سيڪشن: تصوف

ڪتاب: گلشن راز

باب:

صفحو:2 

سوال تيرهون

حاشيا ۽ شرح

 

747.       يعني عشق حقيقي ڇا کي چون ۽ مجازي ڇا کي ۽ ظاهري مجازي عشق جا اشارا ۽ عبادت جي حقيقي معنيٰ ڪهڙي آهي؟

764.       حق ڄڻ ته سچ آهي ۽ عالم انهن جي نور جو عڪس آهي يعني الاهي ذات، صفات ۽ اسماء جو، جي هُن جهان جا آهن نه هِن جھان جا. خط آهي محبوب جي کاڏيءَ جي ريح ۽ خال آهي تر، اهي ۽ ٻيون شيون سڀ ظاهري خوبصورتيءَ جون نشانيون آهن.

769.       محبوبن ۾ هميشه اهي ٻه صفتون رهنديون آهن مهرباني به ۽ ظلم به ۽ مٺاڻ به ڪڙاڻ به.

774.       لفظ مجازي يا ظاهري شيءِ آهي ۽ معنيٰ حقيقي باطني شيءِ آهي، اها ساڳي مشابهت دنيا ۽ عقبيٰ جي آهي.

775.       يعني جيسين سالڪ جو عقل قائم آهي يا جيسين حقيقت جو ڪشف نه ٿيو اٿس، تيسين ظاهري شريعت تي قائم رهي ۽ ظاهري لفظن ۽ عبارتن تي هلي، شرع جي مخالف معنائون نه ڪڍي نه ته ڪافر ٿيندو. اهڙي معنيٰ ڪڍڻ جي تڏهن اجازت آهي جڏهن بيخود يا سُڪر جي حالت ۾ هجي ۽ فنا في الله ٿئَي يا انهن جي خيال ۾ محو هجي ۽ ٻيو ڪو به سماءُ ڪو نه پئيس.

782.       بزرگن جو قول آهي ته طريقت شريعت جو مٿو آهي ۽ حقيقت وري طريقت جو مٿو آهي. شريعت کان سواءِ طريقت وسوسو آهي ۽ طريقت کان سواءِ حقيقت زندقه ۽ ڪفر آهي.

783.       هڪڙي رستي سان اهي لفظ ۽ معنائون تشبيهه ٿيون ڏيکارين ۽ ٻئَي رستي سان حق انهن تشبيهن کان پاڪ آهي. حقيقت ڪري تشبيهه ۽ تنزيهه ٻئَي امر اعتباري آهن. ”تعالي الله عن الاشباهه والاضداد والامثال والانداد.“

788.       يعني عزت جي حجاب ۾ لڪل ۽ خود نمائي ۽ ٻين نقصان وارن صفتن کان آزاد.

791.        يعني مجنون ۽ ديوانا.

792.       يعني اصل محبوب جو قد سئون آهي، ليڪن انهي کي گهنڊيدار ۽ ڏنگن وارن ڍڪي ڇڏيو آهي يا ظاهر ۾ اصل وارا ذاتي اسماءِ ۽ صفات سنوان ۽ وحدت وارا آهن تن کي تعين ۽ ضد زلفن جي گهڻائي ۽ ڪارنهن ۽ ڊگهائي جي ڪثرت ڍڪي ڇڏيو آهي.

794.       جلالي ۽ جمالي تعينات جو پردو پاسي ڪري ته تعين ۾ لڪل ماڻهو سڀ ظاهر ٿي پون ۽ سڀ توحيد جا قائل ٿين، هڪڙو به مشرڪ يا ڪافر يا منڪر ڪو نه رهي.

795.       ۽ جي تعينات جي ڪاراڻ هميشه رهڻ ڏئي ته ڪثرت جو حجاب وحدت تان مور نه کڄي ۽ هڪڙو شخص به توحيد جو قائل يا مؤمن پيدا نه ٿئَي.

797.       صبح يا ڏينهن آهي نور وحدت جو ۽ شام يا رات آهي ڪثرت ۽ تغير ۽ تبديل ۽ تعين.

802.       عالم ارواح جو اشارو قرآن جي آيت آهي ته وَإِنَّ الدَّارَ الْآخِرَةَ لَهِيَ الْحَيَوَانُ (العنڪبوت: 64).

803.       جيئن ظلمات ۾ آب حيات جو چشمو لڪل آهي، تيئن ڪثرت ۾ وحدت لڪل آهي. ۽ تيئن زلفن ۾ منهن جو خط يا ڳلن جي ساوڪ لڪل آهي.

806.       قرآن جي پهرين سوره فاتحه، جنهن مان ساري قرآن جو مضمون مختصر طرح انهن ستن آيتن ۾ اچي وڃي ٿو ۽ ست ذاتي صفتون جي آهن انهن ڏي به اشارو آهي يعني حيات، علم، قدرت، اردات، سمع، بصر ۽ ڪلام.

807.       هر تجلي هيٺ هزارين بحر علم ۽ معرفت جا لڪل آهن ۽ اولياء انهيءَ بحر جا ٽوٻا آهن.

808.       خال يا تر مان مراد آهي وحدت حقيقي جي، جو ڪثرت جي دائري جو مرڪز آهي. ۽ جو ڏسڻ ۾ تمام ننڍو آهي ليڪن ساري موجودات انهيءَ ۾ سمايل آهي جيئَن ٻج ۾ وڏو درخت.

813.        محبوب جي خال مان مراد آهي هويت جي غيب يا اطلاق جي مرتبي جي، جنهن جي ذاتي وحدت جي اسرار سمجھڻ جي دل کي طاقت ناهي ۽ جنهنڪري هوءَ حيران ۽ پريشان رهي ٿي ۽ خون ٿيڻ کان سواءِ ٻيو چارو ڪو نه اٿس.

814.        يعني وحدت حقيقي ۾ دوئيءَ جي اصل جاءِ ڪانهي. ٻه نقطا آهن هڪڙو خال جو ٻيو دل جو، انهن مان هڪڙو ضرور اصل هوندو ۽  ٻيو انهي جو فقط عڪس هوندو، پر اصل ٻه انهي هنڌ ڪڏهن رهي نه سگهندا.

824. محبوب جي منهن ۾ جو خال ڏسجي ٿو سو شايد عاشق جي دل جو نقطو آهي منهن اصل ذات آهي. ۽ دل، جا خال وانگي آهي، سا انهي جو عڪس آهي يا ته وري ان جو منهن جنهن ۾ احديت جمع ٿيل آهي سا عاشق جي دل ۾ نقطي وانگي رهي ٿي. اهو ڳجھه سمجھڻ مشڪل آهي.

833. ڪنشت آهي مڙهي ترسائن جي ۽ موسيٰ جو مقام آهي ۽ مسجد محمدي مرتبو آهي بهشت صفات روحاني ۽ وحدت آهي ۽ دوزخ صفات نفساني ۽ ڪثرت.

 

 

سوال – چهاردهم

سوال چوڏهون

(1)     

شراب و شمع و شاهد را چه معني است
خراباتي شدن آخر چه دعوي است

 

شراب ۽ شمع، شاهِد ۽ خرابات
انهن جا ڪهڙا مطلبَ ۽ اِشارات؟

 

 

جواب

جواب

(2)    

شراب و شمع و شاهد عين معني است
که در هر صورتي او را تجلي است

 

شراب آهي، ڪري جو ذوق پيدا
شمع جي معرفت جو نُور معنيٰ

 

(3)    

شراب و شمع نور و ذوق عرفان
 ببين شاهد که از کس نيست پنهان

 

[شراب ۽ شمع مان مراد معرفت جو نور ۽ ذوق آهن، هتي اهو محبوب ڏس جيڪو ڪنهن کان لڪل ڪونهي.]

(4)    

شراب اينجا زجاجه شمع مصباح
بود شاهد فروغ نور ارواح

 

شراب آهي زُجاجه، شمع مِصباح
۽ شاهد آهي روشن نُور اَرواح

 

(5)    

ز شاهد بر دل موسيٰ شرر شد
شرابش آتش و شمعش شجر شد

 

[انهيءَ محبوب جي ڪري حضرت موسيٰ جي دل پگهرجي شعلو ٿي وئي هن جي ڏٺل باھه شراب ۽ وڻ شمع بنجي ويا.]

(6)    

شراب و شمع جام آن نور اسريٰ است
ولي شاهد همان آيات
کبريٰ است

 

[شراب ۽ شمع سمجھه ته اهي سير آسماني واسطي نور آهن، باقي اهو محبوب پاڻ هر شيءِ جو وڏي ۾ وڏو نشان آهي.]

(7)    

شراب و شمع و شاهد جمله حاضر
مشو غافل ز شاهد بازي آخر

 

[شراب، شمع ۽ شاهد ٽئي هر وقت تنهنجي آڏو آهن، انهيءَ ڪري تون ڪڏهن به ان محبوب کان غافل نه ٿيءُ.]

(8)    

شراب بي خودي در کش زماني
مگر از دست خود يابي اماني

[بيخوديءَ جي شراب کي ضرور واپراءِ، تڏهن تون پاڻ کي پاڻ (خودي) کان محفوظ ڏسندين.]

 

(9)    

بخور مي تا ز خويشت وارهاند
وجود قطره در دريا رساند

تون پي مَئي بيخودي جي حق جي صَدقي
نه قَطرو اُن کان قُلزم تائين پُهچي

 

(10)             

شرابي خور که جامش روي يار است
پياله چشم مست باده‌ خوار است

 

[اهو شراب پيءُ جنهن جو سرچشمو (جام) دوست جو چھرو آهي، هن جي مست اک ئي ته پيئاڪن لاءِ پيالو آهي.]

 

(11)  

شرابي را طلب بي ‌ساغر و جام
شراب باده خوار و ساقي آسام

 

[اهو شراب ڳولي هٿ ڪر جيڪو پيالي يا جام جو محتاج نه هجي، شراب پاڻ مئي پيئندڙ آهي ۽ ساقي خود اهو پيالو آهي.]

 

(12)             

شرابي خور ز جام وجه باقي
سقاهم ربهم او راست ساقي

 

[اهو شراب واپراءِ جيڪو هن جي چھري جي باقيات مان آهي، اهو ساقي جنهن لاءِ چيل آهي ته هِنن کي هِنن جو رب پاڻ پياري ٿو.‘]

 

(13)             

طهوراً مي بود کز لوث هستي
ترا پاکي دهد در وقت مستي

 

[طهورا (شراب) ئي اهو مشروب آهي جيڪو تو کي مستيءَ جي وقت تنهنجي هستيءَ جي گناھ کان نجات ڏياري سگهي ٿو.]

(14)             

بخور مي وارهان خود را ز سردي
که بد مستي به است از نيک مردي

 

[شراب پيءُ ۽ پاڻ کي ٿڌ کان آجو ڪر، ڇو ته بدمست هجڻ نيڪ هجڻ کان بهتر آهي.]

(15)             

کسي کو افتد از درگاه حق دور
حجاب ظلمت او را بهتر از نور

 

[جيڪو حق جي درگاھه کان پري پئجي ويو، ان لاءِ اوندھ جو پردو روشنيءَ کان وڌيڪ بهتر آهي.]

(16)             

چو آدم را ز ظلمت صد مدد شد
ز نور ابليس ملعون ابد شد

 

[آدم کي اونداهي مان گھڻي ۾ گھڻي برڪت ملي هوڏانهن شيطان روشنيءَ جي باوجود هميشه لاءِ لعنتي ٿي ويو.]

(17)             

اگر آئينه دل را زدوده است
چو خود را بيند اندر وي چه سود است

 

[جڪڏهن تنهنجي دل جو آئينو صاف ۽ شفاف ٿيو، پر تون ان ۾ فقط پاڻ کي ڏسين ٿو ته ان مان ڪهڙو فائدو!]

(18)             

ز رويش پرتوي چون بر مي افتاد
بسي شکل حبابي بر وي افتاد

 

[جڏهن هن جي چھري جو پرتوو مئي تي پوي ٿو ته ان ۾ ڪيترا حباب جي شڪل ۾ نظر اچڻ لڳن ٿا.]

(19)             

جهان و جان در او شکل حباب است
حبابش اوليائي را قباب است

 

[هيءُ جھان ۽ ارواح حبابن جي شڪل ئي ته آهن، اهي حباب خدا جي دوستن لاءِ هڪ پردي وانگر آهن.]

(20)            

شده زو عقل کل حيران و مدهوش
فتاده نفس کل را حلقه در گوش

 

ٿئي پڻ عَقل ڪُل مدهوشُ حَيران
اُنهي کان نَفس ڪُل ٿئي زير فرمان

 

(21)             

همه عالم چو يک خمخانئه اوست
دل هر ذره پيمانئه اوست

 

سڄو عالم آهي مَيخانو اُن جو
ذرو ذَرّو آهي پيمانو اُن جو

 

(22)            

خرد مست و ملايک مست و جان مست
هوا مست و زمين مست آسمان مست

 

عَقُل مست ۽ ملائڪ مست جانۡ مَست
هَوا مست ۽ زمين مست آسمان مست

 

(23)            

فلک سرگشته از وي در تگاپوي
هوا در دل به اميد يکي بوي

 

[آسمان به انهيءَ سرگردانيءَ ۾ ڦاٿل آهي، هن جي دل به انهيءَ خوشبوءِ ۾ اٽڪيل آهي.]

(24)            

ملائک خورده صاف از کوزهء پاک
به جرعه ريخته دردي برين خاک

 

[ملائڪن به اهو پاڪ شراب پاڪ ٿانءَ مان پيتو آهي، جيڪي کانئن بچي پيو اهو هن ڌرتيءَ تي هاري ڇڏيائون.]

(25)            

عناصر گشته زان يک جرعه سر خوش
فتاده گه در آب و گه در آتش

 

[عناصر به هڪ ڍُڪ پيئڻ سان مست ٿي ويا ان ڪري اهي ڪڏهن پاڻيءَ ۾ ته ڪڏهن باھه ۾ پيا ڏسجن.]

(26)            

ز بوي جرعئه که افتاد بر خاک
برآمد آدمي تا شد بر افلاک

 

[اهو هڪ ڍُڪ جيڪو ڌرتيءَ تي ڪريو، انسان جي بوءِ کان مست ٿي مٿي اُڀن ڏانهن اڏامي ٿو.]

(27)            

ز عکس او تن پژمرده جان گشت
ز تابش جان افسرده روان گشت

 

[هن جي پاڇي پوڻ سان مئل جيئرا ٿي پون ٿا، هن جي تکي تاب سان ٿڪل تازا توانا ٿي ڊوڙڻ لڳن ٿا.]

(28)            

جهاني خلق از او سرگشته دايم
ز خان و مان خود برگشته دايم

سڄو عالم ٿيو سرگشتو دائمِ
ٿيو پنهنجي نسل کان بر گشتو دائم

(29)            

يکي از بوي دردش عاقل آمد
يکي از رنگ صافش ناقل آمد

 

اُنهي جي بُوءِ کان ٿيو هڪڙو عاقِل
ٻيو ٿيو رنگَ صاف اُن جي کان ناقِل

 

(30)            

يکي از نيم جرعئه گشته صادق
يکي از يک صراحي گشته عاشق

 

ٿيو اَڌ ڍُڪ پيڻ مان هڪڙو صادِق
ٻيو هڪڙو صُراحِي مان ٿيو عاشِق

 

(31)             

يکي ديگر فرو برده به يک بار
خم و خمخانه و ساقي و  ميخوار

 

ٽيون اهڙو جو پِي ويو سڀئي هِڪوار
مٽ ۽ مَيخانو ۽ ساقي ۽ مَيخوار

 

(32)            

کشيده جمله و مانده دهن باز
زهي دريا دل رند سرافراز

 

اَڃا پڻ واتُ اُن جو ٿيو ڪُشادو
عجب هِي رِندُ، دَريا دل ۽ سادو

 

(33)            

در آشاميده هستي را به يک بار
فراغت يافته ز اقرار و انکار

 

سڄيِ هَستي اَندر ڪيائِين نِگُونُسار
ٿِيو فارغ ڪَنا اِقرار اِنڪار

 

(34)            

شده فارغ ز زهد خشک و طامات
گرفته دامن پير خرابات

 

ڇڏي سڀ زُهد خُشڪ ۽ خُود نُمائي
وڃي پِير مُغان جو ٿيو فِدائي

 

 

 

اشارت به خراباتيان

خراباتي مان ڪير مراد آهي؟

(35)            

خراباتي شدن از خود رهائي است
خودي
کفر است اگر خود پارسائي است

 

خراباتي ٿيڻ، ٿي خودَ رهائي
خُودي ڪُفر آھ، گرچه پارسائي

 

(36)            

نشاني داده ‌اندت از خرابات
که
التوحيد اسقاط الاضافات

 

آهي وحدت وجودي پڻ خرابات
جو ’الَتَّوحيدُ اسۡقَاط الۡاضَافَات‘

 

(37)            

خرابات از جهان بي مثالي است
مقام عاشقان لا اُبالي است

خرابات آهي عالَم بي مثالي
خراباتي رهن نت لا اُبالي

 

(38)            

خرابات آشيان مرغ جان است
خرابات آستان لامکان است

 

خرابات آهي منزلَ آسماني
خرابات آستانو لامَڪاني

 

(39)            

خراباتي خراب اندر خراب است
که در صحراي او عالم سراب است

 

[برباد خراباتي هن خراب جھان ۾ وڌيڪ خراب آهي، هن جي نظر ۾ هي جھان رُڃ کان وڌيڪ رُڃ آهي.]

(40)            

خراباتي است بي حد و نهايت
نه آغازش کسي ديده نه غايت

 

خرابات آهي بي حَد ۽ نهايت
نه ڪو آغازُ اُن جو ۽ نه غايَت

 

(41)             

اگر صد سال در وي مي ‌شتابي
نه خود را و نه کس را بازيابي

 

[تون ڀلي پنهنجا سؤ سال ان جي آواره گرديءَ ۾ ضايع ڪر، پر تون نه پاڻ کي ڳولي سگهندين ۽ نه ڪو ٻيو توکي هٿ اچي سگهندو.]

 

(42)            

گروهي اندر او بي پا و بي سر
همه نه مؤمن و نه نيز کافر

 

خراباتي ٿيو بي پا ۽ بي سر
نه مومن ڄاڻجي اُو ۽ نه ڪافر

 

(43)            

شراب بيخودي در سر گرفته
به ترک جمله خير و شر گرفته

 

 

 

ٿي بيخُود، خَير ۽ شَر تَرڪُ ڪِيئين تَام
ڇڏيئَين سڀ جاھُ عِزت نَنگ ۽ نام

 

(44)            

شرابي خورده هر يک بي‌لب و گام
فراغت يافته از ننگ و از نام

 

(45)            

حديث و ماجراي شطح و طامات
خيال خلوت و نور و کرامات

 

[هنن جي نعرن ۽ دعوائن سان ڀريل گفتگو، سندن خلوت، خيال، نور ۽ ڪرامتن بابت آهي.]

(46)            

به بوي درديي از دست داده
ز ذوق نيستي مست اوفتاده

 

[باقي بچيل مَئي جي ڍُڪ تي جيڪو هن پاڻ ڇڏي ڏنو، نيستي ۽ فنائيت جي مستيءَ ۾ بي خبر ٿي پئجي رهيو.]

(47)            

عصا و رکوه و تسبيح و مسواک
گرو کرده بُدردي جمله را پاک

مُصَلّو ۽ عَصا، تسبيح سڀ ڪجھ
ڏئي وَرتئين شرابُ، اِيءُ سمجھي ڪو ڳُجھ

(48)            

ميان آب و گل افتان و خيزان
بجاي اشک خون از ديده ريزان

 

[مٽيءَ ۽ پاڻيءَ مٿان ترڪندو ۽ وري اُٿندو رهيو، ان ڪري ڳوڙهن بدران سندس اکين ۾ رت جا لڙڪ وهندڙ آهن.]

(49)            

دمي از سرخوشي در عالم ناز
شده چون شاطران گردن افراز

 

[ڪڏهن مستي ۽ موج ۾ ڪنڌ کڻي جھومي ٿو، هو ناز ۽ نخري سان هيڏي هوڏي نهاري ٿو.]

(50)            

گهي از رو سياهي رو بديوار
گهي از سرخ‌ روئي بر سردار

 

[ڪڏهن مُنهن کي ڪارنهن ملي ڀت ڏي مُنهن ڪري ڇڏن ٿا، ڪڏهن ڳاڙهي مُنهن (رت ورني روءِ) سان سوريءَ تي چڙهن ٿا.]

 

(51)             

گهي اندر سماعِ شوق جانان
شده بي پا و سر چون چرخ گردان

 

[ڪڏهن سماع جي لذت ۽ محبت جي عالم ۾ هو، مٿي ۽ پيرن کان بيخبر آسمان ۽ عرش گهمن ٿا.]

(52)            

به هر نغمه که از مطرب شنيده
بدو وجدي از آن عالم رسيده

 

[جڏهن هو ڪو به سريلو آواز جيڪو ڪنهن ڳائيندڙ کان ٻُڌن ٿا، هو وجد ۾ اچي اصلي جھان ۾ پهچي وڃن ٿا.]

(53)            

سماع جان نه آخر صوت و حرف است
که در هر پردهاي سرّي شگرف است

[هنن جو سماع رڳو لفظ ۽ آواز ناهي، بلڪ هر تان ۾ وڏو راز ۽ ڳجھ سمايل آهي.]

 

(54)            

ز سر بيرون کشيده دلق ده توي
مجرد گشته از هر رنگ و هر بوي

 

سَماع جي وجد ۾ اُڇلي ڇڏيئَين دَلق
مُجردّ ٿيو ڇڏي سڀ خُلق ۽ خَلق

 

(55)            

فرو شسته بدان صاف مروق
همه رنگ سياه و سبز و ازرق

 

[هو انهيءَ رنگين شراب ۾ سڀئي رنگ ڪارو، سائو ۽ ڦڪو ٻوڙي ڌوئي صاف (بي رنگ) ٿين ٿا.]

(56)            

يکي پيمانه خورده از مي صاف
شده زآن صوفي صافي ز اوصاف

 

[هو انهيءَ پاڪ صاف مي مان پيالو پيئن ٿا، پر انهيءَ جي پيئڻ سان هو بلڪل صاف صوفي ٿي نڪرن ٿا.]

(57)            

به جان خاک مزابل پاک رُفته
ز هرچه آن ديده از صد يک نگفته

[هو جڏهن گندگيءَ سان ڀريل پنهنجا انگ ڌوئي اڇا اُجرائين ٿا، ان دوران هو جيڪي ڏسن ٿا ان بابت ذرو به نٿا ٻڌائن.]

(58)            

گرفته دامن رندان خمار
ز شيخي و مريدي گشته بيزار

 

رکي صُحبت ۾ پنهنجي رِندَ مَيخوار
ٿيو پيرِي مَريديِ کان اُو بيزار

 

(59)            

چه جاي زهد و تقويٰ اين چه شيد است
  چه شيخي و مريدي اين چه قيد است

[هو زهد ۽ ظاهري پاڪائي کي کوٽ چون ٿا. ائين پيري مريديءَ کي قيد وبند سمجھن ٿا.]

(60)            

اگر روي تو باشد بر که و مه
بت و زنار و ترسائي ترا به


 

[جيڪڏهن تنهنجي نيڪ نگاھ هر ننڍي وڏي شيءِ جي پرک رکي ٿي، ته پوءِ بُت توڻي جڻيو ويندي عيسائيت (غير مذهب) ۾ تو لاءِ چڱائي آهي.]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org