سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪِرڻي جهڙو پَلُ

صفحو :12

 

چنڊ لياڪو پاتو!

رات اسٽيج تي هُن ڳيتُ جو منهنجو ڳاتو،
ڪنهن ڦٽل کوهه ۾ ڄڻ چنڊ لياڪو پاتو.

سڀ وڏيري جي وڏائيءَ جا پيا ڳُڻ ڳائن،
سِنڌ جو ڳِيتُ به ڳاتو ته ڳنوارن ڳاتو.

آرسيءَ کان ته ڪڏهن ڪُوڙ نه ٿيندو آهي،
تو ڪڏهن شيوِ ڪندي پاڻ سڃاتو ڄاتو!

آءٌ سيزر نه سهي، پوءِ به پڇان ٿو توکان،
او بروٽس! او بروٽس!! او بروٽس! ڇا؟ تو!

جيئن ڌاريان ٿا ملن، تيئن ملينءَ ماڻهن ۾،
منهنجو اپمانُ ڪري مانُ ڀلا تو پاتو؟

تون سڄڻ سيڻ هيين، سَتَ سڱيڻي سائڻ،
تون ته پنهنجي هيين، تو به ڏنو پاراتو!

 

دُونهَن جي لِيڪَ

سِجُ اُلهڻ لڳو، سنجها ٽاڻي
ڳوٺ جي ٻاهرئين رستي تي،
دُونهَن جي لِيڪَ ڄمي وئي آهي!
منهنجي ماڻهن جي مِٺن ماڻهن جي،
زندگي هاڃي هڄي وئي آهي!

 

هَٿُ ڌريل آهي سيني تي!

آڳ بخاري ۾ روشن هئي جا نيڻن وانگي سا به اُجهامي وئي،
رَکَ بچي هئي، هوا لڳي، سا به اَڄاتن ڏيهن ڏانهن اُڏامي وئي،
جنهن ٽيبل تي ڪتاب رکيل هوندا هئا، سا ٽيبل به وڪامي وئي.

ڪتاب ڇوٽڪي گهٽيءَ ۾ رديءَ ۾ نيلام ڪڏهوڪا ٿي به چڪا،
منهنجا اَبا ڏاڏا اَڻَ ڪيل ڏوهن جا سارا ڏنڊ ڏئي به چڪا،
سچ (يا ڪچ) لئه تن جا پويان سندن پَتيءَ جو زهر سمورو پي به چڪا.

جنهن گهر منجهه جنم ورتم، پَليس نِپيس، ڇا هِي ساڳيو ئي گهر آهي،
طاق بنان درين جي سيخن مان ٻاهر انڌو هرڪو منظر آهي،
ڪلهه جنهن گهر ۾ ماڻهو رهندا هئا اُهو به مون وانگر کنڊر آهي.

چِتر لهي ويا، چئني پاسن کان ننگيون چُٿڙ لٿل ديوارون آهن،
۽ جنهن جنهن هنڌ لکيل هو تنهنجو منهنجو نانءُ، اُتي بس ڏارون آهن،
هينئون هيرڻ پن جنءَ ڦٽو ڦاٽو، هي نَسُون ناهن، ڦارون آهن.

ڪلهه تنهنجا وار کُليا پيا هئا سيني تي ۽ اڄ باروت ڀريل آهي سيني تي،
اک ۾ ڪائي رم جهم ناهي اوجيڏي! مَچُ ٻريل آهي سيني تي،
ڪلهه جنهن هٿ ۾ تنهنجو هٿ هوندو هو، سو هَٿُ ڌريل آهي سيني تي!

 

 

سورج پريين پار !

ديوار پٺيــان ديــوار،

مان ڄـــــاڻـــان ٿــــــــو-

سورج پرييــن پــــار!

 

جڳ ۾ جاڙ جِئــــــــــي،

صوفي لاڪوفي آهي-

ٻيڙي به ڪونه پِئي!

 

نرمل نرمل آڱريون،

ڏاهِي ٿيءُ-

ٻيريون آهن ڄاڱريون!

 


 

 

سنڌڙيءَ جهڙو ديس

کِلنديون کِلنديون مکڙِيون، رُوئندي روئندي ماڪَ،
پرهه- پکيئڙا، لاتِيون، گهُلندي گهُلندي هيرَ.

لوڪ نڪو پرلوڪ ۾، ڳوليو لڀندو مُورِ،
جندڙيءَ جهڙي ويس جان، سنڌڙيءَ جهڙو ديسُ.

”ڪارڙو ڪماڙو“ سان، پنندا اَن جي لَپَ،
ڳَلَ ڳچيءَ ۾ جهولڻيون، ڪاش هجون ها ٻار!

چنڊ چڙهئي ٿيا هوڪرا، لڳي سينڍ تي سينڍ،
چند لٿي ڇورن ڇڏي، ونجهه وٽيءَ جي راند.

چهري جي چانڊاڻ ۾، ساهن جي سُرهاڻ،
دوهي جهڙا چَپَ هئا، نيل ڪنول هئا نيڻ.
 

 

”حليم بروهي“ لاءِ

ليک لکي ڀل لَکَ حليم

پاڻ ته آهيون مال غنيم

پنهنجن به لُٽيو،

ڌارين به ڦُريو

هِت سوئي ٿيو

جو تو نه گهُريو،

جو مون نه گهُريو!

 

هوا پئي در کڙڪائي

هوا پئي در کڙڪائي
اونداهي اڌ رات جو

 

کڙ کڙ- کڙ کڙ....

 

ڌُوڪي در جي سِيرَ مان
لاٽَ ڏِيي جي ڦڙڪائي
اونداهي اڌ رات جو
هوا پئي در کڙڪائي

 

کڙ کڙ- کڙ کڙ....

 

اَڌَ اُگهاڙي انگ ۾
ڌڙ ڌڙ دلڙي ڌڙڪائي
اونداهيءَ اڌ رات جو
هوا پئي در کڙڪائي

 

کڙ کڙ- کڙ کڙ....

 

سوريءَ تي ڄڻ ساهه کي
پاڻ رکيوسين لڙڪائي
اونداهي اڌ رات جو
هوا پئي در کڙڪائي

 

کڙ کڙ- کڙ کڙ....

 

نِڪران، دهشتگرد ڪو
ڪَڙڪَڙ گوليون ڪڙڪائي
اونداهيءَ اڌ رات جو
هوا پئي در کڙڪائي

 

کڙ کڙ- کڙ کڙ....

 

الائجي ته ڪٿان ڪٿان
پاڻ آئي آ وڙڪائي
اونداهي اڌ رات جو
هوا پئي در کڙڪائي

 

کڙ کڙ- کڙ کڙ....

 

 

پر گهائجي ويندين!

جڏهن مان ياد ايندي سانءِ تون گهٻرائجي ويندين،
وسارڻ جا گهڻائي وس ڪندين پر گهائجي ويندين.

اڱڻ تي چهڪ بڻجي لهنديون تولاءِ چانڊوڪيون،
بهارن ۾ ٽڙڻ گهرندين مگر ڪُومائجي ويندين.

جڏهن منهنجي وفا جو ذڪر ٿيندو تنهنجي محفل ۾،
تڏهن پنهنجي جفا تي بيوفا شرمائجي ويندين.

ڪڙو لڳندو ته لڳندءِ آءٌ آهيان، لُوهه پائيندين،
دريءَ، در سان، ڪڏهن ديوار سان ٽڪرائجي ويندين.

انهيءَ ۾ ڏوهه ڪو ”امداد“ جو هوندو، نه ٻئي ڪنهن جو،
تڙپ هوندي ته پنهنجي هوندئي تڙپائجي ويندين!

 

 

شيشو ڪنهن ٽِڙڪايو!

هُن جو ڀالُ ڀَلايو هوندو،
درتاءِ ڇڏڻ آيو هوندو.

سورُ کڻي سهسايو هوندو،
ها، پر ڪنءَ سهسايو هوندو!

”امداد“ ادا! ڪنهن ٿي ڄاتو،
پنهنجو ساهه پرايو هوندو!

ماڙُهن ميڙي هوندي مايا،
۽ مون قرب ڪمايو هوندو!

هر دَور، عصر، هر عيسيٰ کي،
ڪنڊن- ڇٽ پهرايو هوندو.

مٽيءَ جي آدم جي آڏو،
مَلڪن ڪنڌ نمايو هوندو.

ڇاتيءَ تي ڇو هٿ آ منهنجو؟
شيشو ڪنهن ٽِڙڪايو هوندو!

سڀني جي تارن تي اک هئي،
۽ مون چنڊ تِڳايو هوندو.

پيرن تنهنجي گهر ڏي ايندي،
آڻي پنڌ پُڄايو هوندو.

 

( ق )

جڏهن به سانوڻ آيو هوندو،
اکڙين آب وسايو هوندو.

ڳيت پيهي ڳايو هوندو،
سُر مون ساڻ ملايو هوندو.

رم جهم بارش برسي هوندي،
کنوڻين کيل رچايو هوندو.

 

 

مانَ!

دل جو ڪشڪول کڻي شهر سڄو رُلنداسين،
مانَ ڪو پيار جو پئسو ڏئي ڇاتيءَ لائي!
ڪو دلاسن جو ٽڪو ڏي پوءِ ڪوڙو ئي سهي،
مانَ ڪو مُرڪ جو سِڪو ڏي ڳرهاٽي پائي!

 


 

 

 

 

ڌُريان ئي ڌار

ڌُريان ئي ڌار ۽ سفاڪ، توڙ جو ويري
روالور ۾ سڀئي گوليون ڀري به چڪو
۽ ان جو نال نرڙ جي مٿان ڌري به چڪو
رکي بُلن ڊٺل آڱر وري ٽرئگر تي
روالور سڄو خالي اُهو ڪري به چڪو

گلال رنگ لهو روڊ تي پيو آهي
لڳي ٿو تيز هوا ۾ ٻريل ڏيو آهي

اي سنڌ ماءُ! سندءِ پُٽ ڪريم بخش بلوچ
نثار شهر ڪراچيءَ مٿان ٿيو آهي
۽ تنهنجي سينڌ ۾ سج چنڊ ٿي ويو آهي!

 


 

 

 

 

گئس چئمبر!

حيات آهي يا گئس چئمبر
بٽڻ دٻائڻ جي دير آهي
رڳن اندر پيٽرول جو وهڪرو
رڳو لائٽر جلائڻ جو دير آهي
هڏن اندر مِکَ ناهه باروت آهه
تيلي رڳو دکائڻ جي دير آهي
۽ سيني ۾ دل جي هنڌ ٽائيم بم رکيل
ٽِڪِ

ٽِڪِ

ٽِڪ

ٽِڪ

انهيءَ صدا کان سوا سڀ آواز
بئنڪ اسٽرانگ روم ۾ گُم

نشان يو اين او جوڳيرو نه آهه
ڳجهَه آهه

نظريا

آدرش

سمورا ئي ڍونڍ آهن!

 

انهيءَ کان پوءِ به!

صبا خرام پرين

اي صبا خرام پرين!

اسان جي راهه ۾ شيشا ڀڳا پيا آهن
انهيءَ کان پوءِ به جي تون ملڻ گهرين ته هليا
اُگهاڙا پير ڪري جي اچڻ گهرين ته هليا!

 

رين وِهاڻي

رين وِهاڻي رين وِهاڻي،
پوري ٿي وئي پاپ ڪهاڻي.

بادل ڪو برسائي مولا،
کوهه به ڪن ٿا پاڻي پاڻي.

ڏٺي تنين کي ڏينهن لنگهي ويا،
روح جنين سين روزِ رهاڻي.

مري وڃين تون شل او مُورَکَ،
مري نه تنهنجي اک جو پاڻي.

تيز هوا ۾ وَٽِ وساڻي،
آس ته پوءِ به ڪانه اُجهاڻي.

اڄ ئي آءٌ ڪري ٿو ڍاريان،
سِڄُ ڪندو جيڪا به سڀاڻي.

 

اجنبي

شام آهي اڪيلي اڪيلي

۽ خاموش خاموش

وڻ به آهن اڪيلا اڪيلا

۽ خاموش خاموش

گل به آهن اڪيلا اڪيلا

۽ خاموش خاموش

خوشبو به آهي اڪيلي اڪيلي

۽ خاموش خاموش

رنگ آهن اڪيلا اڪيلا

۽ خاموش خاموش

۽ وڻن جي وچان

جيڪو رستو مَٽي ٿو

سو به آهي اڪيلو اڪيلو

۽ خاموش خاموش

رستي جي ڀرسان

پيل بينچ آهي اڪيلي اڪيلي

۽ خاموش خاموش

۽ انهيءَ بينچ تي

هوءَ به آهي اڪيلي اڪيلي

۽ خاموش خاموش

مان به آهيان اڪيلو اڪيلو

۽ خاموش خاموش!

               

 

 

 

آءٌ ۽ چنڊ

وري وقت بازولي پاتي

۽ دولاب سان

سج جي سيني ۾ خنجر هنيو

۽ تازن گلابن جون نازڪ ۽ معصوم پتيون

اُفق تي اُڏامڻ لڳيون

انهيءَ خون ناحق لڪائڻ جي خاطر

وري رات آئي

وري چنڊ جا داغ روشن ٿيا

وري زخم تارن جا مُرڪي پيا

وري درد جي قافلن

دل جي منزل تي خيمن کي کوڙيو

وري بيقراريءَ جا نشتر لڳا

وري جاڳندڙ نيڻ ڦٿڪي پيا

وري مدتن کان اُڃايل زمين تي

اکين اشڪباري ڪئي!

 

ائين رُئندي رُئندي

نظر چنڊ تي پئي

اُهو چنڊ صدين جو گهايل

اُهو عهد پيمانِ الفت جو تنها امين

وفائن جو ضامن

 

اِئين پاڻ ڏي

مون کي يَڪ ٽِڪ تڪيندو ڏسي

کِلي پيو- ۽ پوءِ

آءٌ ۽ چنڊ

کِلندا کِلائيندا

جڳمڳ ستارن جا سينا لتاڙيندا

تاريڪين جا ستم دل تي سهندا

نئين صبح جي جستجوئن ۾ نڪري وياسين

جتي اَڻمَيا رنگ خوشبو جا آهن خزانا!

 

 

رولڙي کان پوءِ!

توسوا

جيترو عرصو جياسين

جاڙ ئي جاني جياسين

۽ جڏهن

تنهنجي پُکي پيارا پياسين

ڄڻ جڳن جي رولڙي کان پوءِ

ٿانيڪا ٿياسين!

 

لهوءَ جي ميندي!

ڇا گُلن سان ئي رڳو کيڏندا رهنداسين ٻئي؟

اُلجهنداسين نه ڪڏهن ڪنڊن سان!

ڪنءَ ڪنداسين جي اُها آئي گهڙي

اٽڪندو پاند جڏهن ڪنڊن سان!

 

تو انهيءَ تي به ڪڏهن سوچيو آ؟

تو ڪڏهن آهه ڪيو پاڻ کان اهڙو ڪو سوال!

جي ڪيو آهه ته مليئه ڪو جواب؟

جي مليو هوءِ ته مون کي به ٻڌائي ڇڏجان

ته لڳي ڪيئن ٿي پيرن تي لهوءَ جي ميندي!

 


 

 

 

 

بس بس بادل بس وو!

بس بس بادل بس وو، منهنجو جيءُ جهُڙالڙو!

مُند به آ مٺڙي جيان، مُند مٿان ڇا وس وو
                        منهنجو جيءُ جهُڙالڙو!

جتي وسي ٿو مون پرين، اُتي وڃي تون وس وو
                        منهنجو جيءُ جهُڙالڙو!

اکڙين بس ڪئي کڻي، بوندن ڪانهي بس وو
                        منهنجو جيءُ جهُڙالڙو!

جهُڙُ هجي، جاني هجي، اهڙو ٻيو ڪو رس وو
                        منهنجو جيءُ جهُڙالڙو!

 

 

تون مورُ ٿي وڃ!

تون نه رو

هن تتيءَ ڌرتيءَ مٿان

تون نه رو

جيڪڏهن چاهين ته ڪو بادل وسي

تون مور ٿي وڃ

۽ ٽهوڪو هڻ ته ڪارونجهر ٻُري

گاج ۾ گجگاج ٿئي

۽ ڪرم جو ڪو ڪڪر

بُٺ تي وسي

پياس ڌرتيءَ جي ٻجهي

۽ نرڙ اتهاس جو ڏوپي وڃي!

 


 

 

سُونهاري جا سنڌ!

ڪچو ڌاڳو جِند، ڇِڪَ اچي تان ڇِڄي وڃي!
سُونهاري جا سِنڌ، آهي لاٽ لُلاٽ جي!

هيءُ جا لاٽَ للاٽَ، لُڇي پئي اونداهه ۾،
نِپٽ انڌي ٻاٽَ، ٽاريندي سا ڏيهه تان!

سانوڻ هو يا نيڻَ، وٺا ٻئي پئي رات جو،
جهڙا سڳا سيڻَ، وڇڙي وڇڙن ڪينڪي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org