سيڪشن: تصوف

ڪتاب: گلشن راز

باب:

صفحو:13 

سوال چوڏهون

حاشيا ۽ شرح

 

835.       شراب جي معنيٰ آهي ذوق، جو محبوب جي جلوي ڏسڻ کان سالڪ جي دل ۾ پيدا ٿئي ۽ انهي کي مست ڪري ۽ شمع جي معنيٰ آهي معرفت جو نور جو عارف جي دل ۾ ظاهر ٿئَي ۽ شاهد يا محبوب آهي حق.

839.       زحاجه جي معنيٰ شيشو يا شمعدان ۽ مصباح آهي ڏيو يا شمع، هتي شراب، جو شمعدان وانگي چيل آهي سو آهي ظاهري صورتون يا تعينات ۽ شمع يا ڏيئو نور جي تجلي آهي جا شيشي يا شمعدان ۾ يا تعينات ۾ ٿي ڏسجي پهرين کي تجلي افعالي يا تانيس ۽ ٻي کي تجلي نوري چوندا آهن.

847.       يعني شراب فنا جو، تجلي ذاتي سان هميشه لاڳو آهي سو پِئي ته مجازي هستي وڃائي وڃي حقيقت مطلقه يا حق سان واصل ٿين.

865.       عقل ڪل يعني مخلوقات ۽ نفس ڪل انهي جي ارادي جي پٺيان آهن يا انهي جي تابع آهن ٻئَي مست آهن.

869.       هڪڙو عقل جي هدايت تي هلڻ لڳو ۽ ٻيو حق جي راھ نقلي دليلن ۽ تقليد تي هلڻ لڳو.

871.        تجلي ذاتي جي شراب مان مست ٿيو.

872.       هَلْ مِنْ مَزِيدٍ (ق:30) يعني اڃا به ڪي هجي ته آڻ.

873.       يعني ڳهي ويو يا پي ويو.

878.       خرابات آهي شرابخانو ۽ خراباتي اهو جيڪو اتي گذاري.

879.       خرابات جي معنيٰ آهي وحدت وجودي، ۽ توحيد جو مطلب آهي حق کان سواءِ غير سان وجود جي صورت لاڳو نه ڪرڻ.

880.       وحدت جو مقام جو مثالي ۽ خيالي صورت کان پاڪ آهي. لااُبالي جي معنيٰ بي پرواھ ۽ بي ڊپو.

884.   تام يعني تمام سڀ.

862. هي مقام استغراق جو آهي ۽ نيستي جي شراب کان مست ٿيڻ جو.

 

 

سوال - پانزدهم

سوال پندرهون

(1)     

بت و زنار و ترسائي در اين کوي
همه کفر است و گرنه چيست بر گوي

 

بُت ۽ زنّار تَرسائي آهن ڇا؟
سڀئي ڪُفر آھ، يا شَيءِ آهي ٻي ڪا؟

 

 

جواب

جواب

(2)    

بت اينجا مظهر عشق و وحدت
بود زنار بستن عقد خدمت

 

بُت آهي عشق جو مَظهر ۽ وحدت
ٻَڌڻ زنّار آهي عقد خدمت

 

(3)    

چو کفر و دين بود قائم به هستي
شود توحيد عين بت‌پرستي

 

ٿيو ڪُفر ۽ دينُ قائم ساڻ هستي
تڏهن توحيد ٿي نِج بُت پرستي

 

(4)    

چو اشيا هست هستي را مظاهر
از آن جمله يکي بت باشد آخر

 

شيون آهن سڀئي هستيءَ جا مَظهرَ
آهي بُتُ پڻ اُنهن مان هڪڙو آخر

 

(5)    

نکو انديشه کن اي مرد عاقل
که بت از روي هستي نيست باطل

 

تڏهن ويچار ڪر اي مردَ عاقِل
ته هستيءَ جي ڪري بُت ناهي باطِل

 

(6)    

بدان که ايزد تعالي خالق اوست
ز نيکو هر چه صادر گشت نيکوست

 

خُدا تعاليٰ آهي خالِقُ اُنهي جو
چڱي جيڪي بنايو سو چڱو ٿيو

 

(7)    

وجود آنجا که باشد محض خير است
اگر شري است در وي آن ز غير است

 

وجود آهي جتي، اُت مَحض خَير آھ
جي شَر ٿيو اُن ۾، فاعِل اُن جو غَير آھ

 

(8)    

مسلمان گر بدانستي که بت چيست
بدانستي که دين در بت‌پرستي است

 

جي ڄاڻن مسلمان اِيءَ بُت جي هستي
ته ڪَن هُو دينُ پنهنجو بُت پَرستي

 

(9)    

اگر مشرک ز بت آگاه گشتي
کجا در دين خود گمراه گشتي

جي مُشرڪُ بُتَ منجھان آگاھ ٿئي ها
ته ڪِيئَن اُو دين ۾ گمراھ ٿئي ها

(10)             

نديد او در بت الا خلق ظاهر
  بدان علت شد اندر شرع کافر

 

ڏٺي اُنَ بُت ۾ فقّط خَلق ظاهر
انهي ڪارڻ ٿيو منجھ شرع ڪافر

 

(11)  

تو هم گر ز نه بيني حق پنهان
  به شرع اندر نخوانندت مسلمان

 

جي ڏسندين تُون نه اُن ۾ حقّ پنهان
نَه سَڏبين شرع ۾ تُون پڻ مسلمان

 

(12)             

بتسبيح و نماز و ختم قرآن
  نگردد هرگز اين کافر مسلمان

 

[اهڙو شخص ڀلي تسبيح، نماز ۽ قرآن جا ختم ويٺو ڪڍي، پر ان سان سندس (اندر جو) ڪافر هرگز مسلمان نٿو ٿئي.]

(13)             

ز اسلام مجازي گشت بيزار
  کرا کفر حقيقت شد پديدار

 

حقيقي ڪُفر ٿيو جنهن کي پديدار
مجازي دِين کان سو ٿيندو بيزار

 

(14)             

درون هر تني جاني است پنهان
  به زير کفر ايماني است پنهان

 

آهي هَر بُت اندر هِڪ جانِ پنهان
آهي نِت ڪُفر ۾ ايمان پنهان

 

(15)             

هميشه کفر از تسبيح حق است
وان من شيء گفت اينجا چه دق است

 

آهي نِت ڪُفرُ منجھ تسبيح حق جي
’وَاِنۡ مِنۡ شَيءِ‘ شاهد آهي اُن تي

 

(16)             

چه مي‌گويم که دور افتادم از راه
فذرهم بعد ما جاءت قل الله

 

[آءٌ ڇا پيو چوان؟ ته آءٌ راھ کان ڀٽڪي ويو آهيان، ’پوءِ انهن کي ڇڏي ڏي‘ ۽ ’چوءُ الله‘ ائين فرمان آيو آهي.]

(17)             

بدان خوبي رخ بت را که آراست
که گشتي بت‌پرست ار حق نمي‌خواست

 

[آخر بُت کي انهيءَ خوبيءَ سان ڪنهن سينگاريو آهي، جو بُت پرست ان تي شيدا ٿيا آهن! ڀلا، جيڪڏهن هو ائين نه گهري ها ته اهو ڪيئن  ٿئي ها!]

 

(18)             

هم او کرد و هم او گفت و هم او بود
نکو کرد و نکو گفت و نکو بود

 

[سڀ هن ڪيو آهي، سڀ هن چيو آهي ۽ سڀئي هو پاڻ هو، صحيح ڪيو اٿس، صحيح چيو اٿائين ۽ هو صحيح ئي هيو.]

(19)             

يکي بين و يکي گوي و يکي دان
بدين ختم آمد اصل و فرع  ايمان

 

تُون هڪڙو چؤ ۽ هڪڙو ڏس ۽ هڪ ڄاڻ
اِهو ايمان جو ٿيو اصلُ اُهڃاڻ

 

(20)            

نه من مي‌گويم اين بشنو ز قرآن
تفاوت نيست اندر خلق رحمان

 

برابر خلق سڀ ٿي حسب قُرآن
اِتي پڙھ ’مَاتَريٰ فِي خَلق رَحمان‘

 

 

اشارت به زنار

جڻيو مان ڇا مراد آهي؟

(21)             

نشان خدمت آمد عقد زنار
نظر کردم بديدم اصل هر کار

 

[جڻيو ٻَڌڻ خدمت جو نشان ۽ شعار آهي، مون جڌهن ڏٺو ته هر شيِءِ جي پويان ڪو نه ڪو مقصد ڪارفرما آهي.]

 

(22)            

نباشد اهل دانش را معول
ز هر چيزي مگر بر وضعِ اول

 

[دانائن لاءِ ٻي ڪنهن مقصد جي ڳولا اجائي آهي، هنن وٽ هر شيءِ جو اصلي مول آهي.]

(23)            

ميان در بند چون مردان به مردي
درآ در زمرهء
وفوا بعهدي

آهي زنّار ٻانهپ دَست بندي
خُدائي حُڪم ٿيو ’اُو فُوا بِعَهدِي‘

(24)            

به رخش علم و چوگان عبادت
ز ميدان در ربا گوي سعادت

 

[علم جي گهوڙي تي سوار ٿي عبادت جي ميدان ۾ اچ اتي مقابلي ۾ نيڪ بختيءَ جي ڊوڙ ۾ کٽي ڏيکار.]

(25)            

اگر چه خلق بسيار آفريدند
ترا از بهر اين کار آفريدند

 

اِنهي ڪم لاءِ آخر توکي خَلقيئون
اَمانت خاص پڻ توکي ئي سونپيئون

 

(26)            

پدر چون علم و مادر هست اعمال
به سانِ قر
ة العين است احوال

 

آهي پيءُ عِلمُ ۽ ماءُ آهي اعمال
نتيجو تِن مان پُٽ ڄاپي ٿو احوال

 

(27)            

نباشد بي ‌پدر انسان شکي نيست
مسيح اندر جهان بيش از يکي نيست

 

[ان ۾ ڪهڙو شڪ ته ڪو به انسان پيءُ کان سواءِ ڪونهي، اهڙيءَ ريت جھان ۾ (حضرت) عيسيٰ (بغير پيءَ جي پٽ) هڪڙو ئي هو.]

(28)            

رها کن ترهات و شطح و طامات
خيال نور و اسباب کرامات

 

[اجايا اڏامڻ جا خيال ۽ ڪرامتون، دعوائون ۽ نعرا هڻڻ بند ڪر، اهي نوراني لاٽ ۽ چمڪاٽ، ٺٺ ٺانگر ڇڏي ڏي.]

 

(29)            

کرامات تو اندر حق پرستي است
جز آن کبر و ريا و عجبِ هستي است

 

عبادت عِلم ناهي لَئي ڪرامات
ڪرامات آهي مَڪر ۽ ڪِبرُ طامات

 

(30)            

در اين هر چيز کان نه ز باب فقر است
همه اسباب استدراج و مکر است

 

[هن رستي تي جيڪڏهن فقر کان سواءِ ٻي ڪا به شيءِ آهي ته اها سڀ ٺڳي، مڪر ۽ فريب آهي.]

(31)             

ز ابليس لعنتي بي شهادت
شود صادر هزاران خرق عادت

 

ڪري ابليس ملعون پڻ ڪرامت
هزارين ٿو ڪري اُو خَرق عادت

 

(32)            

گه از ديوارت آيد گاهي از بام
گهي در دل نشيند گه در اندام

 

[ڪڏهن هو ديوارن جي مٿان اُڀو پيو سڏي ته ڪڏهن ڇت تي بيٺو آهي، ڪڏهن هو دل ۾ گهڙي ٿو اچي ته ڪڏهن سَنڌن ۾ سمايو وڃي.]

 

(33)            

همي ‌داند ز تو احوال پنهان
در آرد در تو فسق و کفر و عصيان

 

[هن کي تنهنجي اندر جي هر قسم جي حال جي خبر آهي، اهوئي تو کي گناھ، نافرمانيءَ ۽ ڪفر جي پٽي پڙهائي ٿو.]

 

(34)            

شد ابليست امام و در پسي تو
بدو ليکن بدينها کي رسي تو

 

[شيطان تنهنجو اڳواڻ آهي ۽ تون هن جي پويان آهين، پر تون هن سان ڪهڙين ڳالهين ۾ پهچي ٿو سگهين.]

 

(35)            

کرامات تو گر در خودنمائي است
تو فرعوني و اين
دعويٰ خدائي است

 

ڪرامات آهي اصلي خُود نمائي
ڪري فرعونُ ڄڻ دَعوا خُدائي

 

(36)            

کسي کو راست با حق آشنائي
نيايد هرگز از وي خود نمائي

جنهين جي آهي حق سان آشنائي
ٿئي هرگز نه اُن کان خُود نمائي

 

(37)            

همه روي تو در خلق است زينهار
مکن خود را درين علت گرفتار

 

اِنهي لئي مُنهن رکين منجھ خَلق ٿو تون
۽ ويهين عام سان منجھ دَلق ٿو تُون

 

(38)            

چو با عامه نشيني مسخ گردي
چه جاي مسخ يک ره فسخ گردي

 

ڪندين جي اِيئَن ته ٿيندين مَسخ ۽ فَسخ
بَتَر اُن کان تُون ٿيندين نَسخ ۽ رَسخ

 

(39)            

مبادت هيچ با عامت سروکار
که از فطرت شوي ناگه نگونسار

 

[توکي نٿو جڳائي ته تون انهن عامين سان گڏ هجين، ڇو ته ان سان تون پنهنجي اصليت وڃائي ويهندين.]

(40)            

تلف کردي به هرزه نازنين عمر
نگوئي در چه کارست اين چنين عمر

 

[تو پنهنجي پياري عمر ائين اجائي وڃائي ڇڏي، تون ڇا ٻُڌائيندين ته مون پنهنجي حياتي ڪيئن صرف ڪئي.]

 

(41)             

به جمعيت لقب کردند تشويش
خري را پيشوا کردي زهي ريش

 

[هنن پنهنجي پريشان خياليءَ کي سڪون جو نالو ڏنو آهي، تون گڏھ کي پنهنجو اڳواڻ ٺاهيو آهي، سندس ڏاڙهي ته ڏس.]

 

(42)            

فتاده سروري اکنون به جهال
ازين گشتند مردم جمله بدحال

 

[هاڻي اڳواڻي ۽ رهبري جاهلن جي هٿ آئي آهي، ان ڪري سڄي خلق پريشان حال آهي.]

 

(43)            

نگر دجال اعور تا چگونه
فرستاده است در عالم نمونه

 

[تنهنجي نگاهن ۾ دجال ڪاڻي جا ڪارناما آهن، اهي ئي تنهنجي لاءِ مثالي حيثيت رکن ٿا.]

(44)            

نمونه باز بين اي مرد حساس
خر او را دان که نامش هست جساس

 

[هن جي نموني ۽ طور طريقي کي ڏس، اي سمجھدار! جيڪو پاڻ کي ٻين لاءِ جاسوس سمجھي ٿو ان کي گڏھ سمجھ.]

