سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: هي ٻيٽ هي ڪنارا

باب

صفحو :7

بھرحال اھي سياسي تبديليون آھن. ملڪ ۾ تاملن جي فساد جھيڙي جي باوجود ايترو امن آھي جو اڄ بھ ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ سري لنڪا گھمڻ ويندا رھن ٿا. بندرگاھھ، جھاز ران ۽ ھوائي ڪمپنيون سڀ ترقي ڪري رھيون آھن ۽ ڪمائي رھيون آھن. وڏن شھرن ۽ بندرگاھن ۾ ٺھندڙ نيون فائو اسٽار ھوٽلون ۽ شاپنگ سينٽر سري لنڪا جي خوشحاليءَ جي ساک ڏين ٿا. ھي ٻيٽ ساوڪ ۽ گھڻي مينھن ۽ قدرتي سھڻن نظارن ڪري ھڪ بيحد خوبصورت ڌرتيءَ جو ٽڪرو آھي.

سريلنڪا ھڪ نظر ۾

ملڪ جو نالو: ڊيمو ڪرئٽڪ سوشلسٽ، ريپبلڪ آف سريلنڪا.

گاديءَ جو ھنڌ: سري جايا وار ڊين پـُـورا، ڪوٽي. (ھن کان اڳ ڪولمبو ھو)

گورنمنٽ:      ريپبلڪ

صدر:          مسز چاندريڪا بندرانائڪي ڪمارا تـُـنگا.

پارٽي جو نالو: يونائٽيڊ نئشنل پارٽي (UNP)

ٻيٽ جي ايراضي: 66 ھزار چورس ڪلوميٽر

مذھب:70 سيڪڙو ٻِڌ، 15 سيڪڙو ھندو،  8سيڪڙو مسلمان ۽7 سيڪڙو ڪرسچن.

آدمشماري:    ٻھ ڪروڙ کن

زبانون:         سنھالا، تامل ۽ انگريزي

پڙھيل ماڻھو: 90 سيڪڙو

ايڪسپورٽ:   ڪپڙا، قيمتي پٿر، چانھھ، رٻڙ ۽ ناريل

موسم:         ٻارھوئي مينھن

ڏسڻ جھڙا شھر: ڪولمبو، نيگمبو، بيروالا، گال  Galle، ھيڪدوا، ماتارا، ڪئنڊي (Kandy) ٽنگالا، ھمبان ٽوٽا، باتي ڪولوئا، ٽرنڪو مالي، انوراڌا پوار ۽ متالي وغيره.

منھوڙو ۽ ڪراچي

دنيا جا ٻيٽ مڙيئي ٻيٽ آھن. پر اھو زمين جو ٽڪرو جنھن جي چوڌاري پاڻي آھي ٻيٽ آھي. ڪنھن بھ ٻيٽ جي اھميت ھن جي ننڍ وڏائيءَ مطابق نھ آھي. گرين لئنڊ دنيا جو وڏي ۾ وڏو ٻِيٽ آھي اٽڪل 21 لک چورس ڪلوميٽر. پر ان جي مقابلي ۾ سنگاپور جھڙي ننڍڙو ٻيٽ وڌيڪ اھميت رکي ٿو جيڪو فقط 600 چورس ڪلوميٽر آھي. ملائيشيا جي چوڌاري سوين ٻيٽ آھن پر سواءِ پينانگ جي ٻيو ڪوبھ نھ جاگرافيائي اھميت رکي ٿو ۽ نھ تاريخي.

اسانجي پاڪستان بارڊر جي ويجھو جيڪو مشھور ٻيٽ آھي اھو منھوڙو آھي. ھي ھڪ تمام ننڍڙو ٻيٽ آھي. اڄ جي دور ۾ منجھس ڪو جديدپڻو نھ آھي پر ھن جي وڏي تاريخي اھميت آھي. ڪراچي جي ويجھو ھجڻ ڪري ۽ پنھنجي نموني اڪيلو ٻيٽ ھجڻ ڪري روزانو ھزارين ماڻھو لانچن (موٽر بوٽن) ذريعي تفريح لاءِ منھوڙي وڃن ٿا. منھوڙي ٻيٽ تي ٽالپرن جڏھن قلعو ٺھرايو ھو تھ اھو سال  1797ع ھو. ھوڏانھن ان کان 22 سال پوءِ  1819ع ۾ انگريزن پھريون دفعو سنگاپور جي ٻيٽ تي قدم رکيو ۽ ان ويران ٻيٽ کي ملئي حاڪم کان وٺڻ جو ارادو ڪيو جيڪو حاڪم جوھور رياست جي ڀر سان ھڪ ٻئي ٻيٽ ريائو تي رھيو ٿي. سنگاپور جو سڄو ٻيٽ گھاٽن ٻيلن (Rain Forests)  ۽ جيتن جانورن سان ڀريو پيو ھو. ڪوئا، سؤ پيريون ۽ وڇون تھ ايترا ھئا جو درياءَ جي منھن وٽ رھندڙ ڪجھھ سامونڊي ڌاڙيل بھ مجبور ٿي عارضي طور ڪڏھن ڪڏھن اچي رھندا ھئا.

بئنڪاڪ ۾ ھڪ ھوٽل جو نالو منھوڙا ريسٽورنٽ آھي. مون سمجھيو پڪ ڪنھن سنڌي ھندوءَ جي ھوندي پر پوءِ اھو ٻڌي تعجب لڳو تھ ان جو مالڪ ھڪ سک (سردار جي) آھي. ۽ اھا بھ حيرت جي ڳالھھ آھي تھ منھوڙي ٻيٽ تي ڪيترائي سک رھندا ھئا جن جا ٻھ ٽڪاڻا (گوردوارا) ھئا ۽ ھينئر بھ پنجاھھ کن ڏاڙھي ڪوڙ سک منھوڙي ٻيٽ تي رھن ٿا. سکن جي ڌرم موجب واري ڪوڙائڻ گناھھ جو ڪم آھي پر اڄ ڪلھھ ڪيترائي سک ڏاڙھي مڇون ڪوڙيل نظر اچن ٿا.

ڪراچي جي سٽي اسٽيشن کان آءِ آءِ چندريگر روڊ (اڳيون ميڪلوڊ روڊ) ڏئي ۽ صدر کان جناح روڊ (بندر روڊ) وٺي اڳتي ھلڻ تي ميري ويدر ٽاور تي پھچجي ٿو. ان کانپوءِ جناح پل ٽپي چار پنج ميل ھلڻ بعد ڪيا ماڙي اچي ٿي. ڪيا ماڙي ڪراچي بلڪ پاڪستان جي سرزمين جو دنگ آھي ان بعد سمنڊ ئي سمنڊ آھي. اتي ڌارين ملڪن کان آيل يا ٻاھرين ملڪن ڏي وڃڻ لاءِ تيار جھاز ۽ مڇيون مارڻ ۽ مسافرن کڻڻ جون ٻيڙيون نظر اينديون. مسافر کڻڻ وارين ٻيڙين (جيڪي اڄڪلھھ انجڻ تي ھلڻ ڪري motor-boats يا لانچون سڏجن ٿيون) تي پنجاب، سنڌ وغيره کان ڪراچي گھمڻ لاءِ آيل ماڻھو يا ڪراچي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ٻارن جي ڌم ھوندي آھي. اھي سڀ ھڪ ئي وقت ٽن شين مان لطف وٺن ٿا: سمنڊ جو نظارو، ٻيڙيءَ جو سير ۽ منھوڙي ٻيٽ تي گھمڻ ڦرڻ. ڪياماڙيءَ کان پنج ڇھھ ميل پري سمنڊ ۾ ھي ھڪ ننڍڙو ٻيٽ آھي جتي نيويءَ جا تعليمي ادارا پڻ آھن، جھازن جي رھنمائي ڪرڻ لاءِ لائيٽ ھائوس آھي (جنھن جي رات جي وقت ٽيھھ چاليھھ ميل پري تائين ويندڙ روشني راھھ ڀليل جھازن کي آگاھھ ڪري ٿي تھ ڪراچي بندرگاھھ ۾ گھڙڻ لاءِ جھازن جو رخ ھن طرف موڙيو)، گھر ۽ آفيسون آھن، بازاريون ۽ بيچون (سامونڊي ڪنارا) آھن. سمنڊ جي (خاص ڪري عربي سمنڊ جي) مستي ڏسڻي ھجي تھ منھوڙي تي سامونڊي ڪناري وٽ بيھي ڏسجي. خاص ڪري اونھاري جي مينھن ۾ ڪراچي واري سمنڊ ۾ اھي ناکئا (جھاز ھلائيندڙ وڏا (navigators بھ توائي ٿي وڃن ٿا. " ڪو جو قھر علاچ ۾، گھڙي سونئي". (ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ اھڙو ڪو قھر پيو وسي، جو جيڪو ٿو اندر گـَـھڙي تنھنکي ٿو کڻي)- ھي شاھھ لطيف  1690)ع-  1752ع( ۾ چيو جنھن ھن سمنڊ ۽ ھتي جي ڪنن کان جھازين کي ٽي صديون کن اڳ آگاھھ ڪيو ھو تھ " جنين نھ ڀـَـو ڀانيو، ڪري توائي تن کي" ۽ ناکئي کي خبردار ڪيو تھ:

" سامونڊي ٿو سنبھين، ساڄو جھل سکان

لڳي واءَ وڏاندرو منجھائي مھراڻ."

منھوڙي ۽ ڪلفٽن جي وچ ۾ آئسٽر راڪ

رام جھروڪا سڏجي ٿي

اڄ جڏھن گذريل صديءَ کان تيل جي ملڻ ۽ انجڻ جي ايجاد بعد آفت جيڏا جھاز نڪري ويا آھن تڏھن بھ ھڪ جھازي ڪراچي واري عربي سمنڊ ۾ پھچي Uneasy محسوس ڪري ٿو. لنگر ڪيرايل جھاز بھ گڏھھ وانگر ڪڏائي آنڊا ٿو ٻاھر ڪڍي. ڄڻ شاھھ لطيف اڄ جي ماڊرن ۽ طاقتور جھاز ھلائيندڙ ۽ قابل نيويگيٽر کي بھ چتاءُ ڏئي رھيو ھجي:

م ڪي ھيج م ھوج، ترس م، تاڻ جھاز کي......

(ھينئن ھونءَ نھ ڪر- يعني گھتون گوھيون نھ ڏي، ويل نھ وڃاءِ، پنھنجي جھاز کي ھڪدم ھاڪار). دنيا جا سمنڊ لتاڙي ڪراچيءَ جي ويجھو پھچڻ وارو ائين سولو ڪم نھ سمجھي تھ بس ھاڻ تھ گھر جي ڳالھھ آھي. پنھنجي ماڳ پھچي ويس. ڇو جو بقول شاھھ لطيف جي " ڪـُـن ڪلاچيءَ ڪوڏ، سک نھ ستا ڪڏھين" (ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ گھڙڻ جي شوق ۾، گھاتو ڪڏھن بھ آرامي نٿا ٿين).

جھازي دنيا کان وقفڪارن لاءِ " اباسين" نالي ماڊرن جھاز جو مثال ڪافي آھي. ھيڏو وڏو ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ جھاز جنھن جي main engine ڏھھ ھزار ھارس پاور جي ھئي انگلنڊ ۽ جرمنيءَ کان ٽيھارو کن ڏينھن جو سفر طيءَ ڪري، واٽ تي  Bay of Biscay،ائٽلانٽڪ سمنڊ، ڪيپ آف گڊ ھوپ، موزمبق چئنل ۽ ھندي وڏي سمنڊ جھڙن بحرن کي لتاڙي اچي اچي ڪراچي جي ويجھو بلڪل منھوڙي وٽ- زمين کان فقط ٽن ميلن جي فاصلي تي، ڪــُـن جي چنبي ۾ اھڙو ڦاسي ويو جو جھاز جو ناکئو سـُـکان ساڄو نھ ڪري سگھيو ۽ جھاز اتي جو اتي غرق ٿي ويو. جھاز تي ڪئپٽن کان وٺي ڪئڊٽ تائين سڀ سڄاڻ نيويگيٽر ھئا، جيرو، ڪمپاس ۽ پاٿ فائينڊر کان وٺي. (Navigational Aids)N.A. جي ھر سھوليت موجود ھئي تھ بھ جھازي جھاز کي بچائي نھ سگھيا.ھيڏو وڏو سفر پورو ڪري اچڻ وارا ضرور ڪجھھ ڍار ٿي ويا ھوندا. ھنن اھو محسوس نھ ڪيو ھوندو تھ ھن مھراڻ (سمنڊ) جي حصي ۾ لڳندڙ وڏاندرو (خوفناڪ) واءُ ۽ھتي پئدا ٿيندڙ ڪـُـن ڪڙڪا اھڙا آھن جو ٿوري بي خيالي ۽ سستي وڏي تباھي آڻي سگھي ٿي ۽ ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ ٻيڙا ھلائڻ ڪا joy ride نھ  آھي. تڏھن تھ شاھھ لطيف چيو:

اوليون اجھڻ لڳيون، ويا ونجھھ وھي

ڪلاچيان ڪھي، ڪڏھن ڪونھ آئيو.

مٿئين شعر ۾ آيل لفظ " اوليون" ٻيڙي ھلائڻ جا ڳن آھن. اڄ جي ٻيڙي يا جھاز کي ڳن بدران اسٽيئرنگ ويل ٿئي ٿو جيڪو رف موسم ۽ سمنڊ ۾ ٿيڙ کائيندو رھي ٿو ۽ غلط واٽ تي پھچايو ڇڏي. اباسين جھاز سان بھ ڪجھھ اھو ئي مسئلو درپيش آيو ھوندو ۽ ڪلفٽن ۽ منھوڙي جي وچ ۾ Oyster rock نالي جبل جي آب دوز ٽڪرين جي سلسلي مان ڪنھن ٽڪري يا اتي اڳھين ٻڏل جھاز جي لوھي جسم سان ھي جھاز ٽڪرائي ڦاٽي پيو ھوندو ۽ پاڻي اندر وڃڻ ڪري ٻڏي ويو ھوندو.

مٿي بيان ڪيل “Oyster rock” ڪياماڙي، منھوڙي ۽ صاف موسم ۾ ڪلفٽن تان بھ نظر اچي ٿي. ھن ٽڪريءَ جي نالي سان بلاول ھائوس جي ڀرسان ڪلفٽن وٽ Oyster view نالي اٺ ماڙ فلئٽن جي بلڊنگ پڻ آھي. سمنڊ جي اندر ھن ٻيٽ نما آئسٽرراڪ کي ھندو " رام جھروڪا" بھ سڏين تا. ھنن جي ڌرمي ڪتابن موجب ھنگلاج ويندي وقت رام، لڇمڻ ۽ سيتا ھتي ترسيا ھئا. شروع شروع ۾ ھيءَ ٽـَـڪري ڪلفٽن ۽ منھوڙي جي وچ ۾ ھڪ ٻئي سان ڳنڍيل جبلن جي قطار ھئي ۽ ماڻھو خشڪيءَ رستي پھچي ويندا ھئا ۽ پوءِ بقول لوڪرام ڏوڏيجا جي ڏھين صديءَ ۾ آيل زلزلي ۾ ھي ٽڪريون ۽ جبل سمنڊ اندر ھليا ويا. ھاڻ ٻيڙيءَ رستي رام جھروڪا  (Oyster rock) تائين پھچي سگھجي ٿو.

ڪلاچيءَ جو ڪن ۽ مورڙو ميربحر

بھرحال پاڻ منھوڙي ٻيٽ تي اچون. ڪياماڙي ۽ منھوڙي وڃڻ وارن شايد اھو نھ سوچيو ھجي تھ نھ فقط منھوڙو " ٻيٽ"آھي پر ڪياماڙي بھ ھڪ ٻيٽ آھي جيڪو ھينئر جناح پل سان ۽ ان کان اڳ نيٽي جيٽي ذريعي ڪراچيءَ سان ڳنڍيل ھو سو ڪنھن زماني ۾ ڪياماڙي بھ منھوڙي وانگر ھڪ ٻيٽ ھو. ماڻھو ٻيڙين ذريعي ڪراچيءَ جي کارادر علائقي کان ڪياماڙي ۽ منھوڙي ويندا ھئا.  1843ع کانپوءِ سر چارلس نيپيئر (سنڌ جي پھرين گورنر) ڪياماڙي ٻيٽ کي نيپيئر ڪازوي (mole) ذريعي ڪراچيءَ جي سرزمين سان ڳنڍي ھڪ ڪيو. منھوڙي ۽ ڪارچيءَ جي ڪا ڌار ڌار تاريخ نھ آھي. پڙھندرن جي دلچسپي لاءِ ھتي ان بابت ڪجھھ لکڻ بي محل نھ ٿيندو. ھونءَ تھ ھانگ ڪانگ ۽ سنگاپور جھڙن ٻيٽن جي مقابلي ۾ منھوڙو ۽ ڪراچي پراڻو ٻيٽ ۽ شھر آھي پر ابن بطوطھ ۽ محمد بن قاسم جي ڏينھن جي ڳالھھ ڪبي تھ ڪراچي بھ ڪالھھ جو ڄاول ٻار لڳندو جو انھن ڏينھن ۾ ڪراچيءَ جو ڪنھن کي ڪو انت بھ نھ ھو. اڄ جو سوڀوديرو، چنبڙ ۽ پريالوءِ بھ وڏا ڳوٺ آھن. انھن ڏينھن ۾ جيڪي ڪجھھ ھو ديبل، ٺٽو ۽ لاھري بندر جھڙا ھنڌ اھم ۽ بلي بلي شھر ھئا.

ڪراچي ڪنھن زماني ۾ مھاڻن جو ھڪ ننڍڙو ڳوٺ ھو جيڪو ڪلاچيءَ جو ڳوٺ سڏبو ھو. اھو مڇين مارڻ واري ھڪ جاءِ جي ويجھو ھو جيڪو سمنڊ جو حصو ڳوٺ جي نالي جي لحاظ سان " ڪلاچيءَ جو ڪـُـن" سڏيو ويو ٿي. مڇين مارڻ واري ھن گھاٽ جي باري ۾ راجا دلورائي جي زماني جي ھڪ ڪھاڻي بھ مشھور آھي جنھن ۾ مورڙو ميربحر نالي ھڪ شخص جي مھاڻن ڀائرن کي مانگر مڇ ڳھي ويو. جيڪا دراصل وھيل مڇي ئي ھوندي، مورڙو جنھن لاءِ چون ٿا تھ جيتوڻيڪ عذر وارو ھو پر عقل کان ڪم وٺي ھن مانگر مڇ يعني whale کي ماري وڌو ۽ سندس پيٽ چيري پنھنجن ڀائرن جا لاش ڪڍيا. مورڙي ميربحر ۽ سندس ڀائرن جون قبرون کارادر کان ماريپور ويندي رستي تي گل بائي واري چونڪ تي آھن جتان ٽرئفڪ شيرشاھھ ۽ سائيٽ ڏي وڃي ٿي. سامھون لوڪل ٽرين جي وزير مينشن نالي ريلوي اسٽيشن بھ آھي. مورڙي جا اڄ بھ ڪيترائي مائٽ ڪراچيءَ جي مختلف سامونڊي ڪنارن وارن ڳوٺن: بابا ڀٽ، شمس

پير، رھڙي ۽ ابراھيم حيدري وغيره ۾ رھن ٿا. شاھھ لطيف جي ھڪ سر (سرگھاتو) ۾ مورڙي ميربحر جو داستان آھي.

جيڪس جھليا مـَـڇ گھاتو گھر نھ آئيا

ڪاھي وڃو، ناکئا!، ڪريو بـُـري تي بـَـڇ

ڪاٿي سندين ڪنڊيون؟ ڪاٿي سندن رڇ؟

ڪـُـن ڪڙڪو ڏاڍو، اٿو اڳيان اڇ

اديون عبداللطيف چئي، سڀ لنگھيندا ڇـَـڇ؟

(جيڪس- شايد، مـَـڇ- مانگر مڇ ڪابھ وڏي مڇي، سامونڊي آفت، گھاتو- شڪاري، مھاڻا، ناکئا-ٻيڙي ھلائيندڙ، بـُـري تي- بڇڙي تي (مانگر مڇ تي)، ڪنڊيون- مڇي ڦاسائڻ جا ڪنڍا Hooks، رڇ- ڄاريون، ڪـُـن- سامونڊي واچوڙو ۽Currents Under، اڇ-پاڻيءَ جي اڇاڻ، گجي، جنھن کي اسين جھازي وائيٽ ھارسز سڏيون ٿا. white horses خراب سمنڊ جي نشاني آھي. شاھھ لطيف مورڙي کي پڪي عزم، بھادري ۽ ھمت جي علامت قرار ڏنو آھي. شاھھ جي رسالي جو ھڪ مھتم ڪلياڻ بولچند آڏواڻي لکي ٿو تھ انسان جو من بھ ھڪ مردود مڇ آھي، جنھن کي مارڻ لاءِ ڪو مورڙي جھڙو مرد کپي.

شاھھ کان علاوھ اسانجي ٻين بھ ڪيترن ئي شاعرن مورڙي ۽ مڇ بابت لکيو آھي. تاجل بيوس جا ان سلسلي جا ھڪ ٻھ شعر ياد اچي رھيا آھن.

ھلو ھلو، ڪـُـن تي، ڄار کڻي ڄاڻو

ڪجي مانگر مڇ کي، سائر ۾ ساڻو

ٽريو جو ٽاڻو، برو ايندو بود ۾،

ھلو ھلو ڪـُـن تي، ٻڌي مولھيا مير

جتي جوکو جيءَ جو، سا پڻ لنگھو سير

مٿان واڪو وڄ جو، ھيٺان چڙھي وير

ڪالھھ بھ اچن ڪن تي، باھيو ھو بي پير

ڪلا ٺوڪي ڪير، ڪن ڀاڱا ڀور جا.

تاجل بيوس جو ھڪ ٻيو خوبصورت شعر:

مانگر ٿا مڙن، ڪلاچيءَ جي ڪن تي

سون مياڻي سڏ ٿيو، مڙني ملاحن

اھي پڻ اچن، جيڪي جـَـر جڏا ڪيا.

ٽالپرن جي ڏينھن کان وٺي ڪراچي وڌڻ لڳو

چون ٿا تھ ڪراچيءَ ۾ ھڪ ھندو واپاري ڀوڄ مل نالي پنھنجي خاندان سان گڏ کڙڪ بندر کان ڪراچي واري ڳوٺ (ڪلاچي ڳوٺ) لڏي آيو. ان کان علاوھ شاھھ بندر کان بھ ڪجھھ ماڻھو ھتي آيا. اھڙي طرح ويھھ پنجويھھ گھرن جي مھاڻن جي وستي ھڪ واپاري ڳوٺ ٿي پيو. آھستي آھستي ھن ڳوٺ جي چوڌاري ھڪ ڀت ڏني وئي ۽ نوان ايندڙ ان اندر رھڻ لڳا.

ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ ڪراچيءَ جي شھر انگريزن جي دور  1843)ع کان 1947ع(۾ وڏي ترقي ڪئي پر ڏٺو وڃي تھ ان کان اڳ ٽالپرن جي دور 1782) ع کان1843ع) ۾ بھ ڪراچيءَ وڏي اھميت حاصل ڪئي ۽ ھڪ ويران ڳوٺڙي مان ھڪ تجارتي شھر ٿي وئي. ٽالپر گھراڻي جو پھريون امير مير فتح علي خان جيڪو 1782ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو چڱو قابل ماڻھو ھو جنھن کي ڪراچي جي جاگرافيائي ۽ تجارتي نقطي نگاھھ کان اھميت جي ڄاڻ ھئي. ان وقت ڪراچي وارو ھي علائقو قلات جي خان جي ھٿ ھيٺ ھو. مير فتح علي خان 1795ع ۾ نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي ڪمانڊ ھيٺ ھڪ مضبوط جٿو موڪلي ڪراچي پنھنجي قبضي ۾ ڪئي. انھي سال مير فتح علي خان منھوڙي ٻيٽ تي قلعو ٺھرايو جيئن ڪراچي ھاربر ۾ ايندڙ ويندڙ جھازن تي نظر رکي وڃي. بندرگاھھ اڃان ٺھرايو نھ ويو ھو پر ان پروگرام جو سوچي مير صاحب 1795ع ۾ اھو قلعو ٺھرايو جو ھن ڏٺو پئي تھ ننڍين وڏين ٻيڙين جو لنگھھ اتان ئي ٿئي ٿو. بندرگاھن جي تاريخ ڄاڻڻ وارا مڃين ٿا تھ ڪراچي جي واڌاري لاءِ مير فتح علي جو اھو وڏو ۽ بھترين قدم ھو. 1799ع ۾ انگريزن کي ڪراچيءَ ۾ فئڪٽري کولڻ جي اجازت ڏني وئي پر مير صاحب ذھين ھو ۽ ھو جلدي ئي سمجھي ويو تھ انگريزن جي نيت صحيح نھ آھي ھو ان ڳالھھ پٺيان پنھنجون پاڙون مضبوط ڪري رھيا آھن ۽ ھن انگريزن جو ڪارخانو يڪدم بند ڪرائي ڇڏيو. ڪراچي جي واڌاري ۽ سڌاري جو ڪم ميرفتح عليءَ جا پويان بھ قائم رکندا آيا ۽ ڪراچي ڏينھون ڏينھن ھڪ اھم ۽ مشغول بندرگاھھ ثابت ٿيندو ويو. ماڻھن جي گھڻي لڏ پلاڻ ڪري ڪراچي جو شھر وڌندو ويو ۽ ڳوٺ ۾ رھائش لاءِ ڏنل ڀت کان ٻاھر بھ ماڻھو رھڻ لڳا. شھر جي آدمشماري ايتري تھ وڌڻ لڳي جو امير وقت بوقت ماڻھن جو ڳاڻيٽو ڪرائيندا رھيا. پاٽنجر ڪراچي جي  1813ع وارين حالتن بابت پنھنجي ڪتاب  Travels in Baluchistan & Sindh۾ لکيو آھي تھ ان وقت شھر کي ڏنل ڀت اندر 3250 گھر ھئا. " ان کان علاوھ ڀت جي ٻِاھران بھ ڪيترائي ڪچا پڪا گھر ۽ جھوپڙيون آھن. گھمڻ ۽ واپار وڙي لاءِ آيلن کي ڪڍي باقي مستقل رھڻ وارن جي آدمشماري 13 ھزار کن آھي جيڪا  1809ع جي آدمشماريءَ کان ڏيڍوڻي ٿي."

ھڪ ٻئي انگريز ليفٽيننٽ ڪارليس جو 1839ع ۾ ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي جو ٺھيل نقشو موجود آھي. ھو پاڻ بھ ان نقشي ٺاھڻ وارن ڏينھن (1839) ع کان ڏھاڪو کن سال اڳ (1830)ع وارن ڏينھن سان (جڏھن پاڻ پھريون دفعو ڪراچي آيو ھو) ڀيٽي لکي ٿو تھ ڪراچيءَ جو شھر تمام تيزيءَ سان وڌي رھيو آھي. 1840ع تائين شروع واري شھر کي ڏنل ڀت صفا ڊھي وئي ۽ پوءِ پراڻو ۽ نئون شھر ھڪ ٿي ويو.

ڪراچي جي بندرگاھھ جي پاٽنجر بھ تعريف ڪري ٿو تھ 1813ع ۾ جڏھن ھو ھتي آيو تھ درآمد ۽ برآمد ٿيندڙ شين جو تعداد ۽ وزن ڏسي وائڙو ٿي ويو. ڪي شيون سنڌ کان ٻاھر ويون ٿي ڪي ٻاھران سنڌ ۾ آيون ٿي. ڪي شيون ھڪڙن ملڪن  کان ٻين ملڪن لاءِ ھيون پر جھاز بدلائڻ لاءِ اھي سنڌ ۾ لاٿيون ويون ٿي (يعني ڪارگو جي Transhipment ٿي ٿي). انھن مان ڪجھھ شيون ھي ھيون. لوڻ، چانور، ڪپاھھ، چانھھ، تيلي ٻج، شارڪ مڇيءَ جون کنڀڙاٽيون، ڇوڏو، الڪلي، زعفران، گھوڙا، چمڙو، کلون، ڪشميري شالون، ھيرا پٿر، سڪل ميوا، غاليچا، کجور، گلاب جو پاڻي، تماڪ وغيره وغيره.

ٽالپرن جي ڏينھن ۾ ڪراچيءَ جو انتظام جنھن آفيسر حوالي ھوندو ھو اھو نواب سڏيو ويو ٿي ۽ ھن سول ۽ ملٽري گورنر جا فرض ادا ڪيا ٿي. 1837ع ۾ ڪراچي جو نواب " احمد خان ڀرڳڙي" ھو. ٽئڪس ۽ روينيو وٺڻ لاءِ ڪيترائي ماڻھو مقرر ٿيل ھئا جيڪي عامل سڏبا ھئا. سو ٽالپرن جي ڏينھن ۾ ڪراچي شھر، ان جو بندرگاھھ ۽ ان جي معرفت ھلندڙ ڪاروبار خوب ھليو ۽ منجھس اڳتي وڌڻ ويجھڻ جي سگھھ پئدا ٿي.

ڪراچي جو وجود 18 صديءَ کان اڳ بھ ھو

ھونءُ ڏٺو وڃي تھ ڪراچي ھڪ ننڍڙو ڳوٺڙو ۽ مختلف ھنڌن تان آيل ٻيڙن لاءِ لنگر ڪيرائڻ (ترسڻ ۽ سامان لاھڻ چاڙھڻ) لاءِ ھڪ سٺو قدرتي بندرگاھھ ارڙھين صدي يعني ٽالپرن جي راڄ کان بھ ھو. 1767ع جي ھڪ لکڻي مطابق جيڪا مير علي شير قاني نالي ھڪ تاريخدان اسان کي ٻڌائي: 1742ع ۾ (يعني مير فتح علي ٽالپر جي حڪومت شروع ٿيڻ کان بھ چاليھھ سال کن اڳ) نادر شاھھ جو ھڪ ايلچي مظفر علي خان سمنڊ رستي ڪراچي بندرگاھھ ۾ پھتو جتان پوءِ ھو ٺٽي روانو ٿي ويو.

ڪراچي جي ھڪ رھائش واري شھر جي ھجڻ جي سچائي ليفٽيننٽ جان پورٽر جي رپورٽن مان بھ پوي ٿي جيڪي ٻھ ٽي سال پوءِ  1744-45)ع( جون لکيل آھن. ھن ڪراچي يا ڪلاچي جي اسپيلنگ Crochey لکي آھي:

“Crochey Town is situated about 5 or 6 miles from where the vessels lay and about a mile from a creek where only small boats can enter. Crochey belonged to Balochees but the prince of Scindy made an exchange with some other place for it...

جديد ڪراچي شھر جي تاريخ 1839ع ۾ انگريزن جي فتح کانپوءِ شروع ٿئي ٿي. سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ چارلس نيپيئر ميرن جي گادي  واري ھنڌ حيدرآباد جي بدران ڪراچيءَ کي گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيو. پھرين حيدرآباد ۾ ئي رھڻ پسند ڪيائين جو اتي ڪلھوڙن جو ٺھيل عاليشان قلعو پڻ ھو پر حيدرآباد شھر جي موسم نيپيئر کي ڏاڍي گرم لڳي ۽ ھي ھنڌ برطانوي فوجن جي رھائش لاءِ سھپ کان ٻاھر ٿي وڃي ھا. انھن ڏينھن ۾ برطانوي فوج ۾ رچرڊ برٽن نالي ھڪ ڪئپٽن ھو تنھن کي سرچارلس نيپيئر ڪراچيءَ وڃي رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ چيو تھ آيا رھائش جي خيال کان ڪراچي حيدرآباد کان وڌيڪ بھتر جاءِ آھي يا نھ.

رچرڊ برٽن جنھن جو آڪسفورڊ سان تعلق ھو ھڪ نھايت مشھور انگريزي اسڪالر ھو جنھن کي ڪيتريون ئي ٻوليون آيون ٿي. رچرڊ برٽن ڪراچيءَ جي ھن سفر لاءِ پاڻ سان گڏ ھڪ جونئر آفيسر فوجي وٺي گھوڙي تي روانو ٿيو. ھنن کي ڪراچي پھچڻ ۾ ڏھھ ڏينھن لڳي ويا ڪراچيءَ ۾ پنھنجي سرڪاري سونپيل ڪم جي دوران ھڪ ڏينھن برٽن پنھنجي زيردست آفيسر (جو سترھن ارڙھن سالن جو انگريز نوجوان ھو) مانگر پير جي سير تي ھلڻ لاءِ چيو. (ھن جاءِ کي ھاڻ منگھوپير سڏين ٿا. مانگر معنيٰ واڳون يا مانگر مڇ آھي ۽ ھنن مانگر مڇن جي نگھباني ڪرڻ وارو شخص پير سڏبو ھو ۽ اڃا تائين سڏرائي ٿو). انھن ڏينھن ۾ مانگر مڇن واري ھن حوض جي چوڌاري ڀت نھ ھئي جنھن ڪري مانگر مڇ آزاديءَ سان گھمندا ڦرندا رھيا ٿي. رات جي وقت ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پوندا ھئا. ڪيترا تھ ھنن بکايل واڳن ھٿان مارجي بھ ويندا ھئا. ماڻھن جي بچاءِ لاءِ سرچارلس نيپيئر حوض جي چوڌاري ڀت ٺاھڻ ۽ واڳن کي ٻاھر نھ ڪڍڻ جو حڪم ڏنو. ان بعد ھتي جي زيارت ڪرڻ وارن جي جان محفوظ ٿي وئي.

رچرڊ برٽن منگھي پير جي واڳوءَ تي

چڙھي سير ڪيو

ان ڏينھن جڏھن رچرڊ برٽن پنھنجي نوجوان زيردست سان مانگر پير جي ويجھو پھتو تھ ھن کي ڪجھھ فاصلي تان مانگر مڇ ائين ستل نظر آيا جو ھڪ جو نڪ ٻئي جي پڇ کي ڇـُـھي رھيو ھو ۽ انھن جي ھڪ ٻئي سان ملڻ ڪري ھڪ پل ٺھي وئي ھئي. بس ائين چرچي ڀوڳ ۾ برٽن پنھنجي جوان فوجي آفيسر کي چيو تھ جيڪڏھن ھو ھنن جي مٿان چڙھي ھڪ ڪنڊ کان ٻيءَ تائين ويندو تھ کيس انعام طور ڏھھ پائونڊ ملندا. ناتجربيڪار آفيسر يڪدم گھوڙي تان لٿو ۽ انھن ھينتناڪ جانورن تي چڙھي ٽپڻ لڳ. ھن جي جان تھ بچي وئي پر ٻي پار پھچڻ تائين سندس پتلون ۽ جوتا ڦاٽي چڪا ھئا. حقيقت ۾ ھو انھن مانگر مڇن جو گرانھھ ٿيڻ کان بچي ويو. بھر حال ھن شرط کٽي ورتي. پر برٽن بھ وڏو ڪنجوس ماڻھو ھو ۽ آسانيءَ سان ڏھھ پائونڊ ڏيڻ تي راضي ٿيڻ وارو نھ ھو. ھن نوجوان سان ھڪ ٻي شرط لڳائي ۽ ھن کي چيو:

"ھنن پئسن جي بدلي آئون مانگر مڇ جي پٺيءَ تي سوار ٿي ھن ڌپ ۽ تيزاب واري پاڻيءَ ۾ چڪر ڏئي ڏيکارين؟" جڏھن نوجوان برٽن جي ڳالھھ مڃي تھ برٽن بازار مان، جيڪا اتان چند وکن تي ھئي ھڪ ڊگھو بانس جو ڏنڊو ۽ جيئري ڪڪڙ گھرائي ۽ ڪڪڙ کي بانس جي ھڪ ڪنڊ سان ٻڌو جيئن اھا ڪڪڙ مانگر مڇ جي اکين اڳيان ڦٿڪندي رھي. پوءِ برٽن واڳونءَ جي اکين اڳيان ڪڪڙ کي ڦڙڪائي ھن جي مٿان ٽپ ڏئي چڙھي پيو. مانگر مڇ ڪڪڙ کي پنھنجين ڄاڙين ۾ جھلڻ جي ڪوشش ۾ اڳتي وڌندو رھيو ۽ برٽن سڄي حوض جو چڪر لڳائي ورتو ۽ ڪڪڙ بھ بچائي ورتي. اھڙي طرح برٽن شرط کٽي پنھنجا ڏھھ پائونڊ بچائي ورتا. رچرڊ برٽن جي رپورٽ ملڻ تي ڪراچي واقعي سمنڊ جي ڪناري تي ھڪ وستي آھي، حيدرآباد جي مقابلي ۾ ڪراچيءَ جي موسم بھتر آھي، ۽ جتان سامونڊي رستي ايراني نار جي ملڪن سان واپار جي بھ اميد آھي، سرچارلس نيپيئر گاديءَ جو ھنڌ حيدرآبد مان ڦيرائي ڪراچي ڪيو.

جڏھن نيپيئر ڪراچي آيو تھ ھن ان وقت ھڪ ننڍڙي بنگلي ۾ رھائش اختيار ڪئي جيڪو پوءِ ڪمشنر ھائوس سڏجڻ لڳو. ننڍي کنڊ جي ورھاست بعد پاڪستان جي صوبي سنڌ جو پھريون گورنر سر لينسلاٽ گراھم پڻ ھن بنگلي ۾ رھيو 1847ع ۾ نيپيئر يورپي فوجن لاءِ بئرڪون ٺھرايون جن کي اڃان تائين نيپيئر بئرڪس سڏجي ٿو جتي ھاڻ سرڪاري آفيسون آھن. ان سال ڪراچي جي آدمشماري اڌ لک ھئي ۽ شھر جي واپاري فرمن تي انگريز ۽ يورپي ماڻھن جو قبضو ھو سواءِ ٻن ڪمپنين جي ھڪ ايس طيب جي ائنڊ ڪمپني ۽ ٻي ارديشير ائنڊ ڪمپني.

امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ تي بھ يورپي واپارين جو ھٿ ھو. 1860ع ۾ ڪراچي چئمبر آف ڪامرس جو بنياد رکيو ويو.  1890ع ڌاري ھندستاني واپاري بھ اڳتي وڌڻ لڳا خاص ڪري سندھيا اسٽيم نيويگيشن ڪمپني جنھن جا ننڍا ننڍا اسٽيمر (ٻاڦ ھلندڙ ٻيڙيون، آگبوٽ) ٻاھران ملڪن ڏي مال کڻي وڃڻ لڳا.

سر چارلس نيپيئر کانپوءِ بارٽل فريئر سنڌ جو ڪمشنر ٿيو جيڪو پوءِ بمبئيءَ جو گورنر پڻ ٿيو. سربارٽل ڪراچيءَ کي خوبصورت بنائڻ جو پڪو پھھ ڪيو. ھن ڪراچي ميونسپلٽيءَ جو بنياد رکيو. اھڙي ئي ميونسپلٽي ھو بمبئي پريزيڊنسي جي ھڪ ٻئي شھر احمد آباد ۾ بھ قائم ڪري چڪو ھو. فريئر ھڪ مئنيجنگ ڪميٽي ٺاھي ميونسپلٽي جي ڪم جو آغاز ڪيو. ھن ڪميٽي ۾ ڪئپٽن پريڊي (ريوينيو ڪليڪٽر) جنھن جي نالي پريڊي اسٽريٽ آھي ۽ جان مئڪلوڊ (ڪليڪٽر ڪسٽمز- جنھن  جي نالي ڪراچي جو ميڪلوڊ روڊ ھو جنھن جو ھاڻ نالو بدلائي آءِ آءِ چندريگر روڊ رکيو ويو آھي) ۽ سيٺ نائونمل ھوتچند شامل ھئا. سر بارٽل فريئر ڪراچي شھر ۽ سنڌي ٻولي جي واڌاري لاءِ ڪافي ڪم ڪيو جنھن جي موٽ ۾ سنڌ جي ماڻھن ھڪ خوبصورت يادگار ٺھرايو جيڪو فريئر ھال جي نالي سان سڏجي ٿو ۽ اڄ بھ ميرٽ ھوٽل جي سامھون ڪلفٽن ڏي ويندڙ رستي تي قائم آھي. جتي اڄ ڪلھھ سنڌ مدرسو آھي اتي 1860ع ۾ قافلھ سراءِ ھئي.

1869ع ۾ سئيز ڪئنال کلڻ تي ڪراچي

جي اھميت وڌڻ لڳي

دراصل  1847ع ۾ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو بنايو ويو جنھن جو انتظام ڪمشنر جي حوالي ڪيو ويو ھو ۽ سنڌ جي پھرين ڪمشنر (بارٽل فريئر) 1852ع ۾ ڪراچي ميونسپلٽي قائم ڪئي جنھن جو ذڪر پھرين ڪيو اٿم .1858ع ۾ انگريزن ڪراچي شھر کي ٻن حصن: ميونسپل ايريا ۽ ڪئنٽونمينٽ ايريا ۾ ورھايو. ان ئي سال (يعني  1858ع ۾) سرچارلس نيپيئر بندرگاھھ کي وڌائڻ جو ڪم شروع ڪيو نھ تھ1856ع تائين ڪراچي ھاربر ۾ جھاز لنگر انداز ٿي نيٽي جيٽي (Native Jetty) وٽ سامان لاھيندا ھئا.  1861ع ۾ ڪراچي کان ڪوٽڙيءَ تائين سنڌ جي پھرين ريلوي لائين وڇائي وئي. ٽرانسپورٽ جي سھوليتن ۽ بندرگاھھ جي وڌڻ ڪري گھڻي کان گھڻي تعداد ۾ ماڻھو ٻاھرن ھنڌن کان لڏي ڪراچيءَ ۾ رھڻ لڳا ۽  1877ع تائين شھر جي آدمشماري 57 ھزار ٿي وئي.

 1869ع ۾ سوئيز ڪئنال کلڻ کانپوءِ بندرگاھھ جي خيال کان ڪراچيءَ جي اھميت اڃان بھ وڌي وئي.  1868ع ۾ ڪراچي ۽ بمبئي جي وچ ۾ پاڻيءَ جي جھازن ذريعي ٽپال سروس شروع ڪئي وئي. بمبئي مان نڪتل جھاز ھڪ ھفتي اندر ڪراچي ٽپال پھچائيندا ھئا. سانوڻي جي موسم  (monsoon) ۾ جڏھن سمنڊ خراب ھوندو ھو تھ ٽپال خشڪيءَ رستي حيدرآباد کان ٿيندي پنڌرھن سورھن ڏينھن ۾ ڪراچي پھچندي ھئي. شھر جي بولٽن مارڪيٽ سن 1883ع ۾ ڪراچيءَ جي ميونسپل ڪمشنر مسٽر بولٽن ٺھرائي.

1887ع ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ قائم  ٿيو جنھن جي بورڊ آف ٽرسٽيز ۾ ٻھ سيٽون چئمبر آف ڪامرس جي لاءِ رکيون ويون. چئمبر جا پھريان چونڊيل ميمبر " جو جيمز گرانٽ ۽" وولڪارٽ بردرز" جو جرمن آئوگ ٿول ھئا. مسٽر آئوگ ٿول جي خدمتن جي اعتراف ۾ ڪوئنز روڊ (مولوي تميزدين خان روڊ) تي امپورٽ يارڊ جو نالو ٿول يارڊ رکيو ويو. جيڪو اڄ بھ ان جي نالي سان سڏجي ٿو.

1894ع ۾ ڪراچي ۾ زير زمين  گٽر سسٽم ذريعي پاڻيءَ جي نيڪاليءَ جو بندوبست ڪيو ويو. 1914ع ۾ پھرين وڏي جنگ شروع ٿي. انھيءَ سال ڪراچيءَ ۾ بجلي آئي. ان وقت تائين ڪراچي برطانوي سلطنت ۾ اناج جي برآمد جو وڏو  بندرگاھھ ٿي چڪو ھو. ويھين صدي جي شروع وارن سالن ۾ ڪراچي شھر ۾ پٽن تي ھلندڙ ٽرام گاڏي شروع ڪئي وئي جنھن کي گھوڙا ڇڪيندا ھئا. پھرين اھا ٽرام سولجر بازار کان ڪياماڙي ۽ پوءِ ڪئنٽ اسٽيشن تائين ھلڻ لڳي. ھر ٻن ميلن بعد گھوڙا بدلائي انھن کي آرام ڪرايو ويو ٿي ۽ گھوڙن کي اس کان بچائڻ لاءِ وڏا وڏا سولار ھئٽ (انگريزن وارا خاڪي ٽوپلا) پارايا ويا ٿي.

 1920ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٽيليفون جي سھوليت مھيا ڪئي وئي ۽  1942ع ۾ ننڍي کنڊ (برصغير) جو پھريون ايرو ڊروم ڪراچي ۾ تعمير ڪيو ويو جنھن کي بين الاقوامي ايئرپورٽ جي حيثيت ڏني وئي. 1937ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪري الڳ صوبو بنايو ويو ۽ ڪراچي ان جو گاديءَ جو ھنڌ رھيو. ان کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ ڪيتريون ئي سرڪاري عمارتون ٺھرايون ويون جھڙوڪ اسيمبلي بلڊنگ، گورنر ھائوس، چيف ڪورٽ بلڊنگ وغيره. شھر جو چڙيا گھر (Zoo) بھ انھن ڏينھن ۾ ٺھيو. اھا حقيقت آھي تھ آزاديءَ وقت ڪراچيءَ جي آبادي ساڍا چار لک ھئي ۽ ڪراچي ھندستان جو سڀ ۾ صاف سٿرو شھر ھو.

برٽش انڊيا اسٽيم نيويگيشن ڪمپني جنھن جا جھاز ڪراچي ۽ بمبئي جي وچ ۾ ھليا ٿي ڊيڪ ڪلاس (عرشي) تي سفر ڪرڻ وارن مسافرن کان ڀاڙو فقط پنج روپيا ورتو ٿي. ان جي مقابلي ۾ حاجي قاسم اسٽيم ڪمپني جي جھازن اڌ ڀاڙو ورتو ٿي ۽ مسافرن کي پنھنجن جھازن ۾ سفر ڪرڻ تي ھر کائڻ خاطر کين ھر سفر ۾ ھڪ عدد رومال تحفي طور ڏنو ٿي.

منھوڙي ٻيٽ تي خشڪي رستي بھ

پھچي سگھجي ٿو

ڪراچيءَ جي ترقيءَ ۾ جمشيد نسروانجي مھتا جو بھ وڏو ھٿ آھي. پاڻ پارسي ھو ۽ ڏھھ سال کن ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو صدر ٿي رھيو ۽ شاندار ميونسپل بلڊنگ ٺھرائين ھن بندر روڊ (ايم اي جناح روڊ) جھڙا نوان ۽ ويڪرا رستا ٺھرايا جن لاءِ مشھور آھي تھ روزانو گلاب جي پاڻيءَ سان ڌوتا ويا ٿي. اسان بھ سندس نالو مئٽرڪ ۾ ھئاسين 1961) ع ۾) تھ ٻڌوسين جڏھن اسين ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو کان سي اسڪائوٽ ٽريننگ لاءِ ڪراچي آيا ھئاسين ۽ جنھن پاڻيءَ جي جھاز تي سکيا ورتي ھئيسين اھو سمنڊ جي وچ ۾ ضرور ھو پر ڪاٺ جي بدران سيمنٽ جو ٺھيل ھو ۽ چرڻ پرڻ بدران عمارت وانگر ھڪ ھنڌ زمين ۾ کتل ھو. ھي جھاز ھن قسم جي سکيا ۽ راندين لاءِ جمشيد نسروانجيءَ ٺھرايو ھو ۽ اھو جھاز  "جمشيد نسروانجي لئنڊ شپ" سڏيو ويو ٿي. ھي جھاز مرچنٽ نيوي ڪلب ۽ PNSC بلڊنگ جي پٺيان واري سامونڊي حصي تي ٺھيل ھو.

ڪلفٽن تي ٺھيل ليڊ لائيڊ پيئر ۽ ڪوٺھاري پريڊ مرحوم سر جھانگير ڪوٺھاريءَ ٺھرائي جيڪو مشھور سياح ٿي گذريو آھي ۽ دنيا جي سڀني کنڊن جو نو دفعا سفر ڪيو اٿس. ھي ھمراھھ پڻ پارسي ھو.

ڪراچي ھاربر کان ٻھ ميل پري ٻھ ٽڪريون آھن جن لاءِ شروع ۾ لکي چڪو آھيان تھ انھن کي Oyster Rocks سڏجي ٿو. ھندو انھن کي رام جھروڪا سڏين ٿا. انھن ٽڪرين جي سامھون ھڪ ٻي پھاڙيءَ پڻ آھي جيڪا منھوڙي ٻيٽ تي آھي. سر چارلس نيپيئر ھن پھاڙيءَ جي ھيٺان ھڪ زبردست اسلحخانو ٺھرايو. ھيءَ ٽڪري ايڏي تھ مضبوط آھي ۽ بارود خانو ايڏو تھ ھيٺ آھي جو ٻاھران ڪيڏي بھ گولاباري ڪئي وڃي ان کي ڪجھھ بھ نقصان نٿو رسي سگھي.

منھوڙو جيتوڻيڪ ھڪ ٻيٽ آھي پر ھن جو اولھھ وارو حصو خشڪي ۽ پلين رستي زمين سان مليل آھي. منھوڙي ٻيٽ تي پھچڻ لاءِ ڪياماڙي تان ڀاڙي تي لانچون (موٽر بوٽون) ھلن ٿيون ۽ اڌ ڪلاڪ اندر ٻيٽ تي پھچائين ٿيون. منھوڙي ٻيٽ ڏي ڪي پي ٽي ۽ پاڪستان نيويءَ جي رھندڙ عملي لاءِ پڻ مقرر وقتن تي ٻيڙيون ھلن ٿيون. منھوڙي خشڪي رستي پنھنجي ڪار ۾ پڻ پھچي سگھجي ٿو. ان لاءِ ٽاور ۽ پوءِ کارادر اچجي. کارادر کان ماريپور روڊ سڌو گل بائي چونڪ تائين اچي ٿو جتي مورڙي ميربحر جي ڀائرن جو قبرون آھن. ان چوراھي تان ھڪ رستو ساڄي پاسي شيرشاھھ ۽ سائيٽ ڏي وڃي ٿو ٻيو سامھون PAF بيس مسرور ڏي- جتي پھچي کاٻي پاسي ماريپور ڏي وڃجي. ھي روڊ ھاڪس بي روڊ سڏجي ٿو. رستي تي نئون ٽرڪ اڏو اچي ٿو، ان بعد گريڪس وليج جتي رستي جي ڪناري تي ويھارو کن دڪان آھن. سواءِ ھڪ ٻن ھوٽلن جي باقي سڀ دڪان ڪوڪا ڪولا، سيون اپ وغيره وڪڻڻ وارن جا آھن. پاڪستان جو واحد سامونڊي ادارو پاڪستان مئرين اڪيڊمي بھ ھتي آھي. ان بعد اڳيان ماريپور جو شھر اچي ٿو جيڪو ختم ٿيڻ بعد رستو ٻھ طرف اختيار ڪري ٿو: ھڪ ساڄي پاسي جيڪو نيول ڪالوني، بـُـدني ڳوٺ، ھاڪس بي، پئراڊائيز پئانٽ، نيل، ۽ فرينچ بيچ  ڏي وڃي ٿو ۽ ٻيو کاٻي پاسي وارو يونس آباد ۽ ڪڪا ڳوٺ مان ٿيندو سئنڊس پٽ ڏي وڃي ٿو ۽ سئنڊس پٽ وارو علائقو پورو ٿيڻ تي نيوي جو ھڪ اسڪول پي. اين. ايس ھمالايا اچي ٿو جنھن مان لنگھي منھوڙي ٻيٽ تي پھچي سگھجي ٿو. ڪڪا ڳوٺ کان ھڪ رستو ساڄي بھ وڃي ٿو جيڪو پڻ ھاڪس بي کان وڃيو نڪري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: