سيڪشن؛  تصوف

ڪتاب: تشبيهات رومي

باب: --

صفحو :7

 

ڪوشش هر حال ۾ نفع بخش ٿيندي آهي

مثنوي ۾ هر قسم جي جائز ڪوشش جي تلقين گهڻين جاين تي ڪئي ويئي آهي. مولانا رحمت الله عليه ڪوشش جا ايتريقدر ته قائل آهن جو بغير ڪنهن مصرف جي ڪوشش کي به سستي ۽ تن آسانيءَ تي ترجيح ٿا ڏين. ان لاءِ ته ڪوشش چاهي ڪهڙي قسم جي به هجي جسماني ۽ ذهني قوت کي ضايع ٿيڻ نه ٿي ڏئي، ڪنهن پرائي شهر ۾ رستي  ڀليل مسافر به جيڪو ڪيترين ئي گهٽين ۽ بازارين ۾ گهمندو ڦرندو وتندو آهي ان غلط يا اجائي هلڻ ۾ به شهر جي اهڙن حصن کان واقف ٿي ويندو آهي جاڏي هو ڪڏهن به پنهنجي ڪنهن غرض سان نه وڃي ها. ان ڪري مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته اجائي ڪوشش به سستيءَ کان بهتر آهي. فرمائن ٿا ته ڪاهل ماڻهو ڪيترا دفعا چوندا آهن ته فلاڻي شخص کي بغير ڪوشش جي ڪٿان خزانو ملي ويو. ڪاش جو مون کي به ملي وڃي يا اسين به خدا کان دعا ٿا گهرون ته بغير هٿ پير هلائڻ جي اسان کي به ڪجهه عطا فرمائي ڇڏي. هي سڀ اجايون ڳالهيون آهن، بخت تي نه مگر محنت سخت تي زندگيءَ جو دارو مدار آهي. ان جو ڪجهه نه ڪجهه اثر ملڻ لازمي آهي ۽ جيڪڏهن خدا پنهنجي فضل سان ڪجهه عطا ڪري ڇڏي ته ان جي عنايت. عام اصول هي آهي ته محنت سان ڪجهه حاصل ڪيو خزانو صرف بخت سان حاصل ڪيو خزانو صرف بخت سان حاصل نه ٿيندو آهي، بلڪ محنت سان به دولت جمع ٿي سگهي ٿي.

 

اگر مگر

ڪاهل انسانن جون تمنائون ۽ پشيمانيون بي معنيٰ هونديون آهن، انهن جي طبيعت ۾ اگر مگر گهڻي هوندي آهي، اگر مان ڪنهن امير جي گهر ۾ پيدا ٿيان ها ته سخاوت جا هي ڪم ڪيان ها ۽ هينئن هينئن لطف حاصل ڪيان ها، اگر حالات درست ٿي وڃن ته مان به جيڪر ڪجهه ڪري ڏيکاريان. اگر اسباب حاصل ٿي وڃن ته مان جيڪر قوم جي وڏي خدمت ڪيان. مولانا رحمت الله عليه ٻڌائي ٿو ته رسول الله ﷺ جن به اهڙي قسم جي اگر مگر ۽ تذبذب کي منافق جي نشاني ٻڌائي آهي. مومن فرض شناس ٿي هر حالت ۾ اطمينان سان ڪم ڪندو آهي، ۽ نيڪي ڪرڻ لاءِ شرطن جو طلبگار نه هوندو آهي. منافق کي جڏهن موت ايندو ته چوندو ته اي رب اگر تون مون کي مهلت ڏين ته مان خير خيراتون ڏيان ۽ نيڪ بنجي وڃان ”لولا اخرتني اليٰ اجل قريب فاصدق واکن من الصالحين“ هي اگر مگر ڪرڻ وارا بهانا ڳوليندا وتندا آهن. انهيءَ اگر مگر تي مولانا رحمت الله عليه هڪ حڪايت لکي آهي ته هڪ پرديسيءَ کي رهائش لاءِ جلد ڪنهن گهر جي ضرورت هئي. ان جي هڪ دوست چيو اچ توکي هڪ ڪشادو گهر ڏيکاريان جيڪو خالي آهي ۽ توکي آسانيءَ سان ملي ويندو. اهو دوست ان کي هڪ کنڊر ۾ وڍي ويو ڪا پراڻي حويلي هئي جيڪا ڪري پئي هئي، هي اگر مگر وارو دوست چوڻ لڳو ڏس ڪهڙي نه عجيب جاءِ آهي. اگر هن ۾ ڇت هجي ها ته تون جيڪر عيال سميت هن ۾ آرام سان رهي سگهين ها، گهر وارن کان علاوه هن ۾ مهمانن جي به گنجائش هئي، اهو ٻڌي گهر تلاش ڪرڻ واري چيو ته جيڪي ڪجهه تون چوين ٿو اهو بلڪل درست آهي. مشڪل هي آهي ته تنهنجي هن اگر مگر ۾ ويهڻ جي به ڪا جاءِ ڪانهي.

 

دل کي کوٽ ۽ سچ پرکڻ جي ڪسوٽي بنايو

فرمائين ٿا ته انسانن جي خير جي طلب ڪرڻ جو به اهوئي حال آهي، جيڪو انهن جي دولت طلب ڪرڻ جو آهي. هر شخص پوڙهو ۽ جوان، ننڍو وڏو سڀ سون جا طالب آهن. ليڪن سون جي ڪوڙي ۽ سچي هجڻ جي ڪنهن کي خبر نه آهي. اهڙي طرح هر شخص خير يا ڀلائي جو طلبگار آهي. بقول سقراط جي ته ”ڪو شخص فطرتا شر جو طلبگار نه هوندو آهي، خير جي طلب ڪرڻ انسان جي فطرت آهي. ليڪن عقل جي گهٽتائي سبب شر کي خير سمجهي ان جي پيروي ڪرڻ ٿو لڳي.“ ليڪن خير ۽ شر ۾ فرق نه ڪري سگهڻ سبب ڌوڪن ۾ زندگي بسر ڪري ٿو ڇڏي. هڪ ادنيٰ قسم جي ڌات تي ملمعو ڏسي ٿو ۽ ان جي چمڪ ڌمڪ جي ڪري ان کي دولت ٿوسمجهي، دانا انسان اهي آهن جن جي دل ۾ خير ۽ شر کي پرکڻ جي ڪسوٽي هوندي آهي. عقلمند مرد اهو ئي آهي جيڪو سون کي سڃاڻڻ واري سوناري وانگر خير ۽ شر کي سمجهڻ وارو سونارو هجي.

 

احمق خود پنهنجا دشمن آهن

عام طرح هيئن بيان ڪيو ويندو آهي ته ڪافر ۽ احمق ماڻهو نبين سڳورن، ولين ۽ صالحن جا دشمن ٿي پوندي آهن. مولانا رحمت الله عليه فرمائي ٿو ته هي بيان جو طريقو غلط انديشيءَ جو نتيجو آهي. دشمن ته ان کي چئبو آهي. جيڪو نقصان ۽ عذاب جو سبب بنجي. هي احمق ماڻهو دراصل پنهنجا دشمن هوندا آهن. هي چوڻ صحيح نه ٿيندو ته چمڙو سج سان دشمني ٿو رکي، پيغمبر عليه السلام جي جوهر جو شعاع پٿر ۽ مٽيءَ کي به اڪسير بنائي ٿو سگهي، پر جيڪڏهن سنگدل انسان پنهنجي قلبن تي غلاف چاڙهي پنهنجي طرف ان ڪيميا جي نور کي اچڻ کان روڪن ٿا ته ان مان اڪسير جو ڇا ٿو بگڙي؟ هي پاڻ کي محروم رکي پٿر جا پٿر ئي رهجي ٿا وڃن ۽ جهنم جو ٻارڻ بنجي ٿا وڃن. ”وقودهاالناس والحجارته اعدت للکافرين“ انهن جو مثال ائين آهي جيئن هڪ غلام پنهنجي آقا جو دشمن ٿي پوندو آهي. آقا جو ڪجهه بگاڙي ته نه ٿو سگهي ان ڪري خودڪشي ڪري سمجهندو آهي ته هي آقا کان بدلو آهي ته ان جو هڪ غلام ان جي هٿن مان نڪري ويو.

اهڙي طرح جيڪڏهن بيمار طبيب جو دشمن ٿي پوي ته ان جي ئي بيماري ۾ واڌارو ايندو آهي، طبيب جو ڇا بگڙندو؟ لوح محفوظ وانگر مردان خدا جا روح به محفوظ آهن. ڪافر جيڪي انهن تي ڌڪ ٿا هڻن اهي ڌڪ خود پاڻ کي ئي ٿا نقصان پهچائن دنيا جي طلبگار ۽ ظالمن جا حملا مردان خدا تي ائين آهن جيئن ڪو آواز جبل سان ٽڪرائجي پڙاڏو بنجي ويو ان جو جيل تي ڪوبه اثر ڪونه ٿيندو.

 

نور جا پردا

 

قرآن حڪيم جي سورته نور ۾ ذات باري تعاليٰ کي زمين ۽ آسمان جي نور سان تشبيهه ڏني ويئي آهي. ليڪن مخلوقات ۾ انهيءَ نور جو ظهور ڪجهه واسطن ۽ ذريعن سان ٿو ٿئي. ان جو مثال هي آهي ته هڪ طاق آهي. انهيءَ طاق ۾ هڪ ڏيو رکيو ويو آهي ۽ ڏيو هڪ شيشي جي قنديل ۾ آهي ۽ اها قنديل ايتري قدر شفاف آهي ڄڻ ته موتيءَ وانگر چمڪندڙ هڪ تارو آهي. انهيءَ ڏئي ۾ جيڪو تيل آهي اهو تيل هڪ اهڙي زيتون جي وڻ جو آهي جيڪو نه شرقي آهي نه غربي، ان نور جي ظاهر ٿيڻ جا ڪيترا درجا آهن. ان ڪري ان مثال جي آخر ۾ نور عليٰ چيو ويو آهي.

