سيڪشن: تصوف

ڪتاب: گلشن راز

باب:

صفحو:14 

سوال پندرهون

حاشيا ۽ شرح

 

887.       بُت يعني بت يا مورت يا محبوب ۽ زنار يعني جڻيو جو ترسا يا آتش پرست ٻَڌندا آهن ۽ ترسائي يعني ترسائن جو مذهب يا طريقو.

888.       جيڪا به شيءِ عشق جي مظهر آهي يا جنهن مان حق معلوم ٿي سگهي ٿو، يعني سڀ موجودات جا ذرا بت آهن ۽ زنار ٻڌڻ جي معنيٰ آهي محبوب جي بندگي يا فرمانبرداريءَ جي ڪمر ٻڌڻ. انهي معنيٰ سان جڏهن سڀڪا شيءِ حق جو مظهر آهي تڏهن بت پرست يا ڪافر به حق جا پوڄيندڙ چئَبا. قرآن ۾ آهي ته وَقَضَى رَبُّكَ أَلَّا تَعْبُدُوا إِلَّا إِيَّاهُ  (بني اسرائيل: 23).

889.       قرآن ۾ آهي ته وَيَتَفَكَّرُونَ فِي خَلْقِ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ (آل عمران: 191).

893.       حڪيمن ۽ عالمن جو قول آهي ته وجود خير محض آهي ۽ وجود ۾ جيڪو شر ظاهر ٿو ٿئي سو عدم کان آهي.

894.       بُت هستي مطلق جو مظهر آهي تنهنڪري حقيقت ڪري حق آهي. بُت تنهنڪري بت پرستي حق پرستي ٿي.

895.       مشرڪ يا بت پرست به جي اها سمجھه رکي بت پرستي ڪري ته ڪافر نه ٿئَي خدا پرست يا موحد ڄاڻجي. پر بت کي ظاهري بت يا مخلوق يا هٿ جي جڙيل شيءِ ڄاڻي انهي جي پوڄا ڪري ٿو تڏهن ڪافر سڏجي ٿو. يعني ظاهري صورت ڏسڻ نه گهرجي باطني حقيقت تي نظر ڪرڻ گھرجي. هڪڙو ٿيو مجازي دين ۽ ٻيو ٿيو حقيقي ڪفر. جيڪي ظاهري ڪفر آهي سو حقيقت ڪري عين اسلام آهي.

895.       يعني سڀڪنهن تعين يا ظاهري صورت ۾ حقيقي روح يا معني لڪل آهي ۽ هر هڪ ڪفر هيٺ ايمان لڪل آهي سڀ ڪنهن جلال هيٺ جمال لڪل آهي.

896.       قرآن ۾ آهي ته، إِنْ مِنْ شَيْءٍ إِلَّا يُسَبِّحُ بِحَمْدِهِ (بني اسرائيل: 44) يعني اها شيءِ ئي ڪانهي جا خدا جي تسبيح ۽ تمحيد ۾ مشغول نه آهي.

901.        مَا تَرَى فِي خَلْقِ الرَّحْمَنِ مِنْ تَفَاوُتٍ  (الملڪ: 3) يعني خدا جي خلقت ۾ ڪو به تفاوت ڪونهي. ذاتي فيض ۾ سڀ مخلوقات هڪجھڙي ڀائيوار آهي.

930.       آيت آهي ته أَوْفُوا بِعَهْدِي أُوفِ بِعَهْدِكُمْ (البقره: 40) يعني اوهين منهنجي عهد تي وفا ڪريو يا عبوديت جو حق بجا آڻيو ته آءٌ اوهان جي عهد تي وفا ڪريان.

934.       انهي امانت بابت مٿي به اشارو آيو آهي.

935.       علم آهي پيءُ وانگي ۽ عمل آهي ماءُ وانگي. انهن مان نتيجو نڪري ٿو حال يا احوال يا ڪشف ۽ ڪرامات.

937.       عبادت ۽ علم انهي لاءِ ناهن ته ماڻهو ڪرامت حاصل ڪري. انساني مرتبي جو ڪمال آهي فنا ۽ نيستي ۾. ڪرامت رڳو مڪر، هٺ، خود نمائي ۽ خود پسندي آهي. فقر ۽ سلوڪ جي لاءِ ڪرامت جو ضرور ئي ڪونهي. انهي ڪري سالڪ مغرور ٿو ٿئَي ۽ حق جي بي ادبي ٿي ٿئَي.

939.       ائين ته شيطان به عادت جي برخلاف ڪرامتن جھڙا ڪم ڪري ٿو ۽ انسان کي هزارين طرح گمراھ ڪري ٿو. انهي طرح سالڪ به شيطان ٿي سگهي ٿو يا فرعون وانگي خدائيءَ جي دعويٰ ڪري سگهي ٿو.

944.       فقيراڻي گودڙي ڍڪي ڪرامتون ڪرڻ رڳو خلق ٺڳڻي آهي، انهي لاءِ ته ماڻهو چون ته هي ڪو وڏو ڪرامت ۽ ڪشف وارو درويش يا اولياءُ آهي. اهو به هٺ، وڏائي، مڪر، ريا ۽ خودنمائي آهي. تنهنڪري عام خلق جي صحبت ۽ نزديڪيءَ کان پري ڀڄ ته کري نه پوين.

945.       تناسخ جا چار قسم آهن نسخ جي معنيٰ آهي روح هڪڙي انسان جي بدن مان نڪري ٻئَي انسان جي بدن ۾ وڃڻ، مسخ  آهي انسان جو روح سندس بدن مان نڪري ٻئَي مناسب جانور جي بدن ۾ وڃڻ، رسخ آهي انساني روح جو معدني يا نباتي صورت ۾ وڃڻ يا رسوخ ڪرڻ، فسخ جو مطلب آهي ته روح جمادي، نباتي، حيواني ۽ انساني دورو پورو ڪري وري ٻيو اهڙو ساڳيو دورو شروع ڪري ٿو.

946.       عادت آهي رسمي هلت جا خيال ۽ دلي ڪشف کان سواءِ ڪَلَ وانگي پئَي ڪجي. انهي طرح جي عبادت رڳو نالي جي آهي. عبادت اُها جا عادتي يا رسمي نه هجي پر فڪر، خيال ۽ دل جي شوق ۽ حاضريءَ کان ڪجي.

947.       هاڻي وري ترسائيءَ جي سمجھاڻي ٿو ڏئي ته اُها تقليد يا رسم ۽ عادت ۽ دنيا جي علائقن کان آزاد ٿيڻ آهي، خواه دنيوي خواه طبعي، يعني تجريد ۽ تفريد يا مجرد ۽ فرد رهڻ، جيئن حضرت عيسيٰ (عليہ السّلام) ڪيو جو ترسائن جو نبي آهي، جو روح الله آهي ۽ جو روح القدس کان دنيا ۾ پيدا ٿيو، ۽ مئَن کي جياريندو هو ۽ انڌن ۽ ڪوڙهن کي چڱو ڀلو ڪندو هو.

952.       آيت وَنَفَخْتُ فِيهِ مِنْ رُوحِي  (ص: 72). جي حڪم موجب تو ۾ به الله جو روح آهي ۽ تون به عيسيٰ عليه السّلام جھڙو ٿي سگهين ٿو. روح القدس يا جبرئيل علم جي مثالي صورت آهي.

953.       ناسوت آهن بشريت يا انسانيت، ۽ لاهوت آهي حقيقت وحدت جي. نفس ناسوتيءَ جو واسطو حيواني روح سان آهي يعني صفات نفساني ۽ طبيعي سان. جي انهي نفس کان تون آزاد ٿئين ته لاهوت يا ”حيّ لايموت“ جي مرتبي کي پهتين.

958.       هي مثال ٿو ڏجي ته ڪيئن نفس ناطقه انساني اعليٰ مرتبي کي درجي به درجي رسي سگهي ٿو. کير پياڪ ٻار ڄڻ ته نفس ناسوتيءَ ۾ بند آهي، جڏهن اُنهي کان آزاد ٿئَي ٿو تڏهن موليٰ جو ملڪ ڏسي ٿو ۽ معنوي سفر ڪري ٿو.

960.       چئن عنصرن کي اُمهات سفلي چوندا آهن ۽ آسمانن يا سيارن کي آباءَ علوي چوندا آهن. انهي جوڙي مان انسان پيدا ٿيو.

961.        نقل ۾ آهي ته حضرت عيسيٰ (عليہ السّلام) چيو ته ”اِني ذاهب اليٰ ابيکم السماوي“ يعني دنيائي تعلقات ڇڏي، يا ماءُ جي جھولي ڇڏي، پيءُ ڏي، يا عالم علوي ڏي ٿو وڃان.

964.       آيت آهي ته فَإِذَا نُفِخَ فِي الصُّورِ فَلَا أَنْسَابَ بَيْنَهُمْ  (المؤمنون: 101) يعني قيامت آئي نسبتون سڀ گم ٿي وينديون، سڀ وسري وينديون سڀڪو نفسي نفسي ڪندو.

971.        نفساني شهوت ماءُ پيءُ جي وچ ۾ اچڻ ڪري اولاد پيدا ٿو ٿئَي. اولاد توڙي ٻيا قريب سڀ مطلبي آهن ۽ تنهنجا دشمن. تنهنجو مال تڪيو ويٺا آهن ۽ وارث ٿيڻ لاءِ خواهشمند آهن.

996.       يعني ماما ۽ چاچا به ساڳي طرح مطلبي ۽ بدخواه آهن.

1001.    ذاتي فرض يا مقصد آهي قربِ الاهي، اُهو نه وسارج باقي شرعي حق پيءُ ماءُ عزيزن خويشن جا ڀلي بجا آڻ.

1004.   حضرت ابراهيم (عليہ السّلام) وانگي حنيفي يا هڪ مهاڙو ٿي ۽ مسلم ۽ مستقيم ٿي. راهب نصارن جو عابد آهي جو خلق کان ڀڄي گوشه نشين ٿئَي ٿو ۽ دير يا مڙهيءَ ۾ ويهي ٿو.

146.        ناقوس وڏو گهنڊ آهي جو ديولن ۾ وڄائيندا آهن.

144.        يعني پير مغان يا مرشد ڪامل، جو ڪفر حقيقي ۾ لاثاني آهي. ڪفر يعني وحدت ۾ ڪثرت. مٿي ڪفر حقيقي جي معني سمجھائي وئي آهي.

145.        ترسازاده يا مغجيه به مرشد ڪامل کي ٿو چوي. هو سڀ ڪنهن مريد جي حال ۽ سمجھه آهر هدايت ڪري ٿو ۽ معرفت ۽ توحيد جو ست سيکاري ٿو. ڪڏهن ڪهڙي رستي سان ڪڏهن ڪهڙي رستي سان، هڪڙي کي هڪڙي طرح ٻئَي کي ٻي طرح. ۽ سڀني کي عشق حقيقي جو شراب پياري مست ۽ مخمور ڪري ٿو.

198.        يعني وحدت جو پاڪ شراب پي، آءٌ فنا يا بيخود ٿي ويس يعني نيست نابود ٿي ويس.

199.        اِهو مقام صحو بعد المحو جو آهي جتي آهيان به ناهيان به، هڪڙي معنيٰ ڪري فاني آهيان يعني پنهنجي ذات يا طبيعت ڪري ۽ ٻي معنيٰ ڪري باقي آهيان يعني حق جي اصلي ذات ڪري. مخمور جي معنيٰ خمار وارو يا اڌ هوش اڌ بيهوش ۽ مست سڄو بيهوش، بيخود ۽ فنا.

998. تشويش آهي پريشاني.

 

 

خاتمته

خاتمه

(1)     

از آن گلشن گرفتم شمئه باز
نهادم نام او را گلشن راز

 

ٿِيو پورو هتي هي ’گُلشن راز‘
جنهين ۾ عشق جو ٿيو سوز ۽ ساز

 

(2)    

در او رازها گلها شکفته است
که تا اکنون کسي ديگر نگفته است

 

عجب گلشن، جنهين جو آهي هر گُل
مِٺيوُن لاتيُون ڪندڙ مانند بُلبُل

 

(3)    

زبان سوسن او جمله گوياست
عيونِ نرگس او جمله بيناست

 

[انهيءَ ۾ سوسن گل جي زباني ڳالھ بيان ٿيل آهي، اتي نرگس گل جون اکيون سڀ ڪجھ ڏسندڙ آهن.]

(4)    

تامل کن به چشم دل يکا يک
که تا برخيزد از پيش تو اين شک

 

[تون به پنهنجي دل جي اکين سان ٻڌي ڏس ته جيئن تنهنجا سڀئي شڪ شبها ختم ٿي وڃن.]

 

(5)    

ببين منقول و معقول و حقايق
مصفا کرده در علم دقايق

 

ٿّيا نَقل ۽ عَقُل جا اُن ۾ حقائقِ
صفا ٿيا اُن ۾ سڀ ڳُوڙها دقائقِ

 

(6)    

به چشم منکري منگر در او خوار
که گلها گردد اندر چشم تو خار

 

[منڪر واري اک سان نه ڏس ۽ اجايو خوار نه ٿيءُ، ڇو ته ائين گل به توکي ڪنڊا نظر ايندا.]

(7)    

نشان ناشناسي ناسپاسي است
شناسايي حق در حق شناسي است

 

ڪري جيڪو اُنهن تي دل سان وِيچار
ٿئي توحيد ۾ قابل ۽ ھُشيار

 

(8)    

غرض زين جمله آن تا گر کند ياد
عزيزي گويدم رحمت بر او باد

 

ڪري مَنَ ڪو مُصَنّفَ اُن جي کي ياد
دُعا سان اُن جي هُن جو روُح ٿئي شاد

 

(9)    

به نام خويش کردم ختم و پايان
الـٰهي عاقبت محمود گردان

 

اُنهي جي دِل سدا خوشنُود ڪر تون
اِلاهي عاقبت محمُود ڪر تون

 

 

 

 

 

 

تمّ الکتاب

بعون الملک الوهاب

لکيو مَولانا سَعد الّدين محمود
شبستر ۾ جو ٿيو مدفون مولود
ڪيو مون ترجمو سنڌي ۾ ان جو
لڳايم اُن ۾ پُورو هِڪڙو هفتو
اصُل جو نانءُ ٿيو جڏهن ’گُلشنِ راز‘
ڪيو مون هن جو نالو ’ڪشفِ اعجاز‘
جَمادي ٻئَي جي اڄ تاريخ ٿي ٻي
ٿيو سَن تيرهن سؤ ۽ ايڪٽيھ هجري=1331ھ
خُدا يا فضل ڪر هَر حال هر گاھ
’قليچ‘ آهي سوالي تُنهنجي دَرگاھ

 

 

 

 

خاتمه

حاشيا ۽ شرح

 

202.       يعني جنهن باغ جو سڀ ڪو گل بلبل وانگي ٻوليون پيو ڪري ۽ اسرار ظاهر پيو ڪري ۽ سمجھائي، ۽ مڪاشفه ۽ مشاهده جو رستو ڏيکاري.

207.       يعني تصوف ۽ توحيد جا مشڪل عقيدا ۽ دقيقا ۽ حقيقتون سمجھائي ٿو.

=. يعني جي ڳالهيون معجزن وانگي ماڻهن کي سمجھه ۾ نه اچن يا منجھائن ۽ عاجز ڪن تن کي کولي سمجھائي ٿو.

=. جمادي الثاني يا جمادي الآخر مهينو.

اضافي حاشيا

ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

84. محقق جي انهيءَ معنيٰ کي شيخ سعديءَ ’بوستان‘ جي هن بيت ۾ پڻ واضح ڪيو آهي:

محقق همان بيند اندر ابل
که در خوبرويان چين و چگل

يعني هڪ محقق صوفي اُٺ جھڙي جانور ۾ به اهو حسن ۽ جلوو جمال ڏسي ٿو، جيڪو عام ماڻهو چين ۽ چگل جي حسينن ۾ ڏسن ٿا.

[بوستان - شيخ سعدي، ص265]

86. تجريد ۽ تفريد

تجريد جو مطلب آهي ته جڏهن سالڪ جو هن دنيا سان ڪو تعلق باقي نه رهي، بلڪ صرف خدا جي ذات مقصود ۽ مراد هجي ۽ آخرت ۾ اجوري جي تمنا به نه رهي.

تفريد جو مطلب آهي ته انسان ڪنهن به ڪم جي پاڻ ڏانهن نسبت نه ڪري. هر ڪم کي خدا جي نعمت سمجھي. شاھ ڪريم پنهنجي هڪ بيت ۾ هنن ٻنهي اصطلاحن جي سهڻي سمجھاڻي ڏني آهي.

تجريدان نڱيا، پيٺا ۾ تفريد
هن ڪڏهن ٿئي، هن ڏهاڙي عيد

[بيان العارفين - سنڌي، ص17]

92. شيون ضد سان ظاهر ٿين ٿيون.

مشهور مقولو آهي ته ‘يعرف الاشياءَ باضدادها’. عام طور اسين ڏسون ٿا ته هر شيءِ جھڙوڪ ڏينهن نه هجي ها ته رات نه هجي ها يا رات نه هجي ها ته ڏينهن جي خبر نه پوي ها. اهڙيءَ طرح رنگن ۾ اڇو ۽ ڪارو وغيره پر خدا جي ذات جو نه ڪو همسر يا برابر آهي ۽ نه ڪو وري ان جو اهڙو ڪو مخالف يا ضد آهي. ان جي وضاحت صوفي هن طرح ڪن ٿا ته ڪائنات ۾ وجود صرف خدا جو آهي، جيڪو سموري ڪائنات کي محيط آهي. هو ايترو ته ظاهر آهي جو اسان کي مخفي معلوم ٿئي ٿو. قرآن جي آيت ’هو الاول والآخر والظاهر والباطن‘ (يعني هو اول به آهي ۽ آخر به آهي هو ظاهر به آهي ته مخفي به آهي) ۾ ان طرف اشارو آهي.

111.        بيچون بي چگونه (بي مثل ۽ بي مثال)

علم ڪلام وارا توڻي صوفي ان حقيقت تي متفق آهن ته خدا جي ذات جي ڪنهن به ريت مقرر ۽ متعين وصف سان پوري سمجھاڻي نٿي ڏئي سگهجي.

 

111. عمّا يقولون

قرآن پاڪ جي آيت آهي: سُبْحَانَهُ وَتَعَالَى عَمَّا يَقُولُونَ عُلُوًّا كَبِيرًا (بني اسرائيل: 43) ترجمو: جيڪي ڪجھه هو چون ٿا هو (اها ذات) ان کان گهڻو مٿي آهي.

142.       لي مع الله

هيءَ حديث آهي جيڪا اڪثر صوفين جي ڪتابن ۾ ملي ٿي.

                                       [ڪشف الخفاءَ -2، 244]

128. سواد الوجه في الدارين

مڪمل مقولو هن ريت آهي ”الفقر سواد الوجه في الدارين“ ۽ ان مان مراد هيءَ آهي ته سالڪ اهڙيءَ ريت فاني في الله ٿئي جو ظاهر ۽ باطن، دنيا ۽ آخرت مطلب هر لحاظ کان پاڻ کي فاني سمجهي ۽ ان کي عدم اصلي به چون ٿا. خواجه محمد زمان لواريءَ واري جي هن بيت ۾ انهيءَ عدم ڏانهن اشارو آهي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org