سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :18

پر منهنجي محبوبا منهنجين ڳالهين تي يقين نه ڪيو، هوءَ منهن هيٺ ڪري، آهستي آهستي سڏڪي روئڻ لڳي. اوچتو مون چوٽيءَ تي ڪجهه ڏٺو، ۽ مون خوشيءَ منجهان رڙ ڪئي، ”ڏس... هو ڏس....!!“

هڪدم ڇرڪي، منهن مٿي کڻي جو منهنجي محبوبا چوٽيءَ ڏانهن ڏٺو ته سندس ڳوڙهڻ هاڻين اکڙين ۾ خوشي جي جوت جرڪي پئي.

”ڏس...هو ڏس...“ مون خوشيءَ منجهان چيو، ”هوءَ ستن رنگن واري انڊلٺ...“

”اوهه...“

”۽ هي گوڙ تون ٻڌين ٿي، جيڪو ڪڪرن جي پٺيان، چوٽيءَ تان پيو اچي؟“

”اهو گوڙ ناهي-“ هن خوشي منجهان چيو، ”اهو  اسان جي ٻارن جو گيت آ-“

”ڇا اهي هوا کي وٺي  ايندا؟“ مون پنهنجي محبوبا جي نيڻن ۾ ڏسندي چيو.

هن ڪوبه جواب نه ڏنو – پر اسان ٻئي چوٽيءَ ڏانهن ڏسڻ لڳاسين، ۽ هٿ هٿ ۾ ڏئي انهيءَ واديءَ ۾ بيهي انتظار ڪرڻ لڳاسين، جتي هوا نه هئي!

تنهنجي نالي ۾...

ڍاڍوڪي جي رهندڙ لهنا سنگهه، چڪ جهمرا  جي رهاڪو مکڻ سنگهه خلاف ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو – چڪ جهمرا ۽ ڍاڍوڪي هڪ ٻئي جي ڀر ۾ ئي هئا ۽  ٻنهي ڳوٺن جون حدون به هڪ ٻئي سان لڳو لڳ هيون. هنن جو جهيڙو به ٻنين جي دنگن تان هو. مکڻ سنگهه ۽ لهنا سنگهه جون ٻنيون لڳو لڳ هيون، ۽ هڪ ٻنيءَ جي سلسلي ۾ عرصي کان هنن جي اڻ بڻت هئي، لهنا سنگهه انگريزن جي زماني ۾ به هڪ دفعي مکڻ سنگهه سان جهيڙو ڪيو هو، پر ان وقت لهنا سنگهه جي ئي مات ٿي هئي.

لهنا سنگه ڏاڍو جهيڙيڪار ڄٽ هو، پر ان جي ابتڙ مکڻ سنگهه شرافت ۽  سادگيءَ جو نمونو هو. مکڻ سنگهه اڄ تائين ڪنهن سان جهيڙي جو سوچيو به نه هو – هو انهيءَ کان اڳ زندگيءَ ۾ فقط هڪ ڀيري عدالت ۾ ويو هو ۽ اهو به  لهنا سنگهه جي شرارت سبب، اهو انگريزن جو زمانو هو، ۽ ... شام داس لهنا سنگهه سان ٻڌل هو – پر پوءِ به واهگوروءَ مکڻ سنگهه جي لڄ رکي ۽ ڪيس ختم ٿي ويو.

انهيءَ ڳالهه کي به ورهيه وهامي ويا – هاڻي فرنگين  جو راڄ ختم ٿي چڪو هو،   ملڪ آزاد ٿي چڪو هو ۽ پنهنجو راڄ هو. انهي راڄ حاصل ڪرڻ لاءِ مکڻ سنگهه به هڪ دفعي قرباني ڏني هئي. ڪانگريس وارو سردار منگل سنگهه هڪ لڱان سندس ڳوٺ آيو هو، ۽ ڳوٺ جي ڪجهه هارين انگريز سرڪار کي ڍل ڏيڻ کان نابري واري هئي. گهڻا هاري ته انهيءَ تحريڪ ۾ شامل نه ٿيا هئا، پر ڏهه ٻارهن هاري منگل سنگهه جي چئي ۾ اچي نابري واري ويٺا هئا. انهيءَ ڏينهن لٺ به هلي هئي ته گولي به - ۽ مکڻ سنگهه جو کاٻو اپير انهيءَ ڏينهن گولي لڳڻ ڪري ڦٽجي پيو هو، ۽ انهيءَ ڏينهن کان وٺي هو منڊڪائي هلندو هو. ان کانسواءِ کيس اڍائي سال جيل جا به جهاڳڻا  پيا هئا، پر اڍائي سال به ڪهڙو جيل جهاڳڻو آ؟ اهي اڍائي سال به ڄڻ اک ڇنڀ ۾ گذري ويا ۽  هو پنهنجي گهر ڀيڙو اچي ٿيو.

هاڻ  سندس ڏينهن کل خوشيءَ ۾ گذري رهيا هئا، سندس من تي ڪنهن به قسم جي مونجهه نه هئي. سندس ٻنيون سايون هيون، زال وفادار ۽ سگهڙ هئي، ۽ پنهنجي دل ۾ واهگوروءَ جو ڊپ هوس –  بس، مکڻ سنگهه کي ٻيو ڪهڙو الڪو هو!

ها- ملڪ آزاد ٿيڻ کانپوءِ لهنا سنگهه  جي ٻيهر جهيڙي شروع ڪرڻ سان هو ٿورو پريشان ٿيو هو، پر هروڀرو ڪا اهڙي ڳالهه نه هئي. هڪ عدالت جو فيصلو ته سندس حق ۾ ٿيو هو، هاڻ ڏسڻو اهو هوته ٻيهر لهنا سنگهه ڪهڙي ڳالهه جي آڙ وٺي دعوا ڪئي هئي- مکڻ سنگهه پنهنجي زال کي پيڪين ڇڏڻ ويو هو،  جو سندس غير حاضريءَ ۾ لهنا سنگهه يڪس داخل ڪيو، ۽ سمن به ڪڍرائي ڇڏيا هئائين. پاڙيسرين کيس ٻڌايو هو سمن بابت، ۽ تڏهن کيس ٿويريءَ ڳڻتيءَ ورايو هو، پر مکڻ سنگهه هروڀرو ڪنهن ڳالهه کي دل تي بار ڪرڻ وارو ماڻهو نه هو، ڏاڍي مزي سان لسيءَ جو وٽو پيتائين، ۽ لٺ کڻي شهر ڏانهن هليو ته ڏسان عدالت ڇا ٿي چوي!

ٻئي ڏهاڙي تي هو صبح جو ڏهين وڳي ئي عدالت ۾ پهچي ويو – انهيءَ کان اڳ هو فقط هڪ ڀيرو ئي عدالت ۾ آيو هو، جڏهن لهنا سنگهه مٿس ڪيس داخل ڪيو هو – پر تن ڏينهن ۾ عدالت جي  ڪرسي مٿان ڀت تي جارج پنجين جي تصور لڳل هئي. مکڻ سنگهه عدالت جي ڪمري ۾ ٿورو منهن اندر ڪري ڏٺو، ۽ تصوير تي نظر پوندي ئي ٻئي هٿ ٻڌائين، ۽ پوءِ آهستگيءَ سان پوئتي ٿي، ٻاهر بيٺل پٽيوالي کان پڇڻ لڳو، ”اڃا جج صاحب نه آيو آ.“

”نه، يارهين وڳي ايندو!“ پٽيوالي ڏاڍي فخر مان جواب ڏنو‏.

”چڱو، چڱو“ مکڻ سنگهه ڏاڍي نماڻي لهجي ۾ جواب ڏنو، ۽ ڪنڌ جهڪائي اندر هليو ويو.

عدالت جي ڪٽهڙي جي هيٺان پيشڪار فائيل ڏسي رهيو هو، اهو سڪل منهن، ڊگهي نڪ ۽ گدلي پڳ مٿي تي رکيل پيشڪار  هو، مکڻ سنگهه کيس به ٻئي هٿ ٻڌي سلام ڪيو ۽ چيو، “مون کي ڪيس جو نقل گهرجي!“

”ڪهڙي ڪيس جو؟“

مکڻ سنگهه نمبر ۽ تاريخ سڀ چڱيءَ طرح ٻڌايا. پيشڪار هيڏانهن هوڏانهن جي فائيلن کي کوليو – نڪ کنهيائين، ڄنگهه  کنهيائين، مٿو کنهيائين، آخر هيڏانهن هوڏانهن ڏسي تلخيءَ مان چيائين، ”هن مهل مون کي تنگ نه ڪر، عدالت جي مهل پئي ٿئي، ڏيڍ وڳي اچجانءِ، ڪڍي رکندس، هان! سمجهيئي؟“

”حاضر حاضر!“ مکڻ سنگهه هٿ ٻڌي، ڪنڌ هيٺ ڪندي چيو، ۽ ڪمري کان ٻاهر نڪري  ويو.

کيس عدالت جي ڪارروائي ڏسڻ جو شوق ته هيو ڪونه ۽ سندس ڪم به ڏيڍ وڳي ٿيڻو هو، ۽ هي پراڻو شهر به ننڍي لاءِ  جو ئي ڏٺل هوس، نتهن ڪري بس عدالت کان ٻاهر ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهڻ کي ئي چڱو سمجهيائين.

پوءِ يارهين وڳي عدالت جو اجلاس شروع ٿيو. ڪمرو ماڻهن سان ڀرجي ويو هو، ۽ وڪيل ڪنهن مهل  ويٺا ٿي ۽ ڪنهن مهل عدالت جي ڪرسيءَ تي ويٺل جج کي ڪجهه چيائون ٿي، جيڪو مکڻ سنگهه جي سمجهه کان ٻاهر هو. هن کي ته فقط اها ڄاڻ هئي ته سرنهن ڪيئن ٽڙندي آ، ڪپهه جي گلن مٿان بهار ڪڏهن ايندي آ، ڪڻڪ جا سنگ ڪيئن ڪنوارين جيان پنهنجي حسن جي بار سان نوڙي پوندا آهن، ۽ سندس زال طوطن جي ولرن کي ڏسندي پنهنجي مٿي تي مانيءَ جو دٻڪ ۽ لسيءَ جو لوٽر رکي ڪيئن ٻنين منجهان وڪڙ کائيندي ايندي آ....

ڇا زندگي لاءِ اهو ڪافي ناهي؟

ڏاڍو سوچي سوچي مکڻ سنگهه جيل جي ڪوٺڙيءَ ۾ اهو فيصلو ڪيو هو ته بس اهو ڪافي آ.

پر هاڻي  اهو سوچي کيس ڳڻتي وڪوڙي وئي هئي ته ڪيس جو نقل حاصل ڪرڻ کانپوءِ هاڻي کيس وڪيل به ڪرڻو پوندو - ۽ کيس سمجهه ۾ نٿي آيو ته هو عدالت کي سڌو سنئون ڇو نه ٿو چئي سگهي ته، ”جج سائين، ڏس! هيئن آ، ته هيءَ ٻني هيئن منهنجي آ، لهنا سنگهه جي ناهي - ۽ فلاڻي وقت، فلاڻي جج صاحب  هيئن فيصلو ڪيو هو. توهان اهو فيصلو پڙهي ڏسو. پر پڙهڻ جي به انهيءَ ۾ ڪهڙي ڳالهه آ- سڄي جڳ کي ڄاڻ آ ته اها ٻني منهنجي آ، جيڪڏهن اعتبار نه هجي ته لهنا سنگهه جي مٿي تي پوٿي رکي پڇي ڏسو!“ پر سوچڻ کان پوءِ به کيس پڪ هئي ته وڪيل ته کيس ضرور ڪرڻو پوندو!

جڏهن ڏيڍ وڳو، ۽ عدالت مانجهاندي لاءِ اٿي وئي، تڏهن مکڻ سنگهه  وري ڊڄندي ڊڄندي اندر گهڙيو ، هو منڊڪائيندو پيشڪار وٽ وڃي پهتو، ۽ کيس چيائين، ”ڪيس جو نقل تيار آ سائين؟“

”ها، تيار آ – وٺ!“ پيشڪار نقل ڪڍي، مکڻ سنگهه جي هٿ تي رکيو ۽ مکڻ سنگهه کيسي مان ٻه روپيا ڪڍي پيشڪار جي هٿ تي رکيا.

پيشڪار چٻو منهن ڪري چيو،” ڇڏ ڇڏ- پنج روپيا لڳندئي!“ هن نقل مکڻ سنگهه کان ڇڪي ورتو.

”پر اڳي ته تو ٻه روپيا ورتا هئا- لهنا سنگهه جي پهرين ڪيس ۾، فرنگين جي ڏينهن ۾!“ مکڻ سنگهه چيو.

”تڏهن ٻيا ڏينهن هئا، هاڻ ته پنج ٿيندئي، سائينءَجو چوڻ آ!“

”سائينءَ جو!“ مکڻ سنگهه حيرت مان چيو.

”ها-“ چالاڪ پيشڪار چيو، ”جيڪڏهن مون تي اعتبار نه هجئي ته هن تصوير ڏانهن ڏس!“

پيشڪار هٿ جي اشاري ساڻ ڀت تي لڳل تصوير ڏانهن اشارو ڪيو – اها گانڌيءَ ۽ نهروءَ جي اهائي مشهور پراڻي تصوير هئي، جنهن ۾ ٻئي اڳواڻ هڪ ٻئي ڏانهن  ڏسي مرڪي رهيا هئا، ۽ گانڌيءَ جو هٿ سمجهائڻ واري  انداز سان مٿي کڄيل آهي ۽ سندس پنج ئي آڱريون کليل آهن.

پاڻ ڏس!“ پيشڪار چيو، ”سائين چوي ٿوم، پنج روپيا، پورا پنج!“

اٻوجهه هاريءَ انهي تصوير ڏانهن ڏٺو، جيڪا ڄڻ آڱريون کڻي سمجهائي رهي هئي، ها، ها، هاڻي پورا پنج – مکڻ سنگهه تصوير ڏسي ٻئي هٿ ٻڌا، ۽ پوءِ پنهنجي گوڏ جي ڪنڊ ۾ ٻڌل پنجين روپين جو نوٽ ڪڍيائين ۽ نوٽ پيشڪار جي هٿ تي رکي نقل وٺي ٻاهر نڪري ويو.

 

 


 

 

 

پينگهو

منهنجي هٿ ۾ هڪ عينڪ آ، ماڻهو انهيءَ کي عينڪ چوندا آهن، پر منهنجي خيال ۾ هي صرف شيشي جا ٽڪرا آهن، جيڪي پلاسٽڪ جي ڪمانيءَ ۾ ائين ڦاسايا ويا آهن، جيئن سماج جي ڪمانيءَ ۾ انسان جي زندگي ڦاسائي ويندي آ. اها زندگي ٽٽي سگهي ٿي، پر انهيءَ ڪمانيءَ کان ٻاهر نڪري نٿي سگهي، اهوئي حال هنن شيشي جي ٻن ٽڪرن جو آ. پر پلاسٽڪ جي ڪمانيءَ ۾ ڦاٿل شيشي جا هي ٻه تڪرا ڪا معمولي شيءِ ناهن، ڇو ته جڏهن مان انهن کي پنهنجي اکين تي رکندو آهيان ته منهنجي اکين کي سڀ ڪجهه ڏسڻ ۾ ايندو آ. اهو سڀ ڪجهه، جيڪو انهيءَ کان اڳ ڏسڻ ۾  نه ايندو آ- يا ڌنڌلو ۽ ڪجهه پراسرار نظر ايندو آ، پر عينڪ پائڻ سان سڀ ڪجهه صاف نظر ايندو آ. ڄڻ ڌنڌ ختم ٿي ويو هجي، ۽ هر شيءِ فوڪس ۾ هجي. منهنجي خيال ۾ شيشي جي هنن ٻن ٽڪرن جو ڪو ٻيو فائدو هجي يا نه، پر اهو فائدو ضرور آهي ته هي ٽڪر! انسان جي اکين کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندا آهن. هونءَ ته هر انسان کي اکيون آهن، اکين ۾ نظر به هوندي آ، پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آ ته انسان  اکيون هوندي به ڪجهه نه ڏسندو آ، ڄڻ  سندس چئني پاسي وڏيون وڏيون ديوارون هجن ۽ وچ ۾ اوندهه! پر هي شيشي جا ٽڪر به ڏاڍا عجيب آهن، هي ديوارن جي آرپار به ڏسي وٺندا آهن – جتي اوندهه هوندي آ،  اتي روشني ڪري ڇڏيندا آهن – جڏهن نظر انهن ٽڪرن منجهان لنگهندي آ ته روشنيءَ کان وڌيڪ تيز رفتار هوندي آ، ۽ اها ڪڏهن سڄي ڪائنات تي ڦهلجي ويندي آ ته ڪڏهن وري هڪڙي نقطي تي اچي بيهي رهندي آ. مان روزانو صبح جو اخبار شيشي جي انهن ٽڪرن جي مدد سان پڙهندو آهيان – پر انهن جو ورتاءُ منهنجي  اکين سان ڪجهه عجيب هوندو آ. مثال طور مان اڄ اخبار ۾ وزير اعظم جي تقرير پڙهڻ ٿي چاهي! مون جيئن ئي وزير اعظم جي تقرير پڙهڻ شڙوع ڪئي ته منهنجي نظر هيٺان اخبار جا لفظ ترڪڻ لڳا، ۽ وڏا وڏا دائرا بڻجي منهنجي اکين جي سامهون نچڻ لڳا. مون پريشانيءَ منجهان اتان نظرون هٽايون، سوچيم، خير وزير اعظم جي تقرير نه سهي، ڪا ٻي خبر پڙهي وٺجي، ڏسجي آفريڪا ۾ ڇا پيو ٿئي؟ اهو چاڻڻ لاءِ مون اخبار جو صفحو اٿلايو ته منهنجي نظر ترڪندي ترڪندي آفريڪا جي خبر کان به اڳتي، هڪ تصوير تي اچي بيهي رهي، ۽ شيشي جا ٽڪرا فوڪس ۾ اچي ويا. اها آفريڪا جي ڪنهن وڏي ليڊر جي تصوير نه هئي، اها دريا گنج جي هڪ يتيم خاني جي تصوير هئي، جنهن جي ٻاهران هڪ پينگهو ٽنگيل هو، جيئن ماڻهو حرامي ٻارن کي ڪنهن ڪسيءَ يا گند جي ڍير تي ڦٽي ڪرڻ بجاءِ انهيءَ پينگهي ۾ رکي وڃن! ڪهڙو نه سٺو  ۽ نيڪ خيال هو! جنهن به اها ڳالهه سوچي  هئي، انهيءَ جي ذهن کي داد نه ڏيڻ وڏو ظلم ٿيندو، مون اکيون ڇنڀي، ڌيان سان انهيءَ پينگهي ڏانهن ڏٺو، ۽ اک ڇنڀ ۾ ئي مان اتي هوس.

پڪي رنگ جي هڪ عورت انهي پينگهيءَ ۾ هڪ ٻار کي رکي، گهنٽي وڄائي، تڪڙ ۾ موٽڻ لڳي.

”هيڏي – هيڏي – بيهه“

مون رڙ ڪري کيس چيو، پر هن ڊوڙ پاتي، ۽ اڳتي ٻيءَ گهٽي ۾ هلي وئي. مون پينگهي ۾ پيل ٻار ڏانهن ڏٺو ۽ ٻئي پل عورت ڏانهن ڊوڙ پاتم ۽ ٻيءَ گهٽيءَ جي موڙ وٽ وڃي سندس اڳ جهليم، هوءَ سهڪندي وڃي هڪ ڊرگ اسٽور جي ورانڊي ۾ ويهي رهي. مون کي ويجهو ايندي ڏسي سندس پريشانيءَ ۾ واڌارو ايندو ويو. مون سندس ويجهو ويندي چيو، ”توکي شرم نٿو اچي؟ پنهنجو ٻار پينگهي ۾ ڇڏي آئي آن!“

پر بلڪل ويجهو اچڻ سان ڄاتم ته منهنجو کانئس سوال ڪرڻ مناسب نه هو، ڇو ته هوءَ عمر جي ان حصي کان لنگهي چڪي هئي، جنهن ۾ ٻار نه ٿيندا آهن. هن منهنجي سوال جو ڪوبه جواب نه ڏنو،  ڇو ته هو ڏاڍو ڊڄي وئي هئي. هن منهنجي ٻنهي پيرن کي جهلي، پنهنجو مٿو انهن تي رکي ڇڏيو.

”ڪنهن جو ٻار!؟“ مون رعب سان پڇيو.

”منهنجي ڌيءَ جو!“ هن روئيندي چيو.

”ڪاٿي رهندي آن؟“

”سرڪي دالان واري گهٽي ۾.“

”ٻار کي موٽائي کڻي وڃ.“

”نٿي کڻي سگهان.“ پوڙهيءَ عورت روئيندي منهن مٿي ڪيو، ”اڃا ته پنهنجي ڌيءَ کي به پاڙي ۾ موٽائي نٿي وڃي سگهان. ماڻهو ڇا چوندا، برادري ڇا چوندي؟ منهنجي ڌيءَ ڪنواري آ – سندس پيءُ کي ته ٻار ڄمڻ جو پتوئي ڪونهي- کيس سڌ پئجي وئي ته هو منهنجي ڌيءَ جي سسي لاهي رکندو!“

”۽  اهو بدمعاش ڪٿي آ، جنهن ... جنهن....“

”هن پنهنجي بدلي دهليءَ کان ٻاهرڪرائي ڇڏي آ،  اڳ ۾ ته چوندو هو، شادي ڪندس – پر پوءِ بدلي ڪرائي مدراس هليو ويو!“

”ته کيس مدراس وڃي سوگهو ڪيو، ڪيس وڃي ڪيوس.“

”ڪيڏي بدنامي ٿيندي پٽ! سڄي خاندان جو نڪ وڍجي ويندو – ٿورو سوچ ته، منهنجي ڌيءَ ڪنواري آ- اڃا ڪنهن کي پتو ئي ڪونهي، مان پنهنجيءَ ڌيءَ جي ٻئي ڪنهن هنڌ شادي ڪرائي ڇڏيندس!“

مان انهيءَ پوڙهي عورت جي ڀرسان ويهي رهيس، ۽  ڏاڍي مٺي لهجي ۾ کيس سمجهائڻ لڳس، ”ٿورو سوچ ته امڙ! تون انهيءَ ٻار جي ناني آن، ناني – هو تنهنجو ڏهٽو آ، ته سڄي ڄمار ڏهٽي کي هنج ۾ کڻي راند کيڏائڻ جا سپنا ڏٺا هوندا، ۽ اهو اڄ تون انهيءَ کي يتيم خاني جي پينگهي ۾ ڇڏي آئي آن! ٿورو سوچ ته امڙ، تنهنجي ڌيءُ جو پهريون ٻار يتيم خاني ۾ ڪهڙين حالتن ۾ پلبو؟ تون  انهيءَ کي واپس کڻي وڃ، کيس ماءُ جو پيار ڏي، ناني وارو لاڏ ڏئينس، کيس  به تنهنجي گهر رهڻ جو ايترو ئي حق آهي، جيترو تنهنجي ڌيءَ کي. رهيو تنهنجي ڌيءَ جي شادي جو سوال، سو هاڻ اسان جي ديس ۾ سجاڳي اچي وئي - اڄ توکي ڪيترا اهڙا روشن خيال نوجوان ملي ويندا، جيڪي تنهنجي ڌيءُ جو لونءَ ڪانڊاريندڙ داستان ٻڌي ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا.“

ڏاڍي سٺي تقرير هئي. انهيءَ مهل مان پاڻ پنهنجي تقرير کان ايڏو متاثر ٿيس، جو منهنجي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. منهنجي تقرير ٻڌي انهي عورت جي اکين ۾ به اميدن جا ستارا جرڪي پيا، هن تڪڙ ۾  کڻي پنهجا لڙڪ اگهيا ۽ مون ڏانهن خوشيءَ ۽ اميد ڀريل نظر سان ڏسندي چيائين، ”پٽ! ڇا تون.... تون... منهنجي ٻچڙيءَ سان شادي ڪندين؟“

”مان-هان.مان!!“ مان گهٻرائجي ويس، ”منهنجي..... ڳالهه ته ٻي آ... مننجو مطلب آ ته منهنجي شادي ٿيل آ-“ مون تڪڙ ۾  ڪوڙ ڳالهايو.

پوڙهي عورت مون ڏانهن ائين ڏسڻ لڳي، ڄڻ پنهنجي سامهون ڪنهن ٻئي حرامي ٻار کي ڏسندي هجي! هوءَ گهڻي دير تائين سانت ۾ ڏسندي رهي – پوءِ جڏهن مون پنهنجون نظرون هيٺ ڪيون، تڏهن هن ٿڌو ساهه کڻي ”هاءِ رام“ چيو، ۽ پنهنجي گوڏن کي هٿ جو سهارو ڏئي اٿي، ۽ مون ڏانهن ڏسڻ  بنان چپ ڪري اتان هلي وئي.

مان پينگهي ڏانهن موٽي آيس، ۽ هڪ اهڙي ڪنڊ ۾ ويهي رهيس، جتان مان ته پينگهي کي ڏسي سگهيس ٿي، پر ڪوئي ٻيو مون کي نٿي ڏسي سگهيو، مون کي انهيءَ پوڙهيءَ جي سوال تي ڏاڍي ڪاوڙ اچي رهي هئي – هون! گناهه ڪو ٻيو ڪري، ۽ سزا وري مان ڀوڳيان!! عيش هڪڙو ڪري ۽ قيمت چڪايان مڪان، اهڙو بيوقوف ته مان به نه ناهيان. پر سائين، اها ڪهڙي شرافت آ ته جيڪو سٺي صلاح ڏي، اها صلاح به وري سندس ئي پلئه سان ٻڌجي! منهنجي چوڻ  جو مطلب ته فقط اهو هو ته هن ملڪ ۾ سوين،  هزارين اهڙا روشن خيال نوجوان هوندا جيڪي...جيڪي...منهنجو مطلب اهو ناهي ته مان روشن خيال ناهيان – پر مون پنهنبجي ذهن ۾، پنهنجي ٿيڻ واري زال جي جيڪا تصوير سانڍي رکي آ، اها هن کان گهڻو مختللف آهي، ۽ اها ڳالهه به آهي ته في الحال مان شادي ڪرڻ به نٿو چاهيان، ڀلا ڪو زور آ ڇا؟

پر مون کي انهن عورتن تي جک اچي رهيا هئا، جيڪي ماءُ ٿي ڪري پنهنجي مامتا کي وساري ويهنديون آهن، ۽ پنهنجي ٻارڙي کي يتيم خاني جي پينگهي ۾ وجهي هليون وينديون آهن. مون سوچيو، اڄ مان سڄو ڏينهن پينگهي جي نظرداري ڪندس، ۽ جيڪڏهن سڄي ڏينهن ۾ هڪڙي عورت کي به شرم ڏياري، مجبور ڪري سگهيس ته هوءَ پنهنجو ٻار موٽائي کڻي وڃي ته منهنجو ڏينهن سجايو ٿيندو، پر مون کي گهڻي دير انتظار ڪرڻو نه پيو. ڏيڍ ڪلاڪ کن کان پوءِ هڪ نوجوان ڇوڪري آئي، ۽ گرم ڪپڙن ۾ ويڙهيل هڪ پارسل پينگهي ۾ ڦٽي ڪري هلي وئي، اوچتو ئي اوچتو پارسل روئڻ لڳو. مان انهيءَ ڇوڪري جي ڪڍ ڊوڙيس. ڇوڪريءَ مون ڏانهن ڏسي وٺي ڊوڙ پاتي، ۽ گهٽيءَ جي ڪنڊ تي هڪ سائيڪل واري سان ذري گهٽ ٽڪر کائيندي بچي وئي. آخر ٽن چئن گهٽين   منجهان ٿيندي، هوءَ دريا گنج ۾ انهيءَ روڊ تي وڃي پهتي، جيڪو شهر جي پراڻي ڀت جي ڀرسان آهي. هن ور ور ڪري پوئتي مونڏانهن ڏٺو ٿي، ۽ مان پنجاهه والن جي مفاصلي تان ائين سندس ڪڍ وڃي رهيو هوس، ڄڻ مون سندس پيڇو نه پئي ڪيو، پر ڄڻ گهران تفريح خاطر ٻاهرن ڪتو هوس.

دريا گنج کان اڳتي وڃي، هوءَ ڀت کي ٽيڪ ڏئي بيهي رهي، سندس سامهون آصف علي مرحوم جو بت هو، ڇوڪريءَ جي ساڄي پاسي، بلڪل ويجهو هڪ اونهين کاهي هئي، ۽ کاٻي پاسي کان هڪ فلم جو پوسٽر لڳل هو، ”دل اپنا، پريت پرائي.“ مان ڌاڍي آرام سان سگريٽ دکائي سندس ڀرسان ويس. هوءَ منهن  ٻئي پاسي ڪيو بيٺي هئي. ”هيلو!“ مون آهستي چيو. ”پريت پرائيءَ جو نتيجو ڇا نڪتو؟“

هن ڪاوڙ منجهان مون ڏانهن منهن ڪري چيو، ”جيڪڏهن تو اڃا به منهنجو پيڇو ڪيو ته مان پوليس کي اطلاع ڪنديس!“

”مان به اهوئي چاهيان ٿو، ته مون سان گڏ پوليس اسٽيشن هل ۽ منهنجي شڪايت هلي ڪر - ۽ مان انهيءَ ڇوڪريءَ جي شڪايت ڪيان، جيڪا هاڻي هاڻي پنهنجو ٻار يتيم خاني جي پينگهي ۾ رکي آئي آ!“

”اهو نسورو ڪوڙ آ – تو وٽ ڪهڙي ثابتي آ؟“

”ثبوت ته ڊاڪٽر ڏيندو!“ مون ننهن کان چوٽيءَ تائين کيس ڏسندي چيو.

هن جون ساڙيندڙ نظرون ٿڌيون ٿي ويون، ڄڻ اوچتو بجليءَ جو سئچ آف ٿي ويو، سندس سندر چهري تي ڪاراڻ اچي وئي ۽ هن ڏڪندڙ آواز ۾ چيو، ”گهڻا پئسا گهرجئي؟“

چيم ”گهڻا ڏئي سگهندينءِ؟“

اسان جي سامهون پوليس جو هڪ سپاهي اسان کي گهوريندي لنگهي ويو. هوءَ ڊڄي وئي.

چيائين، ”هل، ڪار ۾ هلي ويهه، اتي ڳالهائيداسين.“

چئبو تون ڪار ۾ آئي آن! مون دل ۾ چيو، ۽ هن سان گڏ هلڻ لڳس. ساڻس گڏ هلڻ سان مون کي احساس ٿيو ته هوءَ وڏي – پوري قد واري ڇوڪري آ، ۽ سندس چيلهه ڏاڍي دلڪش نموني لڏي ٿي. سندس وارن مان گلن جي سڳنڌ ٿي آئي، سندس ساڙهيءَ جو ڪپڙو  ڏاڍو مهانگو ۽ سندس ڪار جو ماڊل فقط ٻه سال پراڻو هو. اسان اڳتي وڃي، سندس ڪار جي پٺئين سيٽ تي وڃي ويهي رهياسين. هن اندر ويهي پنهنجي ڪنن منجهان واليون لاٿيون، ۽ پوءِ ڪنگڻ لاٿائين، پوءِ پرس کولي پنج سئو روپيا ڪڍيائين، ۽ سڀ منهنجي هٿ تي رکندي چيائين، ”وٺ هي سڀ، پر منهنجي جان ڇڏ.“

”هي ته تمام ٿورو آ!“مون منهن گهنجائيندي چيو. ”اڃا ڀلا ڇا گهرجئي؟“ مغرور ڇوڪريءَ ڪاوڙ منجهان چيو.

”مان چاهيان ٿو ته تون پنهنجي ٻار کي واپس کڻي وڃ.“

”ناممڪن آ- مان ڪنواري آهيان.“

”ڪنواري ته ناهين، پر اهو کڻي  چئه ته شادي شده ناهين!“

”چڱو ائين ئي سهي – پوءِ“

”پوءِ تون انهيءَ شخص سان شادي ڇو نٿي ڪرين، جنهن سان توکي اهڙي محبت آ.... تون ڏاڍي سهڻي آهين، مان نٿو سمجهان ته ڪو هو توسان شادي نه ڪندو!“

”هو ته ڪرڻ ٿو چاهي، پر مان نٿي ڪرڻ چاهيان!“

”شايد هن واقعي کان پوءِ توکي هن کان نفرت ٿي وئي آ!“

”نه، مون کي هن سان شديد محبت آ.“

”توکي ساڻس محبت آ!“ مون حيرت منجهان چيو، ”۽ هو تو سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار به آ ته پوءِ تون انڪار ڇو ٿي ڪرين؟“

”هو غريب آ، منهنجو  خرچ  پورو ڪري نه سگهندو.“

”پوءِ تون پنهنجو خرچ گهٽائي ڇڏ.“

”اهو ممڪن ڪونهي.“ هن فيصلو ڏنو، ”منهنجي سڀني ساهيڙين وڏن وڏن ماڻهن سان شاديون ڪيون آهن، مان به ائين ئي ڪنديس. مون کي نئين دهليءَ ۾ هڪ وڏي نوڪري آهي، مان هڪ غريب ماڻهوءَ سان شادي ڇو ڪيان!؟“

”آئي سي!“مون سوچيندي چيو،”چڱو ڀلا تون هيئن ڪر، جو اهو ٻار، جيڪو توهان ٻنهي جي محبت جو ثمر آهي، سندس  پيءُ جي حوالي ڪري ڇڏ – مان سمجهان  ٿو ته هو انهيءَ کي تنهنجي پيارجي آخري نشاني سمجهي  ضرور قبول ڪندو.“

”ڇو؟“

”ڇو ته اهو ٻار انهي جو ناهي، جنهن سان مون کي محبت آ.“

”جنهن سان توکي  محبت آ، هي ٻار انهيءَجو ناهي ته ڪنهن جو آ!!؟“ مون حيرت منجهان چڪيو.

”هي منهنجي هڪ دوست جو ٻار آ!“

”ته ڇا تنهنجو ٻار ناهي؟“

”آهي ته منهنجو، پر انهيءَ مان ناهي، جنهن سان مون کي محبت آ، هن ٻار جو پيءُ هڪ بزنس مين آ، جيڪو منهنجو دوست آ.“

”پوءِ تون انهيءَ واپاريءَ سان ئي ڇو نٿي شادي ڪرين، هو تنهنجو خرچ به برداشت ڪري سگهندو، ۽ هن معصوم ٻار کي سندس پيءُ به ملي ويندو.!“

”نه – مان انهيءَ واپاريءَ سان شادي ڪري نٿي سگهان.“ هن ڏاڍي آرام سان چيو، ”ڇو ته مون کي ساڻس محبت ڪانهي،“

”جيڪو توکي پسند آهي، انهيءَ جو هي ٻار ناهي، ۽ جنهن جو هي ٻار آهي، اهو توکي پسند ناهي- پوءِ تون شادي ڪندينءِ ته ڪنهن سان؟ تنهنجو مسئلو ته ڏاڍو منجهيل آ!“

”خوبصورت ڇوڪرين جا مسئلا جلد حل ٿي ويندا آهن، مسٽر!“ هوءَ کلڻ لڳي، ۽ سندس سهڻا ڏند ٿوري دير لاءِ گلاب جي پنکڙين جهڙن چپن جي وچ ۾ چمڪڻ لڳا. هوءَ يقينن ڏاڍي سهڻي هئي، پر سندس سونهن نرم ۽ گرم ڪنهن شيءِ جي ياد نٿي ڏياري، سندس سونهن ڏسي ڪائي سخت ۽ چمڪندڙ شيءِ پئي ياد آئي، جيئن موتي يا سون – سهڻوپر سخت!

هن منهنجي ٻانهن تي ٿڦڪي هڻندي چيو، ”تون منهنجي چنتا نه ڪر – مون کي منهنجي مطلب جو مڙس ملي ويندو. اهڙو جيڪو منهنجي غريب عاشق جيان سهڻو هجي، منهنجي واپاري دوست جيان مالدار هجي، ۽ منهنجي پسند وٽان به،“ پوءِ هن ڪار جو در کوليندي چيو، ”هاڻي تون پنهنجو مال سنڀال، ۽ گاڏي مان هيٺ لهي وڃ، جلدي ڪر شاباس.۾“

مان سيٽ تي ڄمي ويهي رهيس،  چيم ”جيڪڏهن اها ڳالهه آ ته تون هن گاڏيءَ مان لهي وڃ!“

”مان ڇو لهي وڃان؟“ هن حيران ٿي پڇيو.

”ان ڪري ته جيڪڏهن تون پنهنجي پسند جي ڪري پنهنجي ٻار کي قربان ڪري سگهين ٿي، ته پوءِ انهي پسند خاطر ئي توکي هن گاڏيءَ تان به هٿ کڻو پوندو، ڇو ته هي گاڏي مون کي پسند آ. هيءَ گاڏي مون کي لکي ڏي، نه ته هل ٿاڻي تي.“
        ”مسٽر!“ هن هڪدم رڙ ڪري، پنهنجو هٿ منهنجي ڪرائيءَ ۾ وڌو، ۽ سندس وڏا وڏا ننهن منهنجي ڪرائيءَ ۾  چڀڻ لڳا، چيائين، ”مستر مان توکي سڀ ڪجهه ڏئي  سگهان ٿي، پر هيءَ گاڏي نٿي ڏئي سگهان – هن گاڏيءَ خاطر ته مون اهو ٻار  ڄڻيو هو. منهنجي سڀني ساهڙين وٽ گاڏيون هيون، ۽ اهي ڳالهه ڳالهه ۾ پنهنجي گاڏيءَ جو رعب رکنديون هيون – جيتوڻيڪ مون کي چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي ته انهن منجهان ٻن بلڪل اهڙي نموني گاڏيون هٿ ڪيون هيون، جيئن مون هٿ ڪئي ا، سو هائو ڪُڊ آءِ ٽاليرٽ اٽ. مون به انهيءَ واپاريءَ سان دوست ڪئي، جيڪو ٻن سالن کان منهنجي پويان پيل هو، انهيءَ گاڏيءَ خاطر ئي مون اهو ٻار ڄڻيو هو، ۽ تون چاهين ٿو ته مان هيءَ گاڏي توکي ڏئي ڇڏيان! آر يو نٽس؟“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com