سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪِرڻي جهڙو پَلُ

صفحو :9

 

ڇا جو رڙڪو هو!

پاڌر منجهه پڙاڏو هو،
هو هو هو هو هو هو هو....

 

دريءَ منجهان ڪو بيٺو هو،
ڪونه هو! هو! ڪونه هو! هو!

 

من- مهراڻ ته ماٺو هو،
رُڃ ۾ ڇاجو رڙڪو هو؟

 

هونءَ ته گهڻوئي ڏاهو هو،
ڪانگ ٻِه پيرو ڦاٿو هو.

 

رستو تي ڪو بيٺو هو،
هُو يا هُن جو پاڇو هو!

 

تنبوري جي تار ٽُٽي،
روح اڃا مس رِيڌو هو.

ڇاجو حق، ڇاجو انصاف،
جو ڏاڍو سو گابو هو.

 

سنڌڙي جو مون ساڻ هئي،
جيءَ کي ڪهڙو جوکو هو!

وشال نيلو آسمانُ،
منهنجو جيڏو سرتو هو.

تنهنجي در تي پهچائي،
اهڙو ڪهڙو رستو هو؟

اچرج جو اظهار نه ڪر،
”امداد“ اڻهئي اهڙو هو!

 

 

پٿر مُرڪون!

مون کي اپ سيٽ ڪري

سيٽ ڪري پئي ڪمرو

”مُورتي ٻُڌ جي هتي ڪنءَ ٿي لڳي؟“

”ٺيڪ آهي!“

مان چوان ٿو ۽ نگاهون کڻي گوتم کي ڏسان ٿو، گوتم

   ڌيان ۽ گيان ۾ گم

ڪارنس تي پيو مُرڪي، سَپويتر مُرڪون

سوچيان ٿو ته هُجان مان به مُنڍي گوتم جي

ڪارنس تي پيو مُرڪيو مُرڪان

سَپَويتر مُرڪون

    پٿر مُرڪون!

 

 

هڪ ڪَوِتا جي وارتا

نِڀ تي نکيتر

وينگس جي سون ساريکن هٿن سان

نيري چُنيءَ تي

ٽاڪيل ٽِڪون

 

اوچتو هڪ نکيتر کڙيو

۽ هُن جي نيڻن جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ الوپ ٿي ويو

 

۽ ان ڪَوِتا جي وارتا

ڪيڏي نه کلڻ هاب آهي

ته اُها

رات جو

پُٺيءَ ڀر پَٽ تي ليٽي

ٻانهن وهاڻو ڪري

نکيترن تي نيڻ کُپائي

نه رچي وئي هئي!

بلڪ ڏينهن تتي جو

ايئرڪنڊيشنڊ روم ۾

ٽيبل لئمپ جي روشنيءَ ۾

ڪوري ڪاڳر تي لکي وئي هئي

پر لڙڪن سان نه

(ڇو ته لڙڪ اڃا لهو نه بڻجي سگهيا هئا!)

نه ئي مُڇيل آڱرين سان

بلڪ شيفر پين سان

پارڪر اِنڪ سان

رات جهڙي ڪاري مس سان لکي وئي اُها ڪَوتا

 

هن هڪ نهار ڪَوِتا تي وڌي

اکر ڌنڌلا لڳس

هن اکين تان عينڪ لاهي

ڪاوا اُگهيا

اکر اڃا به ڌنڌلا هئا

 

هن شرٽ جي ٻانهن سان اکين جي ڪُنڊن کي اُگهيو

جتي نکٽ کڙي الوپ ٿي ويو هو

لڙڪ بڻجي ويو هو!

 

ڇا هُن اها ڪَوِتا لکي

رڳو ڪاڳر ئي ڪارو ڪيو هو؟

سو به آفيس جو ڪاڳر

آفيس جو وقت وڃايو هو؟

آفيس جي لائيٽ ڪتب آندي هئي؟

 

۽ سڀاڻي ڀريون پيون هونديون اخبارون هن جي خلاف

 خبرن سان!

 

 

 

بادل برسيو

بادل    برسيو

تِرُ به نه ترسيو

جيڏي سرتي مُرڪي ڌرتي
جهُومي ڳايو آسمان

پاڻ به پَٽ جون پينگهون پايون
جهُولُون هڪٻئي کي جهُولايون
مولا ٿيئڙو مهربان

کيهه کٿوري ٿي وئي آهي
جندڙي جهومي جي پئي آهي
کنوڻين لاتي کِل کِلان

اُڀ تي انڊلٺ آرس تاڻيا
ڌرتيءَ مينهن وساڙا ماڻيا
سُريلڙو آهي سمان!
                    بادل برسيو
                     تِر به نه ترسيو

 

ياد ڪا

اُداس آءٌ

اڪيلو

۽ آخري سگريٽ

دُکائڻي ته هئي ڪانه

پر دُکي ويئي

 

دريون ۽ در ته هئا بند

پوءِ به ڪَوِتا جان

الائجي ته ڪٿان؟

ياد ڪا اچي ويئي!

وڪوڙجي ويو سارو وجود

دُونهين ۾

اکين ۾ دُونهن اچي ويو

ته ٿيون اکيون آليون!

 

 

ٻاهر ساگر سانت

جاڳ به سپني وانگَ،
اڳيان اڳيان مارئي-
پويان ڇيلن ڇانگَ!

گوري، پُشپ، ڪمليشُ
(1)،
ولي رام
(2) جو گهَرُ ڄڻ-
هڪڙو ننڍڙو ديش!

شاعر ۽ ايڪانت،
اندر وِهُه ولوڙجي-
ٻاهر ساگر سانت!

 

 

هيمنگوي جي ياد ۾!

زندگي آهه ڄڻ ته ڪا توڦاڪ
جنهن جي ڍڍريءَ ۾ ڪارتوس ڀريل
پنهنجي آڱر ئي آ ٽرئگر تي
سابه چوويهه ئي ڪلاڪ ڌريل
پاڻ ئي آهِيون نشاني تي
بس ڇُٽي ڄاڻ ڪنهن بهاني تي!

 

 

شهر ۾!

هن کي اها سُڌ نه هئي

 پٽيءَ نه هئي

ته هو پنهنجو ڳاڙهو ڍڳو

جيڪو هاڻي هر جي سَٽ نه ٿي سهي سگهيو

نڪو هُرلي ۾ وهي ٿي سگهيو

شهر وڪڻڻ ويندو

ته جيئن ڪوس- گهر ۾ ڪُسجي وڃي

اڏيءَ تي تڙون تڙون ٿي وڪجي وڃي

 

ڳاڙهو ڍڳو

جنهن ڌرتي کيڙي هئي

هن لاءِ اَنُ اُپايو هو

ڳاهه ڳاهيو هو

رُکي ڀت جو جيڪو ڳِٽو

هُن پنهنجن ٻچن جي وات ۾ رکيو هو

اُهو اُنهيءَ ڳاڙهي ڍڳي جي ڪري ئي ته هو!

 

هن جي لاءِ ٻوجهه ڍوئيندي

جنهن جي ڪؤنٽ تي

پاڃاريءَ جي گاٺ پئجي وئي هئي

 

اڄ هُو اُنهيءَ ڳاڙهي ڍڳي کي

 وڪڻڻ لاءِ

ڪوس- گهر ۾ ڪُسجڻ لاءِ

تڙون  تڙون  ٿي  وڪجڻ لاءِ

شهر وڃي رهيو هو

جيئن مرشد جي اچڻ تي

اُن کي ڏَنُ ڏئي سگهي!

 

پر هن کي سُڌ نه هئي

 پٽيءَ نه هئي

ته ڳاڙهي ڍڳي بدران

      شــــــــهــــــــــــر ۾

پاڻ ڪُسجي ويندو!

 

 

پُڇن ٿا!

ڊيٿ اسڪواڊ جي آڏو بيٺل

آهيان آءٌ-

- پُڇن ٿا مون کان

- ته سندم آخري خواهش ڇاهي؟!

 

شالَ!

موج تو ۾ رهي شال سنڌوندي!
چنڊ تولئه چڙهي چوٽ آڪاس تي
۽ روان شل رهي آب، آبِ حيات
سِير جي سِينڌ ۾ شل ستارا کڙن
هيءَ ڀر، هوءَ ڀر شال مارُو مِڙن
ٽهڪڙا انءَ ٽِڙن جنءَ ڦلا ٿا ٽڙن

وَهه کٿوريءَ ڪنان شال وِترو وهي
لهر تنهنجي مڙوئي هجي لال شال
واءُ توتي سدائين سڻائو وري
۽ مهاڻن مٿان مهر سائين ڪري
هر مُهاڻي ڏَيا جو ڏِيو ٿي ٻري
سِڙَهه ساڄا ڪري شال ٻيڙي تري
۽ سندن ٻارڙا ڪوجهڙا ڪارڙا
شال لُڌڙن جيان تُڙڳندا ئي رهن

هر اُڃيو ٻُڪَ ۾ پاڪ پاڻي پِئي
ڳاٽ اُوچو ڪري منهن مٿاهون ڪري
جنءَ جيڻ ٿو ٿئي تيئن جڳ ۾ جئي
سِجُ تولاءِ اُلهي ته لاکون لڳن
سِجُ تولاءِ اُڀري ته باکون بکن

اُن سُريلي سڀاڳي سٻاجهي سمئه
ياد ڪج ياد ڪج ياد ڪج هي ڪوي
جنهن ڪڏهن ٻُڪَ ۾ پاڪ پاڻي ڀري
هي ڦٽل چَپَ اُن تي ڇڏيا هئا رکي
اُن سُريلي سڀاڳي سٻاجهي سمئه
لات لنوندو لنگهيو هو پريان ڪو پکي
سِينڌ سُرمو ڪري ۽ تنجي ۽ مَکي
وَلِ سُرهي هجي جيئن وڻ سان ٻَکي
انءَ ڪويءَ سان هئي هڪ سجيلي سَکي

۽ اُهو شام جو پهريون پهر هو
۽ سندن سامهون ڪوٽڙي شهر هو
ها، انهيءَ شهر ۾ هڪ ڪلپنا هئو
جاڳندل ۽ سُتل ٻن اکين لاءِ جو
انڊلٺ جيئن ست رنگ سپنا هئو
ياد ڪج

ياد ڪج

ياد ڪج

ياد ڪج

تون انهيءَ پُٽ- سَپُت کي وسارين متان
جو ڪڏهن ڪونه توکي وساري سگهيو
                                
]25 اپريل 1994[

هن گهڻو ڪجهه ڪرڻ ٿي گهريو سُڌ اٿئي
پر ڪري ڪجهه سگهيو ڪونه ڪو هو، مگر
رات اماوس هئي جُهڙ جهڙالي هئي
بس رڳو شمع جان پاڻ ڳاري سگهيو
جيترو ٿي سگهيو ٻاٽ ٽاري سگهيو
۽ ســـــچــــــا ســـــون جهـــــڙا لکيــــائيـــــن اکــــــــر

ڪجهه ڪري جي سگهيو ڪُر اُجاري سگهيو
۽ ڪِريل جي به تحت الثريٰ ۾ هئا
سِجَ وانگر اُنهن کي اُڀاري سگهيو

ياد ڪج ياد موهن ڪلپنا اُهو
هڪ مسيحائي اعجاز جنهن کي هئو
۽ مٿي تي هئس ڇَٽُ ڪنڊن سندو
ها، وطن سنڌ اعزاز جنهن جو هئو!
                                 
]16 جنوري 1995[


 

وڻ وڍڻ لئه

ڪُهاڙو کنيائين

۽ وڻ کي وڍڻ لئه

اُڀو جنءَ ڪيائين

تڏهن اوچتو سوچِيائين:

’اهو وڻ ته مون ساڻ گڏ ٿيو جوان هو!

اهو ڀُونءِ سان چنبڙيل مون جيان هو!

اِنهيءَ جي  مٿان  ساڳِيو  آسمان هو!‘

 

ڪهاڙو ڇڏيائين

۽ وڻ ساڻ ٻکجي

رُنو- اوڇنگارون ڏنائين....

 

 

جاڳن پيا ستارا!

جاڳن پيا ستارا، ۽ تون سُتي پئي آن
مون جيئن، آڱرين ۾، سگريٽ ٿو ٻري پيو
رُت ريت ڪانه سمجهين، ڪيڏي نه بي چئي آن
جاڳن پيا ستارا، ۽ تون سُتي پئي آن

ڪهڙي هيين نه اڳ ۾، ۽ ڪنءَ نه ٿي وئي آن
۽ سُور پور پالي، من ڌير ٿو ڌري پيو
جاڳن پيا ستارا، ۽ تون سُتِي پئي آن
مون جيئن، آڱرين ۾، سگريٽ ٿو ٻري پيو!

 

 

جندڙي گهوريان

تون ته سڄڻ منهنجي سر جو سائين،

                          توتان پنهنجي جندڙي گهوريان!

 

ساريون راتيون توکي ساريان، ڏينهن ڏکن جا ڏُسڪي گهاريان،
پرچي پير پرين شل پائين، آءُ ته توسان اندر اوريان!

پل پل تنهنجا پُورَ پچايان، وَٽ کي سوريان لاٽ وڌايان،
نينهن لڳائي شال نڀائين، سِڪَ سڳو ٿي ساڄن سوريان.

 


 

 

 

 

ڪاڳر ليک بنان!

آءٌ اڃا به اُهوئي تنها
بَر ۾ بيٺل وَڻَ جيان
ٽهيل، ٽڙيل ۽ پکڙيل سوچون
ڌڻيءَ بنان ڪنهن ڌَڻَ جيان

آءٌ اڃا ڏس رول اُهوئي
پياسي ڪنهن بادل وانگي
منهنجا اوٺي منهنجا ڳوٺي
سانگ هليا ويا ڪنهن سانگي

تيک بنان جنءَ ڪوئي سورج
هَٿَ هجن جنءَ ريک بنان
توبن آءٌ ائين ئي ڪورو
ڪاڳر جنءَ ڪو ليک بنان

 

 

اُهي به ڏينهن هئا!

سڳوري سنڌ جي شهرن ۾ توڙي ڳوٺن ۾
گهُلِي ٿي هِيرَ ڏکڻ جي، اُهي به ڏينهن هئا
سدوري سنڌ ۾ جيڪا به مُند آئي ٿي
هئي سا مُند ملڻ جي، اُهي به ڏينهن هئا

نظر نظر ۾ نوان ۽ نبار نينهن هئا
ملير منجهه هئي مارئي ۽ مينهن هئا
نه لَڄَ لُٽَ هئي ۽ نه ڪو ڦرون ڌاڙا
اُهي به ڏينهن هئا، ها اُهي به ڏينهن هئا!

 

پوءِ ته!

رات کي ڏينهن ڪرڻ

ڏينهن کي شام ڪرڻ

شام کي رات ڪرڻ

جيڪڏهن صرف اهائي آهي

زندگي پوءِ ته اجائي آهي!

 


 

 

 

 

ڳچيءَ ڳچي وَٽَ- سورَ

ماڻهو ٽيانڊيءَ تَپڻا، ماڻهو ڇيڻا ڀورَ،
مورن سان گڏ مور هُو، چورن سان گڏ چورَ.

چاڙهي چُوڙ وهي رهي، ٽِڪو ڪُرَ مَ لاءِ،
جنهن کي پٺتي موٽڻو، پير مَ پِڙ ۾ پاءِ.

لهرين جي للڪار تي، چڙهنداسين ٿي چنڊ،
ڦاٽل ساٽل سِڙَهه سان، جهاڳينداسين سمنڊ.

اوڻٽيهينءَ اڌ رات جو، ڳچيءَ ڳچيءَ وَٽَ سورَ،
گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ شور آ، چونڪ چونڪ تي چورَ.

کامُ نه پَچُ نه رڙ نه رو، ڪنجهه نه ڪسڪ نه ڪُرڪ،
ڀاءُ سڏي، وَڄ سان ڦٽي، ڦٽ تي لوڻ نه ٻُرڪ.

 

 

 

اڪيلي گهٽي هئي!

اڪيلي گهٽي هئي

اڪيلي هئي هوءَ

مان پڻ اڪيلو هئس

 

پوءِ ٻن مان اسين

هڪ ٿياسين

ڦٽل جاءِ ۾

جا ڪڏهن

خوب آباد هئي!


(1) ولي رام ولڀ جا ٻار

(2)  ولي رام  ولڀ

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org