سيڪشن: تصوف

ڪتاب: معارف

باب:

صفحو:21 

وَيَمْنَعُونَ الْمَاعُونَ  (7:107:30)

[ترجمو: ۽ معمولي نفعي واري شيءِ (به ٻئي کي) گهرڻ سان نه ٿا ڏين.] ۾ داخل آهي.

               سلطان الاولياء فرمايو: ڪنهن متعصب ۽ متڪبر گمراهه کي هدايت ڪرڻ جو ارادو ڪرين، جيئن ڪي ظاهر وارا ڪندا آهن ته ان جو طريقو هي آهي ته صبر ڪر ۽ سواليءَ جهڙي صورت بناءِ ته جيئن هو تو مان فائدو وٺي سگهي ۽ حق کي سوچي. منهنجي مُرشد (خواجه ابوالمساڪين قدس سره جن) مون کي اها ڳالهه سيکاري هئي، جنهن وقت ڪنهن ظاهري مذهب واري شاگرد پنهنجي تحرير ۾ غلطي ڪئي هئي. پوءِ مون ائين ڪيو، جنهن سان غلطيءَ جي درستي ٿي وئي.

   ­            آئـون چـوان ٿـو ته: زنـديقـن وارو طـريقو اختيار نه ڪـري، جنهن جو تفسير اسان بي وقوفيءَ سان ڪيو آهي ۽ اهو ظاهر جي خلاف آهي. پر اهڙو طريقو اختيار ڪجي، جيڪو دل کي وڻي. جنهن کي فقهه حنفيءَ ۾ استحسان (سهڻو طريقو) چيو ويو آهي ۽ ان جو تفسير ھي ڪيو اٿن ته (جڏهن) باطن غالب راجح هجي ته ظاهر کي ڇڏي ڏجي.

                سلطان الاولياء فرمايو: وقت جي بادشاهه، خواجه حافظ (شيرازي) جي بيت ۾ شيرازي محبوب کي سمرقند ۽ بخارا ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ٻُڌ! اهو بيت هن طرح آهي:

اگر آن ترکِ شيرازي بدست آرد دل مارا

بخالِ هندوش بخشم سمر قند وبخارا را.

[معنيٰ: جيڪڏهن اهو شيرازي محبوب منهنجي دل کي خوش ڪري ته ان جي ڪاري تر جي عيوض سمر قند ۽ بخارا بخشي ڇڏيانس.]

هاڻي غور ڪر، [120] هن ۾ انڪار جهڙي ڪهڙي شيءِ آهي؟ پوءِ (پاڻ ئي سلطان اولياء) فرمايو ته نه، ملڪ ۾ شرڪت نه هجڻ سبب بادشاهه راضي نه ٿيو.

آئون چوان ٿو: الله  تعاليٰ فرمايو آهي:

مَا جَعَلَ عَلَيْكُمْ فِي الدِّينِ مِنْ حَرَجٍ    (78:22:17)

[ترجمو: الله تعاليٰ اوهان تي دين ۾ ڪابه تنگي نه رکي آهي.]

(امام) رازي جي ڪتاب “اصول” ۾ لفظ “حل” ۽ “حرج” جي معنيٰ ڏسڻ گهرجي.

ٻي جاءِ تي الله تعاليٰ فرمايو آهي:

فَأَيْنَمَا تُوَلُّوا فَثَمَّ وَجْهُ اللَّهِ (115:02:01)

[ترجمو: اوهين جيڏانهن به مُنهن ڪريو، تيڏانهن الله جو مُنهن آهي.]

حافظ شيرازي رندي خيالن جو مالڪ آهي، جنهن تي رد ڪد مناسب نه آهي ۽ مذڪوره تعبير جيڪو بيت ۾ ذڪر ڪيل آهي اهو حافظ جو آهي، بيت جي اها  معنيٰ عام مجاز واري طريقي موجب ڪيل آهي. پر اهو مطلب هرگز نه ورتو وڃي ته ڪو اهو ڪوڙ آهي.

      سلطان الاولياء فرمايو: عبادت ۾ جلدي ڪرڻ رسول الله ﷺ جن جي سنت آهي. پوءِ توکي ڪهڙي شيءِ حق کان پري ڪيو آهي. (جو تون عبادت ۾ جلدي نه ٿو ڪرين) واجب آهي ته اصل ڏانهن موٽڻ گهرجي.

               سلطان الاولياء فرمايو: کاڌي کائڻ وقت ذڪر ائين هجي جو ڄڻ نعمتون ڪندڙ جي نعمتن جو مشاهدو پيو ٿئي.

   ­            آئون چوان ٿو ته :    اهو مضمون هنن ٻن بيتن ۾ آهي:

چون   خوري   نان    مخور    جز   ياد     دوست

منعم اندر نعمتش بين عطش صافي تيره جو ست

[معنيٰ: جڏهن کاڌو کائين تڏهن دوست جي يادگيريءَ کان سواءِ نه کاءُ، نعمت ڪندڙ کي نعمت اندر ڏس، گھڻي اڃ ۽ بُک لاٿي اٿس.]

چيست   کوثر   ديدن      واحد     در   کثير

ثم وجہ الله بخواني اجنبي چيست اي فقير

[معنيٰ: اي فقير! ڪوثر ڇا آهي؟ (خير ڪثير) وحدت ۾ ڪثرت جو نالو آهي، پوءِ “ثم وجھ الله” واري آيت پڙهه، اجنبي ڪير ٿيندو آهي؟]

مُلاّ عبدالحڪيم ‘خيالي’ جي حاشيي ۾ لکيل آهي ته ٻانهن جا فعل به حقيقت ۾ الله جا فعل آهن. پوءِ تون نسبت جي حفاظت وارو ٿيءُ ۽ اها نسبت قدرِ مشترڪ جو نالو آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: حاضر جي سڏ جو جواب (ڪاوڙ ۾) ٻوڏ آهي. (جيئن ته ٻوڏ يا ڦوَٽُ! جو لفظ جواب ۾ وڏي آواز سان هوندو آهي ۽ اهو خراب آهي. ائين وڏي آواز سان ذڪر ڪرڻ به نقشبندي سلسلي ۾ سُٺو نه آهي) پوءِ خفي (يعني آهستي) ذڪر ڀلو آهي جلّي (يعني ڏاڍيان ذڪر ڪرڻ) کان.

   ­            آئون چوان ٿوته: نقشبندي، زيديءَ (وڏي آواز ۾ ذڪر ڪندڙ) کان ڀلو آهي. هن مان معلوم ٿيو ته ذڪر ڪهڙو هجي ۽ ڪهڙي طريقي سان الله جو ذڪر ڪجي.

                  سلطان الاولياء فرمايو: جڏهن ماڻهو توکي ٺيڪ ڏسڻ ۾ اچي ته پوءِ سندس عيبن جي اُپٽار نه ڪر.

آئون چوان ٿوته: حديث شريف ۾ آهي ته:

خذ ما صفا دع ما کدر

[ترجمو: صاف کي وٺ ۽ خراب کي ڇڏ.]

هڪڙي فقير کي ڪنهن شخص چيو ته جيڪو سخي تنهنجي خدمت ڪري ٿو. گويا اُن تنهنجي ڌيءُ کي ماري ڇڏيو. تڏهن فقير چيو ته ان مون کي مانيءَ جو ٽڪر ڏنو آهي، (پوءِ جيڪڏهن اهو) منهنجي پٽ کي به ماري ته ڪو حرج نه آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ مون تي احسان ڪيو آهي. مخفي نه هجي، ته حال واري صاحب جو انڪار نه ڪبو ۽ نه ان جي پوئلڳي ڪبي.

حافظ فرمايو آهي ته:[121]

        نيکي پير مغان بين که چو ما بد مستان

هر چه کرديم بچشم کر مش  زيبا  بود

 [معنيٰ: اسان جي مرشد جي اسان چرين سان ڀلائي ته ڏس! جو اسان جيڪي ڪجهه ڪريون ٿا، اُن جي ڪرم واري نگاهه سان اهو سٺو ٿي پوي ٿو.]

                 سلطان الاولياء فرمايو: اهو خيال نه ڪريو ته صُحبت جو زمانو ختم ٿيو آهي.

   ­            آئون چوان ٿوته: مولوي رومي چيو آهي:

        شاخ گل هر جاکه رويد هم گل است

خم مل هر جاکه باشد هم مل است

[معنيٰ: گل جي ٽاري جتي به ڦٽي اها به گل آهي. انگوري شراب جي سُرڪ جتي به آهي،  اها  ساڳي انگوري آهي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: ڪڏهن ڪڏهن قبض ۾ اهڙو حال ٿيندو آهي جو طالب طريقي کي ڇڏڻ جو خيال ڪندو آهي، پر (ان وقت) صبر ڪرڻ لازمي آهي.

 اي بسا ديري که افتد خوش ترازو زود

[معنيٰ: ڪڏهن دير جلديءَ کان ڀلي هوندي آهي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: وليءَ کي وليءُ سڃاڻيندو آهي. اوليائن جا گُفتا اولياءَ ئي سمجهندا آهن، ڇاڪاڻ ته هر جماعت جا پنهنجا اصطلاح آهن. پهريون تعين انسان آهي پوءِ ٻيو تعين طلب ڪريو ته ڇا ٿيندو، ڇاڪاڻ ته ٻيو تعين مستقل آهي يا پهرين جي تابع ۽ اُن مان ڦٽندڙ آهي.

   ­            آئون چوان ٿوته: مولوي رومي چيو آهي:

        علم اجمالي و تفصيلي بخوان

معنيٰ  ن  و القلم  هر دو بدان

[معنيٰ: اجمالي ۽ تفصيلي علم پڙهه، ”نّ و القلم“ جون ٻئي معنائون ڄاڻ.]

الله جي ذات احديت جو علم (حرف) “نّ” ۾ آهي ۽ ان جي صفتن جو علم (لفظ) “قلم” ۾ آهي. ان جو مثال هي آهي ته اجمالي علم ته ملعون ڪافرن کي به هوندو آهي، اهو علم يهودي، نصاري، مجوسي، صابئي، فلسفي ۽ سفسطي وغيره کي به مليل آهي. (مگر) اسلام جو تفصيلي ڪلمو انهن ۾ نه آهي، انهيءَ ڪري سڀني ۾ ڪفر موجود  آهي. مطلب ته ٻين شين سان گڏ ان مسئلي ۾ اجمال آهي، ليڪن اهو ان تفصيل کان زياده بهتر آهي جيئن ڪتاب ‘مطول’ ۾ ان جي وضاحت آهي.

 هن جاءِ تي ٽن مسئلن جو بيان ڪرڻ مناسب ٿيندو. پهريون مسئلو حُرمت جو آهي، ڪتاب ‘بحرالرائق’ ۾ آهي ته عربي ٻوليءَ کان سواءِ ايمان آندائين (ته ان جو ايمان) اجماعاً جائز آهي، ڇاڪاڻ ته (اصل) مقصد حاصل ٿي وڃي ٿو. ٻيو مسئلو مُبتدع (يعني بدعتي) جو آهي. بدعتي جو عقيدو اسلام وارو آهي، ڇاڪاڻ ته اسلام جي بنيادي عقيدن جي مخالفت نه ٿو ڪري،[122] اهو اجتهاد آهي مخالفت نه آهي. فاسق جا عقيدا صحيح هوندا آهن، پر غفلت جي ڪري اسلام جي احڪامن خلاف هلندو آهي. صحيح ۽ سالم اهو مسلمان آهي، جنهن جي اصل اسلام ۾ ڪو نقص نه هجي، باقي اجتهادي اختلاف جدا شيءِ آهي. استقامت جو مطلب آهي ته اصل اسلام تي مضبوطيءَ سان ڄميل هجي ۽ اصل جو نقص فرع جي نقص جي خلاف آهي. ٽيون مسئلو هي آهي ته چئني مذهبن مان جنهن به مذهب تي پاڻ هلي ٿو، اهو صحيح مذهب آهي، ٻيا صحيح نه آهن. ائين نه چوي جيئن ڪتاب ‘المواقف’ ۾ اهو مسئلو تحقيق سان بيان ڪيل آهي، پوءِ بدعت ۽ فسق جي ڪري جمهور وٽ مسلمان کي ڪافر ڪونه چئبو. اهو هن علمي ڳالهه جو مغز آهي، پوءِ سمجهه ڪر.

               سلطان الاولياء فرمايو: پاڻيءَ جو اوڀڙ، جنهن کي (سولي) سنڌيءَ ۾ “لوڙهه” چئبو آهي. طريقت جو مثال ان لوڙهه وانگر آهي، لوڙهه جو طالب پنن کان وٺي اُن جي اصل (پاڙ) تائين پُهچندو آهي. جيتوڻيڪ لوڙِهه جي پاڙ پاڻي ۾ اندر هيٺ زمين ۾ هوندي آهي، (تڏهن پٽڻ وارو) پن ڇڏي، پنهنجي اصل مقصد تي پهچندو آهي.

   ­            آئون چوان ٿوته: مولوي رومي چيو آهي:

        حق پديد است از ميان ديگران

همچو  مہ   اندر  ميان اختران

[معنيٰ: سڀني جي وچ ۾ حق (الله تعاليٰ) ائين ظاهر آهي، جيئن تارن جي وچ ۾ چنڊ ظاهر آهي.]

        مطلب ته حقيقت درياء يا ڍنڍ آهي ۽ مُرشد جي صورت ورق (پن) آهن، جنهن پنن جو خيال ڪيو، اهو اصل تائين پُهچندو. جيڪو اصل زمين سان پيوسته آهي. انهيءَ موجب صالح ٻانها ئي ان جا وارث ٿيندا. هر حال ۾ وڏي اصل کي ڏسو ۽ ان جا پوئلڳ ٿيو ته جيئن کاڌي واري نقطي (مقصد) تي پهچو.

مولوي رومي چيو آهي:

        گر خوري يکبار ز ان ماکول نور

خاک   ريزي  بر  سر  نانِ  تنور

[معنيٰ: جيڪڏهن تون هڪڙو دفعو اهو نور وارو کاڌو کائي ڏسين، ته جيڪر تنور واري مانيءَ تي مٽي وجهين.]

 

               سلطان الاولياء فرمايو: جيستائين تنهنجو (هلندڙ) ڪم پورو نه ٿئي، (تيستائين ڪنهن به ٻئي) ڪم ڏانهن نه وڌ. جيڪڏهن ائين نه ڪندين ته تون ماضي جو حساب نه ڪري سگهندين.

   ­            آئون چوان ٿو ته: (هن ڳالهه جو) اصل هي آيت سڳوري آهي:

وَمَن يَكْفُرْ بِالإِيمَانِ فَقَدْ حَبِطَ عَمَلُهُ (5:5:6)

[ترجمو: جيڪو مسلمانن مان (اسلام يا قرآن جي حڪم جو) انڪار ڪندو، تنهنجا سمورا عمل برباد ٿي ويا.]

هن مسڪين (گرهوڙي) جو شعر آهي:

پيش از تمام کار اگر بر کردي[123]

هر   چه   کردي   تمام   شر  کردي

[معنيٰ: ڪم پوري ٿيڻ کان اڳ ۾ جيڪڏهن تون اتان ٻاهر نڪري وئين ته جيڪي ڪجھ ڪيئي سو سڀ خراب ٿيو.]

 ”ومن فهم هٰذا فلا قرار لہ قبل الوصال فليفهم وهٰذا القدر من القول الفصل کاف لطالب الوصل

[جنهن به هي (ڪتاب پڙهيو ۽) سمجهيو، تنهن کي وصال کان اڳ ۾ قرار ڪونه ايندو، پوءِ سمجهه ڪر ۽ هن قولِ فِصل (يعني فَتحُ الفضل) مان وصل جي طالب لاءِ ايترو انداز ڪافي آهي.]

”گر بگويم شرح اين بي حد شود

[معنيٰ: جيڪڏهن آئون هن جو شرح بيان ڪريان ته اڻ کٽ  ٿي پوندو.]

