سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: هي ٻيٽ هي ڪنارا

باب

صفحو :13

  

1946ع ۾ آغا خان دارالسلام ۾

ھيرن ۾ توريو ويو

اوڻيھن صدي جي اڌ تائين زئنزيبار ٻيٽ ايڏو طاقتور ۽ بااثر ٿي ويو جو آفريڪا جي اڀرندي ڪناري وارن ملڪن (خاص ڪري ڪينيا ۽ تنزانيا، ويندي سوماليا ۽ زائر تائين) جي واپاري منڊين تي زئنزيبار جو ڪنٽرول ھليو ٿي.  1856ع ۾ سلطان سيد جي وفات کانپوءِ زئنزيبار جو عمان سان ڳانڍاپو ڪٽجي ويو.  1890ع ۾ برٽش حڪومت غلامن جي واپار تي مڪمل پابندي وڌي ۽ زئنزيبار کي ھانگ ڪانگ وانگر  Protectorateبنائي رکيو. يعني اندروني طرح حڪومت برطانيھ وارن جي ھلي ٿي پر ظاھري طرح حاڪم عماني سلطان ھو.

1913ع کانپوءِ برطانيا طرفان ھن ٻيٽ زئنزيبار تي انگريز ريزيڊنٽ رھڻ لڳو ۽  1926ع ۾ ليجسليٽو ڪائونسل ٺاھي وئي جنھن جا ميمبر جيتوڻيڪ برٽش ريزيڊنٽ جي چونڊ سان مقرر ٿيا ٿي پر سياست ۽ تجارت تي اڃان بھ عربن ۽ انڊين جو ھٿ رھيو. آفريڪا کنڊ جي مڪاني زبان سواحليءَ کان وڌيڪ عربي ھلي ٿي. انڊين واپارين ۾ گجراتي، سنڌي ھندو، پارسي ۽ آغاخاني گھڻا ھئا. اڄ بھ انھن قومن جا ڪافي ماڻھو ھن ٻيٽ تي رھن ٿا.  1936ع ۾ عماني سلطان، سيد خليفا بن ھاروب جي سلور جوبلي ملھائي وئي ھئي. ان موقعي جو شھر جي مين روڊ (پوسٽ آفيس جي ڀر واري) جو فوٽو ڪٿان مليو اٿم جنھن ۾ مختلف قومن جا ماڻھو قطار ۾ بيٺل آھن. سلطان  ان وقت جي اعليٰ ڪار ۾ لنگھي رھيو آھي. ھن گھٽيءَ ۾ ان وقت گوا (انڊيا) جي رھاڪن جا گھڻا دڪان ھئا جو گوا پورچوگال جي ھٿ ۾ ھو ۽ پورچوگال گوانين کي جن جن ملڪن ۾ پاڻ رھيا ٿي، اتي ھنن کي سھولتون ڏنيون ٿي. بھرحال انھن گواني دڪانن: ڊي سـِـلوا، المينڊا، وغيره وغيره جي وچ ۾ ھڪ وڏو بورڊ سنڌي واپاري چوئٿ رام (B. Choitram) جو پڻ نظر اچي رھيو آھي. بعد ۾ ٻيا دڪان بند ٿي ويا يا ملڪ بدلجي ويا پر چوئٿ رام جو دڪان اتي ئي رھيو. اڄ بھ ان سنڌي ھندوءَ جا دڪان آفريڪا جي ڪيترن ملڪن کان ملائيشيا ۽ انڊونيشيا تائين پکڙيل آھن.

اخبار وارن يا ڪتاب جي پبلشر مٿي بيان ڪيل تصوير ڇاڀي تھ ان ۾ دڪانن ۾ مٿي گھرن جو انڊين نمونو پڻ ڏسي سگھو ٿا جيڪو آفريڪا جي عمارتسازيءَ کان بلڪل مختلف ڪراچي جي ايلفي، سنگاپور جي ھاءِ اسٽريٽ، ڪوالالمپور جي باتو روڊ جي دڪانن جھڙو آھي. جيڪي دڪان پڻ انگريزن جي دور حڪومت ۾ ننڍي کنڊ جي واپارين لاءِ ٺھيا.