مسلمان حڪيمن جنهن تعليم کي اشراف جو فلسفو چيو آهي. ان لاءِ سند هن آيت ڪريمه مان حاصل ڪئي ويئي آهي ۽ ان جي تفسير ۽ تشريح ۾ فڪرن ۽ خيالن جي هڪ تمام وڏي عمارت تعمير ٿي آهي. جنهن جي پٿر ۽ مٽيءَ ۾ گهڻو ڪجهه حڪيم فلاطينوس جو فلسفو به شامل آهي جيڪو اسڪندريه جو رهڻ وارو هو. مسلمان ان کي ٻيو افلاطون به چوندا آهن. ذات کان تنزلات ۽ الاهي نور جي شعائن جي ڪجهه درجا انهي حڪيم کان حاصل ڪيا ويا آهن. مثلا لاهوت و جبروت و ملکوت ۽ خطيره قدس جا مقامات تصوف ۽ اشراقي فلسفي ۾ تسليم ٿيلن ۾ داخل ٿي ويا آهن. مولانا رحمت الله عليه مثنوي ۾ انهيءَ تعليم جي مطابق ڪجهه شعر چيا آهن ۽ فرمائن ٿا ته حق جو نور ست سئو پردن ۾ آهي. پهرئين پردي تي قرب جي ڪري ايتريقدر نور جي تجلي آهي جو اهو پردو ئي معلوم نٿو ٿئي. ان کان پوءِ هرهڪ پردي ۾ روشني گهٽ ٿيندي ٿي وڃي، تنزلات ۾ هرهڪ مٿاهين درجي ۾ نور کي حاصل ڪرڻ جو استعداد هيٺئين درجي جي مقابلي ۾ زياده آهي. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته باهه جي مثال سان ان کي سمجهو. لوهه يا سون تيز کان تيز باهه ۾ وڌو ويندو آهي ته نقصان جي بجاءِ ان جو اصلاح ٿي ويندو آهي. ليڪن ڀاڄين وغيره کي پچائڻ لاءِ هلڪي باهه تي رکندا آهن ۽ ديڳڙي باهه جي شعلن ۽ ڀاڄي وغيره جي وچ ۾ رڪاوٽ هوندي آهي. فرمائين ٿا ته ميوا، ڀاڄين ۽ اناج جا فصل جيڪي زمينن ۾ پچندا آهن اهي سج جي ان هلڪي گرمائش سان پچندا آهن جيڪا آسمان جي تمام پري واري مفاصلي کان زمين تي ايندي آهي. سڌو سنئون باهه جي شعلن ۾ ته اهي پچي ڪونه سگهندا. مولانا رحمت الله عليه جي نزديڪ اهڙا مردان خدا دنيا ۾ اڳ به گذريا آهن ۽ هاڻي به موجود آهن جيڪي حقيقي هستيءَ جي سج جي نور ۽ نار کي بغير ڪنهن واسطي جي براهه راست برداشت ڪري ٿا سگهن. اها باهه رت لاءِ آب حيات هوندي آهي ۽ اهي انهيءَ سان بقا ۽ جنت حاصل ڪندا آهن. فرمائن ٿا ته هي ڳالهيون هرهڪ جي فهم ۾ نه اچي سگهنديون. مثالن ۽ تشبيهن سان حقيقت ظاهر نه ٿيندي. جنهن جا پير ڦڏا هجن ان لاءِ جتي به ڦڏي ئي ٺاهڻي پوندي آهي. ان ڪري عام ماڻهن کي الٽا سڌا مثال ڏئي سمجهائڻو ٿو پوي. روحاني حقائق جي ملڪيت جي لحاظ کان عام ماڻهو بلڪل محتاج گداگرن وانگر آهن. گداگر دروازي يا ڏيڍيءَ تائين ته اچي ٿو سگهي ليڪن گهر ۾ اندر داخل نٿو ٿي سگهي.

 

جوهر ۽ عرض

مولانا رحمت الله عليه مثنويءَ ۾ جا بجا دقيق قسم جا فلسفيانه بحث به ڪيا آهن ليڪن پنهنجي مطلب کي مثالن ۽ تشبيهات سان عام فهم بنائڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس، جوهر ۽ عرض جو به هڪ فلسفيانه بحث آهي، ارسطوءَ وٽ جوهر جي تعريف اها آهي ته هو پنهنجي ذات سان قائم هجي ۽ عرض جي تعريف هيءَ آهي ته ان جو مستقل وجود ڪنهن جوهر کان سواءِ ناممڪن هجي، ان ڪري هي عرض ڪنهن جوهر جو ئي عرض هوندي آهي. مثلا گل هڪ جوهر آهي ۽ رنگ ۽ خوشبوءِ هن جا اعراض آهن. مسلمانن هن فلسفيانه بحث کي دينيات ۾ داخل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ديني ڳقيدن جي باري ۾ جوهر ۽ عرض جي فرق تي متڪلمانه بحث شروع ڪري ڇڏيا. دين ۾ هي بحث هينئن داخل ٿيو ته اعمال عرض آهن يا جوهر. جيڪڏهن هنن کي عرض چئجي ته هي مشڪل پيش ٿو اچي ته عرض آهن يا جوهر. جيڪڏهن هنن کي عرض چئجي ته هي مشڪل پيش ٿو اچي ته عرض ته اچڻيون وڃڻيون ۽ فاني صفتون آهن ۽ بهرحال فنا ٿيڻ واريون صفتون آهن. ليڪن اعمال ڪيئن فنا ٿي سگهن ٿا، انهن کي ته آخرت ۾ توريو ويندو آهي ۽ رنگ ۽ خوشبوءِ جهڙن اعراضن کي ته ڪير به توري نه ٿو سگهي. اعمال جيڪڏهن اعراض آهن ته اهي ڪيئن ترندا؟ ان جي جواب ۾ ڪجهه متڪلمين چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي قدرت سان قيامت جي ڏينهن عملن ۾ وزن پيدا ڪندو، جنهن جي ڪري هو جوهر وانگر بنجي ويندا ۽ تري سگهندا.

مولانا رحمت الله عليه هن بحث کي هينئن ٿو شروع فرمائي ته بيشڪ نماز روزو ۽ ٻيون عبادتون اعراض آهن ۽ اعراض جو حادث هجڻ به درست آهي، ۽ اهو به صحيح آهي ته اعراض ٻن لمحن ۾ به هڪ جهڙا نه ٿا رهي سگهن. ليڪن مولانا رحمت الله عليه فرمائين ٿا ته اعراض ۾ هيءَ صلاحيت موجود آهي ته هو جوهر جي صفتن کي بدلائي ڇڏن. انسان جو روح هڪ جوهر آهي ان ۾ جيڪڏهن ڪو مرض پيدا ٿئي ته عبادتن ۽ صالح عملن سان ان ۾ تبديلي ٿي سگهي ٿي ۽ روح جو مرض ختم ٿي سگهي ٿو. ان کان بعد وڌيڪ مثالن سان وضاحت ٿا ڪن ته نڪاح خواني ڪا ڊيگهه ۽ ويڪر رکڻ واري ۽ وزن واري شيءِ يا جوهر ته نه آهي. ليڪن ان مان جيڪو اولاد ٿو ٿئي اهو جوهر آهي. وري فرمائين ٿا ته توهان کي جيڪي تعميرون نظر ٿيون اچن انهن جي جوهر هجڻ ۾ ته توهان کي ڪو شڪ نه آهي. ليڪن هر تعمير پهريائين ڪنهن انجنيئر جي ذهن ۾ هڪ تصور هو، جيڪو خيال جي حيثيت ۾ هڪ افسانو هو ليڪن اهوئي افسانو بعد ۾ ڪاشيانو بنجي ويو. انجنيئر جو خيال عرض هو جيڪو تعمير ۾ تبديل ٿي جوهر بنجي ويو. فرمائن ٿا ته ڪائنات به خدا تعاليٰ جي دل ۾ ازل ۾ هڪ فڪر هئي. جنهن کي عرض چئي ٿو سگهجي. ليڪن ظهور کان پوءِ اها شين ۾ تبديل ٿي ويئي. سڄو جهان پهريائين فڪر جي حيثيت ۾ عرض ئي هئو. ان ڪري انسان لاءِ قرآن ڪريم ۾ ارشاد آهي ته هل اتيٰ علي الانسان حين من الدهر لم يکن شيئا مذکورا“ ڇا انسان جي حقيقت هڪ وقت بالڪل لاشيءَ نه هئي. يعني اڃا هو قابل ذڪر جوهر نه بنيو هو. آخر ۾ فيصلو هي ٿا ڪن ته جوهر ۽ عرض جو تعلق ڪڪڙ ۽ بيدي وارو معاملو آهي. بيدي مان ڪڪڙ پيدا ٿيندي آهي، ۽ ڪڪڙ مان وري بيدا نڪرندا آهن. اهڙي طرح جوهر مان اعراض پيدا ٿيندا آهن. مگر وري اعراض تبديل ٿي جوهر به بنجي ويندا آهن. جيئن مٿي مثالن سان واضح ڪيوويو آهي.

 

صورت ۽ سيرت – جسم ۽ روح

فرمائن ٿا ته صورت پرستي ۽ ماده پرستيءَ انسانن کي غلط انديشي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. ڪنهن جي سيرت تي نظر گهٽ وجهندا آهن، صورت تي زياده زال جي ڳولا لاءِ به صورتن جي تحقيق ڪندا وتندا آهن. حالانڪ آخر واسطو سيرت سان پوندو آهي. خوبصورت جيڪڏهن بدخصلت هجي ته ان جي قيمت جڪ جَوَ جي برابر به نه آهي، صورت سادي هجي ۽ سيرت دلپذير هجي ته اهڙي انسان جي پيرن  تي مٿو رکڻ گهرجي. احمق ماڻهو دلي جي ٻاهرين نقش ۽ خوبصورتي کي ڏسندا آهن. ليڪن انهيءَ جو خيال نه ڪندا آهن ته دلي ۾ پاڻي ڪهڙي قسم جو آهي. جسم و روح، صورت ۽ معنيٰ صدق ۽ گوهر، وانگر آهن. ليڪن هر هڪ سپ ۾ موتي نه هوندو آهي. مادي پرست انسان هي نه سوچيندو آهي ته هڪ جبل جيڪو هيڏي وڏي حيثيت جو ٿو نظر اچي ليڪن هڪ ننڍي لعل جي برابر قيمت نه ٿو رکي. پنهنجي جسم کي ڏسو هٿ پير ٻانهون ۽ ٽنگون اک جي مقابلي ۾ سئو دفعا وڌيڪ ڳرا آهن. ليڪن انهن سڀني جي مقابلي ۾ توهان پنهنجي ٻن اکين کي زياده قيمتي سمجهندا آهيو. اهڙي طرح انسانن ۾ هڪڙو انسان لکن جي مقابلي ۾ زياده وقعت ٿو رکي. انسان ۾ جيڪو عقل آهي ان جي مقابلي ۾ ان جو جسم محض هڪ اوزار جي حيثيت ٿو رکي. ليڪن انسان پنهنجي عقل جو ايترو فڪر نه ٿو ڪري جيترو پنهنجي جسم جو. جسم جي تندرستي ۽ ان جي آرائش ۽ زيبائش جو هن کي تمام گهڻو خيال آهي، مگر جيڪو ان جو اصل جوهر آهي، ان کان غافل آهي، جسم کي سليمان عليه السلام ۽ عقل کي ڪيل سمجهي ورتو اٿس. مطلب ته گهڻا ماڻهو الٽي کوپڙيءَ وارا آهن عقل الهي سان ڪائنات قائم آهي ۽ ان ۾ نظم ۽ ضبط موجود آهي اهڙي طرح انسان جي زندگيءَ ۾ به جيڪي تعميري ڪم آهن. اهي سڀ عقل جا ئي ڪارناما آهن لکين انسان پنهنجي غير محدود قوتن کي نه سڃاتو ان ڪري ئي هو مادي فطرت جي حادثن جي سامهون سجدو ڪرڻ وارو بنجي پيو آهي. جهڙ، طوفان ۽ وڄ جي ڪڙڪن کان ڊڄڻ وارو بنجي ويو آهي. بصيرت نه هئڻ سبب هو جانورن کان به ڪريل جمادات وانگر بي نور ۽ بي شعور ٿي پيو آهي. هي مادي عالم باطني عالم جو هڪ پاڇو آهي. ليڪن تو هن پاڇي کي شخص سمجهي ورتو ۽ اصل شخص کي پاڇو. ان جو سبب اهو آهي ته ظاهري حواسن کي ڪثيف شيءِ اصلي ٿي معلوم ٿئي ۽ لطافت حس جي احاطي ۾ نه ٿي اچي. باهه کي ڏسو ته اها خاڪ جي مقابلي ۾ زياده لطيف عنصر آهي. ليڪن جيستائين ڪنهن ٺوس جسم سان ان جو رابطو نه ٿئي نظر نه ٿي اچي. باهه حرارت جي حيثيت ۾ هر شيءِ ۾ لڪل آهي. ليڪن جڏهن ظاهر ٿيندي آهي ته ڪنهن ڪثيف مادي شيءِ ۾ ظهور ڪندي آهي. هن لڪل آتش ۾ اها قوت آهي جيڪا هزارها ظاهر اوزارن ۾ نه آهي. چند ذرن جي لڪل حرارت ظاهر ٿي ايٽم بم بنجي ٿي وڃي. جيڪا جبلن کي ريزا ريزا ڪري ٿي سگهي ۽ زمين جا پرخچا اڏائي ٿي سگهي. انهيءَ مان فطرت جي لڪل قوتن جو اندازو ڪيو، جيڪو ظاهر حواسن کي محسوس نه ٿو ٿئي، انهن سڀني قوتن ۾ سڀني کان وڏي قوت انسان جي نفس جي قوت آهي. خاص ڪري انهي حالت ۾ جڏهن انسان جو نفس پنهنجي اصليت يعني رباني نفس جي ويجهو ٿي وڃي ۽ نفس جي ويجهو ٿي وڃي ۽ نفس عرفان رب بڻجي وڃي ”من عرف نفسه فقد عرف ربه.“

 

نفعي ۽ نقصان جي اضافيت

فرمائن ٿا ته جيڪڏهن ڪو شخص هي سوال ڪري ته هن حيات ۽ ڪائنات ۽ هن هستيءَ جي ٺاهڻ ۾ ڪو فائدو به آهي ته فورا انهيءَ سوال ڪندڙ کان پڇو ته ٻڌاءِ ته تنهنجي هن سوال ڪرڻ ۾ به ڪجهه فائدو آهي يا نه؟ اگر هي سوال بغير فائدي جي آهي ته پوءِ تنهنجو پڇڻ ئي بيڪار آهي ۽ اسان جي جواب ڏيڻ جي ڪوشش اجائي آهي. ان تي اهو شخص مجبور ٿي چوندو ته منهنجو سوال ته بغير فائدي جي نه آهي. توهين ان کي چئو ته معلوم ٿي چوندو ته منهنجو سوال ته بغير فائدي جي نه آهي. توهين ان کي چئو ته معلوم ٿيو ته هستي پوري جي پوري ته بي فائدي نه آهي، ڇو ته تنهنجو سوال به هن هستي مان ئي اڀريو آهي. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته دنيا ۾ فائدا اضافي هوندا آهن. هڪ شيءِ هڪ حالت ۾ هڪ شخص لاءِ مفيد هوندي آهي ۽ ٻي حالت ۾ غير مفيد.

ڳئون ۽ گڏهه کي مٺائي جو ڪهڙو قدر ۽ ڪهڙي گهرج ٿي سگهي ٿي؟

هرهڪ جان جو عذاب الڳ آهي هڪڙي جي غذا ٻئي لاءِ مرض ڪپ سبب آهي، جيڪڏهن هڪ غذا الڳ آهي هڪڙي جي غذا ٻئي لاءِ مرض جو سبب آهي، جيڪڏهن هڪ غذا هڪ جي ڪم جي نه آهي ته ان لاءِ اهو چوڻ حماقت آهي ته هي ڪنهن ڪم جي ئي نه آهي خدا تعالي ڪا به سٺي شيءِ عبث (بيڪار) پيدا نه ڪئي آهي محض پنهنجي محدود ۽ شخصي زاويه نگاهه سان هستيءَ جي انهن حصن کي بيڪار چوڻ جيڪي تنهنجي گهرج ۾ نه آهن تنگ نظري آهي، صوفياءَ ڪرام جي تمثيلي ڳالهين ۾ هڪ هيءَ ڳالهه به مشهور آهي ته حضرت موسيٰ عليه السلام کي ڪرڙيءَ کان گهڻي نفرت هئي، جڏهن کين الله تعاليٰ سان ڳالهائڻ جو موقعو مليو ته انهن خدا کان پڇيو ته اي خالق ذوالجلال تو اسان کي جيڪو پيدا ڪيو ان جو مقصد ته ظاهر آهي، ليڪن هيءَ ڪرڙيءَ جهڙي مڪروه شيءَ تو ڇو ٺاهي؟ الله تعاليٰ جواب ڏنو ته ڪرڙي به مون کان اهو ئي سوال پڇندي آهي ته اسان کي ته تو درست ٺاهيو. ليڪن هي انسان ۽ انهن ۾ خصوصا موسيٰ عليه السلام جهڙي قسم کي تو ڇو ٺاهيو جيڪي مون کان نفرت ٿا ڪن ۽ هر وقت آزار ٿا ڏين؟ ڪائنات ۾ جيڪڏهن پکين پکڻن ۽ حشرات الارض کي شعور هجي ته انهن مان هرهڪ پنهنجو پاڻ کي وجود جو مرڪز ۽ زندگيءَ جو مقصد سمجهي ۽ ٻين جي پيدائش انهن کي بغير فائدي جي نظر اچي.

 

خدا جو رابطو مخلوق سان ناقابل فهم هجڻ جي باوجود حقيقي آهي

 

