سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: هي ٻيٽ هي ڪنارا

باب

صفحو :11

مون ھن ھوٽل جو نالو "منڊارن" ھانگ ڪانگ جي ھوٽل منڊران پٺيان رکيو. بھر حال 1972ع ۾ ٺھي راس ٿي پر اسان  1971ع کان ان جو ڪجھھ حصو شروع ڪري ڇڏيو. ھوٽل جي کلڻ جي رسم ڊاڪٽر گوح ڪئي جيڪو ان وقت ڊپٽي پرائيم منسٽر ھو. شروع جي ڏينھن ۾ ڌنڌو تمام ٿڌو رھيو ۽ ٽن سالن ۾ 15ملين ڊالر نقصان ٿيوسين. پر پوءِ جي ٽن سالن ۾ نھ فقط اھو نقصان ڪڍي ورتوسين پر عمارت جا بھ سڀ پئسا ڪڍي ورتاسين. ان کانپوءِ اڄ تائين اھا ھميشھ فائدي ۾ ھلي رھي آھي.

شروع کان ئي اسانجو ارادو ھو تھ جيڪڏھن ھوٽل ھلي وئي تھ اسان ڀرواري زمين پڻ وٺي ھوٽل کي وڌائينداسين. آگسٽ 1970ع ۾ اسان لوڪ فئمليءَ کان ٻيا ساڍا ٽي ھزار وال زمين خريد ڪري عمارت شروع ڪرائي. سنگاپور ۾ ايندڙ ٽوئرسٽن جو تعداد پڻ وڌي رھيو ھو. اسان ڪمرن جو تعداد وڌائي 1200 ڪيو ۽ ھوٽل جي Opening Ceremony ھڪ دفعو وري ڊاڪٽر گوح کان -1) آگسٽ1980 تي) ڪرائيسين.

مونکي ان ڳالھھ جي خوشي ۽ فخر آھي تھ اسانجي سنگاپور واري منڊارن ھوٽل اڄ دنيا جي بھترين ھوٽلن مان ھڪ آھي. ھن  ھوٽل ڪري اسانجي اوور سيز يونين انٽرپرائيز اسان جي ڪمپنين جي گروپ جو اھم حصو آھي. اسان جي گروپ جي ھن ڪمپنيءَ جو مرينا منڊارن ھوٽل ۾ پڻ وڏو حصو آھي ۽ ان کان علاوھ چين، ملائيشيا، ٿائلنڊ ۽ ترڪيءَ جي ٻين ھوٽلن ۾ پڻ اسانجا وڏا حصا آھن. اسان جي ھن ڪمپنيءَ سنگاپور ۾ منڊارن گارڊن ۽ ڪنڊومينم جي نالي سان ھزار کن گھر پڻ ٺاھيا آھن.

1960 ع کان وٺي  1970ع تائين وارا سال مون لاءِ بيحد ڏکيا ھئا. مون کي ھڪ ئي وقت ھوٽل ۽ بئنڪ کي ڏسڻو پيو ٿي. ان کان علاوھ مختلف ملڪن ۾ اسان جي ٺھيل آفيسن جي بھ نگھباني ڪرڻي پيئي ٿي. مون کي روزانو ٻارھن ڪلاڪ کن ڪرسيءَ تي ويھي لکپڙھ جو ڪم ڪرڻو پيو ٿي، ان کان علاوھ وڏن واپارين، سرڪاري ڪامورن ۽ سياستدان کي entertain بھ ڪرڻو پيو ٿي. پر ان سڄي محنت جي مونکي سٺو ڦل مليو ٿي. مون وٽ ان وقت فقط سنگاپور جي ٻن ھوٽلن منڊارن ۽ مرينا منڊارن ھوٽلن جا 2000 کن ڪمرا ھئا. ۽ مون ٻنھي ھوٽلن کي ھڪ ٻئي کان وڌ ڏسڻ چاھيو ٿي.

ملائيشيا جو پھريون پرائيم منسٽر ۽ بابا ملائيشيا تنڪو عبدالرحمان ٻي وڏي لڙائي کان اڳ کان وٺي دوست ھو. اسان کي  اھا خبر نھ ھئي تھ ھڪ ڏينھن سنگاپور ۽ ملائيشيا ڌار ٿي ويندو. 9 آگسٽ 1965ع تي جڏھن آئون پنھنجي زال سان اسپين جي ھڪ ٻيٽ ميورڪا (Majorca) تي موڪلون ملھائي رھيو ھوس تھ ھوٽل جي مئنيجر اچي اھا خبر ٻڌائي تھ سنگاپور ۽ ملائيشيا ڌار ٿي ويا آھن. مون سنگاپور فون ڪر معلوم ڪيو تھ خبر پيئي تھ سنگاپور جي نئين حڪومت مونکي سفير بنائڻ چاھي ٿي. آئون پنھنجي ٽرپ کي اتي ئي ڪئنسل ڪري زال سان سنگاپور موٽيس.

سنگاپور موٽڻ تي سنگاپور جي وزير خارجھ مسٽر ايس راجا رتنام (جيڪو سائوٿ انڊين تامل آھي) مونکي گھرائي مون کان پڇيو تھ آيا آئون جپان ۾ رھڻ چاھيندس يا ٿائلنڊ ۾؟ مون کيس ٻڌايو تھ في الحال ٻئي ملڪ مون لاءِ ڏورانھان آھن جو منھنجو سنگاپور ۾ ڌنڌو آھي، اھو رلي ويندو. بھر حال ھن کي بنھھ انڪار ڪرڻ بدران مون سوچڻ لاءِ ڪجھھ عرصي جي مھلت گھري. سال کن بعد راجا رتنام مونکي گھرائي ملائيشيا جو ائڪتنگ ھاءِ ڪمشنر بڻايو. سنگاپور جي آزاد ۽ جدا ٿيڻ تي شروع شروع ۾ مونکي عجيب اڻ تڻ ھئي تھ اسانجو ھڪ ٻيٽ نما ننڍو ملڪ آھي ان جو ڪاروبار ڪيئن ھلندو. پر ھاڻ ڏينھن تي ڏينھن گذرڻ تي مونکي محسوس ٿيڻ لڳو آھي تھ خودمختيار ملڪ ٿيڻ ڪا خراب ڳالھھ ناھي. بلڪ ٿوري گھڻي Competition سٺي ڳالھھ آھي جنھن سان ٻنھي ملڪن جي ترقي ٿي سگھي ٿي. شروع شروع ۾ اسانکي واقعي تڪليف ٿي جو سنگاپور ھڪ تمام ننڍو ٻيٽ آھي. ان کي تھ ويندي پاڻي بھ ملائيشيا مان گھرائڻو پوي ٿو.

دنيا جي ٻين سفيرن کان مونکي

وڌيڪ عزت ملي ٿي

ملائيشيا کان جدا ٿيڻ کانپوءِ اسانکي سنگاپور کي اڄ جي صورت ۾ آڻڻ لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پيئي. ملائيشيا سفير ٿي وڃڻ کان اڳ آئون پرائيم منسٽر لي ڪئان يو سان ملڻ ويس. ھن چيو: "مسٽر چائو تون ملائيشيا جي پرائيم منسٽر تنڪو عبدالرحمان کي بھ سڃاڻين ٿو، تون مونکان بھ واقف آھين. ان ڪري توکان وڌيڪ ٻيو ماڻھو ٿي نٿو سگھي جو اسان ٻنھي جي و چ ۾ دوستي ۽ Understanding جو ماحول پئدا ڪري". ۽ پوءِ ھن چيو، "مونکي پڪ آھي تھ تون پنھنجي ملڪ سنگاپور لاءِ بھتر ئي ڪندين". ۽ مون وراڻيو: "جي ھا، مسٽر لي، توھان بي فڪر رھو، آئون پنھنجي وت آھر بھتر ئي ڪندس". بس اسان جي اھا ئي مختصر ڳالھھ ٻولھھ ٿي.

مارچ1966ع ۾ آئون ڪوالالمپور روانو ٿيس ۽ 42 مھنن لاءِ سنگاپور جو ھاءِ ڪمشنر ٿي رھيس. پھريان ڪجھھ مھنا ائڪٽنگ ھاءِ ڪمشنر ٿي ڪم ڪيم. ملائيشيا جو پرائيم منسٽر تنڪو عبدالرحمان، ھن جو ڊپٽي تن عبدالرزاق ۽ ٻيا ڪيترائي وزير منھنجا پراڻي زماني کان دوست ھئا جڏھن اسان گڏجي ويھي ملايا جي خودمختياريءَ لاءِ جدوجھد ڪندا ھئاسين. اسانجي دوستي ياريءَ ڪري منھنجي ڊيوٽي سولي ٿي پئي. سنگاپور ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ڪنھن بھ قسم جي ڪم ڪار پوري ڪرڻ، يا ڪا غلط فھمي دور ڪرڻ لاءِ ٻنھي ملڪن جون حڪومتون مون ڏي پر اميد نظرن سان ڏسنديون ھيون. مونکي رڳو فون کڻڻ جي دير ٿيندي ھئي ۽ معاملا پاڻھي طئي ٿي ويندا ھئا. مسٽر لي ڪا ڳالھھ ملائيشيا وارن کان چاھيندو ھو تھ آئون يڪدم فون تي ڊئريڪٽ تنڪو کي چوندو ھوس. ڪنھن ڳالھھ تي تنڪو ناخوش ھوندو ھو تھ آئون پنھنجن حاڪمن کي سمجھائيندو ھوس ۽ پوءِ ان ئي وقت ملائيشيا واري پاسي ٻڌائيندو ھوس.

ڪابينا جي وزيرن جون جيڪي دعوتون ٿينديون ھيون، انھن ۾ مونکي ھميشھ گھرايو ويندو ھو. ان ۾ ڪو واڌارو نھ آھي تھ مونکي دنيا جي ٻين سفيرن کان وڌيڪ ۽ جھٽ پٽ، ترجيح ملي ٿي. ساڳي وقت اسان جي وزير خارجھ راجا رتنام کي بھ مون سان ڳالھائيندي وڌيڪ بي تڪلفي محسوس ٿي ٿي جو اسان پراڻا دوست ھئاسين. سفير جي حيثيت ۾ مون حڪومت جو ھڪ ٽڪو بھ خرچ نھ ڪيو. مون نھ پگھار ورتو ٿي ۽ نھ ڪو ٻيو خرچ پکو. مون وٽ پنھنجو سڀ ڪجھھ ھو ۽ پنھنجو خرچ ڪندي ۽ وقت ڏيندي مونکي دلي خوشي ٿي ٿي تھ آئون سنگاپور ۽ ملائيشيا لاءِ سٺي خدمت ڪري رھيو آھيان. سنگاپور جي حڪومت مونکي اھا بھ ڇوٽ ڏئي ڇڏي ھئي تھ آئون "سفير" ھجڻ جي سرڪاري نوڪريءَ سان گڏ پنھنجي بئنڪ جي چيئرميني بھ قائم رکندو اچان.

منھنجي حڪومت مونکي ھاءِ ڪميشن (سفارتخاني) لاءِ پنھنجي عمارت ٺھرائڻ جي سلسلي ۾ پٽ خريد ڪرڻ لاءِ چيو. ڪوالالمپور ۾ گولف ڪلب جي ڀر ۾ ايسو (ESSO) ڪمپني وارن جو وڏو پلاٽ ھو. ايسو وارن سان منھنجي وڏي عرصي سان ڄاڻ سڃاڻ ھئي. مون ھنن کي منٿ ميڙ ڪئي تھ ھو اھو پٽ پنجاھ ھزار ڊالرن ۾ اسانکي وڪڻي ڏين جيتوڻيڪ ان وقت بھ ان  جي اصل قيمت وڏي ھئي. اسان اتي پنھنجي ھاءِ ڪميشن ٺاھي. منھنجي زال انٽيريئر ڊيڪوريشن کي ڏسڻ ۾ مدد ڪئي ۽ مون ٻاھر جو باغيچو ٺاھيو. مون پنھنجي لاءِ سنگاپور کان پنھنجو بورچي آندو ھو پر وڏين دعوتن ۾ مونکي ڪوالالمپور جي مڪاني ھوٽلن مان پڻ بورچين جي مدد ملي وئي ٿي. ڪڏھن ڪڏھن وڏن ماڻھن جي دعوت، گھر ۾ ڪرڻ بدران، پنھنجي بئنڪ جي برانچ آفيس جي پينٽ ھائوس ۾ ڪئي ٿي. اھو مائونٽ بئٽن روڊ تي ھو. آئون ۽ منھنجي زال ڪوالالمپور ۾ چڱا مشھور ٿي وياسين ۽ سخت مشغول زندگي گذارڻ لڳاسين.

اسان پير پنڌ ڀرڻ لاءِ ملائيشيا جي مختلف رياستن جي سلطانن وٽ ويندا ھئاسين جيڪي اسان جي وڏي گرمجوشيءَ سان آڌر ڀاءُ ڪندا ھئا. منھنجي نوڪريءَ جو ٽرم آگسٽ 1969ع ۾ ختم ٿيو ۽ ڪوالالمپور ڇڏڻ کان اڳ اسان ملائيشيا جي بادشاھھ سان ملڻ وياسين. ھن اسان کي چانديءَ جي فريم ۾ پنھنجو ۽ راڻيءَ جو فوٽو تحفي ۾ ڏنو. وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان، تن رزاق ۽ تن ڊاڪٽر اسماعيل پڻ اسانجي مان ۾ وڏيون دعوتون ڪيون. ان وقت کان وٺي، اڄ تائين عيدالفطر تي آئون ھميشھ ھنن پراڻن دوستن وٽ ڪوالالمپور ۾ ويندو رھان ٿو. ڪيترا مونکي ھينئر بھ "يوئر ايڪسيلنسي" چئي مخاطب ٿيندا آھن پر آئون کين ھميشھ اھو ئي چوندو آھيان تھ بابا آئون ھاڻ ڊپلومئٽ نھ رھيو آھيان.

ڪوالالمپور (ملائيشيا) ڇڏڻ وقت اسان جنھن وٽ آخر ۾ ڪرٽسي ڪال ڀريو اھو جوھور رياست جو سلطان ھو. ان بعد "ڪاز وي" (پل) ٽپي اسان جو ملڪ (ٻيٽ) سنگاپور ٿو اچي. جوھور جي سلطان اسانکي سندس "بڪت سيرين" واري محل ۾ لنچ ڪئي ھئي. مانيءَ بعد موڪلائي نڪتاسين تھ واٽ تي مون واري پراڻي ڪار لنڪن خراب ٿي پيئي اسان کي بيھڻو پيو. سلطان بھ اسان جي پٺيان ھو تنھن بھ پنھنجي گاڏي بيھاري ۽ اسان کان بيھڻ جو سبب پڇيو. ھن کي ڏاڍو افسوس ٿي رھيو ھو جو ھو ڪنھن وڏي ڪار ۾ ھجڻ بدران ننڍڙي اسپورٽس ڪار ۾ ھو جنھن ۾ وھڻ لاءِ کائنس علاوھ فقط ھڪ باڊي گارڊ جي وھڻ جي جاءِ ھئي. پر پان اسانکي چيو "پرواھ نھ ڪريو، آئون توھان کي ھينئر جو ھينئر سنگاپور موڪلڻ جو بندوبست ڪريان ٿو." ۽ پوءِ اسان سان گڏ رستي تي ٿي بيٺو ۽ سندس رياست جوھور جي نمبر پليٽ واري ڪنھن وڏي گاڏيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳو. آخر ھڪ لنگھي جنھن کي بيھاري، ڪار جي مالڪ چيو: "آئون توھان جو سلطان آھيان. ھز ايڪسيلنسي سنگاپور جي ھاءِ ڪمشنر جي ڪار خراب ٿي پئي آھي. توھان منھنجي پاران ھن کي پاڻ سان سنگاپور وٺي وڃو." اھو ٻڌي آئون ڏاڍو خوش ٿيس.

جپاني ٿائلنڊ کي نقصان نھ پھچائي سگھيا

ٿائلنڊ بھ مون لاءِ  اسپيشل ملڪ رھيو آھي. ٿائلنڊ ۾ رھندڙ منھنجا ڪيترائي چيني دوست مون واري صوبي سواتو جا آھن ۽ منھنجا ھم عمر ئي آھن. 1949ع کان وٺي منھنجو ٿائلنڊ وڃڻ ٿيندو رھيو آھي. بئنڪاڪ جا ٽاپ بئنڪر منھنجي علائقي جا چيني آھن جن سان منھنجو شروع کان ئي واسطو رھيو آھي. منھنجو ھڪ تھ سٺو دوست مسٽر تان پـِـيات چـِـن (جنھن جو ٿائي نالو چن سوفون پانيچ ھو)، بئنڪاڪ بئنڪ جو پريزيڊنٽ ھو. ٻي وڏي لڙائيءَ کانپوءِ جڏھن ھو سنگاپور ۾ بئنڪ کولڻ لاءِ جاءِ ڳولي  رھيو ھو تھ مون ھن کي پنھنجي ڪمپني "واھ ھن" واري بلڊنگ (جيڪا رابنسن روڊ تي ھئي) جي مٿين ماڙ جي آڇ ڪئي. مون ھنن کي اھا جاءِ سڄي سال لاءِ بنا مسواڙ جي ڏني جيسين ھنن نيو برج روڊ تي پنھنجي عمارت خريد ڪئي. اھو دوستي جو اظھار ھو جيڪو اسان ٽيوچو زبان ڳالھائڻ وارا چيني ڪندا آھيون. اھو نھ تھ مسٽر چن مسواڙ نٿي ڏيڻ چاھي، پر مون وٺڻ کان صاف انڪار ڪيو. ھڪ ڏينھن ھن مونکي اوميگا پليٽينم واچ تحفي ۾ ڏني جنھن جي قيمت پڪ ھزار ھا ڊالرن ۾ ھوندي.

سال کن رکي پوءِ مون بھ جڏھن پنھنجي اوور سيز يونين بئنڪ (OUB)کولي تھ ٿائلنڊ جي ھڪ ٻي مشھور چيني شخصيت مسٽر تي گانگ لائو (جنھن جو ٿائي نالو انڊين تيجا پائيبل ھو) ۽ بئنڪاڪ ميٽرو پوليٽن بئنڪ جو صدر ھو، منھنجي مدد لاءِ مئنيجر موڪليا. منھنجي سوڪرم ناواپان سان پڻ سٺو رستو رھيو. پاڻ ٿائي مليٽري بئنڪ جو صدر ھو. مسٽر چولنگ (بانچا) رام سم جيڪو ٿائي فارمس بئنڪ جو صدر ھو، سان پڻ منھنجي سٺي ياري دوستي رھي ۽ ھڪ ٻئي جي ڪم ايندا رھياسين. اسين سڀ ٽيوچو زبان ڳالھائڻ وارا چيني ھئاسين. اسان جي بئنڪن ھڪ ٻئي جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪيو ٿي. مون راءِ ڏني تھ ٿائي بئنڪون بارٽر سسٽم ۾ حصو وٺن. ٿائي ماڻھو اسان ڏي چانور موڪلين ۽ اسين سنگاپور کان دٻن ۾ بند ٿيل کاڌو ۽ ٻيو امپورٽيڊ سامان موڪليون. ھي ايل سي (Letter of Credit) ذريعي ڪم شروع ڪيو ويو. جنھن ۾ ٻنھي پاسن جي ڌرين کي فائدو رسيو ٿي. ٿائلنڊ کان چانور آڻيندڙ جھازن کي خالي نٿي موٽڻو پيو. ھنن کي ان جي بدلي سنگاپور مان سامان کڻي وڃڻو پيو ٿي. منھنجي ٿائي شھنشاھي خاندان سان پڻ سٺي ڏيٺ ويٺ ٿي وئي. ھو جڏھن بھ سنگاپور ايندا ھئا تھ سندن خدمت چاڪريءَ جو بندوبست آئون ڪندو ھوس ۽ بئنڪاڪ ۾ آئون بھ ڪڏھن ڪڏھن ھنن جو مھمان ٿي رھندو ھوس.

ٿائلنڊ جي وزيراعظم جي راءِ تي ٿائلنڊ جي بادشاھھ مونکي ‘Noble Order of the Crown of Thailand’ جي ڪمانڊر جو اعزاز ڏنو.  ھي ھڪ تمام وڏو اوارڊ آھي. مونکي فخر آھي تھ آئون پھريون سنگاپوري باشندو آھيان جنھن کي ھي  اعزاز مليو. ٿائلنڊ ۽ اسان جي OUB (اوور سيز يونين بئنڪ) گروپ جا تعلقات اڃان تائين سٺا ھلندا اچن. ٿائلنڊ جي ھر وزيراعظم جا مونسان دوستن وارا ناتا رھيا آھن. گھرو معاملن ۾ ٿائي ماڻھو بھ چينين وانگر آھن، ھو پاڻ کان وڏي جي عزت ڪن ٿا. گذريل زماني ۾ جڏھن انگريز ۽فرينچ بيحد طاقتور ھئا ۽ ھنن آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن کي پنھنجيون ڪالونيون پئي ٺاھيو، پر ٿائلنڊ جي حاڪمن ۽ عوام پنھنجي ملڪ کي ڪالوني ٿيڻ کان بچائي ورتو ۽ ٻي عالمي لڙائيءَ ۾ جيتوڻيڪ جپاني ٿائلينڊ پھچي ويا پر ھنن ٿائلنڊ وارن کي ڪو خاص نقصان نھ رسايو. ٿائلنڊ جو بادشاھ ئي رھيو ۽ جپانين ڪڏھن بھ ائين نھ چيو تھ ”ٿائلنڊ تي ھاڻ اسانجو قبضو آھي. اسان ھن ملڪ کي بدلائڻ چاھيون ٿا“.

پنھنجي ڪمائيءَ جو ڪجھھ حصو

ھميشھ غريبن کي ڏجي

جڏھن آئون ننڍو ھوس تھ آئون پڙھي نھ سگھيس. ننڍي ھوندي ئي يتيم ٿي ويس. ملڪ ۾ ڏڪاري حالتون ھيون. پڙھڻ پوءِ جي ڳالھھ ھئي مزوري ڪري پيٽ جي باھھ وسائڻ ۾ ئي پورو ھوندو ھوس. ان بعد اسڪول وڃڻ کان وڏو ٿيس ۽ پوءِ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انھن ئي ماڻھن کي رکڻو پيو جيڪي تعليم يافتھ ھئا. اھو ھنن لاءِ بھ سٺو ھو ۽ مون لاءِ بھ سٺو ھو. جن ماڻھن سان منھنجي اٿڻي ويھڻي ھئي ۽ جنھن سوسائٽي ۾ آئون رھيس ٿي اھا منھنجي لاءِ يونيورسٽي ھئي. آئون تھ اھو چوندس تھ انسان جي تعليم وٺڻ جي عمر وئي ناھي. ھو ھر دور ۾ تعليم حاصل ڪري سگھي ٿو. آئون جڏھن ٻار ھوس تھ غربت ڪري چين ۾ مونکي تھ اسڪول وڃڻ نصيب نھ ٿيو ھو سو منھنجي ھميشھ اھا خواھش رھي آھي تھ غريب ٻآرن جي مدد ڪجي جيئن ھو تعليم وٺي سگھن.

جڏھن کان آئون پيرن تي بيٺس- يعني 22 سالن جي ڄمار تي پھچي پنھنجو ڌنڌو شروع ڪيم تڏھن کان پنھنجي ڪمائيءَ جو ڪجھھ حصو ھميشھ تعليم لاءِ ڪڍندو اچان. انگريزن جي حڪومت ۾ فقط ذھين شاگردن کي برٽش اسڪولن ۾ داخلا ملي سگھي ٿي. پوءِ چيني واپارين ھمت ڪئي ۽ چندا جمع ڪري عوام لاءِ ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کوليائون جيئن غريبن جا ٻار بھ تعليم جھڙو زيور حاصل ڪري سگھن. مونکي خوشي آھي تھ انھن سخي مردن ۾ آئون بھ ھڪ ھوس جن نانيانگ يونيورسٽي ۽ نگي ائن ڪاليج (جيڪو ھينئر نگي ائن پولٽيڪنڪ سڏجي ٿي) کي ٺھرائڻ ۾ حصو ورتو. مون نئشنل يونيورسٽيءَ کي بھ چڱو پئسو ڏنو ٿي جيئن انھن شاگردن جي مدد ٿي سگھي جيڪي ٽيوشن افورڊ نٿا ڪري سگھن. منھنجي لاءِ اھا خوشي ۽ عزت جي ڳالھھ آھي تھ آئون نئشنل يونيورسٽي ڪائونسل جو ڏھن سالن کان بھ مٿي چيئرمين ٿي رھيس.

مون پنھنجي ذات ليئين (Lien) نالي 1980ع ۾ Lien Foundation قائم ڪئي جيڪا ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ لاءِ خيرات ڏئي- خاص ڪري تعليم جي ميدان ۾. پراڻن ڏينھن ۾ سنگاپور جي شاگردن کي چين جي يونيورسٽين ۾ موڪليو ويو ٿي. پر 1949ع ۾ مائوءَ جي اچڻ کان پوءِ جڏھن چين جي سياسي سوچ بدلي، ھنن جو چين وڃڻ بند ٿي ويو. پوءِ چائنيز چئمبر آف ڪامرس وچ ۾ آيو جيئن ڪا واھھ ڳولھي سگھجي. جنوري 1953۾ تان لارڪ ساءِ (Tan  Lark Sya) نانيانگ يونيورسٽي کولڻ جي رٿ پيش ڪئي پر انگريز حڪومت ڪا دلچسپي نھ ڏيکاري. ان ڪري اسان واپار سان واسطو رکندڙ چينين ھڪ لميٽيڊ ڪمپني ٺاھي. ھڪ ھوڪين ڳالھائيندڙ چيني "ھوئي ڪئان" (Huay  Kuan) ان يونيورسٽيءَ لاءِ جورونگ جي علائقي ۾ پنھنجي 500 ايڪڙ زمين (جنھن تي ھن رٻڙ جي پوک ڪئي ٿي) Donate ڪيا. مون ھر ٻيو ڏينھن اوڏانھن گذاريو ٿي. آرڪيٽيڪٽ انجنيئر سان بحث مباحثو ڪرڻ، گاھھ ۽ وڻ ڪٽرائڻ، انھن جا لاھھ ڪڍرائي عمارت ٺاھڻ جي قابل بنائڻ، وغيره وغيره. مسٽر تان لارڪ ساءِ جنھن رٻڙ جي پوک مان وڏي ملڪيت ميڙي ھئي تنھن پنج ملين ڊالر پڻ ڏنا. اڌ ملين ڊالر مون بھ چندي ۾ ڏيڻا ڪيا پر جيئن تھ آئون انھن ڏينھن ۾ ھڪ ھلڪو ڦلڪو بزنس مئن ھوس سو اھا رقم ھڪ ئي وقت ڏيڻ بدران مون ٻن سالن ۾ قسطون ڪري ڏني.

مون آمريڪا وڃي ڊاڪٽر لـِـين يو تاگ کي مڃرايو تھ ھو اسانجي يونيورسٽيءَ جو پھريون چانسلر ٿئي. پاڻ وڏو اسڪالر ۽ ليکڪ آھي. پاڻ منھنجي چوڻ تي ڪجھھ عرصي لاءِ اسانجي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿي رھيو.

بلڊنگون ڏسڻ ۽ ٺھرائڻ منھنجو شوق رھيو آھي. ڪنھن سٺي ھوٽل يا بئنڪ جي ٺھڻ جو ٻڌندو آھيان تھ ھلي وڃي ان کي ڏسي ايندو آھيان- چاھي کڻي ڪٿي بھ ھجي. گھڻو اڳ نيويارڪ جي وال اسٽريٽ تي مون ارونگ ٽرسٽ جي بلڊنگ ڏٺي. ان بلڊنگ جي ائڊريس نمبر 1، وال اسٽريٽ ھئي. مون بھ پنھنجي بئنڪ جي ائڊريس 1رئفلس پليس رکڻ چاھي ٿي جنھن ۾ آئون ڪامياب ٿيس.

آئون بيحد خوش آھيان تھ مون زندگيءَ ۾ گھڻو ئي ڪجھھ ٺاھيو خاص ڪري جڏھن تھ آئون خالي ھٿين چين کان آيس. پر اھو آھي تھ مون وٽ سخت محنت ڪرڻ جي قابليت ھئي. اڄ آئون پنھنجي ڪمائيءَ جو 48سيڪڙو ان ئي سوسائٽي ۽ ملڪ جي ضرورتمندن کي امداد طور ڏيان ٿو جن کان آئون ڪمايان ٿو. ھي فلسفو آئون پنھنجي پيءُ کان سکيس جيڪو جيتوڻيڪ ايڏو امير نھ ھو پر ھن کي پنھنجي ڳوٺ جي ماڻھن جي مدد ڪندي خوشي ٿي ٿي. ھن مونکي ھميشھ اھا نصيحت ڪئي ٿي تھ پنھنجي ڪمائيءَ جو ڪجھھ حصو غريبن ۽ ضرورتمندن کي خيرات ۾ ضرور ڏجي.

سنگاپور جي مسٽر ڄائو واري ڪھاڻيءَ ۾ ڏنل فوٽ نوٽس

-1 چين توڙي جپان، انڊنيشيا ۽ ملائيشيا وغيره ۾ اھو رواج ھلندو اچي تھ ڪن خاص رنگن جو استعمال فقط شاھي گھراڻو يا ملڪ جا حاڪم ئي ڪري سگھن ٿا. جيئن اڄ بھ ملائيشيا ۾ ڦڪو (زردو) رنگ ملئي سلطانن جي نشاني سمجھيو وڃي ٿي.

-2 اوڻھين سڄي صدي چين ۾ مردن ۾ چوٽي رکڻ جو رواج ھو. مذھبي توڙي سماجي لحاظ کان مرد لاءِ چوٽي رکائڻ ضروري سمجھيو ويو ٿي. ايتريقدر جو سنگاپور جي ھڪ مشھور امير واپاري ھئمپوئا جو پٽ انگلنڊ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري موٽڻ مھل چوٽي ڪٽائي، انگريزي ھيئر ڪٽ ڪرائي آيو تھ سندس پيءُ کيس سنگاپور ۾ رھڻ بدران يڪدم سندس اباڻي وطن چين موڪلي ڇڏيو تھ وڃي سڌري اچي.

-3 چينين جي ميٿالاجي مطابق ٻارھن سالن جو چڪرو ٿئي ٿو ۽ ھر سال ڪنھن جانور (ڀولڙي، ڪوئي، شينھن سوئر وغيره) جو سال ٿئي ٿو ۽ ان سال ۾ ڄاول ٻار جي وصفن ۽ عادتن تي ان جانور جي سٺاين ۽ مداين جو اثر رھي ٿو. اھي جانورن جا سال وري پنجين پنجين چڪر ۾ وڌيڪ اھم ٿيو پون- يعني جملي سٺ سالن ۾ ھر ھڪ جانور ھڪ دفعو گھڻو اھم ٿيو پوي جيئن مسٽر چائو جي ڄمڻ واري گھوڙي جو سال ھو. اھو خاص سال ھو جنھن ۾ اھو باھھ جو گھوڙو سڏجي ٿو.

-4 چينين جي نئين سال واري ڏينھن تي جيڪا ٻارن کي خرچي ملي ٿي اھا چيني زبان ۾ انگ پائو سڏجي ٿي. انگ پائو (Ang  Pow)  گھڻو ڪري ڳاڙھن لفافن ۾ وجھي ڏني ويندي آھي ۽ نھ فقط پنھنجن ٻارن کي پر مائٽن ۽ دوستن جي ٻارن کي پڻ ڏني ويندي آھي جيڪي ان ڏينھن تي گھمڻ ايندا آھن. ھي چيني لفظ انگ پائو ھن پاسي جي ملڪن (ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور وغيره) ۾ ايڏو عام ٿي ويو آھي جو ويندي عام خرچي يا بونس بھ انگ پائو سڏيو  وڃي ٿو. ويندي رشوت کي پڻ. (ھونءَ ھانگ ڪانگ ۾ جتي سنگاپور وانگر منڊارن چيني زبان بدران ڪئنٽونيز چيني زبان سرڪاري ٻولي آھي، انگ پائو کي لائي سي (Lai  See) چون.

-5 ڪيٽي وزن جو ماپ آھي ۽ ھڪ ڪلو گرام کان گھٽ ٿئي ٿي. ھن پاسي (ڏور اوڀر) جي ملڪن ۾ اناج يا ميوو سير، ڪلو گرامن يا پائونڊن ۾ تورڻ بدران ڪيٽين ۾ تورين. ڪيٽي (Kati) ملئي زبان جو لفظ آھي پر ھن پاسي جا چيني توڙي مدراسي عام طور اھائي تور استعمال ڪن. جيئن اسان وٽ ان جون پاٽيون يا ڪاٺين جي لـَـڏ.

-6 رور وئلي  (River  Valley) روڊ ڪولمئن پل وٽان شروع ٿي ڪليمانجارو ايوينيو تائين ھليو وڃي ٿو. رور وئلي پل جي ساڄي پاسي (اتر اوڀر ۾) فورٽ ڪئننگ پارڪ آھي ۽ کاٻي پاسي آرڊ روڊ، ريڊ اسٽريٽ، ڪئننگ لين وغيره آھن. ليانگ ڪورٽ ۽ ھوٽل نيو اوتاني بھ اتي آھن. مسٽر چائو کي اڄ مني صدي گذرڻ بعد بھ اھو Exact ھنڌ ياد آھي جتي ھو چاچي سان گڏ سئمپان (Sampon) مان لٿو ھو ۽ سنگاپور ٻيٽ جي ڌرتيءَ تي پھريون قدم رکيو ھو.

-7 پئسي وارو ٿيڻ بعد مسٽر چائو پنھنجن ٻين مائٽن جو بھ خيال رکيو. سندس ھڪ مائٽ ٻڌايو تھ چائوءَ اھو انسان آھي جنھن ھر ان ماڻھوءَ جي مدد ڪئي ۽ ان کي اڳتي وڌايو جنھن ھن جي (چائو جي) غربت وارن ڏينھن ۾ سندس مدد ڪئي. بئنڪاڪ وارو سندس چاچو جنھن چائوءَ کي سنگاپور پھچايو، ان کي چائوءَ پنھنجي ڪمپنيءَ ۾ اسٽور مئن ڪري رکيو. ھو آھستي آھستي وڌندو ويو تانجو ان ڪمپنيءَ جو وڃي چيئرمين ٿيو.

-8 ھي فريزر اھو آھي جنھن جي نالي ملائيشيا ۾ مشھور خوبصورت  ٽـَـڪري (Hill Resort) فريزر ھل نالي آھي.

-9  لوڪ يو  (Loke Yew) ھڪ امير ۽ وڏو سخي مرد چيني ھو جيڪو سنگاپور ۾ ھڪ غريب ٻار جي حيثيت ۾  1858ع ۾ آيو ۽ اڳتي ھلي رٻڙ ۽ ٽين جي واپار ۾ وڏو پئسو ٺاھيائين. ھن رئفلس ڪاليج ۽ ڪيترين ئي اسپتالن کي پنھنجي کيسي مان وڏا فنڊ ڏنا.

 -10 مسٽر چائو جيتوڻيڪ پنھنجي ڪم جي نوعيت لاءِ اھو ئي چوندو رھي ٿو تھ مزيدار ۽ سولو آھي پر حقيقت ۾ ھن کي سخت محنت ڪرڻي پيئي ٿي جنھن جو اعتراف سنگاپور جا حاڪم پڻ ڪن ٿا. مسٽر چائوءَ لاءِ راجا رتنام (سابق وزير خارجھ) ويجھڙائيءَ ۾ ھڪ ھنڌ بيان ڏنو ھو تھ:

“Mr. Lien Ying Chow knew lots of People. A professional diplomat cannot move around so easily. A shrewed businessman has a knack for discounting disinformation. He was very useful in Singapore”.

سنگاپور ھڪ ٻيٽ بھ آھي تھ ملڪ بھ

سنگاپور ٻيٽ بابت ھتي گھڻو تفصيلي احوال لکڻ نٿو چاھيان. ھن ٻيٽ بابت ھر روز اخبارن ۾ مختلف ماڻھن جا سفر ناما ايندا رھن ٿا. منھنجو بھ ھن ٻيٽ سان ستر واري ڏھاڪي کان وٺي واسطو رھيو آھي. جپان، ڪوريا، ھانگ ڪانگ، ٿائلنڊ ۽ چين وغيره ايندي ويندي سنگاپور ۾ جھاز ۽ جھاز جي عملي جي ضرورت جو سامان کڻڻ لاءِ جھڙوڪ، تيل، پاڻي، مشينري ۽ کاڌي جو سامان. ان بابت انھن ڏينھن جو احوال مختلف سفرنامن ۾ لکندو رھيس. ان بعد ملائيشيا ۾ اٺ نـو سال رھڻ دوران ھر وقت سنگاپور اچڻ وڃڻ لڳو رھيو ۽ بس، ڪار ۽ ٽرين رستي سنگاپور ۽ ملائيشيا جي وچ۾ سفر ڪرڻ ائين آھي جيئن حيدرآباد کان ڪراچي اچجي. بھر حال انھن ڏينھن جي سنگاپور بابت تفصيلي احوال ھنن ٽن ڪتابن ۾ آھي:

-   سنگاپور ويندي ويندي

-   سنگاپور ٿو سڏ ڪري، ۽

-   آل ابائوٽ سنگاپور.

ان ڪري ھتي، ھن مشغول ۽ ماڊرن ٻيٽ بابت وڌيڪ لکڻ اجايو ثابت ٿيندو. مختصر ھن ريت تھ ھي ٻيٽ انگريزن پاران ھنن جي نمائندي سراسٽئمفورڊ رئفلس ھتي جي ملئي حاڪم کان ھٿ ڪري ٺاھيو جوڙيو. انھن ڏينھن ۾ رئفلس بينڪولين جو ليفٽيننٽ گورنر ھو. بينڪولين (جنھن  کي ملئي زبان ۾ بينگڪولو بھ سڏين) انڊونيشيا جي ٻيٽ سماترا جو انھن ڏينھن ۾ مشھور بندرگاھھ ھو. انھن  ڏينھن ۾ انڊيا جو گورنر جنرل لارڊ ھئسٽنگس ھو. ھن جي اجازت سان رئفلس ھن ويران ٻيٽ (سنگاپور) جي ڳالھھ چوري ۽ پھريون دفعو  28جنوري  1819ع ۾ ھن ٻيٽ تي قدم رکيو. انھن ڏينھن ۾ سنگاپور جي ڀروارو ٻيٽ ريائو وڏي شان شوڪت وارو ھو جتي ھن تـَـر جو ملئي حاڪم ۽ ٻيا مان شان وارا ماڻھو  رھيا ٿي. پر پوءِ اسٽئمفورڊ رئفلس ۽ ان کانپوءِ وارن ٻين انگريز حاڪمن ۽ ھن دور ۾ ھن ٻيٽ جي چيني پرائيم منسٽر لي ڪئان يو ھن ننڍڙي ۽ پٺتي پيل ايشيائي ٻيٽ کي ھڪ سھڻو، ماڊرن، پرامن ۽ طاقتور ملڪ بنائي ڇڏيو آھي.

جتي ملائيشيا ختم ٿئي ٿو ۽ ملائيشيا جي آخري رياست جوھور جو وڏو شھر ۽ بندرگاھھ جوھور بارو آھي اتان ميل ٻن جي پل (Cause Way) ٽپي ھن ٻيٽ تي پھچي سگھجي ٿو. ھن ٻيٽ جي550 چورس ڪلوميٽر پکيڙ آھي. ھن ٻيٽ تي رھندڙ 25 لک عوام ۾ ٽي حصا چينين جا آھن جيڪي گھر ۾ پنھنجي پنھنجي صوبي جي چيني زبان ڳالھائين ٿا پر آفيس ۽ ڪاليج ۾ منڊارن (چيني زبان) ڳالھائين ۽ اھا زبان سنگاپور جي چئن قومي زبانن مان ھڪ سرڪاري زبان آھي. ھن ٻيٽ جون باقي ٽي سرڪاري زبانون ھي آھن: ملئي، تامل ۽ انگريزي. ھي ٻيٽ ملئي علائقي ۾ ھجڻ ڪري ٻئي نمبر تي ملئي ڳالھائيندڙ گھڻا آھن. ۽ ٽئي نمبر تي تامل. انگريزن جي ڏينھن ۾ ڏکڻ ھندستان کان ڪيترائي مدراسي تامل ھتي آيا. دراصل شروع ۾ ھي ٻيٽ مدارس پريزيڊنسي ۾ ھو جيئن سنڌ جو صوبو ڌار ٿيڻ کان اڳ انتظام جي حساب  سان بمبئي پريزيڊنسي سان لاڳاپيل ھو.

سنگاپور جو ٻيٽ ھندي وڏي سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ جي سنگم وٽ ائين آھي جيئن ڏکڻ آفريڪا جو بندرگاھھ ڪيپ ٽائون ڏکڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ ھندي وڏي سمنڊ جي ميلاپ وٽ آھي. اڄ ڪلھھ سڄي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ سنگاپور وڏي ۾ وڏو بندرگاھ آھي. ساڻس بئنڪاڪ، ھانگ ڪانگ، منيلا، شنگھائي ۽ ٽوڪيو جھڙا بندرگاھھ بھ مقابلو نٿا ڪري سگھن ۽ سڄي دنيا ۾ ھي چوٿون نمبر وڏو بندرگاھھ آھي.

سنگاپور کي 19 آگسٽ  1965ع تي انگريزن طرفان خودمختياري ملي. ھي ٻيٽ خط استوا جي بلڪل ويجھو آھي. اٽڪل 85 ميل (137ڪلوميٽر ) اتر ۾ آھي. ان ڪري ھتي ڏينھن رات ھڪ جيڏا ٿين اٽڪل ٻارھوئي ھڪ ئي موسم رھي. خط استوا جي ويجھو ھجڻ ڪري گرمي  گھڻي ھجڻ کپي پر ٻارھوئي مينھن ۽ جھڙ ڪري ڏينھن جو گھڻو حصو ٿڌڪار واري موسم رھي ٿي. مينھن کان بچاءُ کڻي ڪو ضروري نھ سمجھي پر اس جي بچاءُ لاءِ پاڻ سان ڌوپ ڇٽي رکجي يا مٿي تي ٽوپي. ڇو جو ھنن ملڪن ۾ جڏھن سج نڪري ٿو تھ ان جا ڪرڻا سڌا پون ٿا ۽ ڏينھن لڳي (Sun Stroke) ٿي سگھي ٿو. ان کان پاڻ کي بچائجي-خاص ڪري پرديس ۾.

سيشلز ٻيٽ چار لک چورس

ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آھن

ھونءَ ٻيٽن سان سڄي دنيا ڀري پيئي آھي. ھر سمنڊ ۾ ٻيٽ آھن. ڪٿي ڪٿي تھ ھڪ ئي ھنڌ ھزارين ٻيٽ آھن جيئن انڊونيشيا، فلپين کان وٺي جپان تائين ويھھ ھزار کن ٻيٽ ٿيندا. يورپ ۽ ڪئناڊا پاسي بھ ھزارين ٻيٽ آھن پر ڪن سببن ڪري ٽوئرسٽن جي ڪشش جو باعث ھندي وڏي سمنڊ جا ٻيٽ وڌيڪ رھيا آھن پوءِ چاھي مالديپ ۽ موريشس ٻيٽ ھجن يا سري لنڪا ۽ سيشلز.

يورپ ۽ ڪئناڊا پاسي ٻارھوئي ٿڌ رھي ٿي ان ڪري ان طرف ڪو وڃڻ پسند نٿو ڪري. آخرڪار ڪنھن ڏورانھن ٻيٽ تي وڃي ڪو پنھنجو پاڻ کي بند ڪمري ۾ رکي چلھھ اڳيان ھٿ سيڪڻ نٿو چاھي. ھو گنجي ۽ گوڏ يا ڪڇي ۽ چڍيءَ ۾ کليل فضا ۾ گھمڻ چاھي ٿو. سمنڊ جي ڪناري تي ويھي ٿڌي ھير جو لطف وٺڻ چاھي ٿو. سمنڊ ۾ ترڻ ۽ سمنڊ اندر رھندڙ مخلوق جو نظارو ڪرڻ چاھي ٿو جيڪو ٿڌن ملڪن جي ٻيٽن تي ڏکيو آھي. انڊونيشيا ۽ فلپين جھڙن ملڪن جا ٻيٽ ھڪ ٻئي جي ويجھو آھن. بالي ۽ سماترا جھڙن ٻيٽن تي رھي اھو احساس نٿو ٿئي تھ چوڌاري سوين ميل سمنڊ آھي. ان احساس لاءِ مالديپ، موريشس ۽ سيشلز (Seychelles) جھڙا  ٻيٽ مشھور آھن. ائين تھ پئسفڪ سمنڊ ۾ بھ فجي، سموئا، ٽونگا جھڙا انيڪ ٻيٽ آھن پر اتان پاڻي جي جھاز يا ھوائي جھازن جو ايترو لنگھھ ناھي جيترو مٿين ٻيٽن وٽان. بھر حال ھتي اسان موريشس (Mauritius)۽ سيشلز (Seychelles) ٻيٽن جو ذڪر ڪنداسين جيڪي آفريڪا کنڊ جي ڀرسان ھندي وڏي سمنڊ ۾ آھن. سيشلز ٻيٽن جو جھڳٽو مئڊاگاسڪر (مالاگاسي) ٻيٽ جي مٿان اتر ۾ آھي ۽ موريشس ٻيٽ مئڊاگاسڪر ٻيٽ جي ساڄي پاسي اوڀر ۾ آھن. ۽ ھي ٻئي ٻيٽ (سيشلز ۽ موريشس) دنيا جي ڏکڻ اڌ گول ۾ آھن-يعني اسين اتر اڌ گول ۾ آھيون ۽ ھي ٻيٽ خط استوا جي ھيٺان آھن ۽ خط استوا اھو خيالي ليڪو آھي جيڪو دنيا جي گولي جي پوري وچ مان لنگھي ٿو ۽ ٻڙي (Zero) ويڪرائي ڦاڪ (Latitude)سڏجي ٿو ۽ ان جي Parallel مٿي ھيٺ ويندڙ ليڪن جي ڊگرين جو انگ وڌندو وڃي ٿو ۽ اتر ۽ ڏکڻ قطب وٽ اھو وڌ ۾ وڌ نوي ڊگريون ٿئي ٿو. ڪراچي 25 ڊگريون اتر واري ويڪرائي ڦاڪ تي آھي. ترڪيءَ جو شھر انقرھ، ازبڪستان جو شھر بخارا، چين جو شھر بيجنگ ۽ اسيپن جو شھر مئڊرڊ وغيره 40 ڊگريون اتر ۾ آھن. اھڙي طرح آسٽريليا جو شھر ميلبورن بھ 40 ڊگرين تي آھي پر ڏکڻ اڌ گول ۾ آھي.

ھندي وڏي سمنڊ جا سيشلز ٻيٽ 4 ڊگريون ڏکڻ کان  11ڊگريون ڏکڻ تائين پکڙيل آھن. ڪل سؤ کن ٻيٽ آھن جن مان ماھي (Mahe) ٻيٽ سڀ ۾ اھم ٻيٽ آھي ۽ مئڊاگاسڪر ٻيٽ جي سرزمين کان 1100ڪلوميٽر آھي. ھن ٻيٽ (ماھي) تي ھن ملڪ (ريپبلڪ آف سيشلز) جي گاديءَ جو شھر وڪٽوريا آھي. ماھي ٻيٽ جي پکيڙ 100کن چورس ڪلوميٽر آھي ۽ ان جي وڏي شھر وڪٽوريا جي آدمشماري ٽيھھ ھزار آھي- يعني ٽنڊي ڄام ۽ پني عاقل کان بھ گھٽ ماڻھو آھن.

سيشلز جا ٻيٽ ھڪ ٻئي کان ايڏو تھ پري پري پکڙيل آھن جو  سمجھھ ۾ نٿو اچي تھ ملڪ جو انتظام ڪيئن ٿو ھلي. اھو بھ شڪر آھي جو آدمشماري گھٽ آھي ۽ ھر ھڪ امن امان ۾ رھي ٿو. ھر ٻيٽ جو رھواسي پنھنجي چوڌاري ڦھليل سمنڊ مان مڇيون ۽ موتي حاصل ڪري سڪون سان وقت گذاريو ويٺو آھي نھ تھ ھي ٻيٽ سمنڊ جي ڏيڍ لک چورس ميلن (يعني چار لک چورس ڪلوميٽرن) ۾ پکڙيل آھن. خاص ۽ اھم ٻيٽن تي ھوائي جھازن ۽ پاڻيءَ جي جھازن، لانچن ۽ فيرين ذريعي پھچڻ جي سھوليت آھي جتي ڌارين ملڪن جا ماڻھو خاص ڪري يورپي موڪلن جا ڏينھن گذارڻ لاءِ اچن ٿا. ٻارھوئي جھڙ ڦڙ ھجڻ ڪري موسم خوشگوار رھي ٿي

سيشلز ٻيٽن تي پھرين عرب آيا

سيشلز جي ھڪ سؤ ٻيٽن مان 60 کن ڪورال(Coral)  ٻيٽ آھن ۽ 40 جابلو Granite پٿر جا. سمنڊ ۾ گھڻو ڪري ان ئي قسم جا ٻيٽ ٿين ٿا. يعني ڌرتي وانگر سمنڊ جي تري تي بھ جبل آھن ۽ انھن جبلن جون چوٽيون ۽ مٿاھان حصا ٻيٽ آھن. اھي سامونڊي جبل جن جون چوٽيون اچي اچي سامونڊي سطح کان ڪجھھ فوٽ ھيٺ تائين پھچن ٿيون اھي نيويگيشن (جھاز راني) لاءِ عذاب ھوندا آھن. انھن چوٽين سان جھاز جو ھيٺيون حصو لڳي ڀڄي ڀري پوندو آھي. اھڙي قسم جي رڪاوٽن جي خبر نقشي (Navigational Chart) مان يا رڊار مان پوندي آھي ۽ جھاز کي اھڙن جبلن ۽ زير آب ٻيٽن کان بچائي ھلائڻو پوندو آھي.

ٻي قسم جا ٻيٽ ڪورال ٻيٽ سڏجن ٿا. ڪورال (Coral) ھڪ قسم جو سامونڊي پٿر آھي جيڪو سامونڊي شين ۽ ساھوارن جي چنبڙڻ سان وڌندو رھي ٿو. ھڪ ڪاٺ جي ٻيڙي يا لوھھ جو جھاز سمنڊ ۾ گھڻو وقت رھي ٿو تھ ان جي ٻاھرين جسم تي بھ ان قسم جي Sea Growth ڄميو وڃي جنھن ۾ سـِـپن ۽ سينيار کان مڇي ۽ گانگٽن جا ڇلر ٿين ٿا جيڪي اھڙا سخت ڄميل ٿين ٿا جو مترڪن ۽ ريتيءَ جي Blast سان ئي لاھي سگھجن ٿا. سو سمنڊ جي ڪـِن ڪـِن حصن تي ان قسم جي ڪيميائي اثر ڪري سامونڊي شيون پٿر ائين صورت اختيار ڪنديون رھن ٿيون ۽ اھا ليول ايترو وڌيو وڃي جو سمنڊ جي سطح کان ٻاھر ٻيٽ ٿي ظاھر ٿئي ٿو. ان قسم جا ٻيٽ مينھن جي ڇيڻي وانگر گول ۽ تانگھا ٿين ٿا ۽ انھن جي چوڌاري سمنڊ بھ تانگھو ٿئي ٿو.

چيو وڃي ٿو تھ عرب جھازي پھريان ھئا جيڪي ھنن ٻيٽن (Seychelles) تي پھتا. ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ پورچوگالي، ڊچ توڙي انگريز ۽ فرينچ پوءِ بھادر بنيا ۽ پنھنجا ٻيڙا ھاڪاري آفريڪا، ايشيا ۽ چين تائين پھتا نھ تھ سمنڊن تي حڪومت عربن جي ھئي-خاص ڪري اسلام کان پوءِ واري دور ۾. تڏھن تھ ھو مراڪش (المغرب) کان اسپين، پورچوگال ۽ فرانس کان وڃي نڪتا ۽ ھن پاسي ھندي سمنڊ ڏي ڪيترن بندرگاھن ۽ ٻيٽن جا نالا عربي زبان جا آھن جھڙوڪ ممباسا، دارالسلام، سرانديپ وغيره ۽ ڪيترن ٻيٽن تي ان وقت کان مسلمان رھن ٿا. بھر حال ھنن ٻيٽن کي بھ  پھريان ڳولھڻ وارا عرب ھئا ان بعد سورھين صديءَ جي شروعات ۾ پورچوگالين کي ھي ٻيٽ نظر آيا جن ھنن ٻيٽن کي ست ڀينرون سڏيو پر لکت ۾ رڪارڊ فقط انگريزن جو ملي ٿو جيڪي پڻ انھن ئي ڏينھن ۾-لڳ ڀڳ 1609ع ۾، انگلش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان ھتي پھتا جتي کين ڪو ماڻھو ڇيڻو تھ نظر نھ آيو البت پيئڻ لاءِ پاڻي، پکي پکڻ، ميوا مڇيون جام مليون. رڻ پٽ صحارا وانگر سمنڊ تي سفر ڪرڻ واري مسافر کي بھ مٺي پاڻيءَ جي سخت ڳولا رھي ٿي.

سنڌ جا ”سامونڊي ڦورو“بھ گھٽ نھ ھئا

شروع ۾ آيل عرب توڙي پورچوگالي ھتي (سيشلز ٻيٽن) تي ٺاھھ ٺڪاڻو ڪري نھ رھيا ۽ نھ وري ان وقت آيل انگريز ٽڪيا. ھر ھڪ جو ٻيڙو رستو ڀلجي يا پاڻيءَ جي ڳولا ۾ ھتان اچي نڪتو ٿي ۽ ڪجھھ ڏينھن آرام بعد پنھنجن جھازن کي کاڌن پيتن سان ڀرائي اڳتي جي سفر لاءِ ھاڪاري ويا ٿي. البت پوءِ سگھو ئي سامونڊي ڦورو (Pirates) وڌيڪ آرگنائيز ٿيڻ تي ھنن ويران ٻيٽن تي رھڻ ۽ ڦر جو مال لڪائڻ لڳا. ننڍي پئماني جا قزاق (سامونڊي ڦورو) ڪنارو ڏيئي لنگھندڙ جھاز ڦريندا ھئا ۽ ڦر جو مال اتي ئي پاڻ ۾ ورھائي پنھنجي گھر وڃي سکيا ٿيندا ھئا. ان ڪم ۾ سنڌ جا سامونڊي ڦورو بھ گھٽ نھ ھئا. ھو ايندڙ ويندڙ عرب توڙي چينين جي جھازن لاءِ ٻائيتال مچايو ويٺا ھوندا ھئا، جنھن جو ذڪر ستين صدي جي آخر (چچ حڪومت) ۽ اٺين صدي جي شروع وارن سالن (ڏاھر جي حڪومت) جو، چچ نامي جھڙي تاريخي ڪتاب ۾ بھ آيل آھي. شاھھ لطيف بھ پنھنجن بيتن 1689)ع کان 1752ع واري دور) ۾ ڪيو آھي.

"دنگي وچ درياھ، ڪي ٻڏي ڪي اپڙي

ھو جي واڍي واڻيا، سي سونھڻ سڀ سـَـڙيا،

معلم ماڳ نھ اڳيئن، فرنگي منجھھ ڦـِـريا،

ملاح! تنھنجي مڪڙي، اچي چور چڙھيا

جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاري تنھنجي!"

بھر حال ارڙھين صديءَ جي اڌ ڌاري-شاھھ لطيف جي وفات وارا ڏينھن ئي سمجھو- فرينچن نھ فقط ھنن ٻيٽن تي قبضو ڪيو پر ٺھي ٺڪي ويھي رھيا ۽ ھي ٻيٽ جيڪي ست ڀينرون سڏيون ويا ٿي انھن جو نالو Secheiles (سيشلز) رکيو جيڪو فرينچ زبان جو آھي ۽ ان وقت جي فرينچ حاڪم شھنشاھھ لوئي پنڌرھين جي وزير خزانھ مسٽر وڪومتي موريو ڊي سيشلز جي ياد ۾ رکيو ويو. ماھي (Mahe) ٻيٽ جيڪو ھنن ٻيٽن جي گاديءَ وارو ٻيٽ آھي ان جو نالو پڻ فرينچن رکيو. اھو نالو برٽرانڊ ماھيءَ تان پيو جيڪو ان وقت موريشس ٻيٽ جو گورنر ھو.

فرينچ بھ ھتي گھڻو نھ رھيا ۽ آخرڪار 1814ع ۾ ھن ٻيٽن تي انگريزن جو قبضو ٿي ويو جن ھنن ٻيٽن کي پئرس معاھدي ھيٺ سيشلز کي موريشش جي Dependency ۾ رکيو. (موريشس پڻ انگريزن فرينچن کان حاصل ڪيو). انگريزن سيشلز جو نالو ساڳو رکيو پر ان نالي جي اسپيلنگ فرينچ زبان جي  Secheilesمان بدلائي انگريزي زبان جي اسپيلنگ Seychelles ڪئي جيئن ملاڪا جي Melaka مان بدلائي Malacca ڪئي يا جيئن زنجبار عربي لفظ مان زئنزيبار ڪيو.

سيشلز جي رھاڪن جو گذر سفر مڇيءَ جي شڪار کان علاوھ عمارتي ڪاٺ تي آھي. مينھن جام وسي ٿو ۽ وڻ سٺي جنس جا آھن جن جو ڪاٺ فرنيچر ۾ استعمال ٿئي ٿو. فرانس جي ڪيترن گھرن ۾ سيشلز کان امپورٽ ٿي آيل ڪاٺ جا پلنگ ۽ ڪرسيون نظر اينديون. ان کان علاوھ ھي ٻيٽ وڏي سائيز جي ڪـُـمين (Turtles) کان پڻ مشھور آھن. ھتي جي ماڻھن انھن جي وڪري جي ايڏي ڌم لڳائي جو اھو الڪو ٿي پيو تھ ڪٿي ھنن ڪـُـمين جو نسل ئي نھ ختم ٿي وڃي. انھن جي ويجھھ کي وڌائڻ لاءِ انھن جي وڪري تي اڄ ڪلھھ بندش وڌي وئي آھي.

ٽوئرزم گھٽجڻ ڪري سيشلز ٻيٽ

غريب ٿيندا وڃن

 1903ع ۾ سيشلز کي انگريزن ھانگ ڪانگ وانگر ڪرائون ڪالوني (Crown Colony) جو درجو ڏنو ۽ 29 جون 1976ع تي کيس خودمختياري ملي ۽ برٽش ڪامن ويلٿ جو ڇٽيھون ميمبر بنايو ويو. ھنن ٻيٽن تي انگريزن ۽ فرينچن کان علاوھ انڊين، ملئي ۽ آفريڪا جا شيدي پڻ رھن ٿا. 1981ع تائين ھن ٻيٽ جون انگريزي ۽ فرينچ سرڪاري زبانون ھيون پر ھاڻ انھن بدران ھتي جي مڪاني زبان Creole کي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو ويو آھي جيڪا فرينچ، انگريزي ۽ آفريڪي زبانن جو مڪسچر آھي. نوي في صد ماڻھن جو مذھب رومن ڪئٿولڪ آھي.

ملڪ جو صدر انتظاميھ جو بھ سربراھھ آھي. ھو ملڪ جي خارجھ، بچاءَ ۽ داخلي معاملن لاءِ بھ جوابدار آھي. ھو وزيرن کي رکي ۽ لاھي سگھي ٿو. ڪابينا ۾ وزيراعظم ۽ ڏھھ وزير ٿين جيڪي نئشنل اسيمبلي جي 25 چونڊيل ميمبرن مان ٿين. ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ ۽ سول ۽ ڪرمنل ڳالھين لاءِ ڪورٽ آف اپيل بھ آھي. جيتوڻيڪ تعيلم ڪمپلسري نھ آھي ان ھوندي بھ نوي سيڪڙو ماڻھن جو تعليم يافتھ آھي. پرائمري تعليم جا ڇھھ سال مفت آھن. ملڪ ۾ صحت ۽ ھائيجن جو معيار چڱو مٿاھون آھي. ٽراپيڪل بيماريون جيڪي آفريڪي ملڪن ۾ تمام گھڻيون ۽ عام ٿين اھي ھتي نھ برابر آھن. ھتي جا ماڻھو مڇي ماني وارا ضرور آھن پر ڪي خاص امير بھ نھ آھن. ڇو جو ڪمائيءَ جا ڪي خاص ذريعا نھ اٿن. مڇيون بھ ھڪ حد تائين جھلي سگھن ٿا ۽ مڇين جي ڪيترن قسمن ۽ ڪمين جي ڦاسائڻ ۽ وڪڻڻ تي بندش آھي. ٻيلا بھ ڏينھون ڏينھن وڃن ختم ٿيندا جن جي ڪاٺ مان ھنن جي ڏاڏن پڙ ڏاڏن چڱو ڪمايو. سيشلز جي ڪنھن بھ ٻيٽ تي ڪنھن بھ قسم جون کاڻيون يا ڌاتوءَ جا ذخيرا نھ آھن. ٽوئرزم ئي ھڪ اھڙي شيءَ آھي جنھن مان غير ملڪي ناڻي جي ڪمائي ٿئي ٿي. امير ملڪن جا ماڻھو موڪلون گذارڻ لاءِ ھنن ٻِيٽن تي اچن ٿا. ھوٽلن ۾ رھن ٿا. کائين پيئن ۽، گھمن ڦرن ٿا ۽ ان چڪر ۾ ھو چڱو پئسو خرچ ڪريو وڃن. پر اڄ ڪلھھ ڏينھون ڏينھن ماڻھو ڪنجوس ٿيندا وڃن، ٻاھر ڊپ واريون حالتون وڌنديون وڃن، گھمن جون جايون وڌنديون وڃن ۽ ھر ڪو ملڪ چاھي ٿو تھ ٻين ملڪن جا سياح ھن جي ملڪ م گھمڻ لاءِ اچن. سڀ کان وڏي ڳالھھ تھ مھانگائي ۽ گھٽ پگھار جتي ڪٿي جو مئسلو ٿي پيو آھي ۽ ھرڪو گھمڻ ڦرڻ لاءِ وقت ۽ پئسو ضايع ڪرڻ بداران گھر ويٺي ڊسڪوري ۽ نئشنل جاگرافڪ جھڙا چئنل ڏسيو دل خوش ڪريو ڇڏي. ان کان علاوھ ڏينھون ڏينھن وڌندڙ بدامنيءَ، گندي پاڻيءَ، مڇرن ۽ خوفناڪ بيمارين-خاص ڪري ايڊس ڪيترن ئي خفتين کي ڊيڄاري وڌو آھي ۽ ھرڪو ڌارين ملڪن ۾ وڃي رلڻ پنڻ کان گھر ۾ سکيو رھڻ ۾ بھتر عاقبت سمجھي ٿو. نتيجي ۾ سيشلز جھڙا ٻيٽ ايندڙ مسافرن لاءِ واجھائيندا رھن ٿا. ھنن جون ھوٽلون، ڪلب ۽ سامونڊي ڪنارا سال جو وڏو حصو ويران ئي رھن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: