهو آهي ته عشق هڪ عالمگير جذبو آهي. جيڪو جمادات کان وٺي خدا تعاليٰ تائين هستيءَ جي سڀني درجن ۾ پنهنجي پنهنجي قدر مطابق ملي ٿو. تنهنجي اڃ ۽ پاڻيءَ جو وجود هڪ ٻئي کي ڇڪيندڙ آهي.

آسمان تي فلڪي نظام کي ڏسو ۽ پنهنجي ويجهو شمسي نظام تي به غور ڪيو ته ڪهڙي طرح لوهه ۽ مقناطيس جي هڪ ٻئي ڏي جذب وانگر آسمان اسان جي هن زمين کي ڇڪي رهيو آهي. هي سڄو سلسلو باهمي جذب ۽ ڪشش تي قائم آهي. آسمان تان سج جي گرمي زمين تي پهچي زمين جي پيٽ ۾ هر قسم جي زندگيءَ جي پرورش ٿي ڪري. مثال طور آسمان کي مرد سمجهو ۽ زمين کي عورت، زمين ئي سڀني جاندارن جي ماءُ آهي گرميءَ جي ضرورت هجي ته سج جي ذريعي ٿي اچي ۽ پاڻيءَ جي ضرورت هجي ته آسمان تان زمين تي بادل ٿا وسن.

 

تحقيق ۽ تقليد

ڪجهه مضمون اهڙا آهن جيڪي سڄي مثنويءَ جا مرڪز آهن انهن ۾ هڪ اهم مضمون تقليد ۽ تحقيق جو مقابلو آهي. مولانا جي نزديڪ دين جي اصل حقيقت کان اهو ئي آگاهه ٿيندو آهي. جنهن هن کي تحقيق تجربي ۽ مشاهدي جي ذريعي حاصل ڪيو آهي. باقي سڀني ماڻهن جو دين روايتي آهي. ماءُ پيءُ ۽ پنهنجي جماعت کان ڪجهه عقيدا ٻڌندي انهن تي يقين ڪيو اٿس. هي يقين بلڪل بي اعتبار هوندو آهي. ليڪن مولانا رحمت الله عليه جي رواداري هيءَ آهي ته تقليد ڪندڙن جي وڏي گروه کي به جيڪي انسانن ۾ وڏي اڪثريت ٿا رکن هدايت ۽ نجات کان محروم نه ٿو سمجهي. فرمائن ٿا ته تقليد ڪندڙ به جيڪڏهن روايت ۽ جماعت جي زور سان صحيح رستي تي هلي رهيو آهي ته ان جي به نجات ٿي ويندي. فرق صرف ايترو آهي. ته محقق کي منزل مقصود جي خوبين جو علم آهي ان ڪري خوشيءَ سان ان طرف هلي رهيو آهي ليڪن تقليد ڪندڙ کي اندروني ۽ بيروني زور منزل ڏي گهلي رهيو آهي. ان کان بعد فرمائن ٿا ته جن ماڻهن کي باطن جون اکيون روحاني حقيقتن جي متعلق تقليد بند ڪري ڇڏيون آهن. انهن کي به الله پاڪ جي رحمت گهليندي وٺيو ٿي وڃي. عارف ۽ ولي الله کان سواءِ صرف روايتي دين پرستن جو اهوئي حال آهي. خدا جي رحمت جو هر شيءِ تي گهيرو ڪيل آهي. ان ڪري مقلدن جو وڏو گروهه به ان جي فيض جي احاطي کان ٻاهر نه آهي. رضا سان نه ته زبردستيءَ سهي بهرحال خدا جي طرف انهن کي وٺي پيا ٿا وڃن. ان کان بعد هن نڪتي کي هڪ عام فهم مثال سان سمجهائن ٿا ته ٻار علم جي لذت کان آگاهه نه هوندو آهي ان ڪري ان کي زبردستي پڪڙي اسڪول وٺي وڃبو آهي. ليڪن وڏو ٿي جڏهن علم جو چسڪو اچي ويس ته پوءِ هو علم ۽ عالمن ڏي ائين ويندو آهي. جيئن اڃارو پاڻيءَ لاءِ ويندو آهي. شروع شروع ۾ هن کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته آخر انهيءَ پڙهڻ مان ڇا ملندو؟ هن کي خبر نه آهي ته هن محنت جو معاوضو ڇا آهي؟ جڏهن علم ۽ معرفت جو معاوضو هن کي ملڻ لڳي ته پوءِ هن جو هي حال هوندو ته دنيا سمهي پئي هوندي ۽ هو سڄي رات مطالعي ۾ غرق آهي. هو چورن وانگر رات جو خاموشيءَ ۾ علم جي دولت گڏ ڪرڻ ۾ لڳو رهندو.

ان کان بعد فرمائن ٿا ته خوف ۽ اميد سان نيڪي يا عبادت ڪرڻ وارا نيڪو ڪاريءَ جي اصل لذت کان بي خبر ٿا رهن. ان ڪري يا جنت جي لالچ ۽ انعام جي اميد ۾ چڱا ڪم ٿا ڪن يا دوزخ جي عذاب کان بچڻ  لاءِ، هي سڀ مڪتب جا ٻار آهن جن کي پڙهائڻ لاءِ مٺائيءَ جو وعدو ڪيو يا هيءُ چئو ته سبق ياد نه ڪندين ته مار کائيندين. خدا پاڪ جي بي لوث ۽ بغير غرض جي محبت ته عارف مرد جي دل ۾ هوندي آهي. اقبال رح فرمائي ٿو ته:

جس کا عمل هي پي غرض اس کي جزا کچهه اور هي

حور وخيام سي گذر باده و جام سي گذر

تقليد ڪندڙ جي عمل جي علت وعدو آهي يا وعيد. نيڪو ڪاريءَ جي اصل لذت ته فقط اعليٰ نفسن ۾ هوندي آهي.

هڪ ٻيو مثال ٿا ڏين ته کير پياڪ ٻار ته دائيءَ کي کير پيئڻ لاءِ چنبڙندو آهي. پر جيڪڏهن دائي حسين آهي ۽ هن جو ڪو عاشق صادق موجود آهي ته ان جي لاءِ ته ان دائيءَ جو حسن ئي ڪافي آهي. جنت جي اميد يا دوزخ جي خوف کان نيڪ عمل ڪرڻ وارو مالڪ حقيقيءَ جي جمال کان آگاهه ڪونهي. يا ته جنت جي کير جي نهر ان کي ڇڪي رهي آهي يا دوزخ جي زنجيرن ۽ باهه جي سزا کان ٿو ڊڄي. جيسين تائين ڪو شخص انهيءَ معرفت تائين نه پهچي جو نيڪي پاڻ ئي پنهنجو اجر ۽ برائي پاڻ ئي پنهنجي سزا آهي ان جو روح خواهشن ۽ خطرن ۾ لڙڪندو ٿو رهي.

بي بي رابعه بصريءَ جي لاءِ مشهور آهي ته هڪ ڏينهن بازار مان لنگهي رهي هئي هڪ هٿ ۾ پاڻيءَ جو پيالو هئس ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪنهن ٿانو ۾ ڀريل ڪوئلا هئس. ماڻهن پڇيو ته هي ڇا آهي؟ فرمائڻ لڳي ته هن پاڻيءَ سان دوزخ کي وسائڻ ۽ هن باهه سان جنت کي ساڙڻ ٿي وڃان ته جيئن ماڻهو خدا جي عبادت صرف خدا جي محبت سان ڪن ۽ ان ۾ جزا ۽ سزا جي نيت نه هجي.

 

فنا ۽ بقا

 

قرآن ڪريم ٿو فرمائي ته کل شيءِ هالک الا وجه ان مان اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن خدا کانسواءِ هر شيءِ فاني آهي ته پوءِ انسان کي بقا ڪيئن ٿي حاصل ٿي سگهي؟ ليڪن قرآن پاڪ نيڪ انسانن جي لاءِ بقا جو به واعدو ٿو فرمائي ۽ هڪ حديث شريف ۾ آهي ته قيامت جي ڏينهن موت کي ذبح ڪيو ويندو. مولانا رحمت الله عليه جن وٽ ان جو صاف جواب اهو آهي ته الله تعاليٰ! جي ذات کان ٻاهر رهي ڪابه شيءِ باقي نه رهي سگهندي ليڪن زندگيءَ جو مقصد پنهنجي انفرادي خواهشن کي فنا ڪري هن ڪليت ۾ ملي ٿو  وڃي. جنهن کي وجه الله چيو ويو آهي. بقا جي رستي جو پهريون قدم فنا جو رستو آهي. ليڪن فنا ۾ بقا استدلالي عقل جي سمجهه ۾ نه ايندي. اسان جي هستين جا جيڪي اچڻا وڃڻا پهلو آهن ۽ جيڪي غير ضروري يا بي اصل خواهشون آهن اهي حقيقت جي نور جي مقابلي ۾ پاڇي وانگر آهن. نور جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ پاڇو ڪٿي رهندو؟ انسان نور ۾ داخل ٿي سگهي ٿو ۽ انهيءَ خلوت گاهه حق ۾ بقا ئي بقا آهي.

انسان هستيءَ جا فاني پهلو اهڙي طرح فنا ٿي ويندي جهڙي طرح تيز هوا هلڻ کان پوءِ غائب ٿي ويندا آهن.

 

عقل ۽ عشق

انسان صرف استدلالي عقل جي ذريعي عشق الاهيءَ کي دعوت ڏيڻ جي فضول ڪوشش ٿو ڪري ان جو مثال ائين آهي جيئن هڪ گهريلو ڪڪڙ ڪنهن اٺ سان دوستي پيدا ڪئي ۽ ان کي چيو ته تون مهمان ٿي منهنجي کڏيءَ ۾ اچ. جڏهن ڪڪڙ گهڻو اصرار ڪيو ته اٺ آيو ۽ هن جي کڏيءَ جي ڇت تي اڃا هڪڙو پير رکيائين ته هن جي ڇت ويهي رهي ۽ وڃي زمين سان لڳي.

هي اسان جا علوم ۽ فنون ۽ اسان جي دنياوي عقل عشق عرفان جو ذريعو نه بنجي سگهن. ان جي حاصل ڪرڻ جا ٻيا رستا آهن. مولانا رحمت الله عليه فرمائي ٿو ته اسان جو عقل ۽ هوش ڪڪڙ جي کڏيءَ وانگر آهن ان کي مناسب نه آهي ته اهڙي مهمان کي دعوت ڏئي جيڪو هن جي صفائي ڪري ڇڏي. عشق الاهي جنهن سان مخلوق جي محبت ٻڌل آهي مذهب جي ٻاهتر فرقن سان الڳ رستو آهي ۽ دين جو اصل جوهر اهوئي آهي. حقيقت جي مصدر اهوئي آهي، اصل هي آهي باقي سڀ فروغ آهن. فرمائن ٿا ته بندگي عشق جو ذريعو آهي. زندگيءَ جو مقصد نه آهي. خدا جي متعلق جيڪڏهن ڪير بندگي ۽ سلطنت جي تشبيهات ۾ ئي الجهي پوي ته پوءِ عاشقي ان کان روپوش ٿي ويندي. عشق جي ڪابه پنهنجي زبان ڪانهي جنهن جي ذريعي غير عاشق تي ان جي حقيقت واضح ڪئي وڃي. جيڪو به طريقو ڳالهائڻ جو اختيار ڪيو. اهو حقيقت کي بي نقاب ڪرڻ جي بجاءِ هڪڙو وڌيڪ حجاب بنجي ٿو پوي. هي حال ڪنهن قيل ۽ قال جي گرفت ۾ اچڻ جو نه آهي.

بيان سان هن حال کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش ائين آهي جيئن رت کي پاڻيءَ جي بجاءِ گهاٽي رت سان ڌوئڻ جي ڪوشش ڪرڻ هن طرح ڌوئڻ سان ته خون ۾ رنڱيل ڪپڙو اڃا به وڌيڪ ڳاڙهو ٿي ويندو. عشق مجازي هجي يا حقيقي لڪي نه ٿو سگهي. عجب ڪيفيت آهي ته نه بيان ڪري ٿو سگهجي ۽ نه لڪائي ٿو سگهجي. مثال مشهور آهي ته عشق ۽ مشڪ کي ڪير لڪائي سگهندو. هن جي خوشبوءِ ئي هن کي ظاهر ڪري وٺندي آهي. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته هن کي لڪائڻ جي ڪوشش ائين آهي جيئن اُن يا ڪپهه ۾ ٻريل ڪوئلي کي لڪائڻ. جيترو لڪائڻ جي ڪوشش ڪندئو اوترو ئي ظاهر ٿيندو.

فرمائن ٿا ته عشق کي شراب سمجهو. شرابيءَ جي شراب خوري وڌندي ئي ويندي آهي. هن جي پيئڻ جو مزو ته ٻين کي معلوم نه ٿو ٿي سگهي. ليڪن ان جي نشي جا طور طريقا ته ماڻهن کان لڪي نه ٿا سگهن. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته عربيءَ ۾ شراب کي مدام ان لاءِ چوندا آهن جو شراب نوشيءَ ۾ دوام جو ميلان آهي ۽ پيئڻ واري کي ڪڏهن به ڍءُ نه ٿيندو آهي. شراب جيڪڏهن گهڻو تيز هجي ۽ ان کي گهگهي يا بوتل ۾ بند ڪجي ته ان ٿانو کي ٽوڙي ڇڏيندو. عشق ائين ڦاٽ کائي ظاهر ٿيندو آهي.

فرمائن ٿا ته زندگيءَ جو دارو مدار اسباب ۽ ڪوشش تي آهي. عقلمند ماڻهو زندگيءَ ۾ عام ۽ مجرب قائدن تي عمل ڪندو آهي ۽ اتفاقي حالات کي دليل نه بنائيندو آهي. ليڪن احمق ۽ ڪاهل ماڻهو اتفاقي معاملن کي ڏسي زندگيءَ کي بيڪار ضايع ڪندا آهن. هڪ ماڻهو چئي ٿو ته پوک ڪرڻ مان ڇا فائدو؟ فلاڻي پوک جو ڪم ڪيو، محبت به ڪيائين پر سڄو فصل ضايع ٿي ويس. ٻيو چوي ٿو ته فلاڻي درياهه ۾ غوطا هڻي سيپون ڪڍيون مگر هڪ مان به موتي نه نڪتو. ان ڪري هيءَ ڪوشش اجائي آهي. ڪير وري چئي ٿو ته عبادت به ڪا يقيني ڇوٽڪاري جو ذريعو نه آهي. ابليس لکين سال سجدن ۾ گذاريا مگر هڪ سجدو نه ڪرڻ ڪري قيامت تائين لعنتي بنجي پيو. ليڪن اي نالائق سست حجتي! ڇا تو اهو ڪونه ٻڌو آهي ته فلاڻي شخص جي گلي ۾ لقمو اٽڪي پيو ۽ هو مري ويو؟ هن اتفاقي مثال کي ٻڌي ڇا تون صبح شام ماني کائڻ کان باز آيو آهين؟ هتي به اتفاقي معاملي مان دليل وٺي بکيو ڇو نه ٿو مرين؟ خدا تعاليٰ! ۽ ان جي رسول مقبول ﷺ جن هدايت فرمائي آهي ته پنهنجا فرائض يڪسوئيءَ سان ادا ڪيو. عام طرح سان سٺي ڪوشش سان سٺو نتيجو ئي نڪرندو ليڪن ڪڏهن نتيجو توقع جي خلاف نڪري ته زندگيءَ جي عام قانون کان گريز جو رستو اختيار نه ڪيو. فرمائن ٿا ته جنهن جي مقدر ۾ سٺو بخت ۽ نجات ناهي اهو ڪاهل انسان اتفاقي يا حادثاتي معاملن ۾ پناهه ٿو وٺي ليڪن زندگيءَ ۾ اتفاقي معاملا تمام ٿورا آهن. پٿر کي لوهه سان ٽڪرائبو ته چڻنگ نڪرندي. ليڪن ائين به ٿي سگهي ٿو ته چڻنگ نه نڪري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com