جزوي عقل جي احاطي جي اندر رهندڙ محض مادي ۽ مڪاني رابطن کي مد نظر رکڻ وارا ڪوتاهه نظر پڇن ٿا ته الله تبارڪ و تعاليٰ جيڪو زمان ۽ مڪان کان مٿاهون آهي ان جو هن زماني ۽ مڪاني ڪائنات سان تعلق سمجهه ۾ نه ٿو اچي، انهيءَ شڪ ۾ الجهي هو اهڙي خدا جو ئي انڪار ٿا ڪن. جيڪو نه محسوسات جي احاطي ۾ ٿو اچي ۽ نه وري منطق جي گرفت ۾ - مولانا رحمت الله عليه هن جو هڪ سڌو ۽ سادو جواب ٿا ڏين ته خود تنهنجي جان تنهنجي جسم ۾ موجود آهي، جان يا ان سان وابسته نفس ۽ روح کي ڏسو، انهن ۾ ۽ بدن جي صفتن ۾ ڪابه هڪجهڙائي نه آهي، جسم مڪاني ۽ مادي آهي مگر نفس کي ڪير ٿو مڪاني چئي سگهي؟ ان جي باوجود ٻنهين جو تعلق ڪيتري قدر گهرو آهي، اهڙي طرح اک هڪ مادي شيءِ آهي ليڪن بصارت مادي نه آهي، انهن ۾ گهرو تعلق آهي. ليڪن ڇا ڪنهن مادي منطق سان هيءَ ڳالهه سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي؟ هي تعلق هڪ واقعي امر آهي اگرچه عقل جي چون ۽ چران ان جي سمجهڻ کان عاجز آهي. مگر حقيقت جو انڪار ته نه ٿو ڪري سگهجي، اهڙي طرح الله تبارڪ و تعاليٰ جيڪو روح الا رواح ۽ جان جانان آهي. مخلوقات سان ان جو رابطو نه زماني آهي نه مڪاني ۽ نه حسي، ليڪن نهايت گهرو رابطو آهي. جيڪو نه حلول سان سمجهه ۾ ٿو اچي نه اتحاد سان ۽ نه وري مانع ۽ مصنوع جي خارجي تعلق سان هيءَ جزوي جان جڏهن خدا يعني ڪلي جان کان متاثر ٿئي ٿي ته ان کي عقل جوهر ٿو هٿ اچي نه اتحاد سان ۽ نه وري مانع ۽ مصنوع جي خارجي تعلق سان هيءَ جزوي جان جڏهن خدا يعني ڪلي جان کان متاثر ٿئي ٿي ته ان کي عقل جوهر ٿو هٿ اچي. انسان روح الهي روح کان اهڙي طرح ٿو حامله ٿئي. جيئن بي بي مريم ڪلمته الله سان حامله ٿي هئي. محسوسات ۾ گرفتار صورت پرست انسان خدا تبارڪ و تعاليٰ جي ذات ۽ صفات تي به حملا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته مسيح مان هتي مطلب اهو مسيح نه آهي جيڪو ڪنهن وقت هن زمين تي هلندو ڦرندو هو. هتي مسيح مان مطلب اهو روح آهي جيڪو ڇا ۽ ڪيئن کان آزاد ٿي روحاني عالم ۽ الوهيت کان فيضياب ٿو ٿئي، اهڙي قسم جي خدا رسيده روح کان هن جهان فيض حاصل ڪري ٿو سگهي.

 

جسماني خواهشن جي بلند ديوار مانع آب حيات آهي

انسان جي مادي زندگي ۽ ان جون جسماني خواهشون خدا رسيده ٿيڻ رستي ديوار وانگر رڪاوٽ بنجي ٿيون وڃن، روح ۾ خدا طلبيءَ جي هڪ فطري پياس موجود آهي. ليڪن جسماني خواهشن جو هجوم ۽ ڪوڙين ۽ اجين تمنائن جو ڌوڪو ان کي آب حيات کان محروم ٿو ڪري ڇڏي. مولانا رحمت الله عليه هن حقيقت کي هڪ مثال سان دلنشين ٿا بنائين. فرمائن ٿا ته هڪ نهر جي ڪناري هڪ وڏي ديوار هئي ۽ انهي ڀت تي هڪ ماڻهو ويٺو هئو جيڪو اُڃ جي حالت ۾ سخت پرشان هو، انهيءَ ديوار جي ويجهو ڪوبه رستو نه هو. جتان داخل ٿي هو پاڻي پي سگهي، هو بنا پاڻيءَ جي مڇيءَ وانگر تڙپي ٿو. ليڪن پاڻي تائين پهچڻ جي ڪابه ترڪيب ڪانه ٿي اچيس. اوچتو هن انهيءَ ديوار مان هڪ سِرَ پٽي نديءَ ۾ اڇلائي. پاڻي ۾ آواز پيدا ٿيو ۽ ڪجهه لهرون پيدا ٿيون ته ان مان هن کي ڪجهه لطف آيو، اڃايل کي صرف پاڻي جو آواز به سٺو لڳندو آهي. هن سوچيو ته ڀت مان سرون پٽيندو ئي پاڻيءَ ۾ اڇلائيندو ٿو وڃان. پاڻي نه ٿو ملي ته ان جي آواز مان ئي لطف حاصل ڪجي ۽ ٻيو فائدو اهو ٿيندو ته ديوار آهستي آهستي هيٺ ٿي ويندي ۽ اهڙي طرح آئون پاڻيءَ تائين پهچي ويندس مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته جسماني ۽ دنياوي خواهشن جي ديوار جو به اهوئي حال آهي انسان پاڻ هن کي خواهشن مٿان خواهشون ڪندي بلند ڪيو آهي، جيئن جيئن اها بلند ٿي ٿئي هن کي آب حيات کان پري ٿي ڪري، روحانيت جي نهر تي پهچڻ ۽ ان مان اڃ کي ختم ڪرڻ جي بس اهائي ترڪيب آهي ته هڪ هڪ ڪري برين خواهشن جو سرون پٽيندا وڃو، پهريائين ته سرن اڇلائڻ سان پاڻيءَ جو آواز ۽ ان جي موج مان لطف حاصل ڪيو پوءِ ديوار جي پوري ڪرڻ کان پوءِ آب حيات مان پنهنجي پياس پوري ڪيو. جنهن جو پيئڻ فانيءَ کي باقي ڪري ٿو ڇڏي. آخر ۾ فرمائن ته خدا جي سامهون سجدا ڪرڻ خواهشن جي ديوار کي پٽي ڦٽي ڪرڻ آهي. انڪري الله تعالي فرمائي ٿو ”وسجد واقترب“ سجدو ڪندا وڃو ۽ منهنجي قريب ٿيندا وڃو.

 

ڪثافت ظاهر آهي ۽ لطافت لڪل آهي

مثنوي ۾ بار بار هي مضمون آندو ويو آهي ته انسان جي اخلاقي ۽ روحاني خرابين جو سرچشمو ان جي محسوسات پرستي آهي ۽ محسوسات جو هي حال آهي ته ڪثيف کي ڏسڻ آسان آهي، ۽ لطيف نگاهن کان لڪل ٿو رهي. گويا ڪثيف ته حاضر ۽ موجود آهي ۽ لطيف غيب ئي آهي، جسم حقيقي معلوم ٿو ٿئي مگر روح جي هستيءَ تي انسان شڪ ۾ مبتلا رهندو آهي، قرآن حڪيم ڪهڙو نه بهتر فرمايو آهي ته پاڪ ۽ خبيت هم قدر ۽ هم مرتبي جا نه ٿا ٿي سگهن، خواه دنيا ۾ خبائث جي ڪثرت توکي عجيب معلوم ٿئي ٿي.

”ولو اعجبک کثرته الخبيث“ مولانا رحمت الله عليه فرمائين ٿا ته هن مادي عالم ۾ ئي لطيف ۽ ڪثيف جو تماشو ڏسو، مٽي ڪثيف آهي ۽ هوا ان جي مقابلي ۾ لطيف ۽ ڪثيف جو تماشو ڏسو، مٽي ڪثيف آهي ۽ هوا ان جي مقابلي ۾ لطيف آهي، هوا جڏهن مٽيءَ کي اڏائيندي آهي ته مٽي سڀني کي نظر ايندي آهي، پر هوا ڪنهن کي به نظر نه ايندي آهي، حالانڪ انڌوڪار هجي يا تيز هوا جي سبب طوفان وغيره ليڪن هي ڪرشما سڀ هوا جا ئي آهن. اهڙي طرح دنيا ۾ جيڪي ڪجهه توکي نظر ٿو اچي اها کل آهي ۽ ان جي اندر جيڪا معنيٰ يا مغز آهي اهو نگاهن کان لڪل آهي. ان کان پوءِ فرمائين ٿا ته ان مان جيڪڏهن ڪو هي نتيجو ڪڍي ته حواس ۽ محسوسات بيڪار آهن، ۽ بيڪار دنيا ۾ ڪجهه ڪونهي. خدا جي خلقت ۾ ڪابه شيءِ بيڪار ڪانهي، ليڪن هستيءَ ۾ مرتبا ۽ درجا آهن ادنيٰ جيڪڏهن عليٰ کان فيضياب ۽ هدايت آفته نه ٿئي ته اهو نقصان ۾ رهندو آهي، محسوسات ۽ جسماني زندگيءَ کي هڪ گهوڙو سمجهو ۽ نور حق کي سوار- جيڪڏهن سٺو سوار گهوڙي تي سواري ڪري ته گهوڙو چال به سٺي هلندو آهي. ۽ رستو به نه ڀٽڪندو آهي، سورت نور ۾ الله تعاليٰ جيڪو نور اعليٰ نور فرمايو آهي ته ان جي اهائي معنيٰ آهي ته حس به هڪ درجي جو نور آهي جيڪو انسان کي علم لاءِ عطا ٿيو آهي، ته جيئن مادي عالم ۾ ڏسي وائسي هلي ليڪن اگر ان تي حق جو نور نه هجي ته محسوسات جو علم هادي هجڻ جي بجاءِ گمراهه ڪندڙ به ٿي ٿو سگهي، نور حق هن حس جي گهوڙي تي سوار هئڻ گهرجي ته جيئن زندگي نور اعليٰ نور ٿي پوي.

ان کان پوءِ نور حس ۽ نور حق جو مقابلو ڪندي فرمائن ٿا ته نور حس مادي ڏي ڇڪي ٿو جيڪو هڪ ادنيٰ عالم آهي ۽ نور حق بلند تر ڏي رهنمائي ٿو ڪري نور حق جي وسعت ۽ نور حسن جي تنگي ۾ اهائي نسبت آهي جيڪا درياهه ۽ شبنم ۾ آهي، نور حق ظاهر ۾ نه آهي اهو نسبتن لڪل آهي ان ڪري ان کي آثار ۽ اقوال روح پرور کان حاصل ڪرڻو پوندو آهي.

نور حسن حالانڪ نور حق جي مقابلي ۾ غليظ ۽ ڪثيف آهي. ليڪن اهو به خود اک کي نظر نه ايندو آهي. طبعي حڪيم چون ٿا ته ڪا به اک روشنيءَ کي روشنيءَ جي حيثيت سان نه ٿي ڏسي سگهي، روشني انهيءَ وقت ڏسڻ جي قابل ٿيندي آهي. جڏهن اها ڪنهن ڪثيف شيءِ سان ٽڪرائجي واپس اک جي طرف ايندي آهي. جيڪڏهن ڪثيف شيون نه هجن ها ته ڪوبه شخص مادي نور کي به نه ڏسي سگهي ها.

