سيڪشن؛ سفرنامه

ڪتاب: هي ٻيٽ هي ڪنارا

باب

صفحو :14

  

زئنزيبار جو ٻيٽ 50 ميل ڊگھو ۽ 20 ميل ويڪرو آھي.  1964کان  اڳ تائين زئنزيبار ٻيٽ الڳ ٿلڳ ملڪ ھو پر پوءِ ٽانگانيڪا (آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي ھڪ ملڪ) زئنزيبار کي پاڻ سان ملائي نئون ملڪ تنزانيا ٺاھيو جيئن ملايا وارن بورنيو ٻيٽ جي صباح ۽ سراواڪ رياستن سان ملي نئون ملڪ ملائيشيا ٺاھيو. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ زئنزيبار وارا ھاڻ ان ميلاپ مان خوش نھ آھن جو ھنن کي اھو محسوس ٿي رھيو آھي تھ ھنن جي سڃاڻپ ختم ٿي رھي آھي. ۽ ٻي ڳالھھ تھ زئنزيبار ٻيٽ تي گھڻائي مسلمانن جي آھي ۽ تنزانيا ملڪ جيڪو تمام وڏو آھي ان جا گھڻي ڀاڱي رھاڪو عيسائي آھن. لونگ جي پوک ۽ ان جي مارڪيٽ ڪرڻ ڪري زئنزيبار ٻيٽ تي اھا خوشحالي نھ رھي آھي. جيستائين سئيز ڪئنال بند ھو اسان جا جھاز آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪرڻ وقت ممباسا، دارالسلام يا زئنزيبار آيا ويا پئي چاھي ڪم ھجي يا نھ. 1975ع کان پوءِ ھاڻ ورلي ڪو جھاز ھڏانھن ھـَـلي مـَلي اچي ٿو. سامان ھوندي بھ ڪيترا جھاز وڃڻ کان لنوائين ٿا جو زئنزيبار پھچڻ ۾ جيترو پنڌ ۽ وقت جو زيان آھي اوتري ڪمائي نھ آھي. بھر حال زئنزيبار ٻيٽ تي رھندڙ کي اھا شڪايت آھي تھ يورپ ۽ آمريڪا کان ملندڙ مدد جو کين صحيح حصو نٿو ملي. پر اھو آھي تھ سياست ۾ ھن ٻيٽ جي ماڻھن کي ڀرپور نمائندگي ملي ٿي. اڄ ڪلھھ تنزانيا جو صدر زئنزيبار مان آھي ۽ نئشنل اسيمبلي جي ميمبرن جو ٽيون حصو ھن ٻيٽ کان آھي زئنزيبار ٻيٽ جي رھاڪن کي تنزانيا جي سرزمين تي جائداد خريد ڪرڻ جي اجازت آھي پر تنزانيا وارا زئنزيبار ٻيٽ تي نٿا رھي سگھن. ويندي گھمڻ لاءِ بھ ھنن کي پاسپورٽ آڻڻو پوي ٿو.

زئنزيبار ٻيٽ جي ڀر ۾ ھڪ ٻيو ننڍڙو ٻيٽ پيمبا نالي آھي جيڪو پڻ زئنزيبار جو حصو آھي ھونءَ زينزيبار واري وڏي ٻيٽ جو نالو انگجا (Unguja) پڻ آھي پر عام طرح زئنزيبار يا زنجبار سڏجي ٿو.

بھرحال زئنزيبار اڄ اھو امير ٻيٽ ۽ بندرگاھھ نھ رھيو آھي نھ تھ صدين تائين زئنزيبار ھن علائقي جو لندن ۽ پيرس ھو. پئسو زئنزيبار ۾ ھو، فيشن زئنزيبار ۾ ھو. تھذيب ۽ تمدن ۾ مٿاھون زئنزيبار ھو جنھن کي باقي آفريڪا کنڊ فالو ڪيو ٿي پر عرب ۽ يورپي بھ پنھنجو وطن ڇڏي ھن ٻيٽ تي ھليا آيا ۽ نھ فقط آيا پر ھميشھ لاءِ رھڻ اختيار ڪيائون ۽ جيئن اسان وٽ اھا چوڻي مشھور آھي (بلڪ ھئي) تھ ھجئي ناڻو تھ گھم لاڙڪاڻو تيئن عربي توڙي انگريزيءَ ۾ زئنزيبار لاءِ اھا چوڻي مشھور ھئي تھ:

When the flute is played in Zanzibar, All Africa (East) must dance.

آفريڪا ۽ اسانجي بلوچن جي موجودگي

۽ عرب جھازي

زئنزيبار ٻيٽ جيڪو آفريڪا کنڊ جي ويجھو ائين آھي جيئن دادوءَ کان مورو. موريشس، سيشلر ۽ ويندي مئڊاگاسڪر جھڙو ٻيٽ جتي آفريڪا کنڊ کان ھزار کن ميل پري آھي اتي زئنزيبار آفريڪا جي سرزمين کان فقط ويھھ پنجويھھ ميل کن پري آھي جيڪو فاصلو ڪجھھ بھ نھ آھي پر ھن تي آفريڪن جو قبضو نھ رھيو ۽ ھي ٻيٽ شروع کان ڌارين جي حوالي رھيو. ھن ٻيٽ تي توھان کي ڪيترائي ننڍي کنڊ جا ماڻھو ملندا جيئن تھ بوھري، آغاخاني، پنجابي، پٺاڻ، سک، ھندو سنڌي، تامل وغيرھ وغيرھ. اھا تعجب جي ڳالھھ آھي تھ زئنزيبار ٻيٽ توڙي آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي شھرن: ممباسا، دارالسلام ۽ ڪينيا، تنزانيا ۽ موزمبق جي ٻين شھرن ۾ ڪيترائي بلوچ پڻ آھن جن جا وڏا عماني سلطان جي دعوت تي انھن پاران پورچوگالين سان مقابلو ڪرڻ لاءِ بلوچستان کان  آيا ھئا.

بلوچن جي زئنزيبار ۽ آفريڪي ملڪن  ۾ موجودگي، بلوچن جو عمان وارن سان واسطو ۽ بلوچن جا، ھڪ بھادر قوم جي حيثيت ۾، پورچوگالين سان مقابلا سمجھڻ لاءِ ڪجھھ ڳالھيون ڌيان ۾ رکڻ ضروري آھن.

عرب جھاز راني (Navigation) ۽ جھاز سازي يعني (Ship Construction) ۾ ھوشيار ھئا. جپاني ۽ نارويجين پڻ (۽ پوءِ يارھين ٻارھين صدي کانپوءِ انگريز، اسپيني، ڊچ ۽ پورچوگالي بھ اڳيان وڌيا) پر ھر ھڪ پنھنجي تر ۾ ڦري ۽ ڦـُـري رھيو ھو. ڪجھھ ڪجھھ سمنڊن جا حصا اھڙا ھئا بلڪ اڃان بھ آھن جن ھنن اوائلي جھازين جي ڪاٺ ۽ سڙھھ تي ھلندڙ جھازن کي پنھنجي پنھنجي حد ۾ محدود رکيو ٿي. اسانجي ريجن (ھندي وڏي سمنڊ) ۾ جھاز راني جي معاملي ۾ عرب سگھارا، بھادر ، سمنڊ ۽ ستارن جا واقفڪار، راھن ۽ رستن جا ڄاڻو ۽ وڏا Adventurous  ھئا. يورپي ۽ ٻيا بعد ۾ ھلي سٺا جھازي ٿيا ۽ سمنڊ تي قبضو ڪيائون نھ تھ سمنڊن تي حڪومت عربن جي ھئي. اسلام جي ٽئي خليفي حضرت عثمان جي ڏينھن ۾ پھريون بحري ٻيڙو قائم ٿي چڪو ھو. خليفي جي اجازت سان امير معاويھ ڪيترائي شپ يارڊ قائم ڪيا ۽ سن  649ع ۾ قبرص (Cyprus) ٻيٽ تي حملو ڪرڻ وقت مسلمانن وٽ تن ڏينھن جي معيار جي حساب سان 500 کن وڏا جھاز ھئا. ۽ پوءِ ٻن سالن بعد ھنن ڀؤنچ سمنڊ ۾ اٽليءَ جو ٻيٽ سسلي فتح ڪيو. حضرت عثمان رضھ جي 12 سال حڪومت ۾ سڄي ڀؤنچ  (Mediterranean) سمنڊ تي مسلمانن جو قبضو ٿي چڪو ھو. بنواميھ جي دور ۾ تھ مسلمان اڃان بھ اڳتي وڌي ويا. ھنن  746ع ڌاري Rhodes جھڙي ٻِيٽ کي پنھنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو. سليمان بن عبدالملڪ  800ع جھازن جو فليٽ وٺي قسـطنطنيھ (Constantinipole) فتح ڪيو. بنو عباس جي ڏينھن ۾ ھارون رشيد ۽ مامون رشيد جنگي جھازن سان گڏ مال بردار جھاز (Merchant Navy) ۾ بھ واڌارو ۽  سڌارو آندو. نائين صديءَ ۾ عربن جا جھاز انڊيا، سرانديپ (سلون)، ملاڪا (ملائيشيا) جاوا (انڊونيشيا) ويندي چين تائين وڃڻ لڳا. بنو فاطميھ جي  ڏينھن ۾ مسلمانن جي سامونڊي طاقت عروج  تي ھئي ۽ انڊيا، يورپ ۽ آفريڪا جي چوڌاري سندن 16 ھزار جھاز ھئا ۽ پوءِ مسلمان جو زور يارھين صدي کانپوءِ اندلس جي ھٿ مان نڪرڻ بعد ٽٽي پيو. مسلمانن جي ڪمزور ٿيڻ تي يورپ جا عيسائي اڳيان وڌيا. ھو سمجھي ويا تھ دنيا ۾ (ان وقت جي دنيا ۾) طاقتور اھو آھي جنھن جو راڄ سمنڊ تي آھي. ھنن جھاز ٺاھڻ ۽ ھلائڻ جي ھنر ۾ دلچسپي ورتي ۽ اڳتي وڌي ٻين ملڪن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو. ڊچ پورچوگالي، اسپيني، انگريز سڀ ۾ اڳيان اڳيان ھئا. ٻئي نمبر تي فرينچ، جرمن، اطالوي وغيرھ. اھي ڀؤنچ (ميڊيٽرينين) سمنڊ لتاڙي آفريڪا جا ويجھا ۽ سمنڊ جي ڪناري وارا ملڪ پنھنجي قبضي ۾ ڪرڻ لڳا. الجيريا، لبيا، ٽيونيشيا، موراڪو، سينيگال جھڙا مسلمانن جا ملڪ جن جو ڪنھن زماني ۾ مٿاھون مـَان ھو اھي ھاڻ عيسائين جي قبضي ۾ اچڻ لڳا. اھي بھ ڏينھن ھئا جڏھن امير معاويھ ٽيونيشيا جي ھڪ پھاڙي علائقي جا  12 ميل ڪٽائي دنيا جو وڏو شپ يارڊ ٺھرايو جنھن ۾ بعد ۾ ٺھيل جھازن جنگي مقابلا ڪري مسلمانن کي سوڀ ڏياري پر پوءِ مسلمانن جي ڪمزور ٿيڻ تي يورپي سندن ملڪن کي ڪيڪ جي حصن وانگر ورھائڻ لڳا.

ڪـَـل تي ھلندڙ جھاز اڃان نھ نڪتا ھئا. آفريڪا کنڊ جي ھيٺ واري سمنڊ (ڪيپ آف گڊ ھوپ وٽ) جتي دنيا جا ٻھ طاقتور سمنڊ ھندي وڏو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ اچيو ٿا ٽڪرائجن، ۾ خوفناڪ ڇولين، خطرناڪ ڪـُـنن ۽ طوفان ڪري يوريپن جا جھاز سمنڊ جو اھو حصو لتاڙي آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري،  انڊيا يا مشرق ۽  ڏور اوڀر جي ملڪن ڏي وڃي نٿي سگھيا. پر پوءِ آھستي آھستي وڏا جھاز ۽ وڏي دل پئدا ڪري پھرين پورچوگالي ۽ پوءِ ٻيا يورپي ڪيپ آف گڊ ھوپ لتاڙي ھندي سمنڊ جي ٻيٽن ۽ ملڪن ۾ ڪاھي پيا. واسڪو ڊيگاما پھريون پورچوگالي ھو جيڪو سن  1498ع ۾ ممباسا پھتو جنھن تي ان وقت زئنزيبار جي عماني سلطان جي حڪومت ھئي . ھن کي مڪاني ماڻھن جي مزاحمت جو مقابلو ڪرڻو پيو. ھڪ ھفتي اندر پورچوگالي سمجھي ويا تھ ھتي ديرو ڄمائڻ ايڏو سولو نھ آھي ۽ ممباسا ڇڏي اڳتي اوڀر آفريڪا جي ڪناري واري ھڪ ٻئي شھر ميلنڊي ۾ وڃي ساھھ پٽيو ۽ اتي ٺام ٺڪاڻو ٺاھي اڳتي جي پروگرام جو سوچيو. ان بعد ھو انڊيا ھليا ويا. چون ٿا تھ واسڪوڊيگاما کي انديا جو رستو ميلنڊي جي ھڪ مڪاني ماڻھوءَ ابن ماجد ٻڌايو.

ممباسا جو فورٽ جيسز (قلعو)

سن  1498ع ۾ جڏھن پورچوگالي (واسڪو ڊيگاما سان گڏ) ممباسا، دارالسلام، زئنزيبار پھتا تھ انھن بندرگاھن ۽ آفريڪا جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن تي عماني سلطانن جي حڪومت ھئي. عمان جي سلطانن بابت زئنزيبار ٻيٽ واري احوال ۾ لکي چڪو آھيان تھ عماني ماڻھن جو اٺين صديءَ کان آفريڪا جي ھنن علائقن ڏي اچڻ وڃڻ ھو. تاريخ جي شاگردن لاءِ اھا واقعي حيرت انگيز ڳالھھ ھوندي تھ انگريزن، پورچوگالين ۽ ڊچن جيڪي ھن دور ۾ ڪم ڪيا اھي عرب مسلمانن صديون اڳ ڪيا. عمان جيڪو اڄ ڪلھھ ھڪ ننڍڙو ملڪ لڳي ٿو (ھاڻ مڙيئي تيل جي ڪري سکيو ستابو ٿي پيو آھي نھ تھ ٽيھھ سال کن اڳ تائين غريب ھو) ان جي ماڻھن ڏھاڪو کن صديون اڳ ِٻيڙين ۽ ننڍن جھازن ذريعي زئنزيبار ۽ ممباسا جھڙن ڏوراھن علائقن کي نھ فقط ڳولي لڌو پر انھن ويران ھنڌن تي رھي پيا ۽ صديون حڪومت بھ ڪئي. ھنن ھن سڄي علائقي جو درالخلافھ زئنزيبار کي بڻايو. پورچوگالي رکي رکي ممباسا تي حملو ڪري قبضو ڪندا رھيا اتي جي قلعي  (Fort Jesus) پنھنجي قبضي ۾ ڪيو ٿي پر عماني سلطانن ھنن کي ڀڄائي ڪڍيو ٿي. اھو سلسلو سڄي سورھين ۽ سترھين صدي ھلندو رھيو. اھو قلعو  1589ع ۾ ترڪن ٺھرايو ھو جيڪو  1593ع ۾ پورچوگالين قبضو ڪرڻ بعد ان کي وڌايو ۽ مضبوط ڪيو ۽ مٿس اھو  نالو رکيو.

1631ع ۾ عماني سلطان پورچوگالي ڪئپٽن تي خنجر سان وار ڪري کيس قتل ڪيو ۽ قلعو پنھنجي ھٿ ۾ ڪيو پر سال ڏيڍ اندر پورچوگالي ھڪ ٻھ دفعا ناڪام ٿيڻ بعد آخرڪار ھن قلعي کي وري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.  1996ع  ۾ سلطان آف عمان (جيڪو زئنزيبار ٻيٽ ۽ آفريڪا کنڊ جي اوڀر ڪناري واري پٽيءَ جو بھ سلطان ھو) قلعي جو گھيرو ڪرايو. سال کان پوءِ قلعي اندر رھيل پورچوگالي بک ۽ وبا کان مرڻ لڳا. پورن اڍائي سالن بعد ھنن آڻ مڃي ۽ عماني عربن قلعي تي قبضو ڪري ورتو.

 1728ع ۾ عربن جي خلاف فوجي بغاوت ٿي ۽ پورچوگالين فورٽ جيسس تي وري قبضو ڪري ورتو. دارصل پورچوگالين ھن علائقي ۾ پنھنجو اثر رکڻ چاھيو ٿي جو ھن ھنڌان اھم سامونڊي رستن جو لنگھھ ھو. پورچوگالي زئنزيبار ٻِيٽ تي قبضو ڪرڻ جھڙا تھ نھ پئي ٿي سگھيا ان  ڪري ھنن پھرين ممباسا کي حاصل ڪرڻ چاھيو ٿي ۽ ھي قلعو (جنھن جا آثار اڃان تائين آھن) ممباسا بندرگاھھ جي منھن وٽ ھجڻ ڪري ٻين جي حملي کان بچاءَ حاصل ڪرڻ لاءِ بھترين جاءِ ھو.  1729ع ۾ عماني عربن ھڪ دفعو وري پورچوگالين کان ھي قلعو کسي ورتو ۽ کين ھميشھ لاءِ ، گھٽ ۾ گھٽ ھن علائقي (ڪينيا ۽ ٽانگانيڪا) مان تڙي ڪڍيو. (پر وڌيڪ ڏکڻ ۾ موزمبق ۾ ھو اھڙو ڄمي ويٺا جو ويھين صديءَ جي ٻي اڌ ۾ وڃي ھنن مڪاني ماڻھن کي آزادي ڏني. موزمبق ۾ پورچوگالين جي حڪومت جا آخري سال اسان بھ پنھنجين اکين سان ڏٺا ھئا. آزادي بعد مڪاني شيدين لارينزو مارڪس جو نالو موپوتو رکيو.)

 1741ع، قلعي جي المزروئي گورنر پنھنجي عماني سلطان خلاف بغاوت ڪري يڪطرفھ آزاديءَ جو اعلان ڪيو.  1824ع ۾ المزروئي گورنر برطانيا جي مدد حاصل ڪئي ۽  1826ع ۾ برطانوي مدد (Protection) کي واپس ورتو ويو.  1828ع ۾ سلطان آف اومان ۽  زنجبار (Zanzibar) سلطان سيد سعيد قلعي تي حملو ڪيو. ٽن چئن سالن جي سخت مقابلي بعد المرزوئي گورنر سلطان آف عمان اڳيان ھٿيار ڦٽا ڪيا. ان بعد (شايد انتظار ۾ ويٺا ھئا) انگريزن قلعي تي بمباري ڪئي ۽ نھ فقط فورٽ جيسس قلعو ۽ ممباسا پر آھستي آھستي ڪينيا سميت ايسٽ آفريڪا جي ٻين علائقن کي بھ پنھنجي نو آبادياتي پنجوڙ ۾ سوگھو ڪندا ويا. آخرڪار سٺ جي ڏھاڪي ۾ انھن آفريڪي ملڪن ۽ ٻيٽن کي ھڪ ھڪ ڪري آزادي ڏني ۽ انگريز پنھجي وطن روانا ٿيا.

حمل جھڙن بلوچن پورچوگالين جا ڏند کٽا ڪيا

ھن پاسي (يعني زئنزيبار، ڪينيا وغيرھ ۾) عماني سلطانن ۽ پورچوگالين جي وچ ۾ ھلندڙ جنگ ۾ بلوچستان جي بلوچن بھ عماني سلطانن خاطر پورچوگالين جو مقابلو ڪيو. انھن ۾ ھڪ حمل جيئند نالي بلوچ تمام مشھور آھي جنھن جي بلوچي رزميھ شاعريءَ ۾ پورچوگالين سان وڙھڻ جو ذڪر ملي ٿو. غوث بخش صابر پنھنجي ڪتاب  "بلوچي لوڪ داستان" ۾ لکي ٿو تھ حمل بلوچستان جي ھڪ قابل فخر تاريخي شخصيت ٿي گذريو آھي. جنھن ۾ اھي تمام گڻ موجود ھئا جيڪي ھڪ انسان کي قومي ھيرو بنائين ٿا. ھن جو والد جيئند خان ڪلمت بلوچستان جي ساحلي علائقي جو حاڪم ھو.

بلوچستان جي ھڪ نامياري محقن و تاريخدان مير گل خان نصير پنھنجي ڪتاب "بلوچي رزميھ شاعريءَ" ۾ حمل جي ساراھھ ۾ لکيل ان رزميھ نظم (جنھن ۾ حمل ۽ پورچوگالين وچ۾ لڙائي ۽ ان ۾ حمل جي شڪست کائڻ ۽ پورچوگالين وٽ گرفتار ٿيڻ) بابت لکيو آھي تھ اھو نظم  1509ع کان  1595ع واري دور جو آھي جڏھن پورچوگالي سامونڊي ڦورو (Pirates) بحر ھند ۾ ڌاڙو ھڻندا رھيا ٿي. ايراني نار ۾ بلوچستان واري ڪناري جا بندرگاھھ بھ ھنن جي ڦرين ۽ ڌاڙن کان بچيل نھ ھئا. بندر عباس،  ڇابھار، جيواني، گوادر، پسني ۽ سون مياڻي جا بندرگاھھ ھنن طرفان ڪئين دفعا ڦر جي چڪا ھئا. حمل انھن پورچوگالي ڦورن پويان سندرو ٻڌي نڪتو ۽ ڪيترائي دفعا ھن ھنن کي ڊوڙائي ڪڍيو ۽ پنھنجي وطن کي بچائيندو رھيو پر ھڪ دفعي ھو پورچوگالين جي ٻيڙين جي گھيري ۾ ڦاسي پيو. خوني مقابلي بعد حمل کي گرفتار ڪيو ويو.  پورچوگالين سان ھن ويڙھھ بابت جيڪو نظم مليو آھي ان لاءِ چيو وڃي ٿو تھ اھو حمل جي ڀيڻ پنھنجي بھادر ڀاءُ لاءِ لکيو آھي. چون ٿا تھ اھو سورھين صدي جي ٻي اڌ جو واقعو آھي جڏھن ھندستان جي ڪوچين ۽ ٻين ڪناري وارن شھرن تي قبضو ڪرڻ بعد پورچوگالي ايراني نار جي بلوچستان واري علائقي ۾ ڦرلٽ ڪندا ھئا. مير حمل جھڙن جوان مردن ۽ پنھنجي وطن لاءِ سڀ ڪجھھ قربان ڪرڻ وارن بلوچن جي بھادري ۽ دليري ڪري پورچوگالي بلوچستان جي سرزمين تي پنھنجا قدم ڄمائي نھ سگھيا. ھونءَ ايسٽ آفريڪا کان ھندستان ايندي ويندي پورچوگالين ڪيترائي دفعا مڪران جي سامونڊي ڪناري واري شھرن تي حملا ڪيا.

سورھين صديءَ جي شروع وارن سالن ۾ ھنن پسني ۽ گوادر سميت ڪيترن ئي ننڍن بندرگاھن تي عارضي قبضو ڪيو پر ھو ڪٿي بھ ٽڪي رھڻ ۾ ناڪام رھيا. ھو سامونڊي ڦورن (قذاقن) وانگر ڦرلٽ ڪري ھليا ويا ٿي ۽ ٻيو تھ ھتي جا مڪاني ماڻھو (بلوچ) بھادر ھئا جن ھنن ڌارين کي گوا ۽ پانڊيچيري جي رھاڪن وانگر رھڻ لاءِ حالتون ميسر ڪرڻ بدران ڀڄائي ڪڍيو ٿي. پورچوگالين بلوچن سان لڙائين دوران  1581ع ۾ گوادر ۽ پسنيءَ کي باھھ پڻ ڏني ھئي ۽ اھي ڪم ھو ٺٽي (سنڌ) ۾ بھ ڪندا رھيا.

خان قلات جو عماني سلطان کي گوادر ڏيڻ

ارڙھين صدي عيسوي جي آخر ۾ گوادر ۽ ان سان لاڳو علائقا، سلطان آف مسقط جي تسلط ھيٺ آيا.  1783ع ۾ جڏھن مسقط ۾ سيد سعيد تخت تي ويٺو تھ ھن جي، ڀاءُ سلطان سعيد سان اڻ بڻت ٿي پئي. سلطان سعيد عمان جي گاديءَ واري ھنڌ مسقط مان قلات جي خان نصير خان وٽ مڪران پھتو. خان قلات گوادر ۽ ان سان لاڳو علائقا سلطان سعيد کي تحفي طور ڏئي ڇڏيا تھ انھن تي گذر بسر ڪري. سلطان سيد ڪجھھ عرصو گوادر ۾ رھيو ۽ ان بعد سن  1797ع ۾ مسقط تي ٻيھر قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.  1804ع ۾ سندس وفات ٿي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: