سيڪشن: تصوف

ڪتاب: گلشن راز

باب:

صفحو:10 

سوال ڏهون

حاشيا ۽ شرح

 

585.        نطق جي معنيٰ آهي ڳالهائڻ ۽ حقيقت سمجھڻ.

588.       يعني قرآن جي آيت.

589.       معنيٰ يا علم گويا موتي آهي، جنهن جو ڍڪ اکرن ۽ آوازن جي وسيلي ٿو ٿئَي ۽ اُهي سپ وانگي آهن.

595.        رومي مهينن مان هڪڙو آهي بهار جي موسم جو.

614.        اسماءَ الاهي مينهن وانگي آهن، جي انسان جي دل تي لياقت آهر وسن ٿا ۽ اثر ڪن ٿا.

615.        يعني ٽوٻو.

616.        دل هڪڙو ٿانو آهي جنهن ۾ علم اسماءِ جو مينهن جي ڦڙن وانگي آهي سو گڏ ٿو ٿئَي ۽ اکر ۽ آواز انهي علم جي گوهر جي هڪڙي سپ آهي.

626.       ظاهري علم لغت اشتقاق صرف نحو، کل جي مثال آهي ۽ دين جو علم يعني تفسير حديث، مغز جي مثال آهي.

630.       علم قال جو ظاهري علم ۽ عبادت آهي، علم حال جو معنوي عبادت، عمل، قرب، مشاهدو ۽ ڪشف آهن. هڪڙي جو جسم سان واسطو آهي، ٻئَي جو دل سان.

631.        جيتوڻيڪ حال وارو علم قال واري علم کان بهتر آهي ته به رڳو عمل، جو فقط جسم کان آهي ۽ دل جي حال کان ناهي، اهو علم جي برابر ناهي، ڇا لاءِ جو علم قال جو هوندو ته به دل جو ڪم نه جسم جو.

635.       يعني جھڙي طرح قال جو علم بدني عملن جي به نسبت جان جي برابر آهي تهڙي طرح حال علم قال جي برابر آهي.

636.       علم جي صورت ۽ علم جي معنيٰ ٻه شيون آهن دنيا جي طلب وڏي خطا آهي تنهن جو ڄاڻڻ علم ناهي. حديث آهي ته ”حب الدنيا راس کل خطيئَة.“

637.       حديث آهي ته ”لايدخل الملائکة بيتا فيہ کلب اوتصاوير.“

638.       علم وراثت جو آهي علم لدني يا علم معنوي ۽ ڪشفي، ۽ زراعت آهي آخرت جي لاءِ، هِتي پوک ڪر ته هُتي لڻين.

639.       يعني آيات، صفات، اسماءِ الاهي پنهنجي نفس مان معلوم ڪر جو خدا جو ڪتاب آهي ۽ پنهنجا اخلاق سُڌار ۽ حڪمت سِکُ ۽ شين جي حقيقت معلوم ڪر.

640.       حڪيمن جي قول موجب نفس ناطقه انسانيءَ کي ٻه قوتون آهن هڪڙي ادراڪ ۽ ٻي تحريڪ. انهن مان هر هڪ جا ٻه قسم آهن. ادراڪ قوت نظري سان به ظاهر ٿو ٿئَي ۽ قوت علمي سان به، ۽ تحريڪ قوت شهوي سان به پيدا ٿي ٿئَي ۽ قوت غضبي سان به. انهن چئَن مان جي هرڪا وچولي يا اعتدال جي درجي ۾ هوندي ته انهي کي چڱا اخلاق چئبا ۽ جي انهي ۾ افراط يا تفريط هوندي يعني پوري حد کان زياده يا گهٽ هوندا ته خراب اخلاق پيدا ٿيندا. انهي ڪري اخلاقن جا پهريان اصول چار آهن. قوت نظري، پوري اعتدال ۽ تهذيب ۾ هوندي ته انهي کي عدالت چئَبو، ۽ قوت علمي جي اعتدال کي حڪمت چئَبو ۽ قوت شهوي جي اعتدال کي عفت يا پرهيزگاري چئَبو، ۽ قوت غضبي جي اعتدال کي شجاعت يا بهادري چئَبو. انهن جي افراط ۽ تفريط مان وري جي بد اخلاق نڪرن ٿا تن جو هيٺ بيان اچي ٿو. ته حڪمت مان افراط آهي ڀورڙائي ۽ تفريط آهي احمقائي يا بلهي. عفت جون اُهي ٻه خراب حدون آهن خبود ۽ شرهه يعني بيحد ٿڌائي ۽ لالچ. شجاعت جون ٻئي خراب حدون آهن هٺ ۽ ذليلائي، ۽ انهن جا ضد آهن بزدلي ۽ اجائي همت. باقي عدالت تنهن جو ضد آهي ظلم. انهن جي ٻي حد ڪانهي جو عدالت جي معنيٰ آهي پورائي ۽ برابري ۽ سنوائي ۽ سچائي، ۽ صراط المستقيم ۽ وچ وارو اعتدال جو رستو به اهوئي آهي ۽ پُلِ صراط به اهائي آهي جا وار کان سنهي ۽ ترار کان تکي آهي ۽ جنهن جي هڪڙي پاسي بهشت ۽ ٻئَي پاسي دوزخ آهي.

642.       قرآن موجب وَنَفَخْتُ فِيهِ مِنْ رُوحِي  (ص: 72).

644.       جڏهن صورت انساني ۾ حسن ظاهري ۽ باطني پيدا ٿيو تڏهن نفس ڄڻ ته انهي تي عاشق ٿيو، پوءِ انهن جي وچ ۾ معنوي نڪاح ٿيو. جنهن ۾ نفس ناطقه انساني عالم سارو هن کي مهر يا ڪابيني ۾ ڏنو ۽ اهو ساري عالم جو مالڪ ٿيو، انهي نڪاح مان وري جو اولاد پيدا ٿيندو سو آهي فصاحت وغيره جي ٻئي بيت ۾ ڏنل آهن.

648.       لامؤثر في الوجود الاالله

633. حق حقيقي يا وجود مطلق حق ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ باطل ۾ به، پوءِ باطل حقيقي عدم آهي جو چوڻي آهي ته ”کل شئِ ما خلاالله باطل“ ۽ حق کانسواءِ ٻيو سڀ غير عدم آهي. هڪڙي صورت جمالي آهي يا حق حق ۾ ظاهر ٿيل ۽ ٻي صورت جلالي آهي يا حق باطل ۾ ظاهر ٿيل. هڪڙو حقيقي عشق ۽ ٻيو مجازي عشق.

 

 

سوال – يازدهم

سوال يارهون

(1)     

چه جزو است آنکه او از کل فزون است
طريق جستن آن جزو چون است

جُزو ڪهڙو آهي ڪُلَ کان زيادھ
سو ڳولي لهجي ڪيئن، ڪر مون کي آگھ

 

جواب

جواب

(2)    

وجود آن جزو دان کز کل فزون است
که موجود است کل وين باژگون است

وجُود آهي جُزو، موجود ٿيو ڪُل
هُو مُطلق، هي مُعيّن، تُون نه ڪر ڀُل

 

(3)    

بود موجود را کثرت بروني
که از وحدت ندارد جز دروني
 

آهي موجود کي ڪثرت بُروني
اُنهي ۾ ٿي رکيل وحدت درُوني

 

(4)    

وجود کل ز کثرت گشت ظاهر
که او در وحدت جزو است ساتر

 

وجودَون آهي موجودات نرِوار
جُزي وحدت جي ڪئي ڪثرت پديدار

 

(5)    

چو کل از روي ظاهر هست بسيار
بود از جزو خود کمتر به مقدار

 

جڏهن ڪُل ٿيو گھڻو ظاهر ۾ سڀ وٽ
جُزي پنهنجي کان ٿيو مقدار ۾ گھٽ

 

(6)    

نه آخر واجب آمد جزو هستي
که هستي کرد او را زيردستي

 

مگر باطن ۾ ڪُلَ کي ناهي هَستي
سو هستيءَ جي ڪري نِت زيردستي

 

(7)    

ندارد کل وجودي در حقيقت
که او چون عارضي شد بر حقيقت

 

[درحقيقت هن ’ڪل‘ کي ڪو وجود ڪونهي، بلڪ اهو سڀ ڪجھ هن جي عارضي نمائش وانگر آهي.]

 

(8)    

وجود کل کثير واحد آيد
کثير از روي کثرت مي ‌نمايد

 

وجودُ اصلي ٿيو ٻئي جمع واحِد
اندر وحدت، ٻَهر ڪثرت ٿي شاهِد

 

(9)    

عرض شد هستي کاجتماعي است
عرض سوئي عدم بالذات ساعي است

عَرَض ٿيو ڪُل، وجود اصلي ٿيو جوهر
۽ مُمڪن ٿي عَرض فاني ٿيو يڪسَر

 

(10)             

به هر جزوي ز کل کانيست گردد
کل اندر دم ز امکان نيست گردد

 

[جيئن ته ڪُل جو هر جزو نيست ۽ نابود ٿئي ٿو، ان ڪري ڪُل جي هر ممڪن صورت هر گھڙيءَ فنا ٿيندي رهي ٿي.]

(11)  

جهان کل است و در هر طرفةالعين
عدم گردد و لا يبقي زمانين

 

ٿئي عالم سڄو دم دم ۾ معدُوم
’وَلَاَيَبقيٰ زَمَانَيۡن‘ آهي معلوم

 

(12)             

دگر باره شود پيدا جهاني
به هر لحظه زمين و آسماني

 

سڄو جڳ ٿئي وري هردم ٿو پيدا
هي حشر ۽ نَشر ٿيو هَردم ۽ هَر جا

 

(13)             

به هر لحظه جوان اين کهنه پير است
به هر دم اندر او حشر و بشير است

 

[هر گهڙيءَ اهو جوان به آهي ته پوڙهو به آهي، هر بدلجندڙ گهڙي نئين به آهي ته پراڻي به آهي.]

(14)             

درو چيزي دو ساعت مي ‌نپايد
در آن ساعت که مي ‌ميرد بزايد

 

[ڪا به شيءِ ٻن گهڙين وچ ۾ پائدار نٿي رهي سگهي، ان گهڙيءَ مري به ٿي ته جيئري به ٿئي ٿي يا وري نئين سر جنم وٺي ٿي.]

(15)             

وليکن طامة الکبريٰ نه اين است
که اين يوم عمل وآن يوم دين است

 

قيامت آهي هي، جا چَئجي صُغريٰ
هو ايندي اڳتي، جا ٻُڌجي ٿي ڪُبريٰ

 

(16)             

از آن تا اين بسي فرق است زنهار
به ناداني مکن خود را ز کفار

 

هِن ۽ هُن ۾ تفاوت آهي ڏاڍو
عَملَ جو ڏينهن هي، هوُ ٿيو جَزا جو

 

(17)             

نظر بگشاي در تفصيل و اجمال
نگر در ساعت و روز و مه و سال

 

[تون اک کول ۽ هر شيءِ کي چگيءَ طرح ڏس، ائين هر پل هر گهڙي، ڏينهن رات، مهينن ۽ سال کي سمجھه.]

(18)             

اگر خواهي که اين معني بداني
ترا هم هست مرگ و زندگاني

 

جي ڀانئين سمجھين ايُ مضمون ذاتي
ته تو ۾ آهي پڻ مَوت ۽ حياتي

 

(19)             

ز هرچه اندر جهان از شيب و بالاست
مثالش در تن و جان تو پيداست

ڏِسين ٿو جيڪي جڳُ ۾ زير بالا
مِثال اُن جو توئي ۾ آهي پيدا

 

(20)            

جهان چون تُست يک شخص معين
تو او را گشته چون جان او ترا تن

 

جھان هڪ شخص ٿيو تو جان مُعيّن
تون جانِ اُن جي ۽ هُو تنهنجو ٿيو تَن

 

(21)             

سه گونه نوع انسان را ممات است
يکي هر لحظه وان بر حسب ذات است

 

ٿيا انسانَ ۾ ٽي موت جا قِسم
هڪ آهي هر گھڙي منجھ ذات نه جِسم

 

(22)            

دو ديگر دان ممات اختياري است
سيوم مردن مرد را اضطراري است

 

ٻيو ٿيو موتُ ان جو اختياري
۽ ٽيون ان جو مرڻ ٿيو اضطراري

 

(23)            

چو مرگ و زندگي باشد مقابل
سه نوع آمد حياتش در سه منزل

 

جڏهن موتَ ۽ حياتي ٿيا مقابل
حياتيُون ٽي به ٿيون آدم کي حاصل

 

(24)            

جهان را نيست مرگ اختياري
که اين را از همه عالم تو داري

 

نه هِن عالَم کي ٿيو موت اختياري
اِها ٿي خاصيت انسانَ واري

 

(25)            

ولي هر لحظه مي گردد مبدل
در آخر هم شود مانند اول

 

مگر هر لحظي ٿئي ٿو اُو مُبَدّل
مري ٿو پوءِ جيئي ٿو آخر اوّل

 

(26)            

هر آنچه آن گردد اندر حشر پيدا
ز تو در نزع  مي‌گردد هويدا

 

ٿئي محشر ۾ جيڪي نيٺ پيدا
ٿئي ٿو نَزع ۾ تو مان هُويَدا

 

(27)            

تن تو چون زمين سر آسمان است
حواست انجم و خورشيد جان است

 

بدن تُنهنجو زمين، سِرُ آسمان آھ
۽ تارا سِڄ حَواس آهن ۽ جان آھ

 

(28)            

چو کوه است استخوانهائي که سخت است
نباتت موي و اطرافت درخت است

 

هڏا تُنهنجا جَبلَ، اوڀڙ ٿيا وار
عناصر سڀ ٿيا تو ۾ نمودار

 

(29)            

تنت در وقت مردن از ندامت
بلرزد چون زمين روز قيامت

اچي جڏهن موت جي تَنَ تي ملامت
ڏڪي، جيئن ڌرتي منجھ روزِ قيامت

 

(30)            

دماغ آشفته و جان تيره گردد
حواست هم چو انجم خيره گردد

 

دماغ ۽ هوش ۽ جان سڀ وڃن ٿا
حواسَ ان وقت تارن جان ڇڻن ٿا

 

(31)             

مسامت گردد از خوي هم چو دريا
تو در وي غرقه گشتي بي سر و پا

 

مسامَن مان پگھر نڪري ٿئي ٻاهر
بدن تُنهنجو ٻُڏي اُن ۾ سراسر

 

(32)            

شود از جان‌کفش اي مرد مسکين
ز سستي استخوانها پشم رنگين

 

[اي غريب انسان، مرڻ جي اها گهڙي تو تي ڪيڏي ڪٺن هوندي، جڏهن تنهنجا هڏا ڪپھه وانگر چور چور ٿي ويندا.]

(33)            

به هم پيچيده گردد ساق با ساق
همه جفتي شود از جفت خود طاق

 

هڏو ٿئي پشم، وچڙي ساق سان ساق
۽ جوڙا جُفتَ کان پنهنجي ٿين طاق

 

(34)            

چو روح از تن به کلّيت جدا شد
زمينت
قاع صف صف لاتري شد

 

بدن کان روح جڏهن اصلي جُدا ٿئي
زمين ڄڻ ’قَاع صَفۡ صَفۡ لاتَريٰ‘ ٿئي

 

(35)            

بدان منوال باشد حال عالم
که تو در خويش مي ‌بيني در آن دم

 

اهو ٿئي حال ساڳيو ساڻ عالم
ڏسين جو پاڻ ۾ تُون ٿو دَمادم

 

(36)            

بقا حق است و باقي جمله فاني است
بيانش جمله در
سبع المثاني است

 

بقا حق کي آهي ٻيو سڀ ٿيو فاني
پڙهي هي ڏِس تون منجھ سَبع المثَاني

 

(37)            

چو کل من عليها فان بيان کرد
لفي خلق جديد هم عيان کرد

 

جو ’ڪُلّ مَن عَلَيۡهَا فَان‘ پديد آھ
۽ ’بَلۡ في لَبۡس مِنۡ خَلق جَديد‘ آھ

 

(38)            

بود ايجاد و اعدام دو عالم
چو خلق و بعث نفس ابن آدم

 

ٿئي موجود پوءِ معدوم عالم
مَريِ جيئَن پوءِ اُٿي مخلوق آدم

 

(39)            

هميشه خلق در خلق جديد است
اگرچه مدت عمرش مديد است

هميشه خَلق تازي ۽ نَئين آھ
ڏسڻ ۾ اُن جي مُدّت پر گھڻي آھ

 

(40)            

هميشه فيض فضل حق تعاليٰ
بود در شان خود اندر
تجليٰ

 

