سيڪشن: تصوف

ڪتاب: معارف

باب:

صفحو:32 

ڪلماتِ قدسيه جو عربي عڪس

 

بيڪ ٽائيٽل

        ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو (جنم پهرين سيپٽمبر 1951) رٽائرڊ فيڊرل سيڪريٽري آهي، هو شاهه عبداللطيف ۽ مولانا جلال الدين روميءَ جو فڪري مطالعو جي موضوع تي ڊاڪٽريٽ جي سَند رکي ٿو، ‘سنڌ ۾ تصوف جا اهم فڪري ماخذ’ سندس دلچسپيءَ جو خاص موضوع آهي ۽ انهيءَ سلسلي تحت سنڌ جي وڏن صوفين ۽ عالمن جا هيٺيان ڪتاب سندس وڏي محنت ۽ تحقيق سان شايع ٿي چڪا آهن.

(1) بيان العارفين ملفوظات شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو

(2) منهاج المعرفت شاهه لطف الله قادري

(3) مڪمل شرح ابيات سنڌي شيخ عبدالرحيم گرهوڙي

(4) رساله فتحيه- مخدوم فتح محمد

(5) احوال و آثار عبدالقادر بيدل (فارسي)

(6) ينابع الحياة الابديہ- ابوالحسن ڏاهري- ٽي جلد

(7) شاهه جو رسالو- سمجهاڻي ۽ مفهوم سميت- مثنوي روميءَ جي روشنيءَ ۾

        ڊاڪٽر صاحب جي انهن گرانقدر خدمتن جي اعتراف ۾ پاڪستان سرڪار کيس 2011ع ۾ ‘ستاره امتياز’ سان نوازيو آهي- سومري صاحب هينئر سنڌي ادبي بورڊ ۽ اقبال اڪيڊمي پاڪستان جو ميمبر آهي ۽ ان سان گڏ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ ورثي جي تحقيقاتي اداري (Institute of Heritage Research) جو اعزازي چيئرمين پڻ آهي.

        موجوده ڪتاب ‘سنڌ ۾ تصوف جي تاريخ‘ جي اهم ڪڙي آهي، جنهن کي ڊاڪٽر صاحب وڏي محنت ۽ عرقريزيءَ سان روشناس ڪرايو آهي.

- ادارو

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 32 31 30 29 28 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org