سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: ڪِرڻي جهڙو پَلُ

صفحو :5

سُور ڪجهه سوايو آ!

 

مون جڏهن ڪو ڏِيو جلايو آ،
زور ڪيڏو هوا لڳايو آ.

يار ميلي ۾ ۽ اڪيلي ۾،
چين مون کي ڪڏهن نه آيو آ.

دشمنن کي به آزماءِ ڏسان،
دوستن کي ته آزمايو آ.

سچ ته توکان سوا سڄڻ سائين،
اِنءَ لڳي ٿو جيڻ اَجايو آ.

جيڪو پنهنجن ڪنان هئو پنهنجو،
اڄ پراين ڪنان پرايو آ.

سڀ ڇڏي ويا ڇڏيو نه تو اي درد،
ڀال ڪيڏو نه تو ڀَلايو آ!

هونءَ ته چهرو به هو اکيون به هيون،
آرسيءَ ۾ نظر نه آيو آ.

توکي چاهيون ٿا توکي چاهيون ٿا،
بحث ان تي ڪرڻ اجايو آ.

هڪڙو ماڻهو ئي آهه اچڻو پر،
مون سڄو گهر کڻي سجايو آ.

حال ”امداد“ جو پُڇو ڇا ٿا،
اڄ مڙئي سُور ڪجهه سوايو آ.

 

 

تارُونءَ ۾ تلوارون

درد ته دل جو دارُون، وو ميان،

                        ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!

چِتَ ۾ چاقوءَ چُڀڪا، تارونءَ ۾ تلوارن،

 

              وو ميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!

وجود ويئڙو واسجي، وِرهه ڪيون وڻڪارُون،

 

              وو ميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!

بيراڳين جون بَرَ ۾، برهه لڳيون بازارُون،

 

              وو ميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!

سچن موتين جون لَڙيون، هي جي لڙڪن لارُون،

 

              وو ميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!

جيڪا سا مون ڏي مِڙئي، ماروءَ تي نه ميارُون،

 

              وو ميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!

هي جي وَڍَ وجود ۾، هينئڙو ڦارُون ڦارُون،

 

              وو ميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!

پاڻهي ڄاڻي مون ڪيو، ڏيل به ڏارُون ڏارُون،

 

              وو ميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!

رات سُتي سُپنو ڏٺم، ڌُڏي ويون ديوارُون،

 

              وو ميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!

چئن ڏِسين ٻُرنديون ويون، ٻاٻاڻن ٻاڪارُون،

 

              وو ميان، ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!

درد ته دل جو دارُون، وو ميان،

                         ڪوهه ڪرينديس ڪارُون!

 

 

پنجين ديوار!

 

 

                هرڪمري کي

                هونديون آهن

                ديوارون چار

                پر اُن ڪمري کي

                پنج هيون ديوارون

                چار پٿر جون

                پنجين

                هڏن جي تيڪي تي

                رت ۽ ماس جي گاري ساڻ

                ٺهيل ديوار

                بنان پِيڙهه جي

                بنان ڇِتِ جي!

 

 

خوش رهين شال!

منهنجي دل تي ستم ڪرڻ وارا
خوش رهين شال غم ڏيڻ وارا.

 

زندگيءَ جي اُداس راهن ۾
ڌوڙ ئي ڌوڙ آ نگاهن ۾
آس آ آخري پساهن ۾

 

خوش رهين شال غم ڏيڻ وارا
منهنجي دل تي ستم ڪرڻ وارا

 

مون ته هر موڙ تان پُڪاريو هو
هر قدم دل جو ديپ ٻاريو هو
تو ئي پٺتي ڪٿي نهاريو هو

 

خوش رهين شال غم ڏيڻ وارا
منهنجي دل تي ستم ڪرڻ وارا

 

هاڻ لڙڪن جي بي زباني آ
بس اها نينهن جي نشاني آ
مهربانن جي مهرباني آ

 

خوش رهين شال غم ڏيڻ وارا
منهنجي دل تي ستم ڪرڻ وارا

 

 

 

بِلو شهيد تي سلام!

سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي بحاليءَ جي تحريڪ ۾، شاهه ڪريم رح جي شهر بلڙيءَ ۾ اسڪولي شاگردن جلوس ڪڍيو. هڪ هوٽل وٽ انهن تي هوٽل جي مالڪ بندوق سڌي ڪئي. بلو شهيد ان هوٽل تي پيشگير هو. اُن ٻارن کي بچائڻ لاءِ بندوق کسڻ جي ڪئي ۽ ڇاتيءَ تي گولي کاڌائين.

 

نظارو دلخراش آ
اُگهاڙي آسمان هيٺ
هي رَت ٻُڏل جو لاش آ
نراڙ پاش پاش آ
ڪفن به ليڙ ليڙ آ
چڳون به چيڙ چيڙ آ

 

اُهو به ڪنهن جو دوست آ
اُهو به ڪنهن جو ڀاءُ آ
اُهو به ڪنهن جو پيءُ آ
انهيءَ جي ڪا ته ماءُ آ

 

هي رَتُ جيڪو ڌوڙ ۾
به ٽِڪ ٻڌي بِهي رهيو
اهوئي رَتُ صبح آ
اهوئي رَتُ شام آ

بِلو شهيد تي سدا
سلام آ سلام آ

جو گوليُنِ جو گهاءُ آ
اهو سدا گلاب آ
۽ پوري زور شور سان
سوال جو جواب آ
نئين لِتل اڱڻ مٿان
اِهوئي ماهتاب آ
جهُڙالِين جي ڏيهه ۾
اهوئي آفتاب آ

لهوءَ جي ان لڪير تان
هليا اچو هليا اچو
اهوئي اڌ کُليل اکين
جو پهريون ۽ آخري
اوهان جي لئه پيام آ

بلو شهيد تي سدا
سلام آ سلام آ

 

لهوءَ جي لهر پئي لڳي
ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ آ
اي سرفروش ساٿيو

 

ڦڙو ڦڙو پڪار آ
۽ آخرين حَدَ تاءِ
غير لئه ڌڪار آ
ڪچي سڳي ۾ اٽڪِيل
ڪپار تي ترار آ
اڃا به گهاءَ گهاءَ مان
ڦڙو ڦڙو ڳڙي پيو
ڦڙو ڦڙو اَجهاڳ آ

کٿورِيُن جي مُٺ کلي
بسنت رُتِ جهڙو رَتُ
ڪنوار جو سهاڳ آ
ڦُليءَ ڦَليءَ سڀاڳ آ
اهوئي رَتُ نينهن جي
نماز جو امام آ

بِلو شهيد تي سدا
سلام آ سلام آ

 

 

لات

آڌيءَ آڌيءَ

آکيري ۾

هڪڙو ننڍڙو نرم پکي

کُنهبن کنڀن جي مُٺ

هر کولي هر بند ڪري

نيري نِڀ ڏي نيڻ کڻي

باک پسڻ لئه واجهائي

هڪڙو ننڍڙو نرم پکي

مٺڙي مٺڙي سُر ۾ ويٺو

بسنت بهار جا گيت چوي!

 


 

 

 

 

چنڊ وڌيڪ ٿڌو!

جنهن لهرين سان پيار ڪيو،
سو مون وانگي روئندو ويو.

مُند مينهوڳي آئي وئي،
هيل به وَڏَڦڙو نه وُٺو.

اِنءَ پيا ڪاٽيون ڏينهن ڏکيا،
ڪاٺ ٽُڪي جنءَ ڪاٺ ڪُٽو.

مان به اوهان کي ٻڌندس پر،
پهرين منهنجي ڳالهه ٻڌو.

مون جو مُنهن تي سَچُ چيو،
هر ڪنهن هٿ ۾ پٿر هو.

هڪڙو هُو جو ڪونهي ڪو،
سڀڪجهه آهي ڦِڪو ڦِڪو.

آءٌ به توکي چاهيان ٿو،
توکي اهو پتو نه پيو.

 

اڱڻ اڱڻ تي آڌيءَ جو،
پِيلو چنڊ وڌيڪ ٿڌو.

خيال جو روشن پاڇو،
روپ وٺي شل ڪوتا جو.

راءِ ڏياچ سڏايو، پر،
پهرين سِر جو دانُ ڏيو.

چپ ۾ چَڪُ وجهي ڇڏيم،
اڌ ۾ گهٽجي ويو سُڏڪو.

رات کڻي ڪيڏي به سهي،
پر ڏينهن ته نيٺ به ٿيندو.

ڇاتيءَ ۾ ڇا رکيو هو؟
جيڪي هو سو رَکَ ٿيو!

هڪڙي ڀيري دل کولي،
جيڪي چوڻو اٿو چئو!

تنها تنها راتين جو،
تو ڪو مون کي ياد ڪيو؟

منهنجو پيار پلڻ وارؤ،
پنهنجيءَ دل تي هَٿُ رکو.

جسم وڪامي سگهجي ٿو،
روح ته ڪنهن ناڻي نه ڳِڌو.

ميڻ بتي به وسامي وئي،
هاڻي رويو ويٺو رو.

گهوڙا! پنو ويچارو،
جيڪي به وڻيوَ اُهو لکو!

آهه ڪٿي ”امداد“ اُهو،
جيڪو شعر به چوندو هو.

 

 

هاريءَ جي ڪهاڻي

هڪڙي هاريءَ جي ڪهاڻي ٿو ٻڌايان آن کي
نانءُ جنهن جو هو سُکيو، پاڻ ڏکيو رهندو هو
اَنُ راڪاس زميندار کڻي ويندو هوس
ديهه جو ڀَڀُ ڀري پاڻ بُکيو رهندو هو
هو رڳو رات جو دُکندو نه هو دونهينءَ وانگي
ڌر تتيءَ وانگيان هر وير دُکيو رهندو هو!

 


 

تون به ڪَنائي ته سهيِ

رات روشن نه سهي، ڏينهن انڌيرو ئي سهي
تو جيان دور گهڻو دور سويرو ئي سهي

ڪوبه سورج نه سهي، ڪوبه ستارو نه سهي
هن انڌيري جو ڪٿي ڪوبه ڪنارو نه سهي

۽ هوا بند سهي، پَنُ به چُرندو نه سهي
نه سهي ڪابه صدا، دانُ به گهُرندو نه سهي

گهورڙئي جو به ڪو آواز گهٽيءَ ۾ نه سهي
شيءِ وٺڻ لاءِ ڪنهين ٻار جو کيٽو نه سهي
دِٻَ دَٻڙاٽ نه ڪو، ماءُ جو دڙڪو نه سهي

نه سهي ڀَونڪ ڪتن جي نه سهي وسنديءَ ۾
سڀ سُتا ماٺِ مُٺا سُور سهي وسنديءَ ۾

نه سهي ها نه سهي ٻانگ نه ڪو سنک نه گهِنڊَ
ماٺ ئي ماٺ رڳو ٻاٽ رڳو ننڊَ ئي ننڊَ

نه سهي شهر، پراڻو اهو کنڊر ئي سهي
ڪابه ديوار سلامت ۽ نڪو در ئي سهي

پوءِ به تهخاني جي ڳڙکيءَ ۾ لڳل شيشي مان
پوربي پار جي ڳڙکيءَ جي ڀڳل شيشي مان

آءٌ رڙيون ٿو ٻڌان ٻار نئين ڄاول جون
تون جتي آهين اُتي تون به ڪَنائي ته سهي!

 

 

سنڌو ساگر کان!

سورج نڪرڻ کان به اڳي هُو نڪتو هو گهر کان،
ان لمحي کان اکڙيون ڪونه هٽيون آهن در کان.

سحر امداد، ڌرتي سورج، ڪَوِتا ڪاڳر کان،
ها، وڇڙي ڪانه سگهي آهي، سنڌو ساگر کان.

ڍولڻ، توبن پوهه مهينو ڪيئَن ڪٽيوم اَلا،
ان جو حال پڇي وٺجئين تون ڪنهن نسريل سر کان.

لال گلال گلاب الائي، ڪٿي ڪِري پيو هو،
خوشبو پوءِ به وڇڙي ڪانه ڪوٽ جي ڪالر کان.

ٻُڏندڙ سورج، ورندڙ ڌَڻ، وڻ ٽڻ، ۽ ڇڻندڙ پن،
کِڙڪي بند ڪيئي، کسجي ويو، سڀڪجهه منظر کان.

وِکَ وڌائي، وِکَ وڌائي، وِکَ وڌائي وِکَ،
ماڙُهو آهين مختلف ٿي ميل جي پٿر کان.

 

ابتدا ڪا ڪريون!

ٿي چُڪي ٿي چُڪي ٿي چُڪي ٿي چُڪي
جابه ٿيڻي هئي ماجرا ٿي چڪي
هر ستم ٿي چڪو، هر جفا ٿي چڪي
هر ڏيي جي مخالف هوا ٿي چڪي
ابتدا ڪا ڪريون، انتها ٿي چڪي!

 


 

اُهي ئي جِي ويا!

راهه کان گمراهه ٿيا،  ڀلجي ويا، ڀٽڪِي وِيا،
جن اوهان جو در ڇڏيو سي دربدر رهجِي وِيا.

زندگيءَ جو زهر هڪڙيءَ ڳيتَ سان جي پِي وِيا،
سِڪَ جي سُورِي چڙهيا جيڪي اُهي ئي جِي وِيا.

تون مٿينءَ دل سان کِلي مُرڪي ملينءَ پاٻوهه مان،
مان اَياڻو ئي سهي سياڻا مگر سمجهي وِيا.

آزمائڻ جي گهڙي آئي جڏهن ”امداد“ يار،
ڪيترا ڄاڻو سڃاڻو اڻ سڃاڻو ٿِي وِيا.

 

( ق )

رات ٽکڙ(1) جي حوالي سان رُنيون مون ڪجهه سِٽون،
لفظ ڄڻ پيرُون هئا پني مٿان پکڙِي ويا.

هيءُ حامد
(2) جو نگر، ”مخلص(3)“،”فدا(4)“ جو هي نگر،
هن نگر ۾ ڪيترا پاڙا هئا اُجڙِي وِيا.

ڳالهه ”حافظ شاهه
(5)“ جي اوطاق جي نڪتي جڏهن،
زخم دل جا ڄڻ ته ڪي بخيا هئا اُڊڙِي وِيا.

 

 

ڪراڙ جي جل ۾!

هيڪڙي لڙڪ جيتري پَل ۾
رات چوڏهين ڪراڙ جي جَل ۾
چنڊ ڪيڏو اُٻاڻڪو ڀاسي
لڙڪ لڙيو کڙي وِيو تارو
هيڏي ميلي ۾ هيڪلو ڪيڏو
شاهه عبداللطيف ويچارو!

 


 

هيءَ جا منهنجي دل آهي

هيءَ جا منهنجي دل آهي
سا ته الائي ڇا ٿي چاهي!

 

ڪجلي رُت ۾ بادل بڻجي
ٿر بر تي ٿي برسڻ چاهي
تِرُ نه هڪڙو ترسڻ چاهي

 

هيءَ جا منهنجي دل آهي
سا ته الائي ڇا ٿي چاهي!

 

سمنڊ ڪناري واريءَ گهرڙا
هر هر ٺاهي هرهر ڊاهي
ڊاهي پوءِ وري ٿي ٺاهي

 

هيءَ جا منهنجي دل آهي
سا ته الائي ڇا ٿي چاهي!

 

دوست ڪڏهن ته ڪڏهن هيءَ دشمن
سڀئي لڳ لاڳاپا لاهي
منهنجي دل ڄڻ منهنجي ناهي

 

هيءَ جا منهنجي دل آهي
سا ته الائي ڇا ٿي چاهي!


 


(1) منهنجو ڳوٺ، شاعريءَ جو هڪ مڪتبئه فڪر

(2) حافظ حامد

(3) محمد هاشم ”مخلص“

(4) علامه اسدالله شاهه ”فدا“

(5) ڪافيءَ جو هڪ وڏو شاعر، جنهن جي اوطاق ڄڻ هڪ ثقافتي مرڪز هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13  14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org