سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪِرڻي جهڙو پَلُ

صفحو :13

اوسيئڙو

شام ٿي وئي آهي
رَتُ سَتُ اوڳاڇي
سج لهي ويو آهي
مون ڏيو جلايو آ
هُو اڃا نه آيو آ!

رات ٿي وئي آهي
چنڊ چوٽ تي آهي
۽ ڦلا ستارن جا
هر ڏِسا ٽڙيل آهن
وِلهَه، سيڄ تي ساڄن!
مکڙِيون کڙيل آهن
سانت منجهه سناٽي
جا به سُر ڇڙيل آهن
رُتِ ريت ريٽي آ
ميت گيت سڏڪن ٿا
سِينڌ مون سجائي جا
ٿي وئي اجائي سا

رات ڏينهن پرچايو
لڙڪ ماڪ جا روئي
مون ڏِيو اُجهايو آ
هُو اڃا نه آيو آ!

 

هڪ منظر

ڪـــــــاوڙي هــــوءَ،

        جُهڙ  جهُڙالا  ٿـــيـــــا

گوڙ گجگوڙ ٿي،

        دَڙيــــــــائــيــن جـيــئـن

پـــــــــــوءِ رُنـــــــــــي

        ۽ وري کِلي پئي ايئن

مِينهَن کـــان پـــوءِ

        جيئن اُس نـڪـــري!

 

 

 

مان اَپراڌي

پير ڪڙين ۾ منهنجا پيرَ، مان اپراڌي!
ڀڳي پئي آ من جي ويڻا، ڇڳي پئي آ ڇيرَ،
                                   مان اپراڌي!

لُڇي پُڇي ۽ مري ٺري وئي، هِيرَ جهٽڻ جي هيرَ،
                                   مان اپراڌي!

سوچان ٿو هِن ويرَ ملڻ لئه، آئي هوندي ڪيرَ؟
                                   مان اپراڌي!

 

 

 

يارن جي ياد!

رشيد(1)

تنوير

اياز هو ۽ گلاب ها لان ۾، هٿن ۾ ڀريل هُئا جام، چاندني هئي

ڀريل هئو هانءُ

 

ڳالهڙين جا هزارها ڀرت سهس رنگي سمئه جي گج تي ڀري ڇڏياسين

۽ سنڌ جي ڳالهه جيئن نڪتي

ته خوف خطرا ڌرم ڪرم سڀ پري ڇڏياسين

اياز محفل منجهان اٿي ويو ته جام اونڌا ڪري ڇڏياسين

 

مگر  گلابي  سُڳنڌ  آهي  اڃا هوا  ۾

      خمار  آهي  اڃا  فضا ۾

رشيد جا ٽهڪڙا ٻُرن ٿا  اڃا  ڪنن ۾

     اڃا ته آ چاندني صدا ۾!

 

قبله مخدوم طالب الموليٰ

 

قبله مخدوم طالب الموليٰ
بس رڳو ايترو ئي عرض آهي
ته اُنهيءَ رَبَ پاڪ جي ساراهه
هر بشر لاءِ عين فرض آهي

جنهن نبي ۽ رشي، مُني، اوتار
موڪليا هن جهان فانيءَ ۾
ڏات جنهن کي وڻيس ڏي ڏاتار

جنهن سڄي ڪائنات کي جوڙيو
رات جي لاءِ ڏينهن کي ٺاهيو
ڏينهن جي لاءِ رات کي جوڙيو

ڏينهن جي لاءِ ڇَٽُ سورج جو
رات جي سِينڌ لئه ستارن کي
سنڌڙي ديس مَٽُ سورج جو

مان به اُن ديس جو ڪوي آهيان
جو به غدار آهه مان ان جي
سرِ بازار لاک ٿو لاهيان

باک جي ساک سان چوان ٿو مان
تو پرينءَ کي ڏٺو، اسان توکي
مان مڃان ٿو اهو مڃان ٿو مان

 


 

 

”اياز“ به ساڳيو!

 

اک ۾ گهري گهُور گهڻي
مُک تي ساڳي مُرڪ کڻي
پنهنجي اِسٽڪ کي ٽيڪيندو
تاجل
(1) ڏانهن اياز هليو ويو
گولين کان هو ڪونه جهليو ويو
هٽ تاڙن کان ڪونه پليو ويو

هي شهر ڪلاچيءَ مائيءَ جو
ساڳيو شهر، اياز به ساڳيو
روح سندس آ جنهن سان واڳيو
ورهه وليون به اُهيئي ساڳيون
”چنڊ ڳليون
(2)“به اُهيئي ساڳيون

پر اڄ ڪيڏو فرق انهن ۾
ڳاڙهو ريٽو رَتُ انهن ۾
پاڻيءَ بدران هاريل آهي

ڄڻ ڇتي جو ڏاڙهيل آهي
ماڻهو هاڻي ماڻهو ناهي
ڄڻ ڪو واڇر سوئر آهي!

 

ساگر ۾ دريا پون ٿا

اُهي جيڪي مُنهن تي ته ساراهه ڪن ٿا
الائي ته پَرپُٺ سي ڇا ڇا چون ٿا

اهو معجزو جي نه آهي ته ڇاهي
ٻئي نيڻ هڪڙو ئي سپنو ڏسن ٿا

وجهي لُوهه انڌي ٻه پريمي ملن ٿا
ائين جيئن ساگر ۾ دريا پون ٿا

قلم ٿي ويون آڱريون جي ته ڇا ٿيو
مُڇيل آڱرين سان به ليکڪ لکن ٿا

بظاهر سڀن ساڻ مرڪن کلن ٿا
وٺي وجهه، ٽشوءَ سان، اکين کي اگهن ٿا

ڪئين ڪِينَ جهڙا گهڻو ڪجهه ٿين ٿا
زمانا! عجب رنگ تنهنجا رهن ٿا

انهن کي نه دنيا نه عقبيٰ سان مطلب
سُتي جاڳندي جي پرين کي پسن ٿا

ڪٿان کان ۽ ڪيڏانهن رستا ۽ راهي
اچن ٿا، وڃن ٿا، وڃن ٿا، اچن ٿا!

 

هي عَلم ڪنءَ ڇڏيان!

                  دشمنو! دوستو   

دوستو! دشمنو

آءٌ سڀڪجهه ڇڏي ٿو سگهان

راڄ

۽ ڀاڳ

ڌن

ڌرم

سر ساهه

گهر ٻار

سڀڪجهه ڇڏي ٿو سگهان

پر قلم ڪنءَ ڇڏيان!

هي عَلم ڪنءَ ڇڏيان!

 

 

پاڻ کي ڇاهي!

هِي ٻين تي لِکڻ ٻِکڻ ڇالاءِ
ڇونه پنهنجوئي ڪجهه لِکي وٺجي
ٻيا سِکن ٿا سِکن، سِکن نه سِکن
پاڻ ئي ڇو نه ڪجهه سِکي وٺجي!

قافِيو، ڪافِيو لکي ٿو ڪو
ته اسان جي گهران وڃي ڇا ٿو

سِنڌ کي سِڌ، ۽ چنڊ چڊ چاهي
ڪو لکي ٿو ته پاڻ کي ڇاهي

نظم کي ڪو نظم لکي ته لکي
ڪو عَلم کي الم لکي ته لکي

ڪو سِڌي پَٽَ ٿينٿِري پوندو
آسمان ڪونه ڪو ڪِري پوندو

 

 

بارش آئي ڙي!

جندڙي جهومي ۽ لهرائي ڙي
                بارش آئي ڙي!

ڪُوڪِي ڪويل، ڇمڪي پايل
ڇمڪي پايل، ڪُوڪِي ڪويل
مُند هٿن تي ميندي لائي ڙي
                بارش آئي ڙي!

ٿر بر ٿاڌل، جل ٿل جل ٿل
جل ٿل جل ٿل، ٿر بر ٿاڌل
ڌرتي ٿي وئي ساري سائي ڙي
                بارش آئي ڙي!

برسيو بادل، آيو سانول
آيو سانول، برسيو بادل
انگ انگوريا جائي پائي ڙي
                بارش آئي ڙي!

 

 

وَراڻِي

دنيا کي تون ڌوڙ چوين ٿو

جندڙيءَ کي تون ڪوڙ چوين ٿو

هر رشتي کي ڪَچُ چوين ٿو

تون ٿو سمجهين سَچُ چوين ٿو!

پنهنجي ڀرم رکڻ ڪارڻ

هونئن ته ڳالهيون ڳَچُ چوين ٿو

دنيا ڌوڙ هجي ته هجي

ڌرتي ڌوڙ نه آهي

جندڙي ڪوڙ هجي ته هجي

سنڌڙي ڪوڙ نه آهي!

 

 

جي تون چاهين!

جي تون چاهين

رات به توسان رَس ۾ آهي
چنڊ به تنهنجي گَس ۾ آهي
سڀڪجهه تنهنجي وَس ۾ آهي
                        جي تون چاهين!

 

 

گُهلندا هلياسين

تون پريين فٽپاٿ تي بيٺي هُيين

اوريين تي آءٌ

۽ وچ روڊ تان

دريا ٽرئفڪ جو وهيو پئي

 

ٿورڙي ويڇي ملي

انڌ مان تو لُوهه پاتي

انڌ مان مون لُوهه پاتي

 

بريڪ جا چرڙاٽ ٿيا

ٽائرن رستي تي گيساٽو ڇڏيو

گوڙ ٿيو

ماڻهو مِڙيا

۽ ٻنهي پاسان ٽرئفڪ اوچتو بيهي رهي

 

تون آءٌ

هٿ هٿ ۾ ڏئي

فٽپاٿ ڏي گهُلندا هلياسين!

 

 

پرهه کان پهرين

پرهه پسڻ کان پهرين پنهنجو پرين پسڻ مون چاهيو هو

اونداهيءَ ۽ اوجاڳي سان مون ڪيڏو سينو ساهيو هو

پر هيءَ ڪاري رات

هُن جي وارن وانگي ڪٽيل ناهي

۽ هوءَ سُتِي پئي آهي

سورج وارن منجهه لڪايو

ڪِرڻا اکڙين منجهه سمايو!

 

 

 

هڪ ياد

تو ڏٺو ڪيترو نه پيارو هو
چنڊ جي سنگ جو ستارو هو
آءٌ ۽ تون، نديءَ ڪنارو هو
چيلهه کي ٻانهن جو سهارو هو
تو ڏٺو ڪيترو نه نيارو هو
اُهو ڳهڻي جِهو سمو جيڪو
پاڻ سان گڏ هلي رهيو هو، سو
ڄڻ ته چانڊوڪِيُنِ جو چارو هو!

 

 


 

 

تون ته سُهاڳڻ آهين!

تنهنجو نَڪ آهه ٻُٽو، تون ته سُهاڳڻ آهين،
سيڄ هر رات ستارن جي سجايل تولئه!
مان اَڀاڳو ئي سهي، تون ته سڀاڳڻ آهين،
تنهنجو نڪ آهه ٻُٽو، تون ته سُهاڳڻ آهين!

ڪهڙو ويراڳ لڳو ٿئي جو ويراڳڻ آهين،
ڪنءَ نه سِڪندي ٿي رهي پير جي پايل تولئه!
تنهنجو نَڪ آهه ٻُٽو، تون ته سُهاڳڻ آهين،
سيڄ هر رات ستارن جي سجايل تولئِه!

 

 

توبند دري کولي

تو بند دري کولي، ڪمري ۾ هوا آئي،
هو سونُ پگهاريو يا هو رنگ شفق هاريو!
واهيري ورڻ واري، ڪڻڇيءَ جي صدا آئي،
توبند دري کولي، ڪمري ۾ هوا آئي!

اُن وير چپن تي بس، آئي ته دعا آئي
ماچيس وٺي مون کان، تو پاڻ ڏيو ٻاريو
تو بند دري کولي، ڪمري ۾ هوا آئي
هو سونُ پگهاريو يا، هو رنگ شفق هاريو!

 

 

بند گِهٽي

اِهائي گهِٽي جنهن ۾ گهر آهه هُن جو

اِهائي گهِٽي ريک منهنجي نرڙ جي

اِهائي گهِٽي منهنجي هٿ جي لڪير آهه بڻجي وئي

اِهائي گهِٽي جنهن ۾ گهر آهه هُن جو

صدين کان سُهائو هو جنهن جو اڱڻ

اُن اڱڻ تي

ڪڏهن ماءُ جو چنڊ چهرو چڙهيو

ڪڏهن پيءُ جو سِجَ وانگي سدا مُکُ مرڪيو

ڪڏهن ڀائرن ڀينرن جا ستارن جيان ٽهڪڙا ٿي کِڙيا

ها، اُنهيءَ ئي اڱڻ ۾

ڪڏهن بَڙَ جو وَڻُ هو

ڏاڪ جي راند هئي

۽ انهيءَ بَڙَ جي وَڻَ ۾ پَٽَ جي پينگهه هئي

مگر هڪڙي ڏينهن

واءُ اهڙو وريو

سِج گرهجي ويو

چنڊ اُلهي ويو

بَڙَ جو وَڻُ پاڙن کان پٽجي ويو

ٽڙيل ٽهڪڙا هُن جي شعرن جي ڦاٽل پنن جان اُڏامي ويا

اُنهيءَ گهر جا هڪ هڪ ٿي سارا کٽولا کڄي ويا

۽ هُو

گهر جي در کي کُليل ئي ڇڏي

سرد بيدرد ڇڙواڳ پاڳل هوائن جو پيڇو ڪندو

اُنهيءَ چنڊ چهري

اُنهيءَ سِجَ مُکڙي

جي ڳولا ۾ نڪري ويو

 

۽ مان

جيڪو هُن جي ئي چهري جيان

۽ هُن جي ئي نالي جيان

۽ هُن جي ئي پاڇي جيان

هُن سان چنبڙيو رهيس

سو جدا ٿي ويس!

 

هاڻ ساڳي گهٽيءَ جي مُهڙ تي بِهي

سوچِيان ٿو ته ’مان

گهر وڃان؟

ڪهڙي مُنهن سان وڃان!

متان

آرسيون مون کي ڄاڻڻ سڃاڻڻ کان انڪار ڪن!‘

 

ڏات اَمر آهي!

نينهن نگر آهي،
پرهه پهر آهي.

تنهنجي سارُوڻي،
سفر سمر آهي.

يارَ ته رت رُئندا،
کِلندو کر آهي.

مِٽيءَ جو ڏيئو،
شمس قمر آهي.

لڙڪ ڦڙو ڳل تي،
اٿر پٿر آهي.

وسنديءَ ۾ منهنجو،
ڪهڙو گهر آهي؟

”امداد“ نه هوندو،
ڏات اَمر آهي.

هيڪل ناهيان مان،
ورهه وڳر آهي.

 

برسڻ بن بادَلَ!

برسڻ بن بادَلَ، ڪالهه لنگهي ويا ڪيترا!

پياسا ئي رهجي ويا، اَلا ترايون تَلَ
کُوهر کنڊر ٿي ويا، پٿر ٿي پيا پَلَ
هرڪنهن ماڻهوءَ جي مٿان، کُورن کاڻي کَلَ
ڪالهه ته ڪيڏي هيج مان، کاڌي انگ اُڇَلَ
اَڄُ ته سِجُ مٿي مٿان، پيرين ڌَرِ تَتَلَ
ملير موٽي مارئي، آس اها اَڻجهَلَ
ڪيئن لنگهيا هوندا اَلا، پاڻياريءَ جا پَلَ
ويڙهه وڃي ته کڻي وڃي، لِينگها لِينگها ڳَلَ

برسڻ بن بادَلَ، ڪالهه لنگهي ويا ڪيترا!

 

 

هڪڙي ويران گهر کي ڏسي

آءٌ اهڙي جاءِ آهيان

جنهن جا در دريون ڪڏهوڪا

جهاڙ ۽ فانوس

پڙدا ۽ ڪٻٽ

آرسيون

۽ آرسين جا اولڙا

وچ چونڪ تي وڪجي چڪا!

 

آءٌ اهڙي جاءِ آهيان

جنهن جي رهواسين جي ردي خواهشن

ڪنهن خزاني جي هوس ۾

فرش جي سِر سِر اُٿوڙي

درز درز آهي اُکوڙي!

 

هاڻ ڇاهي؟

ڇِتِ تي چمڙا ٽنگيل

هاڻ هر ديوار تي ڇيڻا ٿُڦيل!

 

نئون روپ

سامهون ميز تي هوءَ تنهنجي ”مِرر“ ۾ تصوير

مون کي چيڙائي پئي

مون کي گهوري پئي نفرت جي نظر سان مُرڪي

منهنجي غربت جو اُڏائي ٿي مذاق

۽ پئي ياد ڏياري اُهي الفت ناما

جيڪي تو خونِ جگر ساڻ لکيا هئا مون کي

جن مان ڪنهن سينٽ جي خوشبو ٿي اڃا تاءِ اچي

تو لکيو هو ته: تون مون ساڻ محبت ٿي ڪرين

مون کي چاهين ٿي ۽ ڀڳوان جيان پوڄين ٿي

منهنجي تصوير کي تون روز ٿي گُل ڀيٽ ڪرين

 

تو لکيو هو ته تون

دنيا کان ڊڄين ٿي نه انهن رسمن کان

ٻيڙِيون پير ۾، جي ڳَٽُ ڳچيءَ ۾ آهن

 

تو لکيو هو ته ڪڏهن

تنهنجي پيرن ۾ ڪا زنجير جي پاتي به وئي

ته اُها ٽوڙي هلي اينديين ٻانهن ۾ سندم

پوءِ هٿ هٿ ۾ ڏئي دُور هليا هلنداسين

ريت ۽ ڪُريت جي جهڳڙن کان پري

ها انهيءَ ديس ۾ جت پيار ڪرڻ پاپ نه پُڇ

ها جتي خاص نه عام آهه نڪا جهَلَ نه پَلَ

نينهن نپجن ٿا جتي

سڀڪا پرينءَ کي ٿي پَسي!

ها جتي صرف محبت ئي محبت آهي

نه ڪو شڪوو نه شڪايت آهي

نه ڪو ڪنهن دل کي جدائيءَ جو ستم سَهڻو پوي

نه ئي پيرن ۾ ڪا زنجير نه ڪو ڪنڌ تي ڪات

نه ڪو ڪنهن جسم کي قيد

نه ڪو ڪنهن چهري تي داغ-

 

ليڪن اڄ

مرمرين1 جسم تي ڪمخواب ۽ ريشم جو ڪفن

تنهنجو هٿ آهه ٻئي جي هٿ ۾

تنهنجي پيرن ۾ پيل سون جي زنجير آهي!


 


(1) رشيد ڀٽي، تنوير عباسي، شيخ اياز

(1) تاجل بيوس

(2) شيخ اياز جو شعري مجموعو

1 “Mirror”، پنهنجي دور جو هڪ مشهور آرٽ پيپر تي ڪراچيءَ مان نڪرندڙ انگريزي رسالو،جنهن ۾ وڏ گهراڻن نون پرڻيل جوڙن جا فوٽو به ڇپيا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org