سيڪشن: تصوف

ڪتاب: معارف

باب:

صفحو:1

معارف

 سلطان الاولياء خواجه محمد زمان لُواريءَ وارو

(1125ھ- 1188ھ = 1713ع - 1775ع)

 

تحقيق: ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو

ڇپائيندڙ پاران

 

سنڌ کي صوفين جي سرزمين سڏيو ويو آهي ۽ ان جو ثبوت سنڌ جا وڏا صوفي بزرگ ۽ درويش، عالم ۽ شاعر آهن. جيستائين سنڌ جي وڏن صوفي شاعرن جو تعلق آهي جهڙوڪ: قاضي قادن، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، شاهه لطف الله قادري، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، عبدالرحيم گرهوڙي، سچل سرمست، عبدالقادر بيدل، روحل ۽ حمل فقير وغيره ته انهن جو پيغام سندن شاعري يا ڪلام ذريعي هر وقت سنڌ جي عوام تائين شايع ٿي پهچندو رهيو آهي ۽ اِن چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو، ته اهو ڪلام سنڌي سماج جي شعور ۽ صوفيانه مزاج جي صحيح عڪاسي ڪري ٿو.

ليڪن جيستائين سنڌ جي صوفي بزرگن ۽ عالمن جي نثري تصنيفات جو تعلق آهي، ته اِن ڏَس ۾ گذريل ڪجهه سالن ۾ چڱي خاصي پيش رفت ٿي آهي ۽ ان جو سهرو سنڌ جي محقق جناب ڊاڪٽر عبدالغفار سومرو صاحب جي سِر تي آهي، جنهن ڪافي سال اڳ ‘سنڌ ۾ تصوف جا اهم فڪري ماخذ’ مقالو لکي ان راهه جي نشاندهي ڪئي.

هيءُ ڪتاب جيڪو سنڌ جي وڏي صوفي بزرگ ۽ عالم سلطان الاوليا خواجه محمد زمان لواريءَ واري جي اقوالن تي مشتمل آهي، انهن جو عربيءَ ۾ مؤلف ۽ شارح سنڌ جو ٻيو وڏو صوفي عالم ۽ شاعر شيخ عبدالرحيم گرهوڙي آهي، جنهن جو مڪمل سنڌي ترجمو جديد تحقيقي انداز ۾ پهريون دفعو شايع ٿي رهيو آهي.

محمد زمان لواريءَ وارو شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ننڍو معاصر هو ۽ عام روايت موجب شاهه عبداللطيفرحه جي ساڻس ملاقات ٿي هئي. هو سنڌي زبان جو شاعر به هو ۽ خاص طور تصوف جي علمي دنيا ۾ سندس چوراسي عارفانه بيت وڏي اهميت رکن ٿا. وري عبدالرحيم گرهوڙي سنڌ جي تصوف جي تاريخ ۾ پهريون وڏو عالم ۽ صوفي به آهي، ته سنڌي ٻوليءَ جو شاعر به آهي، جيئن سندس ڪلام مان واضح ٿئي ٿو. هن ڪتاب ۾ سلطان الاولياء جا ٻيا مقولات يا اقوال ‘ڪلمات قدسيه’ جي نالي سان پڻ شامل آهن، جن جو مؤلف شيخ عابد سنڌيءَ جهڙو عالم ۽ فقيہ آهي.

سنڌي ادبي بورڊ ڊاڪٽر سومري صاحب جي سنڌ ۾ تصوف جي تاريخ جي هڪ اهم ڪڙيءَ کي وڏي مانَ شانَ سان شايع ڪري رهيو آهي. آئنده به اسان اهڙي علمي تحقيق ۽ ڪاوشن کي شايع ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا.

آءٌ سنڌي ادبي بورڊ جي روح روان عاليجناب مخدوم جميل الزمان صاحب ۽ معزز ميمبر صاحبان جو نهايت ٿورائتو آهيان، جن جي هر وقت رهنمائي ۽ دلچسپيءَ سبب بورڊ ڪيترائي نوان تحقيقي ڪتاب شايع ڪرايا آهن.

اميد ته اسان جي هيءَ ڪاوش سنڌ جي علمي حلقن ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺي ويندي.

 

25 رجب المرجب 1439هه                                                      الهڏتو وگهيو

سيڪريٽري

 

12- اپريل 2018ع                                                                      

مـــقـــدمــــو

 

 (الف) نقشبندي سلسلو ۽ ان جي هند ۾ آمد ۽ عروج

 

 

سنڌ هند ۾ تاريخي لحاظ کان قادري، چشتي ۽ سهروردي سلسلا آڳاٽا آهن جيڪي ڇهين ۽ ستين صديءَ کان پنهنجي سڃاڻپ رکن ٿا. نقشبندي سلسلي جو آغاز اٺين صديءَ ۾ خواجه بهاءُالدين محمد نقشبند (718- 791) کان ٿئي ٿو جنهن جو تعلق وچ ايشيا جي مشهور شهر بُخارا سان هو. حسب نسب جي لحاظ کان هو امام جعفر صادق رضي الله عنہ جي اولاد مان آهي. بُخارا پهرين صديءَ کان وٺي اسلامي علوم ۽ تهذيب جو وڏو مرڪز هو جتي ٽين صدي هجريءَ ۾ حديث جي وڏي عالم ۽ صحيح بخاري جي مصنف امام اسماعيل بخاريءَ جنم ورتو ۽ هينئر به سندس مزار بُخارا جي پسگردائيءَ ۾ موجود آهي.

جيتوڻيڪ هن سلسلي جو نقشبندي نالو خواجه بهاءُالدين نقشبند جي ڪري عام ٿيو پر اصل ۾ خواجه نقشبند کان مٿي اهو سلسلو “خواجگان” سڏجي ٿو. ڇو ته خواجه نقشبند پاڻ خواجه امير ڪلال (وفات:772ھ) کان ۽ خواجه امير ڪلال وري خواجه محمد بابا سماسي (وفات:755ھ) کان بيعت ٿيل هو. اهڙيءَ طرح اهو وري خواجه عزيزان علي راميتني (وفات:721ھ) کان ۽ اهو وري خواجه محمود ابوالخير فغنوي (وفات:715ھ) کان ۽ اهو وري خواجه محمد عارف ريوگري (وفات:616ھ) ۽ اهو وري خواجه عبدالخالق غجدواني (وفات:575ھ) ۽ اهو وري خواجه ابو يوسف همداني (وفات:535ھ) کان دست بيعت هو. خواجه ابو يوسف همدانيءَ کان مٿي هي سلسلو خواجه ابوعلي فارمدي (وفات:477 ھ) ۽ تنهن کان مٿي خواجه ابوالحسن خرقاني (وفات:425ھ) ۽ تنهن کان مٿي خواجه بايزيد بسطامي (وفات:261ھ) تائين پهچي ٿو. هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته خواجه بايزيد بسطامي ۽ خواجه ابوالحسن خرقانيءَ جي وچ ۾ هڪ صديءَ کان وڌيڪ عرصو حائل آهي. اهوئي سبب آهي جو نقشبندين جي مشهور روايت آهي ته خواجه ابوالحسن خرقانيءَ کي خواجه بايزيد بسطاميءَ کان فيض اويسي طريقي سان مليو آهي. 

اهڙيءَ طرح بايزيد بسطامي وري پاڻ امام جعفر صادق رضي الله عنہ کان اويسي طريقت جي نسبت رکي ٿو. ڇو ته امام جعفر صادق رضي الله عنہ جي وفات ۽ خواجه بايزيد جي جنم ۾ ويهن سالن جي وٿي آهي. جنهن ڪري ظاهري صحبت ملاقات جي صورت ۾ ثابت ناهي ۽ ان لاءِ پڻ اويسي نسبت ٻڌائي وڃي ٿي. امام جعفر صادق رضي الله عنہ حضرت قاسم بن محمد بن ابوبڪر رضي الله عنہ کان ۽ اهو وري حضرت سلمان فارسي رضي الله عنہ کان ۽ اهو وري حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنہ کان طريقت جي شجري ۾ ڏيکاريل آهي ۽ ائين نقشبندي سلسلو آخر ۾ رسول الله ﷺ تائين پهچي ٿو.

هندستان ۾ نقشبندي سلسلو خواجه باقي بالله (971 - 1011) جي ذريعي ڦهليو. هن جو اصلي نالو محمد باقي هو ۽ ڪابل ۾ ڄائو هو سندس خاندان جو تعلق وچ ايشيا سان هو علم جي تحصيل واسطي ڪجھ وقت سمرقند ۾ رهيو. جوانيءَ کان سندس لاڙو تصوف جي طرف هو شروع ۾ هو خواجه عبيد ڪابليءَ کان بيعت ٿيو. ليڪن ڪجھ وقت کان پوءِ امير عبدالله بلخيءَ کان ذڪر ورتائين ۽ ٻه سال نقشبندي سلسلي جو ذڪر ۽ مراقبو ڪندو رهيو. اهو 994 ھ جو زمانو هيو جو خواجه صاحب جو لاهور ۾ اچڻ ٿيو. اڪبر بادشاھ پڻ انهيءَ سالن ۾ لاهور ۾ ترسيل هو. اڪبر بادشاھ جي خاص معتمد شيخ فريد بخاري سان ويجھڙائپ پيدا ٿيڻ ڪري هو لاهور ۾ رهڻ لڳو. سال 1002ھ جي آخر ڌاري دهلي آيو جتي چشتي بزرگ قطب عالم وٽ رهڻ لڳو. هڪ سال بعد شروعات ۾ امڪنه جي شهر ۾ پهتو جتي حضرت مولانا خواجه امڪنگي سان بيعت ڪري فيضياب ٿيو، جنهن ڪجھ وقت گذرڻ کان پوءِ کيس هندستان واپس وڃڻ جو حڪم ڪيو. اندازو آهي ته واپسيءَ ۾ هڪ سال جو عرصو لاهور ۾ ترسڻ بعد سال 1006ھ ۾ دهليءَ ۾ سڪونت اختيار ڪيائين.

خواجه امڪنگيءَ جي طريقت جو سلسلو خواجه بهاءُالدين نقشبند تائين هن ريت پهچي ٿو، خواجه علاؤالدين عطار خواجه بهاءُالدين نقشبند جو وڏو خليفو هو جنهن کان وري خواجه يعقوب چرخي فيض حاصل ڪيو هو. جيتوڻيڪ خواجه يعقوب چرخي پاڻ خواجه بهاءُالدين نقشبند جي صحبت پڻ پرائي هئي. خواجه يعقوب چرخيءَ جو مشهور خليفو خواجه عبيدالله احرار هو، جنهن جو خاص عقيدتمند فارسيءَ جو باڪمال شاعر ۽ عالم مولانا جامي آهي. خواجه احرار جي خليفن مان مولانا محمد زاهد سلوڪ ۾ وڏو نالي وارو ٿيو ۽ کانئس پوءِ ان جو ڀاڻيجو خواجه درويش محمد ٿيو. خواجه محمد امڪنگي سندس پٽ ۽ خليفو هو. خواجه باقي بالله نقشبندي سلسلي ۾ کانئس بيعت ٿيو.

تاريخي روايتن موجب دهليءَ ۾ رهائش دوران خواجه باقي بالله کي اڪبري درٻار جي نهايت با اثر شيخ فريد بخاريءَ جي پوري حمايت حاصل رهي جنهن پاڻ کي سندس وڏو معتقد ثابت ڪيو. اهو خواجه صاحب جي روحاني شخصيت جو ڪمال هو جو وقت جا وڏا عالم به ڏانهس رجوع ٿيڻ لڳا. شيخ عبدالحق محدث دهلويءَ جھڙو عالم فاضل شخص جيڪو قادري سلسلي سان وابسته هو سو پڻ خواجه صاحب جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ نقشبندي ذڪر جي تلقين ورتائين. مڪتوبات شيخ عبدالحق ۾ اهڙا ست مڪتوب موجود آهن جيڪي خواجه باقي بالله ڏانهن لکيل آهن.

اهوئي زمانو هيو جڏهن مغل شهنشاھ اڪبر(963/1556 کان 1014/1605) جو ستارو عروج تي هيو ۽ مغل سلطنت هر لحاظ کان مستحڪم ۽ ترقي پذير هئي. اڪبر جيئن ته شروعاتي تعليم حاصل نه ڪئي هئي ۽ شاهي درٻار ۾ هر قسم جي عالمن کي رسائي مليل هئي، ان ڪري اڳتي هلي هو علمي بحث مباحثن ۾ وڏي دلچسپي وٺڻ لڳو هو. جيتوڻيڪ بذاتِ خود اها ڪا بري ڳالھ نه هئي ۽ علمي ۽ عقلي بحثن ذريعي اعتدال پسند روشن خياليءَ (Enlightenment) جي پيدا ٿيڻ جي اميد هئي پر ان جي بجاءِ ان جو نتيجو اڪبر طرفان “دين الاهي” جي نئين شڪل ۾ مذهب کي ڇيڙڻ جي صورت ۾ نڪتو. جنهن سان خيال ۽ فڪر جي آزاديءَ جي بجاءِ وڌيڪ ذهني غلاميءَ ۽ انتشار جو آغاز ٿي ويو. اها هڪ اهڙي صورتحال هئي جنهن سان مذهبي حلقن ۾ سخت تشويش ۽ مخالفت جي لهر ڇانئجي وئي.

شيخ احمد سرهندي (971/1564 = 1034/1624) هڪ نوجوان عالم جي حيثيت ۾ ڪجھ وقت لاءِ هندستان جي تختگاه “آگره” ۾ اچي رهيو. جتي سندس واسطو ابوالفضل جھڙن عالمن سان پيو پر جلد ئي هو فتنه انگيز ماحول کان تنگ ٿي پنهنجي ڳوٺ سرهند واپس هليو آيو. جتي سندس والد 1007ھ ۾ وفات ڪئي. هو ڪجھ وقت کان پوءِ حج  جي ارادي سان دهليءَ پهتو جتي سندس گھاٽي دوست مولانا حسن ڪشميريءَ خواجه باقي بالله سان ملاقات لاءِ آماده ڪيو. پهرين ملاقات ئي وڏي روحاني انقلاب جو پيش خيمو ثابت ٿي ۽ شيخ احمد پاڻ کي هميشہ لاءِ نقشبندي طريقي سان وابسته ڪري ڇڏيو.

ياد رکڻ گھرجي ته شيخ احمد جو والد شيخ عبدالاحد فاروقي چشتي سلسلي سان تعلق رکندڙ هو ۽ شيخ احمد کي به اهڙي تربيت ڏني هئائين. شيخ احمد پنهنجي مرشد خواجه باقي بالله سان 1012ھ ۾ سندس وفات تائين صرف ٽي دفعا ملاقات ڪئي. ليڪن مرشد ڏانهن لکيل مڪتوبات مان خبر پوي ٿي ته هن روحاني تعلق منجھس نئين قسم جي فڪري ۽ ذهني تبديلي آڻي ڇڏي هئي. شيخ احمد جي انهن مشاهدن ۽ روحاني وارداتن جو مختصر احوال سندس مختصر تصنيف ‘مبداء معاد’ ۾ ملي ٿو. ساڳي قسم جي مشاهدن ۽ پنهنجي روحاني مقامات ۽ عروج جو احوال ٻين رسالن ‘مڪاشفات عينيه’ توڻي ‘معارف لدنيه’ ۾ پڻ ڪري ٿو.       

بهرحال شيخ احمد جو اصل ڪارنامو سندس مڪتوبات آهن جن جو ڪل تعداد پنج سئو چوٽيھ آهي ۽ اهي ٽن دفترن جي صورت ۾ موجود آهن. هن اهي مڪتوب يا ڊگھا خط جيڪي سندس فڪر کي واضح ڪن ٿا، اڪبري درٻار جي با اثر شخصيتن توڻي وقت جي ٻين عالمن ۽ مشائخن ڏانهن لکيا. اها حقيقت آهي ته هو انهن خطن ذريعي پنهنجي اصلاحي پيغام ۾ ڪامياب ويو. هڪ ڳڻپ موجب ستر خط اهڙا آهن جيڪي وقت جي اهم سياسي شخصيتن ڏانهن لکيل آهن جن ۾ اوڻويھ خط فقط شيخ فريد بخاريءَ ڏانهن آهن. جيئن اڳ ۾ ٻڌايو ويو ته فريد بخاريءَ کي اڪبر جي درٻار ۾ وڏو اثر رسوخ حاصل هو. بلڪ اهو ساڳيو فريد بخاري هو جيڪو شيخ احمد جي مرشد خواجه باقي بالله جو وڏو معتقد ۽ حمايتي هو.

شيخ احمد جا اهي خط جتي دقيق فارسي نثر جا شاهڪار آهن اتي هو تصوف جي بنيادي تصورات جھڙوڪ ‏‘توحيد وجودي’ وغيره جي نئين تشريح ۽ تعبير ڪري ٿو ۽ تصوف جي پوري تاريخ کي زيرِ بحث آڻيندي پنهنجي ‘توحيد شهودي’ جي تصور کي اجاگر ڪري ٿو. هو‘توحيد وجودي’ واري نظريي کي بلڪل رد نه ٿو ڪري پر چوي ٿو ته اهو سالڪ جي ابتدائي ڪيفيت يعني مشاهدي جي حالت آهي. اسان هن کان اڳ پنهنجي ڪتاب ‘مڪمل شرح ابيات سنڌي’ ۾ ‘وحدت الوجود’ ۽ ‘وحدت الشهود’ جي عنوان تحت تفصيلي بحث ڪري چڪا آهيون.

هتي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو لڳي ته وحدت الوجود جي اها عام قسم جي تشريح ئي هئي جيڪا هڪ لحاظ سان عام ماڻهن جي گمراهيءَ جو سبب بنجي رهي هئي ڇو ته ان جي هڪ طرفي تعبير سان هدايت ۽ گمراهيءَ جو تصور باقي نه ٿي بچيو ۽ نه وري خدا ۽ غير خدا جي تفريق ئي قائم رهي پئي سگھي. شيخ احمد طرفان وحدت الوجود جي اها سمجھاڻي وقت جي اهم ضروت هئي ۽ اهو فرق اثرائتي نموني ۾ بيان ڪرڻ ئي سندس وڏي ڪاميابي هئي. اهو ان ڪاميابيءَ جو نتيجو هو جو تاريخ اڄ تائين کيس “مجدد الف ثاني” يعني ٻئي هزار سال جي مجدد جي لقب سان ياد ڪري ٿي.

اڪبر بادشاھ جي سال 1014ھ/1605ع ۾ وفات کان پوءِ جڏهن جھانگير تخت نشين ٿيو ته هن مذهب جي باري ۾ گھڻو محتاط ۽ مثبت رويو اختيار ڪيو، جيڪو صحيح معنيٰ ۾ مصلحت آميز پڻ هيو بلڪ ان سان اڪبر جي ڪيترين اوڻاين جو ازالو ڪيو ويو. ايتريقدر جو مجدد الف ثاني مڪتوبات ۾ هڪ ٻن هنڌن تي جھانگير بادشاھ جي انهيءَ روش جي تعريف ڪئي آهي. هوڏانهن مجدد الف ثاني مڪتوبات ذريعي پنهنجي صوفيانه ۽ اصلاحي فڪر کي وڌيڪ ڦهلائيندو رهيو. آخر سال 1616ع ۾ جڏهن مڪتوبات جو پهريون دفتر جنهن ۾ ٽي سئو تيرهن مڪتوبات هيا، منظر عام تي آيو ته ان جو پڙاڏو جھانگير جي ڪنن تائين پهتو. ‘توزڪ جھانگيريءَ’ مان پتو پوي ٿو ته جھانگير مشاهدي ۽ مطالعي جو شوقين هو ۽ مڪتوبات جي هڪ عبارت بابت کيس گھڻو بدظن ڪيو ويو. جھانگير جي پنهنجي لکڻ مان وڌيڪ معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت تائين هندستان جي ڪيترن وڏن شهرن ۾ مجدد جا خليفا چـڱو اثر رسوخ قائم ڪري چڪا هئا. جھانگير جي تخت نشينيءَ جو اهو چوڏهون سال هو جو جھانگير مجدد الف ثانيءَ کي درٻار ۾ گھرايو ۽ ساڻس سوال و جواب ڪيائين. جھانگير توزڪ ۾ لکي ٿو ته “هو مون کي سوالن جا اطمينان جوڳا جواب نه ڏئي سگھيو جنهن ڪري مون کيس قلعي گواليار ۾ قيد ڪرڻ جو حڪم ڏنو”.

سوانح نگارن جي لکڻ موجب مجدد الف ثاني لڳ ڀڳ هڪ سال قيد ۾ رهيو جنهن کان پوءِ کيس آزاد ڪيو ويو. معلوم ٿئي ٿو ته رهائي بعد جھانگير جي رويي ۾ وڏي تبديلي آئي ۽ هاڻي هو شيخ احمد جي وڏي عزت ڪرڻ لڳو. آزاد ٿيڻ سان کيس خلعت ۽ هڪ هزار رپين جي نوازش ڪيائين ۽ کيس اختيار ڏنائين ته هو پنهنجي گھر واپس وڃي يا بادشاهي لشڪر سان گڏ رهي. شيخ احمد پوئين صورتحال جو انتخاب ڪيو ۽ هو ٽي سال شاهي لشڪر سان گڏ رهيو. هڪ دفعي جھانگير شيخ احمد جي وعظ ۽ نصيحت کي چڱيءَ طرح غور سان ويهي ٻڌو. هڪ ٻئي موقعي تي پنهنجي سالگرھ جي ڏينهن شيخ احمد کي ٻه هزار رپين جي انعام سان نوازيائين. اهڙيءَ طرح 1032ھ تائين يعني پنهنجي وفات کان ٻه سال اڳ تائين شيخ احمد شاهي لشڪر سان گڏ رهيو، جيڪا هڪ لحاظ سان سندس وڏي ڪاميابي هئي.

هڪ ٻي تاريخي روايت موجب جھانگير جي پٽن مان شهزادو خرم يعني شاهجهان مجدد الف ثانيءَ جي خيالات کان گھڻو متاثر هو جنهن ڪري شاهي درٻار جو ماحول گھڻو موافقت وارو ٿي چڪو هو. مجدد الف ثاني 1034ھ/1624ع ۾ وفات ڪئي ۽ جھانگير ٽي سال پوءِ 1037ھ/1627ع ۾ فوت ٿيو. جھانگير کان پوءِ شاهجهان تخت نشين ٿيو. هو نوجوانيءَ کان مذهبي خيالن وارو هو ۽ نماز روزي جي پابندي ڪندڙ هو. هن سلطنت ۾ ڪافي اهڙا حڪم ناما جاري ڪيا جن مان سندس مذهبي رجحان جي عڪاسي ٿي رهي هئي. اندازو آهي ته اهڙين ڳالهين جي ڪري نقشبندي سلسلي کي وڌيڪ فروغ حاصل ٿيو. شاهجهان پاڻ درويشن ۽ بزرگن سان وڃي ملاقاتون ڪندو هو. ميان مير سيوهاڻيءَ سان لاهور ۾ هڪ اهڙي تاريخي ملاقات جو ذڪر ملي ٿو جڏهن شاهجهان پنهنجي پٽ دارا شڪوه سان گڏ وٽس حاضر ٿيو هو.

شاهجهان کان پوءِ اورنگزيب جي وقت ۾ نقشبندي سلسلو وڌيڪ اثر رسوخ حاصل ڪري ويو، ڇو ته اورنگزيب جي مجدد الف ثانيءَ جي پٽن سان وڏي عقيدت هئي، بلڪ ڪن سوانح نگارن کيس خواجه معصوم جو باقاعدي مريد ڄاڻايو آهي. ليڪن اها حقيقت آهي ته اورنگزيب جي ساڻن خط وڪتابت هئي ۽ مجدد الف ثانيءَ جي وڏي پٽ خواجه محمد سعيد (1005ھ - 1070ھ) جا خط اورنگزيب ڏانهن موجود آهن جيڪي ‘مڪتوبات سعيديه’ ۾ ملن ٿا جن جو تعداد نو آهي. اهڙيءَ طرح ‘مڪتوبات معصوميه’ ۾ ڇھ خط  ڏانهس لکيل موجود آهن.

نقشبندي حضرات جي تذڪرن موجب اورنگزيب خواجه محمد معصوم عروة الوثقيٰ (1007ھ -1079ھ) کان باقاعده بيعت هو ۽ ڪيئي دفعا سرهند ۾ پڻ حاضر ٿيو هو. بلڪ تذڪرن ۾ ائين به آهي ته اورنگزيب جي تخت نشينيءَ ۾ خواجه محمد معصوم جي دعائن کي به گھڻو دخل آهي. مشهور تذڪره ‘روضة القيومية’ موجب اورنگزيب جي درخواست تي پهريائين خواجه محمد سعيد ڪجھ وقت لاءِ دهليءَ ۾ اچي رهيو پر آخري بيماريءَ کان اڳ سرهند واپس هليو ويو.

اهڙيءَ طرح پوءِ وري خواجه محمد معصوم پنهنجي پٽ خواجه سيف الدين (1049ھ -1095ھ) کي شاهجهان آباد ڏياري موڪليو، جتي اورنگزيب پاڻ سندس وڏو استقبال ڪيو. ڪجھ وقت کان پوءِ اورنگزيب جا پٽ ۽ اورنگزيب جي ڀيڻ شهزادي روشن آرا بيگم خواجه سيف الدين جا دست بيعت مريد ٿيا.

مآثرعالمگيري“ موجب اورنگزيب وقت بوقت خواجه سيف الدين جي خدمت ۾ حاضر ٿيندو رهندو هو ۽ پنهنجي روحاني ذڪر اذڪار جي باري ۾ هدايتون حاصل ڪندو هو. ‘مڪتوبات سيفيہ’ ۾ اورنگزيب ڏانهن گھٽ ۾ گھٽ سورهن مڪتوب موجود آهن جيڪي اورنگزيب جي روحاني ڪيفيات بابت آهن. اهڙيءَ طرح يارهن خط شهزادي روشن آرا بيگم ڏانهن ۽ پنج خط اورنگزيب جي پٽ شهزادي معظم ڏانهن لکيل ملن ٿا.

اورنگزيب جي ڌيءَ شهزادي زيب النساءَ لاءِ پڻ چيو وڃي ٿو ته هوءَ مجددي نقشبندي سلسلي سان وابسته هئي ۽ خواجه معصوم جي پٽ خواجه محمد نقشبند کان بيعت هئي. اهڙي شاهدي خواجه محمد نقشبند جي هڪ مڪتوب مان ملي ٿي جيڪو پڻ زيب النساءَ ڏانهن لکيل آهي. خواجه محمد نقشبند جي وفات کان پوءِ وري شهزاديءَ خواجه محمد سعيد جي پٽ خواجه عبدالاحد وحدت (وفات:1127ھ) ڏانهن رجوع ڪيو. ان جو ثبوت اهي ٻه خط آهن جيڪي شهزاديءَ ڏانهن خواجه وحدت 1109ھ ۾ حج کان واپسيءَ بعد لکيا جڏهن شهزاديءَ جي عمر ايڪهٺ سال هئي. اهي خط خواجه عبدالاحد جي ‘مڪتوبات گلشنِ وحدت’ ۾ موجود آهن.

 

(ب) سنڌ ۾ مجدد الف ثانيءَ جي اولاد جي آمد

تيرهين صدي

 

اورنگزيب عالمگير جي وفات (1707/1118) سان گڏ مغل سلطنت جو زوال شروع ٿي ويو. نادر شاھ جي 1739/1152 ۾ دهليءَ تي حملي ان زوال کي وڌيڪ تيز ڪري ڇڏيو. مغل سلطنت جي ڪمزوريءَ جو فائدو وٺندي هڪ طرف پنجاب ۾ سکن ظلم ۽ بر بريت جي انتها ڪري ڇڏي ته ٻئي طرف مرهٽن ايترو زور ورتو جو 1760 ۾ دهليءَ تي قبضو ڪري ورتائون. انهن حالتن ۾ افغانستان جي بادشاھ احمد شاھ ابدالي شاھ ولي الله جهڙن عالمن جي دعوت تي هندستان جو رخ رکيو ۽ 1761 ۾ پاڻيپٽ جي ٽين لڙائي ۾ مرهٽن کي دهليءَ جي تخت کان هميشہ لاءِ محروم ڪري ڇڏيو. انهيءَ کان فقط چار سال اڳ 1757 ۾ پنهنجن جي غداريءَ سبب انگريزن سراج الدولہ کان بنگال کسي ورتو. مغل شهزادن جي نااهليءَ جو اهو حال هو جو احمد شاھ ابدالي دهلي فتح ڪرڻ بعد مغل سلطنت جي وارث شاھ عالم ثانيءَ کي سندس ماءُ زينت محل کان خط لکرايو ته اچي تخت سنڀالي، پر هو بهار مان اچڻ جي همت نه ڪري سگھيو. آخر ابدالي سندس ننڍي پٽ جوان بخت کي تخت تي ويهاري پاڻ واپس قنڌار هليو ويو.

        احمد شاھ ابداليءَ جي وڃڻ کان پوءِ سکن مغلن جي ڪمزوريءَ جو پاڻ وڌيڪ فائدو ورتو ايتريقدر جو 1764 ۾ لاهور تي قابض ٿي ويا. انهيءَ دوران سکن سرهند کي پنهنجو خاص نشانو بنايو. ان جو سبب سندن نظر ۾ اهو هيو ته هو سکن جي گُروءَ جي مغلن هٿان قتل لاءِ مجدد الف ثانيءَ جي پونيرن کي ذميوار سمجھندا هئا، ڇو ته گرو گوبند سنگھ ۽ ان جي پٽن کي بغاوت جي الزام ۾ سرهند ۾ ئي قتل ڪيو ويو هو.

        تاريخي لحاظ کان سکن گهٽ ۾ گھٽ چار دفعا منظم حملا ڪري سرهند کي تاراج ڪيو ۽ آخر 1764 ۾ پوريءَ ريت قبضو ڪري ورتو، جنهن ڪري گھڻي ڀاڱي مسلمانن ۽ خاص طور مجدد الف ثانيءَ جي پونيرن لاءِ سرهند ۾ رهڻ ناممڪن ٿي پيو. سرهند ۽ ان جي پسگردائي ۾ حالتون ايتريون خراب ٿي چڪيون هيون جو ڪيترن هنڌن تي مزارن کي کوٽي لاشن کي ٻاهر ڪڍي انهن جي بي حرمتي ڪئي وئي. مشهور نقشبندي بزرگ مظهر جان جانان (وفات:1699/1781) جي مڪتوبن ۾ سکن ۽ مرهٽن جي ظلمن بابت گھڻو ڪجھ ملي ٿو.

        انهن حالتن سبب 1177ھ ۾ سرهندي خاندان ۽ سندن ٻين افراد کي سرهند مان هجرت ڪرڻي پئي، پر جيئن ته پشاور ۽ افغانستان جي ڪن علائقن ۾ مجدد الف ثانيءَ جا خليفا اڳيئي موجود هئا، تنهنڪري شاھ غلام محمد جيڪو خواجه معصوم جو پڙ پوٽو هو ۽ مجدد الف ثانيءَ جو تڙ پوٽو هو، سرهند ڇڏي پشاور ۾ اچي سڪونت اختيار ڪئي، جتي هن هڪ سال کان پوءِ وفات ڪئي ۽ پشاور ۾ مدفون ٿيو. اهڙيءَ طرح هن جي ٻين ٻن ڀائرن عزت الله ۽ خواجه صفي الله به سرهند مان هجرت ڪئي. خواجه صفي الله 1154ھ ۾ ڄائو هو گويا ٻاويهن سالن جي عمر ۾ اچي ڪابل جي شور بازار ۾ سڪونت پذير ٿيو. شاھ غلام محمد جي پٽ شاھ غلام حسين پشاور ۾ 1204ھ ۾ وفات ڪئي، ليڪن ان جو پٽ غلام نبي پشاور تي سکن جي وڌندڙ قبضي جي پيش نظر قنڌار ۾ اچي رهيو. جتي سندس چاچو شاھ غلام حسين اڳئي رهائش پذير هو. غلام نبي جنهن مختصر مثنوي ‘لذت الارواح’ لکي آهي. تنهن 1226ھ ۾ قنڌار ۾ وفات ڪئي. سندس ڪوشش سان قنڌار ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ نقشبندي سلسلي کي چڱو فروغ حاصل ٿيو.

        شاھ غلام نبيءَ کي ٻه پٽ شاھ فضل الله ۽ شاھ ضياءَالحق ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد ٿيو. شاھ فضل الله 1184ھ ۾ قنڌار ۾ ڄائو ۽ 1238ھ ۾ اتي وفات ڪيائين. ليڪن شاھ ضياءُالحق ڪابل کان پري فرخ شاھ جي علائقي ۾ هيو جو اتي 1256ھ ۾ ڏهين محرم تي کيس شهيد ڪيو ويو ۽ اتي ئي دفن ٿيو. افغانستان جو حڪمران احمد شاھ ابداليءَ جو پٽ تيمور شاھ خواجه صفي الله سان عقيدت رکندڙ هو. اها ڳالھ تاريخي حيثيت رکي ٿي ته جڏهن عبدالنبي ڪلهوڙي جي خلاف ميرن جو وفد قيصر خان نظاماڻيءَ جي سرڪردگيءَ ۾ ڪابل پهتو ته سندن ڪا شُنوائي نه ٿي رهي هئي. آخر شاھ صفي الله جيڪو سنڌ ۾ ايندو رهندو هو، ان جي سفارش سان تيمور شاھ وٽ کين باريابي ٿي. اهو انهيءَ سفارت ڪاريءَ جو نتيجو هو جو مير فتح علي خان جي نالي تي سنڌ جو پروانو جاري ٿيو.

شاھ صفي الله (1156-1212) مجددي ڪابل ۽ ٻين علائقن ۾ نقشبندي سلسلي کي ڏاڍو زور وٺرايو. ايتريقدر جو خلق کيس “قيوم جھان” جي لقب سان ياد ڪرڻ لڳي. وڏي عالم هجڻ سان گڏ وڏو شاعر به هو ۽ سندس تخلص “صفي” هو. اهو شاھ صفي الله ئي هو جيڪو ٻه دفعا حج ڪرڻ جي ارادي سان سنڌ ۽ بلوچستان مان گذريو ته وقت جا ڪيترا وڏا ديني عالم کانئس دست بيعت ٿيا جن ۾ مخدوم عبدالواحد سيوستاني (وفات:1224/1809)، ميان عبدالڪريم ٺٽوي، قاضي محمد نصرپوري، ميان عبدالله نصرپوري، ميان ڪاظم شڪارپوري وغيره شامل هئا. اهڙيءَ طرح مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو پوٽو مخدوم محمد ابراهيم مڏئي وارو به کانئس خاص طور فيض يافته ٿيو. شاھ صفي الله کان سندس خاندان منجھان شاھ فضل الله توڻي شاھ ضياءَالحق شهيد به روحاني طور مستفيد ٿيا. خاص طور شاھ فضل الله گھڻو وقت ساڻس گڏ رهيو. ياد رهي ته انهن جي ماءُ يعني شاھ غلام نبيءَ جي گھرواري شاھ صفي الله جي ڀاڻيجي هئي. شاھ فضل الله شاھ صفي الله جي روحاني ڪمالات کان ايترو متاثر هو جو سندس سوانح ۽ روحاني ڪمالات کي بيان ڪرڻ لاءِ هڪ جامع تذڪره ‘عمدة المقامات’ جي نالي سان فارسيءَ ۾ سال 1233ھ ۾ مڪمل ڪيائين. هن تذڪري ۾ هو نقشبندي سلسلي جي مڪمل تاريخ بيان ڪري ٿو. هڪ طرف هو ان کي رسول الله ﷺ کان شروع ڪري ٿو ۽ سلسلئه خواجگان جو ذڪر ڪندي مجدد الف ثانيءَ تائين پهچي ٿو ۽ ان کان پوءِ هو خاص طور مجدد الف ثانيءَ جي اولاد ۽ انهن جي ڪيل خدمتن کي بيان ڪري ٿو ۽ آخر ۾ ان جي پڄاڻي پنهنجي روحاني رهبر شاھ صفي الله تي ڪري ٿو، جنهن جو ذڪر نهايت تفصيل سان ڪري ٿو جنهن ۾ سندس حج جو احوال به شامل آهي. سرهندين جا اهي قافلا سنڌ ۽ بلوچستان جي حدن مان گذري ڪراچي بندر کان اڳتي مسقط ۽ عدن کان گذري حرمين پهچندا هئا.

شاھ صفي الله جي آخري حج جو احوال بيان ڪندي ”عمدة المقامات“ جو مؤلف جيڪو ساڻس گڏ هو، لکي ٿو ته کين حج تي وڃڻ جو تمام گھڻو شوق دامنگير هو، جيتوڻيڪ جوانيءَ ۾ حج ڪري چڪا هئا. ڪابل مان نڪري منزل ڪندي قلات ۾ اچي مير نصيرخان وٽ ترسيا. مون کين عرض ڪيو ته سنڌ مان گذرندا هلون، ليڪن پاڻ  بلوچستان جي دشت جو رستو پسند ڪيائون ته جيئن حج لاءِ جلد پهچي سگھجي. رستي ۾ ڪيترن مڪاشفن جو ذڪر ڪندا رهيا جن ۾ اهل مماتيءَ وارن سان ملاقاتن ڏانهن اشارا هيا. ڪراچيءَ پهچي گوادر جي لاءِ ڪشتي ۾ سوار ٿيا پر اهڙو سامونڊي طوفان اچي ڪڙڪيو جو ٽي ڏينهن ڪا خبر نٿي پئي. آخر مسقط اچي پهتاسون جتي اربق جي وستيءَ ۾ لهي پياسون. مخدوم ابراهيم مڏئي وارو جيڪو پاڻ اتي ترسيل هو سندن گھڻي خدمت ڪئي. اتي ئي کين ڏندن جي سخت تڪليف ٿي ۽ پاڻ نهايت ڪمزور ٿي ويا پر پوءِ به جھڙي تهڙي حال سان اَچي مخہ بندر پهتاسون. ليڪن ٻيڙيءَ ۾ سندن روح پرواز ڪري ويو ۽ اتان خشڪيءَ رستي يمن لاءِ روانا ٿي آخر اچي حديده پهتاسون. منهنجي ماءُ يعني سندن ڀاڻيجي به ان سفر ۾ گڏ هئي. حضرت بيبي صاحبه ڪوشش ڪئي ته سندن لاش کي ٻيڙيءَ رستي جدي کڻائي هلي حرمين ۾ دفن ڪرائجي، ليڪن ٻيڙيءَ وارن جواب ڏيئي ڇڏيو ته اسين اڳتي نه بلڪ حديده کڻي هلڻ لاءِ تيار آهيون. آخر حديده ۾ اچي کين غسل ڏيئي دفن ڪيو ويو ۽ انهيءَ وقت مخدوم ابراهيم ۽ سندس خليفو احمد خان نظاماڻي موجود هئا. تاريخ وفات 6 ذوالقعد 1212ھ آهي. مخدوم ابراهيم سندن وفات تي عربيءَ ۾ هڪ طويل نظم لکيو، جيڪو ‘عمدة المقامات’ ۾ ڏنل آهي. اهڙيءَ طرح احمد خان نظاماڻي فارسي نظم ۾ تاريخ ڪڍي آهي.

عمدة المقامات“ جي مؤلف شاھ صفي الله جي اٺن تصنيفن جا نالا ڏنا آهن. ان کانسواءِ سندس تصرفات ۽ خرقِ عادات جو به تفصيل ڏنو آهي. اهڙيءَ طرح سندس شاعريءَ جو انتخاب به موجود آهي. هڪ مختصر مثنوي ‘چهار جوئي’ ۾ چئن سلسلن بابت چوي ٿو:

نــقـــشــبـــنــديـه، قـــادريــه، سهـــرورديـــه، چــشـتــيــه
جوي شير و جوي عسل و جوي آب و جوي خمر
 

[يعني:نقشبندي کير جي نهر، قادري ماکيءَ جي نهر، سهروردي پاڻيءَ جي نهر ۽ چشتي شراب جي نهر آهي.]

شاھ صفي الله کي اٺن پٽن جو اولاد هو، ليڪن انهن مان ننڍي ۾ ننڍي خواجه عبدالباقي جو سنڌ سان گھڻو ۽ گھاٽو تعلق رهيو. ‘تڪمله مقالات الشعراءَ’ جو مؤلف محمد ابراهيم خليل ٺٽوي سندس تفصيلي احوال ڏنو آهي. هو لکي ٿو ته منهنجو والد مخدوم عبدالڪريم کانئس فيض حاصل ڪيو ۽ جڏهن خواجه عبدالباقي شڪارپور آيو هو ته هو ساڻس مهينو کن گڏ رهيو. آخري حج ڪرڻ وقت جڏهن خواجه صاحب لسٻيلي ۾ رهيل هو ته آءُ ابراهيم خليل پنهنجي والد سان سندن خدمت ۾ حاضر هوس. مون تي گھڻو توجھ ۽ شفقت ڪيائون ۽ نقشبندي شغل جي ‘مخزن انوار صفي احمدي’ موجب تلقين ڏنائون. آءُ کين پنهنجا ٺاهيل شعر ڏيکاريندو هوس پاڻ مون تي ڏاڍو مهربان هو. ابراهيم خليل تڪمله ۾ سندس ڪيترا فارسي غزل ۽ شعر ڏنا آهن. خواجه عبدالباقي (1200ھ - 1287ھ)  ڪابل ۾ وفات ڪئي.

‘عمدة المقامات’ واري شاھ صفي الله جي اٺاويهن خليفن جا نالا ڏنا آهن جن مان سنڌ وارن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو. بلوچستان مان عبدالحڪيم بابي قلاتيءَ جو نالو کڻي ٿو، جيڪو حج تي روانگيءَ وقت ڪافي فاصلي تائين ساڻن هم رڪاب رهيو. هن جي مزار قلات ۾ آهي. تڪمله ۾ هن جو احوال به موجود آهي. شاھ فضل الله پنهنجي والده لاءِ لکي ٿو ته اسان ذري گھٽ هڪ سال يعني ٻئي حج تائين مڪي پاڪ ۾ رهڻ بعد واپسيءَ ۾ حديده ۾ پهچي شاھ صفي الله جي مزار جي تعمير جو بندوبست ڪري، پوءِ سنڌ رستي واپس ٿياسين پر جڏهن مٽياري واري تاريخي شهر ۾ پهتاسون ته اتي اسان جي ٻارهن سالن جي ڀيڻ گذاري وئي جنهن جي تدفين اتي ئي ڪئي وئي. اهو 1214ھ جو سال هو. ڪابل پهچڻ کان پوءِ وڏي بيبي مجدد الف ثانيءَ جي مزار جي زيارت لاءِ سرهند ۽ ان کان پوءِ وري خواجه بهاءُالدين نقشبند جي مزار جي زيارت لاءِ بُخارا جو سفر ڪيو. شاھ فضل الله لکي ٿو ته اتي اسان ٻئي ڀائر جڏهن سندس خدمت ۾ هئاسون ته هڪ ڏينهن چيائين زندگيءَ جا ڏينهن ٿورا آهن پر توکي پٽ جي خوشخبري ڏيان ٿي، جنهن جو نالو عبدالقيوم رکجانءِ. شاھ فضل الله جي لکڻ موجب بيبي صاحبه 12 ربيع الاول 1218ھ ۾ بلخ ۾ وفات ڪئي. شاھ فضل الله ‘عمدة المقامات’ جو اختتام انهيءَ احوال تي ڪري ٿو ۽ تڪميل جي تاريخ ۽ مقام هن ريت ڄاڻائي ٿو:

“قد فرغت من شوي هٰذه الرسالہ الميمونہٗ بعون الله سبحانہ في يوم الاثنين تاسع وعشرين من شهر رمضان المبارڪ سنتہ ثلث وثلثين بعد الف و مائتين من الهجرهٗ الخاتمہ عليہ وعليٰ الٰہ الف الف صلواة وتحية في ٽنڊه محمد خان من توابع السنده.”

[يعني: مان الله تعاليٰ جي مهربانيءَ سان هن ڪتاب جي تحرير کان سومر ڏينهن 29 رمضان المبارڪ سال 1233 هجري ۾ فارغ ٿيس، هزارين درود ۽ سلام (نبي پاڪ) ﷺ تي هجن، شهر ٽنڊو محمد خان، سنڌ.]

هن ترقيمي مان اندازو ٿئي ٿو ته شاھ صفي الله جي 1212ھ ۾ حديده ۾ تدفين کان پوءِ به شاھ فضل الله جو سنڌ ۾ حج جي سفر سانگي يا هونئن ئي اچڻ وڃڻ قائم رهيو. تاريخ ‘گنجنئه جھان نما’ ۽ ‘تذڪره مخادم کھڙا’ موجب مخدوم عبدالخالق شاھ فضل الله کان نقشبندي نسبت حاصل ڪئي هئي. ان کان اڳ مخدوم عاقل ثالث کي پڻ شاھ صفي الله کان نقشبندي طريقي ۾ اجازت مليل هئي. شاھ فضل الله سنڌ سان ايتريقدر مانوس هو جو ‘تڪملہ مقالات الشعراءِ’ جو مصنف ابراهيم خليل سندس ذڪر ڪرڻ لازم سمجھي ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته شاھ فضل الله فارسيءَ جو بهترين شاعر هو. شاھ فضل الله جي شاعري جا ڪيترائي عمدا مثال سندس تصنيف ‘عمدة المقامات’ ۾ ملن ٿا. شاھ فضل الله (1184-1238) کي پنجن پٽن جو اولاد ٿيو. پهريون پٽ عبدالقيوم قنڌار ۾ 1220ھ ۾ ڄائو. ظاهري تعليم اتي ئي ورتائين ۽ باطني فيض کيس والد کان مليو. اڳتي هلي خواجه عبدالقيوم جو سنڌ سان وڏو تعلق پيدا ٿيو جو سندس عقيدتمندن ۾ سيد ميران محمد شاھ اول ٽکڙائي، اميد علي سها هالائي ۽ محمد بچل انور هالائي جھڙا دانشمند ۽ شاعر شامل ٿيا. اميد علي هالائي خواجه عبدالقيوم جي سوانح ۽ ملفوظات کي ‘قدسيات قيومي’ جي نالي سان ترتيب ڏنو، جنهن ۾ مثنوي روميءَ جا ڪيترا بيت آندل آهن. بلڪ هڪ دفعي ڪنهن عقيدتمند کي ٻڌايائون ته جيڪڏهن حديث جو ڪتاب مطالعو ڪرڻو اٿوَ ته مشڪواة شريف پڙھو، سلوڪ جي شاعري پڙهڻي اٿوَ ته مثنوي رومي کي پڙهو، معرفت جي فهم خاطر مڪتوبات امام رباني ۽ ختم شريف لاءِ ختم خواجگان اختيار ڪريو. خواجه عبدالقيوم سال 1271ھ ۾ قنڌار ۾ وفات ڪئي.

خواجه عبدالقيوم جي گھر قنڌار ۾ سال 1244ھ ۾ عبدالرحمٰن نالي نينگر جنم ورتو. هن پنهنجي والد ۽ ملا حبيب الله قنڌاريءَ کان ظاهري علم پرايو. تيرهين صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ افغانستان ۾ خانه جنگيءَ واريون حالتون زور وٺي ويون، جنهن ڪري اتي سرهندي خاندان وارن جو رهڻ ناممڪن ٿي پيو هو. انهيءَ پس منظر ۾ سيد ميران محمد شاھ اول پنهنجي خانداني مرشد کي سنڌ بلڪ پنهنجي ڳوٺ ٽکڙ ۾ اچي رهڻ جي درخواست ڪئي. اهو سال 1297ھ هو، جو خواجه عبدالرحمٰن اهل عيال سميت افغانستان کي الوداع چئي سنڌ پهتو پر هينئر به سندس ارادو هتي رهڻ بجاءِ حرمين شريفين جو هو. ٽکڙ ۾ سال کن رهڻ کان پوءِ هو عربستان روانو ٿي ويو، جتي ٽي سال رهڻ کان پوءِ واپس اچي ٽکڙ ۾ رهڻ لڳو، جتي سال 1315ھ ۾ وفات ڪيائين.

خواجه عبدالرحمٰن جي اولاد مان خواجه محمد حسن جان پيدا ٿيو، جيڪو 1278 ۾ قنڌار ۾ ڄائو، هن اڳتي هلي علمي لحاظ کان وڏو نالو پيدا ڪيو. هو ڪيترن ڪتابن جو مصنف آهي. سندس علمي ڪارنامن ۾ پنهنجي پڙ ڏاڏي شاھ فضل الله جي سرهندي خاندان بابت لکيل تذڪري ‘عمدة المقامات’ کي ايڊٽ ڪرڻ آهي، جيڪو لاهور مان شايع ٿيو. سندس ٻين ڇپيل ڪتابن ۾‘انيس المريدين’ به قابل ذڪر آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي والد خواجه عبدالرحمٰن جي زندگيءَ جي حالات، تصرفات، قنڌار کي ڇڏڻ، حج تي روانگي، سنڌ ۾ آمد، ٽکڙ ۽ ٽنڊي سائينداد ۾ سڪونت جو ذڪر ڪري ٿو. ڪتاب ۾ خواجه عبدالرحمٰن جي هڪ ٻن مڪتوبات ۽ سندس عربي نعت وغيره به ڏنل آهي. خواجه حسن جان جو ٽيون ڪتاب ‘انساب الانجاب’ ان لحاظ کان خاص طور قابل ذڪر آهي جو ‘عمدة المقامات’ ۾ امام ربانيءَ جي اولاد جو ذڪر تيرهين صديءَ جي شروع يعني خود شاھ فضل الله تائين ملي ٿو ۽ ان کان پوءِ ابوالخير مڪي ‘هديه احمدي’ وارو تيرهين صديءَ جي آخر تائين امام ربانيءَ جي اولاد جو ذڪر پورو ڪري ٿو. ليڪن حسن جان وري انهن ٻنهي جي تڪميل خاطر اهو سلسلو پنهنجي دؤر يعني انساب جي لکڻ وقت 1334ھ تائين کڻي پڄائي ٿو. جنهن ۾ هو پوري هند سنڌ ۽ افغانستان ۾ امام ربانيءَ جي ڦهليل اولاد امجاد جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو سندس وڏو ڪارنامو آهي.

اڳ ۾ ذڪر ٿي چڪو ته ڪابل ۽ قنڌار ۾ سرهندين جي سڪونت پذير ٿيڻ بعد حج جي خاطر سندن اچ وڃ سنڌ مان ٿيڻ لڳي. هن سلسلي ۾ شاھ صفي الله جو سنڌ مان ڪيترا دفعا حج تي وڃڻ جو ذڪر ملي ٿو. آخري دفعي پاڻ رستي ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس حديده ۾ دفن ڪيو ويو. ان قافلي ۾ شاھ فضل الله ۽ شاھ ضياءَالحق ۽ سندن ماءُ ۽ ڀيڻ به شامل هئا. چوٿين حج تان واپسي وقت شاھ ضياءَالحق پنهنجي ٻئي پٽ عبدالرحيم کي سنڌ ۾ رهڻ جي لاءِ چيو. سال 1254ھ ۾ شاھ عبدالرحيم سنڌ ۾ ئي هو جو سندس والد شاھ ضياءَالحق جيڪو دره فرخشاه جي علائقي ۾ هو ته شهيد ٿي ويو. ان واقعي بعد شاھ عبدالرحيم واپس ڪابل هليو ويو ۽ اتي رهڻ لڳو. ليڪن سال 1294 ڌاري جڏهن افغانستان ۾ خانه جنگيءَ واريون حالتون پيدا ٿي پيون ته سڀني سرهندين کي اهو ملڪ ڇڏڻو پيو. اهڙيءَ طرح ٻائيتاليھ سال قنڌار ۾ رهڻ کان پوءِ شاھ عبدالرحيم مستقل طور مٽياري سنڌ ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، جتي اڳئي سندس پڦيءَ جي قبر هئي. سنڌ ۾ ڪل ارڙهن سال فيض پکيڙڻ بعد سال 1314ھ ۾ رحلت ڪيائين. سندس پٽ آغا عبدالحليم سال 1319ھ ۾ قبر مٿان عاليشان قبو تعمير ڪرايو جيڪو اڄ تائين مٽياريءَ ۾ قائم آهي.

شاھ عبدالرحيم جي فيض يافتن ۾ مولوي هدايت الله مشتاق متعلوي، فضل الله متعلوي، عبدالواحد متعلوي جھڙا عالم فاضل ۽ شاعر شامل آهن. شاھ عبدالرحيم جي رحلت تي سنڌ جي ڪيترن عالمن قطع تاريخ لکيا جن مان ڪيترا قبي جي اندر ديوارن تي خطاطي ۾ لکيل آهن. انهن عالمن ۾ درگاھ لُواري شريف جو مسند نشين خواجه محمد سعيد جھڙو وڏو عالم ۽ عارف به آهي. شاھ عبدالرحيم کي چئن مشهور صوفي سلسلن ۾ اجازت مليل هئي اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي پٽ شاھ عبدالحليم کي به اهڙو اجازت نامو ڏنائين جنهن ۾ نقشبندي قادري، سهروردي ۽ چشتي سلسلا شامل آهن.

 شاھ ضياءَالحق کي ڇهن پٽن جو اولاد ٿيو جن مان وڏو شاھ عبدالڪريم هو ۽ ٻيو شاھ آغا يعني شاھ عبدالرحيم مٽياري وارو هو، جنهن جو ذڪر مٿي گذري آيو. شاھ عبدالڪريم جڏهن سال 1259ھ ۾ حج تان ٻيڙيءَ ۾ سفر ڪندي ڪراچي جي نزديڪ پهتو ته ٻيڙي ٽٽي پوڻ ڪري سندس انتقال ٿي ويو، جنهن ڪري کيس ڪراچيءَ جي ميوه شاھ قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. افغانستان جي هلندڙ خانه جنگيءَ سبب شاھ عبدالڪريم جي ٻن فرزندن عبدالعزيز ۽ محمد قاسم تيرهين صديءَ جي آخر ۾ ڪراچي اچي ترڪ مسجد لڳ قيام ڪيو، جيڪا بابي قوم جي ماڻهن جي ٺهرايل هئي جن جو واسطو عبدالڪريم بابي نقشبندي قلاتيءَ سان هو. عبدالعزيز جو هڪ فرزند ضيا احمد ٿيو، جنهن ملير ۾ پير ڳوٺ قائم ڪري اتي رهائش اختيار ڪئي جتي هينئر به سندس اولاد موجود آهي. شاھ ضياءَالحق جو آخري پٽ ۽ شاھ عبدالرحيم جو ننڍي ۾ ننڍو ڀاءُ شاھ فضل معصوم جيڪو والد جي شهادت واري ڏينهن پيدا ٿيو، پالن پور گجرات ۾ وڃي مقيم ٿيو جتي هن نقشبندي طريقي جو بنياد رکيو. هن ننڍي ڄمار ۾ فقط اوڻيتاليھ سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي ۽ اتي مدفون ٿيو. سندس قبر مٿان اتان جي نواب مقبرو ٺهرايو.

سرهندين جي ٽين شاخ جنهن جي تيرهين صديءَ اندر سنڌ ۾ آمد ٿي، ان جو سربراه خواجه نظام الدين مجددي آهي ۽ هن جي ولادت پشاور ۾ ٿي. سندس تربيت ڏاڏي خواجه محمد صادق ڪئي. جيڪو خواجه غلام محي الدين جو پٽ هو. خواجه غلام محي الدين حج جي ارادي سان جڏهن سنڌ ۾ وارد ٿيو ته ساڻس ٻئي فرزند خواجه نظام الدين ۽ فدا محي الدين گڏ هئا. شڪارپور جو حاڪم مولا داد خان تيمور شاھ والي افغانستان جو نمائندو هو، تنهن خواجه صاحب جي قافلي جو استقبال ڪيو.

تذڪره مشاهير سنڌ“ موجب جڏهن اهو قافلو حيدرآباد ۾ پهتو ته شهر ۾ اها خبر گھڻي مشهور هئي ته مير ڪرم علي (وفات: 1244ھ) سنڌ جو حاڪم جيڪو تازو گذاري ويو هو، ان جي قبر مان باھ جو دونهون نڪري رهيو آهي. مير صاحبان جي منٿ ميڙ تي خواجه صاحب قبر تي اچي مراقبو ڪيو ۽ پنهنجي لاءِ به ڀرسان قبر جي جاءِ ٺهرائي ڇڏيائين. قدرت خدا جي جو ٽن ڏينهن کان پوءِ خواجه صاحب پاڻ به وفات ڪري ويو ۽ کيس انهيءَ جاءِ تي دفن ڪيو ويو. جنهن کان پوءِ چون ٿا ته دونهون نڪرڻ بند ٿي ويو. خواجه محي الدين سال 1244ھ ۾ وفات ڪئي.

ميرن شڪريه ادائگيءَ طور خواجه محي الدين جي پٽن خواجه نظام الدين ۽ فدا محي الدين کي ڪيترا هزار ايڪڙ زمين جاگير ڪري ڏني، هوڏانهن مولاداد کين شڪارپور ۾ آڻي رهايو جتي هنن مستقل سڪونت اختيار ڪئي ۽ فقير الله علوي جي پونيرن سان جيڪي پڻ نقشبندي طريقي سان منسلڪ هئا، خصوصي راه رسم رکيائون.

خواجه نظام الدين جي تاليفات ۾ ”اسرار و رموز نقشبنديه“ جو ذڪر ملي ٿو. هن 1273ھ ۾ وفات ڪئي ۽ لکي دروازي ڀرسان دفن آهي. خواجه نظام الدين جي نون پٽن مان خواجه امام الدين سجادگيءَ تي ويٺو جنهن نقشبندي سلسلي کي اڳتي وڌايو. هن 1292ھ ۾ حج جو ارادو ڪيو ۽ پنهنجن ٻن پٽن سميت اٽالي سان حرمين روانو ٿيو. واپسيءَ ۾ درياھ رستي ٻيڙي ۾ سفر ڪندي لڪي وٽ پهچڻ سان رحلت ڪري ويو. اهو سال 1294ھ هو. سندس لاش کي شڪارپور ۾ آڻي والد جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 32 31 30 29 28 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org