لطافت هي کثافت جلوه پيد اکر نهين سکتي (غالب)

مولانا رحمت الله عليه فرمائن ٿا ته جڏهن ڪثيف هجڻ جي باوجود نور حسن ايتريقدر لڪل آهي ته پوءِ ان کان به مٿاهون نور اڃا به وڌيڪ ظاهري نگاهه کان لڪل آهي.

هستيءَ ۾ جيڪي قوتون ڪم ڪري رهيون آهن وجود جي درجن ۾ خواهه اهي ادنيٰ هجن يا اعليٰ سڀني جو اهوئي حال آهي ته انهن جا مظاهر ته محسوس ٿين ٿا. ليڪن اهي پاڻ يا ته عقل کي نظر ٿا اچن يا روحاني عرفان انهن کان آشنا هوندو آهي.

ڪائنات جي مظاهر جو مثال ائين آهي ته مٽي ڪک پن بيوس حالت ۾ هوا سان اڏامي رهيا آهن. هستيءَ جي صفحي تي تحريرون ته نظر اچن ٿيون ۽ قلمبه لکڻ ۾ مصروف نظر ٿو اچي. ليڪن جيڪو هٿ قلم کي هلائي رهيو آهي. اهو نظر نٿو اچي. زندگيءَ جي حادثن جا گهوڙا ڊوڙي رهيا آهن. ليڪن سوار نظر کان لڪل آهي تير نظر اچن ٿا ليڪن جن ڪمانن مان نڪرن ٿا اهي نگاهن کان لڳل آهي.

 

ارتقا

عارف رومي رحمت الله عليه ارتقائي صوفي آهي مگر سندن ارتقا جا نظريا محض طبعياتي ۽ حياتياتي نظرين وانگر نه آهن. هن جي نزديڪ سڀ هستيون خدا جي طرف کان اچن ٿيون ۽ وري واپس خدا جي طرف وڃي رهيون آهن، انهيءَ رجعت الي الله ۾ روح درجي بدرجي بلند ٿيندا ٿا وڃن، سفر جو آغاز به ذات الهي آهي ۽ منزل مقصود به خدائي آهي ”وان اليٰ ربک المنتهيٰ“ زندگي جي هر درجي ۾ مضبوط تر هجڻ جا طريقا موجود آهن جيستائين هڪڙي درجي ۾ مضبوطي پيدا نه ٿئي تيستائين مٿاهين درجي ڏي هلڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيندي آهي. ليڪن اعليٰ تر مقام ۾ پختگي حاصل ٿيڻ کان پوءِ وري هيٺيائين درجي ۾ زوال نه ٿيندو آهي، زندگيءَ اڳتي وڌي رهي آهي. ان جو مثال هي ٿا ڏين ته ڪڻڪ ماني بنجي وڃڻ کان پوءِ ان کي واپس ڪڻڪ جي سنگن ۾ تبديل نه ٿو ڪري سگهجي. انگور جڏهن ڪچا هوندا آهن ته انهن کي غوره چوندا آهن، فرمائن ٿا ته جڏهن اهي انگور پچي وڃن ته پوءِ فطرتا اهو محال آهي ته هو واپس غوره بنجي وڃن. ڪوبه پڪل ميوو پهرين حالت ۾ نه ٿواچي سگهي. جيڪڏهن توهان پستيءَ کان بچڻ ٿا چاهيو ته پوءِ پهريائين پنهنجي موجوده حالت ۾ پختگي پيدا ڪيو. هڪ صوفيءَ ان باري ۾ هڪ ٻي عمده تشبيهه ڏني آهي. فرمائي ٿو ته کير جيستائين کير جي حالت ۾ آهي ته کير آهي. پر اهو پاڻي ملائڻ سان وڌيڪ ڇڊو ٿي پوندو، انسان جا روحانيءَ احوال به کير وانگر آهن. دنياداريءَ جو پاڻي ان ۾ آسانيءَ سان ملي ويندو آهي ليڪن جڏهن کير ولوڙي مکڻ ڪڍي وٺجي ته پوءِ مکڻ جي چاڻي کي پاڻي ڪجهه نه ٿو ڪري سگهي. بلڪ پاڻيءَ ۾ ٻڏل مکڻ تازو رهندو آهي. پهريائين روحاني زندگيءَ جو مکڻ ڪڍي وٺجي ان کان پوءِ انسان خواهشن کان بي خطر ٿي ويندو آهي.

 

صحبت، علم ۽ عبادت ٻنهين کان زياده اثرائتي آهي

سيرت ۽ ڪردار کي ٺاهڻ ۽ روحاني ترقي جو هڪ نهايت با اثر طريقو پاڻ کان مٿاهين درجي جي انسان جي صحبت آه، نه ته صرف ڪتابن جو مطالعو نه انسان کي عالم باعمل بنائي ٿو سگهي ۽ نه وري واعظن جو واعظ ڪيترا دفعا عمر ڀر جي ظاهري عبادت عادت جي ڪري خواهه اها رياءَ کان پاڪ به هجي، اهو نتيجو نه ٿي پيدا ڪري سگهي جيڪا ڪنهن اهل دل (ولي الله) جي صحبت ۾ هڪ لمحو رهڻ سان پيدا ٿي ٿئي.

يک زمانه در حضور اولياءَ – بهتر از صد طاعت بي ريا

مولانا رح فرمائن ٿا ته صحبت هڪ تمام وڏو اثرائتو عمل آهي. صالح جي صحبت انسان کي صالح ۽ طالح جي صحبت ان کي بدبخت بنائي ٿي ڇڏي. جيڪڏهن زندگيءَ صاف سٿرو ۽ ترقي پذير بنائڻ ٿا گهرو ته پاڪيزه سيرت وارن انسانن جي صحبت مان فيض حاصل ڪيو. ڏسندا نه آهيو ته ماني انسان جو جز بنجڻ کان پوءِ انسان بنجي ويندي آهي. بي جان شيءِ ۾ به جان پئجي ٿي وڃي. هڪ مردار گڏهه به جيڪڏهن لوڻ جي کاڻ ۾ دٻجي وڃي ته ڪجهه عرصي کان پوءِ اهو به سراپا لوڻ بنجي ٿو وڃي.

 

خدا ۽ بندي جو فرق اصلي ۽ دائمي آهي

 

دنيا جي ڪجهه مذهبن ۾ هي عقيدو آهي ته الله تبارڪ و تعاليٰ لهي انسان جي جسم جو قالب اختيار ڪري ”اوتار“ بنجي ويندو آهي ۽ ماڻهو ”گيان“ حاصل ڪرڻ کان پوءِ خدا بنجي ويندو آهي، هندو مت ۾ هي عقيدا موجود آهن، ۽ عيسويت به حضرت مسيع عليه السلام کي عين خدا يا خدا جو اوتار سمجهندي آهي. ليڪن اسلام انهن باطل عقيدن جي ترديد ٿو ڪري، اسلام جي عقيدي جو لب لباب هي هڪ جملو آهي جيڪو حضرت محي الدين ابن العربي شيخ اڪبر رحمت الله عليه جي قلم سان لکيو ويو آهي، حالانڪ عام طور تي کين شدت سان وحدت الوجود جو قائل سمجهيو ويندو آهي، اهي فرمائين ٿا ته ”الرب رب وان تنزل والعبد عبد وان ترقي“ يعني رب موجودات ۾ تنزل کان پوءِ به رب ئي رهندو آهي ۽ بندو چاهي ڪيتري به ترقي ڪري پر اهو بندو ئي رهندو آهي. بلند پايي جي عارفن تي ڪنهن ڪنهن وقت اهڙي حالت طاري ٿي ويندي آهي، جو انهن جي انفرادي هستي الوهيت جي تجليءَ ۾ گم ٿي ويندي آهي، انهيءَ وقت اهي خالق ۽ مخلوق ۾ تميز نه ڪري سگهندا آهن، وڏن وڏن اڪابر صوفين کان انهيءَ وقت ۾ اهڙا الفاظ نڪري ويندا آهن، جو جيڪڏهن انهن جي مستقل حيثيت شمار ڪئي وڃي ته ماڻهو انهن کي خدا سمجهڻ لڳن. چناچه ڪوتاهه نظر وپارن اهڙن ئي احوالن جي بنياد تي ڪرشن يا مسيع عليه السلام کي عين خدا سمجهي ورتو ۽ گمراهه ٿي پيا، ”سبحاني ما اعظم شاني“ يا ”نيست اندر جبه ام الا خدا“ چوڻ وارا انهيءَ وقت هڪ فرد جي حيثيت ۾ بشر طور موجود ئي نه هوندا اهن، يا ائين چئجي ته انهيءَ مقام ”فنا“ تي موجود هجڻ جي باوجود لامتناهي تجليءَ ۾ گم ٿي ان جو هجڻ يا نه هجڻ برابر هوندو آهي، عارف رومي رحمت الله عليه جي ڪلام ۾ ڪثرت سان اهڙا شعر ملن ٿا جيڪي وحدت تي دلالت ٿا ڪن، ليڪن هو صحو جي حالت ۾ هميشه اسلامي ۽ قرآني توحيد تي واپس اچي ويندا آهن، هو ارواحن جي خدا اندر نابود ٿي وڃڻ جا قائل نه آهن ۽ نه ئي ڪنهن برگزيده ۽ خدا رسيده روح کي عين خدا بڻجڻ جا معتد آهن، چنانچه هن مثال مان سندن مسلڪ واضح ٿي ٿو پوي، فرمائن ٿا ته لوهه باهه ۾ پوڻ سبب بظاهر باهه جو هم رنگ ۽ هم صفت ٿي ويندو آهي. انهيءَ وقت ان ۾ شعور هجي ۽ هو ”انا النار“ (يعني آءُ باهه آهيان) پڪاري ته الزام جي قابل نه ٿيندو، ماڻهو بشر جي حيثيت ۾ ته مسجودِ ملائڪ انسان انهيءَ حالت ۾ هوندو آهي، جڏهن هو تخلقو باخلاق الله جي مشق ڪندو الله تعاليٰ جي صفتن جو آئينه دار بنجي ويندو آهي. جڏهن ڪائنات جون قوتون ان جي سامهون سر تسليم خم ڪنديون آهن ته اهو سجدو انسان کي بلڪ خدا کي هوندو آهي.