والله الموفق

[بيشڪ الله ئي توفيق ڏيندڙ آهي.]

 

ڪاتب طرفان لکيل عبارت

تمت الڪتاب بعون الملڪ الوهاب

بدستخط ڪثير من الڪاتبين ماه ذي حج سن1202ھ مصنف الڪتاب مخدوم جامع العلوم، واقف اسرار رباني، ڪاشف رموز حقاني، رھنمائي شريعت، صاحبِ طريقت، شاھد معرفت، محقق حقيقت، موسس اساس صدق، و اسرار بياني و معاني، محبت و اتحاد مستغرق في المجاز، المرشد تالف بطريق المجاھدة، مرشدُ صاحب الارشاد، صاحبِ فھم السليم، مخدوم عبدالرحيم قدس الله تعالي سره

اين ڪتاب ما حق وملڪ برهان فقير ولد(يعقوب دل عرف) سعد الله ساڪن سکهيہ پور بهشتي است. [124]

ڪلماتِ قدسيه

يعني:

ارشادات سلطان الاولياء خواجه محمد زمان رحه

 لُواريءَ وارو

(1125ھ - 1188ھ = 1713ع - 1775ع)

 

عربيءَ ۾ مولف ۽ شارح:

 شيخ محمد عابد سيوهاڻي سنڌي مدني

1192ھ- /1778ع =1257ھ -1841ع)

تصنيف جو سال

1247ھ مطابق 1832ع

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

الحَمد لِلهِ رَبِّ العَالَمِينَ وَالصلوٰة وَالسّلام عليٰ سَيِّدِ المُرسَلِينَ مُحَمَّدٖ وَّآلہِ وَاَصحَابِہِ الطّاهِرِينَ الَّذينَ تَخَلَّقُوا بِاَخلَاقِ اللهِ رَضِيَ اللهُ عَنهُم وَرَضُواعَنہُ اُولائِڪَ هُمُ الفائِزُونَ.

 

سڀئي تعريفون خاص الله تعاليٰ لاءِ آهن، جيڪو جھانن جو پاليندڙ آهي. صلواتون ۽ سلام رسولن جي سردار محمّدﷺ تي ۽ سندن پاڪ اولاد ۽ اصحابن تي هجن، جيڪي سُهڻن اخلاقن سان سينگاريل آهن. الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اُهي الله کان راضي ٿيا ۽ اهي ئي ڪامياب آهن.

ڄاڻ ته هي ڪلماتِ (قدسيه) جيڪي مون زماني کي فيض ڏيندڙ، ڪُن فيڪون جي رازن جي واقف، قطبن جي قطب، سڀني جي رب جي محبوب، مخلوق جي غوث، حقيقتن جي سمنڊ جي ٽوٻي، ٻنهي نورن (ذات ۽ صفات) جي خزاني، ٻنهي سمنڊن (شريعت ۽ طريقت) کي مِلائيندڙ، عارفن ۾ عمده ۽ واصلين جي اڳواڻ،  عارف بالله، الله جي منزلن تائين پُهچائيندڙ، سلطان الاولياءُ، برگزيدن جي دليل، خدا جي محبوب، زماني جي مهدي، انبيائن جي وارث، خدا جي طالبن کي نفعو پُهچائيندڙ، هدايت لهندڙن جي مُرشد، مسلمانن جي هادي، الله تعاليٰ ڏانهن اسان جي وسيلي جا ٻُڌا.

گر کسي  وصف او زمن  پُرسد
بي لب و بي زبان  چه گويم  باز

[معنيٰ: جيڪڏهن ڪو مون کان هن جي تعريف پُڇي ته زبان ۽ چپن تي مُهر کان سواءِ  آئون ان کي ڇا ٻڌايان؟]

اسان جي حضرت مُرشدنا و مولانا (سلطان الاولياءَ خواجه محمد زمان) نورالله مرقده الله تعاليٰ سندس مزار (مبارڪ) کي روشن ڪري، الله تعاليٰ اسان تي ۽ سڀني مسلمانن تي ان جي فيض ۽ برڪتن جي پالوٽ ڪري.

يار احوال من جمله سراپا پُرسيد
بادشاهي  بکرم حال گدا  پُرسيد

[معنيٰ: سڄڻ مون کان سڀئي احوال پُڇيا، هن بادشاھ مهرباني ڪري فقير جي سار لڌي.]

اي که گوئي که  بپُرسيدن او غرّه  مشو
با منش گر نظري نيست چرا مي پُرسيد

[معنيٰ: تون هن جي پُڇڻ کي اجايو نه سمجھ، جيڪڏهن هن جي اسان ڏانهن نظر نه هجي ها ته ڇا جي لاءِ اسان جي خبر لهي ها؟]

موتين جي لڙهيءَ ۾ پوتل ڪلام (جيڪو منها سان شروع ٿئي ٿو اهو وڏي مرشد جو ڪلام آهي ۽ ان) کان پوءِ لفظ “قُلتُ” (آئون چوان ٿو) سان جيڪي شروع ٿئي ٿو سا اُنجي اُها تشريح آهي، جيڪا ان وقت (مرشد غوثِ عالم خواجه محمدزمان ثاني جي) حضور ۾ سمجھ ۾ آئي ۽ ٻين ڳالهين يا تشريحن جي ڀيٽ ۾ ترجيح ڏنم پر جيڪا تشريح ڪلام ۾ “اقول” جي لفظ سان لکيل آهي، سا اُها آهي جيڪا بعد ۾ پرپٺ لکي ورتم ۽ ٻنهي کي هڪ ئي سمجھڻ گھرجي، (ڇاڪاڻ ته) لفظي ۽ زباني اختلاف ڪا معنيٰ نه ٿو رکي.

همان سخن گويم شُنيدم ز پير
دروغي نه گويم بر آن  دستگير

[معنيٰ: مون پنهنجي مرشد کان جيڪا ڳالھ ٻُڌي آهي، سا چوان ٿو، ان دستگير تي ڪو به ڪوڙ نه ٿو هڻان.]

[ ارشادات ۽ سمجھاڻي ]

           سلطان الاولياء فرمايو: جنهن هن هڪڙي مصرع  تي عمل ڪيو ته ان هر علم جو نفعو حاصل ڪيو. اُها مصرع هي آهي:

 ”اَلاَ کُلُّ شيءِ مَا خَلا الله بَاطِل“

[معنيٰ: خبردار! الله کان سواءِ هر شيءِ بي بُنياد ۽ جُڙتو آهي.]

v  آئون چوان ٿو: مولوي رومي چيو آهي:

زندگي و مرگ باحق خوش بود
بي  خدا  آبِ  حيات   آتش  بود

[معنيٰ: زندگي ۽ موت ٻئي خدا جي تعلق سان سُٺا (وڻندڙ) آهن، خدا کان سواءِ آبِ حيات به باھ آهي.]

از خدا  غير  خدا  را   خواستن
ظن  افزوني است  کلي کاستن

[معنيٰ: خدا کان غير خدا کي گُھرڻ، غلط گمان ۽ ڪمزوريءَ کان سواءِ ڪجھ نه آهي.]

           سلطان الاولياء فرمايو: اسم اعظم الله تعاليٰ جو ذاتي نالو آهي [1] ۽ ٻيا اسم ان جو عڪس آهن. جيئن قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي:

إِنَّ الَّذِينَ قَالُوا رَبُّنَا اللَّهُ ثُمَّ اسْتَقَامُوا  41:29

[ترجمو: بيشڪ جن چيو ته اسان جو پاليندڙ الله آهي وري ان )عقيدي( تي قائم رهيا.]

انهيءَ ڪري نقشبندي بزرگ مريدن کي اسم ذات جي ياد ڪرڻ جو حڪم ڪندا آهن ۽ صفاتي نالن  تي زور نه ڏيندا آهن.

v   آئون چوان ٿو:

اسم اعظم چون کسي بشناسدش
سروري  بر کل   اسماء  باشدش

[معنيٰ: جنهن اسم اعظم کي سڃاتو ته پوءِ ٻين اسمن تي ڄڻ  بادشاهي حاصل ڪئي.]

          سلطان الاولياء فرمايو: صحبت اثر ڪندي آهي ماڻهو صحبت جو اثر قبول ڪندو آهي، پوءِ اُها ڪهڙي به صحبت هجي.

v  آئون چوان ٿو: مولانا رومي چيو آهي:

پيش اُستادي که اونحوي بود
جان شاگردش ازونحوي شود

[معنيٰ: جيڪڏهن نحوي (علم نحو جي ماهر) استاد جي اڳيان شاگرد ويهندو ته اهو به نحوي ٿي ويندو.]

پيش استادي که او محوي ره است
جان شاگردش از و محوي شھ است

[معنيٰ: پر جيڪڏهن گمراھ استاد جي اڳيان شاگرد ويهندو ته اهو شاگرد  گمراهن جو اڳواڻ ٿيندو.]

          سلطان الاولياء فرمايو: ضرورتون ادا ڪرڻ سان پوريون ڪونه ٿينديون پر اُهي ڇڏڻ سان پوريون ٿي وينديون آهن.

v  آئون چوان ٿو: بيبي عائشه رضه کان حديث شريف ۾ آهي ته:

بينَ امرين قط الاخذا يسرهما

[ترجمو: نبي ڪريم ﷺ هميشہ ٻن ڪمن مان سولو ڪم پسند ڪندا هئا.]

ترک کار خود بکن اي کارساز
ز انکه با سعيت نگردد کار باز

[معنيٰ: پنهنجا سڀئي ڪم خدا جي حوالي ڪر، ڇاڪاڻ ته تنهنجي ڪوشش سان ڪم نه ٿيندو، ( بلڪ ڌڻيءَ جي ڪرم سان ئي ٿيندو)]

           سلطان الاولياء فرمايو: ذڪر ۽ فڪر کان سواءِ مرشد ۾ سچو عقيدو عظيم نعمت آهي.

v  آئون چوان ٿو:مڪتوبات احمدي’ ۾ لکيل آهي ته ‘فنا في الشيخ’ جو مقدمو ائين

آهي، جيئن ‘فنا في الله’ جو مقدمو آهي.

          سلطان الاولياء فرمايو: جڏهن آسمان کي اکين سان ڏسون ٿا ته پوءِ ان ڏانهن آڱر کڻڻ جي ضرورت نه آهي.

v  آئون چوان ٿو: ان قول مان مطلق ۽ فقط وحدانيت مراد آهي. جنهن جو واسطو دل

سان آهي ۽ اهو اضافتن ۽ اسبابن کي ڇڏڻ آهي. جيئن چيو ويو آهي ته مدلول جيموجود هجڻ وقت دليل طلب ڪرڻ اجايو ۽ خراب آهي. معلوم تائين پهچڻ کانپوءِ

ان جي علم ۾ مشغول ٿيڻ گھٽتائي آهي. الله تعاليٰ جو علم هر شيءِ کي گھيريندڙ آهي.

حق پديد است از ميان ديگران
همچو مہ  اندر ميان  اختران

[معنيٰ: سڀني شين جي وچ ۾ حق ائين ظاهر آهي جيئن ستارن جي وچ ۾ چنڊ ظاهر آهي.]

            سلطان الاولياء فرمايو: فقيرن جي عادت ڪاوڙ جي وقت بُردباري ڪرڻ آهي پر جنهن تي الله تعاليٰ ڪنهن تي ناراض ٿيو ته ان تي هو به ڪاوڙبا آهن.

v  آئون چوان ٿو: رسول الله ﷺ پنهنجي ذات لاءِ ڪنهن کان به انتقام ۽ بدلو نه

ورتو.

هيچ قومي را خدا رسوا نکرد
تا   دل  صاحبدلِ   نايد  بدرد

[معنيٰ: خدا ڪنهن به قوم کي تيستائين خوار نه ڪندو آهي، جيستائين اهي ماڻهو ڪنهن الله واري کي ڏکوئيندا  نه آهن.]

           سلطان الاولياء فرمايو: ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي کاڌي تي هٻڇ ڪندا آهن ۽ جانورن وانگر سڻڀ کي پسند ڪندا آهن.

v  آئون چوان ٿو: جيئن وڏي مرشد فرمايو آهي ته گھڻو کاڌو پيشاب ۽ غلاظت  کي

وڌائيندو آهي، پوءِ ماڻهو قضا حاجت ڏانهن گھڻو محتاج ۽ مجبور ٿيندو آهي ۽ گھڻو سڻڀ رڳو ڪيئان وڌائڻ جو ڪم ڪندو آهي. حديث شريف ۾ آهي ته:

سيکون من بعدي اقوام يحبون السُّمَان

[ترجمو: مون کانپوءِ اهڙي قوم ايندي جيڪا سڻڀ کي گھڻو پسند ڪندي.]

[جيئن محقق درالمنتقيءَ ۾ چيو آهي ته، بيشڪ سڻڀ کائڻ مڪروھ آهي ۽ ‘تفسير حسيني’ ۾[2] آهي ته، هڪ ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا (ماني) کائڻ کي (بزرگن) اسراف (فضول) سمجھيو آهي.]

گرچه خدا گفت کلوا واشربوا
ليک نفرمود  کلوا  تا  بگلو

[معنيٰ: جيتوڻيڪ الله تعاليٰ فرمايو آهي:”کائو ۽ پيئو“ پراهو ڪٿي فرمايواٿس ته ايترو کائو جو کاڌو نڙيءَ سان اچي لڳي.]

خوردن براءِ  زيستن و شکر کردن است
تو معتقد که زيستن از بهر خوردن است

[معنيٰ: کائڻ، پيئڻ ۽ جيئڻ، شڪر ڪرڻ واسطي آهي پر تنهنجو خيال آهي ته جيئڻ، کائڻ پيئڻ لاءِ آهي.]

          سلطان الاولياء فرمايو: جنهن ماڻهوءَ وٽ رزق جي ڪشادگي ۽ حشمت آهي ته ان کي اهڙي ڪشادگيءَ تي الله جو شُڪر ادا ڪرڻ گھرجي. ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ رزق اهڙي جاءِ تان ڏيندو آهي جتان انسان جو گمان ئي ڪونه هوندو آهي ۽ شڪر سان الله تعاليٰ رزق ۾ واڌارو ڪندو آهي. جيڪڏهن رزق ۾ ڪشادگيءَ نه آهي ته صبر ڪري، (ڇو ته) ان لاءِ صبر ۾ ئي ڀلائي آهي.

جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي:

لَئِن شَكَرْتُمْ لَأَزِيدَنَّكُمْ )ابراهيم14:6(

[ترجمو: جيڪڏهن اوهين (منهنجو) شڪر بجا آڻيندؤ، ته آئون اوهان کي وڌائيندس.]

قدسي حديث ۾ آهي ته: من لم يصبر عليٰ بلائي و لم يشڪر عليٰ نعمائي فليخرج تحت السمائي فليطلب رباَ سوائي.

[ترجمو: جنهن منهنجي مصيبت تي صبر نه ڪيو ۽ منهنجي نعمتن جو شڪر نه ڪيو، پوءِ ان کي گھرجي ته منهنجي آسمان هيٺان نڪري هليو وڃي ۽ ٻيو ڪو وڃي رب ڳولهي.]  

v  آئون چوان ٿو: مرشد سائين ٻنهي ڪمن ۾ توڪل جو ارادو بيان ڪيو آهي.

چون  ترا  اقبال کرده  اوري
شاد مي زي کي  تو باشد سروري

[معنيٰ: جڏهن تنهنجو ڀاڳ تنهنجو مددگار آهي، پوءِ توکي ان تي خوشي ڪرڻ گھرجي.]

و از تو اقبال رُو واپس کشيد
پس نبايد  مر ترا هل من مزيد

[معنيٰ: جيڪڏهن تنهنجي ڀاڳ پوئتي موٽڻ واري ڪئي ته پوءِ توکي “اڃان وڌيڪ اڃان وڌيڪ” ڪم نه ايندي.]

             سلطان الاولياء فرمايو: الله تعاليٰ جنهن جو نفس هڪڙي رنگ وارو بنايو آهي، اهو نقصان کان بچي ويو. جيڪو ٻن رنگن ۾ پيو (يا ٻن رنگن وارو ٿيو يا منافق ٿيو) اهو هلاڪ ٿيو.

v  آئون چوان ٿو: مولانا رومي چيو آهي:

ظاهر و  باطن  اگر  باشد  يکي
نيست کس را در نجاة او شکي
[معنيٰ: جنهن جو ظاهر ۽ باطن هڪ آهي، ان جي ڇوٽڪاري ۾ ڪنهن کي شڪ نه هجڻ کپي.]

هڪ سنڌي بزرگ ڪهڙو نه سٺو مقولو (بيت) چيو آهي:

اندر وهاري ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنج جي
اهڙو کوٽو ٿانءُ، ڀڃي  ڀورا  نه ڪرين

             سلطان الاولياء فرمايو: جيڪو گدرو چورائيندو ان لاءِ ڪياڙيءَ تي ٻنهي هٿن جو ڌڪ (لپاٽ) ڪافي آهي. ڇاڪاڻ ته اُها چوري هٿ وڍڻ جيتري نه آهي ۽ اُها چوريءَ جي نصاب کي نه ٿي پهچي.

v  آئون چوان ٿو: ان مان مراد خطا جي وقت معافي آهي.

جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي:

وَلْيَعْفُوا وَلْيَصْفَحُوا أَلاتُحِبُّونَ أَن يَغْفِرَ اللَّهُ لَكُمْ وَاللَّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ  )النور:22(

[ترجمو: ۽ کين گھرجي ته معاف ڪن ۽ درگذر ڪن. ڇا اُهي هيءَ ڳالھ پسند نٿا ڪن ته الله اوهان کي معاف ڪري ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.]

بدي را بدي سهل  باشد  جزا
اگر مردي احسن اليٰ من اسا

[معنيٰ: برائي جو بدلو بُرائي ڪرڻ آسان آهي، جيڪڏهن مڙس آهين ته بُرائي ڪرڻ واري سان ڀلائي ڪر.]

الله تعاليٰ فرمايو آهي:

وَجَزَاءُ سَيِّئَةٍ سَيِّئَةٌ مِّثْلُهَا فَمَنْ عَفَا وَأَصْلَحَ فَأَجْرُهُ عَلَى اللَّهِ  الشوريٰ: 40

[ترجمو: نقصان جو بدلو به اھوئي ۽ اوتروئي هئڻ گھرجي (نه وڌيڪ) پر جيڪڏهن ڪو معاف ڪري ڇڏي ته ۽ ٺاھ به ڪري ڇڏي ته هن کي الله وٽان اجر ملندو.]

             سلطان الاولياء فرمايو: ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي دنيا جي محبت ۾ مخلوق جي طمع ۽ لالچ نٿا ڇڏين. (اُهي) ماڻهن کان سوال ڪن ٿا ۽ پاڻ کي متوڪل سمجھن ٿا پر (حقيقت ۾) انهن دنيا حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا کي ڇڏيو آهي.

ترک  دنيا   بمردم  آموزند
خويشتن سيم وغله اندوزند

[معنيٰ: دنيا ڇڏڻ ڪو اهڙن مردن کان سِکي، جيڪي پنهنجي چاندي (دولت) ۽ اناج  خدا جي راھ ۾ ڏئي ڇڏيندا آهن.]

آئون چوان ٿو: حديث شريف ۾ آيو آهي ته:

”حب الدنيا راس کل خطيئة

[ترجمو: دنيا جي محبت هر بُرائي جي پاڙ آهي.]

 ٻي حديث ۾ آهي ته:

لان ياخذ احدکم جبلاً فياتي بخرمة حطب عليٰ ظهرہ فبيعها خير من ان يسال الناس

[ترجمو: ماڻهن کان سوال ڪرڻ کان هيءَ ڳالھ ڀلي آهي ته توهان رسي وٺي ڪاٺين جي ڀري پُٺن تي کڻي اچي بازار ۾ وِڪڻو]

 ۽ ٽين حديث ۾ آهي ته:

سوال حرام ولو من الابوين

[ترجمو: سوال ڪرڻ حرام آهي ڀلي کڻي اهو ماءُ پيءُ کان ڇو نه هجي.]

فقھ جي ڪتاب “ڪنز” ۾ آهي ته جنهن ماڻهو وٽ هڪڙي ڏينهن جو کاڌو آهي، ان لاءِ سوال ڪرڻ جائز نه آهي.

طمع را سه حرف است هر سه تهي
از آن  نيست  مر مطمعان را بهي

[معنيٰ: طمع ۾ ٽي اکر آهن ۽ ٽئي خالي آهن (ڪنهن ۾ به نقطوناهي).انهيءَ ڪري ڍاول به بکيا ئي هوندا آهن.]

            سلطان الاولياء فرمايو: گھڻا [3] ماڻهو نفس جي مطلب لاءِ ايندا آهن، سچي طلب سان نه ايندا آهن. پوءِ جڏهن انهن کي مراد حاصل ٿيندي آهي ته خوش ٿيندا آهن، جيڪڏهن نه ته ناراض ۽ ناخوش ٿيندا آهن. بيشڪ ثواب حاصل ڪرڻ لاءِ ٻن ڪمن جو اهم هجڻ لازم آهي. جيئن رستقانيءَ ۾ آهي ته جڏهن (ڪو) جمع نماز جي پڙهڻ لاءِ شهر ڏانهن ويو پئي پر ان کي شهر ۾ ٻيو ڪم به هو. هاڻي ارادي جي اعتبار کان ڏسبو ته هن جي نظر ۾ ڪهڙو ڪم وڌيڪ اهم آهي، ان مطابق کيس اجر ملندو. ائين شيخ علي قاريءَ “شرح علي المبين المعين لفهم الاربعين للنووي” ۾ لکيو آهي.

آئون چوان ٿو: قرآن شريف ۾ به الله تعاليٰ فرمايو آهي:

 وَمِنَ النَّاسِ مَن يَعْبُدُ اللَّهَ عَلَىٰ حَرْفٍ فَإِنْ أَصَابَهُ خَيْرٌ اطْمَأَنَّ بِهِ وَإِنْ أَصَابَتْهُ فِتْنَةٌ انقَلَبَ عَلَىٰ وَجْهِهِ خَسِرَ الدُّنْيَا وَالْآخِرَةَ  ذَ‌ٰلِكَ هُوَ الْخُسْرَانُ الْمُبِينُ [الحج:11]

[ترجمو: ۽ ماڻهن مان ڪو اهڙو به آهي جو هڪ ڪناري تي (ناقص يقين سان) الله جي عبادت ڪري ٿو پوءِ جيڪڏهن کيس ڪو نفعو پهچندو آهي. ته ان سان فرحت ملندي اٿس، ۽ جيڪڏهن ان تي ڪا آزمائش ايندي آهي ته پنهنجو مُنهن ڦيريندو آهي. (ائين) دنيا ۽ آخرت وڃائيندو آهي ۽ اهو ئي پڌرو نقصان آهي.]

 مولانا جامي چيو آهي:

شرط طلب ترک دوئي کردن است
روئي  ارادت  بيک  آوردن  است

[معنيٰ: طلب جو شرط ٻيائي کي ڇڏڻ آهي، ارادي جو مُنهن هڪ طرف ڪرڻ ۾آهي.]

گر ھمہ  آفاق  در آغوش تو
باشد و آن چيز فراموش تو

[معنيٰ: جيتوڻيڪ سڄو جھان تنهنجي هنج ۾ هجي ته به توکي اها شيءِ (جهان) وسارڻ گھرجي.]

غايت  آگاهي  تو   غافلي   است
حاصل اوقات تو بي حاصلي است

[معنيٰ: تنهنجي آگاهي جي پڄاڻي بي خبري آهي تنهنجي وقت جو حاصل ۽ نتيجو ڪجھ به نه آهي.]

            سلطان الاولياء فرمايو: نفس جا ٽي قسم آهن. پهريون نفس اَمّارَه آهي ۽ ٻيو لوّامَہ ۽ ٽيون نفس مُطمئنّہ آهي.

v  آئون چوان ٿو:  اَمّارَه اهو نفس آهي جيڪو الله تي يقين نٿو ڪري ۽ الله جي حُڪمن مطابق حدون قائم نٿو ڪري. (جيئن قرآن شريف ۾ آهي):

وَمَا أُبَرِّئُ نَفْسِي إِنَّ النَّفْسَ لَأَمَّارَةٌ بِالسُّوءِ. يوسف:53

[ترجمو: ۽ آءٌ پنهنجي نفس کي بي قصور نٿو چوان بيشڪ نفس ئي ته بُرائي جو گھڻو حڪم ٿو ڪري.]

نفس لوَّامَہ سڀني ڪمن ڪارين ۾ نفس مُطمئنّہ ۽ اَمّارَه جي وچ تي هوندو آهي. اهو سٺا ڪم به ڪندو آهي ۽ گناھ ٿي پوڻ تي پاڻ کي ملامت به ڪندو آهي.

گاه کرد خلم و گاهي حلم را
گاه  ناداني  و گاهي  علم را

[معنيٰ: ڪڏهن ڪاوڙ ۽ ڪڏهن بردباري ڪندو آهي. ڪڏهن ناداني ۽ ڪڏهن سمجھ ڪندو آهي]

ٽيون قسم نفس مُطمئنّہ آهي. مطمئنّہ اهو نفس آهي جيڪو الله جي ذڪر سان اطمينان حاصل ڪندو آهي ۽ ماسويٰ الله کان ڪنارو ڪندو آهي. جيئن قرآن شريف ۾ آهي:

أَلَا بِذِكْرِ اللَّهِ تَطْمَئِنُّ الْقُلُوبُ )  الرعد:28(

[ترجمو: خبردار ٿيو! الله کي ياد ڪرڻ سان ئي دلين کي آرام ملي ٿو.]

حديث شريف ۾ هن ڳالھ ڏانهن اشارو آهي ته جڏهن نفس امَّاره کي ايمان جي صفت حاصل ٿيندي آهي تڏهن نفس مطمئنہ ٿي پوندو آهي. ڇو ته ان جي بي اطمينائيءَ جو سبب ختم ٿي ويو. “اصول الحڪم” ۾ آهي ته علت (سبب) جي ختم ٿيڻ سان اصل ڳالھ به ختم ٿي وڃي ٿي. نبي ڪريمﷺ ارشاد فرمايو ته:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 32 31 30 29 28 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org