 

(45)            

خران را اين همه تنگ آن خر
شده از جهل پيش‌ آهنگ آن خر

 

[بس، ائين سمجھ سڀ گڏھ هڪ رسيءَ ۾ ٻڌل آهن، اهي هڪ ٻئي پٺيان ان هڪ گڏھ جي پويان وڃي رهيا آهن.]

(46)            

چو خواجه قصئه آخر زمان کرد
به چندين جا ازين
معنيٰ نشان کرد

 

[جڏهن اسان جي هڪ چڱي مڙس اهو قصو ٻڌايو، تڏهن اهي سڀ پار پتا به ٻڌائي ڇڏيا.]

 

(47)            

ببين اکنون که کور و کر شبان شد
علومِ دين همه بر آسمان شد

 

[هاڻي ڏس ته سڀ انڌا ۽ منڊا اچي رکوال ٿيا آهن، ان ڪري سڀ علم اڏامي آسمان تي هليا ويا آهن.]

 

(48)            

نماند اندر ميانه رفق و آزرم
نمي دارد کسي از جاهلي شرم

 

[دنيا مان هر قسم جي نيڪي ۽ شرم و حيا گم ٿي ويا آهن، هاڻي ڪنهن کي پنهنجي جھالت تي شرم ڪونه ٿو اچي.]

(49)            

همه احوال عالم باژگون است
اگر تو عاقلي بنگر که چون است

 

[هن سموري جڳ جھان جا احوال هيٺ مٿي ٿي ويا آهن، جيڪڏهن تون عقل وارو آهين ته ان تي غور ڪر ته ائين ڇو ٿيو آهي.]

 

(50)            

کسي کزباب لعن و طرد و مقت است
پدر نيکو بد، اکنون شيخ وقت است

 

[هينئر جيڪو پنهنجي عملن ڪري بدنام ۽ قابلِ نفرت آهي، اهو شيخ بنجي ويٺو آهي ڇو ته سندس پيءَ نيڪ آدمي هو.]

 

(51)             

خضر مي کشت آن فرزند طالح
که او را بُد پدر با جد صالح

 

[خضر ته ان نافرمان پٽ کي ماري ڇڏيو هو، جنهن جو پيءُ ۽ ڏاڏو بيشڪ نيڪ انسان هئا.]

(52)            

کنون با شيخ خود کردي تو اي خر
خري را کز خري هست از تو خرتر

 

[هاڻي اهو حال آهي جو تون ان کي پنهنجو شيخ قرار ڏنو آهي، جيڪو گڏهپائي ۾ پاڻ ٻين کان ٻه هٿ اڳتي آهي.]

(53)            

چو او لا يعرف الهر من البّر
چگونه پاک گرداند ترا سر

 

[هينئر جڏهن هو ٻليءَ ۽ ڪوئي ۾ فرق نٿو ڪري سگهي، ته اهو تنهنجي اندر کي ڪيئن خراب نه ڪندو!]

(54)            

اگر دارد نشان باب خود پور
چه گويم چون بود
نور علي نور

 

[جيڪڏهن پٽ ۾ پيءَ جي ڪا نشاني آهي ته پوءِ ان کي نور عليٰ نور‘ سراسر روشني ڪيئن نه چئبو!]

(55)            

پسر کو نيک راي و نيک‌بخت است
چو ميوه زبده سر درخت است

 

[اهڙو پُٽ جيڪو نيڪ ۽ نيڪ جنت آهي ته ان کي هر ڪوئي سٺي وڻ جو ميوو پيو چوندو.]

 

(56)            

وليکن شيخ دين کي گردد آن کو
نداند نيک از بد بد ز نيکو

 

[پر ان کي دين جو رهبر يا شيخ ڪيئن سڏبو، جيڪو چڱائي بُرائي ۾ فرق نٿو ڪري.]

 

(57)            

مريدي علم دين آموختن بود
چراغ دل ز نور افروختن بود

 

[مريديءَ جو مطلب ڪڏهن دين جي علم جي ونڊ ڪرڻ هئي، بلڪ دل جي ڏيئي کي روشن ڪرڻ مقصد هوندو هو.]

 

(58)            

کسي از مرده علم آموخت هرگز
ز خاکستر چراغ افروخت هرگز

 

[اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ڪو مُردن کا علم پرائي، ڀلا تيل بجاءِ خاڪ مان ڏيئو ڪيئن ٿو ٻاري سگهجي.]

(59)            

مرا در دل همي گردد بدين کار
ببندم در ميانِ خويش زنار

 

[منهنجي دل ۾ تڏهن کان اهو خيال اچي ويٺو آهي ته ڇو نه آءٌ به جسم تي جڻيو ٻڌي گهمان.]

(60)            

نه زآن معني که من شهرت ندارم
بلي دارم ولي زان هست عارم

 

[اهو ان ڪري نه ته مون کي ڪو سڃاڻي نٿو، بلڪ ان ڪري ته مون کي شهرت حاصل آهي ۽ آءٌ ان کان ڀڄڻ چاهيان ٿو.]

(61)             

شريکم چون خسيس آمد درين کار
خمولم بهتر از شهرت به بسيار

 

[جيئن ته منهنجو واسطو ان ڪميڻائپ سان پيو آهي، ان ڪري مون کي گمنامي شهرت کان گهڻو سٺي لڳي ٿي.]

 

(62)            

دگر باره رسيد الهامم از حق
که بر حکمت مگير از ابلهي دق

 

[ليڪن مون کي ساڳئي وقت خدا جي طرفان اها هدايت به ملي آهي، ته دانائيءَ ۾ ڪڏهن به نادان کان ڊڄڻ نه کپي.]

 

(63)            

اگر کناس نبود در ممالک
همه خلق اوفتند اندر مهالک

 

[جيڪڏهن دنيا ۾ صفائي ڪرڻ وارو ئي نه هجي ته جيڪر سموري خلق خدا جي هلاڪ ٿي ختم ٿي وڃي.]

(64)            

بود جنسيت آخر علت ضم
چنين آمد جهان والله اعلم

 

[ساڳئي قسم جي سوچ رکڻ سان انسان هڪ ٻئي جي ويجھو اچن ٿا، جھان جو اهوئي قاعدو آهي وڌيڪ بهتر الله ڄاڻي ٿو.]

 

(65)            

وليک از صحبت نا اهل بگريز
عبادت خواهي از عادت بپرهيز

 

ادا نا اَهل جي صحبت کان ٿي ڏُور
عبادت چاهين، ٿي عادت کان مَهجُور

 

(66)            

نگردد جمع عادت با عبادت
عبادت ميکني بگذر ز عادت

 

نه گڏجن مُور عادت ۽ عبادت
عبادت جي ڪرين ڪر تَرڪ عادت

 

 

اشارت به ترسائي

عيسويت (غير مذهب) مان ڇا مراد آهي؟

(67)            

ز ترسائي غرض تجريد ديدم
خلاص از ربقئه تقليد ديدم

 

آهي معنيٰ ته ترسائيءَ جي تَجريد
خَلاصي آهي اُوءَ کان قيدَ تقِليد

 

(68)            

جناب قدس وحدت دير جان است
که سيمرغ بقا را آشيان است

 

[ذات قدس جي وحدت ئي روح جو اصلي گهر آهي، سيمرغ جي بقا جو اهوئي آشيانو يا آکيرو آهي.]

(69)            

ز روح ‌الله پيدا گشت اين کار
که از روح القدس آمد پديدار

 

اِها ٿي اَصل رُوح الله جي ڪار
جو رُوح القُدس کؤن هِت ٿيو پديدار

 

(70)            

هم از الله در پيش تو جاني است
که از روح القدوس وي نشاني است

 

آهي تو ۾ به اُن الله جي جان
جا روح القدس جو پڻ نشان

 

(71)             

اگر يابي خلاص از نفس ناسوت
در آئي در حياب قدس لاهوت

 

خلاصي پائين جي، کان نفس ناسُوت
گِهڙين تُون منجھ جناب قُدس لاهُوت

 

(72)            

هر آنکس کو مجرد چون ملک شد
چو روح الله بر چارم فلک شد

 

مُجردّ کي شَرف ٿيو پڻ ملڪَ تي
چڙهي عيسيٰ جانۡ اُوچو ٿين فلڪَ تي

 

 

تمثيل

سمجھاڻي

(73)            

بود محبوس طفل شيرخواره
به نزد مادر اندر گاهواره

پِئي ٿو ٻارُ جيسين کِير ۽ قَند
رهي ٿو ماءُ وٽ پينگهي ۾ اُو بند

 

(74)            

چو گشت او بالغ و مرد سفر شد
اگر مرد است همراه پدر شد

 

ٿِئي بالغ جڏهن، سنبري سَفر تي
گھُمي پيءُ ساڻُ گڏ بَر ۽ بحر تي

 

(75)            

عناصر مر ترا چون ام سفلي است
تو فرزند و پدر آباي علوي است

 

عناصر ماءُ تُنهنجي اُمّ سفلي
۽ پِيءُ اَفلاڪ ٿيا آبائي علوي

 

(76)            

از آن گفته است عيسيٰ گاه اِسرا
که آهنگ پدر دارم به بالا

 

چيو ان لاءِ اَسريٰ وقت عِيسيٰ
ته آءٌ پِيءُ ڏي وڃان ٿو سوُئي بالا

 

(77)            

تو هم جان پدر سوي پدر شو
پدر رفتند همراهان پدر شو

 

تُون پڻ اُٿي هَلُ پنهنجي پِيءُ ڏي
ويا همراھ نڪري سڀ سفر تي

 

(78)            

اگر خواهي که گردي مرغ پرواز
جهان جيفه پيش کرکس انداز

 

گھرين حاصل ڪرڻ جي مرتبو اِيءُ
ته تارڪُ دوستَ هِن دنيا جو تُون ٿئي

 

(79)            

به دونان ده مر اين دنياي غدار
که جز سگ را نشايد داد مردار

 

تَعلّقَ سڀ تُون ڇَڏ اُن جا وساري
حَسَب توڙي نسب ڪر سڀ ڪناري

 

(80)            

نسب چبود تناسب را طلب کن
به حق رو آور و ترک نسب کن

 

نَسب کي ڇڏ، مُناسب جي طَلب ڪر
وٺي حقُ تَرڪ تُون سڀ ڪو نسب ڪر

 

(81)             

به بحر نيستي هر کو فرو شد
فلا انساب نقد وقت او شد

 

[جيڪو (سالڪ) نيستي يا فنا جي ساگر ۾ غوطه زن ٿئي ٿو، اهو سڀني لڳ لاڳاپن ۽ مٽين مائٽين کان آجو ٿي پوي ٿو.]

(82)            

هر آن نسبت که پيدا شد ز شهوت
ندارد حاصلي جز کبر و نخوت

 

نَسب ٿيا هِن سڀئي شهوت مان پيدا
سڏين هڪڙي کي اَمان ٻئي کي بابا

 

(83)            

اگر شهوت نبودي در ميانه
نسبها جمله  مي گشتي فسانه

 

[جيڪڏهن شهوت کي عمل دخل نه هجي ها ته جيڪر رشتا ڪونه هجن ها، بلڪ انسانيت ختم ٿي وڃي ها.]

(84)            

چو شهوت در ميانه کارگر شد
يکي مادر شد آن ديگر پدر شد

 

[اها شهوت سبب انساني ڪارڪردگي آهي، جو هڪڙو فرد پيءَ بنجي پوي ٿو ۽ ٻيو ماءُ!]

(85)            

نمي‌گويم که مادر يا پدر کيست
که با ايشان به عزت بايدت زيست

 

[مان نٿو پڇان ته تنهنجا ماءُ پيءُ ڪير آهن؟ ليڪن هنن جي هر حال ۾ عزت ڪرڻي آهي.]

(86)            

نهاده ناقصي را نام خواهر
حسودي را لقب کرده برادر

 

چوين ناقص ضعِيفه کي تون خواهر
۽ حاسد پنهنجي کي ڪوٺِين برادر

 

(87)            

عدوي خويش را فرزند خواني
ز خود بيگانه خويشاوند خواني

 

سڏين تُون پنهنجي دشمن کي ٿو فرزند
جي سمجھين خويشَ، سي بيگانا منجھ فَند

 

(88)            

مرا باري بگو تا خال و عم کيست
او زيشان حاصلي جز درد و غم چيست

 

ٻُڌائج ڪير آهن خال ۽ عَم
خَلل کان هي نه خالي، هُو نه کان غَم

 

(89)            

رفيقاني که با تو در طريقند
پي هزل اي برادر هم رفيقند

 

[تنهنجا سالڪ دوست هر وقت تو سان گڏ آهن، اهي خوامخواه تو سان کل ڀوڳ ۽ مزاح ۾ به شامل آهن.]

 

(90)            

به کوئي جد اگر يک دم نشيني
ازيشان من چه گويم تا چه بيني

 

[تون جيڪڏهن ائين ٿوري دير لاءِ به هنن جو ساٿي بنجندو رهندين مان ڇا چوان ته تو کي ڇا حاصل ٿيندو؟]

(91)             

همه افسانه و افسون و بند است
بجان خواجه کاينها ريشخند است

 

[هاڻي اهي سڀ رشتا ناتا ۽ دوستيون بي معنيٰ آهن، قسم هن سهڻي سردار جو ته اهي سراسر فضول آهن.]

(92)            

بمردي وا رهان خود را چو مردان
وليکن حق کس ضايع مگردان

 

اِهي دنيا سان شامل، ترڪ سڀ ڪر
ڇڏائي پاڻ، حق جي هامَ تون ڀَر

 

(93)            

ز شرع ار يک دقيقه ماند مهمل
شوي در هر دو کون از دين معطل

 

ادبُ بيشڪ رَکج تُون ماءُ پيءُ جو
وٺي مَرُ حقُّ شرعي توکان سڀ ڪو

 

(94)            

حقوق شرع را زنهار مگذار
وليکن خويشتن را هم نگهدار

 

سڀئي حق شرع جا بيشڪ بجا ڪر
مگر حقُ پنهنجو فرضي پڻ اداَ ڪر

 

(95)            

سوزن نيست الا مايئه غم
بجا بگذار چون
عيسيٰ مريم

 

[گهر ٻار ۾ ڪجھ نه رکيو آهي، بلڪ هر لحاظ کان ڏچو ۽ ڏک آهي، تون حضرت عيسيٰ وانگر ٿيءُ ۽ گهر تڙ کي تياڳ ڏي!]

 

(96)            

حنيفي شو ز هر قيد مذاهب
درآ در دير دين مانند راهب

 

حنيفي ٿي ڇڏي قَيد مذاهب
مَڙهي ۾ دين جي رھُ تون ٿي راهِب

 

(97)            

ترا تا در نظر اغيار و غير است
اگر در مسجدي آن عين دير است

 

نظر ۾ تُنهنجي جيسين ٿو رهي غَير
آهي مسجد به تُنهنجي لاءِ هڪ دَير

 

(98)            

چو برخيزد ز پيشت کسوت غير
شود بهر تو مسجد صورت دير

 

[جڏهن تنهنجي اکين تان غيريت جو پردو کڄي ويندو، تڏهن تو کي مسجد ۾ به مڙهيءَ جي صورت نظر ايندي.]

(99)            

نمي دانم بهر حالي که هستي
خلاف نفس بيرون کن که رستي

 

[مون کي خبر ناهي تون ڪهڙي حال ۾ گذارين ٿو، پر رڳو نفس جي مخالفت ڪر ته ڇوٽڪارو لهندين.]

(100)         

بت و زنار و ترسايي و ناقوس
اشارت شد همه با ترک ناموس

بُت ۽ زنّار، تَرسائي ۽ ناقُوس
اِشارا سڀ ٿيا ڏنهن ترڪ ناموس

(101)          

اگر خواهي که گردي بندهء خاص
مهيّا شو براي صدق و اخلاص

 

جي ڀانئين ٿين خُدا جو بنده خاص
ته پيدا پاڻ ۾ ڪر صِدقُ اِخلاص

 

(102)         

برو خود را ز راه خويش برگير
بهر يک لحظه ايماني ز سر گير

 

[پاڻ کي پنهنجي خوديءَ کان بچاءِ ان رستي تي هلڻ ڇڏ، هر گهڙيءَ اهڙي ايمان جي راھه تي گامزن ٿيءُ.]

(103)         

بباطن نفس تو چون هست کافر
مشو راضي به دين اسلام ظاهر

 

اَندر ۾ نَفسُ آهي تُنهنجو ڪافر
ڪبو ڇا دينُ ۽ اسلام ظاهِر

 

(104)         

ز تو هر لحظه ايمان تازه گردان
مسلمان شو مسلمان شو مسلمان

 

نئين سِر هر گھڙي ڪر تازو اِيمانُ
مسلمان ٿيءُ، مسلمان ٿيءُ، مسلمانُ

 

(105)         

بسي ايمان بود کز کفر زايد
نه کفر است آن کزو ايمان فزايد

 

ڪڏهن اِيمانُ پَيدا ڪفر مان ٿئي
نه اهڙي ڪُفر کي پڻ ڪُفر چئجي

 

(106)         

ريا و سمعته و ناموس بگذار
بيفگن خرقه و بربند زنار

 

رِيا ناموس عِزّت کان ٿي بيزار
ڇَڏي خَرقو خُودي جو ٻَڌ تُون زنّار

 

(107)         

چو پير ما شو اندر کفر فردي
اگر مردي بده دل را به مردي

 

اسان جي پِير جانۡ ٿي ڪُفر ۾ فَرد
ٿي تابع مَرد جو، جي آهين تُون مَرد

 

(108)         

مجرد شود ز هر اقرار و انکار
به ترسازاده ده دل را به يک بار

 

مُجّرد ٿي ڪَنا اِقرار اِنڪار
۽ تَرسازادي کي دل ڏي تون يڪبار

 

 

اشارت به بت

بُت جي اشاري مان ڇا مراد آهي؟

(109)         

بت ترسابچه نوري است ظاهر
که از روي بتان دارد مظاهر

 

[بُت يا نوخيز ۽ نوجوان ۾ جيڪا ظاهري چمڪ نظر اچي ٿي، اهي سڀ بُتن جا دل لڀائيندڙ مظهر آهن.]

(110)          

کند او جمله دلها را وشاقي
گهي گردد مغني گاه ساقي

 

بُتن ۾ حقُ سَدا آهي اوطاقي
ڪڏهن مُغبّچو ٿئي ۽ ڪڏهن ساقي

 

(111)           

زهي مطرب که او از نغمئه خوش
زند در خرمن صد زاهد آتش

 

عجب مُغبّچو مُطرب ڳائڻو آھ
وجھي زاهِد جي دل ۾ عِشق جي باھ

 

(112)          

زهي ساقي که او از يک پياله
کند بيخود دو صد هفتاد ساله

 

عجب ساقِي، جو سَؤ وَرهن جا پوڙها
ڪري بيهوش ۽ گُنگا ۽ ٻوڙا

 

(113)          

اگر در مسجد آيد در سحرگاه
بنگذارد در او يک مرد آگاه

 

وڃي جي مَدرسي مَسجد ۾ ڪاهي
فقيهن عابِدن جي لا کَ لاهي

 

(114)          

شود در خانقه مست شبانه
کند افسون صوفي را فسانه

 

[اهڙي سهڻي صورت وارو جڏهن خانقاه ۾ داخل ٿئي ٿو، ته اتي به هو صوفيءَ جي دنيا کي تباھ ڪري ڇڏي ٿو.]

(115)          

رود در مدرسه چون مست مستور
فقيه از وي شود بيچاره مخمور

 

پياري مَئي ڪري سڀني کي مخمُور
وَسائي مسجد ۽ مَيخاني ۾ نُور

(116)          

ز عشقش زاهدان بيچاره گشته
ز خان و مان خود آواره گشته

 

[ويچارا زاهد انهن جي صورت ۾ گرفتار ٿي، پنهنجا گهر ٻار ۽ سڀ حال احوال وڃائي ويهن ٿا.]

(117)          

يکي مؤمن دگر را کافر او کرد
همه عالم پر از شور و شر او کرد

ڪري هڪڙي کي مومن ٻئي کي ڪافر
اندر هرڪنهن جو سڀ نڪري ٿئي ٻاهر

 

(118)          

خرابات از لبش معمور گشته
مساجد از رخش پر نور گشته

 

[ميخانا هن جي چپن جي ڪشش سان آباد آهن، مسجدون هن جي چھري جي روشنيءَ سان منور آهن.]

(119)          

همه کار من از وي شد ميسر
بدو ديدم خلاص از نفس کافر

[منهنجا سڀئي ڪم هن جي ڪري سولا ٿي پيا، هن جي ڪري مون کي پنهنجي نفس ڪافر کان ڇوٽڪارو ملي ويو آهي.]

(120)         

دلم از دانش خود صد حجب داشت
ز عجب و نخوت و تلبيس و پنداشت

 

[هن کان اڳ منهنجي دل ۾ وڏو تڪبر ۽ وڏائي هئي، منهنجي اندر ۾ شيطاني غرور ۽ گهمنڊ ڀريل هئا.]

(121)          

در آمد از درم آن بت سحرگاه
مرا از خواب غفلت کرد آگاه

 

گِھڙي مون وٽ اُهو پڻ آيو ناگاھ
مُون کي ڪيئَن خواب غفلت جي کان آگاھ

 

(122)         

ز رويش خلوت جان گشت روشن
بدو ديدم که تا خود چيستم من

 

سندس مُنهن کان ٿي خلوت منهنجي روشن
ڪيو تنهن نور روشن منهنجو تَن مَنُ

 

(123)         

چو کردم در رخ خوبش نگاهي
برآمد از ميان جانم آهي

 

ٿِيا معلوم مُون کي عيبَ پنهنجا
رِيا ۽ مَڪر، ڪُوڙو زُهد تقويٰ

 

(124)         

مرا گفتا که اي شياد و سالوس
بسر شد عمرت اندر نام و ناموس

 

[هن مون کي مخاطب ٿيندي چيو اي دغا باز ۽ فريبي تنهنجي سموري عمر ٺڳي ۽ مڪاري ۽ ظاهري ناموس ۾ گذري آهي.]

(125)         

ببين تا علم و زهد و کبر و پنداشت
ترا اي نارسيده از که وا داشت

 

[تون پاڻ ڏس ته تو کي ان علم ۽ ظاهر پرستيءَ، تڪبر ۽ وڏائيءَ تو کي مقصد کان ڪيترو دور رکيو آهي.]

(126)         

نظر کردن به رويم نيم ساعت
همي ارزد هزاران ساله طاعت

 

[حالانڪ تنهنجي چھري کي هڪ پل ڏسڻ به هزارين سالن جي عبادت برابر آهي.]

(127)         

علي الجمله رخ آن عالم آراي
مرا با من نمود آن دم سر وپاي

 

[اهو چوڻ ڇا هو، ان تي هن جو کليل چھرو مڪمل طور مون کي نظر آيو.]

(128)         

سيه شد روي جانم از خجالت
ز فوت عمر و ايام بطالت

 

ٻُڌايئَين پاڻ پڻ اِيءَ منهنجي حالت
ٻُڌي سڀ اُن کان ٿي مون کي خجالت

 

(129)         

چو ديد آن ماه کز روي چو خورشيد
که به بريدم من ز جان خود اميد

ڏٺئين مون کي جڏهن بيدل بي آرام
تڏهن مون کي ڏنئين جُودون ڀري جام

(130)         

يکي پيمانه پر کرد و به من داد
که از آب وي آتش در من افتاد

 

لڳي جنهن آبَ کان اُتِ مون ۾ آتش
پيڻ سان سُرڪَ هِڪَ آءٌ ٿي ويس غَش

 

(131)          

کنون گفت از مي بيرنگ و بي بوي
نقوش تختئه هستي فرو شوي

 

[تڏهن هن مون کي هڪ پيالو ڏيندي چيو، هن بي رنگ ۽ بي بوءِ شراب کي پيءُ ۽ پنهنجي هستيءَ کي وڃاءِ!]

(132)         

چو آشاميدم آن پيمانه را پاک
در افتادم ز مستي بر سر خاک

 

نشي کان تنِهنجي آءٌ ليٽيس مٿي خاڪ
ٿيسُ مَئي پي فنا وحدت سندي پاڪ
 

(133)         

کنون نه نيستم در خود نه هستم
نه هشيارم نه مخمورم نه مستم

 

نه هاڻي نيست آهيان آءٌ نڪي هست
نه هُشيار آهيان نه مخمورُ نه مَست

 

(134)         

گهي چون چشم او دارم سر خوش
گهي چون زلف او باشم در آتش

 

ڪَڏهن نا خُوش رهان ٿو ۽ ڪڏهن خُوش
ڪڏهن حيرانُ ۽ ڪڏهين مُشوش

 

(135)         

گهي از خوي خود در گلخنم من
گهي از روي او در گلشنم من

 

[ڪڏهن آءٌ پنهنجي مزاج جي مجبوري سبب باھ جي کوريءَ ۾ آهيان، پر ڪڏهن هن جي ديدار سان گلن جي باغ بستان ۾ آهيان.]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15  
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org