سيڪشن: تصوف

ڪتاب: گلشن راز

باب:

صفحو:7 

سوال ٻيو

حاشيا ۽ شرح

 

136.         يعني خدا جي نالي، صفتن ۽ فعلن يا صفتن تي فڪر ڪرڻ ثواب آهي ۽ ضروري آهي مگر حق جي ذات يعني هستي مطلق بابت فڪر ڪرڻ گناھ آهي.

306.        يعني ترورا سج جي روشنائي ڪري ٿا ڏسجن، تن مان ڀلا ڪيئن سج روشن ۽ معلوم ٿي سگھندو. اهي فقط سج جون نشانيون يا اثر آهن.

138.         باهر يعني روشن يا ظاهر. مظاهر يعني مظهر يا ظاهر ٿيڻ جون جايون يا شيون يا تعينات. يعني علم ۽ عقل جي ڪري حق جي ذات معلوم ڪري سگھبي.

142.         جبرئيل آهي عقل ۽ علم جو مظهر ۽ مثال، سو فنا في الله جي مرتبي کي رسي نه ٿو سگھي، ڪامل انسان جو درجو انهيءَ کان اعليٰ آهي، جو فنا في جا مثال ”لي مع الله“ حضرت جن جي قول موجب فنائي يا محو ٿيڻ جي وقت جو مرتبو آهي. ”لي مع الله وقتاً لاينبغي فيہ ملڪه مقرب ولانبي مرسل.“

144.         چوڻي آهي ته ”العجز عن ادرڪ الادراڪ“ ڪمال ادراڪ يا سمجھه جي پڄاڻي بي سمجھي آهي.

145.         منهن ڪارائي يعني ظلمت ۽ نيستي ممڪن يا عالم جي لاءِ ضروري آهي، ليڪن انهي جي هستي جو باطني سبب حق جي هستي آهي جا بقا واري آهي. قرآن ۾ آهي ته مَا عِنْدَكُمْ يَنْفَدُ  وَمَا عِنْدَ اللَّهِ بَاقٍ (نحل: 96).

146.         فقر يعني فنا في الله، ”الفقر سواد الوجه في الدارين سواد اعظم“ اها عظيم ڪارنهن آهي جنهن ۾ سڀ ڪجھه ڍڪجي يا لِڪي وڃي ۽ اُهو آهي بقا با الله جو مقام.

147.         يعني عدم مان وجود مطلق جي نور جي تجلي اسمائي صفاتي ۽ افعالي ظاهر ٿئي ٿي.

151.          پاڻي جي تري ۾ ڪارنهن هئَڻ سبب سج ڏسي سگھجي ٿو يا ڪاري شيءِ ۾.

156.         جيئن مٿي به چيو ويو ته اصل هڪڙو عدد آهي پر ڳڻڻ ۾ انهيءَ مان گھڻا ٿيو پون.

161.          يعني وجود مطلق يا حق.

162.         هي حديث مشهور آهي ته ”ڪنت ڪنّزاً مخفياً فاحببت انا اعرف فخلقت الخلق لاعرف.“

163.         يعني اعيان ثابته.

167.         انسان سميت عالم، انسان ڪبير يا عالم ڪبير آهي ۽ رڳو انسان پاڻ ۾ عالم صغير آهي يا عالم جو مغز يا اک يا مکيه ڀاڱو آهي.

174.         يعني مون سان ڏسي ٿو ۽ مون سان ٻڌي ٿو، يعني حقيقت ڪري ڏسڻ ۽ ٻڌڻ وارو خود حق آهي ۽ انسان فقط جسم ۽ عضوا ۽ قوّتون آهي.

191.          دل جي وچ ۾ ڪاري رت جو هڪڙو ڦڙو ٿو رهي جو حياتيءَ جو اصل سمجھندا آهن. حديث آهي ته مومن جي دل خدا جو گهر آهي، ”قلب المؤمن بيت الله.“

192.         ڪڏهن مظهر جمال جو ۽ ڪڏهن جلال جو ٻئي اسمائي خاصيتون انهي ۾ موجود آهن.

193.         سڀڪنهن ماڻهوءَ سان ملائڪ لڳا وتن ۽ سڀ ڪنهن مَلڪ سان شيطان آهي. سڀ گڏ پيا آهن عقل ۽ نفس ۽ روح ۽ طبيعت.

193.         حضرت عيسيٰ (عليہ السّلام)  آخر زماني جو نبي آهي.

194.         يعني تنزل مان ترقي ۽ سير رجوعي. هزارين شڪليون آهن جيئن ته عقول، نفوس، عناصر ۽ مواليد ثلاثه ۽ عالم جمادات ۽ نباتات ۽ حيوانات وغيره.

195.         مرڪز جو نقطو آهي وحدت ۽ دور آهي ڪثرت، اسماءَ ۽ مراتب

196.         تعين، جو هڪڙو اعتباري امر آهي تنهن جي ڪري سڀڪو ڌار ڌار ٿي خودي ۾ گرفتار ٿيو ۽ اصل يا ڪل کان ڌار ۽ پري ٿيو ۽ انهيءَ ڪري هڪڙي قيد ۾ بند ۽ اصل کان نا اُميد رهيو.

195.         تعين ۽ عدم جي نظر تي سڀ حرڪت ۾ آهن ۽ دَور ۾ آهن ۽ فاني آهن مگر اصل وجود ۽ نفس رحماني جي نظر تي مرڪز وانگي هڪ هنڌ ساڪن آهن ۽ هستيءَ ۾ آهن ۽ باقي آهن.

198.         پڇي ٿو ته انهيءَ عالم جي ظاهري صورت ۽ باطني معنيٰ يا حقيقت کي سمجھين ٿو يا نه؟

202.        يعني حق جي وجود جو مثال يا عڪس آهي.

209.       جيئن حضرت ابراهيم عليہ السّلام پهرين سج پوءِ چنڊ ۽ پوءِ تارن بابت خيال ڪري انهن تي اعتبار نه ڪري سچي خدا جي پرستش ڪرڻ لڳو، جيئن ڪه قرآن ۾ آهي ته إِنِّي وَجَّهْتُ وَجْهِيَ لِلَّذِي فَطَرَ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضَ حَنِيفًا وَمَا أَنَا مِنَ الْمُشْرِكِينَ (الانعام: 79).

213.        جيئن قرآن ۾ آهي ته حضرت موسيٰ (عليہ السّلام) رب کي چيو ته مون کي پاڻ ڏيکار پر جواب مليس ته تون ڏسي ڪين سگھندين يعني جيسين هستي يا تُو ئي ماڻهوءَ سان هوندي تيسين حق هن کان اسماءَ صفات جي پردي ۾ لڪل رهندو.

219.        يعني خسيس ۽ ناچيز يا محو ۽ گم ۽ فنا.

220.       ڪک بدلجي جبل ٿئي يا تيليءَ مان ٿنڀ. اصل ۾ آهي ته گدا هڪ ڪک جي عيوض جبل ڏيئي ڇڏي تونگري ۽ دولتمندي جي گھڻائي کان.

226.        ”من راني فقد راي الحق“ يعني جنهن مون کي ڏٺو تنهن حق کي ڏٺو. اهو اشارو آهي بقا بالله جي درجي جو.

227.       يعني عالم صورت ۽ معنيٰ جي کان گذر ڪري مقام محمدي يا واحديت ۽ الوهيت جي درجي کي رس. قرآن ۾ آهي ته، فَكَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَى (النجم:9).

228.       حديث ”اللّٰهم ارنا الاشياءَ ڪما هي“ يعني شين جي ذاتي حقيقت مون کي ڏيکار.

236.       عالم جي ڪتاب ۾ جيڪي به آهي سو جوهر يا عرض آهي. جوهر ڄڻ ته اکر آهن ۽ عرض ڄڻ ته اعراب آهن. هي هن جا تابع آهن ۽ عالم ۾ جيڪي هيٺ مٿي وارا مرتبا آهن سي ڄڻ ته لفظ ۽ جملا يا آيتون ۽ سورتون آهن.

237.       فاتحه پهرين سورت قرآن جي الحمد سان شروع ٿي ٿئي ۽ اخلاص آهي پڇاڙي کان ٿي سورت قل هو الله واري.

238.       يعني عالم جي ڪتاب مان پهرين آيت عقل ڪل آهي جو مقابل آهي بسم الله جي، جنهن ۾ قرآن مجمل طرح آيل آهي.

239.       ٻي آيت آهي نفس ڪل، جنهن ۾ مفصل حڪم ڏنل آهن ۽ انهي ڪري نور اُها جي آيت جي برابر آهي.

240.       اُها آيت هي آهي: اللَّهُ نُورُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ  مَثَلُ نُورِهِ كَمِشْكَاةٍ فِيهَا مِصْبَاحٌ  الْمِصْبَاحُ فِي زُجَاجَةٍ الزُّجَاجَةُ كَأَنَّهَا كَوْكَبٌ دُرِّيٌّ يُوقَدُ مِنْ شَجَرَةٍ مُبَارَكَةٍ زَيْتُونَةٍ  (النور: 35) يعني عرش يا فلڪ اطلس ۽ قرآن جي آيت آهي الرَّحْمَنُ عَلَى الْعَرْشِ اسْتَوَى (طـٰہٰ: 5) ۽ آيته الڪرسي موافق آهي ڪرسي جي جا عرش کان مٿي آهي ۽ آيته الڪرسي قرآن ۾ مشهور آهي. شروع هيئن اٿس:اللَّهُ لَا إِلَهَ إِلَّا هُوَ الْحَيُّ الْقَيُّومُ ... وَهُوَ الْعَلِيُّ الْعَظِيمُ (البقره:)

241.        سوره فاتحه يا الحمد کي ”سبع المثاني“ سڏيندا آهن يعني ست جوڙا يا ٻٽيون شيون.

252.       مواليد ثلاثه يعني جمادات، نباتات، حيوانات ۽ چار عناصر آهن مٽي، پاڻي، هوا ۽ باھ.

253.       الناس قرآن جي پڇاڙيءَ جي سورة ۽ لفظ آهي، ناس جي معنيٰ ماڻهو آهي ۽ انسان سڀ کان پوءِ پيدا ٿيو.

254.       طبيعتون چار آهن گرمي، سردي، خشڪي ۽ تري. انهن تي يا انهن ٻين ظاهري شين جي اثرن تي نه ڀلج. جنهن اهي اثر پيدا ڪيا آهن يا صنعت بنائي آهي انهيءَ ڏي ڏسج.

255.        دنيا ۽ آخرت بهشت ۽ دوزخ سميت.

256.       قلب الانسان کعرش الرحمٰن يا قلب المؤمن عرش الاعظم ۽ هي به آهي ته ”قلب الانسان بين الاصبعين من اصابع الرحمٰن يقلبها کيف يشاءِ.“

257.       عرش رحمان ۽ قلب انسان اهي ٻئي هميشه جنبش ۾ آهن ۽ هڪڙي حال ۾ ناهن. كُلَّ يَوْمٍ هُوَ فِي شَأْنٍ (الرحمٰن:29).

258.       صاحبدل يا ڪامل انسان جي دل عرش جي برابر آهي ۽ انهيءَ جو مرڪز آهي.

261.        سيّاره آهن ست گھمندڙ تارا.

263.       جي تارا بيٺل آهن ۽ گھمن نٿا تن کي ثوابت چون ٿا (جمع ثابت جو) ۽ اُھي اٺين آسمان يا ڪرسيءَ ۾ بيٺل چوندا آهن.

272.       قرآن ۾ آهي ته وَمَا خَلَقْنَا السَّمَاءَ وَالْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا بَاطِلًا  ذَلِكَ ظَنُّ الَّذِينَ كَفَرُوا  فَوَيْلٌ لِلَّذِينَ كَفَرُوا مِنَ النَّارِ  (ص: 27).

278.       چار ضد آهن چار عناصر جي طبيعت ۾ هڪ ٻئي جا ضد آهن جي ظاهر ڪري گڏ ٿيڻ جا ناهن ته به قدرت سان انهن گڏجي مواليد ثلاثه جوڙيا.

282.       هيولي جوهر، انهن ٻن مان جسم ٿا ٺهن. هيولي آهي صورت جي جاءِ ۽ جوهر آهي صورت خاص.

284.       انسان ۾ جسم ۽ روح ۽ صورتون گڏ ٿيل آهن. اُهو روح اعظم جي حقيقت آهي ۽ عقل ڪل ۽ مخلوق اوّل آهي. الف کان پوءِ بي آهي ۽ الف الله آهي.

274.       هو اول پر ظاهر پوءِ ٿيو ۽ مقصود بالذات هو.“نحن الاخرون السابقون.

275.       قرآن جي آيت ڏي اشارو ته إِنَّا عَرَضْنَا الْأَمَانَةَ عَلَى السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ وَالْجِبَالِ فَأَبَيْنَ أَنْ يَحْمِلْنَهَا وَأَشْفَقْنَ مِنْهَا وَحَمَلَهَا الْإِنْسَانُ  إِنَّهُ كَانَ ظَلُومًا جَهُولًا (الاحزاب: 72).

276.       ماڻهوءَ جي عدميت آرسيءَ جي ڪاري پاسي يا پٺ وانگي آهي.

115.         عقل ڪُلّ آهي حقيقت انساني ۽ نفش ڪُلّ آهي شين جي حياتي، جنهن مان انسان کي معرفت جو نور حاصل ٿيو.

300.       اصل طبيعي قوتون ڏھ آهن: هي، غاريه، ناميه، مولده، مصوّره، جاذبه، حاضمه، ماسڪه، دافعه، مدرڪه ۽ محرڪه.

301.        جوارح يا عضوا ۽ آلتون يا اوزار آهن. انسان جا هٿ پير وغيره ۽ عروق آهن اُهي جي انهن کي ڳنڍين ٿا ۽ ڪم جھڙو ڪن ٿا، طب جي علم ۾ انهن جو بيان آهي.

288.       خدا جون صفتون ۽ انهي جا اسم به علحده آهن، انهن مان هر هڪ جو واسطو ۽ تعلق خاص انهن موجودات يا ممڪنات يا اعيان ثابته سان رهي ٿو ۽ انهن کي قائم رکيو اچي.

289.       قرآن ۾ آهي ته هُوَ اللَّهُ الْخَالِقُ الْبَارِئُ الْمُصَوِّرُ   لَهُ الْأَسْمَاءُ الْحُسْنَى  يُسَبِّحُ لَهُ مَا فِي السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ  وَهُوَ الْعَزِيزُ الْحَكِيمُ (الحشر: 24).

291.        يعني حق، جنهن جا اُهي سڀ اسم آهن، انهيءَ جو عڪس آهي انسان، جو جامع آهي انهن اسماءَ ۽ صفات جو.

293.       انسان اصل پاڻ عدم آهي، نه ذات اٿس نه صفات، نه بقا اٿس، مگر حق جي طرفان بقا اٿس جو انهيءَ جو عڪس منجھس آهي ۽ انهيءَ ذات ۽ صفات جا نشان منجھس آهن.

294.       اول مان مرد الوهيت جا نيٺ اچي حقيقت انساني ٿي جو انسان آخر موجودات آهي ۽ باطن مان مراد الله جي، جو نيٺ اچي حقيقت روح انساني ٿيو.

295.       يعني نظر ۽ فڪر جي رستي پنهنجي معرفت معلوم ڪرڻ ناممڪن آهي سواءِ عنايت ۽ فيضِ الاهي يا ڪشف جي، تنهن ڪري بهتر آهي ته انهي تي فڪر ڪرڻ سان مٿو نه هڻ.

 

 

سوال – سوم

سوال ٽيون

(1)     

که باشم من مرا از من خبر کن
چه معني دارد اندر خود سفر کن

 

آهيان آءٌ ڪير، تِنهنجي تُون خبر ڪر
۽ معنٰي ڇا، اندر پنهنجي سفر ڪر

 

 

جواب

جواب

(2)    

دگر کردي سؤال از من که من چيست
مرا از من خبر کن تا که من کيست

 

[هاڻي تنهنجو وڌيڪ سوال آهي ته ’مان‘ يا ’آءٌ‘ ڪير آهيان مون کي ’مون‘ بابت ٻُڌاءِ ته اهو ‘مون’ ڪير آهي؟]

 

(3)    

چو هستي مطلق آيد در اشارت
به لفظ من کنند از وي عبارت

 

[ٻُڌي ڇڏ، جڏهن اسين پنهنجي مطلق هستيءَ (روح) ڏانهن اشارو ڪندا آهيون ته ان لاءِ لفظ ’مان‘ يا ’آءٌ‘ استعمال ڪندا آهيون.]

 

(4)    

حقيقت کز تعين شد معين
تو او را در عبارت گفتهاي من

 

وٺي جڏهّن هست مطلق ڪو تعيّن
تڏهن آءٌ ۽ تُون ٿا شخص سڏجَن

 

(5)    

من و تو عارض ذات وجوديم
مشبکهاي مشکات وجوديم

 

آءُ ۽ تُون منجھان حق ٿئي ٿو ظاهر
صفاتٖ عارضي حق جُون ٿيون سائِر

 

(6)    

همه يک نور دان اشباح و ارواح
گه از آئينه پيدا گه ز مصباح

 

آهي هِڪ نور منجھ اجسام اَرواح
ڪڏهن منجھ آئيني ۽ ڪڏهن مِصباح

 

(7)    

تو گوئي لفظ من در هر عبارت
به سوي روح مي ‌باشد اشارت

 

چَئو ٿا لفظ آءٌ اَئين جي يارو
آهي ڏانهن رُوح هر هڪ جي اشارو

 

(8)    

چو کردي پيشواي خود خرد را
نمي‌ داني ز جزو خويش خود را

 

[تون پنهنجو رهبر ۽ رهنما عقل کي ڪيو آهي اهو پاڻ تنهنجو جُزو يا حصو آهي، سو تو کي ڪهڙي خبر ڏيندو!]

(9)    

برو اي خواجه خود را نيک بشناس
که نبود فربهي مانند آماس

 

[اي انسان، ان ڀُل کان ٻاهر نڪر ۽ پاڻ کي چڱيءَ طرح سڃاڻ، ڇو ته جسم جي سوڄ کي جسم جي ٿولھ نٿو چئي سگهجي.]

 

(10)             

من و تو برتر از جان و تن آمد
که اين هر دو ز اجزاي من آمد

 

[ٻُڌ، ’مان‘ ۽ ’تون‘ جسم توڙي روح کان مٿانهان آهن، ڇو ته اهي ٻئي (جسم ۽ جان) منهنجي ذات سان وابسته آهن.]

 

(11)  

به لفظ من نه انسان است مخصوص
که تا گويي بدان جان است مخصوص

 

[اهو لفظ ’مان‘ انسان لاءِ مخصوص ناهي جو تون چئي سگهين ته اهو انساني روح لاءِ وقف يا خاص آهي.]

 

(12)             

يکي ره برتر از کون و مکان شو
جهان بگذار و خود در خود جهان شو

 

[تون هن جھان کان ٻاهر نڪرڻ جي راھه تلاش ڪر، هن جھان کي ڇڏي ڏي ۽ پنهنجي اندر واري جھان کي ڳولي هٿ ڪر.]

 

(13)             

ز خط وهمي هاي هويّت
دو چشمي ميشود در وقت رؤيت

 

آهّي ھ گول پڻ لکجي دُو چشمي
ڏسڻ ۾ هڪ ڪيُون ٻه خطَّ وهمي

 

(14)             

نماند در ميانه ره رو راه
چو هاي هو شود ملحق بالله

 

آءٌ ۽ هُو ٻه ٿيا منجھ رسم ۽ راھ
جڏهن هي هُو ٿئي تڏهن سمجھُ الله

 

(15)             

بود هستي بهشت امکان چو دوزخ
من و تو در ميان مانند برزخ

 

آهي هستي بهشت، امڪان دوزخ
آءٌ تون ٿيا انهن جي وچ ۾ برزخ

 

(16)             

چو برخيزد تو را اين پرده از پيش
نماند نيز حکم مذهب و کيش

 

جڏهن پردو کڄي تُنهنجي اڳيان اِيءُ
تڏهن ري حڪم مذهب جي پيو جِيءُ

 

(17)             

همه حکمِ شريعت از من تُست
که آن بربستئه جان و تن تُست

آهي حڪم شريعت آءٌ تُون سان
تعلّق ان تي ٿيو تُنهنجو تن وجان

 

(18)             

من تو چون نماند درميانه
چه مسجد چه کنش چه ديرخانه

 

جڏهن آءٌ ۽ تُون ويا نڪري وچ مان
تڏهن ڪعبو ۽ بُتخانو ٿّيو يڪسان

 

(19)             

تعين نقطئه وهمي است در عين
چه صافي گشت عينت غين شود عين

 

تعيّن آهي نقطو وهمي منجھ عَين
صفا جڏهّن عين ٿي تڏهن غَين ٿي عَين

 

(20)            

دو خطوه بيش نبود راه سالک
اگرچه دارد او چندين مهالک

 

وِکون ٻَه واٽ اِيءَ آهي اي سالڪ!
اگرچه ٿيا گھڻا وچ ۾ مَهالِڪ

 

(21)             

يک از هائي هويّت در گذشتن
دوم صحرائي هستي در نوشتن

 

هِڪ آهي هي هُويّت مان لنگھڻ پار
۽ ٻي هستيءَ جي صحرا مان ٿيڻ پار

 

(22)            

در اين مشهد يکي شد جمع و افراد
چو واحد ساري اندر عين اعداد

 

اِتي واحد مان آهي جمع حاصل
رهي جيئن هڪڙو سڀ عددن ۾ شامِل

 

(23)            

تو آن جمعي که عين وحدت آمد
تو آن واحد که عين کثرت آمد

 

تُون آهين جمع سو، جو عين وحدت
تُون واحد آهين سو، جو عَين ڪثرت

 

(24)            

کسي اين سرشناسد کو گذر کرد
ز جزوي سوي کلي يک سفر کرد

 

اُهو سمجھي هي، جنهن پاڻؤن گذر ڪيو،
اُهو جنهن جُزوَ مان ڪُل ڏي سفر ڪيو

 

 

سوال ٽيون

حاشيا ۽ شرح

 

312.        يعني انا يا آءٌ آءٌ ڪير ٿو چوي ۽ پاڻ ۾ سفر ڪرڻ ڇا کي ٿا چون، سفر در وطن به چوندا آهن.

314.        وجود مطلق اشاري ڪرڻ کان ٻاهر آهي، جڏهن متعين ٿئي ۽ ڪا شخصيت حاصل ڪري تڏهن آءٌ ۽ تون سڏجي سگھي.

318.        هن نور جي آيت ڏي اشارو آهي جا مٿي ڏني ويئي آهي.

321.        اکر (ھ) دو چشمي به لکبي آهي ۽ گول ۾ به، ھ يا ه. ظاهري ۾ دو چشمي ٿي ڏسجي جو اهو هڪڙو وهمي يا خيالي خط آهي، مگر آهي يڪ چشمي. ھ اشارو آهي هويت جو ۽ هو چوندا آهن خدا کي، اهو ذات مطلق جو تعين آهي، يعني جيڪي ظاهري ڪثرت آهي سو حقيقت ۾ وحدت آهي.

322.       جڏهن ھ يا هو کي الله ڄاڻبو تڏهن آءٌ ۽ تون يا دوئي گم ٿي ويندي، ڪثرت ظاهري يا اعتباري نڪري ويندي ۽ وحدت حقيقي يا باطني نڪري نروار ٿيندي.

323.       وجود ذاتي يا وحدت بهشت آهي ۽ امڪان يا ممڪنات ۽ موجودات ضد ۽ قيد وغيره جي ڪري دوزخ جي مثال آهن. آءٌ ۽ تون تعينات آهن جي انهن جي وچ ۾ مردي وانگي آهن ۽ برزخ جي مثال آهن.

324.       مقام فنا في الله جي ۾ مائي ۽ توئي جو پردو کڄي وڃي ٿو تنهنڪري شرع جي تڪليف معاف ٿي، جو شريعت ٻڌل آهي آءٌ ۽ تون تي، يعني تعينات تي. مذهبن جو تفاوت به آءٌ ۽ تون تي منحصر آهي.

327.       عين جي معنيٰ اک به آهي ۽ عين مان مراد اول حقيقت آهي يعني حق جي ذات ۽ وحدت. غين آهي ڪثرت، جا نقطي جي ڪري پيدا ٿي ۽ نقطو آهي تعين جو پردو.

328.       مهلڪ يا هلاڪ ڪندڙ شيون يا اٽڪون رستي ۾، جي تڪليف يا خطري جو سبب آهن.

329.       هويت جي ھ مان مطلب آهي ذات مطلق جي تعينات ۽ هستيءَ مان مطلب آهي پاڻ کي هست ڄاڻڻ يعني هڪ تعينات مان لنگھڻ ۽ ٻيو پاڻ کي يا عالم کي فاني سمجھڻ.

 

 

سوال – چهارم

سوال چوٿون

(25)            

مسافر چون بوده ره رو کدام است
  که را گويم که او مرد تمام است

 

مُسافر خواھ سالِڪ ڪير آهي،
جو مَردن ۾ بهادر شير آهي؟

 

 

جواب

جواب

(26)            

دگر گفتي مسافر کيست در راه
 کسي کو شد ز اصل خويش آگاه

 

مسافر آهي سو ورتي جنهين راھ
حقيقت اصل پنهنجي کان ٿي آگاھ

 

(27)            

سلوکش سير کشفي دان ز امکان
 سوي واجب به ترک عين و نقصان

 

منجھان ممڪن ڪري سو سير ڪشفي
وڃي واجب ڏي اُڇلي غير نفسيِ

 

(28)            

مسافر آن بود کو بگذرد زود
ز خود صافي شود چون آتش از دود

 

لنگھي جو پاڻ کان، ٿي پنهنجو سوُنهون
سُتت جيئن باھ مان نڪري ٿو دونهون

 

(29)            

به عکس سير اول در منازل
رود تا گردد او انسان کامل

 

هي اُبتو سير ٿيو موٽڻ بمنزل
’فنا في الله‘ ٿي ٿئي مرد ڪامِل

 

 

قاعده

قاعدو

(30)            

بدان اول که تا چون گشت موجود
 که تا انسان کامل گشت مولود

 

تون درجي وار ٻُڌ ڪِيئَن اُهو ڄمڻ کان
اچي ڪامل ٿئي ٿو نيٺ انسان

 

(31)             

در اطوار جمادي بود پيدا
پس از روح اضافي گشت دانا

 

جماديِ حال ۾ ٿيو پهرين پيدا
ٿيو روح اضافي ساڻ دانا

 

(32)            

پس آنگه جنبشي کرد او ز قدرت
پس از وي شد ز حق صاحب ارادت

 

چُرَڻ جي پوءِ آئي اُن ۾ طاقت
ٿيو قُدرت سان حق جي با ارادت

 

(33)            

به طفلي کرد باز احساس عالم
در او بالفعل شد وسواس عالم

 

ڄمي ٿيو طفل پوءِ ماڻيائين عالم
حواس ۽ فعل سان اُن جو پيو ڪَمُ

 

(34)            

چو جزويات شد بر وي مرتب
به کليات ره برد از مرکب

 

جُزي کان ڪُلّ ڏنهن تنهن وِک وڌائي
تميز ۽ عقل، نُطق ۽ سمجھ آئي

 

(35)            

غضب گشت اندر او پيدا و شهوت
 
وز ايشان خوست بخل و حرص و نخوت

 

ٿي ڪاوڙ پيدا آئي جڏهن شهوت
۽ بُخلَ، حرص ۽ هٺ وِرتي قوّت

 

(36)            

به فعل آمد صفتهاي ذميمه
  بتر شد از دد و ديو و بهيمه

 

ٿيا اخلاق بد منجھ فعل ظاهر
مِروُن ۽ ديوَ کان ٿّيو آدم ابَتر

 

(37)            

تنزل را بود اين نقطه اسفل
 که شد با نقطئه وحدت مقابل

 

تَنزّل جي اها هيٺين ٿي منزل
ٿي وحدت واري منزل جي مقابل

 

(38)            

شد از افعال کثرت بي‌ نهايت
 مقابل گشت ازين رو با بدايت

 

[هو پنهنجي ڪمن جي ڪثرت ڪري بي نهايت آهي يعني جنهن جي ڪا انتها ڪونهي، انهيءَ ڪري هو پنهنجي شروعات جي خلاف وڃي ٿو. (جنهن جي ابتدا ڪونهي)

 

(39)            

اگر گردد مقيد اندر اين دام
به گمراهي بود کمتر ز انعام

 

ٿيو قابُو اِتي جي نيٺ انسان
ته گمراهيءَ ۾ بهتر کانئس حيوان

 

(40)            

وگر نوري رسد از عالم جان
ز فيض جذبه يا از عکس برهان

 

۽ جي پُهتس اچي نوراني جذبو
دليل آيُس يقيني يا اندر جو

 

(41)             

دلش با لطف حق همراز گردد
از آن راهي که آمد باز گردد

 

ته حاصل ٿُيس ڄڻ فَيض اِلاهي
۽ ساڳي واٽ سان موٽي ٿئي راهي

 

(42)            

ز جذبه يا ز برهان يقيني
رهي يابد به ايمان يقيني

 

[هو فقط ان صورت ۾ پڪو ايمان حاصل ڪري ٿو، جڏهن کيس اِلاهي ڪشش ڇڪي ٿي يا کيس دل ئي دل ۾ اهڙو ثبوت ملي ٿو.]

 

(43)            

کند يک رجعت از سجين فجار
رخ آرد سوي عليين ابرار

 

کان ’اسَفل سافلِين‘ موٽي ۽ سجِيّن
رکي رُخ پنهنجو آخر ڏنهن علِييّن

 

(44)            

به توبه متصف گردد در آن دم
شود در اصطفي ز اولاد آدم

 

صفت توبھ جي پيدا ٿئيس اُن دم
ٿئي چونڊيل منجھان اَولاد آدم

 

(45)            

ز افعال نکو هيده شود پاک
چو ادريس نبي در چارم افلاک

 

خراب افعال کان پڻ اُو ٿئي پاڪ
ڪري اِدريس جيئن اُو عَزم افلاڪ

 

(46)            

چو يابد از صفات بد نجاتي
  شود چون نوح از آن صاحب حياتي

 

لهي جڏهّن اُو بدي کان ڇوٽڪارو
تڏهن ٿئي نُوح جان آرام وارو

 

(47)            

نماند قدرت جزويش در کل
خليل آسا شود صاحب توکل

 

ٿئي جڏهن جزو ان جو محو منجھ ڪُل
خليل الله جان ڌاري توڪَلّ

 

(48)            

ارادت با رضاي حق شود ضم
رود چون مو
سيٰ اندر باب اعظم

 

ارادت جي رضا حق جي سان ٿئي ضم
ته مُوسيٰ جان وڃي منجھ باب اعظم

 

(49)            

ز علم خويشتن يابد رهائي
چو
عيسيٰ نبي گردد سمائي

 

ڇڏي سڀ علم پنهنجي جي نشاني
ٿئي عيسيٰ نبي جيئن آسماني

 

(50)            

دهد يکباره هستي را به تاراج
در آيد از پي احمد به معراج

 

ڪري هستي کي پنهنجي تخت تاراج
مُحمّد جي پٺيان سو ماڻي مِعراج

 

(51)             

رسد چون نقطئه آخر به اول
در آنجا نه ملک گنجد نه مرسل

 

ڦري جڏهن آخرين نُقطو ٿئي اوّل
اُتي پوءِ نَا ملَڪَ ماپي نه مُرسل

 

 

تمثيل

مثال

(52)            

نبي چون آفتاب آمد ولي ماه
  مقابل گردد اندر ’لي مع ‌الله‘

 

نبي ٿيو آفتاب ۽ ٿيو ولي ماھ
مقابل ٻئي ٿين منجھ ’لِي مَع الله‘

 

(53)            

نبوت در کمال خويش صافي است
ولايت اندر او پيدا نه مخفي است

نبّوت آهي ڪامِل اصل ذاتِي
ولايت اُن ۾ ظاهر ٿي نه مخفيِ

(54)            

ولايت در ولي پوشيده بايد
ولي اندر نبي پيدا نمايد

 

ولي ۾ نِت ولايت آهي مستُور
نبي ۾ پر رهي ظاهر ۽ مشهوُر

 

(55)            

ولي از پيروي چون همدم آمد
نبي را در ولايت محرم آمد

 

ولي ٿئي پيرويءَ سان ان جو هَمدم
نبيءَ سان تڏهن ولايت ۾ ٿئي مَحرم

 

(56)            

ز ان کنتم تحبون يابد او راه
 به خلوت خانئه
يحببکم الله

 

لهي ’ڪُنتُم تُحِبّون‘ جي اُهو راھ
ڏسي خلوت سندي ’يُحببڪُم الله‘

 

(57)            

در آن خلوت‌ سرا محبوب گردد
به حق يکبارهگي مجذوب گردد

 

انهي ’خلوت سراء‘ ۾ ٿئي اُو محبُوب
ٿئي حق ڏانهن اُهو يڪ بار مجذوب

 

(58)            

بود تابع ولي از روي معني
بود عابد ولي در کوي معني

 

رهي تابع نبِيءَ جو في الحقيقت
رهي معنيٰ سان عابد منجھ عبادت

 

(59)            

ولي وقتي رسد کارش به اتمام
که با آغاز گردد باز از انجام

 

مگر ٿيندو تڏهن تحقيق ڪامل
اَول آخر سان جڏهن موٽي ٿئي شامل

 

(60)            

کسي مرد تمام است کز تمامي
کند با خواجگي کار غلامي

اهوئي مرد ٿيو ڪامل تمام آھ
جو رئيس آهي مگر سڀ جو غلام آھ

(61)             

پس آنگاهي که ببريد او مسافت
نهد حق بر سرش تاج خلافت

 

جڏهن اُن انهي طرح پُورو سفر ڪيو
تڏهن حق اُن کي ڪيو پنهنجو خليفو

 

(62)            

بقائي يابد او بعد از فنا باز
رود ز انجام او ديگر به آغاز

 

فنا کان پوءِ ڪري حاصل بقا کي
سفر پورو ڪري موٽي مُھَڙ ڏي

 

(63)            

شريعت را شعار خويش سازد
طريقت را دثار خويش سازد

 

شريعت کي ڪري پوشاڪ ظاهر

طريقت کي ڪري اُو پنهنجي چادر

(64)            

حقيقت خود مقام ذات او دان
بود دايم ميان کفر و ايمان

 

حقيقت ٿي انهي جي ذاتي منزل

منجهس ٿيو ڪفر ۽ ايمان شامِل

(65)            

به اخلاق حميده گشته موصوف
به علم و زهد و تقوي بوده معروف

 

چڱا اخلاق ٿيا ان جا سڀيئي

منجهس ٿيا زهد تقويٰ علم ٽيئي

(66)            

همه با او ولي او از همه دور
به زير قبهاي ستر مستور

 

مِڙئي اُن سان مگر مِڙني کان اوُ ڏُور

رهي اسرار جي پردي ۾ مستوُر

 

تمثيل

مثال

(67)            

تبه گردد سراسر مغز بادام
گرش از پوست بيرون بخراشي گه خام

 

ڪچو جيڪو ڇِليندو مغز بادام
ته ٿيندو اُو اصل ضايع ۽ ناڪام

 

(68)            

ولي چون پخته شد با پوست نيکوست
اگر مغزش بر آري بر کني پوست

 

پَچي جڏهين تڏهن لاهڻ چڱي کل
ٿو نڪري مغز سالم ساڻ اٽڪل

 

(69)            

شريعت پوست، مغز آمد حقيقت
ميان اين و آن باشد طريقت

 

شريعت کَلَ ۽ مغز آهي حقيقت
انهن ٻنهي جي وچ ۾ ٿي طريقت

 

(70)            

خلل در راه سالک نقص مغز است
چو مغزش پخته شد بي ‌پوست نغز است

 

خلل سالڪ جي رستي ۾ ٿيو نقصانُ
پچڻ بَعد آهي ري کَلَ مغز جو مانُ

 

(71)             

چو عارف با يقين خويش پيوست
  رسيده گشت مغز و پوست بشکست

 

اندرَ جو ٿيو يقين عارف کي جڏهين
پَڪل ٿيو مغز، پوءِ کل ڇو نه لاهِين

 

(72)            

وجودش اندر اين عالم نيايد
  برون رفت و دگر هرگز نيايد

 

وجُود اُن جو نه هِن عالم ۾ موٽي
نه موٽي هِت اچي سو جنگ جوٽي

 

(73)            

وگر با پوست تيابد تابش خور
  درين نشات کند يک دور ديگر

 

جي سڄ جي تاب کان ڪا کَلَ وٺي اَور
ته دنيا ۾ ڪري ٻيو هڪ نئون دور

 

(74)            

درختي گردد او از آب و از خاک
  که شاخش بگذرد از هفتم افلاک

 

وڌي وڻ ٿئي مِٽي پاڻيءَ کان هِت يار
لنگھن ست آسمان اُن وڻ سندا ڏار

 

(75)            

همان دانه برون آرد دگر بار
  يکي صد گشته از تقدير جبار

اُهو داڻو ڪري هِت موٽِي اظهار
ٿئي هڪڙي مان سو، سان حڪم جبّار

 

(76)            

چو سير حبه در خط شجر شد
ز نقطه خط ز خط دوري دگر شد

 

