سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌ سنڌي ٻولي، ۽ سنڌي شاعري

صفحو :7

همير سومرو ( عرف خفيف) جنهن 1043ع ۾ منصوره مان چڙهائي ڪري پنڳل جي راءِ دوساجيءَ کان عمر ڪوٽ هٿ ڪيو، تنهن جو همعصر ڄام پونئرو ڪڇ جي پڌرڳڙهه ۾ رهندو هو. انهيءَ سمي ڄام کي ڪيرتي ڳڙهه جي ماڪواڻي راءِ، وير ويهاس (گجر)، اهڙو ته اچي سوڙهو گهُٽيو، جو ان کان جند ڇڏائڻ لاءِ انهيءَ (مٿي ذڪر ڪيل) راجڪماريءَ جو سڱ همير کي ئي ڏيڻو پيس. سومري ڏانهن اهڙو سنيهو پڻ موڪليائين.

ماڙهو هلايئين متر، ڪوٺيئين سنڌ همير،

سڱ ڏيانءِ، سومرا، ٻيو پڌر ڏيانءِ وير،

پيائيءَ پيائيءَ لک ڏيان، گهوڙا ڏيان ڳچ،

سَمي ڪارڻ سومرا، تون تان وهلو اچ.[1]

                همير رئي لَٽ اُڏائيندو اچي اوڏو ٿيو. راڻي جان انَ اوسيئڙي ۾، اَڪنڊيون اکيون ڳڙکيءَ ۾ وجهيو ويٺي هئي، تنهن جڏهين لٽ اڏامندي ڏٺي، تڏهن پيٽ ۾ ساهه پيس.

اچي ساڻ اَلٽيو، اڏاڻي پَڻي،

راجئين نهاري ڳوک مان، آيو سنڌ ڌڻي.[2]

                همير سومرو ستت ئي اچي سهڙيو، پونئرو ڄام آجيان لاءِ اڳتي وڌي آيو ۽ کيس ڪوٽ اندر حفاظت سان رهائڻ جي آڇ ڪيائين، پر هُو سنڌ جي سومري جواب ڏنو ته:

واڙي وڇون پورجن، پاڏا نه پورجن پاءَ،

اسين پڌر جا بادشاهه، ڊڄون نه ڪنهن جي ڊاءَ.

                ٻئي صبح، همير پڙ ۾ پهريائين وير ويهاس کي وار ڪرڻ جو وارو ڏنو. جنهن گرز سان همير جي سر تي هاءُ هنيو. راڻيءَ سمجهيو ته همير پورو ٿي ويو، پر هُو ڌڪ پچائي اُٿي کڙو ٿيو.

گهاءُ لڳو گهڻج جو، ڇڻيو ڇٽ مٿان،

راڻيءَ ائين پڪاريو، ته همير ويو هٿان.[3]

                آخر همير سوڀ کٽي، سڱ کٽيون ۽ ڪڇ جو ملڪ کٽيو. ’اگهاٽ همير وارا‘ جو ٺپو تڏهن کان ڪڇي جي سرڪاري ڪاغذن تي لڳڻ شروع ٿيو. (چيو وڃي ٿو ته مٿيون هيرو انهيءَ همير جي شاديءَ ۾ مڱڻهار ڳايو هو.) اهي جنگي ڳاهون ترقي ڪندي، دودي- چنيسر جي عهد ۾ اچي عروج تي پهتيون، جي موقعي سر اينديون.

ڳاهن جو آخري دؤر (1300- 1500ع)

                هيءُ ڳاهن جو تڪميلي زمانو آهي، جنهن کي ڳاهن جو ’ادبي دؤر‘ يا (Literary ballad age) چوڻ کپي، ڇو ته هيل تائين جيڪي گيت ۽ ڳاهون مٿي اچي چڪيون آهن، تِن ۾ ڪنهن به سگهڙ جو نالو نه آهي. جيڪڏهن ڪنهن جو نالو ٻڌڻ ۾ آيو به آهي، ته ان جا ٻول موجود نه آهن، ۽ جي ڪي گيت مليا آهن ته انهن جا ٺاهيندڙ معلوم نه آهن. هينئر تاريخ جو پهريون ئي دفعو اهڙن سگهڙن جو تذڪرو هلندو،جي ڄاتل سڃاتل ۽ مڃيل ادبي شخصيتون آهن. اهڙن سڄاڻن جا سرواڻ، سُمنگ چارڻ ۽ ڀاڳوڀان ئي آهن. انهن کان پوءِ سلسليوار پير پٺو ديبلي (شاهه حسين اپلاڻي)، درويش نوح هوٿياڻي (کيبرن وارو)، شيخ حماد جمالي (گُجي وارو) ۽ اسماعيلي تحريڪ جا پرچارڪ ۽ داعي ستگر نور، صدرالدين وغيره جا نالا قابل ذڪر آهن. جيڪي ڳاهن جي هن سلسلي تي آخري مهر لڳائي ويا آهن. مٿين سگهڙن يا ڳهيرن جي تذڪري کان پوءِ، قديم سنڌي شاعريءَ جو تذڪرو به پورو ٿيو. مٿئين روشن زماني جا اهي املهه رتن، نمبروار هيٺ ڏجن ٿا. سُمنگ چارڻ ۽ ڀاڳوڀان جي احوال ڏيڻ کان اڳ هيءَ پڌرائي ضروري آهي ته جهڙيءَ طرح سما ۽ سومرا هڪ ٻئي جا حريف رهيا آهن، تهڙيءَ طرح ڀٽ[4] ۽ چارڻ به فريقين جي حمايت ۾ هڪٻئي جا مخالف بڻيا رهيا. چارڻ، سمن جي سخا جا ثناخوان رهيا آهن ۽ ڀٽ سومرن جي سورهيائيءَ کي ساراهيندا آيا آهن. سومرن جي سورهيائيءَ کي چارڻن ڏاڍ مڙسيءَ ۽ ارهه زورائيءَ سان تعبير ڪيو آهي، ته سمن جي سخا کي ڀٽن وري ڍانڍين کي لبڻ جي رمز ڪوٺيو آهي. انهيءَ ڪري چارڻ هروڀرو به سومرن جي نندا ڪندا ۽ ڀٽ بيگناهه به سمن جي نلائي ڪندا رهيا آهن. انهيءَ مختصر سمجهاڻيءَ مان اڳواٽ پتو پئجي ويندو ته سمنگ ڪهڙا ٻول ٻڌايا هوندا ۽ ڀاڳ فقيرن ڪهڙي بات بيان ڪئي هوندي.

(1) سمنگ چارڻ (اندازن 1200- 1300ع)

                سمنگ چارڻ جي حياتيءَ ۽ سندن ڪلام تي هڪ تفصيلي مضمون اڳتي (ص 214- 235) ايندو. تنهنڪري هتي سندس ڳالهه اشاري ۾ ڪجي ٿي ته سمن جي ٽيهن گهراڻن مان چتايل مڙس چونڊي، انهن مان ’ڏَهه ڏاتار‘ ۽ ’ست سورهيه‘ مقرر ڪيا، ۽ هر هڪ تي هڪڙي ڳاهه ٻڌايائين. اهي ڳاهون سُر ۽ تار ۾ ويهاري، هليو همير سومري کي گهر ويٺي ٻڌائڻ، جنهن ٺوڪي هنيس ڪاٺ ۾. چي ’سُورمن جي صف ۾ اڳواٽ منهنجو نالو آڻ، انهن جو انداز اٺن تي بيهار، يا ڏهن ڏاتارن ۾ مون کي به ڳڻي يڪا يارنهن ڳائي ٻڌاءِ، نه ته نه ڇڏيندوسانءِ.“ حيلن حرفتن سان جند ڇڏائي ڀڳو، ۽ پوءِ ساري ڄمار سومرن تي سِٽون جوڙيندو رهيو.

سٻر ٿيا سومرا، ڏٻر تن پرجاءِ،

همير جس ماتاءَ، چارڻ چوندو ايترو.

                انهن سٽن کان سواءِ، سمن جي ساراهه ۾ سندس سترهن ڳاهون اڄ به سنڌ ۾ عام طرح هلندڙ آهن. (سندس زمانو لاکي ڦلاڻي، وڪئي ڏاتار ۽ همير سومري وارو آهي، جو اٽڪل ٻارهين صدي عيسويءَ کان آهي.)

(2) ڀاڳوڀان (1300ع)

                ”ڀانڊ“ لفظ ”پانڊو“ جو بدل آهي، هيءَ گروهه منڍ کان ئي راجائي درٻارن کان وابسته آهي، تنهنڪري شاهي شجرن ۽ نسبنامن تي سَند آهي. راجائن جا وفادار ثابت ٿيڻ ڪري، سندن وڏي هلندي ٿي، ۽ سفارت، سڱابندي، ۽ سياسي معاملن تي مامور رهيا. سومرن جا به خاص معتمد ڀانڊ ئي هئا. ڀاڳوڀان ته سندن ست پيڙهيو گهر ڄائو ڀاٽ هو، جو سنگيت ۽ راڄنيتيءَ جو وڏو ڄاڻو هو. علاوءالدين، گجرات کان ڪڇ جي وڳهه ڪوٽ (روپاهه) تي وار ڪيو، قيامت خيز جنگ لڳي، جنهن ۾ سومرن جي سورهيائي توڙي ڀاڳوڀٽ جو ڪردار لاثاني آهن. ڀاڳ فقير هت چند بردئي جي ’ٻي جوڻ‘ يا نئون روپ لڳي ٿو. دودل وير جي شان ۾، ’پرٿوي راج راسا‘ جي نموني تي ئي ’دودل راسو‘ ڳايائين، جو هڪ وڏو جنگي داستان آهي. غالباً پاڻ هن کي اڌورو ئي ڇڏي ويو، جو سندس پٽن پورو ڪيو هجي: پر سندس ڳاهن ۽ پوين جي ملايل ڳاهن ۾ سنڌو ڪڍڻ مشڪل آهي. سومرا درٻارن ۾ هيءُ ڪيڏارو، چوڏهين- پندرهين صديءَ تائين ڳائيندا رهيا آهن. جو سورهين صديءَ کان بند ٿي ويو. هن ۾ ڊگهيون ڳاهون آهن، جي پڇاڙيءَ ۾ ڏنيون وينديون.

(3) شاهه حسين اپلاڻي (عرف پير پٺو ديبلي):

                هيءُ ملتان واري غوث بهاوالحق زڪريا (1267ع) جو خليفو هو. نؤرسين ۽ لاکاٽيا قوم وارن گڏجي، غوث جو پيارو مريد شيخ جيؤ، شهيد ڪري وڌو پير پٺي انهن جي نندا ڳائي ته:

نورسيا نه رسيا، لٿو ليکو لاکاٽين،

مدي رکي من ۾، جيئو ڪُٺو جن،

بُجو بهاؤالدين جو، توڙئون لڳو تن.[5]

                هيٺنءَ ڳاهه ۾ ديبل تي وير چڙهڻ ۽ ماڻهن جو مڪليءَ مٿان پکڙجڻ وارو واقعو ڳايو اٿس:

ديبل پاس ڌڪيلجي، ’آيو آب اپار‘

مڪليءَ ماڳ مٿاهينءَ، ٿياسون ڌاروڌار.[6]

(4) مخدوم نوح هوٿياڻي (کيبرن وارو):

                سن 1388ع ۾ جوڻي ڄام جي خلافت ۽ تماچيءَ جي حق ۾ هوڪو ڏنائين ته جوڻو وڃي جهوري ماريو، ڄام تماچي تختين چاڙهيو.[7]

(5) شيخ حماد:

                سن 1388ع مٿئين تماچي ڄام جي والده کيس روئي دانهن ڏني ۽ کانئس دعا گهريائين. مائيءَ جي حال تي کيس رحم آيو ۽ بلند آواز سان هيٺيون ڳاهون آلاپيائين:

تماچي صلاح الدين، ايندا سيگهه-سري،

جوڻو جُهڙَ جَپيو، پيس ڪوٽ ڪِري.[8]

جوڻو مت اوڻو، ڄام تماچي آءُ،

سٻاجهي ٻاجهه پئي، تو سين ريڌو راءُ.[9]

                (الف) کان (د) تائين اسماعيلي تحريڪ جا داعي ۽ جماعت جا پرچارڪ هئا.

اسماعيلي تحريڪ جا داعي:

                (الف) ستگر نور: ستگر نور سن 1079ع ۾ هندستان آيو ۽ سنڌ ۾ اچي پنهنجو ستپنٿ جاري ڪيائين.

                (ب) پير شمس: پير شمس (سبرزواري) اسماعيلي فرقي جي اڻٽيهن گادي نشين، امام شاهه قاسم زماني (1310- 1337ع) ۾ پرچار ڪرڻ آيو. سندن ٻول غنائي نوعيت جا آهن، جي ڇند جي جهنجهٽ کان آزاد آهن.

همه دل خالق الله سوئي وسي،

جتي قائم قدرت چلائي،

حق تون، پاڪ تون بادشاهه،

مهربان ڀي ياعلي تون ئي تون.

رب تون رحمان تون،

يا علي اول آخر قاضي تون ئي تون.[10]

                (ج) پير صدرالدين: پير صدرالدين عرف ’ٻارگر‘ 1409ع جا ٺاهيل ”گنان“ اڄ تائين ڳائبا پيا اچن، جن ۾ عروضي تڪلف ۽ تصنع کان وڌيڪ موسيقيءَ جي ’غنا‘ موجود آهي ۽ جن جو مضمون هدايتن ۽ نصيحتن وارو آهي. ڪي ٻول هيٺ ڏجن ٿا:

ڪيڙيون اڏائيين گڊ ماڙيون، تين تي ڪيڙا رکائين چٽ،

نيهي نيندءِ ڌوڙ ۾، توتي لتون ڏيندا مٽ،

سڻ وڻجارا هو يار! من هروئڙو ٿو جهولي.

هتي ’وڻجارا هو يار‘ وراڻي (Burden) آهي، جا لئه ۽ سُر جي ڍار لاءِ هڪ ضروري ٽيڪ آهي.

                (د) پير حسن ڪبير: پير حسن ڪبير (49- 1450ع) پڻ مٿئين قسم جا گنان چيا آهن. اهي به اڄ تائين بدستور جهونگاريا ۽ آلاپيا وڃن ٿا. مطلب ته پندرهين صديءَ جي پڇاڙيءَ سوڌو، ڪن شاعرن جو اهڙو ڪلام ملندو رهي ٿو، جنهن جو مضمون مذهبي، سياسي ۽ تبليغي وغيره آهي.

                پڇاڙيءَ جو دودي- چنيسر جون ڳاهون، ڀاڳوڀان جي زبانيءَ ڏجن ٿيون. هي ڳاهون ’ڪَبَتِ‘ جي هيئت (Form) ۾ آهن، جي راڳ همير (۽ ڪيڏاري يا سورٺ)۾ ڳائبيون آهن. ڳاهن جو انداز به گهڻو آهي، ۽ انهن مان ڪهڙي موقعي جون ڳاهون ڏجن ۽ ڪهڙي موقعي کي نظرانداز ڪجي، سوبه هڪ مسئلو آهي. تنهن ڪري قصي جي منڍ کان کڻي، وچان ٻه- ٽي ڳاهون ڏجن ٿيون:

(1) ڀونگر جي وفات، ۽ پڳ لاءِ ڇڪتاڻ:

ٻاٽي ٻاٽي ڏينهنڙا، لڳا ڀونگر راوَ سُتي،

مڙدن اچي مامرو ٻڌڙو پڳ مٿي.[11]

(2) چنيسر جو پڳ تان بگڙڻ:

ڪاوڙجي ڪارو ٿيو، وري چڙيو چنيسر راءَ،

بگيو ديو وڳهه سندو، جوجهليو اچي نا جاءِ.

ـــــــــــــــــــــــــــــــ

هول ڪنگول به ٿو وجهي ۽ زرهه وجهي چولا،

سوني سيڱ ڪماگري، بَٿيِ ڪانن هٿ وچا.

(3) علاوء الدين جي لشڪر جو ’ويرا واهه‘ تي پهچڻ، نوجوان ننگر راءَ جو غنيم تي چوڪسي رکڻ لاءِ مقرر ٿيڻ:[12]

آلادين به آئيو، جت آلا ڪاٺ ٻرن،

پوربي ۽ پڇمي آهي انت نه امرائن،

ڪارا، ڪڪا، ڪابلي، ڪوهستاني به ڪُڏن،

ڳاڙها ڏينڀو ڏونگري جيئن چيلاٽا چهٽن،

ايران ۽ توران جا، کنا خوب کڙن،

(ادا) نوَ لک ڏهه ڇيلون (وو)، اچي سنڌ وڪوڙي تن.

(4) ننگر راوَ جو ڪٽڪ کي آڏو روڪڻ، ۽ پٺاڻن جي ساڻس کؤنس ڪرڻ:

ماڪڙ وانگي مينهن جي، اُت اچيو ڪانَ ڪرن،

مردن مٿان رڪ جون، ٿيون تاؤ تراڙيو ڪن.

ڌڙ جنين جا ڌوڙ ۾، سڀ للهنگ پيا ليٽن،

مر سي مائن ڄائيا، جي اورانگيو به اچن،

(اداڙي!) سان وڙهن ائين سومرا، جيئن ڳوڌا ڳاهه وهن.

(5) ننگر نوجوان جي ثابت قدمي:

اُت ارڙهن ڌڪ تراڙ جا، لڳا ننگر مٿڙي تان،

ته به ٽڪر ٽريو ڪينڪي، پيو جبل ڪونه سماءُ.

