سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تشبيهات رومي

باب: --

صفحو :10

 

وار جي کل لاهڻ وارا شارحين

گهڻا ماڻهو منطقي بحثن ۾ وڏيون ڳالهيون ڪندا آهن ۽ ديني معاملات جي متعلق به مناظرن ۾ به داو ۽ پيچ ۽ مثال وغيره سوچيندا رهندا آهن. ڪو ڪنهن استاد جي قول جي شرح ۽ داد ڏيندي ڪو نئون نڪتو ٿو وڌائي ان کان پوءِ وري ٻيو ٿو اچي ۽ اهو وري انهيءَ شرح جي ٻي شرح ٿو لکي. مگر جيئن جيئن شرحن ۾ اضافو ايندو ٿو وڃي اصل مطلب فوت ٿيندو ٿو وڃي فقهي- متڪلمين ۽ فلاسفر سڀ انهيءَ مرض ۾ مبتلاً آهن. هڪڙو وار جي کل لاهي ٿو ته ٻيو وري انهيءَ کل جي مٿان ٻيو وار ٿو ڏسي جنهن جي به کل لاهڻ جي ضرورت آهي. اهڙن ماڻهن ۾ حقيقي حڪمت جو ذوق ڪونه هوندو آهي ۽ روحانيت کان ته هي بلڪل ڪورا هوندا آهن. مولانا رحمت الله عليه جن کي اهڙن ماڻهن لاءِ هڪ عجيب مثالي قصو سمجهه ۾ آيو آهي. فرمائن ٿا ته هڪ شخص جا اڌ وار ڪارا هئا ۽ اڌ سفيد ان کي هڪڙي نوجوان ڪنوار سان شادي ڪرڻ جو شوق ٿيو ان ڪري حجم وٽ ويو ۽ چيائين ته منهنجي ڏاڙهيءَ مان سفيد وار پٽي ڪڍ ته جيئن مان به ڪارن وارن وارو نوجوان نظر اچان. حجم جهنجهٽ ۾ پوي ها ته شايد سڄو ڏينهن لڳي وڃيس ها. هن کي ٻيا به ڪم هئا ۽ ڪجهه ماڻهن جون حجامتون به ڪرڻيون هئس. هن پاڪي کڻي انهيءَ شخص جي سڄي ڏاڙهي ڪوڙي ڇڏي ۽ چيائين ته هاڻي وڃ پوري صفائي سان اڃا به وڌيڪ نوجوان معلوم ٿيندي ۽ مون کي به جلد فراغت ملي ته جيئن ٻيا ضروري ڪم ڪري سگهان.

مولانا رحمت الله عليه هن مان اهو نتيجو ٿا ڪڍن ته جنهن شخص کي زندگيءَ ۾ ڪي اهم ضروري ڪم ڪرڻا آهن ان کي فضول منطق بازيءَ جي فرصت ڪٿان ملندي. ڪو اهڙو فضول ڪم ئي ڪرڻو پئجي وڃي ته اهو جلدي ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جيڪڏهن اڇا وار چونڊڻا آهن ته هاڻي هيءَ سڄي ڏاڙهي تنهنجي سامهون رکي آهي، هي بيڪاريءَ جو شغل تون ڪر مون کي ٻيا گهڻا ڪم آهن. هن سان گڏ هڪڙو ٻيو قصو به ملايو اٿن جنهن مان هيءَ هدايت ٿا ڪن ته جيڪو شخص ڪو درد رکي ٿو ته اهو ان درد جي دوا ٿو چاهي نه اهو ته انهيءَ درد جي اصليت ۽ ان جي متعلق منطقي مقدمو ۽ نتيجا ۽ انهن جو هڪ نه کٽڻ وارو سلسلو شروع ڪري ڇڏي. فرمائن ٿا هڪڙي شخص زيد کي هڪ مڪ هنئي هاڻي زيد جوابي مڪ هڻڻ وارو هو ته ان شخص چيو ته ميان ترس پهريائين منهنجي هڪڙي سوال جو جواب ڏي ان کان بعد انتقامي مڪ هڻجانءِ. سوال هي آهي ته مون تنهنجي ڳل تي چماٽ ٺوڪي ان مان تڙاخ جو آواز آيو انهيءَ آواز مان منهنجي ذهن ۾ هڪ مشڪل مسئلو پيدا ٿيو آهي ته هي آواز منهنجي هٿ جو هو يا تنهنجي ڳل جو. هن چيو ته اي ميان نونشي باز منتقي! مون کي انهيءَ ٿڦڙ مان ايتري ته تڪليف ڪانه ٿي ان ڪري اهو مسئلو به توکي ئي مبارڪ هجي. نتيجو هي ٿا ڪڍن ته مسلم هجي يا غير مسلم پر جيڪڏهن ڪو صحيح درد رکي ٿو ته پوءِ اهو منطق بازي نه ڪندو.

 

سمجهڻ کان بغير حفظ قرآن بيڪار پر بيهوده ڪمن کان بهتر آهي

عالم اسلام ۾ پوري قرآن ڪريم کي ياد ڪرڻ جو عام رواج آهي ليڪن افسوس آهي ته هن ۾ محض حافظي کان ڪم ورتو ويندو آهي ۽ آيتن جي مفهوم کي سمجهڻ لازمي نه سمجهيو ويندو آهي اهڙي قسم جا حافظ محض گراموفون جا رڪارڊ بنجي ويندا آهن. هزارن ۾ ڪو هڪڙو اهڙو ملندو آهي جيڪو قرآن جو حافظ به هجي ۽ انهيءَ سان گڏ هن ۾ فهم قرآن به ترقي ڪئي هجي، مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته الفاظ ته صرف مغذ ۽ معنيٰ جون کلون هونديون آهن. خالي کلون ته نه انسان جي جسماني غذا آهي ۽ نه روحاني غذا. اصحابن سڳورن مان ڪي گهٽ قرآن جا حافظ هوندا هئا ليڪن اهي اسلام جي روح کي سمجهندا هئا، ان ڪري گهڻيون آيتون ياد نه ڪرڻ جي باوجود به اسلام انهن جي زندگين ۾ اڄ جي حافظن کان هزار درجه زياده موجود هئو. فرمائن ٿا ته جڏهن ڪنهن سٺي ميوي ۾ مغز پچي تيار ٿي ويندو آهي ته ان جي کل باريڪ ٿي ويندي آهي ۽ آهستي آهستي ڦاٽي پوندي آهي هي هر ڳالهه ۾ آيتن جا حوالا ڏيڻ وارا ۽ وڏيون وڏيون صورتون طوطي وانگر دهرائڻ وارا گهڻون ڪري قرآن جي مغز کان خالي هوندا آهن. جڏهن ديني زندگيءَ ۾ جمود اچي ويندو آهي ته پوءِ لفظن تي ۽ ظاهري عبادت تي زياده زور اچي ويندو آهي. ليڪن ارواح اندران خالي ٿيندا ويندا آهن. جڏهن اصحاب ان جي گهڻي تعريف ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته هي ته اسان سڀني ۾ وڌي ويو آهي گهڻا قرآن پاڪ جا حافظ، قرآن جي بصيرت جي معاملي ۾ نابينا هوندا آهن. ظاهري بصارت کان محروم نابينا به ته قرآن جا حافظ بنجي ويندا آهن. معنوي لحاظ کان اهڙا ماڻهو جامد هوندا آهن. انهن کي صرف هڪ صندوق سمجهو جنهن ۾ اندر قرآن رکيو ويو هجي. صندوق کي قرآن  مان ڪهڙو فيض ملندو؟ نابينا کي جهڙي طرح لٺ پياري آهي اهڙي طرح روزگار جي سهاري لاءِ قرآن ياد ڪرڻ به پيارو اٿن. قران، فقه تفسير ۽ حديث ۽ نيڪي ۽ نصيحتن جا ڪتاب ياد ڪرڻ به ديني معلومات جي صندوق بنجڻ آهي. قرآن ڪريم ته اهڙن ماڻهن کي حمار حامل اسفار (يعني گڏهه تي بار) چيو آهي. ليڪن خير ڪوري جاهل هجڻ جي مقابلي ۾ اهڙن ماڻهن کي بهرحال سٺو ئي سمجهڻ گهرجي. جنهن صندوق ۾ قرآن پاڪ رکيل هجي اها به خالي صندوق کان بهتر آهي ۽ انهيءَ صندوق کان ته هزار دفعا بهتر آهي جنهن ۾ موذي جانور مثلا نانگ يا ڪئا ڊوڙندا هجن.

فرمائن ٿا ته خدا رسيده شخص کي تمام گهٽ آيتون ۽ حديثون رٽيندي ڏسندئو. هي ته ڏاڪا هئا جن تان چڙهندو وڃي معرفت جي ڇت تي پهتو آهي. پر جيئن ته ٻين کي خير جو ۽ سڌو رستو ڏيکارڻ لاءِ تعليم ڏيڻ ٿو چاهي ان ڪري نقل ۽ سند جي لاءِ هن کي به ڪتابي ڳالهين کي دهرائڻو ٿو پوي. خود پنهنجي ذات جي لاءِ هو صرف الفاظن کان بي نياز ٿي چڪو آهي. ڪڏهن ڪنهن اهو به ڏٺو آهي ته ڪوبه عقلمند انسان ڪنهن صاف شفاف آئيني کي خواه مخواه صاف ڪرڻ ۾ مصروف هجي؟ جيڪو شخص بادشاهه جي دربار ۾ پهچي ان جي حضور ۾ ويٺو آهي ان کي خط ۽ پيغام جي ڪهڙي ضرورت؟ مقصد حاصل ٿيڻ بعد ذريعا ڪهڙي ڪم جا؟

داستان پڙهندڙ عاشق

هڪ عاشق ۽ معشوق جو مثالي قصو هن موقعي تي لکن ٿا ته هڪ عاشق کي معشوق جي ملاقات حاصل ٿي وئي ته هن جي سامهون ڪتاب کولي پڙهڻ لڳو ڪتاب ڇا جو هئو؟ ان ۾ عاشقانه خط هئا جدائي جو فرياد ۽ ڏک هو، ڪاٿي ذلت ۽ خواريءَ جو داستان هئو ڪاٿي آهه ۽ زاري هئي ۽ ڪٿي وري معشوق جي رخي ۽ بيوفائيءَ جي شڪايت هئي. مطلب ته عشق ۽ هوس جو هڪ دفتر هو جيڪو ختم نه پئي ٿيو. معشوق چيو ته جيڪڏهن هي سڀ ڪجهه فراق ۽ معشوق جي بي رخي جي باري ۾ آهي ته هاڻي ملاقات ملڻ وقت انهيءَ مرثيي خوانيءَ مان ڇا حاصل؟ معلوم ٿو ٿئي ته توکي هن ملاقات ۽ ملڻ مان ڪو لطف حاصل ڪونه ٿيو آهي. ان ڪري وقت گذارڻ لاءِ پيو  ٿو ائين ڪرين. عاشق چيو ته سچي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه سال اڳ مان جڏهن توتي عاشق ٿيو هئس تڏهن تنهنجي جواني ڏاڍي دلڪش هئي. هاڻي هيترن سالن گذرڻ کان پوءِ تو ۾ اها ڳالهه نه رهي آهي.

مطلب هي ته هن داستان کي ٻڌائڻ جو مقصد اهو هو ته هن جو عشق هاڻي ٿڌو ٿي ويو هو ۽ هاڻي جو وڏا قصا ٻڌائي رهيو هو اهي قصا هئا ان وقت جا جڏهن عشق جي باهه گرم هئي. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته هي مناظرا، بحث، قصا ۽ تفسير و حديث ۾ ڊگهيون ڳالهيون هن ڳالهه جو واضح ثبوت آهن ته اهڙو شخص خدا مست نه آهي. جيڪڏهن خدا جو عاشق ۽ واصل بالله هجي ها ته ايتريون ڳالهيون نه ڪري ها روحاني انسان جي زندگي ئي ٻين لاءِ اثرائتي هوندي آهي ڪتابن جي معلومات جو بوجهه نه هنن جي پنهنجي قلبن تي هوندو آهي ۽ نه وري هو ان کي ٻين جي مٿان رکڻ گهرندا آهن.

طلب ۽ ملڻ

مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته سڄي زندگي ۽ ڪائنات ۾ طلب ۽ ملڻ جو قانون جاري آهي. هڪڙو شخص چئي ٿو ته مون کي ته خدا ڪاٿي ڪونه مليو ۽ مون کي ته اهو علم ۽ عرفان حاصل ڪونه ٿيو جنهن جي متعلق نبين سڳورن ۽ ولين دعوائون ڪيون آهن. فرمائن ٿا ته ڪيتري قدر نه حماقت ۽ ناانصافيءَ جي ڳالهه آهي ته ڪنهن دنياوي ڪم ۾ ڪمال حاصل ڪرڻ لاءِ ته تو عمر جو هڪ وڏو حصو جدوجهد ۾ گذاريو ۽ دولت ڪمائڻ لاءِ به ڪهڙيون ڪهڙيون ڪوششون ڪيئي ليڪن روحاني ڪمال جي نسبت تون هيءَ شڪايت ٿو ڪرين ته توکي بغير ڪوشش ۽ بغير طلب جي ڇو حاصل نه ٿيو؟

جيڪڏهن توکي پاڻي جي ضرورت آهي ته تون پاڻي ٿو گهرين. ويجهو نه ملي ته ڳوليندو ڪنهن چشمي يا کوهه تي پهچين ٿو. انسان جي فطرت ۾ جن شين جي طلب موجود آهي ان جي ملڻ جو سامان به فطرت ۾ موجود آهي. ته ڇا خدا جي طلب ئي اهڙي طلب آهي جنهن جي ملڻ جو ڪو چشمو نه هجي؟ اڃ جي بيقراريءَ سان تون جهڙي طرح پاڻي ٿو تلاش ڪرين انهيءَ ئي بيقراري ۽ شدت طلب سان خدا کي تلاش ڪري ڏس ته ملي ٿو يا نه؟ خدا جي متعلق انسان جي پياس انهيءَ ڳالهه جي شاهد آهي ته ان جو چشمو موجود آهي. اهو پري نه پر قريب آهي، ليڪن طلب شرط آهي. بغير طلب جي نه دنيا ۾ ڪجهه حاصل ٿيندو آهي ۽ دين ۾.

روحانيت جي متعلق توهي غلط عقيدو ڇو قائم ڪيو آهي ته اها خودبخود بغير طلب جي تنهنجي جهوليءَ ۾ اچي ڪرندي.

گمان ۽ يقين

گمان ۽ يقين جو فرق واضح ڪرڻ لاءِ فرمائن ٿا ته يقيني علم جا ٻه پر آهن ۽ گمان جو هڪ پر آهي. دانائن جو انهيءَ تي اتفاق آهي ته صرف عقل سان زندگيءَ جي معاملات جي نسبت ڪوبه يقيني علم ممڪن نه آهي. ڪنهن شخص کي محض فلسفو يا سائنس سان خدا تعاليٰ جي ذات ۽ صفات جو علم حاصل ٿي نه سگهندو بلڪ خير ۽ شر جي اصليت جي متعلق مواقف ۽ مخالف ٻنهين قسمن جي دليلن جا انبار موجود آهن. اڪبر ٿو چوي:

فلسفي کو بحث که اندر خدا ملتا نهين

ڏور کو سلجها رها هي پر سرا ملتا نهين

هستيءَ جي اصليت جي نسبت هر فلسفي هڪ خيال پيش ڪري ٿو ۽ پوءِ ان کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ سڄي عمر لڳائي ٿو ڇڏي. هڪ ٻيو فلسفي اچي ٿو ته اهو وري هن جي سڀني خيالن کي هڪ ئي قلم جي جنبش ۽ دليلن جي زور سان ختم ڪري ٿو ڇڏي. جيڪا ڳالهه يقين جي بنياد تي نه چئي وڃي اها ٻڌڻ واري جي دل ۾ ڪهڙو يقين پيدا ڪندي مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته انسان صرف وهم ۽ گمان جي ذريعي وڏين حقيقتن ڏي پرواز ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري.، ليڪن اهو هڪڙي اهڙي پکيءَ جو پرواز آهي جنهن جو هڪڙو پر پٽيل هجي. صرف هڪ پر سان پرواز بس انهيءَ قسم جو ٿي سگهي ٿو جو گهڻي ڪوشش سان ٿورو مٿي اڏامي وري اچي زمين تي ڪري پئي. قرآن پاڪ به ٻڌائي ٿو ته خدا جي باري ۾ گمان ڪنهن به ڪم ۾ ڪونه ايندو گهڻي کان گهڻو اهو ٿيندو ته حقيقت جي چمڪ هن کي چند گهڙين جي لاءِ نظر اچي وڃي انجي روشنيءَ ۾ ڪجهه ويجهو ۽ پري به ڏسي سگهي ۽ ڪجهه قدم هلي به سگهي فلما اضاءَ لهم مشوا فيه واذا اظلم عليهم قاموا- يعني علم انهيءَ کي چئبو آهي ته جيڪڏهن سڄو جهان تنهنجي تائيد ڪري ته ان يقين ۾ ڪوبه اضافو نه ٿئي ۽ جيڪڏهن سڄو جهان تنهنجي ترديد ڪري ته به تنهنجي يقين ۾ وار برابر فرق نه اچي. حضرت علي رضي الله عنه جن جو قول آهي ته لو کشف الغطاء لما ازددت يقينا- يعني جيڪڏهن حقيقت تان پڙدو هٽايو به وڃي ته به منهنجي يقين ۾ ڪو فرق نه ايندو.

وهم ۽ گمان جي آفت

فرمائن ٿا ته جزوي عقل لاءِ وڏي آفت وهم ۽ گمان آهي. هڪڙي استاد جو قصو ٿا لکن جنهن کان موڪل حاصل ڪرڻ لاءِ شريد شاگردن سازش ڪئي ته هر هڪ مولوي صاحب کي چوي ته مولوي صاحب اڄ اوهان جو رنگ پيلو ڇو ٿي ويو آهي. هٿن ۾ به ڏڪڻي معلوم ٿي ٿئي. شايد بخار جي ڪيفيت آهي. جڏهن ڏهه پندرهن ويهه شرير طالبن مولوي صاحب کي اهوئي چيو ته ان کي واقعي پنهنجي بيمار ٿيڻ جو وهم ٿي ويو ۽ ڪجهه ڪمزوري به محسوس ڪرڻ لڳو. شاگردن کي موڪل ڏئي ڇڏيائين ۽ گهر واپس اچي نيڪ بخت زال تي ڪاوڙو ۽ چوڻ لڳو ته تون ڪا بدڪار معلوم ٿي ٿئين، مون کي ههڙي بيماريءَ جي حالت ۾ گهر کان مدرسي ڏي موڪلي ڇڏيئي ته جيئن منهنجي غير حاضريءَ ۾ تون ڪنهن سان اڪيلائيءَ ۾ ملي سگهين. فرمائن ٿا ته وهم اگرچه بذات خود بي اصل ۽ باطل هوندو آهي ليڪن نفس ۽ بدن ۾ نتيجا پيدا ڪرڻ ۾ نهايت مؤثر هوندو آهي تخريبي عمل ۾ ان کي هڪ طاقتو عامل تصور ڪرڻ گهرجي. چاهي ڪو فرد هجي يا ڪا قوم جيڪڏهن ڪنهن وهم ۾ گرفتار ٿي وڃي ته چرين وانگر نهايت تخريبي عمل ان کان ٿي ٿا سگهن. ان کان پوءِ هڪ ٻيو نڪتو ٿا ارشاد فرمائن ته بادشاهن ۽ اميرن جا عقل به ماڻهو ائين خراب ڪيا آهن. فاسق ۽ فاجر کي ظل الله (الله جو پاڇو) چوڻ لڳندا آهن. بلڪ مجسم خدا بنائي ڇڏيندا آهن ۽ عقل جي گهٽتائيءَ جي سبب هو به انهيءَ مغالطي ۾ مبتلا ٿي پوندو آهي ته اناالموجود ولا غيري (مان ئي موجود آهيان ۽ مون کان سواءِ ٻيو آهي ئي ڪونه) جا نعرا هڻڻ شروع ڪندو آهي حالانڪ هر درٻاري چڱيءَ طرح سمجهندو آهي ته هي شخص احمق ۽ بيوقوف آهي.

هن نڪتي کي واصح ڪرڻ لاءِ ته وهم عقل تي ڪيئن غالب ايندو آهي. هڪ اهڙو مثال پيش ٿا ڪن جنهن جو تجربو ڪنهن نه ڪنهن وقت هر شخص ڪري ٿو. فرمائن ٿا زمين تي جيڪڏهن هڪ وال چوڙو رستو هجي ته ان تي انسان هيڏي هوڏي ڏڪڻ ۽ ڊڄڻ جي بغير ڪوهن جا ڪوهه هلي ٿو سگهي پر جيڪڏهن ڪا تمام وڏي ديوار هجي جنهن جي چوڙائي به وال هجي ته ان تي انسان هلندي گهٻرائيندو ۽ چڪر کائيندو آهي ڇو ته وهم اهو خوف پيدا ڪيو آهي ته اجهو ٿو ڪرين ۽ مرين. عقل ان کي هزار يقين ڏياري ته ڏس هي ته ٻن گزن يا والن جي ويڪري آهي هن تي ٽي ماڻهو گڏ گڏ هلي سگهن ٿا. توکي ڇو خواهه مخواهه خوف اچي لڳو آهي ليڪن وهم جو غلبو عقل کي معطل ڪري ٿو ڇڏي.

روح ۽ بدن

فرمائن ٿا ته روح جي لاءِ صرف هيءُ جسم عنصري نه آهي جيڪو ان جي لاءِ صرف لباس آهي بلڪ هڪ مثالي لباس نه آهي ان جو مثال توکي خواب ۾ ملندو آهي جو خواب ۾ ته تنهنجا ظاهري عضوا ته ساڪن هوندا آهن. ليڪن ان جي باوجود روح مثالي عضون سان هر قسم جي ڪاروبار ۾ مصروف هوندو آهي. ان ڪري توکي ڊڄڻ نه کپي ته هن جسم جي فنا ٿيڻ سان ڪاٿي مان به فنا ٿي ويندس.

عقل ۽ پيش بيني

فرمائن ٿا ته عقل جو هڪ اهم ڪم پيش بيني آهي. هڪ شخص ڪنهن سوناري وٽ آيو ۽ چيائينس ته مون کي ڪجهه سون جا ذرا تورڻا آهن. مهرباني ڪري پنهنجي تارازي ڏي. سوناري چيو ته وڃ مون وٽ ڇاڻي ڪونهي. گهرڻ واري چيو ته ادا مان تو کان ڇاڻي ته ڪونه ٿو گهران، تارازي ٿو گهران. ان تي وري سوناري چيو ته وڃ مون وٽ ٻهارو ڪونهي. گهرڻ واري ڪاوڙجي چيو ته تون ٻوڙو آهين مان گهران ڪجهه ٿو ۽ تون جواب ڪجهه ٿو ڏين. سوناري چيو ته نه، مان ٻوڙو نه آهيان. تمام چڱي طرح ٻڌان ٿو ۽ چڱي طرح سوچيان به ٿو ليڪن مون ڏٺو ته تون پوڙهو ۽ بيمار آهين ۽ تنهنجا هٿ مسلسل ڏڪي رهيا آهن. جڏهن سون جا ذرا تورڻ لاءِ پلڙي ۾ وجهندين ته ڏڪندڙ هٿ مان هو هيٺ مٽيءَ ۾ ڪري پوندا پوءِ انهن کي گڏ ڪرڻ لاءِ مون کي ٻهارو گهرندين جڏهن اها سون ۾ مليل مٽي گڏ ڪري وٺندين ته پوءِ مون کان ڇاڻي گهرندين ته مٽي ڇاڻي سون جا ذرا ان مان ڪڍان. اهڙي طرح روما جي هڪ فلسفيءَ جو قصو مشهور آهي ته هو شهر روما کان ويهه ٽيهه ڪوهن جي مفاصلي تي ڪنهن رستي جي ڪناري تي ويٺو هو. اتان هڪ مسافر جيڪو پيادل رومه الڪبريٰ ڏي سفر ڪري رهيو هو انهيءَ هن فلسفيءَ کان پڇيو ته روما شهر هتان ڪيترن ڪلاڪن جو رستو آهي. هن جواب ۾ چيو وڃ وڃ هلندو وڃ، هن سوچيو ته هي عجيب بد خلق انسان آهي مون کي تهذيب سان جواب ڏيڻ جي بجاءِ چوي ٿو ته وڃ دفع ٿي وڃ. اڃا هو ويهه قدم هليو ته فلسفيءَ هن کي سڏ ڪري چيو ته روما هتان هيترن ڪلاڪن جو رستو آهي. مسافر چيو ته پهريان بدخلقي ڪيئي ۽ هاڻي وري پويان پيو سڏ ڪرين. فلسفيءَ چيو ته بيوقوف مسافر جيسين مان تنهنجي چال نه ڏسان توکي ڪيئن جواب ڏيان ته هيترن ڪلاڪن ۾ روما پهچندين.

خواب ۽ حقيقت

خواب ۽ حقيقت ۾ فرق هڪ ٻئي سان مقابلي ڪرڻ سان ئي ٿيندو آهي. جيسين تائين انسان خواب ڏسي رهيو آهي ان جي حقيقي هجڻ ۾ ان کي ڪوبه شڪ نه هوندو آهي ليڪن بيدار ٿيڻ کان پوءِ جڏهن هڪ منظم ۽ پائيدار عالم سان خواب جي عالم جو مقابلو ٿو ڪري ته ان نتيجي تي ٿو پهچي ته خواب جو عالم وهمي ۽ خيال هو. زندگي ۽ ڪائنات ۾ هستي ۽ حقيقت جا ڪيترا درجا آهن. گهٽ درجي واري حقيقت وڏي درجي جي مقابلي ۾ گهٽ حقيقي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. ڪيترا دفعا اسان جو عالم خواب ۾ ڪيڙن ماڪوڙن جي بيداريءَ کان وڌيڪ حقيقي هوندو آهي. زندگيءَ جي ترقيءَ ۾ هرهڪ هيٺاهون درجو جنهن کي انسان پوئتي ڇڏي چڪو آهي. نسبتا غير اصلي ۽ وهمي معلوم ٿيندو آهي. رسول ڪريم ﷺ جن جيڪو هن دنياوي زندگيءَ کي حلم النائم يعني ستل جو خواب چيو آهي ته ان جي اها ئي معنيٰ آهي ته مرڻ کان پوءِ جڏهن ان تي حقيقتون زياده منڪشف ٿينديون ته پوءِ هو پنهنجي گذريل دنياوي زندگيءَ کي هڪ خواب وانگر بي حقيقت سمجهندو ۽ چوندو ته ڪيترين شين کي مان اصل ۽ قائم و دائم سمجهندو هئس جن کي هاڻي منهنجي موجوده بصيرت بي اصل ثابت ڪري ڇڏيو.

الناس نيام فاذا ماتوا تنبهوا (حديث)

هن دنيا ۾ انسان جڏهن سمهي ٿو ۽ جڏهن جاڳي ٿو. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته هي انهيءَ انداز سان آهي جيئن هڪ شخص خواب ۾ ڏسي ٿو ته مان هي هي ڪم ڪري رهيو هئي ۽ پوءِ سمهي پيس. ان جو هي خواب جي اندر سمهڻ خواب جي اندر خواب آهي. هو ته پهريان کان مسلسل ستو پيو آهي.

 

الله وارا مؤمن ۽ ڪافر سڀني لاءِ رحيم ۽ ڪريم ٿيندا آهن

مولانا صوفي ۽ مُلا جي ذهنيتن جي فرق کي هر جاءِ تي بيان ڪيو آهي. هي سندن خاص مضمونن مان آهي. مُلا جو قول ۽ عمل هي آهي ته جنهن شخص سان جزوي يا اصولي اختلاف هجي ان کي ڪافر چيو وڃي  ۽ پوءِ اشداءُ علي الڪفار تي عمل ڪيو وڃي. حالانڪ جن ڪافرن تي شدت ڪرڻ جي تاڪيد آهي انهن مان مراد اهي ظالم ۽ جابر آهن. جيڪي مسلمانن کي قتل ۽ اسلام جي خلاف پنهنجي قوتن کي استعمال ڪري رهيا آهن. صرف عقيدي جي اختلاف جي ڪري ڪنهن ڪافر سان نفرت ڪرڻ يا ان سان بغض رکڻ اسلام جي روح جي خلاف آهي. صوفياءَ ڪرام هميشه غير مسلمانن سان وڏي شفقت سان پيش ايندا آهن ۽ اها ئي شفقت انهن جي اصلاح جو سبب بنجي پوندي آهي. جيڪڏهن ڪافر کي ڪافر چئي ٿيلها ڏجن يا لٺ هڻي ڪڍجيس ته اهو اسلام يا مسلمانن کي ڇا سمجهندو. خدا پنهنجي مادي نعمتن جا دروازا ڪنهن تي به بند نه ڪيا آهن. رحمت جو مينهن ڪافر جي ٻنيءَ تي به وسندو آهي ۽ مؤمن جي ٻنيءَ تي به وسندو آهي. سج جي روشني ۽ گرمي سڀني لاءِ بغير ڪنهن مذهب ۽ ملت جي فرق جي فيض رسان آهي. مؤمن جو به فرض آهي ته اهو خدا جي شان رحمت کي جيڪو قرآن جي مطابق هر هستيءَ تي محيط آهي فقط پنهنجي هم خيالن جي لاءِ محدود نه ڪري.

مولانا رحمت الله عليه هڪ وليءَ جي زبان سان اهو ٿا فرمائن ته ادا اسان جي رحمت ته ڪافرن تي به آهي حالانڪ اسين مڃون ٿا ته اهي خدا جي سڀ کان وڏي نعمت کان يا ته محروم آهن يا ڪفران نعمت ٿا ڪن. ڪافر ته خير انسان آهن اسان کي ته ڪتن تي به رحم ٿو اچي جن کي ماڻهو پٿر هڻندا آهن. اسين ڪتن لاءِ به دعا ڪندا رهندا آهيون ته خدا يا هنر کي هن حالت کان نجات عطا ڪر جنهن جي ڪري ماڻهو انهن کي پٿر ٿا هڻن. اولياءَ دنيا ۾ انبياءَ جا نائب ۽ انهن جي صفتن جا عامل هوندا آهن ۽ انبياءَ جا اخلاق خلق الاهي جا آئينه هوندا آهن. خدا جي سڀ کان اهم صفت عام رحمت آهي.

صبر جي ڪيميا

مولانا رحمت الله عليه جن کي ڪيميا سان تشبيهه ٿا ڏين ڪيميا يا اڪسير جي متعلق مشهور هو ته اهو ٽامي وغيره کي سون ۾ بدلائي سگهندو آهي. ان کان علاوه هر قسم جي مرض جي دوا به اهي. زندگيءَ جون مصيبتون راحت جي مقابلي ۾ ڄڻ ٽامي وانگر آهن ۽ صبر جيڪڏهن حق جي لاءِ ۽ ايمان سان هجي ته اهو مصيبتن کي روحاني فيض ۾ بدلائي ٿو ڇڏي. واتواصوا بالحق وتواصوا بالصبر: صبر جي معنيٰ عربيءَ ۾ اها ڪيفيت نه آهي جو مصيبت اچي ته خاموش ٿي مٿو هيٺ ڪري ويجهجي. صبر جي معنيٰ آهي تڪليف ۽ مصيبت جي باوجود حق تي مستقل مزاجي سان قائم رهڻ ۽ همٿ نه هارڻ. هڪ حديث شريف ۾ آهي ته مؤمن کي آسائش ۽ مصيبت ٻنهي حالتن ۾ فائدو پهچندو آهي آسائش ۾ شڪر سان ۽ مصيبت ۾ صبر سان، شڪر سان نعمت ۾ اضافو ٿيندو آهي ۽ صبر سان روح ۾ پاڪيزگي ۽ تقويت پيدا ٿيندي آهي.

 

جز ۽ ڪل

جز ۽ ڪُلُ جو پاڻ ۾ رابطو ڪهڙي قسم جو آهي؟ هي حڪمت ۽ تصوف جو هڪ اهم مسئلو آهي. هي جزا، عالم حقيقت ۾ ڪُليءَ جا جزا آهن. ليڪن هنن جزن ۾ ٽڪراءُ ۽ فساد ٿيندو رهندو آهي. اهي ٺهندا ۽ بگڙندا رهندا آهن ته پوءِ ڇا حقيقت ڪُلي به هن تبديليءَ سان گڏ تبديل ٿيندي رهندي آهي؟

جيڪڏهن ان کي ڪجهه به نٿو ٿئي ۽ اها الان کما کان (جيئن هئي تيئن آهي) ئي رهي ٿي ته پوءِ عين ۽ مظهر جو پڻ ۾ تعلق سمجهه ۾ نه ٿو اچي، مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته عالم ماديءَ ۾ جيڪو جز ۽ ڪُل جو پاڻ ۾ ربطه آهي روحاني عالم جو نظام ان طريقي جو نه آهي. ارواحن جي ذات الاهي جا جزا صرف تشبيهه ڏيڻ لاءِ چيا ٿا وڃن. انسان هڪ عضوا رکندڙ وجود آهي. ليڪن حيات ۽ ڪائنات جا جزا خدا جي جسم جا عضوا نه آهن. ڇو ته خدا جو ڪو جسم ڪونهي. انسان کي هيءَ هدايت ڪئي ٿي وڃي ته تون انهيءَ ڪُل سان وابسته ٿي وڃ جنهن کي خدا ٿو چئجي. ليڪن اسين اگر مردار ۽ بيڪار ٿي خدا کان ڪٽجي وڃون ته ڇا خدا جي ذات ۾ ڪو خلل اچي ويندو؟ هرگز نه! لهذا انساني روح ۽ خدا جو معاملو مادي جز ۽ ڪُل وانگر نه آهي بلڪ هيءَ هڪ ناقص تشبيهه آهي. فرمائن ٿا ته خدا جي متعلق مثال ئي بيان ڪري ٿا سگهجن. مگر مثل ۽ مثال ۾ فرق آهي. ليس ڪمثله شيئا (هن جي مٿل ته ڪا شيءِ ڪانهي) ليڪن خود قرآن پاڪ به خدا جي ذات جي نسبت مثال بيان ڪيا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ فرمائن ٿا ته حضرت علي رضي الله عنه کي ”شير خدا“ چوڻ سان هو جانور نه ٿو بنجي پوي.

 

روحاني معراج ۽ ترقي مڪاني نه آهي

زمان ۽ مڪان متعلق مولانا رحمت الله عليه جن پنهنجو نظريو جابجا بيان ڪيو آهي هو روحاني حقيقتن کي نه زماني ٿا سمجهن نه مڪاني. روح جو سفر ۽ ان جو عروج ۽ زوال به ڪا مڪاني حيثيت نه ٿو رکي. لهذا ذات ۽ سفر ۽ ان جو عروج ۽ زوال به ڪا مڪاني حيثيت نه ٿو رکي. لهذا ذات ۽ صفات الهيه ۽ روحاني حقيقتن کي اگرچه مادي ذهن کي سمجهائڻ لاءِ مڪاني ۽ زماني تشبيهن ۾ بيان ڪيو ٿو وڃي. ليڪن زمان ۽ مڪان جو حقيقت ۾ انهن تي اطلاق نه ٿو ٿي سگهي. خدا ڏي وڃڻ ۽ ان جو قرب حاصل ڪرڻ جي هي معنيٰ نه آهي ته مادي آسمان عبور ڪري ان ڏي وڃڻ جي ضرورت آهي. فرمائن ٿا ته روح جو سفر ارتقائي هوندو آهي. هڪ ادنيٰ حالت کان ٻي حالت ڏي ترقي ڪرڻ کي رجعت الي الله چوندا آهن. الله تعاليٰ ڏي کڄي وڃڻ جي ڪا مڪاني معنيٰ نه آهي. فرمائن ٿا ته نطفي جي ڦڙي کان وٺي پيدائش ۽ بالغ ٿيڻ تائين جيڪا ترقي آهي اها ڪا مڪاني سير و سفر نه آهي. سڀني روحاني حقيقتن جو به اهو ئي حال آهي. اسان جا هي زمان ۽ مڪان ته مادي عالم ۾ زندگي گذارڻ ۾ مادي حقيقتن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جا ذريعا آهن. روحاني عالم يا عالم آخرت ۾ انهن جي ڇا معنيٰ. جنت ۽ دوزخ جون حقيقتون به صرف تمثيلا مڪاني نه آهن. انهن جي اصليت تڏهن ئي واضح ٿيندي جڏهن هو انسان جي لاءِ حق اليقين بنجي ويندا.

عقل ۽ ڏسڻ

زندگيءَ جي حقيقتن جو ادراڪ يا احساس ٻن طريقن سان ٿيندو آهي. هڪ عقل ۽ حڪمت جو ذريعو ۽ ٻيو سڌو سنئون ڏسڻ جو ذريعو آهي. جنهن کي ڪشف حقيقت يا روحاني وجدان چوندا آهن. دليلن واري حڪمت گهرجي آستاني تائين ته وٺي ٿي اچي ليڪن دروازي کان ٻاهر ئي رهي ٿي.

بقول علامه اقبال:

علق گو آستا سي دور نهين

اس کي تقدير مين حضور نهين

مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته انسان جو مقصد ٻڌڻ يا تقليد ڪرڻ نه آهي. هي ته گهٽ فهم رکڻ وارن لاءِ آهي. اصل مقصد ڏسڻ آهي.

فرمائن ٿا ته هڪ لمحي جو براه راست ڏسڻ سالها سال جي قيل ۽ قال ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي. عقل به ان جي مقابلي ۾ ڪوتاهه آهي ۽ بيان به عاجز آهي ايمان بالغيب به حضور ﷺ جن جي مقابلي ۾ گهٽ حيثيت ٿو رکي.

حڪيم بوعلي سينا ۽ حضرات ابو سعيد ابوالخير جي ملاقات جو واقعو مشهور آهي ته روحاني حقيقتن جي ثبوت ۾ بوعلي سينا سندن سامهون گهڻا دليل بيان ڪيا ۽ چيو ته مان هنن دليلن جي بنياد تي هنن شين جو قائل آهيان. جڏهن هو ڊگهي فلسفاڻي گفتگو ڪري چڪا ته حضرت ابو سعيد ابوالخير صرف هڪ جملو فرمايو جنهن دليلن واري حڪمت ۽ روحاني وجدان جو فرق واضح ڪري ڇڏيو. هنن فرمايو ته جيڪي ڪجهه تون ڄاڻين ٿو مان اهو ڏسان ٿو پيو. حڪمت ۽ ولايت ۾ بس عقل ۽ ڏسڻ جو فرق آهي.

دينن جي وحدت

اسلام سڀني دينن کان الڳ هجڻ جي دعويٰ نه ڪئي آهي. ۽ سڄو قرآن انهيءَ تعليم سان ڀريل آهي ته سڀني توحيدي دينن جو بنياد حق آهي. اگرچه هر دين ۾ گهڻي وقت گذرڻ کان پوءِ ڪجهه معاملات ۾ غلو پيدا ٿي ويو ۽ ڪاٿي آسماني صحيفن ۾ لفظي، معنوي يا تاويلي ردوبدل ٿي وئي. ليڪن اسلام جو اصل مقصد سڄي نوع انسانيءَ کي شريعتن ۽ طريقن جي اختلاف جي باوجود توحيد، عدل ۽ ڀائپي تي متفق ڪرڻ هو. هيءَ دعوت قرآن مجيد ۾ صاف لفظن ۾ موجود آهي. سڀني دينن جي انبياءَ ڪرام جو احترام ئي انسانن ۾ مذهبي رواداري ۽ باهمي مفاهمت پيدا ڪري ٿو سگهي. انهيءَ ئي ڪري مسلمان هر روز پنهنجي نمازن جي التحيات ۾ سڀني نبيبن ۽ سڀني الله جي صالح ٻانهن تي سلام ۽ درود موڪلڻ پنهنجو فرض ٿا سمجهن. اسلام جي اهائي هڪ جامعيت هن کي انهيءَ تنگ نظر دين کان الڳ ڪري ٿي ڇڏي جنهن نجات ۽ فلاح کي هڪ محدود گروهه جو حق سمجهي ورتو آهي. مولانا رحمت الله عليه ان سان گڏوگڏ دينن جي وحدت ۽ انبياءَ کان توحيد الاهيءَ ڏي واپس ٿيندي فرمائن ٿا ته سڀني صالحن جي تعريف دراصل خدا جي تعريف آهي ڇو ته هي سڀ برگزيده ٻانها الله تعاليٰ جو پاڇو آهن. جنهن اصل جا هي پاڇا آهن اهو ته هڪ ئي آهي. جيڪڏهن ڪو شخص آسمان جي اصلي چنڊ کي نه ڏسندو هجي ۽ فقط هڪ کوهه ۾ ان جو عڪس ڏسي ان جي تعريف ڪرڻ لڳي ته درحقيقت اها تعريف اصل آسمان واري چنڊ جي ئي آهي. پر هن کي جيڪڏهن آسماني چنڊ جو تصور ئي ڪونهي ۽ ان جي وجود جو ئي منڪر آهي ته پوءِ هي شرڪ يا ڪفر ٿي پوندو آهي.

 

محبت جي وسعت ۽ لطافت

 

هي علم النفس ۽ حيات انساني جي هڪ ناقابل ترديد حقيقت آهي ته انسانن ۽ شين جي محبت کان انسان نظر ڦيرائي خدا جي محبت حاصل نه ٿو ڪري سگهي. انجيل مقدس ۾ هن سلسلي ۾ هڪ دلنشين ڳالهه لکيل آهي ته اي انسان جيڪڏهن تون انهيءَ ڀاءُ سان محبت نه ٿو ڪري سگهين جنهن کي تو ڏٺو آهي ته پوءِ انهيءَ خدا سان ڪيئن محبت ڪندين جنهن کي تو ڏٺو به نه آهي؟ ليڪن هن حقيقت کي وسارڻ نه گهرجي ته ماڻهن ۽ شين جي محبت ۾ وسعت ۽ لطافت پيدا ڪندي محدود حسن کي هميشه رهڻ واري حسن جي طرف آڻڻو آهي. اصلي محبتون خدا جي محبت ۾ ختم نه ٿيون ٿي وڃن بلڪ ان ۾ داخل ٿي پاڪيزه ۽ لطيف ٿي ٿيون پون. (المجاز قنطرته الحقيقته)

علم النفس جا ماهرين ان کي جذبات جي لطافت جو عمل چوندا آهن ۽ ان ڳالهه جو ثبوت پيش ڪندا آهن ته فطري ۽ پاڪيزه جنسي جذبو ۽ والدين جي اولاد سان محبت انهيءَ لطافت جي پهرين منزل آهي، فطرت جي ظاهر ٿيندڙ شين سان جمالي ذوق جي پرورش ازلي حسن جي طرف رهبري ٿي ڪري. ليڪن جيڪڏهن سڄو محبت جو جذبو هڪ ئي شخص يا هڪ ئي شيءِ ۾ محدود ڪري ڇڏي ته پوءِ روح جي پرواز جا پر ڪٽجي ٿا وڃن. انسانن ۽ شين جو حسن به فاني آهي ۽ اهي پاڻ به فاني آهن. هيءَ فنا محدود عشق ۽ وقتي محبت کي به فنا ڪري ڇڏيندي آهي ليڪن جيڪو شخص فاني حسن کان هميشه رهڻ واري حسن ڏي عبور ڪري ٿو وڃي ان جو عشق فنا نه ٿي سگهندو ڇو ته ان جو معشوق به فاني نه آهي. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته ڪنهن هڪ خيالي صورت جي محبت به حقيقت جي طرف پرواز ڪرڻ لاءِ پر ۽ بازو بنجي ٿا سگهن.

 

نماز ۽ حقيقت

نماز جي متعلق رڪوع سجده ۽ قيام ۾ مولانا رحمت الله عليه جن نهايت دل آويز رمزن ڏي اشارو ڪيو آهي ۽ آخر ۾ فرمائن ٿا ته جيڪڏهن توهان اسلامي نماز کي صرف عضون ۾ جنبش نه سمجهو ۽ هنن رمزن کان آگاهه ٿي وڃو ته توهان کي نماز ۾ عجيب قسم جي لذت ۽ بصيرت حاصل ٿئي. نماز کي هڪ بيدو سمجهو جنهن مان قلب جي گرميءَ سان روحانيت جو هڪ ٻچو پيدا ڪرڻو آهي. مگر نماز کي صرف عضون جي جنبش سمجهڻ وارا مسلمانو! توهان جي سجده ريزي ته مون کي اهڙي ٿي نظر اچي جيئن ڪو ڪڪڙ ٺونگا هڻندو هجي. حضرت ابو هريره رضي الله عنه جي کان روايت آهي ته جناب رسول ڪريم ﷺ جن آداب نماز جي نصيحت فرمائيندي ٻين ڳالهين کان علاوه مون کي هي به فرمايو ته سجدو ڪرڻ مهل ڪڪڙ وانگر ٺونگا نه هڻڻ گهرجن.

 

دل ۽ گل

عارف رومي رحمت الله عليه انسان جي دل جي حقيقت کان آگاهه آهي. دل ته قرآن جي تعليم مطابق انسان جي اندر خدا جو پنهنجو ڦوڪلي روح آهي ۽ ان جي فطرت کي خدا پنهنجي فطرت تي رکيو آهي. فطرت کي خدا پنهنجي فطرت تي رکيو آهي. فطرت الله التي فطر الناس عليها. هينئن سمجهو ته خالص پاڻي جنهن جو اصل وحدت الاهيه جو سمنڊ آهي هتي مٽيءَ جي ملاوٽ سان گپ بنجي وئي آهي. گپ ۾ خالص پاڻي موجود ته آهي ليڪن انهيءَ حالت ۾ آهي جو ان کي استعمال نه ٿو ڪري سگهجي. جسماني خواهشن کان آزاد ٿي هيءَ دل وري پنهنجي اصليت ڏي ٿي رجوع ڪري. ان کان پوءِ هيءَ فرشي نه ٿي رهي بلڪ عرشي ٿي وڃي ٿي.

دل ئي اصل حقيقت آهي جنهن کي ڪڏهن روح ۽ ڪڏهن سٺي معنيٰ ۾ نفس به چوندا آهن. مولانا رح جو نظريه حيات هي آهي ته مادي ۽ جسماني عالم جي ڪا مستقل حقيقت ڪانهي بلڪ دل جي جوهر جا پاسا آهن. مولانا رحمت الله عليه کان علاوه ٻين به گهڻن قديم ۽ جديد حڪيمن جو به اهوئي عقيدو آهي. جنهن کي مولانا رحمت الله عليه مثنوي جي شروعات ۾ بيان ڪري ڇڏيو آهي.

انهيءَ خيال کي هتي وري دهرائن ٿا ته تون دنيا جي لذتن کي مستقل لذتون سمجهي انهن ۾ ڦاسجي ويو آهين. حالانڪ انهن شين جي لذت به دل ئي جو عڪس آهي جيڪڏهن انساني نفس جي احساس کي الڳ ڪري ڇڏجي ته پوءِ ڪابه شيءِ بذات خود نه مٺي آهي نه ڪوڙي نه ٿڌي نه گرم ۽ نه ئي ڪو شراب پنهنجي ذات ۾ ڪو نشو رکي ٿو. نشو ته تنهنجي نفس جي ڪيفيت ۾ آهي ليڪن تون وري ان کي شراب ڏي منسوب ڪيو ٿو ڇڏين. جيڪڏهن تون دل کي ئي اصل جوهر ۽ حقيقت جو مرڪز سمجهين ته سڄي حڪمت ۽ عرفان جا دروازا توتي کلي پون.

فرمائن ٿا ته خالص دل جا ڪجهه ذرا انسانن جي اندر نظر ايندا آهن. ليڪن اگر دل جي حقيقت معلوم ٿي وڃي ته هي ذرا قيمتي جبل بنجي وڃن. دل تي هڪ عظيم جاءِ آهي جيڪا حقيقتن جي جواهرن سان ڀريل آهي يا الله تعاليٰ جي عطائن جو هڪ بنا ڪناري جي سمنڊ آهي.

 

عقل جا درجا

مولانا رحمت الله عليه جهڙي طرح هستيءَ ۾ بيشمار درجن جو قائل آهي. ساڳي طرح سندن نزديڪ عقل جا به درجا آهن. جماد نبات ۽ حيوان به عقل کان خالي نه آهن انهن کان وڌيڪ اهو عقل هوندو آهي جنهن کي عام طرح ماڻهو انساني عقل چوندا آهن. مگر مولانا رحمت الله عليه جي نزديڪ انهيءَ انساني عقل ۾ به حيواني عقل جي ملاوٽ آهي. ان ڪري اها گهڻو ڪري حيواني خواهشات ۽ مادي ضرورتن کي پوري ڪرڻ جو ذريعو بني رهندي آهي. ان کان ٿورو مٿي حڪيمن ۽ فلاسفرن جو عقل آهي. جيڪو منطق وغيره جي محدود قانون سان زندگيءَ جي حقيقتن جو احاطو ڪرڻ جو دعويدار آهي. هي به هڪ جزوي عقل آهي جنهن کي داناءُ عقل ڪلي سمجهندا آهن. ان کان مٿي عقل نبوي آهي. جنهن جي بصيرت ۽ استدلال حڪيمن ۽ متڪلمين کان الڳ آهي. فلسفيءَ جي عقل ۽ نبيءَ جي عقل ۾ گل ۽ مغز جو فرق آهي ليڪن جيئن ته فلاسفرن جو عقل به ذرا مٿاهين درجي جو حيواني عقل آهي. ان ڪري ان جو لاڙو به گهڻو ڪري مادي عالم جي طرف ئي هوندو آهي. ڇو ته بقول مولانا رحمت الله عليه حيوان ڀاڄين ۽ کلن ئي جو طالب هوندو آهي ۽ ملي وڃن ته انهن تي ئي قناعت ڪندو آهي. اهي اهو نه ٿا سوچن ته جن ميون جون کلون هي آهن انهن جو مغز ڇا آهي. هي مادي عقل عام انسانن کان علاوه فلاسفرن جا به هٿ پير جڪڙي ٿو ڇڏي. مادي عقل کان مٿاهون جيڪو عقل آهي ان کي ئي عقل چوندا آهن. اهل دل انهيءَ عقل تي سوار ٿيندا آهن ۽ گرفتار نه ٿيندا آهن. استدلالي عقل ته دفترن جا دفتر ڪارا ڪندو آهي پوءِ لکن دليلن مان يقين جي چمڪ پيدا نه ٿيندي آهي ليڪن جنهن ۾ عقل آهي ان جي لاءِ نفس ۽ آفاق منور ٿي پوندا آهن.

حقيقتن جو علم کٽڻ جو نه آهي ڪنهن هڪ دور ۾ هو پورو تحقيق نه ٿو ٿي سگهي

زندگيءَ جون حقيقتون ۽ انهن جو علم انسان لاءِ ترقي پذير آهي. ڪنهن هڪ زماني ۾ زندگي گذارڻ وارا نسل اها صلاحيت ڪونه رکندا هئا ته هر قسم جون حقيقتون انهن تي منڪشف ٿين. زندگيءَ جي ترقيءَ کان پوءِ ۽ حالتن جي تبديليءَ سان گڏ ڪجهه اهڙيون سچايون قابل قبول ٿي ٿيون پون. جن جي لاءِ ذهن پهرين زماني ۾ تيار نه هئا. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته عارفن ۽ مفڪرن کي گهرجي ته تحرير ۽ تقرير سان ڪجهه نهرون کوٽيندا رهن. ڀلي اهي سمجهندا هجن ته هڪ عرصي تائين هي نهرون سڪل رهنديون ۽ انهن ۾ پاڻي اسان جي زماني کان بعد ايندو. هر دور ۾ جيڪي نوان مفڪر ۽ نوان عارف پيدا ٿيندا انهن کي کوٽيل نهرن مان فائدو ٿيندو. آخر توريت ۽ انجيل ۽ زبور مان به ته قرآن جي سچائي معلوم ٿي.

ظالم ۽ مڪار ديندار

دين جي روح کان خالي مڪار ديندار جي متعلق لکن ٿا ته اهڙا ماڻهو دراصل ظالم ۽ مطلب پرست هوندا آهن. انهن جي هڪ هٿ ۾ تسبيح هوندي آهي ۽ ٻئي ۾ قرآن شريف ليڪن ڪڇ ۾ هڪ خنجر به لڪل هوندو اٿن. اهڙن جي دوستيءَ کان پرهيز ڪيو انهن کي پنهنجو همراز نه بنايو. دين کي ڦاسائڻ جو ذريعو بنائڻ وارا ماڻهو سڀني کان زياده خطرناڪ هوندا آهن. هو توکي چوندا ته هل هيڏي نهر يا حوض جي طرف ذرا نماز لاءِ وضو ته ڪري وٺ مگر اتي توکي گهري پاڻيءَ ۾ ڌڪو ڏئي ٻوڙي ڇڏيندا.

 

هرهڪ غلط ۽ فريبي دعويدار کي مريد ڇو ٿا ملن

هر زماني ۾ ماڻهو طريقت جا پير هجڻ جي دعويٰ ڪندا آهن. ڪو مجدد بنجي ويندو آهي. ڪو مهدي، ڪو مسيح موعود، ڪو امام حاضر الوقت، ڪو نبوت جي دعويٰ ڪري ان جا ثبوت ڏيڻ لڳندو آهي. ايتري قدر جو ڪجهه چريا ته خدائيءَ جي دعويٰ به ڪري وهندا آهن جڏهن اهل دل ۽ اهل عقل انهن ماڻهن جي عقل ۽ سيرت جو جائزو وٺندا آهن ته ان نتيجي تي پهچندا آهن ته يا ته هي دعويدار ديوانو آهي يا جاهه ۽ اقتدار جي لڪل هوس هن جي اندر ڪي مغالطا پيدا ڪيا آهن مگر ڪوبه اهڙو مدعي ڪونهي جنهن کي مريد نه ملي سگهن. ڪيترن جي ته فريبڪاري اهڙي همه گير هوندي آهي جو ان جي مريدن جو تعداد لکن تائين پهچي ويندو آهي. انهن مرشدن ۽ مجددن جي هر غلط دعويٰ ڪريل ڳالهيون ۽ عمل نهايت معنويٰ تاويلن سان پيش ڪيا ويندا آهن. مولانا رحمت الله عليه ان جو هڪ نفسياتي سبب ٿا ٻڌائن ته اڪثر انسانن جي نفس ۾ ڪجهه لڪل علتون هونديون آهن. انهن باطني مرضن کان هو خود واقف نه هوندا آهن. ضعيف الاعقادي توهم پرستي، خدا کي ڇڏي انسانن کان فيض جي توقع، لڪل شرڪ، هي سڀ علتون انسانن جي تحت الشعور جي تاڙ ۾ رهنديون آهن. انهن علتن ۾ گرفتار جڏهن ڪو ڪميڻو وڏيون وڏيون دعوائون ڪرڻ لڳندو آهي ته احمقن کي ان ڪري انهن ڏي ڪشش محسوس ٿيندي آهي جو پير ۽ مريد ٻئي هڪ ئي قسم جي علتن ۾ گرفتار آهن. هيءَ ڪشش هم جنس جي لاءِ آهي. ماڻهو حيران ٿيندا آهن ته ڪجهه چڱا ڀلا سمجهدار ماڻهو به انهن مرشدن جي گرفت ۾ ڪيئن اچي ويا. هي ڪا حيرت جي ڳالهه نه آهي. هي ماڻهو هڪ طرف کان هوشيار هوندا آهن ۽ ٻئي طرف کان احمق، پيري مريديءَ ۾ انهن ماڻهن جي ڪيفيت ائين هوندي آهي ڄڻ ڪنهن هنن تي جادو ڪري ڇڏيو هجي. پر جن ماڻهن جي شعور ۾ هي باطني علتون لڪل نه آهن. اهو اهڙن دعويدارن جي ڄار ۾ نه ڦاسندو آهي. ليڪن عوام ته گهڻو ڪري باطني علتن ۾ ڦاٿل آهن ان ڪري هر دعويدار کي مريد ملي ويندا آهن خواهه هو نبوت جي دعويٰ ڪري خواهه خدا جو اوتار بنجي.

هي ماڻهو شڪاري آهن جيڪي پکين جي ٻولي ڳالهائي پکين کي پنهنجي ويجهو سڏي ڌوڪي سان ڄار ۾ ڦاسائين ٿا. هنن جاهل مريدن ۽ پيرن کي ڪا سڃاڻپ ڪانهي. ڪر ڪوڙا دعويدار وڏيون معنوي تقريرون به ڪندا آهن. جن کان عقلمند ماڻهو به متاثر ٿي پوي. ليڪن هي سڀ نفس جي چال بازي هوندي آهي. اهڙي مدعي کي خود پنهنجي دعويٰ تي به شڪ هوندو آهي. مگر احمق مريد پير کان به وڌيڪ عقيدي جا پڪا ٿي پوندا آهن. انهيءَ مان ڪڏهن به ڌوڪو نه کائجانءِ ته وڏن وڏن ذهين انسانن ان مريدي اختيار ڪئي آهي.

اهڙن جي ذهانت زندگيءَ جي ڪن خاص شعبن جي متعلق هوندي. جتي عقيدي جو معاملو ٿيو اتي هي ماڻهو مطلقا احمق هوندا آهن.

 

حماقت ۾ پختي شخص کان ڀڄو

حضرت مسيح عليه السلام جي متعلق هڪ قصو لکن ٿا ته هڪ شخص ڏٺو ته مسيح عليه السلام بيابان ۾ تيزيءَ سان ڊوڙي رهيو هو. هن چيو ته حضرت ڪو موذي يا ظالم توهان جي پويان ته ڪونهي. توهان ايترو تيز گهٻرايل حالت ۾ ڇو ڊوڙي رهيا آهيو؟ حضرت مسيح عه فرمايو ته مان احمقن کان بچڻ لاءِ ڊوڙي رهيو آهيان. هن چيو ته ڇا تون اهو مسيح عه نه آهين جيڪو نابينن کي بينا ڪندو آهي ۽ مردن کي زندهه ڪندو آهي. اهڙن معجزن جي صاحب کي احمقن کان ڀڄڻ جي ڇو ضرورت پيش آهي؟ احمق مان اوهان کي ڪهڙو نقصان پهچندو بلڪ توهان چاهيو ته ان جي حماقت جي بيماريءَ کي به اهڙي طرح پري ڪريو جيئن ڪورن انڌن جو علاج ڪندا آهيو.

حضرت مسيح عه جواب ڏنو ته هي جسماني مرض ته عارضي هوندا آهن ۽ قابل رحم هجڻ کان علاوه قابل علاج به هوندا آهن. ليڪن جيڪو شخص حماقت ۾ پڪوڳ ٿي ويو آهي. اهو ختم الله عليٰ قلو بهم ۾ اچي ويو آهي. خدا فيض جي حاصل ڪرڻ جي طرف کان ان جي دل کي تالو لڳائي ان تي مهر لڳائي ڇڏي آهي. هي دل جا انڌا گونگا ۽ ٻوڙا منهنجي وس جا نه آهن. اهڙي احمق جي صحبت ائين اڏائي ويندي آهي. جيئن بغير ڏسڻ ۾ اچڻ جي هوا پاڻيءَ کي اڏائيندي رهندي آهي. آخر ۾ مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته حضرت مسيح عه جي عقل ۽ روحانيت کي ڀلا ڪو احمق ڪهڙو نقصان پهچائي ٿي سگهيو؟ هي ڊوڙڻ صرف انهيءَ شخص کي تنبيهه ڪرڻ لاءِ هئو ته احمقن جي صحبت کان پري رهو.

 

دنيا جو طلبگار احمق

گهڻو ڪري دنيا جا طلبگار ۽ دنيادار احمق ئي آهن. بقول مرزا غالب- زمانو گهڻو ڪري جاهلن جوئي مجموعو آهي. هنن گڏهن ۾ فرق صرف ايترو آهي ته ڪي عيسيٰ عليه السلام جا گڏهه آهن ته ڪي دجال جا گڏهه. يعني ڪو نقصان نه ڏيندڙ احمق آهي جيڪو ڪنهن ڀلي انسان جي ڪم به اچي ٿو وڃي ۽ ڪو گڏهه به آهي ۽ مڪار به آهي. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته روحاني فضائل جي معيار کان اڪثر ڪري ماڻهو انڌا، ٻوڙا ۽ گونگا ۽ اگهاڙا آهن. ليڪن ظاهري لباس ۽ ظاهري حواسن جي درست ۽ چست هجڻ جي ڪري ڪنهن کي روحاني محروميءَ جو احساس ئي ڪونه ٿو ٿئي. هن خساري ۽ زيان جي باوجود ڪنهن کي به هي محسوس ڪونه ٿو ٿئي ته مان انسانيت جي حقيقي دولت جي لحاظ سان بلڪل خالي آهيان.

فرمائن ٿا ته ٻار جيڪي ڪهاڻيون ٻڌندا ۽ ٻڌائيندا آهن اگرچه بظاهر اناپ شناپ معلوم ٿينديون آهن. ليڪن انهن ۾ به نصيحت ۽ زندگيءَ جا اسرار هوندا آهن. اهڙي قسم جو هڪڙو اهل سبا جو قصو ٻڌو:

سبا هڪ نهايت آباد بارونق ۽ دولتمند شهر هڪ ليڪن سڀ ماڻهو جسماني لذتن ۾ ايترو ته گم هئا جو ڪوبه نفس جي پاڪيزگيءَ ڏي متوجهه نه هئو. ظاهري نظر نهايت دوربين ۽ خردبين ليڪن باطني بينائي غائب. ڪيل  جو پير نه نظر اچي بلڪ ان جي حڪيمانه تحقيق ۾ عمر گذاري ڇڏجي ليڪن ڪيل جي مقابلي ۾ سليمان عليه السلام نظر ئي نه اچي يعني پنهنجي روح جي حقيقت کان بلڪل ناآشنا. اهڙي طرح ظاهر ۾ هڪ شخص لباس فاخره ۽ وڏن ٻانهن وارو چوغو ته پاتل هجي ليڪن لباس تقويٰ جي لحاظ کان بلڪل اگهاڙو هجي. اهڙن جي متعلق ٻار هڪڙي ڪهاڻي ٻڌائيندا آهن جنهن ۾ لڪل نصيحت اوهان پاڻ سمجهو. هڪ انڌو هڪ ٻوڙو ۽ هڪ اگهاڙو ٽئي ڄڻا هڪ هنڌ گڏ هئا ته انڌي چيو ته مصيبت ٿي وئي سامهون فوج ايندي پئي ڏسجي ذرا هوشيار ٿي وڃو. ٻوڙي چيو ته مان به پري کان ان جي اچڻ جو شور ٻڌي رهيو آهيان ۽ تنهنجي ڳالهه جي تائيد ٿو ڪيان ته اگهاڙي چيو ته ڀڄو هي منهنجو فاخره لباس لاهي ويندا. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته دنيا ۾ مال متاع ۾ غرق انسانن جو اهوئي حال آهي. جنهن شيءِ جي لٽجي وڃڻ جو خطرو اَٿن ۽ رات ڏينهن چورن کان پيا ٿا ڊڄن. انهيءَ مال جي ڪا حقيقت ئي ڪانهي اصل ۾ اگهاڙا آهن. ليڪن ظاهري لباس جي محروميءَ جو خوف اَٿن. انڌا ۽ ٻوڙا آهن ليڪن ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي دعويٰ ٿا ڪن. شهوتن جي جنهن ڪڪڙ کي ڀُڃي کائڻ ٿا چاهين اهو هنن کي چرٻيءَ وارو ٿلهو ۽ تازو ٿو نظر اچي. ليڪن ان ۾ هڏين کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي. هر هڪ شهوتيءَ کي حقيقت ظاهر ٿيڻ کان پوءِ اهوئي انڪشاف ٿيندو آهي. جنهن ديڳڙي ۾ ان کي پچائڻ ٿا چاهن ان جو تروئي ڪونهي. حقيقت جي ظاهر ٿيڻ کان اڳ هو سمجهن ئي نه ٿا ته هي سڀ ڪجهه شهوتن جو پيدا ڪيل فريب آهي.

دنيا وارا بي حقيقت مال کي قيمتي سرمايو سمجهي اهڙي طرح چمبڙي پيا آهن. جيئن هڪ ٻار جي جهوليءَ ۾ ٺڪريون ڀريل هجن ۽ اهو ڊڄندو وتي ته هن کان ڪير کسي نه وٺي. جيڪڏهن کسي وٺجنس ته روئڻ شروع ڪري ۽ وري واپس ڏجنس ته کلڻ لڳي. ضرورت کان وڌيڪ مال ۽ مال جي محبت ۾ دنيادار جي اهائي ڪيفيت آهي جيڪڏهن ڪنهن ڪروڙ پتيءَ جو هڪ لک روپيه هليا وڃن ته اهو اهڙي طرح ماتم ڪندو آهي ڄڻ ته ڪنهن ٻن ڏينهن جي بکئي جي هٿ مان ڪنهن ماني کسي ورتي هجي. اطمينان قلب جهڙي سرمائي کي ڪم بخت ڪهڙي شيءِ جي عيوض وڃائي ٿو؟

هي سڀ فريب خورده دنيا جا طالب، خيالي ڪڪڙن جي خيالي ديڳ پچائي خيالي طريقي سان کائي جهومندا هاٿي بنجي ويا آهن ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هڪڙي سوراخ ۾ گهڙي گم ٿي ويا. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته هي سوراخ موت جو دروازو آهي.

اصل علم ته پنهنجي نفس جو علم آهي ته مان ڇا آهيان؟ ڪٿان اچان پيو ۽ ڪاڏي وڃان پيو ۽ منهنجي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟ نباتات، جمادات ۽ فلڪيات وغيره جا وسيح علم به انهيءَ علم جي بغير زندگيءَ ۽ وقت ضايع ڪرڻ جي برابر  آهن. جنهن شخص ۾ پاڪيزه سيرت ۽ بصيرت نه آهي ان جي علم ۽ ان جي مال جي حقيقت ان کي انهيءَ وقت معلوم ٿيندي جڏهن هن کي هڪڙي مدت کان پوءِ حقيقت کي سمجهندڙ شعور حاصل ٿيندو. انهيءَ وقت ان جي ڪيفيت اهڙي هوندي جهڙي انهيءَ شخص جو جيڪو خواب ڏسي رهيو هجي ته مون وٽ اشرفين جي ٿيلهي آهي. جنهن کي ڪو ڊاڪو کسي رهيو آهي. ان ڪري هو خواب جي حالت ۾ سخت بي چينيءَ ۽ ڪشمڪش ۾ ٿاڦل هوندو. ليڪن انکي سجاڳي ٿي پوندي ته هو پنهنجي ان خواب واري حالت تي حيران ٿيندو ته انهيءَ ڪمبخت دولت جي کسجي وڃڻ جي خوف مون کي ڪيترو نه بيقرار ڪري ڇڏي هو. دنيا جا طالب انسان انڌا، گونگا ۽ اگهاڙا آهن ۽ حقيقي دولت کان سڃا آهن. ليڪن هو نه ئي هنن کي پنهنجي انڌي گونگي ۽ اگهاڙي هجڻ جو ڪو علم آهي ۽ نه وري اهو سمجهن ٿا ته جنهن مال جي ختم ٿيڻ کان هو خوفزده ٿا رهن ۽ جنهن جي حاصل ڪرڻ ۾ هو ظلم ۽ بدديانتي ڪرڻ کان به نه ٿا ڪيٻائين اها خواب وارين اشرافين جي ٿيلهيءَ وانگر آهي. هڪڙي ڳالهه هيءَ به مشهور آهي ته هڪ شخص خواب ڏسي رهيو هو ته ڪو شخص هڪ کي هزار روپيه پيش ڪري رهيو آهي. ليڪن هي هن سان جهڳڙو ڪري رهيو آهي ته منهنجا ته توڏي ٻه هزار روپيه آهن. مان هي هڪ هزار هرگز نه وٺندس. ڏيڻا اٿئي ته سڀ ڏي. انهيءَ ڪشمڪش ۾ هن جي اک کلي پئي ۽ نيم خوابيءَ جي حالت ۾ ڏٺائين ته نه هڪ هزار روپيه آهن ۽ نه ئي ڏيڻ وارو. هن هڪدم اکيون بند ڪيون ۽ چوڻ لڳو ته چڱو هڪ هزار ئي ڏي.

فرمائن ٿا ته اسان جا گهڻا داناءَ، عالم ۽ فقيه به اهڙي قسم جي ڪوڙي دولت جا سرمائيندار آهن. صفر وڏائي ۽ فخر جي لاءِ اهڙن علمن ۽ فنن ۾ مصروف آهن جن مان نه کين ئي ڪو حقيقي فائدو حاصل ٿيندو ۽ نه ڪنهن ٻئي کي. کين ته هي خطرو به لڳو رهندو آهي ته منهنجو ڪو مضمون نه چورائي وٺي ۽ اها به شڪايت ڪندا آهن ته اسين اهڙي وڏي ڪم ۾ مصروف آهيون مگر ماڻهو اچي منهنجو وقت ٿا ضايح ڪن. حالانڪ سندس شغل سراسر بيڪار آهي ڇو ته حقيقي فائدي کان پري آهن. بس هيءَ اها ڳالهه آهي ته اگهاڙو انهيءَ خوف ۾ آهي ته مان هنن ماڻهن مان ڪينئن پنهنجي قميص ڇڏايان. هي ته منهنجا ڪپڙا لاهڻ جي پويان پئجي ويا آهن. اهڙو عالم مرد عارف جي نزديڪ جاهل مطلق آهي. فقيه جي سوال جواب ۾ ماهر ۽ هر وقت مصروف ليڪن دين جي اصل حقيقت کان پري، علم الافلاڪ جي ماهرن جو حال ڏسو ستارن ۾ ماه مشتري زحل جا سعد ۽ نحس، مبارڪ ۽ نامبارڪ هجڻ جي متعلق ته تحقيقات ڪري رهيا آهن. ليڪن انهن منحوسن کي خود پنهنجي سعد ۽ نحس هجڻ جو ڪو علم ئي ڪونهي. هرهڪ جوهر جي خاصيت جي تحقيق هلي رهي آهي. ليڪن پنهنجي ذات جي علم ۾ بلڪل گڏهه آهن. احمق تاجرن کي ڏسو هر شيءِ جي قيمت لڳائن ٿا. ليڪن پنهنجي قيمت جي انهن کي ڪا خبر ئي ڪانهي. سوناري کي ڏسو ته سون جي ڪوڙ ۽ سچ کي ڪسوٽيءَ تي پرکي رهيو آهي پر پنهنجي ذات کي ڪونه ٿو پرکي يا پنهنجي باطن کي پرکڻ لاءِ ڪٿان ڪسوٽي نه ٿو تلاش ڪري.

مولانا محمد نذير عرشي مرحوم هڪ شعر جي شرح ۾ هڪ شيخ ڪامل ۽ هڪ ڪتابي محقق جي ملاقات جو واقعو لکيو آهي. مرد عارف يا شيخ ڪامل کي ان ڪتابي محقق جي گفتگوءَ مان ڪجهه مزو نه آيو ۽ پنهنجي ساٿيءَ کي چيائين ته هي محقق هوندو ليڪن ڳالهائڻ جو اخلاق ڪونهيس. محقق کي جڏهن اها خبر پئي ته علم اخلاق تي هڪ بهترين ڪتاب لکي شيخ صاحب کي موڪليائين ته جيئن هن کي خبر پئي ته هي علم اخلاق ۾ ڪيترو نه هوشيار آهي. شيخ صاحب ڪتاب پڙهي فرمايو ته مون اهو ٿورورئي چيو ته اخلاق ڄاڻي ڪونه ٿو مون چيو هو ته اخلاق رکي ڪونه ٿو. اخلاق جو علم لازمي طرح سان سڍي سيرت جو ثبوت نه هوندو آهي اخلاق ڄاڻڻ جي شيءِ نه بلڪ باطن جي پاڪيزگيءَ ۽ پيش اچڻ جي شيءِ آهي.

ڪافرن جو انبياءَ جي نه مڃڻ جو سبب

هن جو ڪهڙو سبب آهي جو جنهن زماني ۾ به ڪو هادي پيغمبر آيو ان جي وقت جي خصوصا اقتدار واري ماڻهن ان جي انڪار ۽ مخالفت ۾ زور لڳايو؟ هڪ سبب ته هيءُ آهي ته پيغمبر برحق انقلابي هوندو آهي. اهو اعمال و افڪار ۽ رسم و رواج هر معاملي ۾ انقلاب جي نصيحت ڪندو آهي. جنهن جي ڪري رسمن رواجن ۾ ڦاٿل انسان کي پنهنجي عادتن ۽ مفادن ۾ ٺوڪر لڳندي نظر ايندي اهي. ان کان علاوه مولانا رحمت الله عليه هڪ ٻيو سبب به ٻڌائين ٿا جنهن جو ذڪر قرآن به ڪيو آهي ته ماڻهو ڏسن ٿا ته هي اسان جهڙو انسان آهي. کائڻ پيئڻ وارو ۽ هر طرح جون فطري ضرورتون رکڻ وارو ۽ مال متاع ۾ اسان کان گهٽ. هيءُ اسان جو پيشوا ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ هن کي ڪهڙا موتين جا هار پيل آهن. جيڪي قومون هزار ها سالن کان ديوتا پرستي ڪنديون رهيون هجن انهن جي نظر ۾ صرف صاف اخلاقن وارو انسان سمجهه ۾ نه ٿو اچي. جيڪڏهن ڪو ملائڪ آسمان مان ايندي نظر اچي ته ان کي مڃين ۽ جيڪڏهن خدا پاڻ اچي حڪم ڏئي ته ان کي تسليم ڪن، ليڪن هي شخص جيڪو پاڻ ٿو چوي ته ”انا بشر مثلکم“ هن ۾ ڇا رکيو آهي؟ چنانچه دين جي تاريخ کڻي ڏسو سڀ جاءِ تي اهوئي نظر ايندو ته پهريائين ته ڪنهن اولوالعزم پيغمبر جي مخالفت ڪيائون ۽ ماڻهو ان جي جان جي پويان پئجي ويا. پوءِ ڪجهه مڃڻ وارا پيدا ٿيا. ليڪن ڪجهه زياده زمانو نه گذريو ته وري ساڳين پوئلڳن جي پراڻي خصلت اچي ٿي وڃي ۽ جيسين تائين نبيءَ کي خدا جو اوتار نه بنائن تيسين انهن کي اطمينان نصيب نه ٿيندو. اسلام کان علاوه ٻين سڀني دينن کي ڏسو قريب قريب هر جڳهه هر ملت جو نبي خدا جو اوتار بنجي ويو آهي ۽ اهو عقيدو دين جو بنياد بنجي ويو آهي ته خدا پاڻ انسان بنجي آيو هو. اسلان کان علاوه ڪير به پنهنجي پيغمبر کي وڏي فضيلت وارو بشر نه ٿا مڃين. ٻين جي حالت ڏسندي يا ٻين سان مقابلو ڪندي ڪجهه مسلمان به انهيءَ مرض ۾ مبتلا ٿي ويا جن احمد مان ميم ڪڍي ڇڏيو ۽ رسول عربيءَ کي عين ربي بنائي ڇڏيو. شاعرن جو فن تي مبالغو آهي. انهن نعمتن ۾ الوهيت رسول جي تبليغ پنهنجي ذمي کنئي آهي. مگر خدا جو شڪر آهي جو مجموعي حيثيت ۾ مسلمان امت پنهنجي ٻين هزار غلطين ۽ خامين جي باوجود نبي ڪريم ﷺ کي اعليٰ درجي جو انسان ئي سمجهن ٿا جن جي زندگيءَ جو هر پهلو انسان لاءِ اسوت حسنه آهي.

مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته اهل سبا وٽ جڏهن انبياءءَ ڪرام آيا ته اهي پنهنجي مالي خوشحالي ۽ فارغ البانيءَ ۾ ايترا ته مست هئا جو انهن کي ڪنهن رهبر جي ضرورت ئي محسوس ڪانه ٿيندي هئي. هو چوندا هئا ته اسان وٽ سڀ ڪجهه آهي تنهنجي پيرويءَ مان اسان کي ٻي ڪهڙي خاص ڳالهه حاصل ٿيندي؟ ان کان علاوه هو چوندا هئا ته تون چئين ٿو ته مان خدا جو قاصد آهيان. ليڪن بادشاهه جو قاصد ته بادشاهه جي جنس مان هوندو آهي. خدا جو قاصد به خدا جي جنس مان هئڻ گهرجي. تون اسان وانگر پاڻيءَ ۽ مٽيءَ جي مخلوق آهين. ڪاٿي هيءَ خاڪ ۽ ڪاٿي خالق افلاڪ. ذري کي آفتاب سان ڪهڙي نسبت؟ جيڪڏهن تون خدا جو هم جنس هجين ها ته توکي مڃيون ها ليڪن تون آهين ته اسان جي جنس ۽ چئين ٿو ته خدا جو قاصد آهيان. اسين ڪيئن مڃون؟ مولانا رحمت الله عليه جن ڪهڙي نه عمدي ڳالهه ڪئي آهي فرمائن ٿا ته هندو ڌرم ٻڌهه مت، عيسائيت سڀ اوتاري ڌرم آهن. صرف ۽ صرف اسلام وٽ ئي هڪ بشر پيغمبر رهجي ويو آهي. انهن گهٽ سمجهه وارن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه ٿي اچي ته جيڪا تمام سادي ۽ سولي آهي ته انسان ئي انسان جو رهنما ۽ انسان ئي انسان لاءِ فڪر ۽ عمل جو نمونو بنجي ٿو سگهي. جيڪڏهن مذهبي پيشوا پاڻ خدا هو ته پوءِ ڪنهن انسان جي لاءِ اهو ڪهڙي پيروي جي قابل ٿي ٿو سگهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com