ھن پاسي آغا خاني (اسماعيلي) بھ تمام گھڻا رھيا ٿي. خاص ڪري ھن ٻيٽ زئنزيبار تي، ڪمپالا (يوگنڊا) ۾، دارالسلام (ٽانگانيڪا جي گادي واري شھر ۽ بندرگاھھ) ۾، ممباسا ۽ نئروبي ۾، جن اڳتي ھلي 10 آگسٽ  1946ع تي آغا خان کي دارالسلام ۾ ھيرن ۾ توريو ھو. ڪنھن زماني ۾ دارالسلام جو ميئر عبدالڪريم ڪريمجي بھ زئنزيبار جو آغاخاني رھاڪو ھو. ھن جا وڏا يمن کان لڏي زئنزيبار آيا ھئا.

آفريڪا جي ڇتي اس کان پاڻ کي بچائجي

ٻي جنگ عظيم کانپوءِ مڪاني شيدي رھاڪن ۾ سياسي شعور پئدا ٿيو ۽ ھنن جي بي چينيءَ جو پھريون سبب اھو بڻيو تھ زئنزيبار جي ڪورٽن ۽ تعليمي درسگاھن جي زبان سواحليءَ بدران رڳو عربي ڇو آھي.  1950ع ۾ انگريزن طرفان ھن ٻيٽ جي رھاڪن کي سياسي پارٽيون ٺاھڻ جي اجازت ڏني وئي. زئنزيبار نئشنل پارٽي (ZNP) نج عرب پارٽي ٺھي. ان کان علاوھ زئنزيبار پيمبا پيپلس پارٽي (ZPPP) ۽ ائفرو شيرازي پارٽي (ASP) ٺھي.  1961ع واري اليڪشن ۾ حڪومت ZNP ۽ ZPPP جي حوالي ٿي.  1963ع ۾ بھ انھن ئي پارٽين کٽيو. 10 ڊسمبر  1963ع تي زئنزيبار کي برطانيھ طرفان خودمختياري ڏني وئي.

 1964ع ۾ زئنزيبار ٻيٽ تي عماني عربن خلاف ڪافي خونريزي ۽ انقلاب آيو. ڪيترا يورپي ۽ ننڍي کنڊ جا ماڻھو بھ ھن ٻيٽ کي ڇڏي ويا. ٽانگانيڪا ۽ زئنزيبار ٻنھي گڏجي ھڪ ملڪ ريپبلڪ آف زئنزيبار ۽ ٽانگانيڪا ٺاھيو. ڇھن مھنن بعد انھن ٻن نالن بدران فقط ھڪ نالو تنزانيا رکيو ويو.

زئنزيبار بابت ھڪ انگريز ليکڪ جان گنٿر جو سفر نامو Inside Africa پڙھيو ھوم. ھن  1953-54ع ڌاري آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سير ڪيو ۽ انھن ملڪن بابت پنھنجا خيال قلمبند ڪيا. زئنزيبار ٻيٽ بابت سندس ڪجھھ ڳالھيون پڙھندڙن جي دلچسپي لاءِ ھتي لکان ٿو...

آفريڪا کنڊ جا جيڪي بھ شھر گھميو آھيان انھن ۾ فقط زئنزيبار ئي آھي جتي پکي انگريز ريزيڊنٽ جي گھر ڇت ۾ ٽنگيل بلبن جي ڇٽن  (Chandeliers) ۾ آکيرا ٺاھين ٿا ۽ جتي مينھن وسڻ دوران بھ بدن جي کل سڙي ٿي. (اھا ڳالھھ مونکي بھ سمجھھ ۾ نھ آئي تھ ليکڪ جان گنٿر جو پکين جي آکيرن ٺاھڻ مان ڇا مطلب آھي ۽ اھو تھ نسوروئي وڌاءُ ٿو لڳي تھ مينھوڳيءَ ۾ بھ ايڏي گرمي ٿئي، ھا البت اھو ضرور آھي تھ سنڌ وانگر آفريڪا ۾ بھ گرمي ٿئي ٿي. سنڌ ۽ راجستان ۾ وري بھ سياري جي موسم ۾ سردي ٿئي ٿي پر زئنزيبار، ممباسا ۽ دارالسلام سنگاپور ۽ ملائيشيا وانگر خط استوا جي ويجھو آھن جتي سڄو سال گرمي رھي ٿي. پر جنھن وقت جھڙ ۽ ميھن رھي ٿو تھ ٿڌڪار ٿئي ٿي. ڪڏھن ڪڏھن مينھن وسڻ کانپوءِ يڪدم اس نڪرڻ ڪري سخت گرمي ٿئي ٿي ۽ جسم سڙڻ لڳي ٿو ۽ اھا ڪيفيت اسان وٽ بھ سانوڻيءَ جي ڏينھن ۾ ٿيندي آھي. ملائيشيا ۾ بھ گھڻو ڪري جھڙ رھي ٿو. ھڪ دفعي پينانگ جي ھوٽل ۾ جتي آئون رھيل ھوس يورپ پاسي جون رھيل ڪجھھ عورتون ۽ مرد صبح جو ڏھين يارھين بجي گنجين ۽ چڍين ۾ سمنڊ جي ڪناري ڏي سير لاءِ نڪتا. صبح کان جھڙ ۽ سنھي بوند بوند وسي رھي ھئي ۽ موسم ايڏي وڻندڙ ھئي جو ھي ھڪ ڏينھن اڳ يورپ کان آيل سياح پاڻ سان ڌوپ ڇٽي يا اس کان بچاءَ لاءِ مٿي تي رکڻ لاءِ ٽوال بھ نھ کڻي نڪتا. اتفاق اھڙو ٿيو جو ڪلاڪ سوا کانپوءِ بوندا باندي تھ بند ٿي وئي پر ڪڪر بھ ٽڙي پکڙي ويا ۽ پوءِ سج، سو بھ ٽراپيڪل ۽ خط استوا جو نڪري نروار ٿيو ۽ وقت بھ ٽاڪ منجھند جو ھو! ھنن اتر قطب جي يورپين جو تھ ساھھ ٿي نڪتو. بدن جي کل ناسي ٿي وئي ھين. ھفتو کن ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ ۾ رھڻ جو پروگرام ٺاھڻ وارا ٻئي ڏينھن ئي مليبورن (آسٽريليا) ھليا ويا. سو منھنجي خيال ۾ زئنزيبار جو سفر نامو لکڻ واري ھن جوان سان بھ ڪجھھ اھڙو تجربو ٿيو ھوندو. ڇو تھ مينھن ۽ ساوڪ پنھنجي جاءِ تي پر اھڙن ھنڌن تي رکي رکي ٿيندڙ ڪراچيءَ جھڙي گھم  (Humidity)۽ گــُھٽ، ۽ جيڪب آباد سبيءَ جھڙي اس ۽ تپش گھمڻ جي شوقين کي مٿي جو سور ۽ دست ڏيو ڇڏي. ان ڪري سنگاپور ۽ انڊونيشيا پاسي توڙي سعودي عرب ۽ گلف پاسي نڪرندڙ مسافر کي مينھن ۽ اس کان بچاءَ لاءِ پاڻ سان ھميشھ ڇٽي (Umbrella) يا بوڇڻ کڻڻ لاءِ چوندو آھيان جيئن ھن کي ڏينھن (Sun Stroke) نھ لڳي. باوجود پي ڪئپ پائڻ ۽ ٻي حفاظت جي اھڙي موسم ۾ ملاڪا جي نيول اڪيڊمي ۾ (جتي مون اٺ سال کن نوڪري ڪئي) اتي جا ڪئڊٽ اس ۽ گھم ڪري بيھوش ٿي ويندا ھئا.