ڪري جيئن داڻو وڻ جي خط ۾ ڦيرو
ٿئي نُقطي مان خط ۽ خط مان گھيرو

 

(77)            

چو شد در دائره سالک مکمل
رسد هم نقطئه آخر به اول

 

جڏهن سالڪ ڪري دورو مُڪمّل
رسي آخر جو نقطو تا بَه اَوّل

 

(78)            

دگر باره شود مانند پرکار
بر آن کاري که اول بود درکار

 

ٻيو ڀيرو ڦِري، ڄڻ آهي پرڪار
ڪري ساڳيو اهو ڪم موٽي هر بار

 

(79)            

چو کرد او قطع يک باره مسافت
نهد حق بر سرش تاج خلافت

ڪري هڪ وار جڏهن پوري مسافت
ڪري حق اُن مٿي قائم خلافت

 

(80)            

تناسخ نبود اين کز روي معني
ظهورات است در عين تجلي

 

تناسخ ناهي هي تون سمجھ معنيٰ
تجلّي عَين هِي، هُو ٿيا ظهُورا

 

(81)             

و قد سالوا و قالوا ما النهاية
فقيل هي الرجوع الي البد
اية

 

ٻُڌي ڇڏ وصف ڇا آهي نهايت
ورڻ مُنڍ ڏي، ’رُجوعُ اِلَي البِدايَت‘

 

 

قاعده

قاعدو

(82)            

نبوت را ظهور از آدم آمد
کمالش در وجود خاتم آمد

 

نبّوت پهرين ٿي ظاهر منجھ آدم
ڪمالُ اُن جو نبيّن جو ٿّيو خاتِم

 

(83)            

ولايت بود باقي تا سفر کرد
  چو نقطه در جهان دوري دگر کرد

 

رهي باقي ولايت، ساٿي سائِر
گھمي نُقطي جان دُنيا ۾ ٿي دائِر

 

(84)            

ظهور کل او باشد به خاتم
بدو گردد تمامي دور عالم

 

ٿئي ڪامِل ظهورو اُن جو خاتم
ٿين پُورا ڦِريِ تڏهن هر دو عالم

 

(85)            

وجود اوليا او را چو عضوند
که او کل است و ايشان همچو جزوند

 

ٻيا سڀ اَوليا اُن هڪَ جا عُضوا
اُهو ٿيو ڪُلُّ ۽ هُو ان جا جُزوا

 

(86)            

چو او از خواجه دارد نسبت تام
از او با ظاهر آيد رحمت عام

اُنهي جي ٿي اصل حضرت سان نسبت
ٿي ظاهر ۾ اُنهي کان عام رحمت

(87)            

شود او مقتداي هر دو عالم
خليفه گردد از اولاد آدم

 

ٿئي اُو مُقتدا منجھ هر دو عالم
خليفو ٿئي منجھان اولاد آدم

 

 

تمثيل

مثال

(88)            

چو نور آفتاب از شب جدا شد
ترا صبح و طلوع و استوا شد

 

[جڏهن سج جي روشني رات جي اونداهيءَ کان الڳ ٿئي ٿي، تڏهن تو لاءِ صبح ٿئي ٿي، سج اُڀري مٿي چڙهڻ لڳي ٿو.]

 

(89)            

دگر باره زو وز چرخ دوار
زوال و عصر ومغرب شد پديدار

 

[ان کان پوءِ سج ٻيهر افلاڪ ۾ گردش ڪرڻ لڳي ٿو، تڏهن ڏينهن جو زوال، ٽپهري ۽ پوءِ مغرب يعني سج جي لهڻ جو وقت ٿئي ٿو.]

 

(90)            

بود نور نبي خورشيد اعظم
گه از
موسيٰ پديد و گه ز آدم

 

[اسان جي نبي ڪريم ﷺ جو مثال وڏي ۾ وڏي سج وانگر آهي ۽ اهو نور ڪڏهن حضرت موسيٰؑ ته ڪڏهن وري حضرت آدم  ؑ ۾ ظاهر ٿيو.]

 

(91)             

اگر تاريخ عالم را بخواني
مراتب را يکايک باز داني

 

جيڪڏهن تون دنيا جي تاريخ کي پڙهي ڏسندين ته نبين جي درجن کان ازخود واقف ٿيندين.]

(92)            

ز نور هردم ظهور سايئه شد
که آن معراج دين را پايئه شد

 

[انهيءَ سج جي نور مان ڪيترا ئي اولڙا پيدا ٿيا جن مان دين کي عروج حاصل ٿيو.]

(93)            

زمان خواجه خط استوا شد
 که او از ظل و ظلمت
مصطفيٰ شد

 

[اسان جي سردار (محمد مصطفيٰ ﷺ) جو زمانو ڄڻ خط استوا آهي، جتي پهچڻ کان پوءِ سج جا پاڇا ڪونه ٺهندا آهن.]

 

(94)            

بخط استوا بر قامت راست
ندارد سايئه پيش و پس چپ و راست

 

[هو انهيءَ خط استوا تي محڪم بيٺل آهي، جنهن ڪري سندس ڪو ئي پاڇو اڳتي پوئتي ٿي نٿو سگهي.]

(95)            

چو کرد او بر صراط حق اقامت
بامر فاستقم ميداشت قامت

 

[هو هميشه حق جي راھه تي قائم رهيو ۽ ان اِلاهي امر تي آخر تائين ڄميو رهيو.]

(96)            

نبودش سايئه کو دارد سياهي
  زهي نور خدا ظل الـٰهي

 

[هن جو ڪو پاڇو نه هو ڇو ته هن سان ڪا اونداهي ڪونه هئي، بيشڪ هو واھه جو اِلاهي نور ۽ اِلاهي ذات جو پرتوو هو.]

(97)            

و را قبله ميان شرق وغربست
ازين او درميان نور غرقست

 

[هن جو قبلو اوڀر ۽ اولھه جي پوري وچ تي هو، انهيءَ ڪري هن جي هر طرف نور ئي نور هو.]

 

(98)            

بدست او چو شيطان شد مسلمان
بزير پاي او شد سايئه پنهان

 

[هن جي هٿ تي شيطان به آڻ مڃي ويو ۽ هن جي ڪري وڌندڙ اونداهي گم ٿي وئي.]

(99)            

مراتب جمله زير پايئه اوست
وجود خاکيان از سايئه اوست

 

[سڀئي مرتبا ۽ رتبا هن کان هيٺ آهن، هن ڌرتيءَ جا سڀ انسان سندس پاڇي هيٺان آهن.]

(100)         

ز نورش شد ولايت سايئه گستر
مغارب با مشارق شد برابر

 

[هن جي نور ولايت جو پاڇو هر هنڌ پوڻ لڳو، انهيءَ ڪري اوڀر ۽ اولھ ٻئي يڪسان مستفيد ٿيا.]

(101)          

ز هر سايئه که اول گشت حاصل

در آخر شد يکي ديگر مقابل

 

[هن جي ڪري شروع ۾ جتي روشنيءَ جو اولڙو پهريائين پهتو، ان مان پوءِ وري اتي اهڙو ٻيو اولڙو پيدا ٿيو.]

(102)         

کنون هر عالمي باشد ز امت
رسولي را مقابل در نبوت

 

[هاڻي دنيا جي هر ڪنڊ ۾ جتي هن جي اُمت آهي، اُتي خدا جا وليءَ اهو ڪم پيا ڪن.]

(103)         

نبي چون در نبوت بود اکمل
بود از هر ولي ناچار افضل

 

نبين ۾ نبي هو جڏهن اَڪمل
وليّن ۾ ٿيو هي سڀ کان افضل

 

(104)         

ولايت شد بخاتم جمله ظاهر
بر اول نقطه هم ختم آمد آخر

 

ولايت نيٺ ٿي خاتم تي ظاهر
اوَل جي نُقطي تي ٿيو دور آخر

 

(105)         

از و عالم شود بر امن و امان
نبات و جانور يابد از و جان

 

اچي عالم ۾ ان کان اَمنُ ايمان
جماد ۽ جانور ۾ پڻ پوي جان

 

(106)         

نماند در جهان يک نفس کافر
شود عدل حقيقي جمله ظاهر

 

نه دنيا ۾ رهي ڪو هڪڙو ڪافر
حقيقي عدل سڀ نڪري ٿئي ظاهر

(107)         

بود از سر وحدت واقفِ حق
در و پيدا نمايد وجه مطلق

سڃاڻي سِرّ وحدت جي کان اُو حق
ٿئي پيدا انهي ۾ وَجھُ مُطلق

 

 

سوال چوٿون

حاشيا ۽ شرح

330.       يعني مرد ڪامل يا پورو مرد.

334.       جو ممڪنات ۽ تعينات مان ڪشفي سير سان واجب ڏي وڃي، خراب اخلاق ۽ صفات ڇڏي چڱن اخلاقن وٺڻ سان.

335.       يعني جو طبعي ۽ نفساني خواهشن جي منزل کان لنگھي ٻاهر وڃي ۽ تعيّن جي خوديءَ کان آزاد ٿئي.

336.       پهريون سبتو سير هو اطلاق کان تقيد يا تعين ڏي يعني سير الي الله ۽ هي اُبتو يا پُٺيرو سير ٿيو تعين کان اطلاق ڏي جو انسان ڪامل يا فنا في الله جو مقام آهي.

369         يعني عالم جمادات يا بي جان جي حالت ۾ انهي عرصي ۾ جنهن ۾ ماءُ جي پيٽ ۾ اڃا ٻار کي ساھ ڪونهي ”اهو عرصو اڪثر چاليهن ڏينهن جو چوندا آهن پوءِ روح اضافي يا حيواني انهيءَ ۾ پوي ٿو.“ پوءِ تنگ اچي ٻاهر نڪرڻ جو اِرادو ۽ ڪوشش ڪري ٿو.

373.       يعني ظاهري حواس، جي جزو سان تعلق ٿا رکن تن مان ترقي ڪري باطني طاقت عقل ۽ سمجھ جي حاصل ڪري ٿو.

374.       پنهنجي خواهش يا فائدي پوري ڪرڻ واري طاقت آهي شهوت ۽ نقصان کان بچائڻ واري قوت آهي ڪاوڙ. بخل جو ضد آهي سخا، حرص جو ضد قناعت ۽ هٺ جو ضد نماڻائي، اُهي ٽئي خراب اخلاق ڪاوڙ ۽ شهوت جي افراط ۽ تفريط يا حد کان گھڻائي يا ٿورائي ڪري ٿا ٿين.

375.       ديو يعني جنّ يا شيطان.

343.       ٻه رستا آهن هڪڙو الهامي يا خدائي ڪشش، ٻيو يقيني دليل، جو دل ۾ پيدا ٿئي يعني لدني علم.

345.       قرآن ۾ آهي: لَقَدْ خَلَقْنَا الْإِنْسَانَ فِي أَحْسَنِ تَقْوِيمٍ ثُمَّ رَدَدْنَاهُ أَسْفَلَ سَافِلِينَ (التين: 4-5)

346.       صوفين جي اصطلاح ۾ توبھ کي باب الابواب چوندا آهن جنهنڪري ماڻهو دنيا ۽ آخرت کان موٽ کائي حق ڏانهن منهن ڪندو.

353.       اهو توڪل جو درجو فنا جو مقام آهي جو حضرت ابراهيم (عليه السّلام) کي حاصل هو.

354.       يعني پنهنجي مرضي ۽ ارادو اصل ڪڍي ڇڏي ۽ خدا جي مرضي کان سواءِ ڪي به نه گھري، اهو رضا جو مقام آهي جو حضرت موسيٰ (عليه السّلام) کي حاصل هو، صوفين جو قول آهي ته ”الرضا باب الله الاعظم وجنة الدنيا“.

355.        يعني انهيءَ جو علم خدا جي علم ۾ محو ٿي وڃي، اهو مرتبو علم ڪلي جو آهي جنهنڪري حضرت عيسيٰ (عليه السّلام) چوٿين آسمان تي ويو.

356.       هي بقا بعد الفنا ۽ سير بالله جو درجو آهي ۽ تمڪين جو مقام آهي.

357.       لي مع الله وقتا لاينبعي فيہ ملڪ مقرب ولا نبي مرسل.

358.       هيٺين بيتن ۾ ڏيکاريل آهي ته ڪامل ولايت جو نور نبيءَ توڙي وليءَ ۾ آهي ۽ انهيءَ مقام ۾ ٻئي مقبل آهن، ليڪن تفاوت هي آهي ته نبيءَ جو نور سڌو حق کان آهي ۽ وليءَ جو نبي جي معرفت يا انهيءَ جي تابعداري سان. نبيءَ کي ولايت ظاهر ڪرڻ ضروري آهي مگر وليءَ کي مخفي رکڻ ضروري آهي.

367.       هي آيت آهي قرآن مان: إِنْ كُنْتُمْ تُحِبُّونَ اللَّهَ فَاتَّبِعُونِي يُحْبِبْكُمُ اللَّهُ (آل عمران: 31) اهو محبوبيت جو مرتبو آهي.

397.       يعني جڏهن سالڪ ولايت جي مقام کي پهتو جو فنا في الله جو مقام آهي، تڏهن دوئي يا ظاهري عبادت ۽ نبيءَ جي پيروي انهيءَ تان معاف ٿي. احديت ۽ حقيقت واري معنوي عبادت ۽ متابعت هن کي حاصل ٿي ۽ هميشه سُڪر ۽ استغراق ۾ رهندو.

398.       ليڪن انهيءَ جو ڪمال تڏهن آهي جڏهن ڪثرت ۾ وحدت ڏسي، يعني خلق کي حق ۾ ۽ حق کي خلق ۾ ڏسي ۽ حق مطلق کي رسي وري شروع واري تعين ۽ عبوديت ۽ متابعت جي رستي تي اچي ۽ انهيءَ طرح سير يا دور پورو ڪري.

399.       هي سوال ٻئي جي ٻئي ڀاڱي جو جواب آهي.

400.       قرآن ۾ آهي ته إِنِّي جَاعِلٌ فِي الْأَرْضِ خَلِيفَةً (البقره: 30) فَإِذَا سَوَّيْتُهُ وَنَفَخْتُ فِيهِ مِنْ رُوحِي فَقَعُوا لَهُ سَاجِدِينَ  (الحجر: 29)

401.        مقام بقا بعد الفنا

402.       يعني حقيقت، جو ولايت جو مقام آهي، ۽ سالڪ، جو ذات جو مظهر ٿئي ٿي، تنهن ۾ سڀ اسماء جمالي يا جلالي گڏ ٿا ٿين ۽ ڪفر ۽ ايمان داخل آهن. محو الموهوم مع صحو العلوم.

401.        يعني فناء مطلق جي مقام ۾ رهڻ ڪري انهن سڀني اخلاقن ۽ اوصافن کان گويا دور ۽ ڍڪيل آهن.

402.       شريعت ظاهري کل آهي ۽ طريقت مغز آهي. وري حقيقت جي نسبت طريقت کل آهي ۽ حقيقت مغز آهي. جو اها توحيد حقيقت جو ظهور آهي.

403.       يعني شريعت ۽ طريقت کان سواءِ حقيقت حاصل نه ٿيندي.

403.       يعني ضروري عبادت نه ڪرڻ ڪري نقصان ٿو پهچي، جيئن ڪچي کل لاهڻ ڪري مغز کي نقصان رسي.

404.       اهو ٿيو مقام وحدت ۽ ڪثرت حقيقي جو جڏهن عارف مجذوب مطلق ٿئي ٿو پوءِ سُڪر ۾ رهي يا صحو ۾.

405.       يعني ڪشف حقيقي حاصل ڪرڻ کان پوءِ جي عارف چاهي ته وري به نئي سر اهو دور هلائي سگھي ٿو ۽ ڪنهن مريد يا شاگرد جي صورت ۾ وري اهو ساڳيو سير يا دور ڪري، جھڙي طرح ميوو پچي ٻج ڪري ۽ اهو ٻج وري ڦٽي ٻي کل وٺي وڌي وڏو درخت ٿئي ۽ اهو وري ميوو ڪري.

407.       ڪو گمان ڪندو ته مٿئين ذڪر مان تناسخ جو مطلب نڪري يعني روح هڪڙو بدن مٽائي ٻئي ۾ اچي، پر ائين ناهي هي آهي هڪڙي سالڪ جي عارف ڪامل ٿيڻ کان پوءِ سند، ارشاد يا مرشدي جي وسيلي حقيقت جو ڳجھ ٻئي مريد مان طئي ٿئي. انهي کان وري ٻئي ۾ انهي طرح سلسلو هليو هلي، تناسخ وارو هن ۾ پهرين بدن نيست نابود نٿو ٿئي. تجلي يا نور يا حقيقت ساڳي هلي هلي.

408.       هي آهي نهايت يا پڄاڻيءَ جي وصف.

357.       جيئن خاتم الانبياء نبوت جو ڪمال آهي تيئن خاتم الولايت جو ڪمال آهي، سو آهي امام محمد مهدي جو قيامت کان اڳڀرو ظاهر ٿيڻو آهي.

360.       امام محمد مهدي حضرت محمد ﷺ جي اولاد مان آهي تنهنڪري انهي جي ساڻن نسبت ٿي. نسبتون ٽن قسمن جون آهن: صلبي، قلبي ۽ حقيقي. اهي ٽئي هنن جي وچ ۾ آهن. الولد سر لابيہ ۽ هي به حديث آهي ته يوالي طي اسميہ اسمي و ڪنيتہ وڪنيتي.

361.        يعني توحيد جو اسرار ظاهر ٿئَي ۽ حقيقت انسانيءَ جو ڪمال پوري طرح پيدا ٿئَي.

 

 

سوال - پنجم

سوال پنجون

(108)         

که شد بر سر وحدت واقف آخر
شناساي چه آمد عارف آخر

 

آهي وحدت جي ڳُجھ کان ڪير واقف؟
سُڃاڻي ڇا کي ٿو سڏجي جو عارف؟

 

 

جواب

جواب

(109)         

کسي بر سر وحدت گشت واقف
که او واقف نشد اندر مواقف

 

اهو وحدت جو واقف آهي بيحد
ڇڏي ڄاڻي جو هردو جڳ جا مقصد

 

(110)          

ولي عارف شناساي وجود است
وجود مطلق او را در شهود است

 

۽ عارف جي نظر ۾ هڪ وجود آھ
اُهو مطلق هميشه منجھ شهود آھ

 

(111)           

به جز هست حقيقت هست نشناخت
و با هستي که هستي پاک در باخت

 

نه هستي ٻي سڃاڻي ري حقيقي
يا اُو جنهن سڀ وڃائي پنهنجي هستي

 

(112)          

وجود تو همه خار است و خاشاک
برون انداز از خود جمله را پاک

 

ڪَنڊا ڪک ڄاڻ پنهنجي هستي تون هَڏِ
اُهي سڀ پاڻ کان اُڇلائي تُون ڇَڏِ

 

(113)          

برو تو خانئه دل را فرو روب
مهيا کن مقام و جاي محبوب

ٻُهاري صاف ڪر تون دل جو حُجرو
ڏسين محبوب جو پوءِ ان ۾ مُجرو

 

(114)          

چو تو بيرون شدي او اندر آيد
به تو بي تو جمالي خود نمايد

 

اچي اندر، جڏهن نِڪرين تون ٻاهر
ٿي بيخود تا ڪري هو حُسن ظاهر

 

(115)          

کسي کو از نوافل گشت محبوب
به لاي نفي کرد او خانه جاروب

 

[هو نوافل جي ادا ڪرڻ سان الله جو پيارو بنجي وڃي ٿو، جڏهن هو ’لا‘ جي نفيءَ سان پنهنجي گهر کي ٻُهارو هڻي صاف ڪري ٿو.]

 

(116)          

درون جاي محمود او مکان يافت
ز
بي يسمع و بي يبصر نشان يافت

 

ٿئي محمود منزل ۾ مڪاني
ٿي بي يسمع‘ ۽ بي يبصر‘ نشاني

 

 

(117)          

ز هستي تا بود باقي بر او شين
نيابد علم عارف صورتِ عين

 

[ليڪن جيستائين هن ۾ هستيءَ جي هئڻ جو ٿورو به گمان آهي، تيستائين عارف جو علم ڪڏهن به عين اليقين تائين نه پهچندو.]

(118)          

موانع تا نگرداني ز خود دور
درون خانئه دل نايدت نور

 

موانِع چار ڪر تون پاڻ کان ڏُور
ته تُنهنجي دل جي حُجري ۾ اچي نُور

 

(119)          

موانع چون درين عالم چهار است
طهارت کردن از وي هم چهار است

 

[هن جھان ۾ چئن شين جي منع ٿيل آهي، انهيءَ ڪري انهن کان پاڪ رهڻ تمام ضروري آهي.]

(120)         

نخستين پاکي از احداث و انجاس
دوم از معصيت وز شر وسواس

 

حَدث توڙي نجس تُون پهرين ڪر ناس
ٻيا آهن گناھ ۽ شِرڪ وسواس

 

(121)          

سوم پاکي ز اخلاق ذميمه است
که با وي آدمي همچون بهيمه است

 

ٿيا اخلاق بد، جي ٿيا مِرُن جان
۽ چوٿان غير سڀ، گذرن جي دل مان

 

(122)         

چهارم پاکي سر است از غير
که اينجا منتهي مي‌گرددش سير

 

[چوٿون پاڻ کي بلڪ پنهنجي اندر کي هر قسم جي آلائشن کان صاف ۽ پاڪ ڪرڻو آهي ۽ اتي ئي (صوفيءَ جو) سير پورو ٿئي ٿو.]

(123)         

هر آن کو کرد حاصل اين طهارات
شود بي شک سزاوار مناجات

 

[جنهن کي به اهي طهارتون نصيب ٿيون، اهوئي درگاھه ۾ بارياب ٿئي ٿو.]

(124)         

تو تا خود را بکلي در نبازي
نمازت کي شو د هرگز نمازي

انهن کان پاڻ کي ڪر پاڪ غازي
ته پوءِ تُون ليکجين بيشڪ نمازي

(125)         

چو ذاتت پاک گردد از همه شين
نمازت گردد آنگه قرة العين
 

[جڏهن تنهنجي ذات انهن سڀني غلاظتن کان پاڪ صاف ٿي وئي، تڏهن تنهنجي عبادت يعني نماز اکين جو ٺار ٿي پوندي.]

(126)         

نماند در ميانه هيچ تمييز
شود معروف و عارف جمله يک چيز

وِڃائي پاڻ تا تون پاڪُ ٿئين ري
ٿيو معروف عارف پوءِ هڪ شيءِ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org