هاڻي باهه ۽ لوهه جو مثال ڏيڻ کان پوءِ فرمائن ٿا ته هن معاملي ۾ خاموش رهڻ ئي بهتر آهي، ليڪن ڇا ڪجي تشبيهه ۽ مثالن کان سواءِ ڪو رستو ئي ڪونهي، ان ڪري تشبيهه ۽ تشبيهه ڏيڻ واري تي نه کلو، هيءَ بيان جي بيچارگي آهي تشبيهه ڏيڻ واري جو قصور نه آهي.

 

انسان جو نفس پنهنجي باطن ۾ وڏي درياهه سان مليل آهي

انسان جي دل هڪ حوض وانگر آهي. جيڪا اندران هڪ وسيع درياهه سان مليل آهي. انسان جو پنهنجو علم ۽ عمل جون قوتون محدود آهن پر جيڪڏهن دل جي حوض جو اندريون رستو کليل هجي جيڪو وڏي درياهه سان مليل آهي. ته فيض عرفان به بي حساب حاصل ٿي ٿو سگهي. جيڪڏهن محدود حوض جو تعلق لامحدود درياهه سان ڪٽجي وڃي يا بند ٿي وڃي ته پوءِ بند پاڻي جلد خرچ ٿي ويندو، اڏامي ويندو يا ان ۾ بدبو پيدا ٿي پوندي.

 

 

انسان سڀني قسم جي حيوانن جو جنگل آهي ليڪن ملڪوتي صفتون به هن ۾ لڪل آهن

موجوده دور جي حياتيات جا ماهر انهيءَ نتيجي تي پهتا آهن ته انسان ته هڪ پاسي، پر عام ماڻهو به حيوانن ۾ به پنهنجون خصلتون منتقل ڪري ٿو سگهي ۽ ڍڳن ۽ گڏهن کي به عجيب ۽ غريب ڪرتب سيکاري ٿو ڇڏي، گهوڙن کي پنهنجي مقصدن لاءِ تربيت ٿو ڪري ته اهي به انهن ڪمن تي لڳي ٿا وڃن، رڇ کي کيڏڻ ۽ نچڻ سيکاري ٿو ڇڏي جيڪو هن جي فطرت ۾ ڪونهي، ڪتن کي محافظت ڪرڻ ۽ شڪار ڪرڻ ٿو سيکاري ۽ ٻڪرن کي سلام ڪرڻ ٿو سيکاري، جڏهن انسان جانور کي سندن فطرت جي خلاف اهڙا اهڙا ڪم ٿو سيکاري ۽ انهن کان مختلف قسم جا ڪم ٿو وٺي ته پوءِ ڀلا انسان، انسان سان ڇا نٿو ڪري سگهي. آخر ۾ فرمائن ٿا ته ڪتو به توکان ڪجهه سکي وٺي ٿو ته ڇا تون ڪتن کان به پري آهين جو عارفن کان ڪجهه انهن جا ڪمالات نه ٿو سکي سگهين؟ اي جانورن کان به ڪريل انسان عارفن کان روحاني جواهر چوري ڪر، تون وڏو مالدار ٿي ويندين ليڪن انهن جي دلت گهٽ نه ٿيندي.

 

 

 

قيمتي مال جي حفاظت

انساني زندگيءَ ۾ جنهن به قسم جو مال ۽ دولت هجي اهو محفوظ نه آهي، جان ۽ مال جي لاءِ ڪجهه فطري آفتون آهن ۽ ڪجهه انسان جي طرف کان آهن، ان ڪري انسان کي هر وقت هر طرف کان هوشيار رهڻ جي ضرورت آهي، ليڪن هر طرف کان هوشيار ۽ خبردار رهڻ انسان جي وس جي ڳالهه نه آهي، هڪ طرف توجهه ٿو ڪري ته ٻئي طرف کان غافل ٿي ٿو پوي، فطري ۽ انساني چور ته هر طرف کان خبردار آهن، ڏسندا رهندا آهن ته هي شخص ڪهڙي طرف کان غافل آهي انهيءَ طرف کان شيءِ اڏائي وٺندا آهن، نفس اماره جنهن کي ابليس به چيو ٿو وڃي سٺن اخلاقن جو چور آهي، جيئن ئي انسان ڪنهن فڪر ۾ مشغول ٿيو تيئن ئي هن ڪا نه ڪا اخلاقي خوبي کسي ورتي جنهن کان انسان بي خوف ٿيندو آهي. انهيءَ ئي طرف کان هو شڪار ٿي ويندو آهي، جيئن ته هر طرف کان هوشيار رهڻ ناممڪن آهي ان ڪري عقلمندي اها آهي ته جنهن شيءِ کي زياده قيمتي سمجهجي ان کان غلفت نه ڪجي، ان کي اهڙي طرح قبضي ۾ رکي جو چور جي اوستائين پهچ نه ٿي سگهي ۽ جيڪڏهن چور کي ڪنهن وقت گهر ۾ گهڙڻ جو موقعو ملي وڃي ته صرف گهٽ قيمت واري شيءِ کڻي هليو وڃي، واپاري جڏهن مال سان ڀريل ٻيڙيءَ ۾ سوار هوندو آهي ۽ ٻيڙي ڪنهن طوفان وغيره ۾ ڦاسي پوندي آهي ۽ ٻڏڻ جو خطرو ٿيندو آهي ته ان کي بچائڻ جو هڪڙو رستو اهو به هوندو آهي ته ٻيڙيءَ جي بار کي هلڪو ڪيو وڃي. اهڙي صورت ۾ سوداگر پنهنجي گهٽ قيمت واري مال جون  ڳٺڙيون درياهه ۾ اڇلائڻ شروع ڪندو آهي ۽ صرف قيمتي مال زر ۽ جواهر وغيره کي سنڀاليندو آهي، جيڪڏهن زندگيءَ ۾ ڪا اهڙي صورت پيش اچي وڃي جو جان و مال ۽ ايمان سڀ خطري ۾ پئجي ويا آهن ۽ سڀني کي بچائڻ محال آهي ته پوءِ عقلمدنيءَ جي تقاضا هيءَ آهي ته سامان جي پرواهه نه ڪري ۽ جان کي بچائڻ جو فڪر ڪري. جان آهي ته جهان آهي ۽ جان آهي ته سامان وري به مهيا ٿي ٿو سگهي، ليڪن جيڪڏهن ايمان کي بچائڻ جي لاءِ جان ۽ مال ٻنهي جي قرباني ڏيڻي پوي ته ان کي ڪيٻائي نه  ڇو ته ايمان جي قيمت هن آني جاني ۽ فاني مال ۽ جان ۽ دائمي نعمتون حاصل ٿي ٿيون سگهن، جهڙي طرح ٻڏڻ وقت ٻيڙيءَ مان ڪنهن قيمتي لال بچائي ورتو ۽ پوءِ ڪنهن تختي تي تري ڪناري تي پهچي ويو ته انهيءَ قيمتي لال مان هو ٻيهر قيمتي سامان مهيا ڪري ٿو سگهي.

 

محبت

عشق جي متعلق مولانا ڪثرت سان والهانه ۽ حڪيمانه اشعار چيا آهن، ان کي هر مرض جي دوا قرار ڏنو اٿس خواهه اهو مرض اخلاقي هجي يا جسماني مولانا رحمت الله عليه انهن صوفين ۽ مردان خدا مان آهن جن جي نزديڪ محبت ئي اصل دين آهي. جنهن جي مقابلي ۾ سڀ طريقا ۽ شريعتون ثانوي حيثيت ٿيون رکن ۽ انهن جي اصل ڪسوٽي به محبت ئي آهي جيڪو عمل جو طريقو محبت جي معير کي کرو معلوم نه ٿئي اهو اهل دل جي طريقت ۾ رد ٿيڻ جي قابل آهي خواهه مفتي ڪجهه به فتوائون ڏيندا وتن.

جيڪڏهن ظاهر ۽ باطن ۾ ڪجهه ٽڪراءُ معلوم ٿئي ته باطن کي ظاهر تي ترجيح ڏبي، مولانا رحمت الله عليه محبت کي مصدر حيات ۽ مقصد حيات سمجهن ٿا، هي منزل به آهي ۽ منزل جو طريقو به - محبت ئي هڪ اهڙو اڪسير آهي. جيڪو ڪندن بنائڻ سان گڏ هر مرض جي دوا به ڪري ٿي سگهي، دين ۾ ظاهري عالم عقيدن جا ڌاڳا سڌا ڪرڻ ۽ لڙائي جهڳڙن ۾ مصروف ٿا رهن ان جو سبب اهوئي آهي ته هو محبت جي لذت کان ناآشنا آهن، ڪيترا اڪابر صوفي اهڙا گذريا جيڪي مريدن کي نه ته ڪنهن خاص علم جي تلقين ڪندا هئا نه ڪف ۽ ڪرامتن جا رستا ٻڌائيندا هئا نه وري عبادت جي ڪنهن خاص طريقي تي زور ڏيندا هئا، هرهڪ طالب کي هو هڪ ئي تعليم ڏيندا هئا ته خدا ۽ ان جي بندن سان محبت ڪيو انهيءَ ۾ ترقي ڪندو ته ٻنهي جهانن جي سعادت حاصل ڪندو. مولانا رحمت الله عليه به انهيءَ عقيدي کي يقين ۽ جوش سان ٿا بيان ڪن، محبت اها شيءِ آهي جيڪا زندگيءَ جي ڪوڙاڻ کي مٺاڻ ۾ بدلائي ڇڏيندي آهي، محبت ئي غم جي دوا ۽ مرض لاءِ شفا آهي. محبت ڪنڊن کي گلاب ۽ سرڪي کي شراب بنائي ٿي سگهي، محبت جي راهه ۾ ڦاهيءَ تي چڙهڻ وارو محسوس ڪندو آهي ته عزت جي تخت تي بلند ٿي رهيو آهيان. محبت جو وزن به ڏاڍو دل کي وڻندو آهي، محبت جي راهه ۾ ڦاهيءَ تي چڙهڻ وارو محسوس ڪندو آهي ته عزت جي تخت تي بلند ٿي رهيو آهيان. محبت جو وزن به ڏاڍو دل کي وڻندو آهي، محبت قيد خاني کي گلستان بنائي ڇڏيندي آهي، ۽ بغير محبت جي گلستان به آتشدان ڏسڻ ۾ ايندو آهي. باهه کي نور ۾ ۽ ديو کي حور ۾ بدلائي ڇڏڻ به محبت جو ڪم آهي، محبت جي طلسم سان گمراهه ڪرڻ وارا هادي بنجي ويندا آهن، غم خوشيءَ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي. محبت اها شيءِ آهي جو شينهن پنهنجي حيوانيت کي وساري مسڪين ۽ عاجز معلوم ٿيڻ لڳندو آهي، محبت غصي کي رحمت ۾ بدلائي ٿي سگهي جنهن گهر ۾ محبت هجي اهو گهر روشن ٿي پوندو آهي، شاهه کي به بندو بنائڻ ۽ محمود کي اياز جو غلام ڪرڻ محبت جو ئي ڪرشمو آهي، جيڪو شخص زندگيءَ کان بيزار ۽ بي جان نظر اچي ان کي محبت جو اڪسير پياريو پوءِ ڏسو ته ڪيئن نه ان ۾ جان پئجي ٿي وڃي، جنهن پنهنجي دل ۾ خدا ۽ خلق جي محبت کي ترقي ڏني انهيءَ سڀ ڪجهه حاصل ڪري ورتو.

 

عقل ۽ عشق

انسان جي زندگيءَ ۾ ٻه سرمايه آهن هڪ عقل ٻيو عشق ڪنهن به دين جي صداقت يا فسلفه زندگيءَ جي ڪسوٽي به اهائي آهي ته ان ۾ هنن ٻنهي جو ڇا مقام آهي، دين اهوئي سچو آهي جيڪو خدا جي خلق کي عيال الله سمجهي اهڙي محبت کي عالمگير بنائڻ ٿو چاهي ٻيو سچائيءَ جو معيار هي آهي ته ڪيستائين ڪا تعليم عقل کي خالص بنائڻ ۽ ان کي ترقي ڏيڻ جي تلقين ٿي ڪري، عارف رومي رحمت الله عليه جي نزديڪ به دين ۽ ايمان جو جوهر اهي ٻئي آهن، هزارين شعرن ۾ عشق ۽ محبت جي وضاحت ۽ تلقين ڪئي اٿن ۽ جزوي عقل کي ڪليءَ سان وابسته ڪرڻ جو سبق به مختلف طريقن سان دهرايو اٿن، عشق ۽ عقل جو پاڻ ۾ تعلق ڪهڙي قسم جو آهي هي هڪ نهايت لطيف مضمون آهي مگر مولانا رحمت الله عليه وٽ هن جو لب لباب هي آهي ته عشق ۽ عقل هڪ ئي حقيقت جا ٻه پهلو آهي ۽ انهن جو پاڻ ۾ رابطو هن قسم جو آهي ته محبت سان صحيح سمجهه پيدا ٿيندي آهي ۽ عقل جڏهن جذبات جو غلام ۽ نفس اماره جو محڪوم نه هجي ته اهو عشق جي طرف رهبري ٿو ڪري، حقيقي علم بغير اثر جي نه ٿو ٿي سگهي ۽ اهو اثر جنهن کي محبت ٿا چون ڪائنات جي معرفت ۽ زندگيءَ جي عرفان جو به سرچشمو آهي، ماڻهن جنهن محبت کي انڌي چيو آهي، اها هڪ محدود شيءِ آهي، پختگيءَ کان پوءِ اها هڪ چنڊ وانگر روشن ٿي پوي ٿي، ناقص محبت ۽ ناقص سمجهه محبت ۽ صحيح سمجهه کي بدنام ڪري ڇڏيو آهي، ناقص محبت جامد ۽ فاني شين تي ڪرندي ۽ انهن سان وابسته رهندي آهي، فاني شيون حقيقي حسن جو عارضي عڪس پيدا ڪن ٿيون جهڙي طرح اُس ديوار تي ٿوري دير لاءِ پوندي آهي، ظاهري شين تي ازلي حسن جي تجلي بجليءَ جي چمڪ وانگر آهي. جنهن جي روشني هڪ لمحي لاءِ هوندي آهي. جسم ۽ جان ته گڏهه ۾ به آهن ۽ ڪيترا جانور ته انسان کان به تمام گهڻي قوت وارا هوندا آهن بدن صرف جان جو هٿيار آهي ڪارگر ته عقل آهي، بدن ۾ جيڪڏهن ڪو فطري يا حادثاتي نقص هجي مثلا جيڪڏهن ڪو شخص لولهو، لنگڙو، ڪاڻو يا انڌو هجي ته اهو ناقابل علاج هوندو آهي، ليڪن عقل جي نقص جو علاج ٿي ٿو سگهي بشرطيڪ طبيب حاذق هجي، تشخيص ۽ علاج صحيح هجي ۽ حماقت جي مرض ۾ مبتلا شخص خود علاج ڪرائڻ لاءِ تيار هجي. جسم جي نقص واري کي ڪو لعنتي ڪونه چوندو آهي، ڇو ته اهو نقص ان جو اختياري نه ليڪن احمق تي لعن طن ضرور ٿيندي آهي ان لاءِ ته هو علاج جي قابل بيماريءَ جي علاج ڪرائڻ کان نٽائي ٿو، جسم جي نقص واري ماڻهوءَ تي انسان رحم کائيندا آهن ليڪن عقل جي نقص کي معافيءَ جي قابل نه سمجهندا آهن. الله تعاليٰ فرمائي ٿو ”ليس علي الاعميٰ حرج“ فقط بي عقلن کي خدا تعاليٰ انڌو، ٻوڙو، گونگو ۽ جانورن کان به ڪريل قرار ڏنو آهي.

هر فرعون صفت ۽ جهڳڙالو ڪافر جو ڪفر عقل جي نقص جي سبب آهي. ٻيهر برق جي تشبيهه ڏي ٿا اچن، برق جي متعلق قرآن ڪريم فرمائي ٿو ”يکا البرق يخطف ابصارهم“ يعني قريب آهي ته بجلي انهن ڪافرن جي نگاهن کي ختم ڪري ڇڏي، ان جي مقابلي ۾ مومن انهيءَ نور حقيقيءَ سان منور ٿيڻ ٿو چاهي جنهن کي سورت نور ۾ ”لاشرفيت ولا غربيته“ چيو ويو آهي، جيڪو نور زمين ۽ آسمان جي سج ۽ چنڊ جي نور وانگر مڪاني ۽ فاني نه آهي، محبت حقيقي زندگيءَ سان هجڻ گهرجي، جنهن جو مصدر ۽ مرڪز خدا تبارڪ و تعاليٰ جي ذات ئي آهي، يعني اهڙو عقل ۽ اهڙو عشق جيڪو حادٿن جي ٿڦڙن سان تبديل نه ٿئي ۽ جيڪو لا تبديل لخلق الله جو مصداق هجي، انهيءَ کي خدا دين قيم قرار ڏنو آهي، ذالک دين القيمه“

برق جي متعلق وري مولانا رحمت الله عليه هڪ شاعراڻي انداز کان ڪم ورتو آهي، پڇن ٿا ته هي بجليءَ جي چمڪ ڪنهن تي آهي؟ بجلي ان شخص تي چمڪي ٿي يا کلي ٿي جيڪو هن کي هڪ مستقل نور ٿو سمجهي انسان هن جي روشنيءَ ۾ ٻه قدم هلي ٿو ته وري اونداهي ٿي وڃي ٿي بي عقل ماڻهو بي اصل شين کي ثابت ۽ قائم سمجهي انهن مان فادو حاصل ڪرڻ جي بيڪار ڪوشش ٿو ڪري ان جو مثال اهڙو آهي، جيئن ڪو بيوقوف درياهه جي مٿان گجيءَ کي پائدار زمين سمجهي ان تي پنهنجو گهوڙو ڊوڙائڻ شروع ڪري. گهوڙو ۽ سوار ٿوري دير ۾ نابود ٿي ويندي، يا ڪو ماڻهو بجليءَ جي چمڪاٽ ۾ خط پڙهڻ جي ڪوشش ڪري، عقلمند مرد حقيقتن تي نظر رکي پنهنجي زندگيءَ جو بنياد رکندو آهي، ۽ بيوقوف ادراڪ جي فريب ۾ مبتلا ٿي ناپائيدا شين کي چمبڙي انهن مان نفعو حاصل ڪرڻ جي توقع رکندو آهي. اهڙي قسم جا ڌوڪا حرص ۽ حوس جي پيداوار هوندا آهن. جيڪي انسان کي آخرڪار دنيا ۽ آخرت جي نقصان ۾ وجهندا آهن. عقل جيڪڏهن خالص هجي ته ان جي فطرت عاقبت بيني آهي ان کي هر ڪم جو نتيجو پهريائين معلوم ٿي ويندو آهي. ليڪن عقل جذبات جو غلام ٿي حرص ۽ هوس ۾ انڌو ٿي پوندو آهي. نفس امارو عقل جو ويري آهي. نفس جي غالب ٿيڻ کان پوءِ عقل پنهنجي خاصيت وڃائي ويهندو آهي. نفس اماره جي گهرجن کي پوري ڪرڻ سان اهو عقل نه رهندو آهي، بلڪ نفس بنجي ويندو آهي.

 

 

خدا سراپا خير ۽ خير طلب آهي ليڪن زندگيءَ لاءِ شر جو پهلو به لازمي آهي

دين ۽ دانش ٻنهين لاءِ هڪ اهم مسئلو شر جو وجود آهي. خاص ڪري انهيءَ دين لاءِ ان جو حل نهايت ضروري آهي. جيڪو خدا تبارڪ و تعاليٰ کي رحيم ۽ ڪريم سراپا رحمت ۽ قادر مطلق سمجهڻ ايمان جو اهم حصو قرار ٿو ڏئي. جيڪڏهن خدا تعاليٰ ۾ قدرت مطلقه به آهي ۽ هو سراپا رحمت به آهي. پوءِ دنيا ۾ شر ڪٿان آيو؟ توحيدي مذهبن هن معاملي تي ڪيترائي سبب ڄاڻائي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هتي انهيءَ بحث جي گنجائش ڪانهي فقط عارف رومي رحمت الله عليه جو هڪڙو دليل پيش ٿو ڪجي، فرمائن ٿا ته الله تبارڪ و تعاليٰ جو اصل مقصد هي آهي ته انسانن ۾ خير جو احساس پيدا ٿئي. ليڪن هن عالم امڪان ۾ ڪنهن به صفت جو شعور ان جي ضد کان سواءِ پيدا نه ٿي سگهندو جيڪڏهن ڏينهن ۽ رات جي تبديلي نه هجي ها صرف ڏينهن ئي ڏينهن هجي ها ته ڪنهن شخص کي نه ته روشنيءَ جو قدر هجي ها ۽ نه ان جو احساس ٿئي ها، فرمائن ٿا ته الله تعاليٰ خارجي ۽ انساني فطرتن ۾ ۽ افراد يا قومن جي حالتن ۾ تبديلي ان لاءِ ڪندو ٿو رهي ته جيئن انهن کي مصيبت جي مقابلي ۾ راحت جو احساس ٿئي ۽ اهي شڪر گذار ٿين انهيءَ ڪري منحوست ۽ سعادت وغيره جو اچڻ ۽ وڃڻ ايزدي مشيئت کان خالي نه آهي.

ان کان بعد فرمائن ٿا ته خير ۽ شر، رحمت ۽ زحمت، راحت ڪلفت زندگيءَ جا ٻه پر آهن. زندگي انهن ٻنهين پرن سان ئي پرواز ڪري ٿي سگهي، هڪڙي پر سان ڪوبه پکي اڏامي نه ٿو سگهي، ان ڪري هي اعتراض يا شڪايت ڪرڻ ته الله تعاليٰ خير سان گڏ شر کي ڇو پيدا فرمايو نهايت نامعقول قسم جي ڳالهه آهي. اهڙي طرح انساني زندگيءَ ۾ رڪاوٽون ۽ مزاحمتون ئي انساني قوت جي بقا ۽ ترقيءَ جو لازمي سبب آهن، جيڪو شخص اهو ٿو پڇي ته شر ڇو آهي اهو حقيقت ۾ اهو ٿو پڇي ته زندگي ڇو آهي، ڇو ته زندگي، صد کان سواءِ ٿي ئي نه ٿي سگهي ۽ خير جو وجود شر کان سواءِ تصور ۾ ئي نه ٿو اچي سگهي.

 

خدا ۽ نبين جي سڃاڻپ

قرآن ڪريم ۾ آيت جو لفظ ٻن معنائن سان آهي، هڪ آيت جي معنيٰ ته قرآن ڪريم جي عبارت جو هڪ حصو آهي ۽ آيت جي ٻي معنيٰ نشاني آهي، قرآن ڪريم جون آيتون انهن ٻنهين معنائن ۾ آيتون آهن. انفس ۽ آفاق ۾ جيڪي به ڪجهه آهي. قرآن پاڪ جي لحاظ سان خدا تبارڪ و تعاليٰ جي خبر ڏيندڙ نشانيون آهن. رات ۽ ڏينهن جي تبديلي آسمانن جي اوچائي، زمين جي وسعت، ڪائنات جو حسن، نباتات جو وڌڻ ۽ ويجهڻ، فطرت جا تبديل نه ٿيڻ وارا قانون، تاريخي واقعات، زندگي ۽ ڪائنات وغيره خالق ڪائنات جل شانه جي نشانين سان ڀريل آهن، ڪجهه آيتون يا نشانيون خدا تعاليٰ جي طرف رهبري ٿيون ڪن ۽ ڪجهه نشانيون بندگان حق، انبياءِ جي سيرتن جي متعلق آهن ته جيڪڏهن توکي ههڙو شخص هنن صفتن وارو نظر اچي ته ان کي هدايت يافته هادي سمجهو. جنهن جي پيروي توکي زندگيءَ جي سڀني وڏن مقصدن جي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي، مولانا رحمت الله عليه مثال جي طور تي لکن ٿا ته فرض ڪيو ته هڪ شخص خواب ۾ ڪنهن نوراني صورت واري بزرگ کي ڏسي جيڪو هن کي مخاطب ٿي يقين سان چوي ته جيڪڏهن تون پنهنجون سڀ مرادون حاصل ڪرڻ ٿو گهرين ته مان هڪ شخص جن ڪجهه نشانيون ٻڌايان ٿو جيڪو تو وٽ ايندو ان کان پوءِ هو هڪ هڪ ڪري ان جون نشانيون ٻڌائي ٿو مثال جي طور تي هو سوار هوندو تو سان تمام سٺي نموني ڳالهائيندو ۽ هن خواب جي سچي هجڻ جي هڪ نشاني اها هوندي ته جيڪڏهن تون صبح جو اٿڻ کان پوءِ ڪنهن کي ٻڌائڻ چاهيندي ته تنهنجي زبان بند ٿي ويندي جيئن حضرت زڪريا عليه السلام کي حضرت يحييٰ جي پيدائش جي خوشخبري ڏيندي الله تبارڪ و تعاليٰ هڪ نشاني هيءَ ٻڌائي هئي ته هو ٽن ڏينهن تائين ڳالهائي نه سگهندو ۽ فرض ڪيو ته ان کان علاوه اهو بزرگ خواب ۾ توکي ٻيون به ڪجهه نشانيون ٻڌائي ته جيئن توکي پنهنجي مراد پوري ڪندڙ مهربان جي سڃاڻپ ۾ ڪا غلطي نه لڳي ۽ ان جي ملاقات کان پوءِ تون اهي مرادون حاصل ڪري وٺندين جن جي لاءِ تو عمر جو هڪ حصو جاڳي راتيون گذاريون آهن ۽ لا تعداد ڳوڙها وهايا اٿئي. هاڻي تون صبح ٿيڻ شرط هر طرف بازارين ۾ ۽ مسافر خانن ۾ ان کي ڳولڻ نڪرندين ماڻهو پڇندا ته سائين ڪنهن کي پيا ڳوليو؟ تون هر سوار مرد کي گهوري پيو ڏسندين ۽ هر ڪو سوار توکي چوندو ته ادا مون کي ڇو پيو ائين گهوري ڏسين؟ تون چوندين ته معاف ڪجو منهنجو هڪ سوار دوست اچڻ وارو آهي. مان ان جي تلاش ۾ آهيان ۽ ايتري ۾ اهو خواب ۾ ٻڌايل نشانين وارو دوست سوار اچي پهچندو، تون هن سان ڀاڪر پائي ملي شوق سان بيهوش ٿي ويندين، ٻين کي ڪهڙي خبر ته توکي ڇا ٿيو آهي جو هڪڙي سوار سان ملندي ئي هوش و حواس وڃائي ويٺو آهين.

اهڙي طرح الله تعاليٰ پنهنجي ڪتاب ۾ نبين سڳورن جون گهڻيون ئي نشانيون ٿو ٻڌائي ته انهن جو ڪلام هن قسم جو هوندو آهي ۽ هنن جي سيرت هن قسم جو هوندي آهي، عام ماڻهو انهن سان هئڙو سلوڪ ڪندا آهن. ۽ ڪي خاص سمجهدار انهن جا گرويده ٿي پوندا آهن ۽ اهي زندگيءَ جي هر معاملي ۾ انقلاب جا طلبگار هوندا آهن اهي خير ۽ شر جي معيار کي بدلائي ڇڏيندا آهن وغيره وغيره. انهن بيان ڪيل نشانين جي رهبريءَ سان جڏهن ڪو شخص نبين کي سڃاڻي وٺندو آهي ته ان جي والهانه عقيدت جو به اهوئي حال ٿيندو آهي، اهو ڪنهن معجزي ۽ ڪرامت کي ڏسي ايمان نه ٿو آڻي بلڪ هن لاءِ مبارڪ چهرو ۽ آواز پيغمبري ئي وڏو معجزو آهي. اهڙيءَ طرح الله تبارڪ و تعاليٰ پنهنجون به نشانيون ڪتاب ۾ ٻڌايون آهن. انهن نشانين سان خدا کي ڳولي لهڻ وارا به وعدي مطابق پنهنجي زندگيءَ جو مقصد حاصل ڪري ٿا وٺن، دانائي به مؤمن جي گم ٿيل ڏاچي آهي، اهو ان جي نشانين کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ۽ سڃاڻي ٿو جتي ملي وڃي اهو هن جو مال آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com