سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪِرڻي جهڙو پَلُ

صفحو :8

موڪلاڻيءَ مهل

پوري آواز سان جنهن کي به پڪاري ٿو وطن
جنهن به حالت ۾ ۽ جنهن وقت به ساري ٿو وطن
۽ وطن ڏانهن وڃڻ وارا جڏهن ٿا سنڀرن
ته انهن کي نه ڪو تون روڪي سگهيو آهين نه مان
ڇو ته ساگر جي پرئين ڀر کان ٻه نيريون اکڙيون
جن جي گهرائيءَ ۾ ست سمنڊ سمائي سگهجن
اورئين پار لڳاتار پيون گهوري ڏسن

اي وطن ڏانهن وڃڻ وارا اسان جي پاسي
جنهن به موسم ۾ اُتر پار کان هِيرُون گهلنديون
تون نه هوندين ته سندءِ ياد ته ايندي رهندي
آسمانن تي شفق رنگ جون ڇوليون ڇُلنديون

گذرندڙ وقت کي روڪي نه سگهيو آهي ڪو
ڇڻندڙ پَنُ هوا تي ائين ڇڻندا رهندا
تون نه هوندين ته سندءِ ياد ته ايندي رهندي!
 

 

سُٺو آهي جو!

 

سُٺو آهي جو دل ڪير نٿو ڏسي

پر چون ٿا ته

چهرو دل جو آئينو آهي

ته ڇا

ان چهري جي آئيني ۾

هوءَ پنهنجو چهرو پسي سگهي ٿي!

پر هوءَ آهي ڪٿي؟

هيءَ ته خزان جي موسم آهي

نيڻ نهار تائين

غم ئي غم آهي

نوحو آهي هوا جو

    اک نم آهي!

۽ پيلا پن

جيڪي ساوا هئا ڪڏهن

 جڏهن

اسين مليا هئاسين

      تڏهن

بسنت هئو

گل گل نه هئو، ڪلونت هئو!

 

ڇا اهو ضروري آهي ته

اسين بهار ۾ ئي ملون!

صرف ۽ صرف

هڪڙي موسم لاءِ کلون؟

 

سُٺو آهي جو دل ڪير نٿو ڏسي

پر چون ٿا ته

چهرو دل جو آئينو آهي!

۽ اهو به سٺو آهي

ته هوءَ ناهي

نه ئي بهار آهي

نه ته هوءَ هجي به ها ته

منهنجي چهري جي آئيني ۾ ڇا پَسي ها؟

                           ڀور ڀور دل!

 

 

 

جيئن پوءِ تيئن

 

اُڃَ ۾ سُڙد، چَپَ ڪاراٽيل
نِڌَڻڪ ۽ نِسَت ۽ هڙٻاٺيل
آهه لاڪاس ڪا رُکي نه سُکي
سنڌڙيءَ وانگيان وڃي ٿيندي
جندڙي جيئن پوءِ تيئن ڏکي!

 

 

خودساخته ڏاهو

لِکيو آ ليک هڪ خودساخته ڏاهي

بنان نالي بنان ذات

نٿو نالو کڻي ڪنهن جو

قبيليو ڪڙم نامعلوم جنهن جو

پتا ۽ پار اُن جا هيءُ آهن

ته نڪ ۽ چَپُ هن جو ڪونه آهي!

 

سچا ڪچّا جتي آهن

ڪَچا سچّا جتي آهن

جتي پنهنجي مٿي تي پنهنجي هٿ سان ”پڳ“ٻڌڻ جي ريت آهي

جتي ساڻيهه بدران زندگي من ميت آهي

 

اُتي ٿيندو ائين جنءَ ٿي رهيو آهي

 

اُهو خودساخته ڏاهو

اُهو جو پاڻ کي آزاد ٿو سمجهي

غلامي جي رهيو آهي!

 

مَتو مهراڻ اڳيان ڇل ڇل وڃي وَهندو

مگر هي مَتِ جو مُوڙهو

غلامي پي رهيو آهي!


 

 

اُهو!

 

ڇڏي ويو آهه پنهنجي ياد جيڪو،
اُهو موٽي به ايندو يا نه ايندو!

ڏٺم هُن کي ته هن جو ٿي ويس مان،
اُهو منهنجو به ٿيندو يا نه ٿيندو!

اُهو جو ننڊ نيڻن کان کسي ويو،
وٺي دل، دل به ڏيندو يا نه ڏيندو!

اُهو رستو، وکون جنهن تي وڌن ٿيون،
اُهو هُن ڏانهن نيندو يا نه نيندو!

 

 

نظم- زخم ۽ لُوڻ

هُن کي پنهنجو تازو نظم ڇپيل جنءَ ڏيکاريم

پني تي لفظن ۾ زخم ڇپيل جنءَ ڏيکاريم

مون سمجهيو هو، منهنجي من جي پيڙ پروڙي وٺندي

ڀڳل ڀُريل جو هوس، انهيءَ کي جوڙي وٺندي

 

سِٽن ۾ جو سور لڪل هو تاڙي وٺندي

منهنجا پيتل لڙڪ ڳلن تان لاڙي وٺندي

 

ٻيو ڪجهه ڪونه ڪري جي سگهندي

سکڻي آهه به ڪونه ڀري جي سگهندي

پني کي ئي ڦاڙي وٺندي

۽ پني جا پرزا منهنجي منهن تي اُڇلائي هڻندي

۽ ڪڙو  ڪسارو  ڪو  جملو  ڦهڪائي  هڻندي

پر هُن اهڙو ڪجهه نه ڪيو

     ڪجهه نه چيو

 

هٿ ۾ پارڪر پين جهلي

هڪڙي پروف چُڪَ ڪڍي

منهنجي آڏو نظم رکي وئي

پني تي لفظن ۾ جو زخم ڇپيل هو

لوڻ اُنهيءَ تي ٻُرڪي وئي!

 

 

آٿتُ

بُکئي لاءِ اهوئي آٿت
تارا اَن جا داڻا آهن
چنڊ نه آهي ڄڻ جنڊ آهي
رات نه آهي دانگي آهي
اُن تي سورج- لولو ٿڦبو!

 

 

هيءِ هيءِ منهنجو جيئڙو!

هيءِ هيءِ منهنجو جيئڙو

جنءَ جنءَ جهليان

جنءَ جنءَ پليان

تنءَ تنءَ توڏي ويئَڙو

هيءِ هيءِ منهنجو جيئڙو!

 

نيل ڪنول ٻن نيڻن ۾

ڪجل ڀنل ٻن نيڻن ۾

اوجاڳو اوسيئَڙو

هيءِ هيءِ منهنجو جيئڙو!

 

ذات نه  ڪائي رَڱُ نه ڪو

ڪوبه سياڪو سَڱُ نه ڪو

پيچ انهيءَ سين پيئَڙو

هيءِ هيءِ منهنجو  جيئڙو!

 

ڌارا

هرڪا ڌارا

ڦٿراٽيندي سٿڙاٽيندي

سِرُ سٽيندي

پاڙان پهڻ پٽيندي

ٽڪر ٽاڪيندي

جيئرا وڻ گهليندي

چنڊ ڍال سان تارن جو لشڪر ڪاهيندي

آڏو ايندڙ هر ڍِڳ کي ڊاهيندي

ٻيلا ٻوڙيندي

ڊيم شيم ٽوڙيندي

ڌوڪيندي ويندي

آهي هرڪا ڌارا

ساگر پار!

 

منهنجا ساگر

مان به ته ڪائي ڌارا آهيان!

اوءِ گهٽا گهنگهور!

 

آءٌ رُئان پوءِ ڇو نه؟

ڪالهه ڪُلهي سان هو ڪُلهو-

اڄ انءَ آهين ڪونه!

 

مور ٽهوڪيو مور،

مون به رئڻ هو چاهِيو-

اوءِ گَهٽا گهنگهور!

 

ٻيو ڪجهه ڪينَ ڪيوم،

ڪڪريءَ کي رُوندو ڇڏي-

لُڙڪ اُگهي ورتوم!

 

دل هئي ٽڪرا ٽڪرا!

ڪيترا چنڊ هئا عرش جي پيشانيءَ تي
ڪيترا گيت هئا منهنجي چپن تي رقصان
ڪيترا گُل هئا ڌرتيءَ جي کُليل سيني تي
ڪيترا رنگ ۽ خوشبويُون هيون مست جوان

ڪيترا چنڊ هئا رات جي وارن جا اَسِيرَ
ڪيترا گيت هئا موت جي اوڙاهه ۾ گم
ڪيترا گل هئا ڏانڊيءَ کان پٽيل چيڀاٽيل
ڪيترا رنگ ۽ خوشبويُون هيون راهه ۾ گم

ڪيترا روح پياسا هئا ۽ شمعون اداس
ڪيترا جام ڪيا وقت جي پٿر پُرزا
ڪهڙا ڪهڙا نه هئا رنگبرنگي سپنا
درد ٺوڪر هنئي ۽ دل هئي ٽڪرا ٽڪرا!

 

 

تشبيهه

جهٽ وارن کي جهٽڪو ڏيئي،

تارن جا ڏيئا ٻاري ...

شام به توجهڙي ٿي ويئي!

 

دوستو! مهربانو!

دوستو! مهربانو! خدا واسطي، اهڙي قاتل نظر سان ڏسو ڪينڪي،
ها اسان مفلس تي نه آڱر سڃيو ۽ نه چٿرون ڪريو، هنءَ کلو ڪينڪي.

هن جهان کان مليون زيست کي ظلمتون، سونَ جهڙي سچي پيار کي ذلتون،
ها مُئاسين جياسين اوهان جي ڪري، ۽ اوهان کي به ڪو ڳُڻ لڳو ڪينڪي.

گيت ڳايون ته بدلي ۾ آهون ملن، رقص ڪريون ته پيرن ۾ ٻيڙيون پون،
زخم لڙڪن جا اکڙين کي ڳولن پيا، مهرباني ڪري هت کِلو ڪينڪي.
 
رات آهي جوان چنڊ چمڪي پيو، تارا جاڳن پيا، وقت مُرڪي پيو،
ٿورو ترسو اڃا ٿورو ترسو اَڃا، منهنجي ٻانهن کان وڇڙي وڃو ڪينڪي.

عاشقيءَ جو سفر، پُرخطر پُرخطر، عشق ئي همسفر، عشق ئي راهبر،
سرڪٽايو ته بسم الله پهرين اوهين، سِربچايو ته اڳتي هلو ڪينڪي.

 

 

هر لهر ۾

نهر جي لهر ۾ عڪس هو چنڊ جو

چنڊ جو عڪس هو لهر ۾ نهر جي

نهر جي لهر ۾ چنڊ جو عڪس هو

ڪنهن پٿر اُڇلِيو پوءِ هر لهر ۾ چنڊ جو رقص هو!

 

 

توکي معلوم به آهي...!

توکي معلوم به آهي منهنجا دانا دشمن

ته ڪڏهن بند ٿي، مجبور ٿي، قيدي بڻجي
پنهنجي ئي گهر ۾ رهيو آهيان، نه ڪو رهندس مان
پوءِ تون ڪيئن چوين ٿو ته سڀئي
در دريون بند ڪري ويهي رهو گهر اندر
ڪوبه پاڳل نه ٿئي، ڪوبه نه نڪري ٻاهر
سرد بيدرد هوائن جي هٿن ۾ پٿر
هر گهٽيءَ ۾ اٿوَ اُونداهه جو بُکيو اجگر
توکي معلوم به آهي ته گهٽيءَ ۾ ٻاهر
سجَ جي ٿال کي اڇلائيندي، کِلندي ڪُڏندي
پرچندي، رسندي ۽ ڪرندي اٿندي
ٿورڙي دير اڳي راند رهي پئي ٻارن
                                 تنهنجي منهنجي ٻارن!

 

توکي معلوم به آهي منهنجا دانا دشمن!

 

 

اوسونا!

چنڊ جو اولڙو سمنڊ ۾

سمنڊ ۾ اولڙو چنڊ جو

چنڊ جو

سُونهن جو آهه اُهڃاڻ

۽ سمنڊ جو

وقت جو آهه اهڃاڻ سونا!

 

مگر سچ پڇين جي ته مون لاءِ

تون چنڊ

تون سمنڊ آهين او سونا!

 

 

جندڙي آهي ڦاهي گهاٽ!

جندڙي آهي ڦاهي گهاٽُ، ڪير چڙهي؟ ۽ چاڙهي ڪيرُ!

دير سوير ٿئي ڇا به ٿئي، ٿيڻو آهي سڀ انڌيرُ.
ڪاٺ انهيءَ لئه قائم دائم، کڄڻو آهي جيڪو پيرُ.
دريا ساگر جهرڻو سانوڻ، ڌوئي سگهندو من جو ميرُ؟
رات رزيل اُهائي، ڏينهن به آهي ڄڻ ته ڏڦيرُ.

جندڙيءَ آهي ڦاهي گهاٽ، ڪير چڙهي؟ ۽ چاڙهي ڪيرُ!

 

جاڳي جڳ جاڳائجان!

وڏي واڪي ڳائجان،
جاڳي جڳ جاڳائجان.

جيسين سِر جو سانگ ڙي،
پير نه پِڙَ ۾ پائجان.

مينديءَ بدران رَتَ کي،
هٿَ- تريءَ تي لائجان.

سوريءَ سيج سجائجان،
ڪُرکي مَرِ نه لائجان.

سنڌ سدا توساڻ آ،
متان ڪڏهن گهٻرائجان.

موچاري هر مهل آ،
مَلهي مهل ملهائجان.

اُماس ۾ ”امداد“ تون،
ڪونجن جان ڪُرلائجان.

غدار نه ٿيجان ڪڏهن،
زهر انهيءَ کان کائجان.

گهور گهنگهور ٻاٽ ۾،
واٽَ مَ وِيرَ وڃائجان.

 

 

سَتَ سڱيڻي

رَتَ رتيڻي

سَتَ سڱيڻي

منهنجن ٻن ٻارن جي ماءُ!

رهندي جُڳ تائين

تنهنجي ٿڻن ۾ ٿڃِ رهي

 

ٻٽيهه لکڻي!

ڌرتيءَ ماتر ڀوميءَ کي

ڇٽيهه لکڻا پُٽَ ڄڻي ڏي!

 

ساڻيهه جو سندوم

مون کي هر ديس جي هر ويس لئه عزت آهي
منهنجي سلوار ۽ پهراڻ به ڪو گهٽ ڪونهي
آءٌ هرملڪ جي عظمت کي مڃان ٿو ليڪن
منهنجي ساڻيهه جو سنسار ۾ ڪو مَٽ ڪونهي

مون رُنو لڙڪ ته مِٽيءَ ۾ ملي موتي ٿيو
مون ڏنو ٽهڪ ته ٽاريءَ تي ٽِڙيو ڦل ڪوئي
نرگس ۽ نسترن ۽ سوسن ۽ سنبل ريحان
مَٽَ آڏيريءَ جي گل سان نه ڪريان گل ڪوئي
صنف هرڪا لکيم آزاد هجي يا پابند
نظم بي قافيا، سانيٽ، ترائيل، غزل
ڳوٺ ۽ شهر رُليس، ديس ۽ پرديس رُليس
بيت ۽ گيت ۽ وائيءَ جو مليو ڪونه بدل

پرهه جو ڳيت مون ڳاتو هئو سورج جهڙو
سو سنگهارين جي هٿن منجهه مکڻ بڻجي ويو
ها انهيءَ لاک رتي ڳيت جو هر سُر سائين
لوئيءَ وارين جو سچو گُڻ ۽ لَکڻ بڻجي ويو

ريشم ۽ اطلس ۽ ڪمخواب هجي يا زربفت
ڪپڙو ڪهڙو به هجي، تَنَ ڍڪڻ ليءِ آهي
پوءِ ڪيڏو به هجي مُلهُه مهانگو اُن جو
موٺڙي، سوسيءَ ۽ گربيءَ جو مگر مَٽ ناهي

مئي مينا هجي، شربت هجي، يا سافٽ ڊرنڪ
مون کي سڀني کان وڌيڪ آهه کُهَرَ جو پاڻي
منهنجي اربيلي زمين اهڙي لڳي ٿي وينگس
نَڪَ ۾ نَٿَ پيل، نَٿَ ۾ سوني ڏاڻي
مون کي هر ديس جي هر ويس لئه عزت آهي
منهنجي سلوار ۽ پهراڻ به ڪو گهٽ ڪونهي
آءٌ هر ملڪ جي عظمت کي مڃان ٿو ليڪن
منهنجي ساڻيهه جو سنسار ۾ ڪو مَٽ ڪونهي

 

 

 

سينڌ جي مِٽي

]چوٿين مارچ تي[

سنڌڙيءَ جي مِٽي به مُلهه لهڻي
هيءَ مِٽي سينڌ جي مِٽي آهي
سينڌ جيڪا سِڌي گهٽي آهي
منزلن ڏانهن ڏس وڃي پيئي
روشنيءَ ڏانهن ڏس وڃي پيئي
زندگيءَ ڏانهن ڏس وڃي پيئي
کنهبي رتڙي مِٽي نرڙ تي مَلي
جا گهٽي قتل گاهه کان ٿيندي
دور تائين وڃي رهي آهي
آ ته ان راهه تي اسين به رَمون
سنڌ جيئي سدا جِئي چوندا
آ ته اِن قتل گاهه کان ٿيندا
هڪ نئين صبح جي سواگت لاءِ
سِر تريءَ تي رکي هليا ته هلون!

 

 

 

شاعري ته تون آهين!

شاعري ڪنءَ ڇڏي ڏيان آئون؟
جو سندم شاعري ته تون آهين!
عاشقي ڪنءَ ڇڏي ڏيان آئون؟
شاعري ڪنءَ ڇڏي ڏيان آئون!

زندگي ڪنءَ ڇڏي ڏيان آئون؟
جو سندم زندگي ته تون آهين!
شاعري ڪنءَ ڇڏي ڏيان آئون؟
جو سندم شاعري ته تون آهين!

 

ڪارنهن

هڪڙي ڪوري ڪاڳر تي

ڪوڙهئي هٿ سان

مَنڊا ٽُنڊا اکر لکي

تو فرمايو:

”هِن ۾ تنهنجو

۽ تنهنجي ايندڙ نسلن جو

ليک لکيل آ

تنهنجن حقن ۽ فرضن جو

سڀ احوال انهيءَ دفتر ۾ داخل آهي

تنهنجي هر بي نانءُ خوشيءَ جو لاش سڙيل

ڪاڳر جي هن مفت ڪفن ۾ ويڙهيل آهي

تنهنجين مُرڪن جا ماڪوڙا

هن ڳُڙَ لڳل ڪاڳر تي چهٽيل آهن

تنهنجي هر خواهش جو

لوُسي ڪُتو

ڀَونڪي ڀَونڪي

پنهنجا ڦَٽَ چٽيندو

هِن ڪاڳر کي سُونگهي

پُڇ لوڏيندو!

توکي ورثي ۾ مليل بيمارين ۽ دردن جو

هِن ۾ دارُون درمل آهي

اَڌُ انهيءَ مان گهوٽي پي ڇڏ

اَڌ جو تائِٿ ٺاهي

ڳَٽُ ڳچيءَ ۾ پائي.....“

ٻيو به الائي ڇا ڇا تو پئي فرمايو

مون ته سمورو وقت اهو پئي سوچيو:

’منهنجي سيني ۾

هڪڙو دل جو دفتر آهي

اُن تي ٻاجهه ڀريءَ ٻوليءَ ۾

مور- کنڀ سان ليک لکيل آ

اُن تي هڪ ٻاجهاري هٿ جي

مُهر لڳل آ

۽ اُن دل جي دفتر جي

هرڪا سِٽَ نرڙ تي اُڪريل آهي....‘

 

پراو پاپي!

پراو گيدي!

تنهنجي اندر جي اَکِ مُئل آ

تنهنجي سيني ۾

دل دانگي آ

تون اُن دانگيءَ جي ڪارنهن

منهنجي مُنهن تي ڪوهه مَلين ٿو؟!

       

 

پيار به ايڏو آهي!

ڪڏهن ڪڏهن انءَ لڳندو آهي
مون توکي ڪٿي ڏٺو آهي

پـيـنـارن وانــــگـــي تـــــــــــــــــــو آڏو
مون ڦاٽل جهول جهليو آهي

نيلو نِڀ هي جيڏو آهي
توسان پيار به ايڏو آهي

سارو لوڪ ته تيڏو آهي
مٺڙو مارُو ميڏو آهي

 

 

اوڻٽيهين رات

ڇاهيءَ اوڻٽيهينءَ جي رات

ڪڏهن نه کائيندي مات

منهنجون آڱريون ڇڏي وينديون سَتُ

نيرين نسن ۾ ڊوڙندي ڊوڙندي

ڄمي ويندو ڪوسو ريٽو رَتُ

 

لِکندي لِکندي

باک نه بکندي

پُورب پاسي

لاک نه لڳندي

 

پني تي

هي مبهم لفظ اڻ چٽا

سِٽن جو هي ڏِنگو سِنگو سٽاءُ

ايندڙ نسل

ڇا پائيندو

منهنجن نظمن مان!

لوڻ ٻرڪيل

منهنجن زخمن مان!

 

۽ موت

منهنجي پٺيان بيٺو

کيکراٽ ڪري رهيو آهي

ان جي سرد احساس کان

لڱ ڪانڊرايل

روح ۾ سيسراٽ

 

سڀڪجهه

در دريون ديوارون

پڙدا

تصويرون

ڪتاب

لفظَ

معنائون

سڀڪجهه

ها، سڀڪجهه

ڳڱري رهيو آهي!

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org