نئون نِت آھ فيض ۽ فعل رحمان
جو آهي ’ڪُلّ يَوم هوُفي شانِ‘

 

(41)             

از آن جانب بود ايجاد و تکميل
و ز اين جانب بود هر لحظه تبديل

 

ڪري خالق سدا اِيجاد تڪمِيل
ڪري عالم ۽ مخلوقات تبديلِ

 

(42)            

وليکن چون گذشت اين طور دنيا
بقاي کل بود در روز
عقبيٰ

 

ٿئي فاني جڏهن هي دَور دُنيا
بقا قائم ٿَئي منجھ دارَ عُقبيٰ

 

(43)            

که هر چيزي که بيني بالّضرورت
دو عالم دارد از معني و صورت

 

آهي هِت جيڪيِ، تنهن کي بالِضرورت
ٻه عالم ٿا رهن، معنيٰ ۽ صورت

 

(44)            

وصال اولين عين فراق است
مر آن ديگر ز
عند الله باق است

 

[پهريون وصال اصل ۾ عين فراق آهي، ليڪن ٻيو الله جي ذات ۾ باقي رهڻ آهي.]

(45)            

بقا اسم وجود آمد وليکن
به جائي کان بود ساير چو ساکن

 

[بقا جنهن جو نانءُ صرف ذات واجب الوجود آهي، پر جتي اها ذات سير ڪري ته اها ساڪن ٿي پوي.]

(46)            

مظاهر چون فتد بر وفق ظاهر
در اول مي نمايد عين آخر

 

[جڏهن مظاهر ۽ ظاهر ۾ اتفاق ٿي پوي ٿو ته پوءِ اول (هتي) ئي آخر نظر اچي ٿو.]

(47)            

هر آنچه هست بالقوته درين دار
به فعل آيد در آن عالم به يک بار

 

رهي ٿو جيڪي هِت قُوّت ۾ مخفي
سو هُت ظاهر ٿئي منجھِ فعل نڪري

 

 

قاعده

قاعدو

(48)            

ز تو هر فعل که اول گشت ظاهر
بر آن گردي به باري چند قادر

 

[هر عمل جيڪو تو کان هڪ دفعو سرزد ٿيو آهي، پر جيڪڏهن ان کي بار بار ڪندين ته تون ان ۾ ماهر ٿي پوندين.]

(49)            

به هر باري اگر نفع است وگر ضر
شود در نفس تو چيزي مدخر

 

[وري جيڪڏهن تون ان کي دهرائيندين پوءِ تو کي فائدو ٿئي يا نقصان، ته ان جا اثرات تو تي ضرور پهچندا.]

 

(50)            

به عادت حالهاي با خوي گردد
به مدت ميو‌ها خوشبوي گردد

 

ڪرين ٿو جن ڪمن جي هِتِ تون عادت
اثر تن جو ڪري تو ۾ سَرايت

 

(51)             

از آن آموخت انسان پيشها را
وز آن ترکيب کرد انديشها را

 

[اهو صرف عادت سان ئي ٿئي تو ته انسان ڪنهن پيشي ۾ ماهر ٿئي ٿو، ساڳيءَ ريت انسان جا خيال پختا ٿين ٿا.]

 

(52)            

همه افعال و اقوال مدخر
هويدا گردد اندر روز محشر

 

اهي افعالَ ۽ احوالَ تُنهنجا
سڀئي ظاهر حشَر جي ڏينهن ٿيندا

 

(53)            

چو عريان گردي از پيراهن تن
شود عيب و هنر يکباره روشن

 

جڏهن ڦاٽي وڃي پردو سندو تَنَ
ٿين عَيب ۽ هُنر سڀ تُنهنجا روشن

 

(54)            

تنت باشد وليکن بي‌کدورت
که بنمايد از او چون آب صورت

 

[جڏهن تنهنجو بدن سواءِ ڪنهن گند غير جي هوندو، تڏهن اهو شفاف پاڻيءَ وانگر هر صورت ڏيکاريندو.]

