سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :1

ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون

زيب سنڌي ۽ تاج جويو

زيب سنڌي

ڪرشن چندر – سڀني  جو ليکڪ

        ڪرشن چندر  ظاهري طور تي سنڌ جي پڙهندڙن لاءِ هڪ پرڏيهي ليکڪ آهي، پر ذهني طور تي سنڌ جي پڙهندڙ کي هو ڪڏهن به اوپرو ناهي لڳو. خليل جبران جيان ڪرشن چندر به اهو   پرڏيهي ليکڪ آهي، جنهن سنڌ جي پڙهندڙن جي  دلين ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي ورتي آهي. فقط سنڌ ۾ ڇا، پر مان سمجهان ٿو، ڪرشن چندر دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾، ڪنهن به ٻوليءَ ۾، جتي به ڇپيو آهي، اتي هن پڙهندڙن کي پڪ سان ائين ئي متاثر ڪيو هوندو، جيئن اسان هن کي پنهنجو  پنهنجو سمجهڻ لڳا آهيون؛ ۽ اهڙي حيثيت ، دنيا جا گهٽ ليکڪ ماڻي سگهندا آهن. نه فقط ڪرشن جو انداز، پر سندس موضوع به اهڙا آهن، جيڪي نه فقط هندستان ۾ اهميت رکن ٿا، پر باقي دنيا سان گڏ، خاص طور تي ٽين دنيا جي هر فرد کي انهن ۾ پنهنجا عڪس نظر اچن ٿا.  سندس انيڪ ڪهاڻيون  پڙهندي ڪڏهن  به اهو خيال ناهي آيو ته ڪو اُهي ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ نه، پر ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ ۾ لکيون ويون آهن؛  ۽ اهي ڪهاڻيون، جيڪي هن سنڌي ڪردارن تي لکيون آهن، انهن کي پڙهندي ته ويتر اهو تصور به نه ٿو اچي ته ڪو اهي سنڌي ڪهاڻيون ناهن – اهي ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا محرڪ آهن، جن جي ڪري ڪرشن چندر نه فقط سنڌ جي عام پڙهندڙ کي موهيو آهي،  پر  هن سنڌ جي ليکڪن کي به متاثر ڪيو آهي. نه فقط اهو، پر هن سنڌ جي نظرياتي – سياسي ورڪرن جي ذهني اوسر  ۾ پڻ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.

        اڄوڪي سنڌ کي پنهنجو لڳندڙ هيءُ ليکڪ، 23 نومبر 1913ع تي، ڀرت پور (راجستان) هندوستان ۾ پيدا ٿيو، جتي سندس والد ميڊيڪل آفيسر هو. سندس پيءُ جو نالو گوري شنڪر هو، جيڪو اصل وزير آباد (هاڻوڪي پاڪستان جي پنجاب صوبي) جو رهاڪو هو. سندس ماءُ جو نالو پرميشوري ديوي هو. ڪرشن کي ٽي ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هئي، ۽ هو انهن سڀني ۾ وڏو هو. سندس ڀاءُ مهيندر ناٿ ۽ ڀيڻ سرلا ديوي پڻ مڃيل ڪهاڻيڪار هئا. هن پنهنجي پيءُ ماءُ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي، ”بابا جو رنگ ڀورو، امڙ جو ڪڻڪائون ۽ بابا جي ويڪري پيشاني، ۽ امڙ جون مامتا ڀريل وڏيون وڏيون اکيون اڄ به ياد اٿم.“

        هو ننڍپڻ کان 1929ع تائين پونڇ ۾ رهيو، ۽ شروعاتي تعليم به اتي ئي حاصل ڪيائين -  ميٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ هو 1929ع ۾ لاهور آيو، جتي 1933ع ۾ بي- اي ۽ 1935ع ۾ انگريزي ادب ۾ ايم- اي ڪيائين؛ ۽ پوءِ ماءُجي خواهش تي ايل – ايل- بي به ڪيائين، پر وڪالت ڏانهن سندس لاڙو ڪڏهن به نه ٿيو.

        ڪرشن چندر جي پهرين زال جو نالو وديا وتي هو، اها شادي لاهور ۾ ٿي هئي. ڪرشن چواڻي، ودياوتيءَ سان شاديءَ وارو سال 1933ع يا 34ع هو. جڏهن ته وديا جي چوڻ موجب سندن شادي 1939ع يا 1940ع ۾ ٿي هئي. چيو وڇي ٿو ته ودياوتي ڏاڍي تنگ نظر ۽ چيڙاڪ عورت هئي، ۽ ڪرشن سان سندس ڪابه ذهني هم آهنگي نه هئي. اهو ئي سبب  آهي، جو ڪرشن ذهني سڪون لاءِ گهر کان ٻاهر ئي واجهائيندو رهندو هو. هن ڪيترائي عشق به ڪيا، پر آخرڪار سلميٰ صديقي سان شادي ڪيائين.

        سلميٰ صديقيءَ سان شاديءَ وقت مذهبي مسئلو سندس سامهون آيو. جيتوڻيڪ هو خانداني حوالي سان هندو هو، پر نظرياتي طور تي اشتراڪي هو، ۽ هن انهيءَ ئي فلسفي کي پنهنجي فن ۾ به سموهيو هو، ته اهوئي جذبو سندس زندگيءَ تي ڇانيل به رهيو؛ پر مذهب کان انڪار جي باوجود هو  مذهبي سوچ کان پنهنجو تعلق ٽوڙي نه سگهيو. جڏهن سندس ڪو ويجهو دوست يا مائٽ سخت بيمار ٿي پوندو هو ۽ موت اچي مٿان بيهندو هو، تڏهن سندس هٿ دعائن جي صورت اختيار ڪري وٺندا هئا، ۽ هو خدا کي ٻاڏائڻ لڳندو هو.  جڏهن سلميٰ صديقي جي ماءُ ضد ٻڌي بيٺي ته سندن شادي اسلامي  طريقي  مطابق ٿيندي، تڏهن ڪرشن نالي ماتر انڪار ڪرڻ کان پوءِ راضي ٿي ويو.  سندس نالو ”الله رکيو“ رکيو ويو، پر کيس اهو نالو نه وڻيو ۽ پوءِ سندس نالو بدلائي وقار الملڪ رکيو ويو؛  پر هو وري به ڪرشن چندر ئي رهيو –  ڇو ته هو نالن جي  هير ڦير ۾ نه، پر انسانيت جي اعليٰ آدرشن ۾ يقين رکندڙ ذهن جو مالڪ هو. انهيءَ سلسلي ۾ سلميٰ صديقيءَ جو چوڻ آهي ته ”هو انسانيت تي ئي يقين رکندو هو، ڪنهن ازم يا مذهبي روايتن جو پابند نه هو – پر هن، مون کي ڪنهن به قيمت تي حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو.“

        سلميٰ صديقي سان سندس شادي 7 جولاءِ 1961ع تي نيني تال ۾، اسلامي رسمن مطابق ٿي. ڪرشن چندر کي پهرين زال وديا وتيءَ مان ٽي ٻار ٿيا، هڪ پٽ ۽ ٻه ڌيئر – وديا وتيءَ سان سمورا لڳ لاڳاپا ختم ڪرڻ کان پوءِ به هو کيس گهر جو خرچ پکو ڪشادو ڏيندو هو، ۽ اهو سلسلو ڪرشن جي موت تائين جاري رهيو. ساڳئي وقت ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ڏانهن به هو خاص ڌيان  ڏيندو رهيو. نه فقط اهو، پر هن پنهنجي وصيت ۾ سلميٰ لاءِ ٽيون حصو رکيو ۽ باقي ٻه حصا ۽ پنهنجي ڪتابن جي رائلٽي ودياوتيءَ جي نالي ڪيائين. جيئن کيس ڪا به تڪليف نه ٿئي. سلميٰ صديقيءَ مان کيس ڪوبه اولاد نه ٿيو، پر هن سلميٰ جي اڳ ڄائي پٽ کي به هڪ مثالي پيءُ جيان بيحد محبت ۽ شفقت سان پاليو.

        ڪرشن بنيادي طور تي نهايت ٿڌيءَ طبيعت جو مالڪ هو، هو صاف سٿرا ۽ نفيس ڪپڙا پائيندو هو ۽ سٺو کاڌو  کائيندو هو.

        هن لکڻ جي شروعات لاهور ۾ ئي 1935ع کان ڪئي، ۽ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو به لاهور ۾ ئي 1939ع ۾ ”طلسم خيال“ جي نالي سان ڇپيو. 1935ع ۾ ئي سندس پهريون ڊرامو ”حجامت“ پڻ پڇيو هو. 1938ع ۾ ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ جي پهرين ڪانفرنس ڪلڪتي ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ ڪرپشن چندر پنهنجي صوبي (پنجاب)  جي نمائندگي ڪئي هئي. کيس انهيءَ تنظيم  جو پنجاب لاءِ سيڪريٽري پڻ چونڊيو ويو، ۽ جڏهن هو دهليءَ ۽  بمبئيءَ ۾ وڃي رهيو هو، تڏهن اتي به کيس انهيءَ تنظيم جو سيڪريٽري چونڊيو ويو هو.

        سرڪاري نوڪريءَ  ۾ ريڊيو تي هو نومبر 1939ع ۾ پروگرام اسسٽنٽ جي حيثيت سان مقرر ڪيو ويو هو، پر هو ڪمُ ڊرامي جي پروڊيوسر طور ڪندو رهيو. انهيءَ زماني ۾ مشهور ليکڪ سعادت حسن منٽوءَ، پروڊيوسر ڪرشن چندر لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيا هئا. 41-1940ع ۾ ڪرشن پاڻ به ريڊيو لاءِ ڪجهه ڊراما لکيا.

        جيتوڻيڪ سرڪاري نوڪري سندس طبيعت جي خلاف هئي، پر سندس ڪم اهڙو هو، جنهن جو واسطو سڌو سنئون ادب ۽ فن جي متحرڪ  دنيا سان هو، تنهن ڪري نوڪريءَ واري زماني ۾ به سندس اندر جو ليکڪ سگهارو ئي ٿيندو رهيو، پر سرڪاري نوڪري سندس ذهن کي ڏانوَڻ وجهي نه سگهي.

        پنهنجي باغي طبيعت سبب هو ڪڏهن سرڪاري نوڪريءَ کي ذهني طور تي قبول ڪري نه سگهيو، تنهن ڪري نوڪريءَ سان نڀاءُ  به ڪري نه سگهيو. ريڊيو جي نوڪريءَ ۾ هو لاهور، دهلي ۽ لکنو جي اسٽيشنس تي رهيو. اها نوڪري هن فقط ٽي سال ڪئي ۽ مناسب موقعو ملڻ شرط استعيفيٰ ڏئي ڇڏيائين؛  پر هن  بهرحال جيترو به عرصو نوڪري ڪئي، ايمانداريءَ، محنت ۽ سچائيءَ سان ڪئي.

        نوڪري ڇڏڻ کان پوءِ ڪرشن چندر شاليمار پڪچرز پونا سان لاڳاپجي ويو. هو  ممبئيءَ جي فلمي دنيا سان  به وابسته رهيو.  پنهنجي هڪ ڊرامي ”سراءِ سي باهر“ تي ساڳئي نالي سان فلم ٺاهيائين. هڪ ٻي فلم به ٺاهيائين، پر ڪاروباري لحاظ کان اهي ٻئي فلمون ناڪام ثابت ٿيون.

        پرفارمنگ آرٽ سان ننڍپڻ کان ئي دلچسپي هيس. اسڪول واري زماني ۾ ئي هن ڪجهه اسٽيج ڊرامن ۾ به حصو ورتو هو. اهوئي سبب آهي، جو پنهجي ٻنهي ذاتي فلمن جي ناڪاميءَ کان پوءِ به هو فلمي دنيا سان هڪ وڏي عرصي تائين لاڳاپيل رهيو، ممبئيءَ وڃڻ جو خيال ته دل مان ڪڍي ڇڏيائين، پر ٻين فلمن لاءِ هو مڪالما، منظر ناما توڙي ڪهاڻيون پڻ لکندو رهيو؛ پر حقيقت ۾ انهيءَ سان هو پاڻ کي مطمئن ڪري نه سگهيو. انهيءَ جو سبب اهو هو ته هو  جنهن ذهني سطح جو ماڻهو هو، فلمن جو معيار انهيءَ سطح تي پهچي نه سگهيو؛ تنهن ڪري اڳتي هلي،  هن فقط  ڪهاڻي ۽ ناول تي ئي ڌيان ڏنو ۽ اهوئي سندس آخري دور تائين گذر سفر جو وسيلو  به رهيو.

        هن جو قلم ايترو ته سگهارو هو، جو هن نه فقط پنهنجي قلم کي روزگار جو وسيلو بڻايو، پر هن ايترو ڪجهه ڪمايو ۽ سندس زندگي ائين گذري، جنهن لاءِ ٻيا لکندڙ سڌون ڪندا آهن.

        ڪرشن چندر جي مقبوليت فقط هندستان يا پاڪستان تائين محدود ناهي رهي، روس ۽ ۾  جرمني سوڌو هو ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ مقبول رهيو. اڳوڻي سوويت يونين جي ڏهن زبانن ۾ ڪرشن جي ڪهاڻين جا 21 مجموعا ترجما ٿيا، جن جي ڪاپين جو ڳاڻيٽو اٺ لک پنجهٺ هزار آهي. روس ۾، ڪيترن تبصرن کان سواءِ  سندس ناول ”باون پتي“ تي تحقيقي مقالو پڻ لکيو ويو.

        ڪرشن جي چوڻ موجب روس ۾ سندس ڪتابن جي رائلٽي ويهه لک روپيا موجود هئي.

                ڪرشن چندر جيتري مقبوليت اردوءَ جي ڪنهن ٻئي ڪهاڻيڪار کي ناهي  ملي. پروفيسر خواجا احمد فاروقيءَ لکيو آهي، ”ڪرشن چندر جي ڪتابن جو دنيا  جو سٺ زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.“

        ساهتيه اڪيڊمي دهليءَ مطابق ”سندس ڪتاب انگريزي، روسي، ڊچ، ناروين، فرينچ، اٽالين،  جرمن، چيڪ، روماني، پولستاني، هنگرين، سلواڪ ۽ ٻين ڪيترين پرڏيهي ٻولين ۾ ترجمو ٿي مقبوليت ماڻي چڪا آهن ۽ انهيءَ ڪري سندس نالو عالمي افسانوي ادب ۾ ڳڻجڻ لڳو آهي.“

        دنيا جي انيڪ ٻولين کان سواءِ هندستان جي ته مڙني ٻولين ۾ سندس ڪتاب ترجمو ٿيا ۽ اڪثر ٻولين ۾ کيس انهن ٻولين جي اصل ليکڪن کان به وڌيڪ مقبوليت ملي. هندستان ۾ سندس مقبوليت جو هڪ دلچسپ  رخ اهو به هو ته هو وڏن وڏن مشاعرن ۾ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائي، مشاعري جو رنگ ڦيرائي وٺندو هو، ۽ سندس موجودگيءَ ۾ مڃيل شاعر به شعر پڙهڻ کان ڪيٻائيندا هئا. ڪرشن چندر جي ڪهاڻي ئي اصل مشاعرو سمجهي ويندي هئي.

        سردار جعفريءَ جهڙي مڃيل نقاد ۽ شاعر، ڪرشن چندر جي انهيءَ خوبيءَ بابت لکيو آهي، ”سچ ته ڪرشن جي نثر تي مون کي ريس ايندي آهي. هو بي ايمان شاعر آهي، جيڪو ڪهاڻيڪار جو روپ اختيار ڪري ايندو آهي ۽ وڏين وڏين محفلن ۽ مشاعرن ۾ اسان سڀني ترقي پسند شاعرن کي شرمسار ڪري هليو ويندو آهي. هو پنهنجي هڪ هڪ جملي تي غزل جي مصرعن وانگر داد حاصل ڪندو آهي، ۽ مان دل ئي دل ۾ خوش ٿيندو آهيان، ته چڱو ٿيو جو انهيءَ ظالم کي مصرع موزون ڪرڻ جو سليقو نه آيو، نه ته ڪنهن شاعر کي وڌڻ نه ڏئي ها.“

        ڪرشن چندر بنيادي طور تي شاعراڻو ذهن رکندڙ انسان هو. کيس ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام ياد هوندو هو. اهو ئي سبب آهي، جو سندس  نثر ۾ شاعراڻي سونهن موجود آهي. هتي انهيءَ واقعي جو ذڪر دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو ته اسڪول واري زماني ۾ ئي سندس لاڙو شاعريءَ ڏانهن ٿيو هو. هن ڪا شيءِ لکي، ۽ پنهنجي اسڪول جي استاد کي ڏيکاري هئي. جيڪو شاعر به هو. سندس استاد دينا ناٿ شوق نٿي چاهيو، ته هن ئي شهر ۾ ڪو ٻيو شاعر به سڃاتو وڃي،تنهن ڪري رقابت مان سندس تخليق پڙهي، هڪ چماٽ سندس ساڄي ڳل تي هنيائين ۽ ٻي کاٻي تي وهائي ڪڍيائين، ۽ چيائين، ”هي شاعري آ؟ هن جو رديف ڇا هي؟ قافيو ڪٿي آهي؟ بحر ڪهڙو آ، وزن ڪٿي آ؟“

        اهي ڏينهن، اهي شينهن – وري ڪرشن چندر شاعري ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي، پر مزي جي ڳالهه اها به آهي، ته جڏهن 1973ع ۾ هندستان سرڪار پاران ڪرشن چندر بابت ڊاڪيومينٽري فلم ٺاهي پئي وئي، ۽ فلم يونٽ سان گڏ ڪرشن چندر، پونڇ پهتو هو، تڏهن سرڪاري ڪامورن کان سواءِ شهرين جي هڪ وڏي انگ سندس آجيان ڪئي هئي، ۽  شهرين پاران ڏنل آجياڻي ۾ ڪرشن چندر جي ساڳئي استاد، جنهن کيس شعر لکڻ تان مار ڏني هئي، ڪرشن چندر جي شان ۾ اچي شعر  پڙهيو!

        مشاعرن کان سواءِ ڪرشن پنهنجون ڪهاڻيون، ڪهاڻيءَ جي خاص ويهڪن ۾ به پڙهي ٻڌائيندو هو. هڪ ڪهاڻي ويهڪ جي باري ۾ اردوءَ جو هڪ سٺو ڪهاڻيڪار، رام لعل لکي  ٿو، ”10 نومبر 1973ع جي شام تي ساهتيا اڪيڊمي اتر پرديش پاران لکنو ۾ ڪوٺايل هڪ ڪهاڻي ويهڪ ۾ ڪرشن چندر ڪهاڻي پڙهي، ۽ ايترو داد حاصل ڪيو، جو پوءِ ڪوبه ڪهاڻيڪار ڄمي نه سگهيو، ۽ ٻين ڪهاڻيڪارن پنهنجي ڪهاڻين جو فقط خلاصو ٻڌائي جان ڇڏائي!“

        نئين ٽهيءَ جي ڪيترن ئي اديبن سندس اسٽائيل ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو سدائين کين اهو ئي چوندو هو ته، ”ڪرشن چندر  بڻجڻ کان پاسو ڪيو، مون جهڙو ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪيو، اهي ٿيو، جيڪي توهان آهيو – جيڪي توهان ٿي سگهو ٿا. ادب ۾ پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکڻ، پنهنجي شخصيت ۽ انفراديت جي ڇاپ پنهنجي فن تي ڇڏڻ هر ليکڪ لاءِ ضرروي آهي.“

        ڪيترن ئي ليڪن سندس فني پيچري تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي، جيتوڻيڪ هو مڃيندا نه هيا، پر فن جا پارکو سندن تحرير جو رنگ ڏسي ٻڌائيندا هيا ته اهو ڪنهن جو انداز آهي. ڪلام حيدري، انهيءَ سلسلي ۾ لکي ٿو: ”ڪيترائي ليکڪ تنهنجيءَ مس ۾ قلم ٻوڙي لکن ٿا،  جيتوڻيڪ اهي اعتراف نٿا ڪن – پر ڇا تنهنجيءَ مس جو رنگ ماڻهو نٿا سڃاڻن! تنهنجيءَ مس جو رنگ اردو ڪهاڻيءَ جي سينڌ جو سيندور آهي.“

        ڪيترائي ڪهاڻيڪار ڪرشن چندر کي پنهنجي ڪتابن تي مهاڳ لکي ڏيڻ لاءِ چوندا هئا، ۽ هو هر ممڪن حد تائين ڪنهن سان به سڌو انڪار ڪري نه سگهندو هو. اها ڳالهه به حيران ڪندڙ آهي ته چڱا ڀلا ڪهاڻيڪار چاهيندا هئا ته ڪرشن سندن ڪهاڻي پڙهي ۽ ٻه لفظ تعريف جا چئي ڇڏي ته سندن محنت سجائي ٿئي، ۽ سندن  لکيو ڪنهن ڪم جو  ٿئي. اهڙن ليکڪن ۾ ڪرشن چندر جو يار ۽ مشهور ڪهاڻيڪار، خواجا احمد عباس به هڪ هو. هو لکي ٿو: ”جڏهن به ڪهاڻي لکڻ ويٺس ته ڪوشش اها  رهيم ته منهنجي ڪهاڻيءَ ۾ به ڪرشن جهڙي جهلڪ اچي، سندس نقل ته مون اڄ تائين ناهي ڪيو، پر اهو خيال ضرور رهيو ته ڪرشن اها ڪهاڻي پڙهي ۽  پسند ڪري ته ڪا ڳالهه ٺهي.“

        ”آگ ڪا دريا“ جهڙي شاهڪار ناول جي خالق، اردوءَ جي هڪ وڏي ليکڪا، قرة العين حيدر لکيو آهي ته، ”سندس ڪهاڻيون اسان کي ڪيڏيون من موهيندڙ ۽ انوکيون لڳنديون هيون – هلڪي هلڪي شعريت،  حسن، زندگيءَ جو احساس- ڄڻ لکڻ واري هڪ طلسمي آئينو اهڙي زاويي کان رکيو، جو اسان جي ڄاتل سڃاتل دنيا هڪ مختلف رنگ ۾ نظر اچڻ لڳي.“

        ڪرشن چندر جي فن  جو سڀ کان اهنم عنصر سندس اسلوب (Style) آهي. سندس ڪا به تحرير هجي، اها سندس اسٽائيل مان سڃاتي وڃي ٿي. اهو اسلوب ايڏي دلڪشي رکي ٿو، جو انهيءَ ۾ سندس ڪيترائي ڪمزور پهلو به لڪي وڃن ٿا. سندس اسٽائيل کي لفظن ۾ سميٽڻ ڏاڍو اوکو ڪم آهي.

        اسٽائيل جو ذڪر ڪندي ٽيني سن چوي ٿو: ”ڌيان  لائق ڳالهه اها ناهي ته اسين ڇا چئي رهيا آهيون، پر اها آهي ته اسين ڪيئن چئي رهيا آهيون.“

        سنڌيءَ جي سڀ کان وڌيڪ مقبول ڪهاڻيڪار، امر جليل چيو آهي: ”ڇٽيهه ٿيمز کان وڌيڪ دنيا ۾ ڪا شيءِ ناهي. ناول هجي، افسانو هجي يا ڊرامو، ٿيم ڦري ڦري اهي ئي ايندا. ڳالهه آهي پريزنٽيشن جي، ڪير ڇا ٿو پريزنٽ ڪري، ڪهڙي نموني ٿو ڪري.“

        مٿين راين کي نظر ۾ رکي، جيڪڏهن اسان ڪرشن چندر جي پريزنٽيشن کي ڏسون، ته هو اسان کي حيران ڪري ٿو ڇڏي. هن سوين ڪهاڻيون ۽ ڪيترائي ناول لکيا، پر اسان کي  ورلي ڪٿي يڪسانيت جو احساس ٿيندو – هو هر دفعي اسان کي هڪ نئين دنيا ڏيکاريندو محسوس ٿئي ٿو، ۽ هر دفعي هڪ  نئين احساس ۽ نئين جذبي سان آشنا ڪري ٿو. سندس تحرير جي انداز ۾ ڪٿي به لفاظي نٿي ملي – نه فقط اسٽائيل، پر فڪري حوالي سان به ڪرشن چندر تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. ڪرشن فقط هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ئي نه، دانشور ۽ مفڪر به آهي.  سندس علمي  وسعت ۽ فڪر جي گهرائي به حيران ڪندڙ آهي. سندس تحريرن ۾ انسانيت جي اعليٰ آدرشن جو فلسفو چٽو پٽو ملي ٿو، پر هن پنهنجي نظريي جي پرچار ۾ به فن کي هٿان وڃڻ ناهي ڏنو ۽ نظريي ۽ فن جي توازن کي برقرار رکيو آهي. هو اشتراڪي هئڻ جي باوجود تنگ نظر نه هو، پر مذهبي، سياسي، سماجي ۽ ٻي هر قسم جي تنگ نظريءَ کان مٿاهون هو. هو دنيا جي هر  مظلوم جو ساٿي هو. هن دنيا ۾ هر هنڌ ٿيندڙ ناانصافيءَ خلاف آواز اٿاريو – پوءِ کڻي اها طاقت جي زور تي هجي، نسلي مت ڀيد جي هجي، سامراجيت جي يا مذهبي فرقي پرستيءَ جي بنياد تي.

        ڪرشن  چندر پنهنجي نظريي جي حوالي سان عملي زندگيءَ ۾ به هڪ ڪميٽيڊ ليکڪ هو. هو ڪاليج مان ڀڄي، مشهور انقلابي ڀڳت سنگهه جي جٿي ۾ شامل ٿي ويو هو. کيس گرفتار ڪري، ٻه مهينا لاهور جي لال قلعي واري عقوبت خاني ۾ پڻ واڙيو ويو هو، پر جڏهن حڪومت کي سندس خلاف ڪو به ثبوت ملي نه سگهيو، تڏهن کيس آزاد ڪيو ويو هو.

        ڪرشن چندر جي پنهنجي نظريي سان وابستگي، خشڪ ۽ بي روح نه هئي، پر سندس ڳانڍاپو زندگيءَ جي انهن رشتن سان به هو، جن جو تجربو ناهي ڪري سگهبو ۽ جي ڪنهن نظريي جي پڙ ۾ ناهن ماپندا. سندس لاءِ زندگي فقط  سماجي، معاشي ۽  معاشرتي سنگهرن جو ئي نالو نه هئي. انسان جي معصوميت، انساني رشتن جو تقدس، دوستي، خلوص، محبت ۽ قربانيءَ جا مضبوط ٻنڌڻ به سندس  جمالياتي احساس جا اهم عنصر آهن. اهوئي سبب آهي جو عورت جو تصور، گهر، خاندان، معاشري ۽ انساني قدرن جي محور جي طور تي هن وٽ احترام لائق آهي. پنهنجي ڪهاڻي ”عورت ۽ زال“ (پريتو) ۾ ڪرشن، عورت جي محبت جي سچي جذبي ۽ سندس انتقام جي باهه، ٻنهي کي ڏاڍي خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو آهي. انهيءَ ڪهاڻيءَ جي هيروئن هڪ اهڙي عورت آهي، جنهن پنهنجي مڙس هٿان پنهنجي محبوب کي قتل ٿيندي ڏٺو آهي.

        جنهن زماني ۾ ڪرشن پنهنجي فني سفر جي ابتدا ڪئي هئي. اهو زمانو ننڍي کنڊ ۾ وڏي اٿل پٿل وارو وقت هو، هن پنهنجي اکين سان قتل ٿيندي ۽ رت سان رستن کي ريٽو ٿيندي ڏٺو. اهو ئي سبب آهي جو ورهاڱي جي فسادن سندن دل کي ڌوڏي وڌو، پر انسانيت مان سندس ويساه ختم نه ٿيو، ۽ هو انهن فسادن واري دور ۾، فسادن کي ئي موضوع بڻائي لکندو رهيو. انهيءَ پس منظر ۾ لکيل سندس ڪهاڻيون، لال باغ، هڪ طوائف جو خط، جيڪسن،امرتسر آزاديءَ کان اڳ، امرتسر آزاديءَ کان پوءِ، اسان وحشي آهيون، پشاور ايڪسپريس، جانور ۽ ٻيو موت – اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن کي انساني احساس جي تاريخ جو حصو چئي سگهجي ٿو. هو مشاهدي خاطر، فسادن جو جائزو وٺڻ لاءِ ممبئيءَ جي اهڙن علائقن ۾ به هليو ويندو هو، جتي وڃڻ موت کي نينڍ ڏيڻ برابر هو. ڇو ته سندس خيال هو ته زندگيءَ جي عڪاسي ٻڌ سڌ تي ڪرڻ ممڪن ئي ناهي. اهو ئي سبب آهي، جو اهي ننڍا ننڍا  واقعا به، جن کي اسين انتهائي غير اهم سمجهندا آهيون، انهن کي به هو پنهنجي فني سگهه وسيلي اهم بڻائي ٿو ڇڏي.

        اسٽائيل ۽ فن سان گڏ ڪرشن چندر جو ٻوليءَ ڏانهن به خاص ڌيان هو. هو لکي ٿو ، ”مشيني دور، اسان جي اجتماعي زندگيءَ کي وسيع ڪري ڇڏيو آهي. جيئن جيئن انساني ترقي ڪندو ٿو وڃي، سندس شخصي زندگيءَ جو دائرو گهٽ ۽ سندس اجتماعي زندگيءَ جو ڦهلاءُ وڌي رهيو آهي. هاڻي اسين هڪ ٻئي جي گهڻو ويجهو اچي  ويا آهيون. انهن حالتن ۾ هڪ ٻئي کي سمجهڻ جو تجسس قدرتي طور تي وڌي وڃي ٿو، ان ڪري هڪ وڌيڪ آسان زبان ۽ محاوري جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26  27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com