سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: هي ٻيٽ هي ڪنارا

باب

صفحو :15

  

خان قلات گوادر ۽ ان سان لاڳاپيل حصو سلطان سعيد کي ان شرط تي ڏنو ھو تھ ھو جيسين پنھنجي سلطنت تي قابض نھ ٿئي تيسين ھتان ملندڙ ڍل ۽ ٽئڪس وغيره تي گذارو ڪندو رھي. پر سلطان سعيد پنھنجي سلطنت واپس حاصل ڪرڻ جي باوجود گوادر وغيره نھ موٽايو ۽ ھي علائقو ڪنھن نھ ڪنھن ريت عمان جي حاڪمن جي ھٿ ھيٺ رھيو. اٽڪل ڏيڍ صديءَ بعد، سن  1958ع ۾، گوادر جو پاڪستان سان ڳنڍجڻ جو اعلان ٿيو.

آفريڪا  ۾ بلوچ ڪيئن پھتا

زئنزيبار، ٽنگانيڪا (جيڪي ملڪ پاڻ ۾ ملڻ ڪري ھاڻ تنزانيا سڏجن ٿا)، يوگنڊا ۽ ڪينيا وغيره ۾ اٽڪل ٻارھن ھزار بلوچ رھن ٿا جن مان سڀ کان گھڻا ممباسا ۽ زئنزيبار بندرگاھن ۾ رھن ٿا. بلوچن جو آفريڪا جي ھنن ملڪن ۾ ھجڻ بابت روايت مشھور آھي تھ جڏھن سترھين صديءَ جي آخر ۾ مشرقي آفريڪا جي سامونڊي ڪناري تي مڪاني مسلمانن تي پورچوگالين جا ظلم وڌي ويا ۽ ھو مڪاني مسلمانن کي زوريءَ عيسائي ٺاھڻ لڳا تھ مڪاني ماڻھن مسقط (عمان) جي سلطان امام سيف بن سلطان اليروبي کي مدد لاءِ آمادھ ڪرڻ لاءِ ھڪ وفد موڪليو. سلطان سڄو احوال ٻڌي ممباسا ۽ ايسٽ آفريڪن ڪوسٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ پنھنجو ھڪ خاص ماڻھو موڪليو. ان شخص جو نالو مير شھداد ھو ۽ ھو بلوچ ھو. ھو پھرين ميلنڊي آيو ۽ پوءِ ممباسا پھتو ۽ پورچوگالين جي لڪ ڇپ ۾ معلومات حاصل ڪرڻ لڳو. پورچوگالين کي ھن ۾ شڪ پئجي ويو ۽ گرفتار ڪري ورتائونس. ھو ڪجھھ عرصو قيد ۾ رھيو ان بعد اتان ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ عمان پھچي سلطان کي سڄو احوال ٻڌايو ۽ پورچوگالين جي فوجي قوت ۽ انھن جي ڪمزورين کان آگاھھ ڪيو. نتيجي ۾ سلطان جي فوجن مير شھداد جي  سربراھيءَ ۾ ممباسا جي قلعي (فورٽ جيسس) جو گھيراءُ ڪيو ۽ اڍائي سالن جي محاصري بعد سن  1689ع ۾ ان قلعي تي قبضو ڪري ورتو- جنھن جو احوال شروع ۾ ڏئي چڪو آھيان. سلطان آف عمان مير شھداد جي بھادري ۽ وفاداريءَ مان متاثر ٿي پنھنجي ڀيڻ جي شادي ھن سان ڪرائي. ان کانپوءِ مختلف جنگي مھمن م بلوچ سپاھي سلطان آف عمان جي فوج سان گڏ ايسٽ آفريڪا جي ڪناري تي ايندا رھيا. ھڪ وقت تھ اھڙو بھ آيو جو عمان جي حڪومت بلوچن جو سڄو گيريزن فورٽ جيسس جي سلامتيءَ لاءِ مقرر ڪيو. بھر حال ھو مستقل طور آفريڪا ۾ ان  وقت کان آباد ٿيا جڏھن اوڻيھن صديءَ جي آخري اڌ ۾ عمان جي بوسعيدي حاڪمن پنھنجو درالخلافھ مسقط کان  زنجبار (Zanzibar) منتقل ڪيو. ڪراچي جي لي مارڪيٽ، چاڪيواڙي ۽ بغدادي وانگر ھي اسانجا بلوچ آفريڪا جي مختلف شھرن ۾ بھ خاص خاص علائقن ۾ گڏجي رھڻ لڳا. ان وقت ممباسا جي بندرگاھھ ۾ جنھن ھنڌ تي ھي پھرين اچي رھيا  اھو علائقو اھو آھي، جتي اڄ ڪلھھ آغا خان جي اسپتال ۽ گرلز اسڪول آھي. ممباسا ۾ تھ ايتريقدر جو ھن گھٽيءَ جو نالو بلوچي اسٽريٽ آھي. جيئن جدي ۾ سنڌي اسٽريٽ آھي. ممباسا ۾ بلوچن جون ٻھ مسجدون بھ آھن جن جا نالا مبارڪ مسجد ۽ بلوچي مسجد آھن.

جھاز مرضي سان نھ پر ھوائن جي رخ

موجب ھلايا ويا ٿي.

آفريڪا جو نالو ٻڌڻ سان جنگل، نانگ بلائون، جنگلي قبيلا، جانور ۽ اتي جا رھاڪو شيدي ڌيان ۾ اچن ٿا. بلڪل صحيح آھي. آفريڪا شيدين، حبشين، ڪارن ماڻھن جي رھڻ جو ملڪ آھي. پر آفريڪا جي ڪن ڪن شھرن ۽ بندرگاھن- خاص ڪري اوڀر آفريڪا جي ڪناري وارن شھرن ۾ ڪيترائي عرب ۽ ننڍي کنڊ جي ڪيترن ئي مذھبن ۽ زبانن جا ماڻھو نظر اچن ٿا. ممباسا، زئنزيبار، پيمبا، ڪمپالا، دارالسلام ۽ جنجا جھڙن شھرن جون ڪي ڪي سڄيون بازاريون بوھرين، کوجن، ميمڻن سنڌي ھندن، گجراتين، آغا خانين، پٺاڻن، سکن ۽ پنجابين جون آھن.  1972ع ۾ يوگنڊا جي عيدي امين،  پوءِ ڪجھھ سالن بعد ڪينيا ۽ تنزانيا جي حڪومتن ننڍي کنڊ جي ماڻھن کي زوريءَ لوڌي ڪڍيو نھ تھ ان کان اڳ تائين آفريڪا جي ڪيترن شھرن جون بازاريون ڪراچي جي ايلفي، بوھري بازار  ۽ جھونا ۽ جوڙيا بازار جھڙيون لڳيون ٿي. سنگاپور جي ھاءِ اسٽريٽ بھ  1985ع تائين ائين لڳي ٿي جتي دڪاندار پنجاپي، پشتو، سنڌي، ڪڇي، گجراتي ۽ تامل زبانن ۾ ڳالھائيندي نظر ايندا ھئا.

سٺ واري ڏھاڪي جي آخري سالن ۾ پھريون دفعو جڏھن اسانجو جھاز ممباسا پھتو تھ آئون ھن شھر جون بازاريون ۽ پنھنجي تر جا دڪاندار ۽ ٻڌل سڻيل زبانن جا آواز ٻڌي وائڙو ٿي ويو ھوس. پوءِ خبر پيئي تھ گذريل ڪيترين صدين کان ننڍي کنڊ جا ھي ماڻھو ھتي ايندا رھيا آھن. آفريڪا ۾ دڪان ۽ بازاريون ھنن شروع ڪيون. اسپتالون ۽ بسون ھنن ھلايون، ڪارخانا ۽ عمارت سازيءَ جو ڪم ھنن شروع ڪيو. ھڪ دڪاندار واپاريءَ لاءِ اھم ناھي تھ ملڪ جو حاڪم عرب سلطان آھي. يا پورچوگال جو يورپي، يا برطانيھ جو انگريز، ھن جو ڌنڌو ھلڻ کپي. وڌڻ کپي، نفعو ٿيڻ کپي- ملڪ جون چاھي امن واريون حالتون ھجن يا جنگي.

ننڍي کنڊ جا ماڻھو آفريڪا جي ھنن شھرن ۾ ڪيئن  پھتا؟ سڀني کي انگريزن بھ پاڻ سان نھ آندو. ڪيترا تھ پاڻھي آيا ۽ ڪيترا تھ انگريزن ۽ پورچوگالين کان بھ اڳ آفريڪا جي ايسٽ ڪوسٽ (اوڀر ڪناري) وارن پٽن تي اچي رھيا. نقشي ۾ ڏسبو تھ ھندي وڏي سمنڊ ۾ ھڪ پاسي ھندستان اچيو ٿو وڃي تھ کاٻي پاسي آفريڪا کنڊ جي اوڀر وارو سامونڊي ڪنارو ۽ مٿي اتر ڏي ايران ۽ عرب رياستون. قدرت طرفان شروع کان، صدين کان، ھن سمنڊ ۾ جيڪو ھوائن ۽ سامونڊي لھرن  (Currents) جو نظام ھلندو اچي اھو ھڪ ٽڪنڊو ٺاھي ٿو. ڪنھن جھازيءَ کي ڀلي نقشو نھ ھجي. ھو سال جي ھڪ موسم ۾ سري لنڪا بمبئي کان نڪرندو ھو تھ عرب ملڪن ۾ وڃي پھچندو ھو. ٻي موسم ۾ نڪرندو تھ آفريڪا جي ڪناري وارن شھرن ممباسا، دارالسلام ۽ زئنزيبار ٻيٽ ۾ وڃي پھچندو ھو. سال جو ھڪ حصو اھڙو بھ اچي ٿو جو عرب ملڪن کان روانو ٿيندو تھ سنڌ وٽان ٿيندو سريلنڪا وڃي نڪرندو يا ايراني نار ۽ بحر احمر کان روانو ٿيندو تھ آفريڪا جي ڪناري کان وڃي نڪرندو. بھر حال ڪـَـل تي جھاز نڪرڻ کان اڳ جھازي ھوا ۽ لھرن جي ڦيرن کان واقف ھئا ۽ انھن موجب ھو سڙھھ سانباھي مختلف ملڪن يا پنھنجن ماڳن تي پھتا ٿي. اڄ بھ ھوشيار ناکئا (ڪئپٽن، نيويگيٽر) انجڻ سان گڏ ھوائن ۽ لھرن جي رخ مان بھ فائدو وٺي تيل ۽ وقت جو بچاءُ ڪن ٿا.

آفريڪا جا شيدي جھاز راني ۽ جھاز سازي

کان اڻ واقف ھئا

ويھين صدي جي شروعات کان جيئن ئي انجڻيون ۽ تيل ايجاد ٿيو تھ جھاز پنھنجي مرضيءَ سان ھلڻ لڳا. يعني  Departure(بندرگاھھ ڇڏڻ) بھ مرضي مطابق ٿيڻ لڳو يعني ھاڻ جڏھن وڻي ٿو جھاز کڻي نڪريو پئون ۽  Destination بھ پنھنجي مرضي تي رکون ٿا. يعني جيڏانھن وڻي اوڏانھن وڃي سگھون ٿا چاھي ھوائن ۽ سامونڊي لھرن جو رخ ڪھڙو بھ ھجي. ڪراچيءَ مان ھڪ ئي وقت نڪرندڙ ڏھاڪو کن جھازن مان ڪي اتر طرف عرب ۽ ايران جي بندرگاھن ڏي روانا ٿيو وڃن تھ ڪي ڏکڻ ڏي بمبئي، سري لنڪا، مالديپ وغيره ڏي، تھ ڪي اولھھ ڏي ممباسا، موپوتو، ڪيپ ٽائون وغيره.

پر ويھين صدي شروع ٿيڻ کان اڳ تائين، صدين جون صديون، جھازي ھوائن موجب ھلندا رھيا. سڙھ سبي، سکاڻ سڌا ڪري ويٺا ھوندا ھئا. پوءِ جيئن ئي ھنن جي منزل ڏي وٺي ويندڙ ھوائون لڳڻ شروع ٿينديون ھيون تھ مائٽن  مٽن، دوستن يارن کان موڪلائي ٻيڙا ٻاھر ڪڍڻ شروع ڪندا ھئا. پوءِ ترسندا نھ ھئا. بقول شاھھ لطيف جي: رئان رھن نھ سپرين، آيل، ڪريان ڪيئن؟ ۽ پوءِ ھنن لاءِ ترسڻ معنيٰ سڄو سال ضايع ڪرڻ، ڇو جو ھڪ دفعو اھا موسم، صحيح رخ واري لڳندڙ ھوا نڪري وئي معنيٰ  Sail ڪرڻ جي چانس نڪري وئي تھ پوءِ ڪجھھ نٿي ڪري سگھيا. ان ڪري سٺا جھازي وقت نھ وڃائيندا ھئا ۽ پوءِ ظاھر آھي تھ پٺيان "بندر ۽ بازاريون انھن سامونڊين بنا سڃا ٿي ويندا ھئا. " ڏياريون، عيدون وغيره چنڊ جي تاريخن تي اچن ٿيون پر ھوائن جا رخ انگريزي مھنن مطابق Fixed رھن ٿا جيئن سياري جون ھوائون ھر سال ڊسمبر جنوري ڌاري لڳن ٿيون ۽ سانوڻي ھر سال جولاءِ آگسٽ وارن مھنن ۾ ٿئي ٿي. پوءِ ڏياري يا عيد  ڪڏھن سياري تھ ڪڏھن اونھاري ۾ بھ ٿيو وڃي ۽ جيئن تھ ٻيڙي ھلائڻ وارن کي ھوا جي رخ مطابق ھلڻو آھي ان ڪري ڪڏھن ڪڏھن ھو ڏياريون ۽ عيدون بھ ڇڏيو ڏين:

ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙھھ سنباھيا

ان کي مند اتر جي، اوچتي آئي

وڻجارن وائي، آھي پرئين پار جي.

بھرحال انھن ڏينھن ۾ گھڻا  Navigational Aids (سمنڊ تي رستو ٻڌائڻ جا آلا) نھ ھئا. بس ھوائن جي رخ تي ٻيڙا ڇڏي پوءِ چنڊ، سج ۽ تارن ڪتين ذريعي پڪ پئي ڪبي ھئي تھ جھاز صحيح رخ ڏيو وڃي پيو يا نھ. وري آفريڪا يا عرب ملڪن کان موٽڻ مھل بھ صحيح ھوائن جي رخ جو انتظار ڪرڻو پيو ٿي. ڪنھن کان مھنو ٻھ دير ٿي وئي، سڙھھ سڌا ڪري بندرگاھھ مان نھ نڪتو، تھ ظاھر آھي پنھنجي ماڳ پھچي نھ سگھندو ۽ پوءِ وري ٻئي سال جي ھوائن جو انتظار ڪرڻو پوندو ھوس. پوءِ ڀلي انھن جھازين جون  ونيون سندن انتظار ۾ پنھنجي ديس جي بندرگاھن تي انتظار ڪن ۽ پـَـڙ باسين.

"سـَـر نـِـسريا پانڌ، اتر لڳا آءُ پرين!

مون تو ڪارڻ، ڪانڌا! سھسين سکائون ڪيون."

يا

"سـَـر، لوھيڙا ڳڀيا، ڪـُـسـر نــِـسريا،

تو ڪئن وسـِـريا، ڍوليا ڏينھن اچڻ جا؟

تن ڏينھن ۾ جھازين جي موٽي اچڻ جي مند سڀني کي خبر ھوندي ھئي. يعني فلاڻي موسم ۾ جڏھن ھيءَ پوک ٿي ٿي ۽ فلاڻي رخ جي ھوا لڳي ٿي تھ عربستان کان نڪتل جھازن سنڌ ڏي اچڻ شروع ڪيو ٿي ۽ سنڌ وارن جھازن بمبئي ۽ لنڪا ڏي وڃڻ شروع ڪيو ٿي، وغيره. بھر حال ھندي سمنڊ ۾ ھوائن ۽ سامونڊي لھرن جي خيال کان ھڪ ٽڪنڊو ٺھيل ھو جنھن جي ھڪ ڪنڊ بمبئي، ڀوڄ، دوارڪا، ٺٽو ھئا تھ ٻي آفريڪا جو ڪنارو تھ ٽي ايران ۽ عرب رياستون. ھوائن جي رخ موجب سڙھن وارا جھاز ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ سولائيءَ سان پئي آيا ويا. آفريڪا کنڊ جا شيدي نھ جھاز راني کان واقف ھئا نھ جھاز سازي کان  سو اھي اسان ڏي اچي اسانجي ملڪن تي قبضو نھ ڪري سگھيا. باقي عرب ۽ اسانجي کنڊ جا ماڻھو آفريڪا کان وڃي نڪتا ۽ نھ فقط وڃي نڪتا پر زئنزيبار جھڙن ٻيٽن جا سلطان ٿيا، واپار جي منڊين ۽ دڪانن جا مالڪ ٿيا.

آفريڪا ۾ رھندڙ اسانجي پاسي جا ماڻھو

روزگار ۽ وڌيڪ ناڻو ڪمائڻ خاطر اسانجي ننڍي کنڊ کان بھ مختلف مذھبن، زبانن ۽ قومن جا صدين کان آفريڪا ۽ ٻين ڏورانھن ڏيھن ڏي ويندا رھيا. نھ فقط غريب ھٿين خالي ماڻھو پر امير ۽ شاھوڪار پنھنجي ڌن دولت سان آفريڪا جي مختلف شھرن  ۾ قسمت آزمائي ڪندا رھيا. تعداد وڌڻ تي ھو الڳ علائقن ۾ گڏجي رھيا ۽ پنھنجي پنھنجي ڪميونٽي جي مدد ڪندا رھيا ٿي. ھنن پنھنجا پنھنجا عبادت گھر ۽ ملڻ جون جايون ٺاھيون ٿي. صديون اڳ جي ٺھيل عمارتن مان اڄ بھ ڪيتريون مسجدون، مندر ۽ ڪميونٽي ھال وغيره انھن ڏينھن جي ياد ڏيارين ٿا. آفريڪا جي ملڪن ۾ ملندڙ پنھنجي ننڍي کنڊ جي ماڻھن- خاص ڪري ھندو سنڌي، کوجن، بوھرين، گجراتين وغيره کان سندن ابن ڏاڏن جو احوال پڇندو ھوس تھ ھو آفريڪا ۾ ڪڏھن ۽ ڪيئن آيا ۽ تن ڏينھن ۾ آفريڪا جا ھي ملڪ ڪيئن ھئا ۽ ھند، سنڌ، بنگال، برما وغيره ڪيئن ھئا. ھر ھڪ جي عجيب ۽ دلچسپ ڪھاڻي ھوندي ھئي. يوگنڊا ۽ پوءِ ڪينيا، تنزانيا ۽ آفريڪا جي ٻين ملڪن مان ايشيا جي ماڻھن کي ڪڍڻ بعد انھن دڪاندارن مان ڪيترن سان ھانگ ڪانگ، سنگاپور، انگلنڊ ۽ ڪئناڊا ۾ بھ ملاقات ٿي. ھنن اتي بھ پھچي پنھنجي زندگي ٺاھي. سندن ڪھاڻي محنت، عقل ۽ ڀاڳ جي ڪھاڻي آھي. کوجا بزنيس ڪميونٽيءَ جو "ذوالفقار" نالي ھڪ ھفيتوار انگريزي رسالو نڪري ٿو. ٻھ ٽي سال اڳ ان رسالي ۾ محمد مانيڪ نالي ھڪ کوجي جي زندگيءَ جو احوال آيو ھو تھ ھو ڪيئن اڄ کان سؤ سال کن اڳ ھٿين خالي پنھنجي ڳوٺ مندرا (ڪڇ، گجرات) کان ھڪ  ننڍڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي آفريڪا پھتو. اھو احوال ھتي ترجمو ڪري ڏئي رھيو آھيان. پڙھندڙ کي ضرور دلچسپ لڳندو.

محمد مانيڪ جو آفريڪا ڏي سفر

ھندي وڏي سمنڊ ۾ جڏھن "تجارتي ھوائن" (Trade Winds) جو  رخ موافقت ۾ ھوندو آھي تھ پوربندر (گجرات، انڊيا) کان آفريڪا جي اوڀر ڪناري واري بندرگاھھ ممباسا تائين ھڪ ڌائو (عرب نموني جي ٻيڙي) ذريعي سامونڊي سفر اٽڪل ٽيھن ڏينھن ۾ پورو ٿئي ٿو. جي سمنڊ خراب  (rough) آھي يا ھوائن جو زور گھٽيل آھي تھ ساڳيو سفر بيحد تڪليف وارو ٿيو پوي ۽ وڌيڪ ئي ڏينھن لڳن ٿا.

سن  1903ع جي ڳالھھ آھي. ھڪ ڌائو  (Dhow) ھندستان جي اولھھ ڪناري کان آفريڪا کنڊ جي اوڀر ڪناري ڏي وڃي رھي ھئي. ھندي وڏي سمنڊ جو پاڻي نھ سانتيڪو ھو ۽ نھ وري ڪا منجھس گھڻي اڀام ھئي. ٻيڙيءَ ۾ ٻين  مسافرن سان گڏ ھڪ تيرھن سالن جو نوجوان بھ سوار ھو. ھن جي چھري تي پختي عزم جون ريکائون ھيون: ان جو اندازو لڳائڻ ڏکيو آھي تھ اھي ڪھڙا جذبا ۽ سوچون ھن نوجوان جي اندر ۾ ولوڙ پئدا ڪري رھيو ھيون جن کان مجبور ٿي، اڄ کان سؤ سال کن اڳ ھن اھو سفر اختيار ڪيو. ان نينگر جو نالو محمد مانيڪ ھو ۽ ھو 15 مارچ 1890ع تي مندرا (ڪڇ) ۾ ڄائو ھو جيڪو انڊيا جي صوبي گجرات ۾ آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: