سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :2

هو زبردست تخليقي ذهن رکندڙ ليکڪ هو. ڳالهين ئي ڳالهين مان ڪو جملو، روزاني زندگيءَ جو ڪو واقعو يا حادثو يا ڪنهن غير معمولي شخصيت سان ملاقات سبب سندس ذهن ۾ ڪهاڻيءَ جو بنيادي خيال اچي ويندو هو. خواجا احمد عباس لکيو آهي ته: ”ڪرشن چندر جو دماغ هڪ اهڙي آٽوميٽڪ مشين آهي، جنهن جي جڪڙ ۾ اچي، هر تجربو ۽ مشاهدو، سندس هر سک ۽ ڏک، سندس هر دوست ۽ دشمن، ڪهاڻيءَ جي قالب ۾ فٽ ٿي وڃي ٿو.“

        ڪرشن پنهنجي ذهن جي ڪينواس تي اڀرندڙ ڪهاڻين  جا پلاٽ هڪ رجسٽر ۾ لکي رکندو هو، ۽ جڏهن ڪنهن پلاٽ تي ڪهاڻي لکي وٺندو هو، ته ان کي رجسٽر مان ڪٽي ڇڏيندو هو. هو لکڻ ويهندو هو، ته پنهنجي تحرير کي پورو ڪري پوءِ ساهي پٽيندو هو، ۽ لکڻ کان پوءِ نظرثاني نه ڪندو هو.  هو اڪثر هڪ ڏينهن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڪهاڻيون به لکي وٺندو هو. نه فقط ڪهاڻي، پر ناول  لکڻ جي معاملي ۾ پڻ هو ڏاڍو تڪڙو هو. هن پنهنجو پهريون شاهڪار ناول ”شڪست“ جيڪو 1943ع ۾ ڇپيو هو، ٻاويهن ڏينهن اندر، هڪ هوٽل ۾ رهي، لکي پورو ڪري پبلشر جي حوالي ڪري ڇڏيو هو.  هڪ ٻيو مشهور ناول ”هڪ گڏهه  جي آتم ڪٿا“ هن فقط ڏهن ڏينهن اندر لکيو هو. سندس اڪثر ناول طويل ناهن، ۽ سندس ڪيترن ناولن کي ته طويل ڪهاڻي به  چئي سگهجي ٿو، ڇوته هن ناول لکڻ لاءِ پنهنجي افسانوي فن توڙي انداز ۾ ڪا وڏي تبديلي نه ڪئي هئي.

        هن اڪثر نثري صنفن کي پنهنجي اظهار جو  وسيلو بڻايو، ۽ هر صنف تي پنهنجي اڻ مٽ ڇاپ ڇڏي – پر بنيادي طور تي هو ڪهاڻيڪار ئي رهيو، ۽ اڄ به سندس سڃاڻپ  جو سڀ کان وڏو حوالو اهو ئي سمجهيو وڃي ٿو – پر ان جي باوجود سندس ناولن ۾ اهڙا شاهڪار ناول ملن ٿا، جيڪي ناول جي تاريخ جو سرمايو آهن. شڪست، جب کيت جاگي، ايڪ عورت هزار ديواني، آسمان روشن هي، باون پتي،  چاندي ڪا گهائو، ايڪ گڌي ڪي سرگزشت، برف ڪي ڦول، زرگائون ڪي راني، ميري يادو ڪي چنار ۽ غدار – سندس شاهڪار ناول آهن.

        ڪرشن چندر کي ٻاراڻي ادب جي اهميت جو  به احساس هو. هن نه فقط ٻارن لاءِ ذڪر  جوڳي تعداد ۾ لکڻيون  لکيون، پر انهن ۾ ٻارن جي دلچسپيءَ کي برقرار رکڻ لاءِ طلسماتي فضا کي به استعمال ڪيو، پر ان فضا ۾ به هن پنهنجي ڳالهه ڪئي آهي. هن جادوگرن، جنن ۽ پرين کي به نيون معنائون ڏنيون آهن، ۽ انهن ڪردارن وسيلي به  هن تهذيبي  ۽ سماجي مسئلن کي ٻارن جي ذهنن تائين پهچايو.

        ڪرشن پنهنجي 64 سالن جي زندگيءَ مان 40 سال ادب کي ارپيا. هن مسلسل لکيو. ڪهاڻيون، ناول، ڊراما، فلمي ڪهاڻيون، مڪالما، منظر ناما، ٻارن  جو ادب – هن ايترو  ته گهڻو لکيو، جو سندس مڪمل فهرست ٺاهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي-  پر ايترو گهڻو لکڻ جي باوجود  به، شايد ئي سندس ڪا لکڻي اهڙي هجي، جيڪا پڙهڻ تي دل نه چاهي – ڇو ته هو شعوري ڪوشش تحت پنهنجي نظريي جي پرچار ته ڪندو هو، پر انهيءَ سان گڏ سندس تحرير ۾ جيڪو طنز ۽ مزاج وارو رنگ آهي، اهو سندس هر لکڻيءَ کي دلچسپ ڪري ٿو ڇڏي.  هوائي قلعي، فلمي قائده، شڪست ڪي بعد، مزاحيا افساني ۽ ايڪ گڌي  ڪي سرگزشت – پڙهڻ سان سندس طنز جي روپ کي پسي سگهجي ٿو. ڪرشن جو قلم ڪنهن نشتر جيترو سخت ۽ ڇپندڙ به آهي ته ڪنهن مصور جي برش جهڙو نرم پڻ. سندس خشڪ موضوعن ۾ به طنز ۽ مزاح جو رنگ ملي ٿو، جنهن ڪري سندس تحرير پڙهندڙ کي موهي وجهي ٿي. باون پتي ۽ بوربن ڪلب – انهيءَ جا  بهترين مثال آهن ۽ اردو ادب ۾ اهي ڪتاب، انهيءَ حوالي سان خاص اهميت رکن ٿا. اهڙو ئي رنگ ٻارن لاءِ سندس لکيل ناولن ۾ به ملي ٿو ته هن جي ڊرامن ۾ به. سرائي سي   باهر، قاهره ڪي ايڪ شام ۽ مس بالٽي والا – ڊرامي جي تاريخ ۾ اهم جاءِ والارين ٿا.

        سندس مزاج پڙهندي کلَ روڪڻ ڏاڍو مشڪل ڪم هوندو آهي:

        ”ڪجهه پياريندينءَ نه؟“

        ”ڇا پيئندين؟“

        ”چپن جي ورموٿ، اکين جي شيمپيئن، عشق جي اسڪاچ!“

        ”پادر جي برانڊي نه؟“

        ”اها شاديءَ کان پوءِ.“

        ”ايڪ گڌي ڪي سرگزشت“ طنز جي حوالي سان هڪ شاهڪار آهي. هن ناول جي ذڪر کانسواءِ اردو ۾ مزاح جي تاريخ اڻ پوري رهجي ويندي.

        سنڌب ادب کي، دنيا جي بهترين ادب جا ترجما ڏيندڙ، ڪرشن چند جي ناول ”غدار“ جي سنڌيڪار، ولي رام ولڀ هڪ هنڌ لکيو آهي: سندس طنز تمام سٺي ۽ پر اثر آهي.... سندس ڪردار کانئس مختلف ناهن. هڪ ڀيري کانئس پڇيو ويو هو، شڪست جو شيام ڪير آهي؟

        ”مان!“ ڪرشن چندر وراڻيو.

        ”تائي ايسري؟“

        ”مان!“

        ”۽ اهو گڏهه؟“

        ”اهو به مان ئي آهيان – انهيءَ لاءِ جو سڀني جانورن ۾ مون گڏهه کي ئي وڌيڪ عقلمند ڏٺو آهي. چوڻ لاءِ ته انسان ئي سڀ کان وڌيڪ عقلمند مڃيو ويندو آهي، پر انسان گذريل ٻن جنگين ۾ جيڪي ڏنو آهي، اهو ڏسي ۽ انهيءَ تي غور ڪري، اهوئي محسوس ٿئي ٿو ته دنيا ۾ سڀ کان عقلمند جانور گڏهه ئي آهي.“

        ڪرشن چندر ٻالڪپڻ کان جوانيءَ جي خوبصورت ڏينهن تائين هڪ وڏو عرصو ڪشمير ۾ رهيو. ڪشمير جي خوبصورت وادين ۾  فطرت جي سونهن سندس شاعراڻي من کي ڏاڍو متاثر ڪيو - ۽ انهيءَ اثر هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ کيس ڏاڍو فائدو ڏنو، جو سندس منظرنگاريءَ جو ڪو جواب ناهي.

        منظر نگاري، افسانوي ادب ۾ اهم جاءِ والاري ٿي. ڪيتريون ڳالهيون، جيڪي هزارين لفظن جي مالا ۾ به نه پوئجي سگهن، سي ڪنهن هڪ منظر سان ئي واضح ٿي وينديون آهن. ڪرشن چندر جي اک منظر کي ائين جهٽي وٺندي هئي، جيئن ڪئمرا جو فوڪس - ۽ اکين جي ماڻڪين ۾ بيٺل منظر کي هو ڪاغذ تي منتقل ڪرڻ  ۾ به ڪمال درجي جي مهارت  رکندو هو - ۽ سندس مهارت سبب، لفظن سان ڪاغذ تي پينٽ ڪيل اهي منظر پڙهندڙ جي دل تي نقش ٿي وڃن ٿا:

        ”هڪ وڏي پپل جي وڻ هيٺان ڳئون ۽ مينهون آرام ڪري رهيون هيون، پر سندن ڌنار اتي نه هو. اهو هڪ ڳوٺ هو. رستي جي ٻئي پاسي لاري هڪ ڪني دُٻي جي ڀرسان گذري رهي هئي. هڪ مينهن پاڻيءَ ۾ گهڙي رهي هئي. خاڪي ڪپڙا پهريل هڪ عورت پاڻي ڀري رهي هئي. هڪ سندر ۽ سانورين  ٻانهن واري نوجوان ڇوڪري سوٽيءَ سان آلن ڪپڙن کي سٽي رهي هئي. رستي جي ٻئي پاسي هڪ وڏو بڙ نظر اچي رهيو هو، جنهن تي ٽپال جو ڳاڙهو دٻو لڙڪي رهيو هو. وڻ جي هيٺان هڪ ڀڳل ڇڪڙو پيو هو. انهيءَ تي چار سک هڪ بيحد ميري تاس سان راند کيڏي رهيا هئا. انهيءَ کان اڳتي اهوئي ميدان هو، اهوئي وارياسو رستو، اهائي تيز اُس ۽ ميلن تائين پکڙيل ٻني“

        سندس منظر نگاريءَ جي اهم  ڳالهه  اها به آهي ته اهي منظر پڙهندي/لفظن ۾ ڏسندي اسان کي ڪئمرا جي تصويرن جيان ساڪت نظرف نٿا اچن، پر ساڳئي وقت اهي متحرڪ به آهن. انهن منظرن ۾ جيئري جاڳندي زندگي ٿي نظر اچي:

        ”هوءَ اٿي ۽ ٻوڙن جي جهُڳٽي ڏانهن هلي، اها هڪ سانوري رنگ جي جوان عورت هئي. پرڪاش ڏٺو ته سندس چولي ۽ پڙو هنڌ هنڌ کان ڦاٽي رهيو هو، ۽ هن هلندي هلندي پنهنجي جوانيءَ کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ٿي ڪئي، پر غريبيءَ ۾ نه ته غريبي لڪائي سگهي آهي ۽ نه جواني-“

        منظر نگاريءَ سان گڏ ئي هو ڪردار نگاريءَ ۾ به پنهنجن سمورن همعصر ليکڪن کان منفرد حيثيت رکي ٿو. سندس ڪردارن ۾ ڏاڍي وسعت آهي، ۽ هر قسم جا ڪردار سندس تحريرن ۾ ملن ٿا، ۽ اهڙا جيئرا جاڳندا، جو پڙهندي لڳي ٿو، ڄڻ  اسين انهيءَ تحرير جو حصو هجون، ۽  اسان پاڻ به انهن ڪردارن جي آس پاس ئي ڪٿي موجود آهيون ۽ ساڻن گڏ ئي ساهه کڻي رهيا آهيون.

        پنهنجيءَ ڳالهه کي پوريءَ طرح ڪميونيڪيٽ ڪرڻ لاءِ ڪرشن، منظر نگاريءَ ۽ ڪردار نگاريءَ سان گڏ، نهايت خوبصورت تشبيهون به ڏنيون آهن.سندس تشبيهن ۾  به سندس طبيعت وارو شاعراڻو رنگ  ته ملي ئي ٿو، پر سندس ڪي ڪي تشبيهون اهڙيون ته منفرد آهن، جيڪي ڪنهن شاعر جي وس جي  به ڳالهه ناهن. اهڙيون تشبيهون فقط ۽ فقط ڪرشن جي انفراديت آهن:

        ”جڏهن هو ڳالهائيندو هو ته ائين لڳندو هو، ڄڻ ڪو پوڙهو ڏيڏر سينواريل تلاوَ مان ڳالهائيندو هجي.“

        ”- نوران ڀتيا کان آئي هئي. سورهن سترهن سالن جي الهڙ جواني – چئن ڪوهن کان سئنيما جي رنگين پوسٽر جيان نظر اچي ويندي هئي.“

        ڀاڳ واري هوندي آهي، اها قوم ۽ اها ڌرتي، جنهن ۾ ڪرشن جهڙا ليکڪ جنم وٺندا آهن – پر حقيقت اها آهي ته ڪرشن جهڙا ٻيا وڌيڪ ليکڪ ته ڇا، پر ڪو هڪڙو به اهڙو ليکڪ اسان کي ڳوليو نه ملندو. هو اهڙو ليکڪ آهي، جنهن پنهنجي پوري دور جي ادب تي پنهنجي ڀرپور ڇاپ ڇڏي آهي. فقط پنهنجي دور تي ڇا، پر هن ته ايندڙ صدين تائين لکجندڙ ادب لاءِ پنهنجو اثر ڇڏيو آهي. کيس ادبي مڃتا طور 1966ع ۾ ”سوويت لينڊ نهرو ايوارڊ“ ڏنو ويو. 1969ع ۾ سندس پنجونجاهين جنم – ڏينهن جي موقعي تي هند سرڪار پاران ”پدم ڀوشن“ جو خطاب ڏنو ويو، ۽ 1937ع ۾ کيس ”نهرو ڪلچرل ايوارڊ“ مليو.

        هن زندگيءَ ۾ بي شمار پئسو ڪمايو ۽ ڪمائي هڪدم کپائي به ڇڏيو، بي انتها عزت ۽ شهرت به سندس حصي ۾ آئي، پر ان جي باوجود هن سدائين پاڻ کي هڪ عام انسان ئي سمجهيو. ڪڏهن  به سندس ڪنڌ ۾ ڪِلي نه لڳي. هو سدائين يارن جو يار  رهيو،  دوستن جي مدد کُليءَ دل سان ڪندو هو، کيسو خالي هوندو هوس ته پٽ  سٽ ڪري به سندن پورت ڪندو هو – سندس ويجهي دوست ۽ مشهور ليکڪ، خواجا عباس انهيءَ باري ۾ لکيو آهي: ”سندس چوڌاري ٻن قسمن جي ماڻهن جو ميڙ هوندو هو. هڪڙا اهي، جن کان هو قرض وٺندو هو، ۽ ٻيا اهي جن کي هو قرض ڏيندو هو. جيڪڏهن توهان جو کيسو خالي آهي ته ڪرشن چندر سان ضرور ملو. ممڪن آ گهڻن کان اڳ ئي هو توهان کي ڏوڪڙ ڏئي ڇڏي – پر جيڪڏهن توهان جو کيسو ڀريل آهي، ته کانئس پري رهو – ممڪن آ، هو توهان کان پڇڻ کان سواءِ توهان جو کيسو خالي ڪري ڇڏي.“

        ڪرشن چندر کي پنهنجون خوبيون  بيان ڪرڻ جو شوق ته نه هو، پر پنهنجي خامين تي هن ڪڏهن به منافقت جي چادر نه  وڌي، هو هڪ سيلف پورٽريٽ ۾ لکي ٿو: ”نه ڄاڻ ڪيئن اهو تصور ڪيو ويو آهي ته اديب هن دنيا جو ماڻهو نه هوندو آهي، ڪنهن ٻئي شمسي نظام جي مخلوق آهي. عجيب عجيب ڳالهيون ساڻس منسوب ڪيون وينديون آهن.  اهڙي نيڪي، جيڪا فرشتن کان به ممڪن ناهي. اهڙي پاڪائي ديوتائن جي حصي ۾ به ناهي آئي، جنهن کي ڇُهندي خدا به ڊڄي وڃي – پر نڄاڻ ڪيئن اهي سموريون صفتون، هڪدم هڪ اديب جي فطرت ۾ ڏسي وٺبيون آهن. جيتوڻيڪ  منهنجو خيال اهو آهي ته هڪ اديب ايترو ئي ننڍو، دوکي باز، خود غرض، ڪميڻو ۽ تنگدل آهي، جيترو ڪوٻيو ماڻهو ٿي سگهي ٿو، ۽ مون ۾ اهي سڀ خوبيون موجدو آهن. مون بار بار ڪوڙا قسم کنيا آهن. پاڻ کي ۽ ٻين کي دوکا ڏنا اٿم، خوشامد ڪئي اٿم، وڙهيو آهيان، شراب پيتو اٿم، ڀنگ ۽ چرس به، مان پنهنجي تعريف تي خوش ٿيو آهيان، ۽ ٻين جي تعريف  تي ساڙ کاڌا اٿم. جڏهن ڪنهن ۾ ڪم پوندو اٿم ته سندس پويان لڳي پوندو آهيان، ۽ ڪم نڪرڻ کان پوءِ وساري ڇڏيندو آهيان، ڄڻ هو ڪڏهن منهنجي زندگيءَ ۾ هيو ئي ڪونه – ڪيترا دفعا منهنجي دوستن مون کان اوڌر گهري، مون وٽ پئسا هيا، پر مون نه ڏنا. ڪيترا دفعا جڏهن مون قرض گهريو ۽ دوست مون کي نه ڏنو ته مون کيس دل ئي دل ۾ گار ڏني. ڪيترا دفعا مون رستي تان ويندڙ عورتن کي (تصور ۾)  اغوا ڪري ورتو، ڇو ته اهي خوبصورت هيون – هاڻي جيڪڏهن اهي صحيح سلامت گهر پهچي ويون ته اها سندن ۽ قانون جي خوش قسمتي هئي، نه ته جيتري قدر منهنجي ارادي جو تعلق آهي ته مان کين اغوا ڪري چڪو آهيان. ساڳيءَ ريت ڪيترا دفعا ڪاوڙ ۾ مون قتل ڪيو آهي، پر جيڪڏهن اهو شخص زنده آهي ۽ هلي چلي ٿو ته پنهنجي جسماني قوت جي آڌار تي، باقي جيتري قدر منهنجو تعلق آهي ته مان کيس قتل ڪري چڪو آهيان. مون اهڙي طرح اندازو لڳايو آهي ته مان پنجاهه عورتن کي اغوا ڪري چڪو آهيان، ٻه سئو ماڻهو قتل ڪري چڪو آهيان. انهن ۾ خواجا احمد عباس، سردار جعفري، راجندر سنگهه بيدي، مائوزي تنگ، ونسٽن چرچل، دليپ ڪمار، ڌرم وير ڀارتي ۽ منهنجو سڳو ڀاءُ مهندر ناٿ به شامل آهن.“

        سيلف پورٽريٽ ۾ ته قتل ڪرڻ جا تصوراتي خيال آهن،  پر حقيقت جي دنيا ۾ موت ڪرشن مٿان پهريون  لامارو 23 نومبر 1967ع تي دل جي  دوري جي  صورت ۾ ڏنو. جيڪڏهن هو ڊاڪٽرن جي هدايتن تي عمل ڪري ها، ته سندس دل ساڻس بي وفائي نه ڪري ها، پر ڪرشن  ڪنهن به هدايتڪار جي هدايتن هيٺ زندگي گذارڻ سکيو ئي نه هو. کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ ڏاڍو بد پرهيز هو،  نتيجي طور مٿس دل جو ٻيو دورو 19 مارچ 1969ع تي پيو. 18 مارچ تي ڪرشن جو ”55 سالا جشن“ ملهايو ويو هو، جنهن ۾ ان وقت جي وزير اعظم اندرا گانڌي خاص طور تي شريڪ ٿيڻ لاءِ آئي هئي.

        هو دوستن سان ان حد تائين پيار ڪندو هو، جو دوري کان پوءِ هن اسپتال ۾ به سلميٰ کي چيو هو: ”ٻڌ سلميٰ! جيڪڏهن مون وٽ ايترو ئي وقت آهي ته انهيءَ کي علاج ۾ نه وڃاءِ – تون مون وٽ هج، مان دوستن سان ملڻ ٿو چاهيان-“ ۽ جڏهن اسٽريچر ڌڪيو پئي ويا، تڏهن  هن چيو: ”شايد تمام گهٽ وقت آهي سلميٰ! Call my all Friends“ پر زندگيءَ ڪرپشن چندر جو ساٿ ڏنو، ۽ ڪجهه سال وڌيڪ کيس پنهنجي دوستن ۽ محبوب  زال سان گذارڻ لاءِ ملي ويا. اٺن سالن کان پوءِ، مارچ 1977ع جي پهرئين هفتي ۾ دل جي دغا بازيءَ سبب وري کيس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. اٺين مارچ تي صبح جو سوير، هن ڏاڍي تڪليف مان سلميٰ سان ڳالهايو هو:  ”بس ايترو ئي ساٿ هو، مون کي معاف ڪري ڇڏجانءِ، مان توکي ڪوبه سُک ڏئي نه سگهيس. هونءَ مون ڏاڍي ڀرپور زندگي گذاري. I Have no regrates بس ٿورا ڪم باقي  هيا، پر اهو ڪهڙو ماڻهو هوندو، جنهن سمورا ڪم پورا ڪري ورتا هجن، ۽ ڏٺو وڃي ته اهو غلط به آهي، قدرت جي خلاف ايترو وڙهڻ – هاڻي مون کي هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏڻ گهرجن. مون کان پوءِ هتان گهر هلي وڃجانءِ – هتي سڀ دل جا مريض آهن. دل جي مريضن تي اهڙين ڳالهين جو تمام بُرو اثر پوندو آهي – تون هتي هوندينءَ ته ٻيا حوصلو هاري ويهندا - ۽ سلميٰ ٻڌ! منهنجي توکي وينتي آهي ته ڏک کي همت ۽ تحمل سان برداشت ڪجانءِ – منهن مٿو پٽيئي ته اسان ٻنهي جي بي حرمتي ٿيندي.“

        ڊاڪٽر نرس کي سئي هڻڻ لاءِ چيو ته ڪرشن کانئس ٿورڙي مهلت گهري، ۽ سلميٰ کي چيو، ”بمبئيءَ ۾ گهر ڏاڍو ڏکيو ملندو آهي. جيڪڏهن ٿي سگهئي ته گهر نه ڇڏجانءِ. جيڪڏهن  حالتن سان منهن ڏئي نه سگهين ته پاڪستان هلي وڃجان. اتي منهنجا ڪيترائي دوست آهن. اتي تون اڪيلي نه هوندينءَ - ۽ ها، منهنجو پيس ميڪر بلڪل نئون آهي، اهو هتي ئي ڪنهن مريض کي لڳرائي ڇڏجانءِ.“

        اهي ئي آخري ڳالهيون سمجهه ۾ اچي سگهيون هيون – 8 مارچ تي صبح سان 6 وڳي هن اکيون کوليون – سلميٰ کي اشاري سان جهڪڻ لاءِ چيائين – پوءِ پاڻ اُٿڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ ٻئي  ٻانهون سلميٰ جي ڳچيءَ ۾  وجهي ڇڏيائين ۽ آهستگيءَ سان پنهنجو مٿو سندس ڪلهي تي رکي، هٿ پير ڍرا ڪري ڇڏيائين – سندس روح سندس جسم کان ڌار ٿي ويو.

        سندس جنازو جڏهن سندس گهر آندو ويو ته ويد ۽ گيتا جو پاٺ ڪيو ويو. قرآن خواني به ٿي، ۽ ارٿي کڄڻ وقت هڪ سک گرنٿيءَ، گورو گرنٿ صاحب مان شبد به پڙهيا.

        سندس وفات کان پوءِ، سرڪاري طور تي باندرا جي هل روڊ جو نالو بدلائي ڪرشن چندر روڊ رکيو ويو، سرڪار ته ڪرشن چندر جو نالو هڪ روڊ تي رکيو، پر انهيءَ هڪ شخص جو نالو لکين ماڻهن جي دلين تي لکيل آهي.

        جيئن پهرين ذڪر ڪيو ويو آهي، ته ڪرشن چندر پنهنجي چاليهن سالن جي ادبي زندگيءَ ۾ ايترو گهڻو لکيو آهي، جو انهيءَ جي مڪمل فهرست ٺاهڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، پر ڪتابي صورت ۾، گهٽ ۾ گهٽ سندس ڪهاڻين جا ٻٽيهه مجموعا، اٺيتاليهه ناول، ڊرامن جا ٻه مجموعا، ٻه مضمونن جا مجموعا، ٻارن لاءِ يارهن ڪتاب ۽ سندس ترتيب ڏنل ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.

        سندس فن ۽ شخصيت تي ڪيترائي ڪتاب، مختلف رسالن جا ضخيم نمبر، سووينيئر ۽ لاتعداد مضمون ۽ مقالا ڇپيا آهن.

        ڪرشن چندر ڏات جي ڏيهه ۾، پنهنجي فني سفر ۾ جنهن منزل تي پهتل نظر اچي ٿو، انهيءَ منزل تي پهچڻ لا:ءِ صدين تائين ڪيترا ليکڪ سڌون ڪندا رهندا. هو هڪ ليکڪ/ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ جنهن اوچائيءَ تي آهي، اتي پهچڻ واري ڳالهه، مايوسي نه ڦهلائڻ واري سوچ ذهن ۾ رکي ڪجي، ته به اهو ضرور  چئبو ته انيهءَ منزل تي پهچڻ جيڪڏهن ناممڪن نه، ته مشڪل ضرور آهي – بلڪ انتهائي مشڪل آهي.

        پروفيسر احتشام  حسين جي لفظن ۾: ”ڪرشن چندر اردوءَ جي پهرين صف جو ڪهاڻيڪار آهي .... گهڻن ماڻهن لاءِ هو سڀ کان سٺو ڪهاڻيڪار آهي، ۽ انهيءَ قول کي آسانيءَ سان رد ڪري نه سگهبو.“

        ۽ ڇا توهان انهيءَ قول کي رد ڪري سگهو ٿا؟

مددي ڪتاب ۽ رسالا

1. ڪرشن چندر – هندستاني ادب ڪي معمار (جيلاني بانو)

2. ڪرشن چندر اور افسانه نگاري  (ڊاڪٽر احمد حسين)

3. ڪرشن چندر، شخصيت اور فن (جگديش ڪمار وڌاون)

4. ماهوار ”افڪار“ ڪراچي (ڪرشن چندر نمبر)

5. ماهوار ”بيسوين صدي“ دهلي (ڪرشن چندر نمبر)

6. روزانه ”جنگ“ ڪراچي

7. موهن جي دڙي جو خزانو (پهريون ڇاپو)

8. هفتيوار ”سنڌو“ حيدرآباد

9. ڪرشن چندر جا مختلف ڪتاب

”ڪرشن منهنجو ڀاءُ......!

مان ڪرشن چندر تي ڇا لکان. مان نقاد ته نه آهيان جو سندس افسانن جون خاميون ۽ خوبيون ويهي ڳڻيان. ماهر-نفسيات به نه آهيان جو سندس شخصيت جو تجزيو ڪريان ۽ اٽي مان وار ڪڍان، نه وري فقري بازي ڄاڻان جو لفظن جا آڏا ٽيڙا ڄار وڇايان، مان ڪرشن ڀاءُ جي ڀيڻ آهيان سا به ننڍڙي، تنهن ڪري مان ڪرشن ڀاءِ لاءِ بس ايترو ئي ڄاڻان ٿي جيترو هڪ ننڍڙي ڀيڻ ڄاڻي سگهي ٿي- جيئن ته ننڍڙي ڀيڻ ننڍي ڀاءُ کان گهٽ ڄاڻ رکي ٿي، تنهن ڪري مان سندس ڪيترين اهڙين ڳالهين جي متعلق نٿي لکي سگهان جن جي باري ۾ ”مهيندر“ لکي سگهي ٿو- تنهن هوندي به ڪجهه اهڙيون تصويرون، منهنجي ذهن ۾ اڄ به محفوظ آهن مان اتان کان شروع ٿي ڪريان.

اهو ته ياد ناهي ته ڪهڙو سن هيو، بس ايترو ياد اٿم ته سياري جي رات هئي، جابلو ڳوٺڙن جي، رات جي خاموشي ڇانيل هئي، اسين سڀ آرامي هئاسين ته ڪنهن زور زور سان ڪڙو کڙڪايو، بابو جيڪو ڊاڪٽر هو ڇرڪ ڀري اٿيو، ٻاهر تار وارو هو، بابو ليمپ جي روشنيءَ ۾ تار پڙهي رهيو هو ۽ سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا، پوءِ بابو، امڙ ڏي ويو ۽ امڙ کي خبر ناهي ڇا چيائين جو هن وٺي ريهه ڪئي، سندس ريهون ٻڌي اسين سڀ وٽس وياسين ۽ کيس روئندي ڏسي روئڻ لڳاسون گهر ۾ ماتام مچي ويو.

صبح ٿيو پر ڦڪو ۽ بدرنگ، هڪ عجيب نحوست، اس سان گڏ هر شيءَ تي ڇانئجي وئي، جتي وڃ اتي نوڪر هڪ ٻئي کي ڪجهه ٻڌائي رهيا هئا، ماڻهو سس پس ڪندي چپ ٿي پئي ويا، منجهند تائين سڄي ڳوٺ ۾ اها خبر عام ٿي وئي ته ڊاڪٽر صاحب جو وڏو پٽ ڪرشن چندر گهر کان ڀڄي ويو. هو هاڻي لاهور ۾ ڪونهي، ڀلا ڀڄي به ڇو نه، افسانا لکندو هو، افسانا به عشقي افسانا، ڏٺو ڪونه هيو، گذريل سال ٻئي ڀائر لاهور کان آيا هئا ته رنگ ئي مٽيل هين. ڊراما ڪرائي رهيا هئا، ڪهاڻيون ٿي ٻڌايائون، مشاعرن جون محفلون به ٿي ڪيئون، ٻه مهينا اوڳر ڪڍيائون ”پڙهيا پٽ،“ هائو ڪا ڇوري کڻي اڏاڻو هوندو، اڪيلو ڪونه ويو هوندو. امروئي تو ڇورن کي آزاد ڪري ڇڏيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com