سيڪشن: تصوف

ڪتاب: معارف

باب:

صفحو:15 

الله تعاليٰ فرمايو آهي:            وَلِكُلٍّ وِجْهَةٌ هُوَ مُوَلِّيهَا  (148:02:02)

 [ترجمو: سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جو مُنهن ان طرف آهي جنهن جو وارث الله آهي.]

(ٻي آيت مبارڪ آهي):  وَإِنَّ الَّذِينَ اخْتَلَفُوا فِي الْكِتَابِ لَفِي شِقَاقٍ بَعِيدٍ  (176:02:02)

[ترجمو: تحقيق اهي ماڻهو جن ڪتاب ۾ اختلاف ڪيو، اُهي گهڻي ضد ڪري تمام پري وڃي پيا آهن.]

(ٻئي هنڌ الله تعاليٰ فرمائي ٿو)  فَأَيْنَمَا تُوَلُّوا فَثَمَّ وَجْهُ اللَّهِ (115:02:01)

[ترجمو: اوهين جيڏانهن به مُنهن ڦيرايو، تيڏانهن الله جي ذات (چهرو) آهي.]

ابيات (رومي):

اي برادر اين خلافات از چه خواست
زانکه  کلي  گونه  گونه  جزء هاست

[معنيٰ: اي ڀاءُ! هي اختلافات ڪٿان اُٿيا، ڇاڪاڻ ته هو پاڻ ڪُلي آهي ۽ هي سڀ رنگارنگيون سندس جُزا آهن.]

اختلاف  مؤمن  و گبر و يهود
از نظر گاه است اي مغز وجود

[معنيٰ: مومن، پارسي ۽ يهودي جو (مذهبي) اختلاف جلوه گاه جي ڪري آهي، ڇو ته اهو هر جاءِ تي الڳ الڳ آهي.]

گم شوي  در ذات  آسائي  ز خود
جمله را يک رنگ بيني نيک و بد

[معنيٰ: جيڪڏهن تون الله جي رنگ ۾ گم ٿيندين ته آرام لهندين، هر چڱي شيءِ ۽ بُڇڙي شيءِ کي هڪ رنگ ۾ ڏسندين.]

دو مگو و دو مخوان و دو مدان
بنده را در خواجئه خود محو دان.

[معنيٰ: تون ٻه نه چئو، ٻه نه پڙهه ۽ ٻه نه سمجهه، انسان کي الله جي ذات ۾ فاني ڄاڻ.]

عاشق و معشوق هم ذاتِ تو است
و اين برو نيها همہ  آفات تو است.

[معنيٰ:عاشق ۽ معشوق  ٻئي تنهنجي ذات ۾ آهن، باقي هي ٻاهريون شيون سڀ تو لاءِ مصيبتون آهن.]

هر وجودي کز عدم بنمود سر[64]
بر يکِ زهر است  بر ديگر  شکر

[معنيٰ: هر وجود جيڪو عدم مان پيدا ٿئي ٿو، هڪ جي لاءِ زهر آهي ته ٻي جي لاءِ مٺاڻ آهي.]

ديدهِ  مجنون اگر  بودي  ترا
جمله عالم بي خطر بودي ترا

[معنيٰ: جيڪڏهن توکي مجنون واريون اکيون هجن ها ته سڄو جهان تولاءِ ساڳيو بي خطر هجي ها.]

چون محمد پاڪ شد از نار و دود
هر کجا  رو کرد  وجهہ  الله  بود

[معنيٰ: جڏهن محمد ﷺ جي هستي باهه ۽ دونهين کان پاڪ ٿي، تڏهن جيڏانهن به مُنهن ڪيائين اُتي الله کي ڏٺائين.]

او نه اين ست ونه آن اوساده ست
نقش تو در پيش  تو بنهاده  ست

[معنيٰ: الله تعاليٰ هينئن ۽ هونئن (پيچيده) نه آهي، هو صاف سڌو آهي، تنهنجي صورت تنهنجي اڳيان موجود آهي.]

آئينه بي رنگ شد يا بد بها
که نمايد رنگها را  بي خطا

[معنيٰ: آئينو بي رنگي (صفائي) جي ڪري قيمت حاصل ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته بي رنگي (صاف هجڻ) جي ڪري ئي ان ۾ صحيح رنگ ڏسڻ ۾ اچن ٿا.]

هيچ کس را تا نگردد او فنا
نيست ره دربار گاهِ کبريا

[معنيٰ: جيستائين ڪو ماڻهو فنا نه ٿيندو، تيستائين الله جي درگاهه ۾ هن کي واٽ نه ملندي.]

هيچ  قلبي پيش  حق  مردود  نيست
زانکه غرضش از خريدن دور نيست

[معنيٰ: الله وٽ ڪابه دل رد ٿيل نه آهي، ڇاڪاڻ ته انسان جيڪي گھري ٿو سو الله جي قبول ڪرڻ کان پري نه آهن.]

تو مگو مارا بدان شهه بار نيست
با  کريما  کار ها  دشوار  نيست.

[معنيٰ: اي انسان! تون ائين نه چئو ته مون لاءِ الله جي درگاهه ۾ جاءِ نه آهي، سخين وٽ اُهي ڪم هرگز ڏکيا نه آهن.]

               سلطان الاولياء فرمايو: مفتي اهو آهي جو ٻيو مفتي ان کي فتويٰ کان نه روڪي.

آئون چوان ٿوته: الله تعاليٰ فرمايو آهي:

قُلِ اللَّهُ يُفْتِيكُمْ فِي الْكَلَالَة     (176:04:06)

[ترجمو: اي پيغمبر ﷺ! تون چئو ته الله اوهان کي ان ماڻهو جي ميراث بابت فتويٰ ڏئي ٿو ( جيڪو مري وڃي ۽ پويان ماءُ، پيءُ ۽ اولاد نه ڇڏي.)]

بيوقوف ماڻهو پنهنجي ئي جواب سان سڃاتو ويندو آهي ۽ اهو جواب ماٺ ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته ماٺ اسلام جو اصل آهي ۽ بهشت ۾ پهچڻ لاءِ ڇوٽڪاري جو سبب آهي. رند اهو آهي جنهن کان سندس تيزفهميءَ جي ڪري بيوقوفي ٿئي ۽ اهو رند فقيهه کان ڀلو آهي. ڇاڪاڻ ته استحسان (رند جي تيزفهمي) فقهه جي قياس تي ترجيح رکي ٿي. جيئن اصول ۽ فروع جي ڪتابن ۾ آهي. هن بيان مان معلوم ٿيو ته بيشڪ اجمال تفصيل کان ڀلو آهي.

حديث شريف ۾ آهي:                 خيرالکلام ما قل ودل

[ترجمو: سڀ کان ڀلو ڪلام اهو آهي جيڪو لفظن ۾ ٿورو هجي پر ان ۾ گھڻي معنيٰ هجي.]

هن طرح بيان ڪرڻ ته علمن جا نالا انهن جا مسميٰ (ذات) آهن. اهو هڪ اجمالي قاعدو آهي جيڪو پنهنجي ضد (مخالف) کان وڌيڪ ترجيح رکي ٿو. اهو ٻُڌائي ٿو ته علمن جو مسميٰ هڪ مقرر قاعدو آهي، جيڪو ڦيرڦار کان خالي آهي. پهريون قاعدو ان جي اُبتڙ آهي. انهيءَ ڪري ڪتاب ‘غنيةالطالبين’ جيڪو شيخ محي الدين عبدالقادر جيلاني جي تصنيف آهي. جنهن جي طبيعت ۾ جوش ۽ جولان هو. الله مٿس رحمت ۽ مغفرت ڪري ۽ اسان به سندس رحمت ۾ ساڻس گڏ هجون. هو چوي ٿو ته ڪوڙو امين پنهنجي ڳالهه تي ويهه سال ثابت قدم رهندو آهي ۽ سچو هڪ سال به ثابت رهڻ جي طاقت نه رکندو آهي، سال ڇا بلڪ هڪ ڏينهن ۽ هڪ گهڙي به ثابت رهڻ جي سگهه نه رکندو آهي.

الله تعاليٰ فرمايو آهي:[65]

كُلَّ يَوْمٍ هُوَ فِي شَأْنٍ   (29:55:27)

[ترجمو: الله تعاليٰ هر ڏينهن نرالي شان ۾ هوندو آهي.]

 هر لحظه مرا تازه خدائي دگر است

[معنيٰ: هر گهڙي منهنجو خدا نئين شان وارو آهي]

اين چنين است آن چنان است   يار  بي پروائي ما
عالم  بي قيد  را کر دند  شان ماوائي ما

[معنيٰ: ڪڏنهن هِن شان ۾ ۽ ڪڏهن هُن شان ۾ آهي اهو منهنجو بي پرواھ دوست آهي. هن اسان جي رهائش واري بي قيد جهان کي اسان لاءِ جاءِ بنايو آهي.]

الله تعاليٰ فرمايو:

أَلا إِلَى اللَّهِ تَصِيرُ الأُمُورُ  (53:42:23)

[ترجمو: خبردار! توهان جا سڀئي ڪم الله ڏانهن ئي موٽن ٿا.]

امور تي جيڪو الف ۽ لام آيو آهي سو عام جي لاءِ آهي، جيئن اصول ۾ آهي. “تصير” فعل مضارع آهي جيڪو تجدد ۽ نواڻ جي معنيٰ ڏيکاري ٿو. مطلب ته هرگهڙي اسان جا ڪم ان ڏانهن ئي موٽن ٿا. “الي الله” جو لفظ بلاغت جي حساب سان جار ۽ مجرور آهي، تنهن ڪري حصر لاءِ اڳ ۾ آندو ويو آهي، جيئن (مطول) بلاغت جي ڪتابن ۾ آهي.

الله تعاليٰ فرمايو آهي:

أَفَعَيِينَا بِالْخَلْقِ الأَوَّلِ بَلْ هُمْ فِي لَبْسٍ مِّنْ خَلْقٍ جَدِيدٍ  (15:50:26)

[ترجمو: ڇا اسين پهرين ڀيري پيدا ڪرڻ کان عاجز ٿي وياسين؟ بلڪ اهي ڪافر ته اصل ۾ نئين سر پيدائش بابت شڪ ۾ پيل آهن.]

گفت  پيغمبر که   دنيا  ساعت  است
پس بهر دم مردن است و رجعت است

[معنيٰ: حضرت محمد ﷺ جن فرمايو آهي ته دنيا هڪ گھڙي آهي. پوءِ هر گھڙي مرڻ ۽ موٽڻ آهي.]

 ڪتاب ‘هداية الفقہ’ ۾ آهي ته علم ڪلام موجب: “ان العرض لا يبقيٰ زمانين” يعني عرض ٻه زمان (گھڙيون) باقي نه رهندو آهي. ان نظريي تي اعتراض ڪندڙن جو چوڻ  قرآن جي ظاهر جي برخلاف آهي جنهن ۾ خالي حس تي ڀروسو ڪيو ويو آهي، جيڪو اعتزال جو عين آهي.

 ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته نظام معتزلي جو قول مون وٽ معتبر آهي. اهو قول هي آهي ته “جهان باهمي عرضن جو گڏ ٿيڻ آهي. جنهن ۾ ڪو به جوهر نه آهي.” نظام جو اهو قول ڪوڙ مان هڪ سچ آهي. مطلب ته نظام جو اهو ڪلام سچ آهي. هونئن وٽس ڪيترائي ڪوڙ سمايل آهن. باقي نظام اها غلطي ڪئي جو انهن جي قيام جي نسبت الله ڏانهن نه ڪيائين ۽ انسان ڪامل کي ان عرض کان ٻاهر نه ڪڍيائين، ڇاڪاڻ ته انسان ڪامل جوهر آهي.

جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي:

اللَّهُ نُورُ السَّمَاوَاتِ وَالأَرْض  (35:24:18)

[ترجمو: الله تعاليٰ آسمانن ۽ زمين جو نور آهي.]

ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:

كُلُّ شَيْءٍ هَالِكٌ إِلا وَجْهَهُ    (88:28:20)

[ترجمو: الله پاڪ جي ذات کان سواءِ ٻي هر ڪا شيءِ فنا ٿيڻي آهي.]

اهو نور ۽ مُنهن ڪامل انسان جي دل آهي.

 جيئن مولوي رومي چيو آهي:

دل نبا شد غير آن درياء نور

[معنيٰ: دل نور جي درياءَ کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ نه آهي.]

انهيءَ ڪري ‘مجاهد’ چيو آهي ته آيت ۾ جيڪو لفظ ”وجهه“ آيو آهي، اهو رباني عالمن جو علم آهي ۽ حضرت علي ڪرم الله وجهه کان منقول آهي ته:

ان العلم يبقيٰ لا يزال

[علم هميشه رهندو، جنهن کي ڪو زوال نه آهي.]

        بني آدم از علم يا بدکمال

[معنيٰ: ماڻهو علم سان ئي ڪمال حاصل ڪندو آهي.]

علم جا ٻه قسم آهن، هڪ علم مجمل ۽ ٻيو مفصل. پهريون علم اول آهي ۽ ٻيو ان کان پوءِ اچي ٿو، انهيءَ ڪري اصول جو علم مجمل، فروع کان بهتر آهي جيڪو مفصل آهي. جيئن ڪتاب ‘تلويح’ ۾ آهي. توحيد جو بنياد غير الله کان ڪوتاهي آهي، جيئن نماز جو بنياد ساڪن ٿيڻ تي آهي نه سفر ڪرڻ ۾.

جيئن حديث قدسي ۾ آهي:

قِفُ يَا مُحَمَّدُ فَاِنَ اللهُ يُصَلِي“.

[ترجمو: اي محمد ﷺ بيهه! ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ صلواة پڙهي رهيو آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: طلب جو مدار مُرشد ۾ ڪامل ايمان رکڻ تي آهي. [66]

الله تعاليٰ فرمايو آهي:

وَمَن يُؤْمِن بِاللَّهِ يَهْدِ قَلْبَهُ    (11:64:28)

[ترجمو: جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ته ان جي دل کي الله سنئين واٽ لائيندو.]

مولوي جامي چوي ٿو:

لفظ الله صورتي کامل
اسم اسم دان پس از و مگسل

[معنيٰ: الله جو لفظ ڪامل جي صورت آهي، اسم فقط ان اسم کي سمجھ، پوءِ انهيءَ کان پاڻ کي جدا نه ڪر!]

جيڪو قرآن شريف کي اول کان آخر تائين سمجھندو، اهوئي انسان جي فضيلت کي ڄاڻندو. ڇاڪاڻ ته لفظ “بسم” جيڪو “بسم الله” ۾ آهي، ان مان انسان جو فضل مراد آهي. جيئن ڪتاب ‘رشحات’ ۾ آهي. ڪن عارفن کان به اها معنيٰ منقول آهي.

    ­            آئون چوان ٿوته : مولوي رومي چيو آهي:

چون خدا اندر نيايد درعيان
نائبِ حق اند اين پيغمبران

[معنيٰ: جڏهن الله تعاليٰ ظاهر ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي، تڏهن هي پيغمبر الله جا نائب ۽ رسول ٿي آيا آهن.]

ڪتاب ‘برهان الفقہ’ ۾ آهي ته قاضي ظاهري طور جيڪو محسوس ڪري ٿو، ان تي فيصلو ڏيندو آهي، پر جيڪا شيءِ حس کان ٻاهر آهي سا قاضيءَ کان ڳجھي آهي. ان جي قاضيءَ تي تڪليف نه رکي ويندي. باقي الله تعاليٰ لاءِ (قاضي يا ٻين) کي ان جهالت ۽ اڻڄاڻائي کان معذور نه سمجهيو ويندو. ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جا دليل ظاهر آهن. (انهيءَ ڪري جهل عُذر نه آهي.)

او را بچشم گرچه نديدند ليکش
از ديدن  جمال محمد  شناختند

[معنيٰ: الله تعاليٰ کي جيتوڻيڪ ظاهري اکين سان نه ڏٺو اٿن، پر ان کي محمد ﷺ جي سونهن وسيلي سڃاتو اٿن.]

اهڙيءَ طرح ڪتاب ‘اخبار الاخيار ۾ آهي. جيڪو شيخ عبدالحق (محدث) دهلوي جو جوڙيل آهي.

 الله تعاليٰ فرمايو آهي.

مَّن يُطِعِ الرَّسُولَ فَقَدْ أَطَاعَ اللَّهَ  (80:04:05)

[ترجمو: جنهن رسول جي پيروي ڪئي، ان تحقيق الله تعاليٰ جي پيروي ڪئي.]

ٻي جاءِ تي آهي

وَاعْلَمُوا أَنَّ فِيكُمْ رَسُولَ اللَّهِ   (07:49:26) 

[ترجمو: اي انسانؤ! سمجھي ڇڏيو ته اوهان ۾ الله جو رسول آهي.]

‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي ته اي انسان! تون پنهنجي پالڻهار جو نمونو آهين.

مَن عَرفَ نَفسَہ فَقَد عَرَفَ رَبَّہ

[ترجمو: جنهن پاڻ کي سڃاتو، تنهن پنهنجي پالڻهار کي سڃاتو.]

 شيخ سعدي چيو آهي:

حيرتم از خدائي بي چون است
کاين جمال آفريده در بشر است

[معنيٰ: آئون بيمثال خدا جي قدرت ۾ حيران آهيان ته هن پيدا ڪيل انسان ۾ اهو جمال رکيو آهي.]

مولوي رومي چيو آهي:

قطره گرچه خرده کوته پا بود
لطف آبِ  بحر زو پيدا  بود

[معنيٰ: پاڻيءَ جوڦڙو ڀلي ڪيڏو به ٿورو هجي، پر درياءَ جي پاڻيءَ جو لطف ان مان ايندو.]

هن بيت مان ظاهر ٿيو ته وڏي مُرشد سائين (سلطان الاولياءَ) جو آيت مان دليل وٺڻ صحيح آهي.

اعد  ذکر نعمان  لنا فان ذکره
هوالمسک ما کررّتہ  يتضوع

[معنيٰ: اسان لاءِ (محبوب) نعمان جو ذڪر وري وري ڪندو رهه، ڇاڪاڻ ته ان جو ذڪر خوشبوءِ آهي، جيئن دهرائبو تيئن ٻُهڪندو.]

مدح او حيف است با زندانيان
گويم اندر  محفلِ  روحانيان.

[معنيٰ: جيڪي دنيا ۾ گرفتار آهن، تن سان هن جي ڪهڙي واکاڻ ڪريان؟ ها! البته اهل الله (جيڪي آزاد آهن، تن) جي مجلس ۾ هن جي واکاڻ ڪندس.]

هيچ تلقيني نمي کردِ مرا
غير از آگاهي از کارِ خدا.

[معنيٰ: مون ۾ ڪنهن به هدايت جو اثر نه ٿيو سواءِ تلقين جي، جيڪا الله جي معرفت بابت هئي.]

گفت گر خس شکني دل را ببين
بحر با موج و کل و ميوه قرين.

[معنيٰ: الله تعاليٰ فرمايو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ڪک کي ڀڃندين ته اصل کي ڏسندين، جنهن ۾ وحدت جو درياءَ ڪثرت جي موج سان ڀريل آهي، جنهن جو ڦل ويجهو آهي.]

جمله تعينات صوفي را
در تعين اول نمود مرا

[معنيٰ: سمورا تعين صوفيءَ کي حاصل آهن، اهي مون کي پهرئين تعين ۾ ڏيکاري ڇڏيائون.]

در نفي جمع کرد  علم و را
خواه بصري خواه ڪوفي را

[معنيٰ: صوفي لاءِ سڀني علمن کي نفيءَ ۾ گڏ ڪيو اٿن، پوءِ اُهي بصري جا هجن، يا ڪوفي جا هجن.]

جمله اشياءِ باصل راجح ساخت
جمله  جنات  را  ز  جنت  يافت

[معنيٰ: سڀني شين کي پنهنجي اصل ڏانهن موٽايائين، سڀني شين کي جنت کان لڌائين.]

هرچه جويند  خلق در عمران
در فقر مي کشود در ويران.

[معنيٰ: ماڻهو جيڪو مطلب آبادي ۾ ڳولهين ٿا، اهو فقيريءَ ۾ ۽ ويرانيءَ ۾ ظاهر ٿئي ٿو.]

ذکر محبوب گفت توشه طريق
دين و دنيا  بهاش جمله  رفيق

[معنيٰ: محبوب جو ذڪر رستي جو وسيلو آهي، محبوب جي بها ۾ سموري دين ۽ دنيا کي خرچ ڪرڻ گهرجي.]

گر  بميدان   رسيد   مرد   لبيب
گفت سلطان جهان ز وصف حبيب

[معنيٰ: جڏهن به طلب جي راهه ۾ ڪو ڏاهو ماڻهو پهتو آهي، (تنهن) جهان جي بادشاهه (الله) دوست جي وصف ٻُڌائي آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: مولوي رومي چوي ٿو:

قطب آن با شد که گرد خود تند
گردش  افلاک گرد  او بود[67]

[معنيٰ: قطب اهو آهي جيڪو پاڻ پنهنجي چوڌاري ڦرندڙ هجي، آسمانن جو ڦِرڻ ان جي چوڌاري هجي.]

    ­            آئـون چـوان ٿـو ته: قـطـب جـو پنهنجي چـوڌاري ڦـرڻ يـعني قـطب پنهنجـي حـقيقـت ۾ مضبوط آهي. هن جو ڦرڻ پنهنجي دل جي چوڌاري آهي، بلڪ آسمان هن جي چوڌاري ڦري ٿو.

 مولوي رومي چيو آهي:

قطب چون روح است و خلق اعضاءِ و تن
بسته  روح  است  تدبير  بدن

[معنيٰ: قطب روح وانگر آهي ۽ مخلوق سندس جسم جا عضوا آهن، بدن جي هر تدبير روح سان ٻڌل آهي.]

                سلطان الاولياء فرمايو: عالم يا صوفي دل جي جمعيت کان سواءِ ائين آهي، جيئن ڪو شاهوڪار هجي، پر اُن وٽ کائڻ لاءِ ڪا شيءِ نه هجي.

آن دل آور که قطب عالم است
جانِ جان جان  جانِ  آدم  است.

[معنيٰ: اها دل هٿ ڪر جيڪا جهان جو قطب آهي، اهائي دل ساھ جي ساهه جو ساهه يعني آدم جي جان آهي.]

آن دل که ز آسمانها برتر است
آن  دل  ابدال يا  پيغمبر است

[معنيٰ: اها دل جيڪا آسمانن کان مٿي آهي، سا دل ابدالن يا پيغمبرن جي آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: الله تعاليٰ غيور آهي، پنهنجي بادشاهي ۽ وجود کان سواءِ ٻيو ارادو نه ڪندو آهي.

 مراد خويش دگر بار من نخواهم خواست.

[معنيٰ: آئون پنهنجي محبوب جي مراد کان سواءِ ٻيو ڪجھ گهرندڙ نه آهيان.]

              سلطان الاولياء فرمايو: عارفن چيو آهي ته تنهنجو مال نه ٻُڏندو ۽ نه سڙندو ۽ نه چوري ٿيندو.

    ­            آئـون چـوان ٿـو ته: اهـو مـال دل سـان الله جـو ذـڪر ڪـرڻ آهـي، جـيڪو فنا نٿو ٿئي.

حضرت علي ؓ  هي بيت چيا آهن:

رضينا قسمت الجبار فينا
لـنـا  عــلــم و لا عـــداءِ مــــال

[معنيٰ: اسان الله پاڪ جي ان ورهاست تي راضي آهيون، جو اسان کي علم ڏنائين ۽ دشمنن کي مال ڏنائين.]

فان المال يفني عن قريب
و ان  الــعــلــم  بــاق  لا يــزال

[معنيٰ: پوءِ تحقيق مال جلدي ختم ٿي ويندو ۽ علم باقي رهندو بلڪ ڪڏهن به ختم نه ٿيندو.]

                سلطان الاولياء فرمايو: جنهن پنهنجي نفس کي گهٽتائي ۽ نه هجڻ سان سڃاتو، اُن تحقيق پنهنجي رب کي ان جي اُبتڙ سڃاتو. سڪندر جو ايلچي ٿيڻ ڇا آهي؟ حقيقي بادشاهه جو ايلچي ٿيڻ وڌيڪ حيرت واري ڳالهه آهي.

حيرتم در چشم بندي خدا

[معنيٰ: الله تعاليٰ جي طرفان چشم بنديءَ (مُنڊڻ) تي آئون حيران آهيان.]

               سلطان الاولياء فرمايو:

ســو مـــاري ســـو مـِرون، سوئي ڀڳو جاءِ،
اوهي  ماري  ان کي،  اوهي  ويٺو کاءِ.

[مطلب ته، اهوئي شڪاري آهي، اهوئي شڪار آهي ۽ اهوئي ڀڳو ٿو وڃي. اهوئي پاڻ کي شڪار ڪندڙ آهي ۽ اهوئي ويٺو کائي ٿو.]

    ­            آئـون چـوان ٿـو ته: هڪ همراهه ذات جو ڦاڙهو هو ۽ ڦاڙهي ڳوٺ جو ويٺل هو، جنهن ٻن ڦاڙهن کي تير هنيو. هڪ ڦاڙهو ڀڄي ويو ۽ ٻئي کي تير لڳو، پوءِ تير لڳل ڦاڙهي کي ڪُهي پچائي کاڌائين. جنهن تي هن شاعر (وحدت وجودي جي لباس ۾) اهو سنڌي بيت چيو. مون (گرهوڙي) اهو بيت صاحبزادي ميان گل محمد (قدس سره) کان ٻُڌو. الله تعاليٰ سندس علم ۽ حلم کي وڌائي ۽ انهن ٻنهي ۾ کيس  ڪمال تي پهچائي.!

               سلطان الاولياء فرمايو: جيڪو جيئري نٿو مري، تنهن جو موت اجايو ۽ تباهي آهي.

   ­            آئون چوان ٿوته: الله تعاليٰ فرمايو آهي:

وَالسَّلامُ عَلَىٰ مَنِ اتَّبَعَ الْهُدَىٰ  (47:20:16)

[ترجمو: جيڪو هدايت جي پيروي ڪري ان ماڻهوءَ لاءِ سلامتي آهي.]

مولوي رومي چيو آهي:

تا نميري نيست جان کندن تمام

[معنيٰ: جيستائين تون پاڻ کي فنا نه ڪندين، تيستائين اصلي موت نه آهي.]

ومعناه الرضي بما مضيٰ

[رضا جي معنيٰ جيڪي گذريو ان تي راضي رهڻ آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: عارف جيڪو (ڀڳت) “ڪبير” جي نالي سان مشهور آهي، تنهن چيو آهي:

اتڪ فتڪ جو ڪري، پِيسي جاوي سو
ڪيلي پاسي جو رهي، تنهين ڀؤ نه ڪو.

[مطلب ته، جنڊ ۾ جيڪو اَنُّ چئوطرف ڦِرندو آهي سو جلدي پيسبو آهي پر جيڪو داڻو لوهه جي ڪير وٽ هوندو آهي، اهو هڪ جاءِ تي رهندو آهي ان کي پيسجڻ جو ڪو ڊپ نه آهي.]

آئون چوان ٿوته: حديث شريف ۾ آهي:

لاالـٰہ الالله حصي ومن دخلہ امن

   [ترجمو: لااِلٰہ الاالله منهنجو ڪوٽ آهي، جيڪو ان ۾ داخل ٿيو تنهن لاءِ امن آهي.]

        ڪتاب ‘احياءُ العلوم’ ۾ آهي ته ڪلمي طيبه جي معنيٰ آهي ته الله کان سواءِ ٻيو ڪو به محبوب نه آهي.  پوءِ جنهن به الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي جيتري قدر محبوب بنايو، اوتري قدر ان جي دل بيمار آهي. ڪامل اهو[68] آهي جيڪو پاڻ کي فنا ڪري ڇڏي ۽ دنيا ۾ ان جو الله کان سواءِ ٻيو ڪو به محبوب نه هجي. اهڙي مجاهد لاءِ ٻيو ڪو ثمر نه آهي، فقط اهو آهي ته پاڻ کي ڪلمي جي معنيٰ سان مُتصف ڪري.

              سلطان الاولياء فرمايو: جيڪو دنياوي بادشاهه جي دستور جو انڪار نه ٿو ڪري، تنهن کي حقيقي مالڪ جي علم جي آدابن جو به انڪار نه ڪرڻ گهرجي. وري جنهن ان کي ڪنهن ظاهري شريعت جي آداب سان منع ڪئي، تنهن شرعي قانون کي نه سڃاتو، جيڪو “الامر بالمعروف” (نيڪيءَ جو حڪم ڪرڻ) جو نالو آهي.

             سلطان الاولياء فرمايو: الله تعاليٰ فرمايو آهي:

أَنَّ الْأَرْضَ يَرِثُهَا عِبَادِيَ الصَّالِحُونَ   (105:21:17)

[ترجمو: بيشڪ زمين جا وارث منهنجا صالح ٻانهان ٿيندا.]

وَاصْطَنَعْتُكَ لِنَفْسيْ  (41:20:16)

[ترجمو: اي انسان! مون توکي (پنهنجي خاص) ڪم لاءِ ٺاهيو آهي.]

أَلَمْ تَرَ إِلَىٰ رَبِّكَ (45:25:19)

[ترجمو: ڇا تو پنهنجي پالڻهار طرف نه نهاريو آهي؟]

لَّا يَسَّمَّعُونَ إِلَى الْمَلَإِ الْأَعْلَىٰ وَيُقْذَفُونَ مِن كُلِّ جَانِبٍ (08:37:23)

[ترجمو:  (شيطان) ملائڪن جي هڪ جماعت ڏي ڪن به نٿا ڏئي سگھن ۽ کين تڙڻ لاءِ هر طرف کان اُلا اڇلايا وڃن ٿا.]

إِنَّا فَتَحْنَا لَكَ فَتْحًا مُّبِينًا (01:48:26)

[ترجمو: تحقيق اسان توکي پڌري فتح ڏني.]

وَتَوَكَّلْ عَلَى اللَّهِo وَكَفَىٰ بِاللَّهِ وَكِيلًا (81:04:05)

[ترجمو: الله تي توڪل ڪر ۽ الله ئي ڪافي ڪارساز آهي.]

وَاعْتَصِمُوا بِحَبْلِ اللَّهِ  (103:03:04)

[ترجمو: اوهين الله جي رسيءَ کي مضبوط پڪڙيو.]

 لَّا تَجْعَلُوا دُعَاءَ الرَّسُولِ بَيْنَكُمْ كَدُعَاءِ بَعْضِكُم بَعْضًا  (63:24:18)

[ترجمو: اوهين پاڻ ۾ رسول جي سڏڻ کي هڪ ٻئي جي سڏڻ وانگر نه سمجھو.]

وَالْحَافِظُونَ لِحُدُودِ اللَّهِ (112:09:11)

[ترجمو: ۽ اهي ماڻهو جيڪي الله جي حدن  جي سنڀال رکن ٿا.]

إِنَّمَا يَتَقَبَّلُ اللَّهُ مِنَ الْمُتَّقِينَ (27:05:06)

[ترجمو: الله رڳو پرهيزگارن کان ئي قبول ڪري ٿو.]

    ­            آئـون چـوان ٿـو ته: هنن مـٿين آيتن بابت مُنهنجي وڏي مُـرشد سائين (سلطان الاولياء) مختلف وقتن تي انهن جي معنائن ۾ غور فِڪر ڪرڻ بابت اشارو فرمايو آهي ۽ هنن آيتن جي تحقيق ڏانهن اشارو ڪيو آهي. پاڻ مُريدن کي هنن آيتن پڙهڻ تي زور ڀريندا هئا ۽ انهن آيتن جو تفسير قلبي توجهه سان فرمائيندا هئا، جيڪو زباني تفسير کان گهڻو بُلند آهي. ڇاڪاڻ ته دل پالڻهار کي وڌيڪ ويجهي آهي ۽ دل جي ڄاڻ وڌيڪ مضبوط آهي. ڇاڪاڻ ته دل جي الله تعاليٰ سان ويجهڙائي آهي. تنهن ڪري زالن جي ڳالهه کي گهرو ڳالهين ۾ ترجيح ڏني اٿن.

وڏا مُرشد سائين (سلطان الاولياءُ) وڌيڪ فرمائيندا هئا ته اي طالب! تون غير کان پرهيز ڪندڙ هُج ۽ الله سان تعلق جو ڳانڍاپو رک. ڇاڪاڻ ته مقبوليت الله جي طرفان آهي. ڪتاب ‘ڪشف’ ۾ آهي ته قرآن پاڪ ۾ آيل لفظ “متقي” جي معنيٰ “مؤمن” آهي.

             سلطان الاولياء فرمايو: انسان جي حقيقت هڪ آهي، گهڻائي اعتبارن جي ڪري آهي. اهڙي طرح عالمِ امر ۽ عالمِ خلق جيڪي انسان ۾ آهن، انهن جي لطيفن جي حقيقت ۾ به گهڻائي نه آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: ڪنهن عارف جو هيءُ بيت آهي:

اعتبار از ميان چون بر خيزد
بيضه
 مور  مهره   مار  است.

[معنيٰ: جڏهن وچ مان اعتبار ختم ٿي ويندا ته پوءِ مور جو آنو ۽ نانگ جي مڻِ هڪ شيءِ آهي.]

مولوي رومي چيو آهي:

گم شوي  در ذات  آسائي ز خود
جمله را يک رنگ بيني نيک و بد.

[معنيٰ: جڏهن تون الله جي ذات ۾ گم ٿيندين، تڏهن پنهجي هستيءَ کان پالهو ٿي، سڀني شين چڱين خواه بڇڙين کي هڪ ئي رنگ ۾ ڏسندين.]

اصل شيءِ غيرالله جي نسبتن کي ڪيرائي ڇڏڻ (ئي توحيد) آهي.

             سلطان الاولياء فرمايو: الله جي عارفن جا ٻه قسم آهن، هڪڙا اُهي جيڪي الله کي جهان سان سڃاڻن ۽ ٻيا اُھي جيڪي جھان کي الله سان سڃاڻن.

   ­            آئون چوان ٿو ته: بيشڪ وڏي مرشد سائين (سلطان الاولياء) جن جو مطلب ھي آھي ته ظاھر، باطن جو نمونو آھي يا ان جي ابتڙ باطن، ظاھر جو نمونو آھي. تحقيق ڪنھن عارف چيو آھي ته بيشڪ اکين وارو عقل واري کان اعليٰ (۽ مٿانھون) آھي.[69] (اھڙيءَ طرح) ٻنھي (ظاھري ۽ باطني) معرفتن وارو، عقل واري ۽ اکين واري کان بهتر آهي. تنهن ڪري اهڙي عارف کي ”امير العارفين“ (عارفن جو اڳواڻ) جو نالو ڏيڻ کپي. ائين ئي ڪتاب ‘ڪشف’ ۾ آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: حضرت موسيٰ ؑ ٻڪريون چاريندو هو، ٻڪرين جي پٺيان هلي جڏهن ٿڪجي پوندو هو، تڏهن به ٻڪرين کي ماريندو ڪونه هو، بلڪ پنهنجي ڪاوڙ پي ويندو هو. پوءِ الله تعاليٰ سندس حِلم ۽ برد باريءَ تي رحم کائيندي، کيس نبّوت سان سرفراز ڪيو.

    ­            آئون چوان ٿو ته: حديث شريف ۾ آهي: 

کاد الحليم ان يکون نبياً

[ترجمو: قريب آهي ته حِلم وارو نبي ٿئي.]

۽ ٻي حديث شريف ۾ اچي ٿو:      

من کف غضبہ وقيہ الله عذابہ

[ترجمو: جنهن پنهنجي ڪاوڙ کي روڪيو، الله تعاليٰ اُن کي پنهنجي عذاب کان بچائيندو.]

              سلطان الاولياء فرمايو: سچي فقير کي گهرجي ته (ڪنهن جي آڏو) سوال جو هٿ نه ڊگهيري، ڇاڪاڻ ته “فقر” مرتبن جي ڇڏڻ جو نالو آهي.

    ­            آئون چوان ٿوته: الله تعاليٰ فرمايو آهي:  وَلا تَنسَوُا الْفَضْلَ بَيْنمُ  (237:02:02) 

[ترجمو: ۽ اوهين پاڻ ۾ (هڪ ٻئي تي) احسان ڪرڻ کي(ڪڏهن به) نه وسارجو.]

ڪنهن عارف چيو آهي ته ترجيحن کي ڇڏڻ جو نالو تصوف آهي، ڇاڪاڻ ته ٻئي ۾ خرابيءَ جو حڪم لڳائڻ (ڄڻ) پاڻ ۾ اهڙي خرابي يا بُرائي جو حڪم لڳائڻ آهي.

بني آدم اعضاء يکد يگرند

[معنيٰ: آدم جو اولاد هڪ ٻئي جا عضوا (ڳنڍيل) آهن.]

              سلطان الاولياء فرمايو: سڀ جي طلب ڪرڻ آهي سڀ وڃائڻ.

يکجا همہ جا  و همہ جا  هيچ جا نہ

[معنيٰ: هڪ جاءِ ئي سڀ جاءِ آهي ۽ جيڪا سڀ جاءِ آهي سا ڪجهه به نه آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: جنهن ڪُلّ جي طلب ڪئي، تنهن کي سڀ ڇڏڻ گهرجي ۽ عدم(نه هجڻ) تي ئي اڪتفا ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته عدم (نه هجڻ) ئي سڀ ڪجهه آهي.

رخي وجهت  وجهي  در يکي کُن
کم هر وهم و ترکِ هر شکي کُن

[معنيٰ: تون پنهنجي چهري جو رُخ هڪ (الله) ڏانهن ڪر، هر وهم کي گهٽاءِ ۽ هر شڪ کي ڇڏي ڏي.]

هرکه عارف شد خدائي خويش را
در   فنا   بيند  بقاءِ   خويش  را

[معنيٰ: جيڪو الله جو عارف ٿيو، اُن فنا ۾ ئي پنهنجي بقا کي ڏٺو.]

    ­            آئـون چـوان ٿـو ته: وڏي مُـرشـد سائين (سلطان الاولياء قـدس سره) جن جـو مـطلب هي آهي ته بيشڪ اڻ ڄاتل مطلق (ذات حق) سان اُنس ۽ محبت ئي مقصود آهي. الله جي ذڪر ۽ فرمانبرداري مان به اها ئي مراد آهي ۽ ان سان ئي دل کي سڪون ملي ٿو. متڪلمين (علم ڪلام وارن) به اها ئي ڳالهه بيان ڪئي آهي. 

مولوي رومي چيو آهي:

هر چه ازوي شاد گردي در جهان
از فراقي  آن  بينديش آن زمان

[معنيٰ: هن جهان ۾ توکي جنهن جي ڪري خوشي ملي، ته اُن جي جدائي جي وقت تنهنجي ڪهڙي حالت هوندي، اهو تون سوچ.]

چون ملک تسبيح حق را کن غذا
تا  رهي  از هر عذاب  و از  اذا

[معنيٰ: تون ملائڪن وانگر الله تعاليٰ جي تسبيح کي ئي غذا بناءِ، ته جيئن تون هر عذاب ۽ تڪليف کان ڇوٽڪارو لهين.]

مذڪوره مقصد ۾ صرف معلوم شين جو تعلق ئي محبت ۽ اُنس ۾ خلل وجهي ٿو. جيئن ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي.     

اين سراؤ باغ تو زندانِ تو
خانمان  تو  بلائي  جان تو

[معنيٰ: هي تنهنجا محل ۽ باغ تولاءِ قيد خانو آهن، هي تنهنجا نوڪر چاڪر تنهنجي جان لاءِ مصيبت آهن.]

اڻ ڄاتل مُطلق اها غيبي ذات آهي، جنهن جو تعين توڻي تميز نه ٿي ڪري سگهجي، جيئن ڪتاب ‘رشحات’ ۾ آهي.[70]

آنچه در انديشه نايد آن خدا است“ (رومي)

[معنيٰ: جيڪو سوچ ۾نه اچي سگهي، اهو الله آهي.]

ڪتاب ‘ڪشف’ ۾ آهي:

سالک  از اول که نشناسد مقام
انس او باطاعت و ذکر است مدام

[معنيٰ: سالڪ جيڪو شروع ۾ مقام کي نه سڃاڻيندو آهي، اهوئي هميشہ ذڪر ۽ فرمانبرداريءَ سان اُنس رکندو آهي.]

آنکه او را  انس با ذاتِ خدا  است
بحر تمکين است غوّاص بقا است

[معنيٰ: جيڪو الله جي ذات سان محبت رکي ٿو، اهو سانتيڪو سمنڊ آهي ان جي ٽوٻي کي بقا آهي.]

       سلطان الاولياء فرمايو: پرهيزگاري اِها آهي ته تنهنجي نظر اجنبي (غير) تي نه پوي.

الله تعاليٰ فرمايو آهي

فَأَيْنَمَا تُوَلُّوا فَثَمَّ وَجْهُ اللَّهِ  (115:02:01)

[ترجمو: اوهين جيڏانهن به مُنهن ڪريو، تيڏانهن الله جو چهرو(ذات) آهي.]

مولوي جامي چيو آهي:

مفگن  چشم  بر بيگانه
ورع اين ستِ ذکر افسانه

[معنيٰ: تقويٰ هيءَ آهي ته تون پنهنجي نظر بيگاني (ڌارئي) تي نه وجهه ۽ سندس افساني کي ڇڏي ڏي.]

    ­            آئون چوان ٿوته: اهو توحيد ڏانهن ئي سڏڻ آهي ۽ تحقيق هي آهي ته هر شيءِ جو پنهنجي اصل  ڏانهن موٽڻ ۽ پاڻ کي ان تي پابند ڪرڻ ته اهو ئي حق تعاليٰ اڪيلو ۽ بغير تعين ذات مطلق آهي، جيڪو هر شيءِ کان اڳ ۾ آهي.

هر معين بي تعين  ديد ني
بحر را از قطره پيدا کردني

[معنيٰ: هر مُعين (شيءِ) کي بنا تعين جي ائين ڏسڻ آهي، جيئن سمنڊ کي ڦڙي مان پيدا ڪرڻ آهي.]

        ان ڪري عارف هڪ الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن شيءِ کي هن سان گڏ نه ڏسندو آهي، ڇاڪاڻ ته اها ئي ذات عارف جي واسطي اصل جامع منشاء ۽ مبداء آهي.

 ڪنهن عارف چيو آهي ته

کل شيءِ في کل شيٖءِ 

[معنيٰ: ڪُلّ شيءِ (الله جي ذات) ۾ هر شيءِ هوندي آهي.]

بنده را در خواجئه خود محو دان  (رومي)

[معنيٰ: ٻانهي کي الله جي ذات ۾ محو يا فاني ڄاڻ.]
 

                سلطان الاولياء فرمايو: عارف پنهنجو وجود فنا کان علحده نه ڏسندو آهي، جيئن مُردا  قيامت ڏينهن مٽيءَ ۾ فنا ٿيڻ کان پوءِ اُٿندا.

                سلطان الاولياء فرمايو: نفس پنهنجو راز ڪڏهن ڪڏهن ظاهر ڪندو آهي، جيئن فرعون ۾ ظاهر ڪيائين.

               سلطان الاولياء فرمايو: جيڪڏهن نفس کان ڇوٽڪاري جو ارادو ڪرين ته پوءِ

لَا حَولَ وَلا قُوِة اِلاَّ بِاللهِ

[ الله جي طاقت کانسواءِ ڪا طاقت ڪونه آهي.] جي تسبيح پڙهندو ڪر.

    ­            آئـون چـوان ٿـو ته: بـيشڪ اِهـا تسبيح جـنت جي خزانن جي ڪُنجي آهي، پر هن قول مان مُراد حقيقي قول آهي يعني ڪلمي جي معنيٰ سان موصوف ٿيڻ آهي. ڇاڪاڻ ته “جهري” (وڏي آواز سان) ذڪر ڪرڻ “احمدي طريقي” (خواجه احمد سرهندي مجدد الف ثاني قدس سره جي سلسلي نقشبندي) ۽ “حنفي مذهب” (امام الاعظم ابو حنيفه جي مسلڪ) ۾ پڻ بدعت آهي. باقي “شريعت محمدي” ۾ جواز جي گنجائش موجود آهي. ڪنهن شافعي عالم جهري ذڪر جي جواز ۾ ‘نشر الزهر في الذڪر بالجهر’ جي نالي سان هڪڙو رسالو لکيو آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو:  مُراد (وارو شخص) عالم (ظاهري) کان نه ٻُڌندو آهي، پوءِ ڇو نه اهو حضرت خضر ؑ ئي هجي، ڇاڪاڻ ته اُهي الله تعاليٰ کان ٻڌن ٿا. ڀلو مُريد اهو آهي، جيڪو خضر ؑ جو وسيلو وٺندڙ هجي، ڇو ته کيس الله تعاليٰ جي طرفان علم لدني مليل آهي. اُهو مُريدن جو سردار آهي، مُراد وارن جو نه آهي.

هر کرا سلطان بخواهد از در پي در ربود [71]

[معنيٰ: جنهن کي بادشاهه چاهيندو آهي، تنهن کي ڇڪي پنهنجي دروازي تي آڻي ٿو.]

آئون چوان ٿوته: حديث شريف ۾ آهي ته:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 32 31 30 29 28 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org