                ڀاڳوڀان جي واتان وير رس اڃان به ان وقت اُڌميو ڌڌڪا ڪري، جڏهن دودو راءُ پڻ سر پڙ تي پلٽيو آهه- ”آت ڌرتي ٿي ڌان ڌان ڪري!‘“ افغان اکئين دوزخ ڏسن ٿا، جن لاءِ دودي قيامت ڪري ڇڏي. مسو ڀرڳڙيءَ جا ميراثي، هيءَ ڳالهه سُر حسينيءَ ۾ کڻندا آهن، ۽ ٻڌندي، حساس طبع وارن کي آسمان لرزندي محسوس ٿئي ٿو. جن به هيءَ رمز ڳائيندي ٻڌي هوندي، تن کي لکيل ڳاهون ڪجهه بيجان ۽ ڦڪيون لڳنديون.

                هن سربستي ڪيڏاري ٻڌڻ کانپوءِ، اعتراف ڪرڻو پوي ٿو ته ڀانَ جو گهر هن سڄي دؤر جي سگهڙن (توڙي پوءِ جي ڪن رزم گو شاعرن) ۾ اتاهون آهي. سندس ڪئين تڪون، جن ۾ جنگي محاورا ۽ رزمنامي جا اصطلاح آهن، پوءِ جي شاعرن وٽ ضرب المثل آهن. مطلب ته ’ڀاڳو‘ سومرن جي دؤر ۾ عظيم الشان هستي آهي.

پڄاڻي:

                پندرهين صديءَ جي خاتمي سان گڏوگڏ، سومرن جي ستن – اٺن صدين جي ڊگهي حڪومت به ختم ٿي، ۽ انهيءَ سان گڏ ئي ”قديم سنڌي شاعريءَ“ جو لڳ ڀڳ هزار سالن جو پراڻو عهد پڻ پورو ٿيو.

                سنڌي شاعريءَ جو هيءُ اوائلي دؤر، موضوع توڙي مفهوم جي لحاظ کان، سڌوسنئون ۽ سادگيءَ وارو دؤر آهي. هن ۾ نه الاهي راز آهن ۽ نه باطني رمزون: نه عشق مجازيءَ ۽ حقيقيءَ جي ڇڪتاڻ، ۽ نه وري شريعت ۽ طريقت جو بحث. هن دؤر جي شاعريءَ ۾ اهي ڳالهيون ڳولڻ اجائي خوشفهمي آهي. هن دؤر بابت ٻي ڳالهه هيءَ به ڌيان ۾ رکڻ کپي، ته پراڻي سنڌي شاعري ’سنگيت رس‘ جي ئي اصولن تي بيٺل آهي. ڪيترا گيت جڙيل ئي ائين آهن، جيڪي گائن وديا جي لئي تال ۾ بلڪل پورا ٺهڪي اچن ٿا. هن ۾ ڇند وديا کي به ڪو دخل ڪونهي. تنهنڪري هتي ڇند جا اصول آزمائڻ ۽ ماترائون ڳڻي ليکو ٻڌڻ، سکڻي سوداءُ پچائڻي آهي. ڇند جو پنهنجو الڳ دؤر آهي، جنهن ۾ ئي اهي قاعدا قانون ۽ پابنديون عائد ٿين ٿيون. اڃا هيءُ راڳ رس جو ئي دؤر آهي، جنهن ۾ شاعريءَ کي پنهنجي آزاد حيثيت آهي، ۽ اهڙي آزادي پندرهين صديءَجي ختم ٿيڻ تائين قائم رهي آهي.

                سورهين صدي عيسويءَ جي شروع ٿيڻ سان ئي، سنڌي شاعريءَ ۾ هڪدم ڦيرو اچڻ شروع ٿيو آهي. سادن ۽ بيترتيب ڳيچن ۽ ڳاهن جي جڳهه تي دوهي ۽ سورٺي جهڙيون ماپيل ۽ تُريل پڪيون پختيون صنفون اڀري آيون ۽ نڪري نروار ٿيون، جن ۾ پوريءَ طرح ڇند جا نيم نڀايل آهن. هن دؤر جي موضوع ۽ مضمون تي، سينگار رس يا عشقيه شاعري (تغزل) جو رنگ غالب آهي. سنڌي شاعريءَ جو هيءُ ’ٻيو‘ دؤر شروع ٿيو آهي، جنهن کي ’دل جي سجاڳيءَ‘ يا ’روحاني بيداريءَ‘ وارو دؤر چئي سگهجي ٿو. ”جوڳيءَ جاڳايو، ستو هوس ننڊ ۾!“ انهيءَ جُڳ جا جوڳي آهن: سئدنو سالڪ (سيوهڻ طرف جو). اسحاق آهنگر (لهار)، دوريش راڄو ’دَلُ‘، ڪامل مجذوب، سيد علي ٺٽوي، قاضي قاضن وغيره. اهي صاحب سڀ پندرهين صديءَ کان پوءِ جا آهن: هنن کان اڳ مٿئين مضمون جو دائرو محدود ٿي چڪو آهي، تنهنڪري هي سالڪ ۽ تارڪ پنهنجي علحده روحاني دؤر جو ئي افتتاح فرمائيندا.

هيڪيو جو اکر ونگڙو، جوگُر تُسي ڏي،

انڌاري گهر ڏيولا، ڦرڦر جوت ڪري.

ــــــــــــــ

پراڪرتي شاعريءَ جي شروعات ۽ قديم سنڌ

تاريخي پسمنظر

                گذريل مقالو[13]، جيئن ته صرف آريا لوڪن جي اتهاس ۽ تاريخ تائين محدود رکيو ويو هو، تنهنڪري ان ۾ نه رڳو ٻين ٻاهرين قومن کي نظرانداز ڪيو ويو، پر خود مهاتما گوتم ٻُڌ، جنهن خاص هندستان جي دُن مان ئي عوامي اصلاح جي تحريڪ اٿاري ۽ عالمي انقلاب آندو، تنهن کي پڻ ڄاڻي ٻجهي ٽاريو ويو، (جيئن اڪثر ٿيندو آيو آهي.)

                ايراني حڪومت، ٻاهرين قومن ۾ آريه لوڪن کان پوءِ، اول ايراني هتي آيا. ڪن قديم روايتن موجب: مهاڀارت واري زماني (800 ق.م) کان به اڳي، ايران مان ’سميراس‘ (Semiramis) سنڌ تي ڪاهه ڪئي، جنهن ۾ هن عراق ۽ ايران جا سپاهي به آندا هئا. انهن کي سنڌ جي بادشاهه ’سٽيروبيٽس‘ (Staurobates)[14] ڀڄائي ڪڍيو، جيڪي مڪران جو ڪنارو ڏيئي پنهنجي ملڪ پهتا. اهڙو ئي ٻيو حملو (700 ق.م ڌاري) هوشنگ ’پيشداديه‘ پڻ ڪيو هو، تاريخي حقيقتن مطابق ايران جو سنڌ تي قبضو، 600 ق.م ۾ ڪياني شهنشاهه ’سنائرس اعظم‘ (855-530 ق.م)کان شروع ٿئي ٿو. ڪياني ڪسرائن دنيا جي تاريخ ۾ نه فقط پهرين منظم شهنشاهت قائم ڪئي، پر قديم دنيا جي تختي تي اها وسيع ترين سلطنت پڻ هئي. دارا اعظم جي عهد (530- 486 ق.م) ۾ هن حڪومت جون حدون هڪ طرف ته مصر جي ماٿريءَ ۾ نيل نديءَ تائين پکڙيل هيون، ته ٻئي پاسي وري مهراڻ ندي اُڪري راجسٿان جي رڻپٽ تائين به سندس سِڪو هلندڙ هو. ايڏي وسيع دنيا جو انتظام رکندي، هنن جي هٿان هڪڙو عظيم ڪارنامو ٿي گذريو: ’پنجن سالن جي پيادي پنڌ جيڏو ڊگهو ملڪ‘، تنهن ۾ آمد و رفت کي آسان بنائڻ ۽ ان جي دائمي سلسلي قائم رکڻ لاءِ، دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ئي دفعو پيچرا دريافت ڪيا ويا ۽ انهن کي سڌاري سرڪاري سڙڪون بنايون ويون.[15] انهيءَ ڪري قديم زماني جا مڙيئي متمدن ملڪ ۽ مهذب قومون پاڻ ۾ ڪڙجي هڪ ٿي ويا. اهڙي عالمگير اتحاد ۾ سنڌ جو ملڪ پڻ عام سطح کان مٿي اڀري، بين الاقوامي معاملن ۾ اڳواڻي ڪرڻ لڳو. دارا جي پٽ زرڪيسز (Xrxes) (486- 465 ق.م) جيڪا يونان تي چڙهائي ڪئي، تنهن لاءِ پڻ مهراڻ جي ماٿريءَ مان ئي جنگي جوڌا ميڙي جمع ڪيائين. هروڊوٽس جي چوڻ موجب: سنڌ جي سپاهين توڙي سوارن کي سوٽي ڪپڙا پاتل هئا. هنن جي هٿن ۾ بانس جون ڪمانون ۽ بيد جا تير هئا، جن جي چهنبن تي وري فولادي ڦار چڙهيل هئا.[16] هيءُ پهريون دفعو هو، جڏهن يورپ وارن سندن ئي سرزمين تي سنڌي سورما وڙهندي ڏٺا هئا. انهيءَ ايراني- سنڌي اشتراڪ جا احوال ته سڪندر جي ڪاهه تائين، بلڪ ان کان پوءِ به مفصل طرح سان ملندا ئي رهن ٿا. مگر هن مقالي جو مول مقصد فقط ٻڌ مذهب ۽ ان جي نمائنده شخصيتن جي تاريخ ئي ڏيڻ آهي. انهيءَ سبب ايران جي ايتري احوال تي اڪتفا ڪندي، مهاتما ٻُڌ جي واقفيت ڏجي ٿي، جيڪو هن مضمون جو مرڪزي مانجهي آهي.

 مهاتما گوتم ٻُڌ:

                مهاتما ”گوتم ٻُڌ“ ڪرشن، رام، راوڻ ۽ لڇمڻ وانگي ڪو فرضي ڪردار يا ڪائي خيالي ڏند ڪٿا نه آهي. پر هي هڪ اهڙي حقيقي ۽ تاريخي شخصيت آهي، جنهن جا ذاتي آثار اڄ به دنيا جي عجائب- گهرن ۾ محفوظ آهن. پاڻ نيپال جي شاڪيه گهراڻي مان، راجا سڌوڌن جو ولي عهد هو. سندس جنم (558 ق.م)[17] ڪَپل وَستوَ شهر کان پندرهن ميل پري لمبنيءَ واري باغ ۾ ٿيو، جنهن کي هاڻي لمبني ديوي سڏيندا آهن.[18] انهيءَ ڏينهن تي آسيت نالي هڪڙو ساڌوءَ هماليه پهاڙ تان اچي، هن جي جڳت- گرو ٿيڻ جي اڳڪٿي ڪئي هئي. تنهن کان پوءِ ستين ڏينهن تي سندس والده مايا ديويءَ جهان ڇڏيو. جنهن جي ننڍي ڀيڻ (ماتا گوتمي) ٻار جي نيپاج خاطر سڌوڌن سان پرڻائي ويئي. اهائي پوءِ عام طرح سان سڌارٿ ڪمار جي ماءُ ليکي وئي آهي. ٻوڌيستو جي ٻالجتيءَ کان هيءَ عادت هئي، جو باغ ۾ لڪي اڪيلو ويهي ويچار ڪندو هو. سندس انهيءَ ايڪانت پسنديءَ جو آخري علاج هيءُ هو ته هن کي دنيا جي ڄار ۾ جڪڙيو وڃي. تنهنڪري هن جي شادي سندس سڳيءَ سؤٽ يشوڌارا ڪماريءَ سان ڪرائي ويئي. انهيءَ مان راهل نالي پٽ ڄائو. جنهن جي ستين ڏينهن تي ٻوڌيستو شاهي محل ڇڏي کڻي جهنگ مُنهن ڪيو. سندس تاريڪ الدنيا ٿيڻ جو اصلي سبب اهو نه هو، ته هن ڪو مريض، مڙدو يا پيرسن پهريون ئي دفعو ڏٺا هئا. پر جنهن ڳالهه هن کي حڪومت تان هٿ کڻايو، سا هندومت جي هٺ ڌرمي هئي.

                ويدڪ زماني جا کتري آريا، درندن وانگي هڪٻئي جو چڪين ماس پٽي رهيا هئا. يگيه کائيندڙ برهمڻ وري پاڻ کي نوراني نسب مڃائڻ خاطر، کترين کي به خدا جي خوني بازن جو مظهر مڃي، ويتر قتل جي بازار گرم ڪري رهيا هئا. مگر سڌارٿ ڪمار خود کتري هوندي به انهيءَ ڌرميءَ يڌ، يگيه ۽ وڏيرڪي بڻ جي بنهه برخلاف ٿي بيٺو.- ”مون ۾ ويراڳ ڪيئن جاڳيو، سو ٻڌو: ماڻهن کي درندن وانگي وڙهندي ڏٺم... منهنجيءَ دل تي سخت چوٽ لڳي.“ (گاٿا-2) پنهنجن پيارن کي ڍورن وانگي ڪسندو ڏسي، هن جي دل کي ڌڌڪو آيو. سو هٿين خالي وڃي ڌرين جي وچ ۾ پيو ۽ انهن کي ايلاز آزيون ڪري پاڻ ۾ پرچائڻ لڳو. اڳيان هو به ڪي کتري- پڻي جي هٺ ۾ ورتل هئا، سي نه مڙيا. ”مون محسوس ڪيو ته گهر- گرهست گندو ۽ تڪليفن جو آستان آهي. هتي رهي ڪا به مڪمل نيڪي حاصل ڪرڻ ممڪن ئي نه آهي، تنهنڪري ڪکن جا ڪپڙا ڪري، وڃي......[19] پر پنهنجي پيءُ ماءُ، ڪنوار ۽ پٽڙي جي پريت جو ڳٽ اڃا سندس ڳچيءَ ۾ ڦاٿل هو، سو ”اي ڀڪشو! آءٌ پڻ مرض مصيبت ۽ موت جي چنبي ۾ هوندي، به ڏک ڏهاڳ ۽ ڏولائي ۾ ورتل وٿن جي ور چڙهي ويس! تڏهن دل ۾ آيم ته انهن (ڏکائيندڙ شين) کان پاڻ کي ڇڏائي، ڪوئي جڳ جو ڇوٽڪارو ڳولي ڪڍجي.“[20]

                سندس سرچائڻ واسطي ڪيتريون ئي ڪنيزون ۽ ڪماريون محلات ۾ موجود هيون. سي جڏهن ڳائي وڄائي سمهي پيئون. تڏهن ڪنهن جي وات مان گِگ وهڻ لڳي ته ڪا وري بڇڙو منهن ڪري (خواب ۾) وڦلڻ لڳي. سو ڏسي، ٻوڌيستو کي ٻيڻي بڇان آئي. پنهنجي ڪوچوان ’ڇُن‘ کي جاڳائي ڪَنٿڪ گهوڙو ڪاهي نديءَ تي آيو. اتي پنهنجن وارن جو چوٽو ترار سان ڪپي، شاهي لباس، ڳهڻا، لٽا ۽ گهوڙو ڇُن کي ڏيئي، پاڻ درياهه ۾ ٽپي پيو ۽ سالن تائين وري سندس ڪو پتو ڪونه پيو.[21]

                حق جي تلاش ۾ هن کي ڪيترائي ڌرمي پنڊت منهن پيا، تن سان بحث مباحثا ڪندي به کيس ڪو اطمينان ڪونه ٿيو. آخر وڃي اُرويلا (گِبا) جا سُڃا جهنگ وسايائين. ”اي اگوسين! جيڪي جهنگل بلڪل ڀوائتا سمجهبا هئا، اتي گُهگهه اونداهين ۾ به آءٌ اڪيلو وڃي ويهندو هوس. هوا ۾ پن کڙکڙ ڪندا هئا، ڪو مور وڻ تان ڪا سڪل ڏانڊي ڪيرائيندو هو، يا ڪو هرڻ اکين اڳيان ڊوڙي ويندو هو ته سمجهندو هوس ته شايد انهيءَ کي ئي ڊپ ڪوٺيندا آهن.“[22] ”اي سِچڪ! آءٌ ڏند ڏندن تي ڀچائي، زبان تارونءَ تي ڄمائي، خيال قبضي ۾ ڪري، جڏهن فڪر ۾ غرق ٿي ويندو هوس، تڏهن منهنجي ڪڇن مان پگهر ريلا ڪري نڪرندو هو.... ڌيان لڳائڻ ۾ ساهه به روڪي ڇڏيندو هوس ته وري ڪنن مان ساهه نڪرڻ جهڙا آواز ٻڌندو هوس.“[23] اهڙي طرح ڪک پن کائي به ست سال ساندهه سخت رياضتون ڪندو رهيو. ”اي اگوسين (سچڪ)! آءٌ هڪڙو ٻير کائي به ويلو ٽاري ڇڏيندو هوس، مگر منهنجو ڏيک نهايت ئي ڏٻرو ٿي ويو هو: ڪَچي ڪدوءَ وانگر منهنجي کل گهنج ڪري سڪي ٺوٺ ٿي ويئي. وَل جي ڳنڍين وانگر سنڌن جا ڳنڍ پيا ڏسبا هئا. ڇت جي ٿڙڪيل پٽين وانگر منهنجيون پاسريون پيون لڙڪنديون هيون. اُٺ جي پير وانگي منهنجي ڍونگري ٿي ويئي هئي. اڀ جا تارا جيئن اونهي کوهه ۾ ڏسبا آهن، تيئن منهنجيون اکيون کوپريءَ ۾ ڏسبيون هيون. پيٽ تي هٿ گهمائيندو هوس ته پٺيءَ جو ڪنڊو هٿ کي لڳندو هو،. مٿي تي هٿ ڦيريندو هوس ته وار ڇڻي پوندا هئا. پيشاب يا پائخانو ڪرڻ ويهندو هوس ته اتي ئي پئجي رهندو هوس.“[24] اهڙيءَ نازڪ حالت ۾ وري شيطان (مارَ) اچي، کيس حياتيءَ کُٽڻ جو خوف ڏيئي برغلايو.

                انهيءَ کان ٿورو اڳي مائي سُجاتا نالي، ڪنهن مالوند جي زال ٻوڌيستو کي ڀوت سمجهي، کير چڪو اچي ڀيٽا رکيو. اهو ورتائي وري به پوري اعتماد سان رياضت ڪرڻ ۾ لڳي ويو. تان جو مار (شيطان) سان مقابلو ڪندي گهڻي رات گذر ٿي ويئي. اها ويساک جي چوڏهين تاريخ هئي، جنهن جي پوئين پهر تي سندس اندر ۾ الهام آيو ۽ کيس نئين روشنائي نصيب ٿي. چئن اعليٰ حقيقتن جو هن کي علم حاصل ٿيو. انهن جي بنياد تي وري اٺن وصفن وارو روشن رستو پڻ معلوم ٿيس ۽ ٻوڌيستو مان چڙهي ٻُڌ (عارف) ٿيو. انهيءَ معرفت مان کيس ايڏو اطمينان ۽ سڪون سريو، جو سڄا سارا ست هفتا، انهيءَ سرور قلبيءَ جي ڪيفيت ۾ ئي محو رهيو. انهيءَ سان گڏ ئي، هِن ذميداريءَ جو احساس به سندس اندر ۾ اڀرندو آيو ته هيءُ گيان جو ڊگهي انتظار ۽ ڪيتري ڪشالي ڪڍڻ بعد مون کي مليو آهي، سو هن لاءِ آهي ته انهيءَ جو لاڀ عام لوڪن کي ضرور ملڻ گهرجي، تنهنڪري باقي زندگي ٻين جي ڀلي ۽ سک لاءِ صرف ڪرڻ جو هن فيصلو ڪيو ۽ موٽي انساني آبادين ڏانهن پنڌ پيو. آکاڙ جي مهيني ۾ ئي اچي سارناٿ ۾ سهڙيو. اتي پهريون دفعو (522 ق.م) پنجن پنڊتن کي اچي تلقين ڪيائين. اهڙيءَ طرح ئي اول ’ڌرم چڪرورتن‘ (قانون جو ڦيٿو ڦرڻ) چالو ٿيو.

                ”اي ساڌئو! هي چار اعليٰ حقيقتون ياد رکجو: هيءَ حياتي ۽ ان جون گهرجون، بيماري ۽ ٻڍاپو، محتاجي ۽ موت سو سڀ ڏک ۽ ڏک آهي، اها پهرين بنيادي حقيقت اَٿَـــوَ. دائمي حرص ۽ هوَس ۽ ان مان اٿندڙ تمنائون به عذاب آهن، سا ٻي سچي حقيقت اَٿَـــوَ. انهيءَ حرص ۽ هوس کي صبر ۽ قناعت سان دٻائي ضابطي هيٺ آڻڻ، ۽ انهيءَ کان بي نياز رهي پاڻ تان عذاب ٽارڻ، اهو ٽيون حقيقي سچ سمجهو. ۽ چوٿين اعليٰ حقيقت هيءَ آهي ته مٿين مڙني مصيبتن جو آسان علاج، اٺن اصولن واري ’معتدل مذهب‘ ۾ آهي. هاڻي اهي اٺ نيم (نڪتا) ڪهڙا آهن، سو ٻڌو: صحيح سمجهه، صحيح حافظو، صحيح قول، صحيح فعل، صحيح عبادت، صحيح پرهيز ۽ صحيح روزي.“ اهو آهي مهاتما گوتم ٻڌ جو پهريون وعظ، جنهن کي ’مذهبي چرخي جو چُرڻ‘ چيو ويو آهي. انهيءَ جاءِ تي پوءِ سارناٿ يونيورسٽي قائم ڪئي ويئي.

                چند مهينن ۾ سندس سَنگهه (ساٿ) جو انداز سَٺ تائين پهچي ويو. اتي مهاتما جي من ۾ آيو ته جڏهن سارو جڳ اڻڄاڻائيءَ جي اوندهه ۾ غرق هجي، تڏهن اسين پنهنجي سک ۾ ساءُ سمجهون، انهيءَ کان هلڪي ڳالهه ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي! تڏهن تٿاگت (تِتي پُهل) چيو: اي ڀڪشُوء! هاڻي سڀني جي سک ۽ ڀلائيءَ خاطر اُٿي کڙا ٿيو. عوام تي شفقت ڪريو ۽ سچ جي پرچار لاءِ سندرو ڪشيو..... پر ساڳيءَ واٽ سان ٻه ڄڻا نه وڃو.[25] انهن جا اُپديش ٻڌي، ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو تٿاگت وٽ رجوع ٿيڻ لڳا. ٿورن ئي سالن ۾ پنج سوء ڀڪشوئن جو سنگهه (جماعت) مختلف ملڪن ۾ پرچار ڪندي پکڙجي ويو. مگدهه جي مهاراجا بمبسار ۽ ڪوشل جي راجا پسيند پڻ ٻڌ مذهب مڃيو.

                ڀاڳوَنت ٻڌ پرچار ڪندي ڪپل وَستوَ ۾ بکيا وٺڻ آيو ۽ پنهنجي ئي گهر اڳيان اچي سَئين هنيائين. يشوڌرا ديويءَ يڪدم پنهنجي ڀتار کي سڃاتو ۽ راهل ڪمار کي سڏي چيائين ”پٽ! اهو تنهنجو ابو اٿيئي، وڃي کانئس ورثو گهر.“ راهل ڪمار سندس پاڇي ۾ بيهي چيو ”ڀڳونت! توهان جي ڇانوَ سک واري آهي!“ تٿاگت اتان ئي پويان پير ڪيا. راهل ڪمار به سندس پاڇي سان لڳو آيو. آستاني تي اچي اول راهل کان وچن ورتائين. ”پاڻ کي پيغمبرزادو سمجهي بيکارين جي بي ادبي ته نه ڪندين؟“ اها پڪ وٺي، پوءِ سنگهه ۾ داخل ڪري، کيس ساريپت جي سپرد ڪيائين.

                اتي ماتا گوتمي پڻ محلات ڇڏي، اچي سنگهه جو سهارو وٺڻ چاهيو. مهاتما ٽي دفعا ان جي ڳالهه اڻٻڌي ڪري، وئشالي (بهار) ڏي هليو ويو. ماتا مايوسيءَ ۾ مٿو منائي، گيڙو ڪپڙا ڪري، سندس پٺ ورتي. ايتري پنڌ هلڻ ڪري سڄي ڌوڙ ۾ ڀڀوت ٿي ويئي ۽ سندس پير سُڄي ڦاٽي پيا. اتي آنند اچي مهاتما کي منٿ ڪئي ته جنهن ماسيءَ اوهان کي نپائي ايڏو ڪيو، ان کي عورت ذات جي ڀلائيءَ خاطر، چاڪريءَ جو موقعو ملڻ گهرجي. مهاتما وري به انڪار ڪندي چيو ته ”اي آنند! استرين لاءِ هن پنٿ“ ۾ ڪابه جڳهه نه هجي ها، ته هي مذهب هميشه هلي ها: پر هاڻي فقط هڪ هزار سال هلندو. سو به پنجن صدين کان پوءِ کرڻ لڳندو. تنهن هوندي به ماتا کي هي شرط منظور هجن، ته سدا اچي سيوا ڪري. ’بيکارڻ‘ (Nun) ساري ڄمار به کڻي سنگهه ۾ گذاري، تڏهن به ڪنهن ڀڪشوءَ سان بي ادبيءَ ۽ بي حجابيءَ سان نه ڳالهائيندي، پر پاڻ سڀني کي هٿ جوڙي، هنن کان نيم سکندي رهندي... هر چوماسيءَ بعد پنهنجي ڪوتاهين جو ساري سنگهه اڳيان کليل اعتراف (Confession) ۽ پڇتاءُ ڪندي وغيره.“ ماتا اهي سڀ ڳالهيون خوشيءَ سان مڃي، سنگهه ۾ داخل ٿي. پوءِ ته وٽس ڪيتريون ئي ڪُراڙيون ۽ بيواهيون اچي گڏ ٿيون. وِساکا نالي اؤڏ جي سيٺاڻيءَ سڄي ملڪيت وقف ڪري، خاص زالن واسطي وهار ٺهرايو ۽ پاڻ به ماتا سان گڏجي شيوا ڪرڻ لڳي. تنهنڪري پوءِ علحدو ’ڀڪشڻي سنگهه‘ (Convent) بڻيو.


([1]) ”لوڪ ڪهاڻيون“: (ڳاهن سان ڳالهيون)، ص 114.

([2]) ايضن

[3] ايضاً

[4] ڀانڊ، ڀنڊ، ڀاٽ، ٻارٽ. هڪ ئي معنيٰ ۾ استعمال ٿين ٿا.

([5]) ”قديم سنڌي شاعريءَ جا ڪي نادر نمونا“: (مضمون) محمد خان غني: ’ٽماهي مهراڻ“ جلد 11،  4- آڪٽوبر، نومبر، ڊسمبر 1962ع ص 95.

([6]) ”قديم سنڌي شاعريءَ جا ڪي نادر نمونا“: (مضمون) محمد خان غني: ’ٽماهي مهراڻ“ جلد 11، 4-آڪٽوبر، نومبر، ڊسمبر 1962ع ص 95.

([7]) ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“: ڊاڪٽر بلوچ، ص 106 ۽ 104.

([8]) ايضن

([9]) ”ٽماهي مهراڻ“: محمد خان غني جو مضمون، ص 95.

[10] ”سومرن جي دور جي سنڌي شاعري“ (مقالو): خواجا غلام علي الانا، ’رسالو مهراڻ‘ جلد 9، نمبر 1 ۽ 2، سال 1960ع، ص 148 کان 151 تائين.

[11] ميراثي فقير نواز علي ۽ دوست علي جي زباني ٻڌل.

([12]) ويرا واهه، ننگر پارڪر ۽ ڏيپلي جي پريان آهي.

[13] ٽماهي مهراڻ 1967ع، جلد 16، نمبر 2.

[14] محترم ڊاڪٽر قاضي نبي بخش صاحب: صدر شعبه فارسي (سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد). شفقت فرمائي ڪيترن ئي مستند ڪتابن مان مٿئين مسئلي جي وضاحت ڪندي فرمايو ته راجا جو صحيح نالو ويرسين (Veasen)۽ سندن لقب استورپتي (Sthavarpati) آهي پر يونانين انهيءَ کي بدلائي اسٽئبروبيٽس (Staroopates) بنايو. ۽ سميراميس جي سنڌ تي حملي جو سال 810-805 ق.م ٻڌايو اٿن.

)[15]( Michael Rehta Mertin: A Graphic Guide to World History- New York, 1959.

)[16]( George Woodcock: The Greeks in India. London 1966, p 20

[17] مٿيون سن، ديوان بهادر سوامي ڪنوپلي تازي تحقيقات ڪري ڳولي ڪڍيو آهي. ديپ ونش پراڻ (عيسوي چوٿين صدي) ۽ مهاونش پراڻ (پنجين صدي جي آڌار تي انهيءَ کي پوئتي ڌڪيندي، ڪن تاريخن ۾ اهو سن 58کان 65 سال اڃا به آڳاٽو بڻايو ويو آهي. تنهنڪري تاريخن ۾ مونجهارو پيدا ٿي پيو آهي.

[18] ڌرمانند ڪؤسجي: ”ٻڌ ڀڳوان“: مترجم، پروفيسر نارائڻداس ملڪاڻي، نئين دهلي 1956ع، ص 103.

[19] ڌرمانند ڪوءسجي: ”ٻڌ ڀڳوان“، ص 129.

[20] ڌرمانند ڪائوسجي: ”ٻڌ ڀڳوان“، ص 30.

[21] ايضن: ص 134.

[22] ايضن: ص 152.

[23] ايضن: ص 145.

[24] ڌرمانند ڪؤسجي: ”ٻڌ ڀڳوان“، ص 77 ۽ 146.

[25] ڌرمانند ڪوءسجي، ”ٻڌ ڀڳوان“: ص 182.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org