سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪرشن چندر جون ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :6

 پيءُ ٽجوڙيءَ مان نظر ڪڍي، پٽ ڏانهن نهاريو. پٽ پيءُ جي اهڙي نظر ڏسي گهٻرائجي ويو. هن محسوس ڪيو ته جنهن راز کي هن سالن کان پنهنجي پيءُ کان لڪايو هو، سو اڄ پيءُ جي هڪ نظر سان هن جي اڳيان ظاهر ٿي ويو هو. هاڻ ٻنهي جي نظر هڪ ٻئي تي هئي. پيءُ جي پٽ تي ۽ پٽ جي پيءُ تي ....... ٻئي دشمن هڪ ٻئي جي سامهون کڙا هئا ۽ وچ ۾ هئي دولت!

        جڏهن صبح جو پنج وڳا، تڏهن ڊاڪٽرن جي راءِ مطابق ٻڍي ۾ جان واپس اچڻ شروع ڪيو. سڀني ماڻهن پٽ ۽ ننهن کي واڌايون ڏنيون. پاڙي وارن، عزيزن وغيره جن رات جو اوجاڳو ڪڍيو هو، سي پنهنجي پنهنجي گهر وڃي سمهي پيا.

        صبح جو نوين بجي ٻڍي جي گهر مان روئڻ پٽڻ جو آواز اچڻ لڳو. اوڙي پاڙي وارا، گهٻراهٽ وچان نه، پر تسڪين وچان، پنهنجي گهر کان نڪتا، آخر اها گهڙي اچي ئي وئي، جنهن جو هنن کي انتظار هو. اسين سڀ ڊڪون پائيندا،  بنگلي جي دروازي تائين پهتاسين، جو سڀني جي واتان ساڳيو سوال نڪتو، ”ڇا ٻڍو مري ويو؟“

        بنگلي جي دربان پٺاڻ ڪنڌ ڌوڻي جواب ڏنو، ”نه جناب ٻڍو ته زنده آهي، هن جو پٽ مري ويو آهي.... سندس دل ٽٽي پيئي.....“

(سنڌيڪار: موهن ڪلپنا)

برهمڻ

        پٽورڌن ممتاز جو لاش گهيلي پريل ۽ دادر جي وچ واري چوڪ جي هڪ وڏي مين هول ڀرسان رکيو جو ڪالٽيڪس پيٽورل پمپ واري روڊ ۾ هو ۽ پوءِ ڏاڍي غور سان کيس ڏسڻ لڳو. جڏهن هن ممتاز جو لاش گهلي مين  هول ڀرسان رکيو  ٿي تڏهن ايڪڙ ٻيڪڙ واٽهڙو، جي اڃا تائين رستي تان ويا پئي، ڊڄي هيڏانهن هوڏانهن ننڍين ننڍين گهٽين ۾ ڀڄي ويا. ڪنڊ واري ايراني پنهنجو دڪان بند ڪري ڇڏيو، گلن وارا ۽ پان وارا پنهنجون ڪئبنون کليون ڇڏي ڀڄي ويا ۽ ٿورڙي دير ۾ روڊ سُڃو ٿي ويو. سامهو ميونسپل ڪميٽي جي ڀنگين جون کوليون هيون، جن جي  ٻاهران اگهاڙا ٻار اڪثر راند ڪندا هئا پر انهي وقت انهن جا معصوم آواز به ٻڌڻ ۾ نٿي آيا. چؤطرف مڪمل خاموشي هئي.ا ئين ٿي لڳو ڄڻ انهي علائقي جو روح پنهنجي منهن تي هٿ رکي اکيون ڦاڙي ڊپ ۾ وسامجي مين هول جي ڪناري چپ چاپ بيٺو آهي.

        پٽورڌن ممتاز کي ڪارن گهنڊيدار وارن کان زور سان پڪڙيو ۽ هڪ ئي جهٽڪي سان سندس چهري کي پنهنجي سامهون آندائين. ممتاز جي چهري تي ڪنهن درد جو نشان نه هو. ائين ٿي لڳو ڄڻ هو گهري ننڊ ۾ سُتل هو. سندس گورو چهرو خوبصورت نه هو پر مضبوط ضرور هو. سندس چهري تي مضبوطيءَ سان گڏ هڪ عجيب قسم جي رعب جو اندازو پڌرو  هو. پٽورڌن کي سندس چهري تي موت کان پوءِ به جيئري هئڻ جو شڪ لڳو. کيس ائين محسوس ٿيو ڄڻ مممتاز مرڻ کان پوءِ به کيس ويچار ڏيئي رهيو هو. هن ممتاز جي وارن کي جهٽڪو ڏئي سندس چهري کي روڊ جي سخت فرش تي کڻي سٽيو، جڏهن انهي مان کيس آرام نه آيو تڏهن هو ڪالٽيڪس پيٽرول پمپ اندر لنگهي ويو ۽ ڊڄڻي واڻئي کان جيڪ کڻي آيو. ٻه تي ڀيرا زور سان لوهي جيڪ ممتاز جي منهن تي هنيائين. ممتاز جون ڄاڙيون ڀڄي پيون، سندس ڏند ٻاهر نڪري آيا ۽ پٽورڌن کي  ائين لڳو ڄڻ ممتاز اڃا تائين مٿس کلي رهيو آهي. هن ٽي چار ڀيرا جيڪ سندسم ٿي تي هينا ۽ پوءِ لاش جو ڪنڌ ڪپڻ لاءِ پنهنجو تڪو ٽوڪو کنيائين.

        ممتاز ۽ پٽورڌن ٻئي دادر مين روڊ جا غنڊا هئا. پر جيستائين ممتاز جيئرو هو تيستائين  پٽورڌن دادر جو ٻيو نمبر  موالي ئي سمجهيو ويندو هو. سيٺ سورج مل جنهن جون دادر مين روڊ ۽ آس پاس جي گهٽين ۾ گهڻيئي بلڊنگون هيون ۽ سيٺ ترويدي لال جنهن جا دادر ۾ ٽي فلم اسٽوڊيو هئا، ٻئي ڄڻا ممتاز جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا.  سيٺ ترويدي لال پنهنجي سڀني فلمن ۾ ايڪسٽرا ڀرتي ڪرڻ جو ٺيڪو ممتاز کي ڏيئي ڇڏيو هو. فقط ڪي ننڍن فلم ڪمپنين وارا ئي ڏاڍي مشڪل سان پٽورڌن کي ڪم ڏيندا هئا. دادر بازار جي مسجد کان وٺي پريل جي ناڪي تائين ممتاز جو راڄ هو ۽ مسجد کان پرئين پاسي دادر جي پي آءِ اسٽيشن تائين ۽ هيڏانهن ننڍي بازار ۾ جا گهمي خدا داد سرڪل تائين ٿي وڃي، پٽورڌن جو راڄ هو. پر ٻئي گهڻو ڪري هڪ ٻئي جي علائقن تي ڇاپو هڻندا هئا. پٽورڌن گهٽ پر ممتاز وڌيڪ دليري ۽ جوانمردي سان ڇاپو هڻندو هو ۽ ڪڏهن ته کلو کلايو پٽورڌن جي علائقي ۾ گهڙي سندس غنڊن کي ماريندو هو. ممتاز جو قد ڇهن فوٽن کان به وڏو هو.  ڪسرتي  گورو بدن، جهلم جو رهاڪو، وڏو هٿ ڇوٽ ۽ گاريون بڪندڙ هو. انهيءَ جي ابتڙ پٽورڌن جي معمولي شڪل  هئي  ۽ بدن ۾ گهاٽو مڙس هو. سندس قد ننڍو هو ۽ رنگ ڪارو پر اکيون نيريون هيس. سندس ڪاري  چهري تي نيرين اکين، سندس منهن کي عجيب ڀوائتو بنائي ڇڏيو هو. جڏهن هو پنهنجي وحشتناڪ اکين سان گهوري ڏسندو هو ۽ دٻيل زبان سان ڌمڪائيندو هو تڏهن سندس ڌمڪيءَ جو پرامن شهرين تي هڪدم اثر ٿيندو هو. پر هو ممتاز کان اصل ونءُ ويندو هو. ڪيترا ڀيرا ممتاز ۽ پٽورڌن جي دوبدو لڙائي اڃا تائين نه ٿي هئي. ڪيترا ڀيرا غصي ۾ اچي ممتاز پٽورڌن کي للڪاريو به هو، هڪ ٻه دفعا بازار جي وچ ۾ کيس ڳچيءَ کان جهلي سندس  ٻانهن کي ائين موڙيو هئائين جو تکو لهرائيندڙ چاقو جو شايد انهي دم ممتاز جا آنڊا چيري وجهي ها، زمين تي ڪري پيو ۽ پٽورڌن بنا هٿيار بيوس ۽ مجبور ٿي ممتاز جي هٿن ۾ بيد وانگر ڪنبي رهيو هو.

        انهيءَ وقت جي بيعزتي جو خيال ايندي ئي هاڻي پٽورڌن تي ڄڻ تيز بخار جي ڪيفيت ڇانئجي ويئي. هن ٽوڪو مٿي کنيو ۽ هڪ ٻئي مٿان ڌڪ هڻي ڌڙ جدا ڪري ڇڏيائين ۽ ڌڙ جو هيٺيون حصو مين هول ۾ ڪيرائي ڇڏيائين.

        مٿي آسمان ۾ هڪ سِرڻ ڏاڍي بيصبريءَ سان رڙ ڪئي. بجلي جي تارن ۾ ڦاسندي هڪ خالي ٽرام ناڪي تان گذري ويئي. پوءِ چوطرف ماٺ ٿي ويئي.

        اوچتو پٽورڌن جي نظر ممتاز جي ساڄي هٿ تي پيئي. انهي هٿ تي انگريزي ۾ هڪ نالو لکيل هو ”مايا“. مايا ايڪسٽرا ڇوڪرين ۾ سڀ کان سهڻي مڃي ويندي هئي. ماڻهو کيس  ڊيل چوندا هئا. پٽورڌن کي سندس مشڪ ڏاڍي وڻندي هئي ۽ سندس کاڏيءَ تي هڪ سائو تر  نتڪل هو ۽ جڏهن هوءَ کلندي هئي تڏهن سائي تِر ڀرسان هڪ عجيب کڏ پئجي ويندي هئي جنهن کي ڏسندي پٽورڌن  چريو ٿي پوندو هو. مايا ڳوٺاڻي ڇوڪري هئي جنهن ڪري فلم ۾ ڪم ڪرڻ جي باوجدو اڃا تائين سندس شخصيت ۾ ڳوٺاڻين وارو الڙپڻ هو ۽ بيباڪ چٽائي سان چوڻ جي جهلڪ ملي ٿي. جيتوڻيڪ هوءَ پٽورڌن جي ٽولي ۾ هئي ۽ مرهٽي ڇوڪري هئڻ ڪري سندس سڀ کان اول پٽورڌن جي ٽولي ۾ اچڻ ڪا عجب جهڙي ڳالهه نه هئي پر هزار جتن ڪرڻ جي باوجود هوءَ اڃا تائين کيس هٿ نه چڙهي هئي.

        پٽورڌن مايا کي وس ۾ ڪرڻ لاءِ پنهنجي وسان نه گهٽايو هو. ڪنهن غنڊي لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ بيعزتيءَ جي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي ته هو ڪنهن عورت خاطر ڪجهه مهينن  لاءِ يا ڪجهه ڏينهن لاءِ شريف ٿي وڃي پر پٽورڌن مايا کي حاصل ڪرڻ لاءِ اها بيعزتي به برداشت ڪئي هئي. کيس آفتاب محل اسٽوڊيو جي گهٽيءَ ۾ هڪ صاف سٿري کولي رهڻ لاءِ ڏني هئائين، جنهن ۾ فرنيچر به  مهيا ڪيو هئائين. جڏهن فلم ڪمپنيءَ  مان پيسا ملندا هئس تڏهن هو اهي پيسا کڻي سڀ کان پهرين مايا جي گهر ويندو هو. مايا پيسا وڍي کيس شرير نگاهن سان تڪيندي هئي، ڊيل وانگي سندس  چوڌاري ناچ جو هڪ چڪر ڏيندي هئي، سندس ڪلهن کي پنهنجي  حساس آڱرين سان ڇهندي هئي ۽ جڏهن پٽورڌن جي اکين ۾ نشو چڙهڻ لڳندو هو تڏهن هو ماٺ ميٺ ۾ مجبور ٿي کولي مان ٻاهر نڪري ايندو هو.ا ڄ تائين ڪنهن عورت کيس مات نه ڏني هئي. ائين نه هو ته کيس مايا سان محبت هئي. هن ته مايا کي جيتڻ ٿي چاهيو، جيئن شطرنج جي بازي جيتبي آهي ۽ فڪر ۽ عمل جو سڄو زور انهي ۾ استعمال ڪبو آهي اهوئي حال پٽورڌن جو هو. انهيءَ ڏينهن کيس ڏاڍو غصو آيو، جڏهن ڏٺائين ته علي بخش جي دڪان تي ممتاز بيهي پنهنجي ٻانهن تي ”مايا“ جو نالو کوٽي لکائي رهيو هو ۽ مايا جي نالي مٿان پنهنجو نالو يعني ممتاز لکائي رهيو هو. هن رڙ ڪري ممتاز تي پنهنجي چاقو سان حملو ڪرڻ چاهيو پر ممتاز جي غنڊن، جيڪي پاڇن جيئن پنهنجي مالڪ جي چوڌاري بيٺا هئا، کيس رستي تي ئي قابو ڪري ورتو، پوءِ ٻنهي جي غنڊن جي اها لڙائي ٿي، اها لڙائي ٿي، جو سوڍا واٽر وڪڻندڙن جون بوتلون ڀڄي پيون، انب وڪڻندڙن جا انب وچ رستي ۾ پکڙجي ويا ۽ پراڻا جوتا وڪڻندڙ غريب عورتن جا جوتا بازار جي نالين ۾ وهي ويا.  ٿوري دير کان پوءِ پوليس آئي ۽ ڪن غنڊن کي گرفتار ڪري وئي، ممتاز  مشڪندو علي بخش جي دڪان تي پنهنجي ٻانهن تي نالو کوٽائيندو رهيو. انهيءَ رات ممتاز مايا کي سندس کولي مان کڻي ويو. مايا ڏاڍيون رڙيون ڪيون، پر سڀ بلڊنگ وارا ممتاز کي سڃاڻندا هئا ته هو ڪيڏو خوفناڪ ماڻهو آهي. ممتاز پنهنجي مضبوط ۽ سگهارين ٻانهن ۾ مايا کي کڻي ويو. ڪنهن کي به همٿ نه هئي، جو سندس رستي ۾ اچي، جڏهن پٽورڌن کي پتو پيو انهيءَ وقت ممتاز پنهنجي علائقي ۾ پهچي چڪو هو. ممتاز مايا کي سيٺ  سورج مل جي بلڊنگ جي ستين نمبر ۾ رکيو، جتي هن اڳ ۾ ئي ڪافي غنڊا ويهاري ڇڏيا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com