زئنزيبار ٻيٽ تي حڪومت عربن جي ۽

واپار انڊين جي ھٿ ۾ ھو

زئنزيبار بابت جيمس لکي ٿو تھ دنيا ۾ ھيءَ سڀ کان گھڻو دل لڀائيندڙ جاءِ آھي. ھي ٻيٽ مشرقي آفريڪا جي ڪناري کان  ويھھ ميل کن مس پري آھي ۽  خط استوا سان ڄڻ مليو پيو آھي. ھن ٻيٽ زئنزيبار کي مڪاني ماڻھو زنجبار سڏين ٿا جيڪو نالو فارسي لفظ زنج مان آھي جنھن جي معنيٰ آھي "ڪارو". زنجبار معنيٰ ڪارن ماڻھن جي رھائش گاھھ (ملڪ). پر زنجبار ۾ ڪارا (بليڪ) گھٽ برائون گھڻا آھن. ويھھ ميل پري آفريڪا کنڊ کان لڏي آيل شيدين کان وڌيڪ انڊين، عرب، ايراني ۽ چيني ماڻھو آھن. ٻيٽ جي ڪمائيءَ جو ذريعو اڄ ڪلھھ فقط لونگن تي آھي جنھن جو ھڳاءُ سڄي ٻيٽ تي اچي ٿو. گھٽيون سوڙھيون ۽ اونداھيون آھن. گھڻي مينھن وسڻ مھل اھي گھٽيون ندين وانگر لڳنديون آھن. پراڻن گھرن جا دروازا اڄ بھ اھي اڳيئن زماني وارا وڏا ٽيڪ ووڊ جا ٺھيل آھن جن تي زبردست قسم جو ٽـُـڪ جو ڪم ٿيل آھي. زئنزيبار ظاھري طرح عرب دنيا جو شھر لڳي ٿو. سلطان وٽ ٻھ موٽر ڪارون آھن. ھڪ آرم اسٽرانگ سڊلي ۽ ٻي ھمبر. شھر جي فقط ھڪ عمارت ۾ لفٽ لڳل آھي. ايراني، عربي ۽ ھندستاني مسلمانن کان علاوھ ھتي ھڪ ٻي بھ مسلمان ڪميونٽي آھي جيڪا ڪومورين (Comorians) سڏجي ٿي اھي مئڊاگاسڪر جي ڀرسان ڪومورو نالي ننڍن ٻيٽن تان لڏي ھتي آيا آھن. اسان کي انھن جو ھڪ شادي اٽينڊ ڪرڻ جو موقعو مليو. شاديءَ ۾ ٿيندڙ رسمون رواج ۽ عورتن جي گڏجاڻيءَ ۾ دھلاڙي مردن ۽ گھوٽ کان علاوھ فقط آئون ھڪ مرد ھوس..

"زئنزيبار ٻيٽ تي رھندڙ آفريڪن ۾ ٻھ ڌريون آھن. ھڪ ھتي جا مڪاني شيرازي آھن جيڪي ھتي اوائلي دور ۾ (اٽڪل 8صدي ۾) ايران جي شھر شيراز کان آيا ۽ ٻيا ڌاريان (immigrants) آھن جيڪي شيدي نسل جا آھن ۽ انھن شيدي غلامن جو اولاد آھن جي کي وڪڻڻ لاءِ عرب واپاري آفريڪا جي مختلف ملڪن: ٽانگانيڪا، نياسالئنڊ، ڪانگو ۽ زمبيا وغيره مان جھلي ايندا ھئا. پر اھي گھڻو گھڻو پوءِ آيا. زئنزيبار ٻيٽ تي جيڪي ننڍي کنڊ جا ماڻھو رھن ٿا ۽ انڊين سڏجن ٿا انھن ۾ بھ ڪيتريون ئي ڪميونٽيون آھن. سڀ ۾ امير ۽ اثر وارا آغاخاني آھن.

"گذريل ڪجھھ صدين ۾ عربن ۽ آفريڪي شيدين ۾ سڱابندي ٿيندي رھي. عمان ۽ عرب رياستن کان ايندڙ جھازي اڪيلي سر ھتي (زئنزيبار) آيا ٿي ۽ پوءِءَ انھن مان ڪيترن آفريڪا کنڊ کان غلام طور آيل خوبصورت شيدياڻين سان شادي ڪئي ٿي. اڄ بھ ھتي عرب "پير مرشد" مڃيا وڃن ٿا جيڪي حبشاڻين سان شادي ڪن ٿا باقي پنھنجيون ڌيئرون شيدي مردن کي سڱاوتي ۾ ڏيندي عار محسوس ڪن ٿا. انڊين پنھنجن ۾ ئي شادي ڪن ٿا. ھو نھ عربن سان ڳنڍجن ٿا ۽ نھ آفريڪي شيدين سان . عرب حاڪم اتم خاندان جا ماڻھو سمجھيا وڃن ٿا، انڊين (گجراتي، بوھرين، کوجن، ھندو سنڌي ۽ پنجابين) جو واپار وڙي تي ڪنٽرول آھي ۽ شيدي ٻني ٻاري جو ڪم ڪن ٿا..

اومان جي گادي مسقط بدران ھزار ھا ميل

پري زئنزيبار ٻيٽ تي ڪئي وئي

"ھتي اچي مونکي (يعني جيمس گنٿر جنھن Inside Africa ڪتاب لکيو آھي) اھا خبر پيئي آھي تھ ھن ٻيٽ زئنزيبا (جنھن کي عربي ۽ فارسي ۾ زنجبار ٿا سڏين) جي عجيب تاريخ آھي. عرب جھازي عمان، عربستان ۽ ايراني نار جي رياستن کان ھتي آيا. کين سامونڊي ڄاڻ ۽ جھاز سازي جو ھنر آيو ٿي ان ڪري ھو ھزارين ميلن کان ڪـَـھي ھن ٻيٽ  تي اچي نڪتا ۽ ھوڏانھن سڏ پنڌ پري آفريڪا کنڊ جا شيدي اڻڄاڻ ۽ ناقابل ھجڻ ڪري ڀرپاسي جي زمينن تي قبضو ڪرڻ تھ ڇا پنھنجو پاڻ کي آرگنائيز نھ ڪري سگھيا. عربن نھ فقط ھن ٻِيٽ (زئنزيبار) تي قبضو ڪري ديرو ڄمايو پر آفريڪا کنڊ جي مشرقي ڪناري واري پٽي (صوماليھ کان موزمبق تائين) تي پنھنجي ڌاڪ ڄمائي. عربن جي اھا ڌاڪ سن  1498ع ۾ پورچوگالين ڀڳي جيڪي سڀ کان اڳ ڪيپ آف گڊ ھوپ کي ڪراس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پورچوگالي ھن ٻيٽ تي سلطانن سان گڏ ٻھ کن صديون گڏ گڏ رھيا پور پوءِ عربن مڙسي ڏيکاري ۽ پورچوگالين کي تڙي ڪڍيو ۽ ھڪ دفعو وري پاڻ ھن ٻيٽ جا اڪيلا والي وارث بنجي ويھي رھيا جتان جنھن وکر جو ڌنڌو زور شور سان ھليو ٿي اھو "انسان" (Human Cargo) ھو. ھڪ ڏٽي مٽي صحتمند نوجوان شيدي نينگر يا ورجن حبشڻ جي قيمت ھڪ رڍ يا ٻڪريءَ کان بھ گھٽ ھئي. ۽ پوءِ انھن کي جانورن وانگر ٻيڙين ۾ اڃيو، بکيو ۽ اگھاڙو سٿي مصر يا ترڪي جي بندرگاھن ۾ وڌيڪ وڪري لاءِ لاٿو ويو ٿي. رستي جي ڏکن سامونڊي سفرن ۾ اڌ جيترو مال، انساني جانيون مري ويون ٿي تھ بھ ترڪي ۽ چين جي درٻِارن ۾، سنڌ ۽ ھند جي نوابي محلن ۾ ھي وکر سستو پيو ٿي ۽ ھن وکر مان ڪمائي صحيح طرح حاصل ڪرڻ لاءِ عمان جي سلطان پنھنجو ملڪ ڇڏي زئنزيبار ٻيٽ تي اچي حويلي ۽ دارالخلافھ ٺاھيو. اھو ائين احمقاڻو ڪم ٿيو جيئن آمريڪا (USA) جو صدر سگارن جي ڪمائيءَ مان اڃان وڌيڪ ناڻو ڪمائڻ لاءِ پنھنجي ملڪ جي گاديءَ جو ھنڌ واشنگٽن مان بدلائي ڪيوبا ٻيٽ تي ڪري.

"عماني سلطان جي زئنزيبار ٻيٽ تي اچڻ بعد ٻين ملڪن جا ماڻھو بھ ھتي اچڻ لڳا. انگلنڊ جي عيسائي تبليغي جماعتن جا عالم، کوجنائون ۽ سير ڪندڙ ۽ واپاري ھن ٻيٽ تي اچڻ لڳا ۽ ھتي پھچي پوءِ آفريڪا جي ٻين ملڪن جو رخ رکيائون ٿي. آمريڪا پھريون ملڪ آھي جنھن سڀ کان اڳ، سن  1836ع ۾ ھن ٻيٽ تي قونصل خانو کوليو. برطانيھ غلامن جو وڪرو بند ڪرائڻ لاءِ پوري پوري ڪوشش ڪئي ۽ آخر ڪامياب ٿي ويو.

ترڪيءَ جي حرمن ۽ حويلين لاءِ غلام ۽ کدڙا زئنزيبار کان آيا ٿي.

لؤنگن جو ديس (Zanzibar) زنجبار ٻيٽ

"اڄ ڪلھھ (يعني گنٿر جي ڏينھن ۾) زئنزيبار جو سلطان سيد سر خليفا بن ھاروب آھي جيڪو گذريل 44 سالن کان حاڪم آھي ۽ اڄ ڪلھھ دنيا جو پراڻو حاڪم سمجھيو وڃي ٿو. ھن برطانيھ جي شھنشاھن جون ٽي دفعا تاجپوشيون ڏٺيون آھن. ھي زئنزيبار ۾ نھ پر مسقط ۾ سن 1879ع ۾ ڄائو ھو. ھنن عمانين جي گذريل يارھن پيڙھين کان سلطنت ھلندي اچي.

"ھڪ ڏينھن منھنجي (يعني جيمس گنٿر جي) ھن سلطان سان اوچتو ملاقات ٿي وئي. پاڻ  تمام نرم دل، ھمدرد ۽ ذھين طبيعت جو مالڪ آھي. ھن سان ملي مونکي اھو ئي محسوس ٿيو جيڪو ھن جي برابر وارن حاڪمن: لبيا جي بادشاھھ ادريس ۽ خارطوم جي بادشاھھ مھدي سان ملي ٿيو ھو. پاڻ پنھنجي عمر کان ننڍو ۽ قد ۾ ڊگھو ۽ چاپئين ڏاڙھي وارو آھي. کيس اڇي رنگ جو جبو ۽ پٽڪو ٻڌل ھو. ھن کي ٻيٽ تي گاڏيءَ ۾ ويھي گھمڻ پسند آھي. ان ڏينھن ساڻس گڏ ڪي گھڻا چوڪيدار سپاھي نھ ھئا. ھي نھ گھڻو امير آھي ۽ نھ لالچي:

"ان ڏينھن اسان نھ فقط زئنزيبار جي سلطان سان ملياسين پر سندس خوبصورت ۽ جوان زال (سلطانا) سان پڻ. پوڙھا عرب جوان ڇوڪرين سان خوب ٺاھ ڪري ھلن ٿا. ھي پھريون ملڪ ھو جتي جي عرب حاڪم جي زال اسان جي منھن تي ويٺي. ھوءَ مغربي پوشاڪ ۾ ھئي. ھن شرمائيندي شرمائيندي اسان کان آمريڪا ۽ پئرس جي خبر چار پڇي ۽ ٻڌائين تھ ريتا ھيورٿ ڪيڏي تھ خوبصورت آھي پر ھن ٻڌايو تھ ھتي زئنزيبار ۾ ھـُـن بور محسوس ڪيو  ھو. زئنزيبار گھمڻ ھوءَ انھن ڏينھن ۾ آئي ھئي جڏھن ھوءَ اڃا تائين آغا خان جي ننھن ھئي. سلطانا بابت ٻڌوسين تھ ھن فقط سال کن اڳ پڙدو ڪرڻ ڇڏيو آھي. ھن ٻڌايو تھ سواءِ ممباسا ۽ نئروبيءَ جي ھوءَ زئنزيبار کان ڪڏھن بھ ٻاھر نھ نڪتي آھي.

"زئنزيبار ۾ چيو وڃي ٿو تھ لونگن جا ڏھھ لک کن وڻ آھن. لونگن جو سڀ کان گھڻو وڪرو انڊونيشيا ۾ آھي جتي لونگن ۽ تماڪ جي ڪاتر مان سگريٽ ٺاھيا وڃن ٿا. انڊيا ۾ بھ ان جي وڏي مارڪيٽ آھي. لونگن جا وڻ شروع وارن سلطانن موريشس ٻيٽن تان گھرائي ھتي پوکرايا جيڪي دراصل موريشس تي بھ انڊونيشيا جي ھڪ ڏور انھين ٻيٽ مولوڪوس (Molouccas) تان آيا ھئا. زئنزيبار ۾ اڄ ڪلھھ لونگن جي ڪمائيءَ ۾ گھٽتائي اچي وئي آھي. ھڪ عجيب قسم جو جيوڙو لونگن جي وڻن کي سڪائي رھيو آھي جنھن جو علاج اڃان تائين فقط اھو نظر اچي رھيو آھي تھ پراڻو وڻ ڪڍي نئون پوکجي جنھن ۾ ظاھر آھي وقت ۽ پئسي جو وڏو خرچ آھي."

زئنزيبار (زنجبار) ھن علائقي جو

لنڊن ۽ پئرس ھو

زنجبار تي پورچوگالي، شيرازي، ايراني، اوماني عرب، انڊين، چيني، ملئي ۽ انگريز آيا ۽ سڀ ملي جلي رھيا ۽ اڄ تائين انھن ماڻھن جو ڪلچر ۽ رسم و رواج قائم آھي. اڄ غلامن جو وڪرو نٿو ٿئي 1873کان ان تي بندش وڌي وئي پر اھا مارڪيٽ موجود آھي جتي ڦاسايل شيدين جو واڪ عرب ۽ پورچو گالي واپاري ڏيندا ھئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: