سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :26

مگن لال سخت ناراض هو، پڻس کيس جهلي ويهاريو. هو پاڻ پلنگ تي ويٺو هو. ڪرسي ۽ پلنگ جي وچ ۾ هڪڙي ٽپائي هئي، جنهن تي سندس ٻنهي پوٽن جون تصويرون فريم ۾ رکيل هيون. سيٺ چمن لال جو هٿ ڪافي دير تائين تصويرن جي فريم تي ڦرندو رهيو، هن جون بيقرار آڱريون ڪڏهن هڪ فريم تي ڪڏهن ٻئي فريم تي ڦرڻ لڳيون. آخر هن نظرون مٿي ڪري پنهنجي پٽ ڏانهن ڏٺو ۽ تصويرن ڏانهن، تيز نشتر جي انداز ۾ چيو:

”هڪ ڏينهن آءٌ به اهڙيءَ طرح پيدا ٿيو هوس.“

مگن لال اها دنيا ڇڏي ڏني، هينئر هو اڪيلو شهر جي رستن تي گهمندو رهيو. هلندي وقت هن پاڻ سان ڪجهه به نه کنيو هو، صرف چانديءَ جو اهو فريم جنهن۾ آءٌ بند ٿيل هوس کڻي پنهنجي سوٽ جي کيسي ۾ وڌو. هن جي کيسي ۾ صرف ٻه ٽي آنا هئا. انهيءَ حالت ۾ گهران نڪري آيو هو. چورن جيان پيءُ کي ٻڌائڻ کان سواءِ، چٺي وغيره لکڻ کان سواءِ. هن فيصلو ڪري ڇڏيو ته هو وري گهر ۾ واپس نه ويندو، هو ڪيئن پنهنجي زندگي گذاريندو، هن کي ڪجهه به معلوم نه هو ته هو ڪهڙو ڪم ڪري سگهي ٿو. هن کي اهو به معلوم نه هو. دراصل ڄمڻ کان وٺي اڄ تائين هن ڪوبه ڪم نه ڪيو. هن جو سڄو جسم اڄ تائين بلڪل بيڪار هو، هٿ، پير دل دماغ، سڀ بيڪار هئا. هن کي پنهنجي جسم ٺيڪ ڪرڻ جو به ڪڏهن وقت نه مليو.

ڇا به ٿي پوي، هو وري ڪڏهن به واپس نه ويندو. دير تائين هو رستن تي هيڏانهن هوڏانهن ڦرندو رهيو. هن بي مقصد آواره گهمڻ ٿي چاهيو. هن هلڻ چاهيو ٿي. هن کي ڊپ هو ته جيڏهن هو بيٺو ته متان کيس گهر جو خيال نه اچي. هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ايترو نه هليو.

رات جو يارهين بجي هو ٿڪجي سدانند روڊ تي نلڪي جي ڀرسان هڪ ٻارهن ماڙ، مگر نامڪمل بلڊنگ جي ٻاهران  ريتيءَ ۽ بجريءَ جي مٿان سمهي رهيو. سمنڊ جي خوشگوار هوا لڳي رهي هئي. هو چيلهه سڌي ڪري پير ڊگها ڪري سمهي رهيو. هن کي ڪابه خبر ڪانه هئي. اوچتو ڪنهن هن کي جهنجهوڙيندي اٿاريو. وائڙو ٿي هن اکيون کوليون، سج جي تيز روشني هن جي اکين ۾ ڀالي جيان چڀي ويئي. هو اکيون مهٽيندي اٿي ويٺو. هڪڙي وٽيل سٽيل جسم واري صحت مند سانوري عورت ريتيءَ جي تغاري کڻي، هن جي مٿي کان بيٺي هئي. مگن لال صرف هن جون اگهاڙيون ٽنگيون ڏٺيون ۽ هن ڇرڪ ڀريو. ”شينيءَ جو بت“ هن جي نگاهه مٿي کڄي ويئي.

”اي بابو، اُٿ ڪيستائين سُتو پيو هوندين؟ رات جو دارون زياده پي وئين ڇا؟“ هن جا موتين جهڙا ڏند چمڪي رهيا هئا.

ايترو چئي هوءَ ريتيءَ جي تغاري ڀري، هن جي جواب جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ، تغاري کڻي بلڊنگ ڏانهن هلي ويئي. مگن ڪيتري دير تائين هن جي ڪمر جي لچڪ ڇلڪندڙ ڇاتين، اگهاڙين ٽنگن ڏانهن حيرت مان ڏسندو رهيو.

”ڇا شينيءَ هيءَ عورت ڏسي پوءِ ڪارو بت بنايو هو!“ هو اٿي ويهي رهيو. پنهنجون ٻئي ٻانهون ٽنگن تي ٻڌي ڇڏيون ۽ وري هن عورت کي ڏسڻ لڳو، جيڪا وري تغاري کڻي ريتيءَ لاءِ اچي رهي هئي. هن اچي کيس چيو:

”هاڻي پنهنجي گهر وڃ،“

”گهر ته ڇڏي ڏنو اٿم.“

”ته ڪم تي وڃ.“

”مان ڪوبه ڪم ڪرڻ نٿو ڄاڻان.“ مگن چيو.

”ته پوءِ هيستائين ڪيئن زنده رهئين؟“

”زنده هوس يا نه ان ۾ به شڪ آهي.“

”عجيب ماڻهو آهي،“ عورت چيو، هن جي وارن جي هڪڙي چڳ ڪري سندس ڳٽي تي لٽڪي رهي هئي. هن جلديءَ مان انهيءَ کي ڇڪي چوٽي ۾ ملائي ڇڏيو. پگهر ۾ هن جو جسم چمڪي رهيو هو.

”مون کي اڃ لڳي آهي.“ مگن لال پنهنجي خشڪ چپن تي خشڪ زبان ڦيرائيندي چيو.

”او، هتي، سيمنٽ ۽ ريتي ملائڻ واري جاءِ تي نلڪو لڳل آهي. وڃ، پاڻي پي جلدي اچ.“ عورت هٿ جي اشاري سان کيس چئي رهي هئي.

مگن پاڻي پي وري اچي ساڳي جاءِ تي ويهي رهيو.

”تون ڇو نٿو وڃين؟“ عورت تغاري ڀريندي چيو.

”بک لڳي آهي.“

”بک لڳي اٿئي ته ڪو ڪم ڪر.“ هوءَ تغاري کڻي هلي ويئي. جڏهن موٽي آئي ته مگن لال کيس چيو.

”مون کي ڪو ڪم وٺرائي ڏي.“

”ڪهڙو ڪم ڪري سگهين ٿو؟“

”جيڪو تون ڪري سگهين ٿي.“

”مان تغاري کڻي سگهان ٿي.“

”مان به کڻندس.“

عورت هن جو زرد چهرو، هن جو سنهڙو جسم ڏسي کلڻ لڳي ۽ پوءِ هو تغاري کڻي هلي ويئي. وري واپس آئي ته هڪ سفيد مڇن واري پوڙهي کي ساڻ وٺي آئي. مگن لال کي ڏسي سفيد مڇن واري جي چپن تي مرڪ تري آئي.

”اُٿي سڌو ٿي بيهه.“

مگن لال اُٿي بيٺو، پوڙهي هن کي ننهن کان چوٽي تائين ڏٺو ۽ پوءِ چيائين.

”ڪم ڪندين؟“

”ها، ڪندس.“

هتي مردن کي ڏيڍ رپيو روز ملي ٿو ۽ عورتن کي هڪ رپيو ملي ٿو. تنهنجو جسم بلڪل ڏٻرو آهي، زناني جسم جهڙو. توکي صرف هڪ رپيو ملندو. هو کليو.

”هلندس.“

”ته پوءِ کڻ تغاري.“

سڄو ڏينهن هو تغاري کڻندو رهيو. پهرين ويهه پنجويهه تغارين ته هن کي ڪابه تڪليف ڪانه ڏني، پوءِ آهستي آهستي تغاري ڳري ٿيندي وئي ۽ جسم مان پگهر نڪرندو رهيو. سج جا ڪرڻا هن جي جسم ۾ سين جيان چڀڻ لڳا. هن کي بار بار اُڃ پئي لڳي. هٿ پير ڳرا محسوس ٿيڻ لڳس. ڄڻ هن جي جسم ۾ رت جي بدران پگهاريل شيهو هلي رهيو هو. پوءِ به ڏند ڀڪوڙي سڄو ڏينهن تغاري کڻندو رهيو. ڏينهن ۾ ڏهه دفعا کيس خيال آيو ته هو تغاري ڇڏي هليو وڃي ۽ رستي تي هلندڙ ٽيڪسين مان ڪنهن کي روڪي. سڌو پنهنجي عيش و آرام واري محل ۾ وڃي. پر پوءِ به هو ڪم ڪندو رهيو. شام جو جڏهن هن کي موڪل ملي ته هو تغاري ريتيءَ جي ڍڳ تي رکي اتيئي سمهي رهيو. شام جي سامونڊي هوا آهستي آهستي سندس پگهر سڪائي ڇڏيو. هن کي ننڊ اچڻ لڳي. هن کي خبر ڪانه پيئي ته ڪيڏي مهل سندس اک لڳي. اوچتو، رات جو ڪنهن هن کي اٿاريو. سانوري عورت هن جي ڀرسان بيٺي هئي ۽ کيس چئي رهي هئي:

”اُٿ، ماني کاءُ، بکيو ئي سمهندين ڇا؟“

هن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. سمنڊ اونداهو ٿيندو ويو. ٻارهن ماڙ، نامڪمل بلڊنگ هڪ خوفناڪ ديوي جيان وات ڦاڙي بيٺي هئي. هن جي قدمن ۾ مزدورن جون ننڍيون ٽوليون باهه ٻاري  ماني پچائڻ ۽ کائڻ ۾ مصروف هيون. ٽهڪڙا، ڳالهيون ۽ گاريون وغيره.

هڪ ٿلهي مانيءَ تي سانوري عورت ٿورو ساڳ رکي کيس ڏنو. پهريائين ته مگن کي سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڪيئن کائي. ڇاڪاڻ ته هو ڇرين ۽ ڪانٽن سان کائيندو هو. ٻيو ڪوبه طريقو هن جي سمجهه ۾ نه آيو. مگر هن کي ڏاڍي بک لڳي هئي. هو ماني ڀڃي ڏاڍي سنجيدگيءَ سان کائڻ لڳو. سانوري عورت مسڪرائيندي کيس ڏسي رهي هئي. کائڻ کان پوءِ هن چيو:

”ٻي ماني به ڏي.“

”اڄڪلهه راشن مهانگو آهي، پهريائين اسين به ٻه مانيون کائيندا هئاسين، پر هاڻي اسين سڀ هڪ هڪ ماني کائيندا آهيون.

”مگر مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي.“

”ته نل مان گهڻو پاڻي پي سمهي رهه، ٻي ماني نه ملندي.“

نل مان پاڻي پيئڻ بعد هو وري اچي سمهي رهيو. مگر هاڻي هن کي ننڊ نٿي آئي. آسمان ۾ تارا ٽم ٽم ڪري رهيا هئا ۽  هو دير تائين انهن کي ڏسندو رهيو. پوءِ هو پاسو ورائي پنهنجي ڀر ۾ ليٽيل عورت کي غور سان ڏسڻ لڳو. هوءَ به جاڳي رهي هئي ۽ آسمان طرف ڏسي رهي هئي.

”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ مگن لال هن کان پڇيو.

”تلسي“. هن چيو.

”تنهنجو گهر وارو ڪٿي آهي؟“

”مون پنهنجي گهر واري کي ڇڏي ڏنو آهي.........“

”ڇو؟“

”هو دارو پيئندو هو.“

”ٻار ٻچو؟“

”هڪ ڇوڪري هئي، تاني اها به مري ويئي.“

هو دير تائين خاموش رهيو. ڪافي دير تائين هوءَ به ماٺ هئي. هوا جون لهرون اينديون ويون، ۽ مگن لال جي جسم ۾ به لهرون اٿنديون رهيون.

تلسيءَ پنهنجون ٻيئي ٻانهون پنهنجي ڇاتيءَ تي ٻڌي ڇڏيون هيون. هوءَ ڄڻ آسمان کي تڪي رهي هئي. پوءِ اوچتو هن پڇيو.

”تنهنجو نالو؟“

”مگن“

”گهر واري؟“

”اها مون کي ڇڏي هلي ويئي.“

”ڪو اولاد؟“

”ڪوبه ڪونه.“

پوءِ سڄي رات تلسي ڪونه ڳالهايو ۽ مگن به تارا ڳڻيندي سمهي رهيو. جڏهن صبح جو اٿيو تڏهن هن جو سارو جسم ٻري رهيو هو، ۽ سڄي بدن ۾ سور هوس. پر هن تلسيءَ کي ڪجهه به نه ٻڌايو ۽ تغاري کڻي سڄو ڏينهن ڪم ڪندو رهيو. ڪنهن ڪنهن مهل هن کي ائين پئي محسوس ٿيو ته ڄڻ ڪم ڪندي ڪندي هن جو ساهه نڪري ويندو. پوءِ به هو ڪم ڪندو رهي ٿو. شام جو هو بلڪل بيستو ۽ بيجان ٿي زمين تي پئجي رهيو، رات جو تلسي هن کي جاڳايو. هوءَ هٿ ۾ ٿالهي کڻي هن جي ڀرسان بيٺي هئي، ۽ هن ڏانهن همدرديءَ وارين نگاهن سان ڏسي رهي هئي.

”توکي ته بخار آهي؟“

”ائين ئي هوندو.“

”ڪا دوا وٺندين؟“

”نه، سڀاڻي تائين ٺيڪ ٿي ويندس.“

”اٿي ماني کاءُ، اڄ توکي ٻه مانيون ملنديون.“ تلسيءَ ٿالهي هن جي اڳيان رکي ۽ پنهنجي ماني انهي ٿالهي مان کڻي ورتي، ۽ مگن کي چيائين تون ٿالهي ۾ کاءُ. مگن ٿالهي ۾ ماني کاڌي. ۽ ماني کائڻ بعد هو سمهي رهيو. ڪجهه بخار هوس، ۽ ڪجهه ٿڪ هوس، پر بلڪل بيخبر سمهي رهيو. رات جو تلسي ٻه ٽي دفعا اٿي، هن مگن کي ريتي جي ڍڳ تي بلڪل ٻارن جيان ستل ڏٺو. گول کينهوڙي وانگر گوڏن ۾  منهن هنيو پيو هو. تلسي پنهنجي پراڻي سوڙ هن تي وڌي. صبح  جو جڏهن هن کي اڃ لڳي ته هن سوڙ پنهنجي مٿان ڏٺي. ڀرسان تلسي ستي پيئي هئي. نامڪمل ٻارهن ماڙ جي نامڪمل دروازن ۽ درين مان روشني اندر اچي رهي هئي. هن پنهنجي مٿي تي هٿ رکيو. بخار ڪالهه کان به وڌيڪ هوس، هن جا هٿ ريتي کڻڻ ڪري سڄي پيا هئا. اڄ هن کي ڪم ڪندي بيحد تڪليف ٿي رهي هئي. اڄ هو ڪم ڪندي سهڪندو رهيو. اکين اڳيان انڌاري اچي رهي هوس. ڪڏهن ڪڏهن سڄو آسمان ڳاڙهو ڏسڻ ۾ پئي آيس. مٿي کي چڪر اچي رهيا هئس. تلسي هن کي ڪم ڪرڻ کان منع ڪئي. مگر هن نه مڃيو. ڪرندي، ٿاٻڙندي هو سڄو ڏينهن ڪم ڪندو رهيو. شام جو خود بخود هن جو بخار گهٽجي ويو. بدن هلڪو هلڪو محسوس ڪرڻ لڳو. ٻئي ڏينهن بخار وڌيڪ گهٽ ٿيو. ۽ ٽئين ڏينهن بخار بلڪل ختم ٿي ويو. دوا کان سواءِ، مگر هٿن جي حالت خراب ٿي چڪي هيس. تغاري کڻي کڻي کل ئي لهي ويئي هيس. ٽئين ڏينهن اهڙو حال ٿيس جو هو پنهنجن هٿن سان ماني به کائي نٿي سگهيو:

”مون وٽ اچ. مان توکي ماني کارايان.“

”نه.“ مگن ڪنڌ ڌوڻي انڪار ڪيو. مگر هن جيڪو ماني جو گرهه ڀڳو، سو سندس هٿن مان ڪري پيو.

”هيڏانهن اچ.“ تلسي دڙيندي چيو. هن مگن جي ٿالهي سرڪائي پنهنجي قريب ڪئي.

مگن به سرڪي وٽس ويو. تلسي هڪڙو هڪڙو گرهه ڀڃي هن جي وات ۾ ڏيندي ويئي ۽ ٻيو گرهه ڀڃي پنهنجي وات ۾ وجهندي ويئي. ٻيئي گرهه چٻاڙيندا خوشيءَ مان هڪ ٻئي کي ڏسندا رهيا، تلسيءَ جون اکيون چمڪي رهيون هيون. مگن کي ائين محسوس ٿي رهيو هو ته سندس ورهين جو ڪٽ آهستي آهستي ڌوپجي رهيو آهي، ۽ هن جي روح جي چوطرف ڄميل برف آهستي آهستي ڳري رهي آهي.

ماني کارائي، ٿالهي صاف ڪرڻ بعد تلسي ڪٿان تيل جي ننڍڙي شيشي ڪڍي آئي، ۽ مگن جي هٿن کي تيل هڻي، هن پنهنجي هڪڙي پراڻي ساڙهيءَ مان ٽڪر ڦاڙي هن جي هٿن تي پٽي ٻڌي.

ٻئي ڏينهن هو انهن پٽي ٻڌل هٿن سان ڪم ڪرڻ لڳو، چئن- پنجن ڏينهن بعد هن جا هٿ ٺيڪ ٿيڻ لڳا، سوڄ ختم ٿي ويئي. هينئر هو بنان تڪليف جي پاڻ ريتي ڀري ٿي سگهيو، هن جي جسم جي زردي آهستي آهستي دور ٿيندي ويئي. کليل هوا، کليل اس، رات جو کليل فضا کان هن جي جسم ۾ هڪ نئين طاقت ڊوڙڻ لڳي. پندرهن- ويهن ڏينهن بعد هو ايترو سٺو ڪمائڻ لڳو، جو اڇن مڇن واري هن کي ترقي ڏيئي، مردن جي گريڊ ۾ رکيو. هنيئر هن کي ڏيڍ رپيو ملڻ لڳو. هو تلسيءَ کي ڏينهن جي مانيءَ لاءِ پنج آنا ۽ رات جي ماني لاءِ ڇهه آنا ڏيندو هو، ٻين آني جي چانهه پيئندو هو، ڪڏهن چئين آني جي، باقي پئسا هو تلسي وٽ رکندو هو. هن جو بوٽ ٽٽي ويو هو. پتلون ڦاٽي ويئي هيس، گوڏن وٽان ڦاٽي ليڙون پيون لڙڪنديون هيس، مگر هو خوش هو.

چند ڏينهن بعد تلسي هن لاءِ ڀوري رنگ جي گوڏ وٺي آئي هن کان اها پتلون لهرائي کيس گوڏ ٻڌڻ لاءِ ڏني. پهريائين ته هن انڪار ڪيو مگر تلسي جو چهرو ڏسي هو مڃي ويو. اڄ هن چڱيءَ طرح غسل ڪيو، پهريون دفعو تلسي هن جا ڪپڙا ڌوتا. هن جي وارن ۾ تيل وجهي چڱي طرح مالش ڪئي. پنهنجي ڦڻي سان هن جا وار سنواريا، اڄ هوءَ بار بار بي اختيار مشڪي رهي هئي. جڏهن هلندي هئي ته هن جو جسم ڊيل جيان ٽلندو ۽ ترندو پئي ويو.

اهڙي طرح ڪم ڪندي ڪندي هڪ مهينو وڌيڪ گذري ويو. مگن پنهنجي جسم ۾ هڪ نئين طاقت ۽ چستي محسوس ڪرڻ لڳو. سندس ٻانهون مشڪون اڀري آيون. سڄو جسم تازو ٿيندو ويو. پيرن جون تريون سخت ٿينديون ويس. بلڊنگ به تيار ٿي ٿي چڪي هئي. باقي ٿورن ڏينهن ۾ ڪم ختم ٿي رهيو هو، پوءِ هنن کي هي جاءِ ڇڏڻي پوندي.

”پوءِ اسين ڇا ڪنداسين؟“ مگن پريشان ٿي تلسي کان پڇيو.

”هون! ٻي ڪنهن بلڊنگ ۾ هلي تغاري کڻنداسين.“ تلسي بيپرواهيءَ سان چيو. ”گهڻيون ئي بلڊنگون ٺهي رهيون آهن.“

هن جي لهجي ۾ اهڙو ته گهرو اطمينان هو، جو مگن کي به يقين اچي ويو. هو پاسو ورائي سمهي رهيو. اڃا هنن کي ستي گهڻي دير ڪانه ٿي ته هن جي ڪنن تي گوڙ ۽ شور جو آواز اچڻ لڳو. هو آواز تي ڇرڪي اٿيو، اکيون کولي سجاڳ ٿيو. هڪڙو ماڻهو لتن ۽ مڪن سان تلسي کي ماري رهيو هو، تلسي زور زور سان رڙيون ڪري رهي هئي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ٻنهي ۾ جهڳڙو هلي رهيو هو. مگن لال گهٻرائجي اٿيو، ۽ هنن جي ڀرسان وڃي کانئن پڇڻ لڳو:

”ڇا آهي، ڇا آهي؟“

”توکي ڇا آهي؟“ هن بگڙجي چيو.

”هيءَ منهنجي گهر واري آهي، هن کي وٺي وڃي رهيو آهيان.“

”نه تون منهنجو گهر وارو آهين. نه آءٌ تنهنجي گهر واري آهيان. تو مون کي ڇڏي ڏنو.“ تلسي غصي مان چيو.” جڏهن کان تو منهنجي ناني کي ماريو. مون توکي ڇڏي ڏنو. اڄ ٻن سالن بعد توکي منهنجي ياد آئي آهي؟“

”ڇڏ انهيءَ ڳالهه کي، هن کي معاف ڪري ڇڏ، هن جي گهر وڃ.“ هڪ ٻيو ماڻهو تلسيءَ کي سمجهائڻ لڳو.

”نه، مان هن سان گڏ ڪڏهن به نه وينديس. دارون پي هن مون کي بک ماريو. منهنجي سڄي ڪمائي به ڦري ويندو هو. وڃي دارون پيئندو هو.“

”هاڻي ڪونه پيئندو.“ ٻئي ماڻهو چيو.

”ڪيئن ڪونه پيئندو، هيئنر به اوهين ٻئي دارون پي آيا آهيو.“

”هلين ٿي يا هڻانءِ موچڙا.“ کاکر هن کي لت هڻندي چيو.

مگن ڦري کاکر جي اڳيان آيو. ۽ غضبناڪ آواز ۾ چوڻ لڳو:

”هن کي ڇڏي ڏي.“

”ڇو ڇڏيان، ڇا تون هن جو يار آهين؟“

مگن هن جي منهن تي هڪ زوردار ٺونشو هنيو. کاکر جي منهن مان رت وهڻ لڳو. مگن کي ڏاڍي حيرت لڳي. هن کي خبر ڪانه هئي ته هن جي ٺونشي ۾ ايتري طاقت هوندي! کاکر گار ڏيندي مگن سان چنبڙي ويو. جانٺو هڻي هن مگن کي ڪيرائي وڌو ۽ ٻيئي ٻکين پئجي ويا. ڪڏهن هو هيٺ ته ڪڏهن هو هيٺ. نيٺ ٻئي ليٿڙيون پائيندا ريتي جي ڍڳ تان کسڪندا هيٺ وڃي پيا. مگن غصي مان ٻنهي هٿن، پيرن سان ڌڪ هڻي رهيو هو. ڪجهه دير کان پوءِ کاکر سهڪڻ لڳو. هن جو دوست کاکر جي مدد لاءِ پهتو ٻيئي گڏجي مگن جو مقابلو ڪرڻ لڳا. مگن ڏاڍي دليريءَ سان وڙهي رهيو هو. مگر هو ٻه هئا ۽ مگن اڪيلو هو. مگن هيسجڻ لڳو، ٻيئي گڏجي هن کي مارڻ لڳا. تلسي ميدان ۾ اچي ويئي. ڪڏهن هن هڪڙي کي ٺونشو ٿي هنيو. ته وري ڪنهن کيس ٿي ٺونشو هنيو. هن ڪڏهن کين پٿر ٿي هنيا، ڪڏهن جڪ کائڻ لڳي. ٻيو ماڻهو سگهو متارو هو. هن تلسيءَ کي ڪيرائي وڌو. هاڻي لڙائي مگن ۽ هن جي وچ ۾ هئي. مگن هڪ ديواني جيان وڙهي رهيو هو. ائين پئي لڳو ته هو وڙهندي وڙهندي مري ويندو پر هار نه مڃيندو پنهنجي بدن جو سمورو زور لڳائي مگن هن کي ڪيرائي وڌو پوءِ ڀرسان پيل هڪ وڏو پٿر کڻي هن جي مٿان بيهي رهيو.

”هاڻي اٿيو آهين، ته هن پٿر سان تنهنجو مٿو ڦاڙي ڇڏيندس.“ مگن سهڪندي، مگر غضبناڪ لهجي ۾ چيو. مگن کي غصي ۾ ڏسي هن هٿ مٿي ڪيا. ستي ستي چيو:

”مون هينئر دارون پيتو آهي، تنهنڪري وڙهي نٿو سگهان. صبح جو ٽائيم هجي ها ته توکي ڏينهن جا تارا ڏيکاريان ها هينئر معافي ڏي.“

ايتري ۾ گهڻائي مزور مرد، عورتون ۽ ٻار اچي گڏ ٿيا کاکر اتان پنهنجي دوست کي وٺي هليو ويو. مگن آهستي آهستي پٿر هيٺ اچي اڇلي ڇڏيو.

انهيءَ رات اڇين مڇن واري تلسي ۽ مگن کي صلاح ڏني ته هو ٻيئي ٻاهر نه سمهن پر جاءِ ۾ اندر ڪنهن ڪمري ۾ وڃي سمهن. ڪهڙي خبر ته هي وري ڪا بدمعاشي نه ڪن يا ٻين غنڊن کي وٺي اچن.

هڪ ڪمري جي اونداهيءَ فرش تي ٻيئي ستا پيا هئا. چپ چاپ سمنڊ جي ڇولين جو آواز مگن کي پنهنجي دل جي ڌڙڪن جو آواز لڳي رهيو هو.

تلسيءَ تمام آهستگيءَ سان پڇيو.

”مگن!“

”جي“

”تون منهنجي لاءِ ڇو وڙهيو آهين؟“

”ائين ئي.“

”گهڻا ڌڪ کاڌا هوندءِ؟“

”نه-“

”ڪٿي ڪٿي ڌڪ لڳا اٿئي- مون کي ٻڌاءِ.“

”چوان پيو ته ڪٿي ڪو خاص ڌڪ ڪونه لڳو.“

”مان پڇان ٿي ته مگن! تون منهنجي لاءِ ڇو وڙهيو آهين؟“

مگن خاموش رهيو- اوچتو هن محسوس ڪيو ته تلسيءَ جو هٿ آهستي آهستي سندس جسم تي ڦري رهيو آهي. نهايت گنڀيرتا سان هوءَ چوندي ويئي.

”هتي ڌڪ لڳو آهي....... هتي ڌڪ لڳو آهي..........“

تلسيءَ جو زنانو هٿ مگن جي جسم تي ڦرڻ لڳو.

”اڙي، هي ڇا ڦري رهيو آهي، هيءَ ڇا ٿي رهيو آهي.“ مگن پنهنجو پاڻ کان پڇي رهيو هو. منهنجو جسم ڇو گرم ٿي رهيو آهي. زمين مان گرمي اٿي رهي آهي. سمنڊ جو شور اوچتو وڌي رهيو آهي. ديوارون ساهه کڻي رهيون آهن ۽ ڪهڙي خوشيءَ ۾ ڏڪي رهيون آهن. مگن پنهنجن هٿن مان چڻنگون نڪرندي محسوس ڪري رهيو هو. رڳن ۾ خون ڊوڙڻ لڳو ۽ سندس اکين ۾ شعلا ڀڙڪڻ لڳا. هن کلندي تلسيءَ کي چيو ته ”تو کي ڇا ٻڌايان، ته مون کي ڪٿي ڪٿي ڌڪ لڳا آهن!“

......            .........         .........

هينئر هو انهيءَ بلڊنگ کان پري شهر جي ٻئي حصي مان وڃي رهيا هئا. ڪم جي تلاش ۾........ مگن جي هٿ ۾ تلسيءَ جو هٿ هو. هو ٻيئي نئين شادي ڪيل جوڙي جيان هڪ ٻئي ڏانهن ڏسندا اکين ئي اکين ۾ مرڪندا، گڏ هلي رهيا هئا. هڪ وڏي محل نما عمارت ڏسي تلسي حيرت ۾ پئجي ويئي.

”ڪنهن راجا، جو محل آهي شايد.“

مگن پنهنجي گهر جي عاليشان عمارت ڏسي زور سان کليو ۽ کلي چيو:

”ها- مگر هن محل ۾ سڀ نامرد رهن ٿا.“

ائين چئي هو تلسيءَ کي ڇڪي اڳتي وڌي ويو. محل پوئتي رهجي ويو. نظرن کان دور هميشه لاءِ.

دريون

چوڏهين جو چنڊ ڍنڍ جي سطح تي ڪنول جي گل جيان نمودار ٿيو. گرانڊ هوٽل جون سڀئي دريون، جي ساحل طرف هيون، هڪ هڪ ٿي کلڻ لڳيون، انهن درين مان سياحن جا چهرا ٻاهر جهاتيون پائڻ لڳا.

چوڏهين جي رات هئي،  ڄڻ سڄو منظر چنڊ جي روشني ۾ ڌوپي صاف ٿي ويو هو. ڪٿي ڪٿي ڪڪر آسمان ۾ هڪ ئي جڳهه تي ائين بيٺا هئا، ڄڻ هلي هلي ٿڪجي پيا هئا. ڍنڍ جي ڪناري تي ڪلب جي شاندار عمارت ائين بيٺي هئي. جيئن ڪو جوڳي پٿلي ماري ويٺو هجي. ڍنڍ جي وچ ۾چنڊ اهڙي طرح لڏي رهيو هو. جيئن ڪو ٻار پينگهي ۾ لڏي رهيو هجي. ڍنڍ جي چوطرف وڻن جي ڇانو مان سڙڪ ائين ڏيکارجڻ لڳي، جيئن ڪا حسينه آرسي جي ڀرسان پنهنجي ربن کي رکي پوءِ وساري ڇڏي. بيحد شاندار ڏيکاءُ  هو. مگر هوٽل به بيحد خوبصورت هئي. ڪناري طرف کلندڙ درين جا فريم سفيد رنگ جا هئا. درين تي سائي رنگ جا ريشمي پردا هوا ۾ لهرائي رهيا هئا. انهن پردن جي اندران جهاتي پائڻ واريون جوانڙيون به بيحد خوبصورت هيون.

پهرين دري:

هڪڙي پارسي حسينه ٻاهر چنڊ طرف نهاري رهي هئي هن جي چهري تي اهڙي من موهيندڙ مرڪ رقص ڪري رهي هئي، ڄڻ هوءَ خوبصورت دوشيزه چنڊ کي نه، بلڪ پنهنجي شاديءَ جي ڪيڪ کي ڏسي رهي هئي. هن پهريائين آهستي تاڙي هنئي ۽ پوءِ پنهنجي دل تي هٿ رکندي چوي ٿي:

”فرام روز“

”ڇاهي“ اندران کهرو آواز اچي ٿو،

”جلد اچ نه!“

”آيس“

ٿوري دير بعد هڪ مرد به دريءَ وٽ اچي بيٺو هو. بيحد گنجو ۽ بيحد بدصورت هو، ايترو ئي بدصورت هو جيتري هوءَ عورت خوبصورت هئي. سندس نڪ اهڙو هو، جنهن کي ڍنڍ ۾ وجهي آسانيءَ سان مڇيون ڦاسائي سگهجن ها.

مرد پهريائين بلڪل خفا ٿيڻ لڳو، مگر ٻاهر نظارو ڏسي ڪجهه ٿڌو ٿيو. ۽ آهستي آهستي سندس چهري تي ماضيءَ جون يادگيريون رقص ڪرڻ لڳيون. هوءَ پارسي حسينه، هن جي بلڪل قريب اچي ٿي ۽ هو سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي چوي ٿو:

”کورسيد“ (خورشيد)

”جي فرام روز“

”پياري، توکي ياد آهي ايڏو ئي وڏو چنڊ هو. بلڪ ان کان به ڊبل هوندو، جڏهن پاڻ تنهنجي گهر ويٺا هئاسين. تنهنجي پيءُ، تنهنجي شادي مون سان ڪرائڻ کان بلڪل انڪار ڪيو هو.“

”ها ياد آهي، پوءِ تو منهنجي پيءُ کي، پنهنجي پيءُ جو پاس بوڪ ڏيکاريو، پوءِ بابا کي خاطري ٿي ته تنهنجو پيءُ به مون جيان لکاپتي آهي.“

”پوءِ تنهنجي پيءُ منهنجي پيءُ جو پاس بوڪ واپس ڪيو ۽ اسان جي شادي ٿي.“

پوءِ هن حسينه پنهنجو مٿو هن جي ڪلهي تي رکي ڇڏيو، ٿوري دير ٻئي خاموش بيٺا هئا. پوءِ هن پنهنجي خاموشيءَ کي ٽوڙيندي چيو:

”کورسيد (خورشيد)!“

”جي فرام روز“

”ايندڙ سال پاڻ دار جلنگ هلنداسين، ٻڌو اٿم اتي ”مون لائيٽ“جو نجارو (نظارو) هاءِ ڪلاس جو ٿئي ٿو.“

”مون لائيٽ نه ڊارلنگ! ”سن سيٽ“ جڏهن سورج پهاڙن پٺيان گم ٿئي ٿو.“

”ته پوءِ ايندڙ سال اسان دارجلنگ ۾ سن سيٽ ڏسڻ هلنداسين، ليڪن اتي جو مون لائيٽ به گجب (غضب) جو آهي.“

پوءِ ٻئي تعريفي نگاهن سان چنڊ طرف ڏسڻ لڳا.

ٻي دري:

گهنڊيدار وارن شاعراڻن اکين ۽ رنگين بشرٽ وارو خوبصورت وصفن وارو هڪ نوجوان دريءَ وٽ بيٺو هو، هن چنڊ طرف ڏسندي ٿڌو ساهه کنيو. اوچتو ڪمري مان آواز آيو:

”دنيش! دنيش!“

نوجوان سگريٽ مان هڪ زوردار ڪش لڳائي، سگريٽ دريءَ مان ٻاهر اڇلي، بڇڙو منهن ڪري چوي ٿو:

”ڇاهي سوشما!“

”يارهن ٿيا آهن، ڪيڏيءَ مهل سمهندين؟“

آواز آيو.

”دنيش!....... دنيش“

نوجوان دريءَ مان منهن هٽائي، ڪمري طرف نهاري چوي ٿو:

”اڃا ننڊ نٿي اچي.“

”پلنگ تي سمهندين ته ننڊ اچي ويندي.“

”تون سمهي رهه، مان اچان ٿو. هڪڙو سگريٽ ڇڪي وٺان.“

ائين چئي نوجوان سگريٽ دکائي ٿو. ۽ پوءِ وري چنڊ کي مخاطب ٿي چوي ٿو.“

”ڇو ڀلا سڄي رات ننڊ نٿي اچي.“

ايتري ۾ سوشما دريءَ وٽ اچي ٿي. قد جي بندري، ٿلهي ننڍڙن کسيل وارن واري. بلڪل بدصورت جنهن کي سندس ميڪ اپ پاڻ وڌيڪ بدصورت بنايو. ايندي شرط دنيش کي ٻانهن کان جهلي اندر ڪمري ڏانهن گهلي ٿي.

”سڄي رات چنڊ طرف نهاريندين ته ننڊ ڪٿان ايندي ڏسين نٿو يارهن ٿيا آهن. هل ته هلي سمهون.“

”تون وڃي سمهه، مان پوءِ سمهندس.“

”سوشما پيار مان چوي ٿي.

”هل نه دنيش!“

ائين چئي هوءَ وري سندس ٻانهن کان جهلي ڇڪي ٿي.“

دنيش کي غصو لڳي ٿو بلند آواز ۾ چوي ٿو.“

”چيم ته مان پوءِ سمهندس نه، گهڙي گهڙي پريشان ڇو ٿي ڪرين.“

سوشما جي اکين ۾ ڳوڙها اچن ٿا، هو رئندي چوي ٿي.

”جڏهن به توکي ڏسان ٿي ته چنڊ طرف نهاريندو رهين ٿو، مون ڏانهن ته ڪڏهن به نٿو ڏسين، خبر ناهي انهيءَ مئي چنڊ ۾ ڇا رکيو آهي.“

سوشما روئندي روئندي هلي وڃي ٿي، چند منٽن تائين هن جي سڏڪن جو آواز اچي ٿو ۽ دنيش ڪاوڙ مان دري بند ڪري ٿو.“

ٽين دري:

هڪ قد جو پورو پنو نوجوان گنڀيرتا سان دريءَ مان چنڊ طرف نهاري رهيو هو. چنڊ طرف ڏسندي ڏسندي پنهنجن خيالن ۾ ايترو ته محو ٿي ويو، جو هن کي ڪنهن جي به خبر ڪانه هئي، هو چنڊ طرف نهارڻ ۾ مشغول هو. ايتري ۾ هڪ دوشيزه دٻيل قدمن سان آهستي آهستي هن طرف وڌندي رهي. ان دوشيزه کي هن جي حالت تي کل پئي آئي. هوءَ جيئن تيئن ڪري پنهنجي کل روڪيندي، مرڪندڙ چپن کي ڏندن ۾ ڀڪوڙيندي هن وٽ پهتي. تڏهن به هن کي ڪا خبر ئي ڪانه پيئي. هو اڳي جيان پنهنجن ئي خيالن ۾ گم هو. اوچتو ئي اوچتو دوشيزه جو کلندڙ چهرو بدلجي ويو.

”مون کي بک ستائي رهي آهي- مان ڇا کان“

”اندر ماني رکي آهي، وڃي کاءَ.“

ٿوري دير لاءِ هو غائب ٿي ويئي ۽  پوءِ ماني کائيندي ٻاهر اچي ٿي.

”تو ڇا پئي ڪيو.“

”مان چنڊ کي ڏسندو رهيس ۽ تنهنجو انتظار ڪندو رهيس.“

”ڪوڙو! تون ڪنهن ٻئي جي ياد ۾ هئين. توکي ڪنهن جي ياد ستائي رهي هئي؟“

”تنهنجي، تنهنجي موجودگي ۾، هن خوبصورت رات ۾ ٻئي ڪنهن جي ياد ستائي سگهي ٿي.“

”هي چنڊ ڪهڙو نه خوبصورت آهي، هن هميشه اسان کي محبت جو رستو ٻڌايو آهي.“

”مان چوان ٿي ڪو مون کان سڄي دنيا وٺي ۽ ان جي عيوض، چنڊ منهنجي حوالي ڪري، هڪ ڏينهن اهڙو به ايندو. انسانن چنڊ تي مصنوعي گره اڇلايا آهن. چنڊ سڀ کان اول اسان جي هٿ ايندو. پيارا، منهنجي دل چاهي ٿي ته مان اسپوتنڪ ۾ ويهي سڀني کان اڳ چنڊ ڏي وڃان.“

اوچتو دريءَ هيٺان هڪ آواز بلند ٿئي ٿو:

”هڪڙي روٽي، بابوجي، ميم صاحبه جي جوڙي سلامت رهي، هڪ روٽي جو سوال آهي.“

دوشيزه ۽ جوان گهٻرائجي هيٺ ڏسن ٿا. هيٺ هڪ بلڪل پراڻن، ڦاٽل ۽ ميرن ڪپڙن ۾ اڌ اگهاڙي اٺن نون سالن جي نينگري بيٺي هئي. سنهڙو، نٻل، ڏٻرو جسم، بکايل چهرو، بکايل نظرون، بکايل پيٽ، سنهڙيون ۽ سڪل ٻانهون، مٿي کڻي ليلائي چئي رهي هئي:

”هڪ روٽي جو سوال آهي سائين.“

هوءَ عورت اڃا تائين کائي رهي هئي. هن نوجوان جهڪي هيٺ نهاريندي چيو:

”چوڏهين جو چنڊ گهر جيئي.“

”روٽي سائين.“

ڏس ڏس چوڏهين جو چنڊ ڪهڙو نه خوبصورت آهي، ٻڌاءِ چنڊ تي وينديئن.“

”هڪ روٽي جو سوال آهي، بابو جي!“

هن مسڪين کي ڇو ٿو پريشان ڪرين، دوشيزه نوجوان کي ٽوڪيندي چيو ۽ پوءِ ان دوشيزه هڪ ماني ان انگ اگهاڙي ۽ پيٽ بکئي ڇوڪري جي جهولي ۾ اڇلي.

ماني ملنديئي ان بکايل ڇوڪريءَ تڙ تڪڙ مان هڪ وڏو گره ڀڃي پنهنجي وات ۾ وڌو. ۽ پوءِ ان کي چٻاڙيندي پوئتي نهاريندي، تيزيءَ سان ڊوڙندي ويئي.

”جيڪي انسان مٿئين طبقي ۾ رهن ٿا، اهي ماڻهو ضرور چنڊ تي پهچندا، چنڊ کي حاصل ڪندا. چنڊ تي وڃڻ ٺيڪ آهي. انسانيت جي بهتري آهي، مگر اهي انسان جيڪي هيٺاهين طبقي ۾ رهن ٿا اهي ڪروڙين انسان جيڪي سڄو ڏينهن محنت ۽ مزوري ڪن ٿا. ته به انهن کي اڃا تائين اهو چنڊ نه مليو آهي، جيڪو اڌ پاءُ اٽي مان تيار ٿئي ٿو.

اي مٿئين طبقي وارا خلائي مسافرو، هڪ نظر هيٺين طبقي ۾ رهندڙن طرف ڪريو، ۽ ڏسو ته اهي ڪروڙين انسان ڪهڙين مصيبتن ۽ مشڪلاتن سان ان ننڍڙي اسپوتنڪ کي ڳولي رهيا آهن، جنهن کي روٽي چئجي ٿو.“

”هي فلسفي جو ڪلاس نه آهي، تون هتي آرام ڪرڻ آيو آهين، هلي آرام ڪر. اڌ رات ٿي چڪي آهي.“ دوشيزه پنهنجي سرتاج کي چئي رهي هئي. ۽ پوءِ هو ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏيئي دريءَ کان پري هليا ويا ۽ هيٺ چنڊ ڍنڍ جي پاڻي ۾ تڙڳي رهيو هو ۽ مسڪرائيندي پنجين دري ڏي نهاري رهيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com