سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تشبيهات رومي

باب: --

صفحو :9

 

حصو ٽيون

 

سڄو عالم کائڻ وارو ۽ کاڄندڙ آهي

مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته هي عالم جنهن ۾ اسين زندگي گذاري رهيا آهيون. ان ۾ هر هستي کائڻ واري به آهي ۽ کيس به کاڌو ٿو وڃي. فرمائن ٿا مون هن عالم ۾ هرهڪ ذري کي غذا حاصل ڪرڻ لاءِ وات کوليندي ڏٺو آهي ۽ هرهڪ جاندار جو عضوو پنهنجو پنهنجو خاص طريقو ٿو رکي ۽ غذا جو طالب آهي، غذا جي نوعيت الڳ الڳ آهي مگر اهي شيون ذري ذري ۾ موجود آهن، ۽ جيڪي کاڄڻ کان مٿانها ٿي ويا آهن. اهي مقبول خوش بخت هن عالم کان مٿانها ٿي ويا آهن، جيڪڏهن توکي روحاني غذا گهرجي ته ڪنهن روحاني پيشوا جي زحمت رک توکي ڇا ٿو ملي سگهي جيسين ان غذا لاءِ تو پاڻ ۾ قبول ڪرڻ جو استعداد پيدا نه ڪئي آهي، اهڙي بخشش خاص الله تعاليٰ جي عنايت آهي، تون به درخواست ڪر ته توفيق جي مطابق ملي ويندئي.

سڀ ڪجهه چئي وڃڻ کان پوءِ وري فرمائن ٿا ته هي قانون جسمانيت جي عالم جو آهي. ابدي حقائق هن جي ماتحت نٿا اچن، ان ڪري الله تعاليٰ فرمائي ٿو: والباقيات الصٰلحت: حڪيم ۽ ڪريم مرد اهو آهي جيڪو انهن باقيات جي آب حيات کي پي پاڻ به باقي ٿي وڃي، ”کل شيءِ هالڪ الا وجه“ اهڙو شخص وجه ۾ داخل ٿي بقا حاصل ٿو ڪري. معنيٰ جي به نڙي آهي، جان جي به نڙي آهي، بدن جي هرهڪ عضوي جي نڙي آهي، نفس جي به نڙي آهي، عقل ۽ دل جي به نڙي آهي، هن معاملي ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي ته هنن سڀني نڙين کي انهن جي مناسب غذا ملندي رهي، جهڙي طرح خراب غذا سان جسم خراب ٿيندو آهي. اهڙي طرح نفس، عقل ۽ دل به غير مناسب غذائن سان بدهاضمي جو شڪار ٿي پنهنجي صحت خراب ٿا ڪن ۽ پنهنجو ڪم پورو ڪري نٿا سگهن، ڪن ماڻهن کي خاص ڪري عورتن کي مٽي کائڻ جو چسڪو پئجي ويندو آهي، ان ڪري انهن جا منهن پيلا ۽ بيمار ٿي پوندا آهن، فرمائن ٿا عمر جي هڪ حصي کان ٻئي حصي ۾ داخل ٿيڻ سان جيئن انسان کي غذا جي تبديليءَ جي ضرورت هوندي آهي اهوئي حال هن جي عقلي ۽ روحاني زندگيءَ جو آهي. عقلي ۽ روحاني ترقي جي هر درجي ۾ غذا به بدلجڻ گهرجي ٻار جي لاءِ ماءُ جو کير لازم آهي. ليڪن آخرڪار ڇڏائڻو پوندو آهي ٻار ان وقت سخت پريشان ٿي پوندو آهي ليڪن ماءُ يا دائيءَ کي زبردستي ڇڏائڻو پوندو آهي ته جيئن ماءُ جو کير ڇڏڻ کان پوءِ بي انتها کائڻ پيئڻ جون نعمتون هضم ڪري سگهي، جڏهن ٻار پيٽ ۾ هوندو آهي ته ان جي غذا رت هوندو آهي، ان جي پيدائش هن جي خون خواريءَ کان ڇڏائي شير خواري بنائيندي آهي. ٿڃ ڇڏائڻ کان پوءِ هو گوشت ڀاڄيون وغيره کائڻ لڳندو آهي ان کان پوءِ کائڻ پيئڻ جي وقت کان پوءِ جڏهن ان کي عقل ۽ حڪمت (دانائيءَ) جو چسڪو لڳندو آهي ته پوءِ هو لقمي کي ڇڏڻ سان لقمان بنجي پوندو آهي.

فرمائن ٿا ته انسان هن جسماني ۽ حيواني شهوتن جي عالم کي روحاني عالم واسطي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي، هن کي خبر نه آهي ته هي نئين زندگي  هن کي خدا جي ڪهڙي نه ڪشادي ۽ خوشگوار ڪائنات ڏي وٺي ٿي وڃي. ماءُ جي پيٽ ۾ جڏهن ٻار صرف رت جي غذا تي هڪ تنگ جاءِ ۾ هوندو آهي ان کي جيڪڏهن ڪير چوي ته هتان نڪر ۽ ٻاهر جي دنيا ۾ رزق به عمدا ۽ مختلف قسم جا آهن خوبصورت ۽ ڪشاده نظارا به آهن ته هن کي ڪڏهن به يقين نه ايندو بس هو پنهنجي غذا کي جان پرورش ۽ پنهنجي رهڻ واري جاءِ کي سڄو جهان ٿو سمجهي اهڙي طرح عام ماڻهو به جسماني عالم مان نڪري روحاني عالم ۾ پيدا ٿيڻ کان گهٻرائن ٿا ۽ سمجهن ٿا ته بس هي ئي جهان سڀ ڪجهه آهي، هي هٿن مان نڪري ويو ته اڳتي ڪجهه به ڪونهي. هي سڀ ڳالهيون پيٽ جي اندر ٻار کي يقين جي قابل نه معلوم ٿين ها ڇو ته هن جي وهم ۽ گمان ۾ به نه ٿي اچي سگهيون. ان ڪري هو ضرور ڪافر ۽ منڪر ۽ ڪڏهن به پيدا ٿيڻ تي پنهنجي خوشيءَ سان تيار نه ٿئي ها، مگر قدرت هن کي زبردستي ڪشادي دنيا ۾ آڻي ٿي پنهنجي مرضيءَ سان ته هو ڪڏهن به نڪرڻ لاءِ تيار نه ٿئي ها.

 

نفس جون لهرون

گهڻا صوفياءِ ڪرام پنهنجو تجربو بيان ڪندا آهن ته هر شخص بلڪ هر جامد شيءِ مان خاص قسم جون لهرون يا شعاع نڪرن ٿا هر شخص جي چوڌاري انهن لهرن يا شعاعن جو هڪ جهمگهٽو هوندو آهي. جنهن کي حساس نفس محسوس ڪندا آهن گهڻو ڪري اهڙا ماڻهو جنهن جي حس خاص طريقي سان تيز نه هوندو آهي. اهي به ڪنهن ڌارئي شخص کي ڏسندي ئي يا ته ڪجهه ڪشش محسوس ڪندا آهن يا نفرت، عام نفسيات به ان جي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مگر هي نفسيات اهل دل جي تجربن کي نه ٿي پهچي سگهي. مولانا رحمت الله عليه به هڪ جاءِ تي انهن لهرن يا موجن جو ذڪر ڪيو آهي. شين يا ماڻهن جي اسين جيڪا بوءِ محسوس ڪندا آهيون اهي به موجون يا لهرون هونديون آهن. جيڪي اسان جي خاڪ جي اندروني سطح سان ٽڪرائجن ٿيون ته اسان کي سٺي يا خراب محسوس ٿئي ٿي. هڪ حساس اهل دل ڪڏهن ڪنهن شخص سان ملندو آهي ته هن جي شعاعن يا لهرن مان هن جي سيرت کي سڃاڻي وٺندو آهي. جهڙي طرح بوءِ سان شيون سڃاڻبيون آهن. ليڪن خدا جي پرده پوش صفت مردان خدا ۾ به موجود هوندي آهي. ان ڪري هو هر شخص تي ان جي سيرت جو عيبدار پهلو ظاهر نه ڪندا آهن ۽ بيان نه ڪندا آهن ته جيئن ان شخص جي دل آزاري نه ٿئي ڇو ته دل آزاري گهڻوڪري نفس جي اصلاح ۾ رڪاوٽ ٿيندي آهي. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته هر وقت هر انسان مان هي موجون يا لهرون بوءِ بنجي نڪرنديون رهنديون آهن خواهه هو جاڳندو هجي يا ستل هجي، چاهي ڳالهائيندو هجي يا خاموش رهي. غرور، حرص ۽ هوس جي بوءِ ڳالهائڻ شرط وات مان نڪرندي آهي ۽ ٻڌڻ وارو ان جي خلاف ئي دعويٰ ڪندو هجي ته مان ته بلڪل عاجز ۽ خاڪسار آهيان ۽ مون کي ڪنهن به قسم جي لالچ ڪانهي. هن جو مثال مولانا رحمت الله عليه جن هي ٿا ڏين ته جيڪڏهن ڪو شخص بصر ۽ ٿوم کائي زور شور سان قسم کڻي انهيءَ جو انڪار ڪري هن جي بيان کي ڪير سچ سمجهندو ڇو جو هن جي وات مان ايندڙ بدبوءِ جي ڪري رد ٿي وينديون آهن، باري، الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ ته صرف پاڪيزگي پسند آهي.

 

دعا جي توفيق

جڏهن ڪو شخص سچي دل ۽ عاجزي نيازيءَ سان دعا گهري ٿو ته هي دعا جي توفيق ۽ دل ۾ نرمي به الله تعاليٰ جي طرف کان ئي هوندي آهي، فرمائن ٿا ته اهڙي دعا جي متعلق سبب ۽ اثر جو هي قانون نه آهي ته دعا ڪبي ته پوءِ خدا ٻڌندو بلڪ ائين سمجهڻ گهرجي ته خدا ان جي قلب کي مائل ڏسي ان کي دعا جي توفيق ڏني. هتي اثر پهريائين آهي ۽ دعا بعد ۾ يا ائين چئجي ته هڪ وقت سبب ۽ اثر همڪنار آهن هن حقيقت کي مولانا رحمت الله عليه هڪ قصي ۾ بيان فرمايو آهي ته هڪ شخص صبح و شام الله الله ڪندو ٿو رهي ۽ انهي انتظار ۾ آهي ته الله تعاليٰ جي طرفان لبيڪ جو آواز ايندو ته مان موجود آهيان ۽ ٻڌان ٿو پيو ليڪن اهڙو ڪوبه آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو ته شيطان ان جي دل ۾ وسوسو وڌو ته شام صبح الله الله ٿو ڪرين جيڪڏهن هو ٻڌي ها ۽ قبول ڪري ها ته توکي جواب ڏئي ها، اهڙي بي فائدي ذڪر لاءِ ڇو ٿو وقت ضايح ڪرين؟ انهيءَ تي حضرت خضر عليه السلام هن کان خواب ۾ اچي پڇيو ته تون دل جو شڪستو ڇو ٿيو آهين؟ هن چيو ته خدا ڪو جواب ئي ڪونه ٿو ڏئي انهيءَ ڪري منهنجي دعا ڪهڙي ڪم جي. خضر عليه السلام فرمايو ته مون کي الله تعاليٰ فرمايو آهي ته هن ٻانهي کي چئو ته تنهنجو مون کي ياد ڪرڻ ئي منهنجي لبيڪ آهي، تنهنجي دعا ۾ هي نياز ۽ سوز اسان جو ئي پيدا ڪيل آهي.

 

پنهنجي روح کي حيوان سمجهڻ

انسان جو روح ”امر ربي“ آهي. ان جي فطرت ۾ خدا جي پنهنجي فطرت جو پاڇو آهي. ”فطرت الله التي فطر الناس عليها“ خدا هن روح کي صفتن جي تڪميل ۽ ذات جي ترقي لاءِ هن جهان جي امتحان گاهه ۾ موڪليو آهي. هتي هو مادي جسم ۽ مادي عالم ان وابسته ٿي ويو آهي، انسان پنهنجي اصل حقيقت کي وساري پنهنجو پاڻ کي صرف هڪ ترقياتي حيوان ٿو سمجهي جنهن کي گهڻو ڪري کائڻ پيئڻ ۽ نسل پيدا ڪرڻ جو ئي مطلب آهي. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته توهان ائين سمجهيو ته توهان جبرئيل عليه السلام کي پنهنجي گهر ۾ اندر هڪ ٿنڀي سان ٻڌي ڇڏيو آهي ڄڻ ته هو به ڳئون وغيره وانگر هڪ جانور آهي. هن جا وار ۽ پر پٽي ڇڏيا اٿو. جنهن ڪري هو پرواز کان محروم ٿي ويو آهي. هاڻي بس هن کي هڪ گوشت خور جانور سمجهي ان جي اڳيان ڀڳل ڇيلو ٿي رکيو ڪڏهن هن کي گاهه کائيندڙ جانور سمجهي چراگاهه جي طرف يا سڪل گاهه جي ڍير جي طرف وٺي ٿي آئيو ته وٺ هي گاهه کاءُ – تون روح جي غذا کان ناواقف آهين. ان ڪري ان کي بکيو ٿو مارين.، روح جي غذا ته ذڪر ۽ دل جي جهڪڻ (قنوت) جي ذريعي خدا جو ديدار آهي.

جبرئل عليه السلام کي پنهنجي اندر ٻڌڻ سان اسان کي ڪبير جو هڪڙو لطيفو ياد آيو. ڪبير خدا مست موحد هو ۽ هندن جي نيچ ذاتين ۾ توحيد ۽ مساوات انسانيءَ جي تبليغ ڏيندو هو. شرعي عبادت جون ظاهري عادتون ان جي زندگيءَ ۾ نظر نه اينديون هيون . ان ڪري انهيءَ موحد کان جهڙي طرح پنڊت بيزار هئا. ساڳي طرح اسان جا فقط ظاهر تي رکڻ وارا مولوي به ان کي ملحد ۽ ڪافر سمجهندا هئا. ڪڏهن ڪو مولوي صاحب ان جي خبر وٺڻ ان جي گهر به هليو ويندو هو. هڪ ڏينهن ڪبير پنهنجي دريءَ مان ڏٺو ته هڪڙو مولوي صاحب ڪاوڙ ۾ اچي رهيو هو ته جيئن مون ڪافر تي لعنت ملامت ڪري. هن جي پاري ۾ ڪجهه شودن مرون پاليا هئا. ڪبير ڪنهن کي چيو ته هڪ مرونءَ کي منهنجي دروازي تي به آڻي ٻڌو. مولوي صاحب جڏهن ڪبير جي در تي پهتا ته ڏٺئون ته واقعي هي ملعون آهي. هن جي در تي ته هڪ مرون ٻڌو پيو آهي. فوراً چيائين ته اي بدبخت! تون ڪٿان جو مسلمان ۽ ولي آهين. دروازي جي ٻاهران ته مرون ٻڌي ڇڏيو اٿئي. ڪبير چيو ته مولوي صاحب مرون کي دروازي جي ٻاهران ٻڌي ڇڏڻ انهي کان سٺو آهي ته هو انسان جي اندر ۾ گهريلو ۽ پالتو جانور ٿي رهي. خبر ناهي ته هيءَ صوفيانه چوٽ مولوي صاحب کي سمجهه ۾ آئي يا نه بهرحال هو گهٽ وڌ ڳالهائيندو هليو ويو. شاهه عبدالعزيز محدث دهلوي جي هڪ شاگرد شاهه صاحب کان بار بار پڇيو ته ڪبير هندو هو يا مسلمان؟ ليڪن پاڻ هي جواب ڏيندا رهيا ته ڪبير موحد هو.

اي خاڪي ٻانها زمين کان صبر جوسبق سک

زماني جا اهڙا حادثا جن کان بچڻ ممڪن نه آهي، انهن جي متعلق عقلمند انسان جو عمل صبر ئي ٿي سگهي ٿو. طوفان، کنوڻ، هوائون، سج جي گرمي، ٻوڏيون وغيره انهن جي متعلق انسان هزار هيلا هلائي پوءِ به بچي نه ٿو سگهي. مولانا رحمت الله عليه انسان جي تلقين لاءِ هن مان هڪ عجيب نڪتو پيدا ڪيو آهي. فرمائن ٿا ته ڏسو هي توهان جا مادي ۽ جسماني حادثا آهن. اسان جي زمين انهن سڀني کي صبر سان برداشت ٿي ڪري. اي انسان تون به ته آخري اهڙي جسماني حيثيت ۾ هن زمين جو هڪ جز آهين. انهيءَ ڌرتيءَ ماتا جو اولاد آهين. تون انهن حادثن جي متعلق هن کان سبق حاصل نه ٿو ڪرين؟ انهن سڀني حادثن جي باوجود زمين، هن جي پيداوار ۽ ان تي زندهه رهڻ وارا حيوان سڀ ڪجهه برداشت ڪرڻ جي باوجود به موجود آهن. زمين جي صبر ان کي ۽ ان جي تعلق رکندڙن کي برباد ته ڪونه ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترا حادثا اهڙا آهن. جن کي تون آسماني آفتون ٿو سمجهين. ليڪن زمين انهن مان تازگي حاصل ٿي ڪري. اي زمين جا حصا! تون به هن جي صبر ۽ ان جي اجر متعلق سبق حاصل ڪر.

خاڪ جي پستيءَ مان آسمانن جي مٿاهين

عارف رومي رحمت الله عليه جن جو نظريه حيات جنهن کي پاڻ  هرهنڌ مختلف تشريحن ۽ تشبيهن سان بيان ڪيو آهي ۽ هڪ رنگ جي مضمون کي هزارين مثالن سان ٻڌي ڇڏيو آهي. ان جو لب لبان هي آهي ته انساني روح مادي عالم جي پيداوار نه آهي هن کي مٿاهين عالم مان مادي زندگيءَ جي پستيءَ ۾ ان لاءِ موڪليو ويو آهي ته الله تعاليٰ ڏي رجوع ٿيڻ جي ڊگهي ۽ مسلسل ڪوشش سان هو پنهنجي ممڪنات حيات کي متحقق ڪري سگهي. الله تعاليٰ جي زبان سان فرمائن ٿا ته ڏسو ”خلقنا کم من تراب“ ته مون توکي مٽيءَ مان پيدا ڪيو، هن کي تون پنهنجي هستيءَ جي پستي نه سمجهه، تنهنجي سامهون مادي فطرت جا مثال به موجود آهن جيئن ٻج کي مٽيءَ ۾ اندر پوکبو آهي. ليڪن وڌڻ ويجهڻ جو ذوق ۽ ترقيءَ جو شوق ان کي هڪ ميويدار وڻ بڻائي ٿو ڇڏي، ته ڇا تون هڪ ٻج جي داڻي کان گهٽ حيثيت ٿو رکين؟ جو پنهنجو پاڻ کي فقط خاڪ جو پتلو سمجهي ورتو اٿئي جيڪو خاڪ مان نڪري وري به خاڪ ٿي ويندو. توکي ته هن خاڪ مان اڀري ڪائنات جي طاقتن جو سردار بنجڻو آهي. زندگيءَ جي ڪنهن مرحلي ۾ عارضي ۽ ظاهري پستي ان ڳالهه جو ثبوت نه آهي ته بس هاڻي اها پست جي پست ئي رهندي ذوق ٿو چوي:

ديکهه چهوڻون کو هي الله بڙائي ديتا

آسمان آنکهه کي پتلي مين هي ديکهائي ديتا

فرمائن ٿا ته پاڻيءَ کي ڏسو آسمان کان وسي ٿو ليڪن ٻيهر مٿي چڙهي رحمت جو ڪڪر ٿو بنجي. اهوئي حال هر ميوي جو آهي ته هن جو ٻج زمين ۾ دفن ٿي وري مٿاهون ميويدار وڻ ٿوبنجي. سڀ نعمتون مٿاهين جهان کان هيٺاهين جهان ۾ نازل ٿيون ٿين. ليڪن هر نزول وري بلنديءَ جو سبب ٿو بنجي. پاڻي، خاڪ، ٻوٽا ۽ ٻيون بي جان شيون آهن. ليڪن زندگيءَ جي ڪيميا سان اهي زندگيءَ ۾ تبديل ٿي ٿيون وڃن ۽ انسان جو جز ۽ جان بنجي انسان بنجي ٿيو وڃن.

ڏک مان بصيرت ۽ سٺي سيرت ٿي پيدا ٿئي

زندگيءَ ۾ جڏهن انسان تي رنج ۽ غم طاري ٿيندو آهي، ته اهو هڪ طريقي سان پستي محسوس ڪندو آهي. ليڪن جيڪڏهن درد، غم ۽ رنج والم نه هجن ها ته انسان هن مادي زندگي ۾ مست ٿي وڃن ها ۽ نه ڪڏهن پنهنجي روح جي گهراين ۾ غوطا هڻن ها ۽ نه هن ۾ ٻين لاءِ ڪو درد ۽ احساس پيدا ٿئي ها ۽ نه وري صبر ڪرڻ سان نفس جي تڪميل جي مشق ٿئي ها. جن ماڻهن کي زندگي گذارڻ جا مادي وسيلا ڪشادا ۽ دنياوي ڪاميابين سان هميشه خوشي رهندي آهي انهن ماڻهن جو شعور وچولي درجي جو ۽ زندگيءَ جي اسرارن کان بيگانا هوندا آهن. محرومين ۽ ناڪامين سان دل کي چوٽ ٿي لڳي جيڪا بصيرت کي بيدار ٿي ڪري. چوٽون کاڌل دليون گهڻيون بصيرت ۽ عليم ٿي پونديون آهن ۽ زندگيءَ جي درجن ۾ انهن جي قيمت وڌي ويندي آهي. علامه اقبال جو شعر آهي ته:

تو بچا که رکهه اي، تيرا آئينه هي وه آئينه

جو شکسته هو تو عزيز تر هي نگاهه آئينه ساز مين

مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته غم جي پستي به انسان کي بلند ڪرڻ جو هڪ لازمي ذريعو آهي.

زندگي بحر آلام مين، ڊوب کر ابهرتي هي

غم هڪ خزانو آهي ۽ رنج محنت ۽ جفاڪشيءَ جي اندر زندگيءَ جي جواهرن جي کاڻ آهي. ليڪن ٻارن کي اها ڳالهه ڪير سمجهائي گهڻو ڪري انسان عقل جي لحاظ کان نا بالغ ئي آهن.

محبت جا ڪرشما

ڪوڙاڻ کان مٺاڻ ۽ هيٺائينءَ کي مٿاهين بنائڻ عشق جو ئي ڪم آهي. زندگي جي ڪيميا جو اهوئي هڪ تجربو ڪيل نسخو آهي. فرمائن ٿا ته ڏسو معشوق جو رکو ڳالهائڻ به ڪهڙو نه مٺو پيو لڳندو آهي. داغ جي هڪ شعر جو ترجمو:

توکي ٿي اچي پيار تي ڪاوڙ،

مون کي تنهنجي ڪاوڙ به پياري پئي لڳي.

گهر ۾ جيڪڏهن سٺي زال هجي ته بيابان ۾ جهوپڙي به شاهي محلات کان بهتر ٿي پوندي آهي. گهر ۾ ٻارن ٻچن جي پرورش جي لاءِ مڙس ۽ زال چلهه گرم ڪرڻ لاءِ جهنگ ۾ ڪاٺيون ڪنڊا گڏ ڪرڻ ۾ به خوش رهندا آهن. هڪ مزدور چيلهه تي ڳرو بار کڻي ٿو ته جيئن مزدوري وٺي گهر وڃي ٿو ته هڪ دلبر جي دل خوش ڪري سگهي. لوهار پنهنجي جسم تي ڪارنهن جا داغ برداشت ٿو ڪري ته جيئن گهر جي حور لاءِ زندگيءَ جو سامان مهيا ڪري سگهي. هڪ دڪاندار گوڏا کوڙي صبح کان شام تائين دڪان ۾ ويٺو ٿو رهي ته جيئن گهر ۾ پنهنجي محبوب لاءِ ضرورت ۽ زيبائش جو سامان مهيا ڪري سگهي. هڪ دڪاندار گوڏا کوڙي صبح کان شام تائين دڪان ۾ ويٺو ٿو رهي ته جيئن گهر ۾ پنهنجي محبوب لاءِ ضرورت ۽ زيبائش جو سامان مهيا ڪري سگهي. هي سڀ عشق جا ڪرشما آهن. هي سڀ ڪوششون، مادي آهن ۽ انهن کي توهان هيٺئين جهان ۾ شمار ڪري ٿا سگهو ليڪن عشق جي ڪري هي سڀ ڪوششون بلند ٿي روحاني عالم جو جز بنجي ويون آهن. ڇو ته محبت ڪا مادي شيءَ نه آهي. اهو مٿانهين عالم جو فيضان آهي. مال ۽ اسباب سڀ جماد ۽ مرده شيون آهن ليڪن انهن سڀني جي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنهن زنده هستيءَ لاءِ هوندي آهي. هاڻي جيڪڏهن عشق جو مقصود ڪنهن نه ڪنهن قسم جي زندگيءَ ۾ آهي ته پوءِ عشق کي اهڙي هستيءَ سان ڇو نه ٿو لڳائين جيڪا سراپا زنده ۽ زندگي بخشيندڙ آهي؟ مال متاع هجي يا انساني محبوب، جسماني حيثيت ۾ مرده آهن يا مرده ٿيڻ وارا آهن. اصل محبت فاني جسم کي محبت نه آهي، محبت کي هميشه رهڻ واري زندگيءَ سان لڳايو جيڪا سڀئي پائدار محبتن جي جامع آهي. انسان جي انسان سان محبت ته گهڻو ڪري زوال ۾ اچڻ واري شيءِ آهي. جيڪڏهن ظاهري حسن لازوال نه آهي ته پوءِ ظاهري عشق ڪيئن دائمي ۽ باقي رهي ٿو سگهي؟ حق کان سواءِ جيڪڏهن ٻين محبوبن ۾ وفا هجي ها ۽ انسان جي محبت پائدار هجي ها ته پوءِ ماءُ پيءُ سان تنهنجي محبت ۾ ڪڏهن به فرق نه اچي ها، ليڪن وڏي عمر ۾ والدين سان محبت ۾ ڪيڏي نه سرسري رهجي ويندي آهي. انساني زندگي ۾ اڪثر محبت بي رخي يا نفرت  ۾ بدلجي ويندي آهي ۽ ڪنهن ڪنهن وقت نفرت بدلجي محبت ٿي پوندي آهي. ٻار اسڪول وڃڻ کان گهٻرائيندو آهي، سبق کان بيزار هوندو آهي ۽ استاد کي ايترو ته ظالم سمجهندو آهي جو ان جي مرڻ جو دعائون ڪندو آهي ۽ چوندو آهي ته مري نه ٿو ته ڪم از ڪم بيمار ئي ٿي پوي ته موڪل ملي سگهي، ليڪن ٿوري عمر وڏي ٿي ته ماءُ جي کير سان محبت نه رهي ۽ علم جي چسڪي اسڪول ۽ استاد سان محبت پيدا ڪري ڇڏي.

دنيا ۾ ڪابه هستي پنهنجو ذاتي حسن ڪانه ٿي رکي جتي به حسن نظر ٿو اچي اهو ازلي حسن جو پاڇو آهي. حسين شيون يا هستيون اهي آهن جن تي هميشه رهڻ واري سج (الله تعاليٰ) جا شعاع پئجي رهيا آهن. جن هن تي سون جو تهه چاڙهيو آهي، جيئن شعاع هٽيو تيئن ان شيءِ جو عارضي حسن غائب ٿي ويو.

 

منافق ۽ مڪار ديندار جو مثال

مولانا رحمت الله عليه هڪ ڳنوار ۽ شهريءَ جي ميزباني ۽ مهماني جو هڪ عجيب سبق آموز قصو لکيو آهي ته هڪ ڳنوار مڪار پيٽوءَ هڪ شهر ۾ پهچي ڪنهن رئيس سان سڃاڻپ پيدا ڪئي ۽ مصنوعي محبت سان هن کي پنهنجو دوست بنائي ڇڏيائين. هر سال هن وٽ نازل ٿي ويندو هو ۽ مهينن جا مهينا جن وٽ رهي مزيدار کاڌا کائيندو هو ۽ هن جي خدمت مان خوب مزا وٺندو هو ۽ هن سلسلي کي جاري رکڻ جي لاءِ هو هر دفعي انهيءَ رئيس کي چوندو هو ته ڪڏهن اسان جي ڳوٺ به اچو ۽ اتان جي ته آب هوا شهر کان وڌيڪ صاف هوندي آهي. فضا به تمام وڻندڙ هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ گل و گلزار ۽ ميويدار وڻن جي ڪثرت آهي. مهرباني ڪري پنهنجي ٻارن کي به وٺي اچو ۽ گهمي ڦري وڃو پر هو رئيس گهڻن ڪمن وارو شخص هجڻ سان گڏ ڪنهن عهدي تي به هئو ۽ گهڻي موڪل ملڻ هن لاءِ مشڪل هئي ان ڪري ٽال مٽول ڪري هو چوندو هو ته هن سال ته مشڪل آهي البته ايندڙ سال ڪوشش ڪندس ۽ تنهنجي دعوت قبول ڪري تنهنجي ڳوٺ هلندس. آخر هڪڙي سال انهيءَ رئيس جي ٻارن پنهنجي پيءُ کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ته اسان کي ٻهراڙيءَ ۾ گهمائڻ وٺي هلو ته جيئن اسين اتي کليل ميدان ۾ راند کيڏون ۽ تازي ميوا کائون. آخرڪار اهو رئيس ضروري سامان کڻي ٻارن کي ساڻ ڪري انهيءَ ڳوٺ ڏي روانو ٿيو. جيڪو شهر کان تمام گهڻو پري هئو جنهن جي ڪري هن رئيس کي ٻارن سوڌو پهچڻ ۾ ڪافي وقت لڳو ۽ تڪليف به بيحد ٿي آخر پڇا ڳاڇا ڪندو جڏهن انهيءَ ڳوٺ ۾ پهتو ته ڳنوار پري کان هنن کي ايندو ڏسي پنهنجي گهر جو دروازو اندران بند ڪري لڪي ويو. ڪيتري دير دروازي کي کڙڪائڻ ۽ آواز ڏيڻ جي باوجود گهر مان ڪو به جواب نه آيو. جنهن جي ڪري رئيس صاحب جو پورو خاندان سڄي رات ٻاهر ميدان تي آسمان هيٺان گذارڻ تي مجبور ٿي پيو آخر هن ڳنوار دوست ٻاهر نڪري منهن ڏيکاريو. جهن تي هن کي ڏسي رئيس اڳتي وڌي هن سان ڀاڪر پائي ملڻ لڳو. ليڪن هو ڳنوار بلڪل بيخبر بنجي هن کان پڇڻ لڳو ته تون ڪير آهين؟ مان ته توکي ڪونه ٿو سڃاڻان. هن چيو ته اڙي ادا توکي ڇا ٿي ويو آهي. تنهنجي يادگيري ختم ته نه ٿي وئي آهي تون ڪيترن سالن کان مون وٽ شهر ۾ ايندو رهندو آهين. ڇا اهي سڀ ڳالهيون تو وساري ڇڏيون ۽ هاڻي تون مون کي سڃاڻين به ڪونه ٿو؟ هن چيو ته ڳالهه اها آهي ته مان هاڻي ياد الاهيءَ ۾ بلڪل بيخود ٿي ويو آهيان ۽ حالت اها ٿي وئي آهي جو دنيا ۽ دنيادارن کان منهنجو توجهه بلڪل هٽي ويو آهي. جنهن تي رئيس چيو ته چڱو تنهنجي حالت جيڪا آهي سا رهي ليڪن مون کي ڪنهن جاءِ ۾ ويهار. جنهن ۾ ڇت هجي. اسين سڀ هتي ڏاڍا پريشان ميدان ۾ ٻن راتين کان آسمان هيٺان ويٺا آهيون. جتي رات جو مينهن ۽ ڏينهن جو نٽهڻ اُس آهي. جنهن تي هن چيو ته ها منهنجي باغ ۾ هڪڙي ڪوٺڙي خالي آهي. جنهن ۾ مالهي رهندو آهي ۽ رات جو تير ڪمان کڻي گدڙن ۽ لومڙين وغيره جهڙن جانورن کان پهرو ڏيندو آهي. هن رئيس چيو ته اها مالهيءَ جي خدمت مان ڪندس تون منهنجي ٻارن کي رات جي آرام جي لاءِ اها ڪوٺڙي ڏي ۽ مان رات جو جاڳي پهرو ڏيندس. جيئن ئي ڪو جانور باغ ۾ آيو فوراً ان کي تير جو نشانو بنائيندس. رات اونداهي هئي. جنهن ڪري گڏهه ۽ لومڙ ۾ شناخت ڪرڻ مشڪل هئي هڪ جانور باغ ۾ آواره ڦرندي محسوس ٿيو. رئيس فوراً تير ڇڪي ان طرف هلايو ۽ ان کي ماري وڌائين مرندڙ جانور جي دانهن تي باغ جو مالڪ جاڳي پيو ۽ رئيس کان پڇيائين ته ڪهڙن جانور کي هن اونداهيءَ ۾ تير جو نشانو بنايو اٿئي؟ هن چيو ته شايد ڪا ڪمبخت لومڙي هوندي. ان تي هن چيو اڙي ظالم تو ته منهنجي گڏهه کي ماري وڌو. رئيس جيڪو هن جي بيوفائيءَ ۽ حرامزادگيءَ جي ڪري ڀريو ويٺو هو انهيءَ هڪدم چيو ته اڙي مڪار ۽ دغاباز تون چوين پيو ته ياد الاهيءَ ۾ غرق هئڻ سبب اهڙي ته حيرت جي مقام تي پهچي ويو آهيان جو پنهنجي پرائي کي سڃاڻي به نه ٿو سگهان. ليڪن هينئر ههڙي گهپ اونداهي ۾ صرف آواز تي تو پنهنجي گڏهه کي ڪيئن سڃاڻي ورتو. ليڪن جنهن وٽ تو هيترا دفعا شهر ۾ اچي هن جون مهمانيون کاڌيون ان کي ڪونه ٿو سڃاڻين.

مطلب ته هن ڳالهه مان ڪجهه مڪار ديندار جي ڪوڙي دينداريءَ جو نقشو پيش ڪيو ويو آهي ته جڏهن هنن کي سندن زندگيءَ جي فرائضن کي پوري ڪرڻ جو چئبو ته چوندا آهن ته اسان کي عبادت ۽ ذڪر کان فرصت ئي ڪانهي. ڪيئن خدمت خلق ڏي توجهه ڏيون؟ مولانا رحمت الله عليه جن فرمائين ٿا ته هر اهڙي دين جي دعويدار ۽ صفيءَ کي مڪار ۽ حيلا ٺاهڻ وارو سمجهو جيڪو پنهنجا مقرر فرض ۽ ذميواريون پوريون نه ٿو ڪري بلڪ زهد ۽ عبادت جي پردي ۾ خلق جي خدمت کان غفلت ٿو ڪري. جتي هن جو پنهنجو غرض هجي اتي هي ڪوڙو خدا جو ديوانو هشار نظر ايندوآهي. پنهنجي غرض کي پورو ڪرڻ جو ڪوبه موقعو نه ڇڏيندو آهي. اقتدار پرستي ۽ مال جي محبت ۾ هن جي نظر تيز هوندي آهي. شهري رئيس جڏهن هن مڪار ٻهراڙيءَ وري کي اڳتي وڌي سلام ڪري ملڻ ٿو چاهي ته هو جواب ۾ ٿو چوي آءُ توکي سڃاڻا ئي ڪونه ٿو ته تون ڪير آهين؟ مون کي بيخوديءَ ۾ ڪا خبر نه آهي مان توکي ڪيئن سڃاڻا آخرڪار جڏهن پنهنجي گڏهه کي ٺپ اونداهيءَ ۾ صرف ان جي آواز سان سڃاڻي ورتائين ته رئيس هڪدم هن تي پنهنجي ڪاوڙ ڪڍندي چيو ته اي مڪار! ۽ دغا باز.

خدا جو فيض ته عام آهي ليڪن فيض کي قبول ڪرڻ استعداد جي مطابق آهي

فرمائن ٿا ته خدا جو فيض ته هر حالت ۾ ۽ هر جاءِ تي موجود آهي. خدا تعاليٰ فرمائي ٿو ته منهنجي رحمت هر شيءِ کي حاصل آهي. ليڪن انهيءَ قرب مان نتيجا هر ڪنهن کي پنهنجي استعداد جي مطابق ملندا آهن. انبياءَ ڪرام ۽ اولياءَ ۾ هي قرب وحي ۽ عشق ٿو پيدا ڪري ليڪن جنهن ۾ قبول ڪرڻ جي استعداد ئي ڪانهي انهيءَ کي هن قرب مان ڇا حاصل؟ سج جو نور هر جاءِ تي پوي ٿو ليڪن ان مان ڪاٿي ڪوئلو ٿو بنجي ڪاٿي سون ڪاٿي لعل ڪاٿي هن قرب مان ڌات سون ٿيو پوي ته ڪٿي وڻڻ جي پرورش پيئي ٿئي ساين شاخن ۾ هي قرب ميوا ٿو پيدا ڪري ۽ سڪل ڪاٺين کي وڌيڪ سڪائي باهه جو ٻارڻ ٿو بنائي.

دينداريءَ ۾ اجائي ٻٽاڪ مان محرومي ٿي پيدا ٿئي

فرمائن ٿا ته دين ۽ اخلاق جي متعلق ماڻهن اجايون ٻٽاڪون گهڻيون هڻندا آهن ۽ انهيءَ رياڪري ۽ اجاين ٻٽاڪن مان محروميءَ ۾ اضافو ٿو ٿئي. ان جو مثال هن طرح آهي ته هڪ گدڙ رنگ جي مَٽَ مان ٽٻي هڻي نڪتو ته پنهنجو پاڻ کي سٺي رنگ وارو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ٻين گدڙن کي وڃي چوڻ لڳو ته هاڻي مان توهان مان نه آهيان هاڻي آءُ مور بنجي ويو آهيان. ٻيا گدڙ ڪاٿي ٿا هن کي مڃن ان ڪري سڀني گڏجي هن تي ٺٺوليون ڪيون. هڪ ٻئي شخص جو  مثال بيان ڪيو اٿن ته اهو هڪ مسڪين گداگر هو پر دوستن ۾ ويهي ائين ئي ٻٽاڪ هڻندو هو ته اڄ مون عمدو پُلاءُ، قورمو ۽ ڪباب کاڌا آهن. اصل ۾ واقعو هي هو ته هڪ دنبي جي چرٻيءَ جي کل هن کي ملي وئي هئي، انهيءَ چرٻيءَ سان وات ۽ مڇون وغيره تر ڪري ٻاهر نڪرندو هو. جيڪو ملندو هو ته ان کي چوندو هو ته اڄ ڏاڍو مزيدار چرٻيءَ جو گوشت کاڌو اٿم. اميرن کي به وڃي اهو ئي چوندو هو. ڀلا سوچيو ته انهيءَ اجائي ٻٽاڪ مان ڪم بخت کي ڇا ٿي مليو؟ سراسر نقصان ئي نقصان. اها اجائي ٻٽاڪ هن کي بکيو ماريندي هئي. جيڪڏهن سچ ڳالهائي ها ته ادا اڄ ته گهر ۾ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه به ڪونه هو ۽ مان بک کان بيحال آهيان ته اهو ٻڌي ڪونه ڪو دوست، امير يا ڪو ڌاريو ماڻهو هن کي ڪجهه نه ڪجهه کارائي ئي ڇڏي ها پر هو انهيءَ اجائي ٻٽاڪ جي ڪري بکيو مرندو هو. اهوئي حال ديندارن جو آهي متقين جهڙا ظاهري طريقا ڪندا آهن. ليڪن اندر ڪجهه به ڪونهين. انهيءَ ڪري خدا کان به انهن کي ڪجهه نه ٿو ملي پر جيڪڏهن عاجزي ۽ نيازي سان سچ ڳالهائن ها ته منهنجو نيڪ عملن جو کيسو خالي آهي يا الله تون ئي ڪريم آهين هن خالي کيسي ۾ ڪجهه عطا ڪر ته ضرور هن کي ڪجهه نه ڪجهه ملي وڃي ها. ليڪن ڪوڙي ديندار خود پاڻ کي محروم بنائي رکيو يا ته پنهنجي متعلق سچ ڳالهائجي پر جيڪڏهن سچ ڳالهائڻ جي همٿ نه آهي ته پوءِ خاموش ئي رهجي. ٻنهي حالتن ۾ الله تعاليٰ رحم فرمائيندو آهي.

 

بصيرت جا صاحب منافق کي آواز مان ئي سڃاڻي وٺندا آهن

فرمائي ٿو ته انسان کي الله تعاليٰ بصيرت عطا فرمائي هجي ته اهو تمام جلدي منافق کي سڃاڻي وٺندو آهي چاهي هو بظاهر ڪهڙو به شاندار جسم ۽ رعبدار انسان ڏسڻ ۾ ايندو هجي. ”وذا رايتهم تعجبک اجسامهم وان يقولوا تسمع لقولهم“ (اي نبي ﷺ جڏهن توهان هنن کي ڏسو ته هنن جا جسم توهان کي پسند ايندا ته اهي ڳالهائيندا ته توهان کي کل ايندي) مگر نبي ﷺ جن کي نه انهن جي ظاهري صورت ڌوڪي ۾ ٿي وجهي سگهي نه وري انهن جي منافقاڻي گفتگو- اهل دل منافق کي ائين سڃاڻيندا آهن جيئن توهان انهيءَ دلي کي آواز مان سڃاڻي وٺندا آهيو جنهن ۾ وڏا ڏار پيل هجي. ڀڳل دلي ۽ صحيح ثابت دلي جي آواز مان هر عقلمند خريدار کي ان جو فرق معلوم ٿي ويندو آهي. ساڳي طرح هڪ مخلص ۽ منافق جي گفتگو ۽ آواز ۾ به فرق هوندو آهي. جيڪو دل جي ڪنن ۽ بصيرت سان فورن معلوم ٿي ويندو آهي.

 

شهوتن سان عقل تي پردو پئجي ويندو آهي

 

انسان کي جسماني ۽ حيواني شهوتون پنهنجي شدت جي وقت ڪيتري قدر انڌو ۽ بي عقل بنائي ٿيون ڇڏن. ان جو مثال بيان فرمائن ٿا ته هڪ ٻڪر ڪنهن پهاڙ تي اطمينان سان چري رهيو هو ان جي جو قضا آئي ته سامهون واري هڪ ٻي پهاڙي تي ان جي نظر هڪ ٻي ٻڪريءَ تي وڃي پئي. جنسي بک (شهوت) ان تي ڀوت وانگر سوار ٿي وئي ۽ ان ڪمبخت اهو اندازو ئي نه هنيو ته هنن ٻنهي پهاڙن جي وچ ۾ ٻه سؤ والن جي هڪ اونهي کڏ آهي. بس هن جي عقل تي پڙدو اچي ويو ۽ سمجهڻ لڳو ته هڪ منٽ ۾ ٽپو ڏئي وڃي ٿو ٻڪري  تي سوار ٿيان. ٽپو ڏيڻ شرط کڏ ۾ ڪري پيو، هڏ گڏ هڪ ٿي ويس ۽ اتي شڪارين پڪڙي ڀڃي ڇڏيس. اقتدار يا مال جي هوس هجي يا جنسي مستي، اهڙي طرح انسان جي عقل تي پردو وجهي ڇڏيندي آهي ۽ اهو اهڙي حرڪت ڪري وجهندو آهي جا هن کي ذلت جي اونهي کڏ ۾ ڪيرائي ڇڏيندي آهي. انهي ٻڪر متعلق لکن ٿا ته شڪاري جهنگلي به شڪار کي اهڙي فريب سان پڪڙيندا آهن. عام حالت ۾ هو چالاڪ، چست ۽ دشمن شناس هوندو آهي ليڪن شهوت جي ڌوڪي ۾ ڦاسي احمق ٿي پوندو آهي ۽ تمام آساني سان پڪڙجي پوندو آهي. انان جو به اهوئي حال آهي. شهوتن جو شيطان به هن کي اهڙي طرح پڪڙيندو ۽ جڪڙندو آهي. وڏا وڏا ڊگهين مڇن کي وٽي هلڻ وارا رستم جيڪي انهيءَ گمان ۾ هوندا آهن ته انهن کي ڪير به لوڏي نٿو سگهي انهن کي پنهنجي شهوت ئي لوڏي ڇڏيندي آهي.

 

فرعون ۽ موسيٰ جو قصو هر نفس ۾ دهرايو ويندو آهي

عارف رومي رحمت الله عليه افسانن تي افسانا بيان ڪندو ٿو وڃي. ليڪن جيئن هن کان اڳ واضح انداز ۾ فرمائي چڪو آهي ته انسانن جي تاريخي حيثيت يا واقعات جي هجڻ سان هنن کي ڪو غرض ڪونهي، هنن وٽ افسانو هڪ بهانو آهي ڪنهن معنيٰ جي ظاهر ڪرڻ جو يا ڪنهن سبق جي تلقين ڪرڻ جو. موسيٰ عليه السلام ۽ فرعون جو قصو بيان ڪرڻ کان پوءِ فرمائن ٿا ته اي پڙهڻ وارا تو سمجهين ٿو ته مان توکي اهو واضح ڪرڻ ٿو گهران ته موسيٰ ۽ فرعون جي تاريخي حيثيت ٻي شيءِ آهي. اصل ڳالهه ته فرعونيت انسانيت نفس جي هڪ صفت آهي جيڪا تو ۾ موجود آهي ۽ هي سڀ تنهنجا ئي احوال آهن مگر تو هي قصو ٻڌي ڪري ان کي فرعون ڏي ئي ٿو منسوب ڪري ڇڏين، فرعون جو خوفناڪ نانگ تو ۾ ئي موجود آهي. ليڪن تنهنجي تحت الشعور ۾ قيد آهي ۽ جڏهن به موقعو هٿ آيو ته اتان نڪري تنهنجي ڏنگڻ لاءِ تيار ٿو رهي. جيڪڏهن مان توکي ئي مخاطب ٿي تنهنجي فرعونيت جو نقشو ٺاهيان ها ته توکي ڏاڍو خراب لڳي ها ۽ سمجهين ها ته هن جو توسان ڪو تعلق نه آهي، ان لاءِ ٻين جا افسانا بيان ٿو ڪريان ته جيئن تون ٻڌين. تون ته چوندين ته آءُ فرعون هرگز نه آهيان. ليڪن انهيءَ ڌوڪي ۾ نه اچ تون بغير سامان جي فرعون آهين. ان ڪري توکي ان جي ظاهر ڪرڻ جو موقعو نه ٿو ملي. جيڪي ڪجهه فرعون وٽ هئو، اهو جيڪڏهن تو وٽ هجي ته پوءِ ڏس تو ڪيئن نه ٻيو فرعون ٿو بنجين جيسين سامان ڪونهي تيسين مجبور آهين.

ليڪن منهنجي انهيءَ چوڻ تي ته تو وٽ فرعون لڪل آهي ۽ موقعي جي تلاش ۾ آهي، انهيءَ غلط خيال ۾ نه اچي وڃجاءِ ته تنهنجي روح ۾ اصل گناهه جو ئي ميلان آهي ورنه عيسائين جي انهي غلط عقيدي جو شڪار ٿي ويندين ته هر انسان جو ٻار فطرتي گنهگار ٿي پيدا ٿيندو آهي تو ۾ جيڪڏهن فرعون موجود آهي ته موسيٰ عليه السلام ان جي قريب ئي شعوت جي لڪل خاني ۾ موجود آهي. خدا تعاليٰ جلشانه هنن ٻنهي جذبن کي تنهنجي سامهون رکي توکي اختيار ڏنو آهي ته جنهن کي چاهين ان کي اختيار ڪر ۽ ان کي اختيار ڪرڻ جا نتيجا به ٻڌائي ڇڏيا آهن. موسيٰ عليه السلام ”يدبيضا“ يا صاف قلب ۾ جيڪو نور هئو اهو ئي نور هر انسان جي لاءِ فائدو حاصل ڪرڻ جي قابل آهي. ڏيا يا بتيون ته الڳ الڳ آهن. ليڪن نور اهوئي هڪڙو آهي. جيڪڏهن ڏين ۽ فانوسن تي نظر ڄمائي ويهندين ته دوئي ۽ ڪثرت تعداد ۾ گرفتار ٿي ويندين وحدت تنهنجي نگاهن کان لڳي ويندي.

هڪ صوفي، مذهب جي معاملي ۾ ڪنهن ملا يا فقيه جي مقابلي ۾ زياده فراغدل ۽ روادار ٿيندو آهي. هي ان لاءِ ڪونه ٿيندو آهي ته دين جي اصول جي باري ۾ هو ڪا غفلت يا بي پرواهي ڪندو آهي، بلڪ هو هر شخص جي مجبورين کي سمجهندو آهي، جيتري قدر انسان سببن ۽ علتن کي وڌيڪ سمجهندو آهي اوتري قدر انسانن جي، سيرتن جي متعلق ان ۾ رواداري پيدا ٿي ويندي آهي ۽ هو باطن جي مقابلي ۾ ظاهر کي ۽ ظاهر جي حيثيت کي ٻئي درجي تي تصور ڪندو آهي. انسان جي عملن جي بدران انهن جي نيتن تي هن جي نظر هوندي آهي. عارف روميءَ جي رواداريءَ جي متعلق سندن سوانح حيات ۾ ڪيتريون روايتون ملن ٿيون. انهيءَ ڪري مسلمانن کان علاوه عيسائي ۽ يهودي به سندن حد درجي جو احترام ڪندا هئا. البته مناظرن کي پسند ڪندڙ ملا انهن کان ضرور بدظن هئا.

پاڻ فرمائن ٿا حقيقت ته هڪ ئي آهي جنهن جي طلبگار انسان جي فطرت آهي. ليڪن مسلمان يا يهودي يا عيسائيءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيڻ ته انسان جي اختيار ۾ نه آهي انسان جنهن ماحول ۾ ۽ جنهن گهر ۾ پيدا ٿئي ٿو ان جي ئي طريقي کي اختيار ٿو ڪري. لکن ۽ ڪروڙن ۾ ڪو هڪڙو اهڙو هوندو آهي. جيڪو انهن اثرن يا ورثي ۾ مليل جماعتي فڪر کي هٽي سوچڻ جي صلاحيت رکندو هجي. مخلص هجڻ جي باوجود به گهڻو ڪري عيسائي عيسائي ئي رهندو آهي ۽ يهودي به يهودي ئي رهندو آهي بلڪ مسلمانن جي جنهن به فرقي ۾ ڪوئي پيدا ٿيو هجي. اهو ذهين ۽ عقلمند هجڻ جي باوجود به احمقانه عقيدن جي تائيد ۾ به پنهنجي ذهانت خرچ ٿو ڪري. هڪ لحاظ کان پنهنجي پيدائش جي ڪري هر انسان جادوءَ وانگر ڦاٿل هوندو آهي ۽ هي جادو پوري عمر ان تي اثر انداز ٿو رهي. مرزا غالب جو قول آهي ته هر شخص رسمن ۽ انهن جي قيد جي نشي ۾ ٿو رهي ۽ رسمون ۽ قيد صرف عملي نه بلڪ فڪري به آهن ان ڪري مولانا رومي رحمت الله عليه ملتن ۽ مذهبن جي متعلق رواداري کان ڪم وٺندي فرمائن ٿا ته مؤمن، گبر ۽ يهودي ۾ نظريي جوئي فرق هوندو آهي. ڏسڻ سڀ هڪ ئي شي کي ٿا چاهن ليڪن نگاهه جي اختلاف جي ڪري اها شيءِ هر ڪنهن کي مختلف ٿي نظر اچي ان جي مثال لاءِ هو هي قصو ٿا بيان فرمائن ته ڪو شخص هندستان مان هڪ هاٿي ايران يا روم ڏي ڪاهي آيو جتي ڪڏهن به ڪنهن شخص اهڙو جانور ڪونه ڏٺو هو، ۽ انهيءَ کي گهپ اونداهي گهر ۾ ٻڌي ڇڏيو جڏهن ماڻهن کي خبر پئي ته هو هڪ هڪ ڪري شوق سان انهيءَ گهر ۾ داخل ٿيا. اونداهيءَ ۾ ڪجهه به نظر نه پيو اچي ان ڪري هٿ لائي ان جي حقيقت پيا معلوم ڪن. جنهن جي هٿ ۾ سونڍ آئي انهيءَ چيو ته اهو هڪ لڙڪندڙ نيسارو آهي. ڪنهن جو ڪن کي هٿ لڳو ته اهو انهيءَ حيوان کي هڪ وڏو پکي سمجهڻ لڳو. ڪنهن جو هٿ ٽنگ کي لڳو ته اهو پري يقين سان چوڻ لڳو ته هاٿي هڪ چمڙي جو ٿنڀو آهي. ڪو هن جي پٺيءَ تي چڙهي ويو اهو اتان ئي زور سان چوڻ لڳو ته هيءُ هڪ هموار تخت آهي. ان گهر مان ٻاهر نڪرڻ بعد هرهڪ ماڻهوءَ اهوئي ٻڌائي پيو جيڪو هن صرف هڪ حصي کي هٿ لائي محسوس ڪيو هو ۽ ان جي خلاف چوڻ واري جي پوري زور شور سان مخالفت پيو ڪري، ڇو ته هرهڪ کي اهو يقين هئو ته جيڪي ڪجهه هو چئي رهيو آهي بس اهوئي سچ آهي. حق جي طلب ۾ به انسان ائين ڌوڪو کائي ٿو وڃي جو هڪڙي حصي کي ڪلئي حقيقت سمجهي ان تي ضد ڪري بيهي ٿو رهي جنهن پنهنجي نظر جي دائري سان ڪنهن ٻئي حصي کي ڏٺو ۽ هڪ محدود تجربو ڪيائين ته بس ان تي ئي لڙڻ لاءِ تيار ٿي ٿو وڃي هن ڳالهه کي وري ڪن ماڻهن هاٿيءَ جي متعلق انڌن جي ويڙهه چيو آهي. مولانا رحمت الله عليه رواداريءَ کان ڪم وٺندي ماڻهن کي انڌو ته ڪونه ٿو چئي ليڪن هاٿيءَ کي اونداهيءَ ۾ ٿو بيان فرمائي ڇو ته پاڻ عيسائين، يهودي کي انڌا چوڻ نه ٿا چاهن ۽ اختلاف ۽ نظرئي ۾ قيد يا تقليد ڪندڙ ئي آهن انهن ۾ ڪيترا آهن جن تحقيق ڪري عقيدن کي اختيار ڪيو آهي؟

فرمائن ٿا ته انهيءَ انڌيري ۾ ڪنهن هڪ جي هٿ ۾ به ڏيو هجي ها ته پوءِ انهن جو پاڻ ۾ اختلاف پيدا نه ٿئي ها اهڙا انسان دنيا ۾ ڪي ڪي آهن جن جي هٿ ۾ تحقيق جي شمع آهي.

ان کان پوءِ ارشاد ٿا فرمائن ته عام جزوي عقل آهي جيڪو حواسن جي ئي مواد مان قياس ٿو ڪري لهذا اهڙي محسوس کي به جسماني حيات ئي سمجهڻ گهرجي. مادي پرست دانائن جو به اهوئي حال آهي جو جنهن شيءِ کي ڇهي نه سگهجي يا ماپ ۽ تور نه ڪري سگهجي ان جي وجود کان ئي انڪار ڪري ٿا ڇڏن.

هاڻي مولانا رحمت الله عليه جو ذهن درياهه ڏي ٿو منتقل ٿئي، فرمائن ٿا ته حقيقت جي سمنڊ مان حواسن کي ته فقط جهاڳ ٿي نظر اچي ۽ جهاڳ جي ڪثرت ڪري هنن کي اصل صاف پاڻي نظر ئي نه ٿو اچي. انهيءَ جهاڳ ۾ ماڻهو پنهنجي پنهنجي عقيدن ۽ زندگيءَ جون ٻيڙيون لاهي ٿا وڃن ۽ نتيجو اهو ٿو ٿئي جو ٻيڙيون پاڻ ۾ ٽڪرائجڻ ٿيون لڳن.

 

دين ۽ مذهبن جو سبب

مولانا رحمت الله عليه جن جو خيال آهي ته مذهبن ۾ اختلاف ٻن سببن جي ڪري پيدا ٿيندو آهي. هڪڙو سبب ته اهو آهي. جيڪو مٿي بيان ٿيو ته حقيقت جو صرف هڪ پاسو نظر ٿو اچي. انهيءَ حصي کي ئي ڪل حقيقت سمجهي ملتون ۽ مذهب ان تي قائم ٿي ويا آهن. هاڻي هڪڙو ٻيو سبب به بيان ٿا ڪن اهو آهي ته ازلي حقيقت کي بيان ڪرڻ لاءِ انسان وٽ زبان آهي ئي ڪانه. هي محسوسات ٿا ڪم ۾ اچن ۽ نه معقولات، ان ڪري مجبور ٿي مثالن ۽ تشبيهن کان ڪم وٺڻو ٿو پوي. مگر هن طريقي سان مصيبت اها ٿي ٿئي جو ننڍڙي سمجهه وارا انسان بس انهيءَ مثال يا تشبيهه کي ئي چنبڙي ٿا پون ۽ انهن جو ذهن انهيءَ طرف پرواز ڪري ئي نه ٿو ته ڪهڙي حقيقت لاءِ هيءَ تشبيهه يا مثال استعمال ڪيو ويو آهي. حضرت مسيح عليه السلام الله تعاليٰ کي پيءُ چيو ته يارن سچ پچ ان کي انساني پيءُ سمجهي حضرت مسيح کي ان جو اڪيلو پٽ بنائي ڇڏيو. ڪنهن حقيقت کي سمنڊ سان تشبيح ڏني ته هاڻي سڀ هستيون بي حقيقت ٿي صرف هڪ لهر بنجي ويون.

خير ۽ شر، ڪمال جي ڪوشش، آدم ۽ ابليس سڀ هڪ بي پرواهه حقيقي وحدت جي درياهه جي لهرن ۾ ملي ويا. هاڻي سڀ انسان ڪکن پن وانگر وحدت جي درياهه ۾ جيڪو پنهنجي بي پرواهيءَ سان وهي رهيو آهي ان ۾ هيڏي هوڏي ٿيلها ۽ ڦڦر کائيندا ٿا وتن. اشرافي حڪمت ۾ جنهن جو منڍ گهڻو ڪري حڪيم فلاطينوس اسڪندري  آهي، ان ۾ ذات حقيقيءَ کي هڪ سج سان تشبيهه ڏني وئي آهي ۽ انهيءَ تشبيهه سان تنزلات جو سچو فلسفو تعمير ڪيو ويو. دين هجن يا فلسفن جا مذهب جيڪڏهن غور سان ڏسو ته ان مان هرهڪ ڪنهن نه ڪنهن تشبيح کي اصل سمجهي ان مان ئي نتيجا ڪڍڻ ٿو شروع ڪري. هن سلسلي ۾ عارف رومي رحمت الله عليه جن جي بصيرت لاجواب آهي، هو پاڻ تشبيهات جا بادشاهه آهن. ليڪن تشبيهه کي تشبيهه ئي ٿا سمجهن ۽ پڙهڻ وارن کي مسلسل خبردار ٿا ڪن ته هن تشبيهه کي حقيقت سمجهي گمراهه نه ٿي وڃجانءَ قرآن پاڪ فرمائي ٿو ته جنت جو مثال ائين آهي. جيئن هڪ باغ هجي جنهن ۾ نهرون وهنديون هجن. ليڪن چند دانائن ۽ صوفين کانسواءِ باقي سڀني مسلمانن سچ پچ هن کي باغ ئي سمجهي ورتو آهي ۽ ان جي تفصيل کي لفظن ۽ معنائن ۾ صحيح ٿا سمجهن پوءِ ان تي بحث ٿا ڪن. هڪ مسجد ۾ هڪڙي واعظ ڪندڙ کان ٻڌڻ ۾ آيو ته اتي هڪ وڻ آهي جنهن جو پاڇو ايترو ته وڏو آهي جو هڪ سوار ستن سالن ۾ به ان مان گذري نه ٿو سگهي.

مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته تمثيل بيان ڪيون ته تنهنجي عقيدن ۾ ڪمزوري يا هيٺاهين سطح اچي ٿي وڃي ۽ نه بيان ڪيا ته تنهنجي پلئه ڪجهه به نه پوندو. ان جو سبب اهو ٿا بيان فرمائن ته تنهنجو عقل زمان، مڪان ۽ محسوسات ۾ جڪڙيل آهي. تنهنجي حالت وري گاهه جهڙي آهي. روحاني حقيقتن کي ٻڌي جيڪو تون جهومين ٿو اهو ائين آهي جيئن هوا لڳڻ سان گاهه جهومڻ لڳندو آهي. محسوسات جي عالم ۾ تو پاڙن کي اهڙو ته مضبوط پڪڙي ورتو آهي جو اتي ئي بيٺي بيٺي جنبش ٿو ڪرين، خاڪ کان روحانيت جي آسمان ڏي پرواز ڪرڻ تنهنجي لاءِ ڏکيو ٿي پيو آهي. بي حجاب نوت ۾ مستغق ٿيڻ تنهنجي لاءِ ڏکيو آهي ڇو ته هي حق اليقين جو ذريعو ڪنهن ڪنهن کي ئي ملندو آهي. پر دانائيءَ جي حاصل ڪرڻ لاءِ تون ڪوشش ڪر ڇو ته دانائيءَ (حڪمت) ۾ حق جو نور لفظن جي پردي ۾ هوندو آهي. دانائيءَ جي رنگين عينڪ سان تون آفتاب جي نور کي ڏسي ٿو سگهين ڇو ته بغير واسطي جي (عينڪ) جي تنهنجيون اکيون ان کي برداشت نه ٿيون ڪري سگهن. پهريائين حڪمت (دانائيءَ) جي ذريعي معرفت حاصل ڪرڻ جي مشق ڪر ان کان بعد لوڪل نور کي بغير حجاب جي به ڏسي سگهندين. ان کان پوءِ فرمائن ٿا ته شايد توهان ائين چئو ته اسان جي حواسن کي ختم ڪري اسان کي بغير اکين ۽ ڪنن جي انڌو ۽ گونگو بنائڻ ٿا چاهيو. ان جو جواب هن سوال ۾ آهي ته ٻڌاءِ ته جڏهن تون هُن جهان کان هِن جهان ۾ آيو هئين. ان وقت تنهنجي حواسن جو ڇا حال هو؟ پيدا ٿيڻ کان پوءِ به ڪيترا ڏينهن ٻار نه ڪجهه ڏسي سگهندو آهي ۽ نه ٻڌي سگهندو آهي. هتان کان هتي تنهنجي آمد مستي ۽ بيهوشيءَ جي ڪيفيت ۾ ٿي آهي. انهيءَ رمز مان سمجهي وڃ ته هاڻي مٿاهين جهان ڏي هلڻ لاءِ به ڪجهه اهڙي قسم جي مستي ۽ بيهوشيءَ کان ڪم وٺڻو پوندو آهي.

حواسن جي عملن جي حملن کي ڪجهه عرصي تائين روڪي ڏسو ته روح ۾ ڪهڙي قسم جو نور ۽ شعور پيدا ٿو ٿئي اسين توکي انڌو، گونگو ۽ ٻوڙو ڪونه ٿا ڪرڻ چاهيون بلڪ ڪجهه عرصي جي لاءِ هتان کان توجهه کي روڪي ٻئي طرف متوجهه ڪرائڻ ٿا گهرون، ڇو ته توجهه جي محسوسات ۾ منتشر رهڻ سان هتان جي ڪابه ڪيفيت منڪشف نه ٿي ٿئي.

 

عام انسان مادي زندگيءَ جي وڻ تي اڌ پڪل ميوا آهن

انسان هن مادي ۽ جسماني عالم کي ايتري مضبوطيءَ سان ڇو پڪڙيو آهي؟ ان جو مثال مولانا رحمت الله عليه ڪچي ميوي سان ٿا ڏين. جيڪو شاخ کي سخت مضبوطيءَ سان پڪڙي رکندو آهي، جڏهن پچي ويندو ته خودبخود شاخ کان هن جي پڪڙ ڍري ٿي پوندي، پڪل ميوي کي آسانيءَ سان پٽي ٿو سگهجي. ان ڪري جو وڻ ۽ شاخ کان جيڪي ڪجهه هن حاصل ڪرڻو هئو اهو ڪري چڪو. هاڻي هن جي فطرت انهيءَ پهرين وابستگيءَ کان ڇوٽڪارو ٿي حاصل ڪرڻ گهري. انسان به جيستائين روحاني زندگيءَ ۾ مڪمل آهي. تيستائين مادي ۽ مالي زندگيءَ جو قبضو ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي. پر جيڪڏهن باطني پختگي پيدا ٿي وڃي ته پوءِ انهن شين کان بي تعلقي هن لاءِ آسان ٿي پوندي.

 

وحي ۽ الهام

هاڻي مولانا رحمت الله عليه هڪ خطرناڪ مسئلي ڏي رجوع ڪن ٿا ته وحي ۽ الهام ۾ ڪير ٿو خطاب ڪري ۽ مخاطب ڪير هوندو آهي. مولانا رحمت الله عليه جو عقيدو آهي ته سڀ ارواح روح الا رواح يعني ذات باري تعاليٰ جي طرف کان آيل آهن ۽ جسماني عالم ۾ انهن جي مٿان ڪيترا غلاط چڙهي ويا آهن پر جيڪڏهن ڪنهن حالت ۾ هي محسوسات ۽ معقولات جا پڙدا هٽي وڃن ته روح وري پنهنجي اصل جي قريب ٿي ٿو پوي ۽ پوءِ ان تي جيڪي ڪجهه القا ٿو ٿئي ان کي خواهه وحي چئجي خواه الهام. ائين معلوم ٿو ٿئي ته روح القدوس انسان جي پنهنجي روح جي ئي پنهنجي ملڪوتي صفت آهي بظاهر معلوم ته ائين ٿو ٿئي ته ڪو ٻيو مون سان ڪجهه ڳالهائي رهيو آهي. ليڪن حقيقت ۾ اتي ٻيو ڪير به ڪونه هوندو آهي. انسان جي پنهنجي ئي روح جي گهراين مان اهو آواز ٿو نڪري. خدا تعاليٰ ڪا مڪاني هستي نه آهي جو اسان کان پرتي  مٿاهين عالم ۾ ڪاٿي هن جي رهائش هجي ۽ اسان سان مخاطب ٿيڻ لاءِ هن کي تيز رفتار پيغام پهچائيندڙ جي ضرورت هجي، خدا جيڪو اسان جي ساهه جي رڳ کان به قريب آهي ان جي جاءِ اسانجي روح جي گهرائي آهي، هن جي اها معنيٰ نه آهي ته صاحب وحي يا الهام جيڪي ڪجهه چئي رهيو آهي اهو پنهنجي طرف کان چئي رهيو آهي ۽ ڪو خدا هن سان خطاب ڪرڻ وارو يا پيغام ڏيڻ وارو ڪونهي، صاحب وحي ۽ الهام جو پنهنجو بشري شعور جيڪو جسماني خواهشن ۾ ملوث هوندو آهي اهڙي حالت ۾ برطرف ٿي ويندو آهي. ان ڪري الله تعاليٰ فرمائي ٿو ”وما ينطق عن الهويٰ“ ليڪن روح يا جبرئيل عليه السلام جيڪو نظر ايندو آهي اهو انسان جي پنهنجي ملڪوتي قوت آهي. جيڪا خاص حالتن ۾ بيدار ٿيندي آهي. ان جو مثال مولانا رحمت الله عليه هي ٿا بيان فرمائن ته خواب ۾ انسان ڏسندو آهي ته فلاڻو شخص جيڪو خواب ۾ ڪجهه چئي رهيو آهي اهو يا ته ڪٿي به موجود ڪونهي يا جيڪڏهن ڪاٿي آهي ته پنهنجي ڪاروبار ۾ مصروف آهي يا بيخبر سمهيو پيو آهي ۽ اسان سان هن جو ڪوبه معاملو نه خواب ۾ ٿي رهيو آهي ۽ نه بيداريءَ ۾. اهو هن ڳالهه ٻولهه ۾ قطعا شريڪ ڪونهي. ليڪن جيستائين اسين خواب ڏسي رهيا آهيون اسين يقين ٿا ڪيون ته اهو شعور هڪ ڊرامو ڏيکارڻ ٿو گهري ۽ انهي ڊرامي جا ڪيترا ڪردار هن جو خيال پاڻ ئي ٺاهي ٿو وٺي.

مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته انسان جي روح جون گهرايون بي حساب آهن. شيطان به اندران ئي ٿو ڳالهائي ۽ خدا تعاليٰ به انسان جي اندر مان ئي ان سان مخاطب ٿو ٿئي. ليڪن هي مخاطب ڪرڻ واري الوهيت انسان جي روح جي پنهنجي اصليت کان ٻاهر نه آهي. هڪ جاءِ تي فرمائن ٿا ته هيءَ حقيقت ته هر صاف قلب وحيءَ جي جاءِ ٿي سگهي ٿو، انسان دين ۾ خطرناڪ بحث پيدا ٿي ٿا سگهن. ان ڪري صوفي ماڻهو عام ماڻهن کان بچڻ لاءِ ان کي وحي دل چئي ڇڏيندا آهن.

عارف رومي ختم نبوت جا قائل آهن. ليڪن وحي جي منقطع ٿيڻ جا قائل نه آهن. چناچه ڪتاب ”فيه ما فيه“ ۾ هڪ جاءِ تي فرمائن ٿا ته ڪير ٿو چوي ته وحي مصطفي ﷺ تي منقطع ٿي ويو؟ سندن نزديڪ هر انسان جو مقصد حيات اهوئي آهي ته هو محل وحي ٿي وڃي. هن عقيدي تي اورنگزيب جي زماني ۾ هڪ بزرگ تي ڪفر جي فتويٰ لڳي وئي ۽ عالمن ايڏو ته هنگامو ڪيو جو شهنشاهه کي مجبور ڪجهه نه ڪجهه انهن جي دل رکڻي پئي. اهو بزرگ واصل حق ٿي چڪو هو، ان جي پٽ کي بادشاهه گهرائي پڇيو ته تنهنجي پيءُ جو هيءُ عقيدو هئو يا نه؟ هن چيو ته حضور هيءُ تمام گهريون ڳالهيون آهن مان هنن رمزن کان واقف نه آهيان. ان ڪري ڪجهه به چئي نه ٿو سگهان بادشاهه چيو ته ان جي ڪتابن کي جن ۾ انهيءَ عقيدي جي تائيد ڪئي وئي هجي ساڙائي ڇڏ. هن عرض ڪيو ته فقير جي گهر ۾ ته چلهو ئي ڪونه ٿو ٻري. البته توهان جو بورچيخانو تمام وڏو آهي. ان ڪري اوهان وٽ هي ڪم آسانيءَ سان ٿي سگهندو. اورنگزيب انهيءَ بزرگ جي مريدن جي هڪ فهرست تيار ڪري ڇڏي هئي. انهن مان ڪجهه فوت ٿي ويا هئا. انهن جي نالن اڳيان لڳو هئائين ”برحمت حق پيوست“ جنهن مان بادشاهه جو پنهنجو ميلان ظاهر ٿو ٿئي.

 

اهل ۽ آل

هن مسئلي تي گهڻن عالمن بحث ڪيو آهي ته عربيءَ زبان ۾ ۽ عربيءَ جي سڀ کان وڌيڪ مستند ڪتاب قرآن مجيد ۾ آل ۽ اهل جي ڇا معنيٰ آهي. ڇا اهل جي معنيٰ انسان جو جسماني اولاد آهي يا هڪ شخص جا اهل اهي آهن جيڪي هن جي مسلڪ کي صحيح سمجهي ان تي عمل ٿا ڪن؟ مسلمان جڏهن نبي ڪريم ﷺ جن تي درود پڙهندا آهن ته ”صلوا علبه وآله“ چوندا آهنهن مان عام ماڻهو اهل بيت نبوي ﷺ ۽ سڄي جهان ۾ پکڙيل سادات ٿا سمجهن حالانڪ سادات (سيد) سڏائڻ وارنمان گهڻن جي اخلاقي ۽ ذهني حالت نه ٻڌائڻ جهڙي آهي. بهرحال هڪ وڏي گروهه ۾ نه سب سٺا هوندا آهن ۽ نه سڀ خراب. ساداتن ۾ مؤمن جهڙيون خصلتون رکندڙ ماڻهن کان دنيا ڪڏهن به خالي نه رهي آهي.

مولانا رحمت الله عليه اهل جي لفظ کي قرآني معنيٰ ۾ ٿا وٺن ۽ ان جي تائيد ۾ حضرت  نوح عليه السلام ۽ سندس پٽ (ڪعنان) جو قصو ٿا بيان فرمائن. حضرت نوح عه خدا کي عرض ڪيو ته هي منهنجو پٽ آهي مگر نافرمانيءَ جي رستي تي آهي. الله تعاليٰ! فرمايو ته هيءُ تنهنجي اهل مان نه آهي. قال يا نوح انه ليس من اهلک انه عمل غير صالح

مولانا فرمائن ٿا ته نااهل کي اهل مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي خواهه اهو پنهنجو اولاد ئي ڇو نه هجي آخر ڏند به ته انسان جي جسم جو جز آهن پر خراب ڏند کي جيڪڏهن ڪڍي نه ڇڏجي ته پوءِ پوري جسم ۾ زهر پکيڙي ڇڏيندو. لهذا ڪو بدڪار پنهنجو پاڻ کي سيد سڏائي ته توهين انکي سيد نه چئو. خراب ڏند کي ڪڍي اڇلائي ڇڏيو. ان کي پنهنجو ڏند ئي نه چئو.

 

عيب هنر جي پردي ۾

مير درد جيڪو هڪ صوفي شاعر هئو ان جي هڪ صوفيائي غزل ۽ ٻه شعر نهايت درجه عشق ۽ حڪمت سان ڀريل آهن:

آهسته چل ميان کهسار،

هر سنگ دکان شيشه گر هي،

آتي هين ميري نظر مين سب خوب،

جوعيب هي پرده هنر مين هي.

پهريون شعر ۾ اهو ئي زندگيءَ جو نظريو آهي جنهن جا مولانا رومي رحمت الله عليه به قائل آهن ته ڪائنات مادي جزن جو اجتماع نه آهي بلڪ ارواح تي ٻڌل آهي. جيڪي جماد کان وٺي انسان تائين شعور جي مختلف مرحلن ۾ آهن. حڪيم المانوي لائينٽزي پنهنجي سڄي فلسفه ما بعدالطبعيات جي تعمير انهيءَ ئي نظريه تي ڪئي آهي ته اهي جڏهن زمين تي هلن ٿا ته نهايت انڪساريءَ واري رفتار سان هلندي آهن. ائين سمجهو ته ڄڻ اهي شيشن تي قدم رکي رهيا آهن. مير درد به انهيءَ تشبيهه کان ڪم ورتو آهي ڇو ته دلين کي گهڻو ڪري شيشن سان تشبيهه ڏني ويندي آهي.

مير درد به اهوئي چئي رهيو آهي مگر ان کي سڄي ڪائنات تي ڦيلائن ٿا ته هر هڪ پٿر به ارواح جو اجتماع يعني شيشي گر جو دڪان آهي، ان ڪري ان کي ٺوڪرون هڻي نه هلو. ۽ ٻيو شعر به وضاحت طلب آهي ته عيب کي ڪهڙي طرح هنر شمار ڪيو وڃي. هي ڳالهه به هر داناءَ ۽ هر صوفي چئي آهي. اهل دل جي نگاهه هنر يا خوبيءَ کي ڏسندي آهي، عيبن کي نه ڏسندي آهي، ڪنهن شخص ۾ جڏهن ڪا خوبي آهي ته ان جي نظر انهيءَ خوبيءَ تي پهريان پوندي آهي ۽ عيب تي بعد ۾ پوندي آهي. مگر هو مروت ۽ پرده پوشي جي ڪري ان کي ظاهر نه ٿا ڪن. ان جي تشريح عارف رومي رحمت الله عليه جي حڪمت آموز تقوف ۾ ملي ٿي. پهريائين فرمائن ٿا ته جتي به ڪا خوبي ڏسو ان کي ذات حق جو فيض سمجهو. ڪنهن انسان ۾ اهو لطف ۽ عنايت انهيءَ ڪُل جو هڪ جُز (حصو) آهي. انسان جون خوبيون حقيقت ۾ انهيءَ نهر جي پاڻيءَ کي درياهه ڏي منسوب ڪرڻ گهرجي. هيستائين ته هڪ عام صوفيانه تعليم آهي ليڪن ان کان پوءِ هڪ گهري دانائيءَ جي (حڪيماڻي) ڳالهه ٿا ڪن جيڪا يقين نه ڪرڻ جهڙي ٿي معلوم ٿئي ۽ اُها اِها آهي ته مخلوق جون بريون عادتون به ڪنهن خوبيءَ جي سرچشمي کان آهن. جن مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ نفس جي پيدا ڪيل غلط انديشي سان غلط طريقو اختيار ڪيو آهي. هيءَ بالڪل اهائي ڳالهه آهي جيڪا سقراط جي تعليم مان به ملي ٿي ته هر انسان فطرتا خير جو طلبگار آهي ليڪن خير جي حيثيت ۽ ان کي اختيار ڪرڻ يا حاصل ڪرڻ جي ذريعن کان ناواقف هئڻ ۽ گهٽ عقل جي ڪري شر کي خير ٿو سمجهي. شر کي شر سمجهي ڪوبه انسان ان جو طلبگار نٿو ٿي سگهي. غلط ڪاري جي وقت ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ان کي پنهنجي لاءِ خير سمجهي ان تي عمل ٿو ڪري. چور پنهنجو پيٽ ڀرڻ (رزق حاصل ڪرڻ) لاءِ يا آرائش ۽ زيبائش جو سامان مهيا ڪرڻ لاءِ چوري ٿو ڪري پر رزق ۽ حسن جو ذوق ٻئي خير آهن. جن جو هو طلبگار آهي. محبت ڪرڻ وارن ۾ محبت جي ئي ڪري لڙائي ٿيندي آهي. ۽ گهڻو مزو انهيءَ ملڻ ۾ آهي جيڪو صلح ٿئي جهڳڙي يا جنگ کان پوءِ قومن ۾ جنگيون به صلح جي خواهش سان هونديون آهن. هڪ قوم سمجهندي آهي ته ٻي قوم فسادي آهي ۽ فتني انگيزيءَ سان صلح ۾ خلل ٿي وجهڻ گهري ان ڪري هن جي خبر وٺن گهرجي ته جيئن صلح قائم ٿئي. گلا شڪوا به محبت جي ئي تقاضا سان پيدا ٿين ٿا. انسان ته مهرباني ۽ وفا ٿو پسند ڪري جيڪا هن جي لاءِ شڪر گذاريءَ جو سبب بنجي ليڪن اهائي شڪر جي اندروني تقاضا جيڪا تمام سٺي آهي شڪايت ٿي پيدا ڪري. محروميءَ جو احساس به ان جي ذوق جي ڪري آهي جيڪو بذات خود خير آهي مگر حاصل نه ٿو ٿئي. آرام به بي آراميءَ ۾ لڪل آهي ڇو ته ان بي آراميءَ ۾ ئي آرام جي طلب موجود آهي جيڪو خير آهي. استاد يا پيءُ ماءُ ٻار کي ماريندا آهن اهو محبت جي ئي ڪري ڪندا آهن جيڪڏهن محبت نه هجي ته ٻارن کي انهن جي حالت تي ڇڏي ڏجي مارڻ هڪ تمام خراب شيءِ آهي ان جو سبب به محبت آهي جيڪا خير آهي. اگر داناءُ مرد آهي ته هر خرابيءَ ۾ لڪل خوبيءَ کي ڏسي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هيءَ خرابي غلط يا صحيح ذريعو آهي خوبي ۽ خرابيءَ کي هڪ ٻئي جو مطلق ضد نه سمجهڻ گهرجي داناءُ اهو آهي جيڪو ضدن (يا مخالف شين) جي پويان لڪل وحدت کي ڏسي سگهي ۽ خرابيءَ کي ڏسي خوبيءَ جو پهلو ان کي نظر اچي سگهي. جيڪو عيب آهي ۽ اهو به هنر جو پردو آهي.

 

بهانا ڪندڙ نفس

 

بهانا ڪندڙ نفس جي متعلق هڪ مثالي قصو لکيو ويو آهي ته هڪ نانگن کي پڪڙيندڙ جوڳي نانگن جي ڳولها ۾ جبلن ۽ ميدانن ۾ گهمي رهيو هو. هن هڪ وڏو اڙدها نانگ ڏٺو جيڪو مئو پيو هو، حقيقت ۾ اهو مئل ڪونه هو بلڪ سخت سردي ۽ برفباريءَ جي ڪري بيحال ٿي بغير چرڻ پرڻ جي ڄڻ ته مئل پئي معلوم ٿيو جوڳيءَ خيال ڪيو ته هن کي گهلي بغداد جي شهر ۾ کڻي وڃان شهر وارن ڪڏهن هيڏو وڏو اڙها نانگ ڪونه ڏٺو آهي انهن کي چوندس ته منهنجو ڪمال ۽ منهن بهادري ڏسو جو هڪ اڙدها نانگ کي ماري کڻي آيو آهيان.

مولانا رحمت الله عليه بهانا ڪندڙ نفس جي متعلق ته اڳتي هلي بعد ۾ نتيجو ڪڍندا ليڪن شروع ۾ ئي ڪائنات جي متعلق پنهنجي عقيدي کي ظاهر ٿا ڪن ته هي ڪائنات جنهن کي اوهان جماد ۽ بي جان مادو ٿا سمجهو اها به هڪ خاص قسم جي زندگي سان لبريز آهي، هيءَ به مرده نه آهي بلڪ بي حال آهي. حڪيم برگسان جو چوڻ آهي ته مادو زندگيءَ جي باهه جي خاڪ آهي. ليڪن حڪيم رومي رحمت الله عليه ان کان به بهتر انداز سان سمجهايو ته ها هي مادي  عالم بظاهر خاڪ معلوم ٿو ٿئي ليڪن ان جي اندر به زندگيءَ جون چڻنگون لڪل آهن. جيڪڏهن هن جمادي مادي ۾ لڪل زندگي نه هجي ها ته پوءِ نباتات ۾ ڪيئن زندگيءَ جو اضافو ڪري سگهي ها؟ نباتات (وڻن- ٻوٽن ۽ فصلن) جي زندگي خاڪ پاڻي ۽ هوا سان ٻڌل آهي. آخرڪار انسان جا جذا به ته خاڪي آهن. جيڪڏهن انسان بڻجڻ کان پوءِ ان جي مٽي يا خاڪ زندهه ٿي سگهي ته پوءِ ان مان خاڪ ۾ لڪل زندگيءَ جو ثبوت نه ٿو ملي؟ ليڪن ماده پرست پنهنجي بي صبريءَ جي ڪري خاڪ کي بي جان ئي سمجهڻ لڳو آهي. دانائي ۽ عرفان جي نظر رکڻ وارن کي ڪائنات جو ذرو ذرو پنهنجي زبان حال سان چئي رهيو آهي ته اسين ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ (زندهه) آهيون ليڪن نامحرمن جي سامهون خاموش آهيون. جيئن چيو ويو آهي ته ”جواب جاهلان باشد خاموشي“ جڏهن بي عقل ماده پرستن جو عقل جمادي ٿي ڀوڳندي آهي ته پوءِ هو جمادات ۾ لڪل زندگيءَ کان نامحرم ٿي پوندا آهن.

زماني حال جي طبعياتي تحقيق به ماده کي آهستي آهستي مادي قرار ڏئي ان کي بيتاب برق تصور ڪري جان ۽ شعور جي ئي هڪ ڪيفيت قرار ڏنو آهي. آفاقي حڪمت به دليلن ۽ تجربي سان آهستي آهستي قدم رکندي آخرڪار زندگيءَ جي وجود جي قائل بنجندي ٿي وڃي.

ان کان بعد مولانا رحمت الله عليه انهيءَ بيحال اڙدها نانگ جي قصي مان اخلاقي ۽ روحاني نتيجا ٿا ڪڍن. نفس اماره کي جڏهن پنهنجي بيهوده خواهشن کي پوري ڪرڻ جو موقعو ٿو ملي ته اهو انسان کي ڌوڪو ٿو ڏئي ته بس مان هاڻي مري ويو آهيان ڪي به بدافعال هاڻي مون مان ظاهر نه ٿيندا. نفس جو هي عجيب ڌوڪو آهي ته بي سرو سامانيءَ جي حالت ۾ پنهنجو پاڻ کي مڙدو بنائي ٿو ڇڏي ته جيئن انسان ان طرف کان غافل ٿي وڃي ۽ پنهنجو پاڻ کي وڏو متقي يا پرهيزگار سمجهڻ لڳي. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته هن ڪمبخت کي ڪڏهن به مل نه سمجهجانءِ. هي ڪڏهن به مڙده ڪونه ٿو ٿئي. وقتي طرح بي سرو سامانيءَ جي ڪري بيحال ٿو ڏسڻ ۾ اچي ڇو ته بي سرو سامانيءَ جي ڪري برن عملن جو موقعو نه ٿو مليس انڪري انسان کي غافل ڪرڻ لاءِ ڌوڪو ٿو ڏئي ته هاڻي مان مري چڪو آهيان ۽ تنهنجي پرهيزگاري محفوظ آهي.

جيڪڏهن هن کي فرعون جهڙو سامان ۽ انهيءَ جهڙي طاقت ۽ اقتدار ملي وڃي جيڪو پنهنجي حڪم سان نيل درياهه جو رخ بدلائي ڇڏيندو هو ته پوءِ ڏسو ته ڪيئن هي مردو زندهه ٿي سوين موسيٰ عليه السلام ۽ هارون عليه السلام جا رستا ٿو روڪي. تنگ دستي ۽ مفلسيءَ جي ڪري هي هڪ حقير ڪيڙو ٿو معلوم ٿئي ليڪن جيڪڏهن ان کي مال ۽ طاقت هٿ اچي ته پوءِ هن جو تماشو ڏسو ته ڪيئن نه هي ناچيز ڪيڙو هڪ وڏو اڙدها بنجي ٿو وڃي ۽ مال اسباب جي گرمي هن ۾ ڪهڙي نه چمڪ ۽ حرارت پيدا ٿي ڪري. جڏهن خواهشن جو سج هن بيحال اڙدها کي گرم ڪري ته پوءِ هن ۾ صرف حرڪت نه بلڪ پرواز پيدا ٿي ويندو.

 

نحن الاخرون السابقون

رسول ڪريم ﷺ جن امت محمد صلم جي نيبت فرمايو ته اسين سڀني کان پوءِ آياسين ليڪن سڀني جي اڳيان آهيون. بعد ۾ يا پوءِ اچڻ وارن کي اڳين تي سبقت (اڳرائي) ڪيئن ٿي ٿئي؟ هن سلسلي ۾ هن کان اڳ مولانا جو هي خيال مٿي اچي چڪو آهي ته اڳين امتن جا نيڪ ۽ بدعمل ۽ انهن جي نتيجن جا داستان ڪجهه تاريخ ۽ ڪجهه قرآن ڪريم اسان جي سبق سيکارڻ لاءِ بيان ڪيا آهن. هيءُ هڪ وڏي سعادت آهي ته انسان پاڻ تلخ تجربا ڪرڻ جي بجاءِ ٻين جي عملن مان سبق حاصل ڪري گهڻين آفتن کان بچي وڃي. هي فائدو مسلمانن کي حاصل ٿي سگهي ٿو بشرطيڪ نصيحت ڏي ڪن ڏين. مولانا رحمت الله عليه حديث رسول ﷺ ”نحن الاخرون السابقون“ جي صحيح هجڻ کي هڪ ٻئي انداز سان به ثابت ٿا ڪن. فرمائن ٿا ته وڻ جڏهن وڌي ويجهي وڏو ٿيندو آهي. تڏهن ان ۾ ڦر لڳندو آهي.ڦر، پاڙ شاخن ۽ پنن کان بعد ۾ ايندو آهي. ليڪن انهيءَ سڄي ارتقا جو مقصد ڦر ۾ هوندو آهي ان ڪري ڦر، وڻ جي گذريل سڀني حالتن تي سبقت (اڳرائي) ٿو رکي ۽ ميوي جو ئي ته ٻج هو جنهن شروعات کان آخر تائين وڻ کي اڀاريو ۽ وڏو ڪيو. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته اهڙي طرح هن ڳالهه کي سمجهو ته دنيا ۾ ڪيترا ماڻهو مختلف قسمن جي عملن ۽ فنن ۾ عمر گذاري ڇڏيندا آهن ۽ جيڪا اصل حڪمت ۽ معرفت آهي ان کان غافل هوندا آهن. ان جي برخلاف اهي انسان جيڪي پنهنجي نفس ۽ خدا جي سنتن جي سڃاڻپ ۾ لڳا رهندا آهن. اهي اهل علم ۽ فن کي بي علم نظر ايندا آهن. عالم انهن کي پنهنجي محفل ۾ آخري صف ۾ به جڳهه ڏيڻ کان ڪيٻائيندا ۽ هنن کي پاڻ به اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجي وڏائي ۽ فخر ڪرڻ جو شوق نه هوندو آهي. ليڪن هي دنيادارن ۽ دنياوي علمن ۾ پوئتي رهجي ويل دراصل خدا جي نزديڪ هنن کان گهڻيون اڳتي آهن. ”آخرون السابقون“ جو هڪ اهو به تفسير آهي ۽ نهايت عمدو آهي. هڪ طبعي حڪيم سڄي عمر ذري ۾ اندر نهارڻ جي ڪوشش ۾ گهڻو علم ۽ محنت ٿو ڪري پر جيڪڏهن هن پنهنجي نفس ۾ ڪڏهن غوطو نه لڳايو ته پوءِ نفس کي سڃاڻڻ واري جي مقابلي ۾ هي طبعي حڪيم هزار ڪوهه پري آهي. بقول سقراط انساني نفس جو علم ئي اصل علم آهي هو چوندو هو ته پنهنجو پاڻ کي سڃاڻو. زمين ۽ آسمان مان ظاهر ٿيندڙن جو علم پوئين حيثيت ٿو رکي.

 

زمان ۽ مڪان اضافي ۽ اعتباري آهي

عارف رومي رحمت الله عليه جي نزديڪ حڪيم المانوي ڪانٽ ۽ حڪيم ملت اسلاميه علامه اقبال وانگر زمان ۽ مڪان هڪ اضافي ۽ اعتباري حيثيت  رکن ٿا. حقائق بذات خود نه زماني آهن ۽ نه مڪاني ساڳئي طرح خدا تعاليٰ نه زمان ۾ آهي ۽ نه مڪان ۾ ڇو ته زمان ۽ مڪان انساني نفس جي فهم جا سانچا آهن. روحاني عالم تي انهن جي قطعا اثر ڪونه ٿو ٿئي. هن خيال کي مولانا رحمت الله عليه مثنوي ۾ بي شمار جاين تي دهرايو آهي. هي انهن جو پختو عقيدو ئي نه بلڪ پنهنجو روحاني تجربو به آهي. فرمائن ٿا ته زماني جي حال- ماضي ۽ مستقبل ۾ تقسيم محض اضافي آهي. جيڪا ڳالهه منهنجي لاءِ هينئر حال آهي اها هڪڙي لمحي کان پوءِ ماضي ٿي ويندي ۽ هڪ لمحي کان پوءِ مستقبل حال بنجي ويندو آهي. خدا تعاليٰ وٽ يا روحاني عالم ۾ جيڪو مطلق زمان آهي ان ۾ اها تقسيم ڪانهي. فرمائن ٿا ته جيئن رشتيدارن اضافي آهي جو هڪ ئي شخص ڪنهن جو پيءُ آهي ٻئي جو پٽ ۽ ٽئين جو وري ڀاءُ آهي. يا جهڙي طرح مڪان اضافي آهي جو مڪان جي هڪ منزل هڪ شخص لاءِ هيٺين منزل آهي ۽ هيٺان زمين تان ڏسڻ واري لاءِ اها مٿاهين منزل آهي. زمان ۽ مڪان جو هر جاءِ تي اهوئي حال آهي. ان جو دارومدار ڏسڻ واري جي مقام ۽ زاويه نگاهه تي آهي. حڪيم آئن اسٽائن زماني حال ۾ پنهنجي سڄي طبيعيات جو بنياد انهيءَ ئي نظرئي اضافت تي رکيو آهي. داناءَ ۽ قوفي بزرگ اڳ کان چوندا ٿا اچن ليڪن آئن اسٽائن علم رياضيات ۽ طبيعيات سان ان جو قطعي ثبوت مهيا ڪري ڇڏيو. مولانا رحمت الله عليه جن فرمائن ٿا ته انهيءَ اضافيت کان مٿاهين هڪ مطلقيت به آهي جيڪا ڪنهن به طبيعي ۽ رياضيءَ جي ماهر کي سمجهه ۾ ئي نه اچي سگهندي.

 

خدا تعاليٰ ۽ انساني روح جو رابطو

وحدت الوجود جا قائل حڪيم هجن يا همه اوستي شعراءِ هستيءَ جي لامحدود وحدت کي گهڻو ڪري سمنڊ سان تشبيهه ٿا ڏين ۽ سڄي موجودات ۽ مخلوقات کي انهيءَ سمنڊ جون موجون يا لهرون ٿا چون. مولانا رحمت الله عليه پنهنجي تصور  ۽ وجدان ۾ جابجا وحدت الوجود جي قريب پهچي ٿا وڃن ليڪن انساني ارواحن جي انفراديت به هميشه سندن زير نظر رهي ٿي. ان ڪري پنهنجو پاڻ کي وحدت جي سمنڊ جي محض هڪ لهر يا جلد فنا ٿي وڃڻ وارو بوڙيو نه ٿا سمجهن. ان ڪري هن تشبيهه کان گريز ٿا ڪن ۽ اهڙي تشبيهات کان ڪم ٿا وٺن جن سان فنا في الله هجڻ جي باوجود انسان جي خودي ۽ ان جي امتيازي انفراديت لڪي نه وڃي.، هن کان اڳ لوهه ۽ باهه جو مثال نهايت عمدگيءَ سان پيش ڪري چڪا آهن. جنهن مان هي ٻڌائڻ مقصود آهي ته ”تخلقو باخلاق الله“ (پنهنجي اندر خدائي اخلاق پيدا ڪيو) جي اعليٰ منزلن ۾ به صفات الاهي کي گهڻي حد تائين حاصل ڪري وٺڻ جي باوجود خدا خدائي ٿو رهي ۽ انسان انسان.

هاڻي درياهه ۽ لهر جي بجاءِ درياهه ۽ مڇيءَ جو مثال ٿا پيش ڪن. مڇي پنهنجي زندگيءَ لاءِ درياهه جي محتاج آهي. اها انهيءَ ۾ غرق رهندي آهي. ليڪن پوءِ به پاڻي پاڻي آهي ۽ مڇي مڇي. ٻنهين ۾ ڪمال درجي جي ويجهڙائي آهي. ليڪن ٻنهين جي جنس ۾ فرق ۽ جدائي آهي ۽ اهو قائم رهندو آهي. انساني زندگيءَ جو حيات الاهيءَ سان رابطو ڪهڙي انداز جو آهي ان کي پوري طرح ڪوئي فلسفو واضح ڪري سگهيو آهي ۽ نه ڪو مثال. ٻئي گڏ به آهن ۽ جدا به ليڪن انهن جي وچ مادي يا منطقي رابطو ناهي. هي تعلق وجداني ۽ حقيقي آهي. ليڪن اهو نه دليلن سان واضح ٿي سگهي ٿو ۽ نه وري ڪنهن تشبيهه يا مثال سان. وڌيڪ سمجهه ۾ اچڻ واري ۽ دلنشين تشبيهه درياهه ۽ لهر جو رابطو نه بلڪ درياهه ۽ مڇي جو تعلق آهي.

 

ٺاهيندڙ کي سڃاڻو ۽ مصنوعات جا عاشق بنجي ڪافر نه بنجو

فرمائن ٿا ته خدا واحد ۽ خالق جي پرستارن ۽ بتن جي پوڄارين ۾ بس اهوئي فرق آهي ته هڪڙو ته ٺاهيندڙ (صانع) ۽ ان جي ڪمال صنعت تي نظر رکيو ويٺو آهي ۽ ٻيو مصنوع پرست آهي. فطرت جون سڀ قوتون  بذات خود قائم ناهن بلڪ هڪ قادر ۽ ٺاهيندڙ جون محتاج آهن. بت پرستي، فطرت جي ظاهر ٿيندڙ کي مستقل زندگيءَ جون قوتون سمجهڻ جي ڪري پيدا ٿي آهي. بادل، هوا، برق، طوفان، زلزلا، زمين جي قوت نشو و نما انسان جي لاءِ مفيد وڻ ۽ مفيد جانور سڀ جا سڀ ديوتا بنجي پوڄجڻ لڳا. ان کان علاوه گهڻا ديوتا انسان جون خواهشون ۽ ان جي وهم جون مصنوعات آهن. جيئن قرآن پاڪ ۾ ارشاد آهي ته ڪافرن پنهنجي خواهشن کي ديوتا ۽ معبود بنائي ڇڏيو آهي. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته موحد ۽ ڪافر ۾ بنيادي فرق اهوئي آهي ته هڪڙو صانع ۽ ان جي سهڻين صفتن جو مداح ۽ پرستار آهي ۽ ٻيو مصنوعات ۾ اٽڪي پيو آهي. اهي مصنوعات چاهي فطري هجن يا وهمي يا سندس بيڪار خواهشن جي پيداوار.

 

خوب ۽ خراب

خدا جي عليم و حڪيم و رحيم ۽ قادر مطلق هجڻ جي باوجود دنيا ۾ شر ڇو آهي ۽ ڪفر ڇو آهي؟ هن مشڪل مسئلي جي طرف مولانا رحمت الله عليه گهڻين جاين تي بحث ڪيو آهي ته ازلي نقاش خراب نقش ڇو بنايا آهن؟ مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته نقاش جو ڪمال فقط حسين ۽ جميل تصويرون ٺاهڻ ئي ظاهر نه ٿو ٿئي بلڪ ان جي ڪمال جو ثبوت ان مان به ملي ٿو ته جيڪڏهن ڪا خراب صورت واري تصوير ٺاهي ته خراب تصويرن جي ٺاهڻ جي ڪمال ۾ به پنهنجي هنر جو ثبوت ڏئي. جيڪو به تعريف جي قابل آهي شڪايت جو سبب نه آهي حقيقت ۾ جنهن کي اسين خراب ٿا چئون اهو اسان جو ذاتي ۽ جزوي زاويه نگاهه آهي پر جيڪڏهن هستيءَ کي بحيثيت ڪل ۽ مشيت ايزديءَ کي به بحيثيت ڪل ڏسي سگهون ته انهيءَ ڪلي تصوير ۾ هر رنگ جو مقام ۽ هر خط جي ڪشش اهڙي ئي ڏسڻ ۾ اچي جهڙي هجڻ گهرجي. نغمي ۾ هيٺاهين به هوندي آهي مٿاهين به، وڏا سر به هوندا آهن ۽ هلڪا سر  به هوندا آهن ليڪن مجموعي يا ڪلي حيثيت ۾ هر نغمو دلڪش هوندو آهي. هستيءَ جي ڪنهن هڪڙي پهلوءَ کي جزوي نظر سان ڏسي ان جي حسن ۽ خرابيءَ تي فتويٰ نه ٿا لڳائي سگهون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com