 

(55)            

همه پيدا شود آنجا ضمائر
فرو خوان آيت
تبلي السرائر

 

عَملَ ۽ خُلقَ نڪري ڪن نهايت
پڙهج ’تُبلَي السّرائِر‘ جي تُون آيت

 

(56)            

دگر باره به وفق عالم خاص
شود اخلاق تو اجسام و اشخاص

 

[اُتي ٻيهر ان عالم جي مناسبت سان تنهنجي بدن ۾ خصلتون پيدا ٿي پونديون.]

(57)            

چنان کز قوت عنصر درينجا
مواليد سه گانه گشت پيدا

 

[اُتي اهو بلڪل ائين ٿيندو جيئن هتي عناصرن جي قوت مان ٽي مختلف جھان پيدا ٿيا آهن.]

(58)            

همه اخلاق تو در عالم جان
گهي انوار گردد گاه نيران

مناسب جسم سان سي ٿِين نِروار
ٿين ڪي نُور مٽجي، ڪي ٿِين نار

 

(59)            

تعين مرتفع گردد ز هستي
نماند در نظر بالا و پستي

 

[جڏهن تعين (ظاهري جسماني صورت /phenomenal limtations) جون پابنديون کڄي وينديون، تڏهن تنهنجي نظر ۾ ڪا به هيٺاهين مٿانهين نه رهندي.]

 

(60)            

نماند مرگ تن در دار حيوان
به يک رنگي بر آيد قالب و جان

 

نه رهندو موت جِسميءَ جو ڪو نشان
ٻئي يَڪ رنگ ٿيندا جسم ۽ جان

 

(61)             

بود پا و سر و تو جمله چون دل
شود صافي ز ظلمت صورت گل

 

ٿِينَ دل وانگي عُضوا تُنهنجا سڀ پاڪ
ڪَثافَت ۽ ڪدورت سڀ ڇڏي خاڪ

 

(62)            

ببيني بي جهت حق را تعالي
کند از حق بر تو تجلي

 

ٿئي پڻ نُور حق جو تو ۾ نِروار
ڪرين اُت حق تعاليٰ جو تُون ديدار

 

(63)            

ندانم تا چه مستيها کني تو
دو عالم را همه برهم زني تو

 

[مون کي خبر ناهي ته توتي تڏهن مستيءَ جو ڪهڙو رنگ هوندو، جڏهن تنهنجي نظر ۾ هي ٻئي جھان ختم ٿي ويندا.]

 

(64)            

سقاهم ربهم چه بود بينديش
طهوراًچيست صافي گشتن از خويش

 

’سَقَاهُم رَبُّهُم‘ ڏيکاري مَستي
’طَهورا‘ آهي ميٽڻ پنهنجي هَستي

 

(65)            

زهي شربت زهي دولت زهي ذوق
زهي حيرت زهي حالت زهي شوق

عجب شربت، عجب لذّت، عجب ذَوق
عجب دولت، عجب حيرت، عجب شوق

 

(66)            

خوشا آن دم که ما بي‌خويش باشيم
غني مطلق و درويش باشيم
 

[اها گهڙي ڪيڏي نه سڀاڳي هوندي جڏهن اسين پنهنجو ’پاڻ‘ کان آجا هونداسين، تڏهن اسين ڪيڏا نه آسودا ۽ ساڳي وقت غريب هونداسين.]

(67)            

نه دين نه عقل نه تقوي نه ادراک
فتاده مست و حيران بر سر خاک

[اها حالت جڏهن نه عقل هوندو نه ڪا سمجھ، نه پرهيزگاري، بلڪ جڏهن اسين ڌرتيءَ تي مست ۽ حيران پريشان پيا هونداسين.]

 

(68)            

بهشت و خلد و حور آنجا چه سنجد
که بيگانه در آن خلوت نگنجد

بِهشت ۽ حُورَ مان اُت دِل نه ڍاپي
اُنهي خلوت ۾ حَق ري ڪِين ماپي

 

(69)            

چو رؤيت ديدم و خوردم از آن مي
ندانم تا چه خواهد شد پس از وي
 

اها هَسِتي ۽ حيرت پڻ فنا ٿئي
خبر ناهي ته اُن کان پوءِ ڇا ٿئي

(70)            

پي هر مستي باشد خماري
درين انديشه دل خون گشت باري

[پر مون کي هر وقت اها ڳڻتي به آهي ته هر نشي کان پوءِ خمار چڙهيل هوندو آهي ان ڪري منهنجي دل رت روئي ٿي.]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org