سيڪشن: تصوف

ڪتاب: معارف

باب:

صفحو:9 

    ­            آئون چوان ٿو ته: امـام غـزالـيءَ جـو قـول آهـي ته جـنهن ٿـوري مـان فـائـدو نه ورتـو ته گهڻو ان جي گمراهي ۽ جهالت جو سبب ٿيندو.

              سلطان الاولياء فرمايو: معرفت وارا مُئل ماڻهن جي ڳالھ ٻُڌندا ۽ کين ڏسندا آهن. انهيءَ ڪري نبي ڪريم جو ديدار جائز ۽ ممڪن آهي ۽ ائين ٿيو به آهي. جيتوڻيڪ اهو ڏسڻ سجاڳيءَ واري حالت ۾ ڇو نه هجي (تڏهن به جائز آهي) ۽ وڏي مانائتي نالي جو وچ ۾ اچڻ ڪوڙ کي روڪي ٿو، پوءِ اهو ڪهڙي به صورت ۾ ڇو نه هجي.

    ­            آئون چوان ٿو ته: مُلا علي قاري ‘مشڪاة جي شرح (مرقات)’ ۾ چيو آهي ته صحيح قول مطابق مُئل ماڻهوءَ سان ڳالهائي سگهجي ٿو.

 مرشد جي مُرشد (خواجه ابوالمساڪين شيخ محمد ٺٽوي قدس سره) جن (حضرت سلطان الاولياءَ) ڏانهن (هڪ خط ۾) لکيو آهي ته سندس ڏاڏي مخدوم آدم ٺٽوي (قدس سره) کي سندس مزار تي سلام پهچايو وڃي. حُليي ۽ صورت کي شرط نه سمجھڻ  دل کي گھڻو فائدو ۽ شفا ڏيندڙ آهي. هن سلسلي ۾ عالمن ۾ اختلاف آهي. محققن ان راءِ کي ترجيح ڏني آهي، جيڪا منهنجي وڏي مرشد سائين (سلطان الاولياء قدس سره) جي آهي. (ته حليي ۽ صورت جي موافقت شرط نه آهي.) ڪتاب ‘مڪتوباتِ احمدي’ ۾ انهن ٻنهي قولن مان ڪنهن کي به ترجيح نه ڏني وئي آهي.

 

               سلطان الاولياء فرمايو: موليٰ جو طالب جيڪڏهن توڪل جي طاقت رکي ته پوءِ ڪم ڪار نه ڪري پر جيڪڏهن اهڙي طاقت نٿو رکي ته پوءِ ڀلي ڪم ڪار ڪري. باقي توڪل جي طاقت نه هوندي ڪم نه ڪرڻ، مخلوق تي اجايو بار پوڻ آهي.

 

               سلطان الاولياء فرمايو: انسان انهيءَ جسم جو نالو آهي، جنهن جي طرف اشارو ڪيو ويندو آهي ۽ اهو ڏسڻ ۾ ايندو آھي. ليڪن انسان جي حقيقت “انسانيت” آهي. جيڪا وڌيڪ معنيٰ واري آهي. انهن ٻنهي حرفن ۾ هڪ حرف “ي” ۽ ٻيو “ت” جي وڌڻ سبب معنيٰ به وڌي ويندي. جن جا ابجد جي حساب سان عدد چار سئو ڏهه ٿين ٿا. (مطلب ته انسانيت، انسان کان چار سئو ڏهه ڀيرا وڌيڪ آهي، انسان ۽ انسانيت جي) حقيقت جي ڳولا رڳو ڪو سمجھ وارو ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو، جيڪو (ٻنهي انسان ۽ انسانيت جي) حقيقت کي سمجهڻ جي صلاحيت رکندڙ هجي.

 

              سلطان الاولياء فرمايو: مـريـد جـي ڊپ جـو عـلاج پـنهنـجـي مُـرشد جي صورت کي (دل ۾) حاضر ڪرڻ آهي. پوءِ اهو ڊپ ڪنهن خطري جو هجي يا ڪنهن ٻي صورت جو ڊپ هجي.

  •                 آئون چوان ٿو ته: حافظ شيرازي چيو آهي:

در آن روزي که کس کس را نه پرسد
من  از  پير   مغان   منت    پذيرم

     [معنيٰ: ان ڏينهن (قيامت ۾) جڏهن ڪو ڪنهن کان ڪونه پڇندو، آئون پنهنجي پير جي ٿوري ۽ احسان هيٺ هوندس.]

                   سلطان الاولياء فرمايو: معراج جي رات سواءِ انسانيت جي، ٻيو ڪو پردو ڪونه رهيو.

               سلطان الاولياء فرمايو: اهو نالو جيڪو مطلوب آهي سو اسم ذاتي (الله) آهي.[9] اسين (ڪنهن به ماڻهوءَ کان) ان نالي متعلق بُخل نه ڪندا آهيون پر انهيءَ معرفت جو قدر اڻلڀ آهي ۽ علم جو نقطو اهو (يعني الله جي طلب) آهي.

  •        آئون چوان ٿو ته: الله تعاليٰ ارشاد فرمايو آهي:

                      إِذَا دُعِيَ اللَّهُ وَحْدَهُ كَفَرْتُمْ وَإِن يُشْرَكْ بِهِ تُؤْمِنُوا (12:40:24)

[ترجمو: جڏهن الله کي اڪيلو سڏيو وڃي ٿو ته ڪفر ڪريو ٿا ۽ جڏهن اُن سان شريڪ ڪيو وڃي ٿو ته اوهان ايمان آڻيو ٿا.]

۽ ٻي آيت  مبارڪ ۾ آهي   إِذَا قِيلَ لَهُمْ لَا إِلَـٰهَ إِلَّا اللَّهُ يَسْتَكْبِرُونَ (35:37:23)

[ترجمو: جڏهن هنن کي چيو ويو ته عبادت لائق فقط هڪ الله ئي آهي تڏهن  اهي ان جي طلب کان وڏائي ٿا ڪن.]

 “يستڪبرون” ۾“سين” (علم نحو موجب) طلب ۽ گهُر لاءِ آهي. پوءِ اُها ڳالھ سمجهه! انڪار ڪندڙ توحيد جي ڪلمي کي گهٽ سمجهندو آهي ۽ وري وڏي علم جي طلب ڪندو آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: (دل جو) خيال يا خطرو ايمان ۾ رنڊڪ نه ٿو وجھي پر اهو پاڻ ايمان جو ڪمال آهي.

  •         آئون چوان ٿو ته: ‘مـڪـتوبـات احـمـدي’ ۾ آهـي ته خـراب خـطـرو سيـکـڙاٽ ۽ وچـولي شاگرد لاءِ زهر هوندو آهي، باقي انتها واري لاءِ اهو نقصانڪار نه آهي. ڇو ته انوارن جو اصلن ڏانهن عروج الله سان وصال جي ڪري قلب ۽ بدن ۾ ڪدورتون ظاهر ڪرڻ کي لازم ڪري ڇڏيندو آهي، ان ڪري جيترو اندر اجرو ٿيندو، اوترو ٻاهر ميرو ٿيندو.

 مولوي رومي چيو آهي:

اين  نجاسه  ظاهر  از  آبي   رود
و آن نجاسه باطن افزون مي شود

     [معنيٰ: اها ظاهري پليتي جيڪا بدن تي آهي سا پاڻي سان هٽي ٿي وڃي پر اندر واري پليتي وڌيڪ ظاهرٿي پوي ٿي.]

   وڏو مُرشد سائين (سلطان الاولياء قدس سره) هن بيت کي ڏاڍو پسند فرمائيندا هئا. مطلب ته سڀ شيءِ الله کان آهي ۽ ان (جي حڪم) سان بيٺل آهي ۽ ان ڏانهن ئي موٽندڙ آهي.

 الله تعاليٰ فرمايو آهي:     أَلَا إِلَى اللَّهِ تَصِيرُ الْأُمُورُ   (53:42:25)  

[ترجمو: خبردار! توهان جا سڀئي ڪم الله ڏانهن ئي موٽن ٿا.]

              وڏي مُرشد سائين (سلطان الاولياء) جو اهو (مٿيون) فرمان ٿورڙن لفظن وارو آهي پر ان ۾ وڏي معنيٰ سمايل آهي.

مولوي رومي چيو آهي:

صورت از بي صورتي آمد برون
باز   شد   که   انا  اليہ راجعون
 

[معنيٰ: ظاهري صورت، بي صورت (الله تعاليٰ) کان ٻاهر آئي آهي، وري اها صورت، بي صورت ڏانهن واپس ويندي. جيئن قرآن مجيد ۾ اِنّا اِلَيہِ رَاجعُونَ“ (اسان الله ڏانهن ئي موٽي وينداسون) آهي.]

راجع آن  باشد که باز آيد بشهر
سوئي  وحدة  آيد  از تفريق دهر
 

[معنيٰ: موٽندڙ ائين هوندوآهي، جيئن ڪو پنهنجي شهر ڏانهن موٽي اچي، زماني جي جدائي کان الله  جي وحدت ڏانهن واپس اچي.]

از  درخت  برگ حس افشان کنم
زين جهان خود را دمي پنهان کنم
 

[معنيٰ: (وحدت جي) وڻ مان (غير الله جي) سمجهه جا پن ڇاڻيان ٿو ۽ هن فاني جهان مان (پنهنجي نفي ڪريان ٿو ته) هڪ گھڙي لاءِ لِڪل رهان ٿو.]

چشم بندم خويش تسليمش کنم
اندران  شهر  کهن زينسان رسم.
 

[معنيٰ: آئون پنهنجي اک کي بند ڪريان ٿو ۽ پاڻ کي ڌڻيءَ جي حوالي ڪريان ٿو ۽ اهڙيءَ طرح پراڻي شهر (اصلي وطن ۾) پهچان ٿو.]

شرط  تسليم  است نه کار دراز
باتو گفتم اي پسر کن چشم باز
 

[معنيٰ: الله جي تابعداري شرط آهي، اجائي ڊيگھ ۾ نه پؤ! اي پُٽ! توکي توحيد جي ڳالهه چوان ٿو تون اکيون کول.]

       سلطان الاولياء فرمايو: شرڪ کان سواءِ ايمان ورلي لڀندو.

الله تعاليٰ فرمايو آهي:     وَمَا يُؤْمِنُ أَكْثَرُهُم بِاللَّهِ إِلَّا وَهُم مُّشْرِكُونَ  (106:12:13)

[ترجمو: ۽ انهن مان گهڻا ماڻهو الله تعاليٰ تي ايمان نٿا آڻين پر سواءِ هن جي جو اهي شرڪ ٿا ڪن.]

              سلطان الاولياء فرمايو: جـنهن مـخلوق کـان مـدد گهُـري ۽ اهـو ائين به چـئي ٿو ته مون لاءِ الله کان سواءِ ڪو به نه آهي، تنهن وڏي بزرگيءَ واري کي گھٽ ڄاتو، جيڪو ٻين سڀني شين کان ڪفايت ڪندڙ آهي.

 الله تعالي فرمايو آهي:       أَلَيْسَ اللَّهُ بِكَافٍ عَبْدَهُ   (36:39:24)

[ترجمو: ڇا الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهي لاءِ ڪافي نه آهي.][10]

  •            آئون چوان ٿو ته: جنهن اڄ (هن دنيا ۾) سڀ کان وڏي (الله پاڪ)  کي  نه  ڏٺو،  سو سڀاڻي (قيامت ڏينهن) ان کي ڪيئن ڏسندو؟ (هن کي سمجهڻ لاءِ مثال هي آهي ته) اُٺ رڳو انڌي ماڻهوءَ کان گاھ ۾لڪي سگهندوآهي.

 الله تعاليٰ فرمايو آهي:    وَمَن كَانَ فِي هَـٰذِهِ أَعْمَىٰ فَهُوَ فِي الْآخِرَةِ أَعْمَىٰ   (72:17:15)

[ترجمو: جيڪو شخص هن دنيا ۾ (الله کي ڏسڻ کان) انڌو هوندو ته اهو آخرت ۾ به (الله جي ڏسڻ کان) انڌو ئي رهندو.]

               سلطان الاولياء فرمايو: مجنون کان پُڇيو ويو ته تو قرآن پڙهيو آهين؟ مجنون وراڻيو ته  آئون (عشق جو) حافظ آهيان!. (پوءِ هيءَ آيت پڙهيائين، جنهن ۾ “ليليٰ” جو اکر آهي.)

سُبْحَانَ الَّذِي أَسْرَىٰ بِعَبْدِهِ لَيْلًا    (1:17:15)

[ترجمو: الله لاءِ ئي پاڪائي آهي، جنهن پنهنجي ٻانهي کي رات جو سير ڪرايو.]

مطلب ته عاشق اهو آهي جنهن لاءِ معشوق جو نالوئي ڪافي ۽ بس آهي.                      

 

              سلطان الاولياءَ فرمايو: ڪنهن به صفت جي لحاظ کان سواءِ علم ذاتي فقط الله لاءِ رکيل آهي. ائين نه آهي جيئن ڪن جو خيال آهي ته اهو ذات لاءِ سڀني (اٺن صفتن) سميت اسم ذاتي بنايو ويو آهي. البت جنهن جو خيال ذات لاءِ ڪمال کي پهتو، ان کي ڪابه صفت آڏو نه ايندي ۽ اهو صفت کان سواءِ ذات جوخيال ئي ڪمال توحيد آهي.

               سلطان الاولياءَ فرمايو: توحيد شيءِ کي ان جي سڃاڻڻ کان پري رکڻ جو نالو آهي ھن ريت جو توحيد وارو ان کي پروڙي ۽ ڄاڻي پر ان کي ڪا ٻي وصف نه لڳائي. (مطلب ته) ان جي ڪُنهه  (حقيقت) کي نه ڄاڻي. عارفن جي هن قول جو به اهو ئي مطلب آهي ته “التوحيد اسقاط الاضافات” يعني نسبتن کي ڪيرائي ڇڏڻ جو نالو توحيد آهي.

  •            آئون چوان ٿو ته: ان مطلب ڏانهن حافظ (هن بيت ۾) اشارو ڪيو آهي:

چون صبا مجموعه گل را بآب لطف شست
کج دلم خوان گر نظر  بر  صفحــه دفتر کنم

[معنيٰ: جڏهن باد صبا گُلن کي فضل جي پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو ۽ پوءِ به آئون ڪتاب ويٺو پڙهان ته مون کي بگڙيل دل وارو چئو.]

               سلطان الاولياءَ فرمايو: عام ماڻهو (شين کي) ڏسندا آهن پر انهن جي منشاء (ظهور واري جاءِ) کي نه ڏسندا آهن. عارف شين کي به ڏسندو آهي ۽ انهن جي منشاء کي به ڏسندو آهي. اهو ”ادراڪ بسيط“ ۽ “ادراڪ مرڪب” آهي. پهريون قسم غفلت آهي ۽ ٻيو قسم ذڪر آهي. شيءِ جي ظاهر ٿيڻ جي جاءِ کي ڏسڻ انهن ماڻهن کي نصيب ٿيندو آهي، جيڪي حيرت ۾ هوندا آهن. انهيءَ ڪري فلسفي اسباب جي بيان ۽ تعين ۾ غلطي ڪندا آهن يا منشاءَ جو انڪار ڪندا آهن. منشاء (علت) جو صحيح ڏسڻ اهل الله لاءِ آهي، جيڪي شين جي نسبت پهرين منشاء ڏانهن ڪندا آهن جيڪا الله جي ذات آهي، ان کان سواءِ ٻي ڪابه منشاءَ ۽ علت نه آهي. تڏهن ڪڪر، مينهن ۽ انڊلٺ وغيره جو ڏسڻ خطا آهي پر اهو خطا تي نه آهي جيڪو هي اعتقاد رکي ٿو ته اهي دنيا جا اسباب آهن. جيئن مينهن، اَنَ ۽ گاهه ڦٽڻ جو سبب آهي. اهو سڀ الله تعاليٰ جو فعل آهي، جنهن جا ڪم دنيوي غرضن کان پاڪ آهن.

  •       آئون چوان ٿو ته: ڪتاب ‘محصول الاصول’ ۾ آهي ته مناظري ۽  تحقيق  جو مطلب هي آهي ته حڪم جي ماخذ کي ظاهر ڪجي. هتي ماخذ کي پڌرو ڪرڻ جو مطلب آهي ته  سندس منشاء کي لهڻ، جنھن جو ٻيو نالو نسبت ۽ لاڳاپي جو لهڻ به آهي.

          برو علم من اين قلنا بيار

[معنيٰ: علم کي اُتان وٺي اچ، جتان اسان چيو آھي.] [11]

          فاضل چلپيءَ ‘بيضاوي جي حاشيي’ ۾ لکيو آهي ته، اهلِ حق جو اهو عقيدو آهي ته شين ۾ ڪابه علت ۽ سببيت نه آهي پر سڀ شيون الله ڏانهن منسوب آهن. اسان جي وڏي مُرشد سائين (سلطان الاولياء) جو ڪلام ھن عقيدي جو شرح آهي.

 الله تعاليٰ فرمايو آهي:            قُلْ كُلٌّ مِّنْ عِندِ اللَّهِ (78:4:5)

[ترجمو: اي نبي ﷺ! فرماءِ  ته ھر ڪا شئ الله جي طرف کان آهي.]

هَلْ مِنْ خَالِقٍ غَيْرُ اللَّهِ (3:35:22)

[ترجمو:- ڇا الله کان سواءِ ڪو ٻيو به اھڙو خالق آهي؟]

لا يُسْأَلُ عَمَّا يَفْعَلُ (23:21:17)

[ترجمو: ۽ جيڪي رب ڪري ٿو تنھن بابت ان کان ڪير پڇڻ وارو نه آهي!]

(مطلب ته الله جيڪي ڪري ٿو ان کان پُڇا نه ٿيندي.)

 ۽ حديث شريف ۾ آهي:           ان الله صانع کل صانع وصنعتہ

[ترجمو: تحقيق الله تعاليٰ هر ٺاهيندڙ (ڪاريگر) ۽ سندس ڪاريگريءَ جو صانع (ڪاريگر) آهي.]

       سلطان الاولياء فرمايو: حديث جي قبوليت لاءِ سند (جو ھئڻ) شرط آهي.

  •     آئون چوان ٿو ته: هـتي حـديث مـان مـراد ڪـلام آهـي ۽ سنـد جـو مطلب آهي ته شرعي اصول ان سان ٺهڪندڙ ھجن ۽ ڪا معارضي (اڻ ٺهڪندڙ) ڳالھه به نه ھجي. اُهي (شرعي اصول) فقيهن وٽ چار آهن. (قرآن، حديث، اجماع ۽ قياس) ۽ محدثن وٽ ٽي آهن، ڇو ته هو قياس کي نٿا مڃين. ليڪن صوفين وٽ هڪڙو ئي اصول آهي، جنهن کي دل جو يقين ۽ اطمينان سڏجي ٿو.

ڇاڪاڻ ته حديث ۾ آھي:                  الصدق طمانية

[ترجمو: سچ دل جو يقين آهي.]

مولوي رومي چيو آهي:

با تواتر نيست قانع جان ما
از  درونِ  دل  رسد ايقان ما

     [معنيٰ: لاڳيتو گهڻين سَنَدَنَ تي اسان جي دل کي اطمينان نه آهي، اسان کي دل جي اندران ئي يقين حاصل ٿيندو آهي]

باقي محدثن وٽ حديث رسول الله ﷺ ۽ سندن اصحابن ؓ جي قول ۽ حال جي بيان کي چيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته مجنون وٽ ليليٰ ۽ سندس پاڙيسرين کان سواءِ ٻئي جي ڳالهه فضول آهي، حديث نه آهي. عاشق وٽ معشوق کان سواءِ ٻئي جي ڳالهه اجائي آهي. پوءِ جيڪا حديث رسول الله جن کان هوندي ان کي “مرفوع” چئبو آهي ۽ صحابيءَ جي ڳالهه کي “موقوف” چوندا آهن پر راوي اهڙا هجن، جيڪي عادل، مقبول ۽ معتبر هجن، انهن ۾ ڪو به راوي مجهول ۽ سَند کان ڪِريل نه هجي. محدث، حديث جي سَنَد کان پوءِ ان حديث تي عمل ڪرڻ کان صرف ان وقت رُڪبا آهن، جڏهن ان حديث جي مقابلي ۾ ڪا ٻي حديث تحقيق جي لحاظ سان قوي ۽ راجح هوندي آهي. علم اصول حديث جو اهو تَتُ آهي، جنھن سان صحيح ۽ ضعيف حديث ۾ فرق ڪيو ويندو آهي.

هن مسڪين (گرهوڙيءَ) جو بيت آهي:

موافق بصادق صدق گفته اند
دگر  هرچه باشد لغو ديده اند

 

[معنيٰ: جيڪو ڪلام سچ سان موافقت رکي، ان کي سچ چيو اٿن، سچ کان سواءِ ٻي هر ڳالهه کي بي فائدو ۽ اجايو ڏسن ٿا.]

فما  جاز  فتويٰ خلا عن دليل
اتيٰ ملزم الحڪم غير العليل

[معنيٰ: جيڪا شيءِ ڪنهن ڪمال واري جي فتويٰ ڪري جائز هجي، تنهن کي دليل جي گهرج نه آهي. دل واري فتويٰ حڪم کي لازم بنائيندي آهي، ان لاءِ سبب بيان ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. ]

چو خواهي که مفتي شوي در ديار
برو   علم   من   اَينَ   قُلنا   بيار

[معنيٰ: جيڪڏهن تون چاهين ته فتويٰ سان جهان ۾ مفتي ھجين، ته وڃ! علم کي اُتان (دل کان) وٺي اچ جتان اسان چيو آهي.]

               سلطان الاولياء فرمايو:  حـديث  صحيح  ۽  ثابت  ملي  ته  ان  تي  عمل  ڪجي، جيستائين ان جي مقابلي ۾ ٻي ڪا اهڙي حديث نه اچي. باقي رڳو گمان صحيح حديث تي عمل (ڪرڻ) کان نه ٿو روڪي سگهي.

  •       آئون چوان ٿو ته: ائين هـجي هـا ته صحـابـي سڳـورن جـيڪي حـديثـون ٻُـڌيـون هـيون،  انهن تي عمل نه ڪن ها ۽ عمل کان اڳ ۾ هر روز ناسخ يا ابتڙ بابت پڇا ڪندا رهن ها، اها ڳالهه صحابين کان منقول نه آهي.[12] روزانو ته ٺهيو پر سال ۾ هڪ ڀيرو به انهن کان اهڙي پڇا منقول نه آهي. (انهن ۾) ڪي صحابي سڳورا ڳوٺن جا رهاڪو هئا، رسول الله تي جيڪي (روزانو) نازل ٿيندو هو، ان جي کين خبر ڪونه هوندي هئي پر حديث تي عمل ڪندا رهيا. ان ڳالهه جي تائيد اصولين (اصول فقہ جي عالمن) جي هن قول مان به ٿئي ٿي ته ڪنھن ثابت اصول کي ڪنهن ٽڪرائجندڙ مشڪوڪ دليل جي ڪري ڇڏي نٿو سگهجي.

              سلطان الاولياء فرمايو: ماڻهن جي عرف ۽ دستور تي ھلندڙ کي ملامت نٿي  ڪري سگھجي.

  •       آئون چوان ٿو ته: ڪـتاب ‘الاشباه والنـظائـر’ ۾ آهي ته ماڻھن جي عرف کي شرع جي ڪمن جو درجو ڏنل آهي ۽ ڪتاب ‘جامع الرموز’ ۾ آهي ته عرف ۽ دستور اھو مڃبو جنھن کي سليم طبيعتون قبول ڪنديون آهن.

                سلطان الاولياَ فرمايو: اصحابِ ڪهف جو ڪتو هن لاءِ سَنَدَ آهي ته ڪتو گهر جي سنڀال لاءِ ڌاري سگهجي ٿو.

  •            آئون چوان ٿو ته: فـقيهن چـيـو آهـي ته نـگهبـانـي يـا ٻـئي ڪنهن جائز مقصد لاءِ ڪُتو ڌارڻ جائز آهي.

               سلطان الاولياء فرمايو: تفسير جي صحيح يا غلط ھئڻ جو دارومدار ھن تي آھي ته اھو اصل حقيقت جي موافق آهي يا اڻ موافق. 

  •          آئون چوان ٿو ته: اهـوسڀ ڪنهن قـول لاءِ مـعيار ۽ ڪسوٽي آهي. ڇو ته سچ اهو آهي جيڪو اصل حقيقت سان ٺهڪي اچي. قرآن شريف سمورو سچ آهي، تنهنڪري ضروري آهي ته ان جو تفسير به سچ هجي، ڇو ته تفسير جي مُفسّر (جنهن جو تفسير ڪيو وڃي) سان موافقت ھئڻ ضروري آهي.

 انهيءَ ڪري قرآن شريف جي هن آيت:

إِنَّ الصَّلاةَ تَنْهَىٰ عَنِ الْفَحْشَاءِ وَالْمُنكَرِ (45:29:21)

[ترجمو: بيشڪ نماز برائي ۽ بي حيائي کان روڪي ٿي.]

آيت ۾ آيل لفظ “صلاة” جو تفسير رسمي نماز سان ڪرڻ صحيح نه آهي. ڇاڪاڻ ته ظاهر ۾ اهڙي نماز بُراين کان نٿي روڪي. (هوڏانهن) نماز جي حقيقت اھا آهي ته اھا بُراين کي روڪي ٿي. انهيءَ ڪري مٿين آيت ۾“صلاة” مان مراد اها نماز آهي، جيڪا براين کان روڪي. اها نماز سڀني عبادتن جي جامع ھئڻ کپي، تڏهن وڃي ماءُ جو اولاد سان ميلاپ ٿيندو.

حديث شريف ۾ آهي ته:   من لم تنہ صلاتہ عن الفحشاء لم يزدد من الله الابعدا

[ترجمو: جنهن ماڻهوءَ کي نماز بڇڙاين کان نه روڪيو ته اها نماز کيس الله کان اڃا وڌيڪ پري ڪندي۔]

 ٻي حديث شريف ۾ آهي ته:       الصلاة معراج المؤمنين

[ترجمو: نماز مؤمن جو معراج آهي

الله تعاليٰ فرمايو آهي:         إِنَّهَا لَكَبِيرَةٌ إِلا عَلَى الْخَاشِعِينَ (45:2:1)

[ترجمو: بيشڪ اها نماز ڳري آهي سواءِ انھن جي جيڪي عاجزي ڪندڙ آهن. يعني انهن لاءِ سولي آهي

حافظ چيو آهي:

فردا که پيشگاه  حقيقت شود پديد
شرمنده ره روي که عمل بر مجاز کرد

[معنيٰ: سڀاڻي جڏهن (حال جي اصل) حقيقت ظاھر ٿيندي ته اهو (ماڻهو) شرمندو ٿيندو، جنهن حقيقت کي ڇڏي، مجاز تي عمل ڪيو هوندو۔]

 هن مسڪين (گرهوڙيءَ) جو ڪلام آهي:

اين خلاف ز سلف در تفسير
غالبش   از  مثال  يا   تعبير
 

[معنيٰ: اڳين جو قرآن جي تفسير ۾ جيڪو اختلاف آهي، اهو گهڻو ڪري مثال جو آهي يا بيان ۽ تعبير جو آهي.]

شرح  جائز  بمرادف  وتمثيل
ليک تخصيص خطا جز بدليل
 

[معنيٰ: ڪلام جي شرح ۾ تعبير ۽ مثال جو اختلاف جائز آهي، باقي ڪنهن خطا جو سمجهڻ (دل جي فراست سان آهي) دليل سان نه هوندو آهي.]

 هن ڳالھ جي وڌيڪ تحقيق لاءِ سيوطيءَ جو ڪتاب ‘اتقان’ ڏسڻ گهرجي.
 

                سلطان الاولياء فرمايو: قرآن شريف ۾ سوچ ويچار ان جي تفسير کان بي نياز ڪري ڇڏيندو آهي.

    ­            آئون چوان ٿو ته: ساڳيءَ ريت جنهن ماڻهوءَ پنهنجي خواهش کي الله جي محبت ۾

فنا ڪيو، اهو ائين ئي سوچيندو آهي. جيئن شيخ محي الدين ابن عربي چيو آهي:

انا  القرآن  و السبع  المثاني
و روح الروح لا روح الاواني
 

[معنيٰ: آئون قرآن آهيان ۽ فاتحه جون ست آيتون آهيان ۽ اهو روح آهيان، جنهن سان حيواني روح قائم آهي.]

 مطلب ته آئون اهو روح نه آهيان، جيڪو بدن جي بند ۾ آهي پر اهو روح آهيان، جنهن سان روح قائم ۽ بيـٺل آهي. [13]

              سلانطان الاولياء فرمايو: سالڪ قرآن جي آيت کي پنهنجي نموني تي تفسير ڪندا آهن ۽ ظاهري علم وارا ٻئي نموني تي (بيان) ڪندا آهن. سالڪن ۽ ظاهر وارن (عالمن) جي اختلاف کي هن آيت مان سمجهڻ کپي:  

لَا يُكَلِّفُ اللَّهُ نَفْسًا إِلَّا وُسْعَهَا   (286:2:3)

[ترجمو: الله تعاليٰ ڪنهن به ماڻهوءَ کي سندس طاقت کان وڌيڪ تڪليف نه ڏيندو آھي.]

  •      آئون چوان ٿو ته: وڏي مُـرشـد سـائين (سـلطـان الاولياء) جي نيڪ خيال مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته قرآن شريف جي نِصوص (عبارت) کي ظاهر تي رکجي ۽ انهن ۾ تاويل نه ڪجي. ڪتاب ‘بدرالمنير’، ‘تلويح’ ۽ ‘احياءُالعلوم’ ۾ آهي ته قرآن شريف  قديم لُغت (ٻوليءَ) ۾ لٿو آهي. جديد اصطلاح تي نه لٿو آهي. ڪتاب ‘ڪيمياءِ سعادت’ ۾ آهي ته قرآن شريف جي سمجهڻ کان ٽي شيون روڪيندڙ آهن، هڪ ٻوليءَ جي ڄاڻ نه ھجڻ، ٻيو لاڳيتو گناهه يا بي فرمانيون ڪرڻ ۽ ٽيون ٻين (شارحن) جي تقليد ڪرڻ.

 هن مسڪين (گرهوڙيءَ) جو بيت آهيِ:       

تبطن وحشو هر دو کوري  بدان
دو خانه و دو کلب  سخن  عالمان

[معنيٰ: پيٽ پوڄا ڪرڻ ۽ بيڪار ويهڻ، ٻئي حق جي سمجهڻ کان انڌائپ جو ڪارڻ آهن، اُهي ٻنھي گهرن (دنيا ۽ آخرت) ۾ ٻئي ڪتن وانگر آهن. اهو عالمن جو چوڻ آهي.]

 هن سڀ جو مثال عالمن جو اهو قول آهي ته مجاز جي عام معنيٰ تي عمل ڪجي. عاقل جي ڪلام کي عمل جوڳو بنائڻ لاءِ حقيقت ۽ مجاز کان سواءِ ڪو به چارو نه آهي. ان ڳالهه کي چـڱي طرح سمجهو.

                  سلطان الاولياء فرمايو: اڳيون پوئين لاءِ شاهد هوندو آهي.

  •         آئون چوان ٿو ته: حـضرت وڏا مـرشد سائين (سلطـان الاوليـاء) اهـو ان وقـت فـرمائيندا هئا، جڏهن ڪنهن عبارت جي مراد ۽ مطلب نِص يا اِجتهاد سان واضح نه ٿيندو هو. سندن اهو چوڻ ائين آهي، جيئن علم اصول وارا چوندا آهن ته اڳ واري ڳالھ جو علم مطلب کي واضح ڪندو آهي. اھا ڳالهه مشهور آهي ته وڻ ميوي جي خبر ڏيندو آهي. فقيهن چيو آهي ته جنهن مسئلي جي حڪم جي خبر نه پوي ته ان جهڙن (ٻين مسئلن) کي ڏسي، ان تي انھن وارو حڪم لڳائجي.

ڳالهه جو خلاصو هي آهي ته هر شيءِ جي تَرَ تائين پھچڻ هر ھنڌ واٽ ڏيکاريندڙ آهي. ڇاڪاڻ ته فرع اڳين ڪلام لاءِ شرح آهي، ان (اڳين ڪلام) کي ٽوڙيندڙ نه آهي.

 هن مسڪين (گرهوڙيءَ) جو هڪ بيت آهي:

هرچه  بيني بشرح موجود است
شرح موجود  کشف مقصود است

     [معنيٰ: جيڪو تون ڏسين ٿو سو حقيقي موجود جو بيان آهي ۽ حقيقي موجود جي شرح کي ظاهر ڪندڙ آهي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: جڏهن ٻن شين جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ ٿئي ته اصل تي عمل ڪجي، فرع تي نه ڪجي. اصل تي عمل ڪرڻ وڌيڪ بهتر ۽ حقيقت کي ويجهو آهي.

  •            آئون چوان ٿو ته: اهو علم اصول فقھه جو مشهور مسئلو آهي.

               سلطان الاولياء فرمايو: فقير ۽ فقيہ کي سچو تڏهن سمجهبو، جڏهن سندس قول ۽ فعل اصول سان ٺھڪندڙ هجي. مطلب جنهن اهڙي ڳالهه چئي، جنهن جي ڪا سند نه آهي ته سندس اها ڳالهه درست نه آهي.

  •          آئون چوان ٿو ته: مولوي جامي چيو آھي:

هر چه نه آن قال الله وقال الرسول
هست  بر  اهل  فضيلت    فضول
 

     [معنيٰ: جيڪا ڳالهه الله ۽ سندس رسول نه چئي آهي، سا علم وارن وٽ فضول ۽ بيڪار آهي.]
                سلطان الاولياء فرمايو: سخا اهڙي ٽاري آهي، جيڪا سخيءَ کي جنت ۾ پهچائي ٿي ۽ بُخل (اهڙي) ٽاري آهي، جيڪا بخيل کي دوزخ ۾ پهچائي ٿي. اها ڳالھ حديث موجب آهي.

                 سلطان الاولياء فرمايو: فقير اهو آهي، جنهن ۾ فقيرن واري خاصيت هجي. پر جيڪو رڳو فقيرن واري ظاهري رسم تي هلي سو فقير نه آهي.

  •            آئون چوان ٿو ته: ڪنھن ڪيتري نه سٺي ڳالھ چئي آهي:

آدمي    را    آدميت   لازم     است
گر ندارد بوي صندل هيزم است.[14]

     [معنيٰ: انسان لاءِ انسانيت واري صفت لازمي آهي، جيئن صندل ۾ خوشبوءِ نه هجي ته اها ٻارڻ جي ڪاٺيءَ وانگر آهي.]

              وڏي مرشد سائين (سلطان الاولياء) جو اهو ٻول فقيرن ۽ غير فقيرن جي حقيقت سڃاڻڻ لاءِ صحيح ڪسوٽي آهي. فقيهن ڪفالت واري باب ۾ چيو آهي ته ڪلام ۾ معنيٰ کي اعتبار آهي، ظاھري لفظ ۽ صورت کي ڪو اعتبار نه آهي.

               سلطان الاولياء فرمايو: ٻانگي کي ٻئي جي چوڻ تي هلڻ نه گهرجي ته ٻانگ جو وقت ٿي ويو آهي (ٻانگ ڏي) پر جيستائين سندس دل فتويٰ نه ڏئي (تيستائين ٻانگ نه ڏئي). ڇاڪاڻ ته قيامت ۾ هر هڪ کان سندس راءِ جي پُڇا ٿيندي، ٻئي جي راءِ جي پُڇا نه ٿيندي.

  •           آئون چوان ٿو ته: جيئن مولوي رومي چيو آهي:

هنديان  را اصطلاح هند مدح
سنديان را اصطلاح سند مدح

     [معنيٰ: هندستانين وٽ هندي ٻوليءَ جو اصطلاح پسند پيل آهي ۽ سنڌين وٽ سنڌيءَ جو اصطلاح وڻندڙ آهي]

شافعي مذهب جي ڪتاب ‘شرح البهجة’ ۾ آهي ته امام غزاليءَ اها فتويٰ ڏني آهي ته جيڪڏهن ماڻهو اڪيلو نماز پڙهي ٿو ته خشوع (حضور) سان پڙهي ٿو ۽ جماعت سان خشوع نصيب نٿو ٿئي ته ان لاءِ اڪيلو نماز پڙهڻ بهتر آهي.

حديث شريف ۾ آهي ته:    ان الله لاينظر الي صورڪم بل اليٰ قلوبڪم

[ترجمو: بيشڪ الله تعاليٰ اوهان جي شڪلين کي نه پر دلين کي ڏسي ٿو.]

 امام غزالي ڪتاب ‘احياء العلوم’ ۾ لکيو آهي ته اصل ڳالھ هي آهي ته دل کان فتويٰ ورتي وڃي، بيشڪ الله تعاليٰ هميشہ کان متڪلم ۽ قديم آهي. جيئن الله قديم آهي تيئن سندس ڪلام به قديم آهي ۽ الله تعاليٰ ساهه جي رڳ کان به وڌيڪ ويجهو آهي. الله تعاليٰ جي ڪلام ٻڌڻ ۽ ساڻس ويجهي ٿيڻ جو حڪم آهي. نقشبندي طريقي جا بزرگ “ذات احمدي” جي پيرويءَ ۾ انهيءَ قرب تي رهيا آهن. قرآن شريف جو ٻُڌڻ، پڙهڻ کان وڌيڪ بهتر آهي. جيئن ڪتاب ‘الاشباه والنظائر’ ۾ آهي ته الله جو ڪلام قديم ۽ نفسي (حرف ۽ آواز کان پاڪ) آهي. ان جو نفسي سماع ان جو ان جي لفظي تلاوت کان بهتر آهي. ان ڳالهه لاءِ سَند ۽ دليل الله تعاليٰ جو هي فرمان آهي:

وَمَا أَرْسَلْنَا مِن رَّسُولٍ إِلاّ بِلِسَانِ قَوْمِهِ   (4:14:13)

 [ترجمو: اسان ڪنھن به نبي کي سندس قوم جي زبان کان سواءِ نه موڪليو آهي]

عالمن چيو آهي ته جيستائين ڪنهن شيءِ کي نه سمجهجي، تيستائين ان جو لِکڻ مناسب نه آهي. وحي جو روح اهڙي ماڻهوءَ کي سمجھائڻ آهي، جيڪو ان کي سمجهي. ڇاڪاڻ ته الله جو ڪلام ان تي تڏهن حُجت ٿيندو، جڏهن ان کي سمجهي. باقي جيڪو ان شيءِ کي نه ڄاڻي، ان کي ان جو ذميوار نٿو بڻائي سگھجي. انهيءَ ڪري عالمن چيو آهي ته جنهن وٽ جيڪا شيءِ هوندي ته مٿس ان جي  تڪليف ڏني ويندي ۽ ان شيءِ جو ان تي بار نه رکيو ويندو، جيڪا الله جي وس آهي. پوءِ نجات ۽ ڇوٽڪاري وارو اهو شخص آهي، جنهن ان تي عمل ڪيو، جيڪي ڄاتائين ان کان سواءِ ڪنهن ٻئي علم سان مٿس حجت قائم نه ٿيندي. نفعي واري علم جي تفسير ۾ مٿيون ڪلام ڪافي آهي.

اسان جو نبي سڀني ماڻهن ڏانهن موڪليل آهي.

 جيئن قرآن شريف ۾ آهي:   وَمَا أَرْسَلْنَاكَ إِلاّ كَآفَّةً لِّلنَّاسِ   (28:34:22)

[ترجمو: اسان ته توکي سڀني ماڻهن لاءِ موڪليو آهي.

 بلڪ کين سڀني جهانن ڏانھن موڪليو ويو آهي. جڏهن پاڻ سڳورا سڀني جهانن ڏانهن موڪليل آهن ته پوءِ سڀني زبانن جا جامع (گڏ ڪندڙ) پڻ آهن [15] ۽ پاڻ هر قوم لاءِ ان لباس ۾ ظاهر ٿين ٿا، جنهن سان ھو کين سڃاڻن ۽ هر قوم وٽ سندن نئون نالو آهي.

   اللّهم صل عليٰ  جسد محمد في الاجساد و عليٰ روح محمد في الارواح وعليٰ قبر محمد في القبور

 [ترجمو: اي اسان جا الله! محمد ﷺ جي جسم تي رحمت موڪل جو جسمن ۾ آهي ۽ محمد ﷺ جي روح تي رحمت موڪل جيڪو روحن ۾ آهي ۽ محمد ﷺ جي قبر مبارڪ تي رحمت موڪل جيڪو قبرن ۾ آهي.]

 حافظ چيو آهي ته:

او را بچشم پاک تو ان ديد چون هلال
هر ديده جائي جلوه آن ماه پاره نيست

[معنيٰ: هن پهرين تاريخ جي چنڊ جھڙي محبوب کي صرف پاڪ اک سان ڏسي سگهجي ٿو، ھر اک اُن معشوق جو جلوو نٿي ڏسي سگهي.]

                 سلطان الاولياء فرمايو: جيڪو پنهنجي دل ڏانهن پهتو، سو مُجتهد آهي. پوءِ اهڙي مُجتهد تي انهن شين جي تابعداري نه آهي، جن کي ٻين مُجتهدن پنھنجي راءِ، فڪر ۽ خيال سان گڏ ڪيو آهي. اهڙي انسان جي پنهنجي مُرشد سان ڪن جزوي ڳالهين ۾ ڌار ھئڻ کي اختلاف نه چئبو پر اهو ڌار ھئڻ ته مُرشد جي ان تلقين جو حصو سمجھڻ گھرجي، جيڪا ان پنهنجي مُريد کي ڪئي هئي. پوءِ جيڪو اهڙي تقليد ۾ رهيو (۽ اجتھاد جي درجي کي نه رسيو) ته اهو ان بيمار پٽ وانگر آهي، جيڪو پنهنجي پيءُ تي بار هجي.

               سلطان الاولياء فرمايو: اجازت ۽ منع جي ڪسوٽي دل جي فتويٰ تي آهي. مطلب دلي لاڙي موجب ان ڪم کي الله طرفان حڪم يا روڪ سمجهڻ گهرجي پر جيڪڏهن  دل ڪنهن پاسي نه بيهي ته ان ڪم ۾ ڍر ڪرڻ گهرجي.

    ­            آئون چوان ٿو ته: حديث ۾ آهي:        الصدق الطمانية

        [ترجمو: سچ دل جو يقين آهي]

ٻي حديث شريف ۾ آهي:              استفت قلبڪ وان افتاڪ المفتون

[ترجمو: تون پنهنجي دل کان فتويٰ وٺ، جيتوڻيڪ توکي (ٻيا) مفتي فتوائون ڏين.]

هڪ ٻي حديث ۾ آهي:                   والا ثم ما حاک في الصدر

[ترجمو: گناهه اهو آهي جيڪو دل ۾ کُٽڪي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: جيڪو ماڻهو بُک مٽائڻ لاءِ ضرورت آھر کاڌو کائي، گهڻو نه کائي ته ان کي ڪو به کاڌو طبيبن وٽ نقصان نه پهچائيندو.

              سلطان الاولياء فرمايو: حقيقي معشوق رات جو هلندڙ آهي، سو تو وٽ اهڙي ھنڌان ايندو جو تون ان کي ڏسي نه سگهندين.

  •   آئون چوان ٿو ته: الله تعاليٰ فرمايو آهي: أَتَاهُمُ اللَّهُ مِنْ حَيْثُ لَمْ يَحْتَسِبُوا  (2:59:28)

[ترجمو: انهن وٽ الله اهڙي جاءِ تان ايندو، جنهن جو کين ڪو گمان ئي نه هوندو.]

     سلطان الاولياء فرمايو: جيڪا شيءِ جنهن جي هٿ (قبضي) ۾ آهي، بس اهو دليل آهي ته اها شيءِ هن جي ملڪيت آهي. ائين جيڪا شيءِ بنا سوال جي توکي ڏني وڃي ته (اها) به تو لاءِ حلال آهي، ان بابت وڌيڪ جاچ جوچ ۽ سختي (سان پُڇڻ) سنت نبويءَ جي خلاف آهي. ڇاڪاڻ ته دين ۾ آساني آهي ۽ دين تي ھلڻ به سولو آهي.

  •        آئون چوان ٿو ته: دين نالو آهي نفس جي سنڀال ۽ ان جي خيرخواهي ڪرڻ جو. نفس جي خيرخواهي هي آهي ته ان کي سندس ڪم سان لڳائجي ۽ اُهو ڪم آھي الله جي معرفت ۽ سڃاڻڻ، اُن سان انس ۽ محبت رکڻ. نيڪ بزرگن جي مشهور پنجن لطيفن کي ڄاڻڻ (جن جو بيان اڳ ۾ ٿي گذريو آهي.) ۽ شرعي حڪم جي تقاضا رڳو اها آهي ته عالم خلق جي لطائف کي ياد ڪرڻ ضروري سمجهيو وڃي ۽ انهن لطيفن ۾ عبادات، معاملات ۽ سزائن ۾خلل وجهڻ کي حرام سمجهيو وڃي. جڏهن تو اھا ڳالھه سمجھي ورتي ته پوءِ تون سمجھدار ۽ فقيھ آهين ۽ تون مقبول ۽ مردود شين (سچ ۽ ڪوڙ) کي ڄاڻندڙ بنجي وئين.

خذ الغايات واحذف مباديها

[ترجمو: تون ڪم جي دنگ (نهايت) کي وٺ ۽ شروعاتي ڳالھين کي ڇڏي ڏي.]

اھڙي علم کان سواءِ جيڪو فتويٰ ڏيندو سو غلطي ڪندو.

                سلطان الاولياء فرمايو: اجمال (ٿورڙي ڳالھه) گهڻي کان بھتر آهي ۽ ڪلمو پاڪ شريعت، طريقت ۽ حقيقت جو جامع آهي. اهو ٿورو جيڪو پُورائي ڪري ان گهڻي کان ڀلو آهي، جيڪو غفلت ۾ وجھي. مطلب جنهن ماڻهوءَ کي ڪنهن ڪم مان قوت گذران هٿ اچي ته ان جو ٻي ڪمائي لاءِ ڪوشش ڪرڻ معرفت واري اصول ۽ سالڪن جي ھلت کان ٻاهر نڪرڻ آهي. [16] ڇاڪاڻ ته طالب مقصد تي ڪفايت ڪرڻ کي ئي پسند ڪندا آهن، اهو مقصد ڪيئن به هٿ اچي. سندن نظر ڪم جي پوري ڪرڻ تي هوندي آهي، پوءِ اهو ڪم ڀلي ڍيڍن (ڍونڍ خورن ۽ ٻاليشاهين) هٿان ئي پورو ٿئي.

  •       آئون چوان ٿو ته: هن ڳالهه جي سمجھاڻي ڪتاب جي شروعات ۾ اچي چڪي آهي.

الا يا صاحب السير بواديها
خذ الغايات واحذف مباديها

[اي وادين ۾ سرگردان! تون مقصد وٺ ۽ ابتدائي ڳالهين کي ڇڏي ڏي. ]

پوءِ تون پيدا ٿيڻ ۽ ان جي سمجهڻ تي غور ڪر ۽ ان جي صورتن ڏانهن نه ڏس، ڇاڪاڻ ته حقيقت صورت کان ٻيءَ طرح يا ٻاهر آهي.

                سلطان الاولياء فرمايو: شفا (تندرستي) ئي درويشي آهي ۽ درويشي کان سواءِ ٻيو جيڪي آهي سو دل جو مرض (بيماري يعني الله کان غفلت جو ڪارڻ) آهي. درويش ۽ فقير جي عادت اها هئڻ گھرجي ته جيڪو کيس ملي سو نه موٽائي ۽ جي نه ملي ته ان لاءِ ضد نه ڪري.

  •       آئون چوان ٿو ته: حـقيقي درويـشي هـيءَ آهـي ته دل جـو تـعلق نـعمت عطا ڪندڙ سان قائم هجي، نعمت سان نه هجي. پوءِ جيڪڏهن ظاهري فقيري حقيقي فقيري سان گڏجي وڃي ته اهو پورو ڪمال آهي. ائين ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي.

                سلطان الاولياء فرمايو: رسالت ۽ نبوت هڪ قيد ۽ تعين (پابندي) آهي ۽ فقر وجوب جي مرتبن ۽ قيدن کي ڇڏڻ جو نالو آهي. (انهن) مرتبن ۽ قيدن کي ڇڏڻ کان وڌيڪ ڪابه شيءِ ظاهر ۽ ڳجهي، مشڪل ۽ آسان نه آهي. هن جو لاڳاپو رڳو علم ۽ دل سان آهي.

فهم سخن گرنکند مستمع
قوت  طبع از متکلم  مجو.

     [معنيٰ: جيڪڏهن ٻڌندڙ ۾ سمجهڻ جي طاقت نه آهي ته ڳالهائيندڙ کان طبيعت جي طاقت جي اميد نه رک!]

                سلطان الاولياء فرمايو: بُتن بابت قرآن مجيد ۾ جيڪا نفي ڪئي وئي آهي ان مان جيڪڏنهن الله جو اثبات نه ٿيو ته اهو ڇڏڻ يا نفي بُت پرستيءَ وانگر آهي.

  •       آئون چوان ٿو ته: اصول فقہ ۾ آهي ته ظاهري يا باطني عبادت جيڪا خالص الله  لاءِ نه آهي ته اها قابلِ ملامت ۽ عذاب واري آهي.

                سلطان الاولياء فرمايو: [مولوي رومي چوي ٿو]:

صد  هزاران  کيميا  حق آفريد
کيميائي همچو صبر کس نديد

     [ معنيٰ: الله تعاليٰ لکين ڪيميائون پيدا ڪيون آهن پر صبر جهڙي ڪيميا ڪنهن ڪونه ڏٺـي آهي.]

  •        آئون چوان ٿو ته: ڪـنهن بـزرگ پنهنجـي مُـريد کـي ارشـاد ۽ تـوجهه ڏيندي هـيءُ بيت پڙهيو:

رو  قناعت  گزين که در عالم
کيميائي بہ از قناعت نيست.

     [معنيٰ: وڃ قناعت کي وڃي اختيار ڪر، ڇاڪاڻ ته سڄي جھان ۾ قناعت کان وڌيڪ ٻي ڪابه ڪيميا نه آهي.]

عالمن چيو آهي ته الله جي ڏنل ۽ مقدر روزي تي راضي رهڻ ئي قناعت آهي.

 حافظ چيو آهي ته:

ما  آبروئي فقرو قناعت نمي بريم
با بادشه بگو که روزي مقدر است

     [معنيٰ: اسين فقر ۽ قناعت جي عزت کي گهٽ نٿا سمجھون، بادشاهه کي چئو ته اسان جو رزق مقرر ٿيل آهي.]

              سلطان الاولياء فرمايو: ]مولوي رومي چوي ٿو[

گفت  گوئي  عاشقان  درکار رب
جوشش عشق است ني ترک ادب

     [معنيٰ: رب تعاليٰ جي ڪمن بابت عاشقن جوسوال جواب عشق جي مستيءَ جي ڪري آهي، اها بي ادبي هرگز نه آهي.]

  •      آئون چوان ٿو ته: هـيءَ ڳـالهه مـشهور آهـي ته سـلوڪ ڪـلام کـي سمجهڻ لاءِ غـور ۽ فڪر ڪرڻ جو نالو آهي ۽ شاگرد کي استاد (مُرشد) جي اڳيان خاموش ٿي ويهڻ گهرجي. تنھنڪري مٿيون بيت ٻڌائي ٿو ته جيڪو حال جو صاحب نه آهي، ان کي مُرشد جي اڳيان ماٺ ڪري ويهڻ گهرجي.

 ابن فارض چيو آهي ته: [17]

ادِر ذکر من اهويٰ ولو بَمَلام
فَانّ  احاديث  الحبيب مدام
 

[معنيٰ: جنهن سان آئون محبت ڪريان ٿو ان جو ذڪر وري وري ڪر، توڙي جو منهنجي ملامت ھجي. ڇاڪاڻ ته دوست جون ڳالهيون شراب وانگر وڻندڙ آهن.]

فلي ذکر ها يحلو عليٰ کل صيغة
وان   مزجوه    عذلي بخصام

[معنيٰ: مون لاءِ هر ڪنھن طريقي سان ان جي پچار مِٺڙي آهي، جيتوڻيڪ منهنجي دشمن ان ۾ گھڻو ڪجھ ملائي ڇڏيو آهي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: اصلي مقصد عدم ۾ رکيل آهي پر خلق وجود جي ڳولا ۾ آهي ۽ اصلي جنت ذات خداوندي آهي، پوءِ توکي حجاب جا سڀئي پردا هٽائڻ گهرجن. جنهن جي هيءَ صورت آهي ته ڪنهن به صفت جو خيال نه ڪر ۽ نڪي انهن جي گُهر ڪر. هائو، جيڪو“ليليٰ” کي ڀاڪر ۾ ڪندو ته ان کان ليليٰ جا وار ۽ ننهن ڳجھا نه رهندا.

  •      آئون چوان ٿو ته: مٿين مطلب کي هي بيت چٽو ڪري ٿو:

حب  تا  مطلق   نباشد   قيد   تست
چون شود مطلق دو عالم صيد تست

[معنيٰ:  محبت جيستائين مطلق (صفتن کان سواءِ ذات) نه هوندي، تيستائين اها تو لاءِ (وصل آڏو) قيد آهي. جڏهن اها مطلق ٿيندي، پوءِ ٻئي جهان تو لاءِ شڪار آهن.]

                سلطان الاولياء فرمايو: شاهد ۽ سفارش ڪندڙ ۾ فرق آهي، ڇاڪاڻ ته سفارش ڪندڙ گهرندڙ آهي ۽ شاهد جيڪي ڄاڻي ٿو ان جي خبر ڏيندڙ آهي.

  •       آئون چوان ٿو ته: مولوي رومي چيو آهي:

حق همي خواهد که توشاهد شوي
غرض  را به  گذاري وشاهد شوي

[معنيٰ: الله تعاليٰ گُهري ٿو ته تون شاهد (حاضر) ٿيءُ، نفس جي خواھش کي ڇڏي، شاهد (ڏسندڙ) ٿيءُ]

ڪتاب ‘برهان الفقہ’ ۾ آهي ته سفارش ڪندڙ گنهگار کي فرمانبردار سان ملائي ٿو. مطلب ته جيئن فرمانبردار لاءِ ڇوٽڪارو آهي، تيئن گنھگار کي به شفاعت سان ڇوٽڪارو ملندو. هيءَ ڳالهه مخفي نه آهي ته (ٻنهي) فرمانبردار ۽ گنھگار کي ملائڻ وارو ڄڻ ته ٻن مخالفن ۽ ضدن کي ملائي ٿو، ۽ اها ڳالهه اهليت واري لاءِ سَوَلي آهي.

              سلطان الاولياء فرمايو: (ھيءَ آيت قراءت ڪيائون)

إِنَّمَا يَخْشَى اللَّهَ مِنْ عِبَادِهِ الْعُلَمَاءُ    (28:35:22)

[ترجمو: الله تعاليٰ کي پنهنجي ٻانهن مان رڳو (ظاھر پرست) عالمن کان ئي ڊپ آهي.] انهيءَ ڪري عارفن ظاهري علم کي وڏو حجاب چيو آهي.

         آئون چوان ٿو ته: حـضرت وڏي مُـرشد سـائين (سلطـان الاوليـاء) الله جـي مـٿس رحـمت هجي. هن آيت جي توجيهه غير مشهور قراءت تي فرمائي آهي. يعني “اللهُ” کي پيش ۽ “العلماءَ” کي زبر ڏنائون. (مشھور قراءت حفص جي آھي جنھن ۾ لفظ “اللهَ” کي زبر ۽ “العلماءُ” کي پيش آھي.) انهن قرائتن (مشهور ۽ غير مشهور) جو خلاصو هي آهي ته علم سان خوف پيدا ٿئي ٿو يا ان کان خوف ڪيو وڃي ٿو. تنهنڪري اي سالڪ! تون مشھور قراءت مطابق ايمان سان ظُلم (شرڪ) جي ملاوت نه  ڪر. ڇاڪاڻ ته قرآن جي نص مطابق امن ۽ ڇوٽڪارو رڳو ان ايمان لاءِ آهي، جنهن ۾ شرڪ نه هجي. حديث شريف ۾ ائين آيو آهي. ‘سيوطي’ جي تفسير ‘در منثور’ ۾ آهي ته الله تعاليٰ سان شرڪ ڪرڻ جو اهو مطلب آهي ته تون غير الله سان محبت رکين.!

          سلطان الاولياء فرمايو: جنهن ۾ محبت نه آهي، تنهن ۾ ايمان نه آهي. جنهن ۾ تابعداري نه آهي، تنهن جو ذڪر ڪنهن به ڪم جو نه آهي.

      آئون چوان ٿو ته: مولوي رومي چيو آهي:

امر را و نهي  را مي  بين  مدام
ني قبول انديش و ني رد اي غلام

     [معنيٰ: اي پٽ! تون سدائين الله جي ‘امر ۽ نهي’ کي ڏس ۽ سدائين تابعداري ڪندو رهه، ڪنھن به ريت قبول پوڻ يا رد ٿيڻ جو خيال نه ڪر!]

امر حق را کي شناسد هر ولي
امر  حق را باز جو از واصلي.

[معنيٰ: الله جي امر کي هر ولي ڪونه ٿو سڃاڻي، الله جي حڪم کي‘واصل بالله’ وٽ ڳولا ڪر.]

                سلطان الاولياء فرمايو: جيڪا شيءِ ڏٺي ۽ ڄاتي وڃي، سا انڪار جي لائق آهي.

 جيئن مولوي رومي چيو آهي:

آنچه در انديشه نايد آن خدا است“ [18]

[معنيٰ: جيڪا شيءِ سوچ ۾ نه اچي سگهي اھو الله آهي.]

          مطلب ته جيترو‘لا’ جو ڪلمو اُچاريندو، اوترو دل جي صفائي ۽ الاهي ديدار هٿ ايندو. ڇاڪاڻ ته نفي غير الله جي آلودگي کان دل لاءِ صيقل ۽ روات آهي. (انهن آلودگين کي) ڪٽ ۽ قيد چوندا آهن، پوءِ اُهي ذاتي ڇو نه هجن پر تڏهن به اُهي نفيءَ سان ختم ٿي ويندا. ڇاڪاڻ ته جيڪا شيءِ چمڪندي سا پاڇو هوندي ۽ ان جو انڪار ڪجي. ڇو ته طالب جو مقصد پردن ۽ پاڇن جو انڪار ڪرڻ آهي ته جيئن نفي سان وصل کي حاصل ڪري سگهي. اهو پڌرو وصل (وصل عرياني) صفتن کي ڇڏي (الله جي) ذات تائين پهچڻ آهي ۽ اها ڳالهه ممڪن ۽ حقيقت آهي.

معشوق من است آنکه نزديک تو زشت است

[معنيٰ:  منهنجو معشوق اها ذات آهي، جيڪو تو وٽ چڱو نه (صفتن کان سواءِ) آهي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: نفي دل لاءِ صيقل (روات) آهي.

تا بجاروب ‘لا’ نروبي راه
کي رسي در سرائي الا الله.

     [معنيٰ: جيستائين تون ‘لاالــٰہ’ جي ٻهاري سان دل کي غير جي غبار کان صاف نه ڪندين، ايستائين‘الا الله’ جي سراءِ ۾ داخل نه ٿي سگھندين.]

  •    آئون چوان ٿو ته: ڪتاب ‘ڪشف المحجوب’ موجب  سالڪن  وٽ  نفي  جو  مطلب  آهي ته معنيٰ جو اثبات ڪجي ۽ دعويٰ جو انڪار ڪجي يا حادث جو انڪار ڪري قديم جو اثبات ڪجي. جيئن مولوي جامي جي ڪتاب ‘سلسلة الذهب’ ۾ آهي ته دعويٰ جو انڪار‘انانيت’ جو انڪار آهي ۽ ڪتاب ‘ڪشف’ ۾ آهي ته ٻانهي جي ‘خودي’ وهمي آهي ۽ الله جي خودي يقيني آهي.

 مولوي رومي چيو آهي:

اين  انا  حاجب شده از آن انا
آن انا کي کشف گردد بي فنا
     [معنيٰ: هيءَ انا (خودي) وهمي آهي، جيڪا قديم لاءِ حجاب آهي، اها خودي جيڪا الله جي ذات لاءِ آهي، اها انساني خودي  فنا کان سواءِ ڪيئن هٿ ايندي؟]

عاشق و معشوق تو هم ذات تو است
و اين   برونيها  همہ  آفات تو است.

     [معنيٰ: عاشق ۽ معشوق ٻئي تنهنجي ذات آهي ۽ هي ٻاهريون سڀ شيون تنهنجي لاءِ مصيبتون  آهن.]

ڪتاب ‘حديقة سنائي’ ۾ آهي:

حاضر آنگه شوي که در ما ومن
حاضر  دل  بوي  نه  حاضر  تن

     [معنيٰ: تون اتي تڏهن حاضر ٿيندين، جڏهن وصول واري جاءِ ۾ بغير بدن جي، دل سان حاضر ٿيندين]

دين  نيابي گرت  غم بدن است
زانکه کابين دين طلاق تن است

     [معنيٰ: جيڪڏهن توکي بدن جو غم ۽ ڳڻتي آهي ته تون دين کي نه لهي سگھندين، ڇاڪاڻ ته دين جو ڪابينو (حق مهر) بدن کي طلاق ڏيڻ (۽ فنا ڪرڻ ۾) آهي.]

 جيئن‘صائب’ چيو آهي:

نيست  غير  از  چار ديوار وجودي آدمي
آنکه هم گنج است هم مارست هم ويرانه

[معنيٰ: انسان چئن عنصرن کان سواءِ ڪجهه به نه آهي، انسان خزانو به آهي ته نانگ به آهي ۽ ويران (جاءِ) به آهي.]

          نفي ۽ اثبات جي شرح ۾ ايترو ڪافي آهي. هن بيان جو خلاصو هي آهي ته خدا جي ذات نفي ڪرڻ سان نفي نه ٿيندي ۽ نڪي اثبات سان ثابت ٿيندي. ڇاڪاڻ  ته اُتي ذات ۾ نفي ۽ اثبات جي ڪابه تميز نه آهي. جيئن ‘مڪتوبات احمدي’ ۾ آهي.

هن مسڪين (گرهوڙيءَ) جو بيت آهي:

محال است حکم برذات عزيز
مگر چون بوجهي بگردد تميز

[معنيٰ: اي پيارا ! نفي ۽ اثبات سان ذات خداوندي بابت فيصلو مشڪل آهي، ها اهڙي نموني ٿي سگھي ٿو جو ذات، صفتن کان تميز رکندڙ هجي.]

    سلطان الاولياء فرمايو: روح کي ڪا صورت نه آهي، جنهن سان کيس قيد ڪجي. بلڪ سڀ صورتون اٿس، جنهن ۾ چاهي تنهن ۾ ظاهر ٿئي. انهيءَ ڪري قبرن وارن جي نماز جو  انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ۽ انڪار جو ڪو سبب به نه آهي.

الله تعاليٰ فرمايو آهي:  مِنْهَا خَلَقْنَاكُمْ وَفِيهَا نُعِيدُكُمْ وَمِنْهَا نُخْرِجُكُمْ تارة اُخريٰ   (55:20:16)

[ترجمو: انھيءَ زمين مان ئي اوهان کي پيدا ڪيوسين ۽ انهيءَ زمين ۾ ئي مرڻ کان پوءِ اوهان کي موٽائينداسين ۽ انهيءَ زمين مان ئي اوهان کي ٻيھر ٻاھر ڪڍنداسين.]

جيڪڏھن ڪو چوي ته روح بدن کان مجرد آهي ته پوءِ ان تي اهو اعتراض ٿيندو ته انسان کي جڏهن تڪليف پهچندي آهي، تڏهن انسان جي روح جو بدن سان تعلق نه هجي ها ته ان کي ايذاء ۽ تڪليف نه پهچي ها.

  •        آئون چوان ٿو ته: ‘مڪتوبات احمدي’ ۾  آهي  ته  جڏهن  روح  بدن  کان  ڇوٽڪارو لهندو، تڏهن بدن جي تڪليف ان لاءِ لذت ٿيندي.

 مولوي رومي چيو آهي:

آنچه عين لطف باشد برعوام
قهر شد بر عشق کيشان کرام

[معنيٰ: جيڪا شيءِ عام مخلوق جي لاء راحت جو سبب آهي، سا برگزيده عاشقن جي لاءِ تڪليف جو سبب آهي.]

انهيءِ ڳالهه کي چڱيءَ طرح سمجهڻ گهرجي. ڪتاب ‘ڪشف’ ۾ آهي ته:

پرتوي  حق  گر  نبودي در وجود
آب وگل را کي ملک کردي سجود

[معنيٰ: جيڪڏهن الله تعاليٰ انسان جي وجود ۾ تجلي نه ڪري ها ته خالي پاڻي ۽ مٽيءَ کي ملائڪ ڪيئن سجدو ڪن ها؟]

جان  به  امر  ايزد  آمد  در وجود[19]
در عبارت پيش زين نتوان نمود

[معنيٰ: روح الله جي حڪم سان وجود ۾ آيو آهي، لکت ۾ ان کان وڌيڪ چئي نه ٿو سگهجي.]   

عارفان را حيرت است ازوي بسي
زانکه   نشناسد   تحقيقش   کسي

[معنيٰ: عارفن کي روح کان گهڻي حيرت آهي، ڇاڪاڻ ته روح کي تحقيقي طور تي ڪنهن نه سڃاتو آهي.]

علم و قدرة دارد وسمع بصر
جز  بچشم  دل  نيايد در نظر

[معنيٰ: علم ۽ قدرت، ٻڌڻ ۽ ڏسڻ روح ۾ رکيل آهن، انهيءَ ڪري روح کي دل جي اکين کان سواءِ ڏسي نه ٿو سگهجي.]

               سلطان الاولياء فرمايو: مخلوقات جو جوهر انسان آهي ۽ انسان جي ڪري جهان روشن آهي پر جهان پاڻ روشن نه آهي.

نه خدا گويمت اي دوست نه حورونه پري
اين همہ برتو حجاب  اند  تو چيزِ دگري.

     [معنيٰ: اي دوست! توکي خدا نه چوندس ۽ نڪي توکي حور ۽ پري چوندس، اهي سڀئي وصفون تنهنجي آڏو حجاب آهن، تون ته ڪا ٻي شيءِ آهين.]

              شيءِ مان مقصد جوهر هوندو آهي ۽ جسم، جوهر سان بيـٺل هوندو آهي. انهيءَ ڪري جسم کي ٻه جوهر يا ان کان وڌيڪ نه چئبو، جيئن ڪن اهڙوخيال ڪيو آهي. انسان جي غير کي بقا نه آهي، ڇاڪاڻ ته اهي انسان جون ڇوليون آهن. باقي ذات مقدسہ جوهر ۽ جسم ٻنهي کان پاڪ ۽ ٻاهر آهي، جيڪا انسان جي علم ۽ ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي سگهي. الله پاڪ پاڻ کي پاڻ سڃاڻي ٿو. الله جي ورائيت (ٻاهر) ويجهڙائي جي ڪري آهي، دوريءَ جي ڪري نه آهي. اها ڳالهه چڱيءَ طرح سمجهو. ڇاڪاڻ ته دين ۾ آساني آهي، سختي ۽ تنگي نه آهي.

   ­            آئون چوان ٿو ته: مطلق دوستي، مقيد دوستيءَ کان وڌيڪ آسان آهي ۽ مطلق دوستي جو ئي نالو دين آهي.

عارف ابن فارض چيو آهي:

مالي سوي  روحي و باذل نفسہ
في حبّ من يهواه  ليس بُمسرف

     [معنيٰ: مون وٽ منهنجي روح کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي، جنهن کي آئون قربان ڪريان ٿو. هن جي محبت جنهن کي آئون چاهيان ٿو اجايو خرچ نه آهي.]

          جيڪڏهن تون پڇين ته روح کي خرچ ڪرڻ جو مطلب ڇا آهي؟ ان جي جواب ۾ اسان چئون ٿا ته روح کي خرچ ڪرڻ جو مطلب آهي پنهنجي محبوب کان سواءِ ٻي ڪنهن کي ياد نه ڪرڻ. ڇاڪاڻ ته يادگيري محبت جو نتيجو آهي، پوءِ جنهن ياد ۽ ذڪر کي خرچ ڪيو، تنهن تحقيق پنهنجي روح کي خرچ ڪيو.

 الله تعاليٰ فرمايو آهي        وَاذْكُر رَّبَّكَ إِذَا نَسِيتَ       (24:18:15)

[ترجمو: جڏهن تون (پاڻ کي) وسارين، تڏهن پنهنجي پالڻهار کي ياد ڪر.]

حافظ چيو آهي:

نيست بر لوح دلم جز الف قامت دوست
چه کنم حرف دگر    ياد  نداد    استادم.

          [معنيٰ: منهنجي دل جي پٽيءَ تي دوست جي الف يعني سڌي قد کان سواءِ ٻيو ڪجهه لکيل نه آهي، آئون ڇا ڪريان! منهنجي ازل واري استاد مون کي ٻيو حرف ياد نه ڪرايو آهي.]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 32 31 30 29 28 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org