سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌ سنڌي ٻولي، ۽ سنڌي شاعري

صفحو :15

ڀاڳو ڀان جي شخصيت تاريخي طرح ته هاڻي ثابت ٿي چڪي آهي. پر هتي في الحال فقط ايتريءَ ڳالهه کي سمجهڻ گهرجي ته اهڙي ڪنهن به عوامي داستان جو راوي حقيقت ۾ سڄيءَ حڪايت جو ئي باني هوندو آهي، توڙي جو هن جي روايات رڳو زباني نثر ۾ ئي ڇو نه کڻي هجي. ڀاڳو ڀان کي ڀلا انهيءَ منصب تي مڃڻ کان به ڪو منڪر ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته هيءَ پڌري ڳالهه پئي آهي، ته هن المناڪ قضيئي جو اکئين ڏٺو شاهد به فقط اهو ئي ته آهي. تنهن سان گڏ وري هي خانداني راوي، پيشه ور اديب، مڃيل موسيقار ۽ درباري ڀٽ (Poet Laureate) به ته آهي. اهڙين ٺوس حقيقتن جي موجودگيءَ ۾ هي اٻهرا اديب، هن بزرگ جي حق تلفي ڪرڻ سان ڪو ٿورو ئي پاڻ کي نقاد سڏائڻ واري سڌ پوري ڪري سگهندا. واضح هجي ته هي ڪهنا عوامي داستان آهن. تنهنڪري تنقيد جي ڪنهن به اڳواٽ اڏيل خيالي ڍانچي ۽ هاڻوڪي ادب تي سوچيل فرضي سانچي ۾ هي سموهجي نه سگهندا.

                ياد رهي ته اهڙن اهم قومي ڪارنامن کي سانڍڻ ۽ انهن جي ياد قائم رکڻ لاءِ، اڳئين وقت جا هي ڀٽ ۽ چارڻ، منگتا ۽ مڱڻهار، ڏوم ۽ لنگها، توڙي سيوڳ ۽ پنچولي سدائين سرگرم عمل هوندا هئا. جنهن زماني ۾ ڪتابت جو ڪو رواج ڪونه هو ۽ ڪنهن جي به ڪتبخاني يا پبلڪ لائبريريءَ جو ته اڃا ڪو وجود ئي ڪونه هو، تڏهن جا هي ٻارٽ مڱڻا ڄڻ ته هڪڙي قسم جا گشتي ڪتبخانا ۽ گهمندڙ ڦرندڙ عوامي لائبريريون هوندا هئا. انهيءَ زماني جا هي ڀانڊ ۽ ڳهير (ڳاهير)، اهڙا اهم تاريخي واقعا نه رڳو عوام تائين پهچائڻ لاءِ سهيڙيندا هئا، پر پنهنجي اولاد کي پڻ ياد ڪرائي، وصيت جي طور تي انهن کي ورثي ۾ ڏيئي ويندا هئا، ۽ اهي وري وڌيڪ سوڌي سنواري، ايندڙ نسل کي پهچائيندا هئا.

                اهڙي لاڳيتي سلسلي کي سمجهڻ خاطر، هتي رڳو چنڊ بردئي چارڻ وارو ئي ’راسو‘ کڻي مثال واسطي وٺو. هن لاءِ هندي ساعت جا سڄاڻ چون ٿا ته چنڊ بردئي هن روايت جو رڳو بنيادي روپ (اوائلي خاڪو) آزاد جهونگارن ۾ ئي آلاپي ويو. انهيءَ کي تال وڄت ۾ ڳائڻ ۽ سرتار ۾ويهارڻ وارو ڪم وري پنهنجي پٽ ’جُهلڻ‘ جي سر تي ڇڏي ويو. جنهن وري هن کي ڇند سنگيت جي پوري پابندي ۽ تال ترنم جي ضابطي سان ڳائي وڄائي، پنهنجي پٽ سارنگ ڌر جي سپرد ڪيو. اهڙيءَ طرح هن جي نمايان نظمي صورت وڃي سارنگ ڌر جي زماني (بڪرمي 1357) ڌاري مڪمل بيٺي آهي. اهڙو لاڳيتو سلسلو اڳتي جاري رهندي، هندستان جو هيءُ عظيم جنگي داستان پوريون پنج صديون پوءِ به، رڳو پيشئه ور ڳائڻن جي ئي تنوارن ۾ تڳندو ۽ سندن زبان تي ئي زنده رهندو آيو. تان جو سنه 1700ع ڌاري پهريون ئي دفعو، ميواڙ جي ٺاڪر امرسنگهه هن کي قلمبند ڪرايو. اسين ته پنهنجي هن قومي ڪارنامي کي ويندي ويهين صديءَ تائين به نظرانداز ڪندا پئي آيا آهيون. هن جو سبب وري به ساڳيو ئي قديم ادب جي بي قدري ۽ اوائلي تاريخ جي بنيادي حقيقتن کان بي خبري آهي.

                راجسٿان ۾ اهڙا قومي واقعا ’کيات‘ جي نالي سان سڏيا ويا آهن. جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ’روايتي تاريخ‘ (Traditional History). ڪرنل ٽاڊ واري مشهور ڪتاب ’تاريخ راجسٿان‘ جا به ڪيترا ماخذ اهڙائي کيات آهن. جن کي ڀيٽي، صحيح نتيجا قائم ڪري، هن پنهنجو هيءُ معياري علمي شاهڪار مڪمل ڪيو. رڳو هن ئي مثال ۾ به اسان لاءِ وڏي عبرت موجود آهي ته:

                ”ويچارا هي ڏان بکيا تي گذر ڪندڙ منگتا، اسان جو ڪيترو نه قيمتي سرمايو، صدين کان سانڍيندا پئي آيا آهن.“

                ۽ اسين فقط انهيءَ کي ’فرسوده‘ ۽ ’دقيانوسي‘ چئي، پنهنجي جان بچايو پيا هلون. گويا انهن جي هستيءَ کان انڪار ڪرڻ ۾ ئي اسان جو بچاءُ آهي.

                دودي چنيسر جي داستان جو اسرڻ: ڀونگر جي خاندان سان جيڪا ڀاڳوڀان جي وابستگي ۽ والانه محبت هئي، تنهن جي مدنظر وڳهه ڪوٽ واري شڪست هن لاءِ هڪڙو ناقابل برداشت صدمو هو. بلڪ اهو حادثو هُن لاءِ هڪڙي قسم جو سوداءَ کان گهٽ ڪونه هو. هاڻي هو هنڌين ماڳين ڀٽڪندو ۽ هيءُ دردناڪ داستان در در تي ڳائيندو نظر اچي ٿو. اهڙيءَ طرح دودي متعلق سڄي ملڪ ۾ مقالون مشهور ٿيون ۽ سندس بهادريءَ جون حڪايتون به چوڌاري پکڙجي پيئون. هڪڙي عظيم سپهه سالار جي حيثيت ۾ پٺاڻ جي شاهي فوجن سان هن جو مردانه وار مقابلو ۽ هڪڙي سورهيه سردار جي حيثيت سان ميدان ۾ سر ڏيئي سرهو ٿيڻ، عوام لاءِ به عظيم ڪارناما هئا. تنهنڪري دودي راءِ جي شهادت ۽ سندس قربانين عوام وٽ به وڏي قدرداني ۽ همدردي حاصل ڪئي. عوام جي ايڏي همدردي، توجهه ۽ دلچسپيءَ وري ڀاڳوڀان جي غمزده گهر ۾ ويتر وڌيڪ جذبو ۽ جوش جاڳايو. انهن هيءُ المناڪ حادثو هاڻي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ’ڳائڻ‘ چالو ڪيو. اهڙي طرح سان هن حڪايت جو بنيادي خاڪو توڙي اوائلي سٽاءُ ۽ ساخت، اول سندس ئي ڪڙم اندر قائم ٿي آهي.

                پوءِ سندس خاندان جي ٻين ڀٽن ۽ ڀانن به هن بيان (روايت) کي اُتان ئي حاصل ڪيو. فطرتاً اهي شعر ۽ غنا ۾ ته يگانا هئا ئي، تنهنڪري هن ۾ ڪنهن به تغير جو اچڻ هڪ فطري امر هو. هن جي وسيع قبيلي ۾ ڪي سڄاڻ ته زياده ذهين به هئا، تن وري هن بنيادي بيان جي مٿان ويهي پنهنجا موتي مڙهيا. تن ۾ ڪنهن ته پنهنجيءَ مخصوص موسيقيت ۽ غنائيت جو هن ۾ نرالو رنگ ڀريو، ته ڪنهن وري پنهنجي خوش الحانيءَ سان هن کي وڌيڪ دلچسپ بڻايو ۽ ڪن ته وري پنهنجي بليغ بيانيءَ سان هن ۾ جنگي جلال ۽ جولان جو شان پيدا ڪيو ۽ هن جي حسن کي وڌيڪ جلا بخشي. تنهن ۾ رزم جو زور ڏيکاريندي، شاعراڻو مبالغو به قدري شامل ٿي ويو هوندو! (چنيسر جي دهليءَ واري سفر ۾ سندس ڏاڍ مڙسيءَ وارا افسانا ته شايد پوءِ جي ڳهير سگهڙن ئي ڳايا هجن). هن مان اندازو آهي ته هن جنگ نامي کي اُسرائي عام ڪرڻ ۾ قدري ٻين ڀانن جو به هٿ رهيو آهي. تنهنڪري هن ڪيڏاري کي مناسب ۽ موزون ترتيب هيٺ آڻڻ ۽ ان کي پختي پائي تي بيهارڻ ۾، ڀاڳو ڀان سان گڏ، سندس برادريءَ جا ٻيا به ڪي ڀٽ ۽ ڀان ڀاڱي ڀائيوار ٿيا آهن. جهڙيءَ طرح شاهه جي رسالي کي مختلف سرن ۾ ورهائي، ان جي آخري ترتيب ڪرڻ ۾، اٽل ۽ چنچل نالي هندستان جا ٻه ڳائڻا ڀٽ مشهور آهن. مطلب ته ڀاڳو ڀان جي شاعرانه بيان جو هيءُ بنيادي سَلو، ويران وير وڌيو ۽ وڌي وڌي هاڻي وڻ ٿيو.

                ايندڙ نسل ۾ هيءُ جنگ نامون جڏهن عام قصه گو پيشئه ورن ۾ پکڙيو، ته انهن مان به هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي ذاتي ذوق، موقعي جي نزاڪت ۽ ماحول جي مناسبت سان، انهيءَ ۾ گهڻو وڌاءُ ۽ جڙاءُ پيدا ڪيو. اهڙيءَ طرح راوين جي سيني به سيني هلندڙ هن سلسلي دوران به هن رزم نامي تي، هر هڪ جي انفرادي تلفظ ۽ محاوري، توڙي لهجي ۽ غنائيت جو لاڳيتو اثر پوندو ٿي رهيو. تنهنڪري گذريل ستن صدين جي هن مسلسل تجديد ۽ غير بعد، هاڻي ته ڪنهن لسانيات جي ڄاڻو لاءِ به، زبان جي تجزئي ڪرڻ جو هر امڪاني دروازو بند ٿي چڪو آهي. تنهن سان گڏ ئي، قديم ادب جي ڪنهن خصوصي ماهر لاءِ پڻ، اصلي ۽ اضافي ڪلام جي تفريق ڪرڻ، هڪ ڏکيو ۽ منجهيل مسئلو بنجي ويو آهي.

                انهن جملي ارتقائي مرحلن ۽ منزلن کي نظر ۾ رکندي به، هن ڪيڏاري جو باني ته وري به ڀاڳو ڀان کي ئي مڃڻو پوندو. پوءِ جي ڪنهن شاعر جو ڀلا ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ بيت انهيءَ ۾ گڏجي به ويو هوندو، تڏهن به ڀاڳ فقير جا بنيادي حق واسطا ڪو منسوخ ته نه ٿي ويندا. شاهه لطيف جهڙو عظيم شاعر، جيڪو ڀاڳو ڀان کان ڪيتريون صديون پوءِ ٿيو آهي، تنهن جي رسالي ۾ به اڳين پوين ڪيترن ئي شاعرن جو ڌاريو ڪلام معلوم ڪيو ويو آهي. پر انهيءَ جي ڪا اها معنيٰ ته نه آهي، ته اهو رسالو ئي شاهه جو ڪونهي! هتي اهڙن مڙني امڪاني پهلوئن کي پڌرو ڪرڻ کان پوءِ، هاڻي ڪي رجزيه ڳائون پيش ڪجن ٿيون. اهو ته وري به قارئين ڪرام جي اختيار تي آهي ته هن کي ڀاڳو ڀٽ جو سُرد سمجهن يا ڪنهن هاڻوڪي شاعر جي دماغ جو دم پختو سڏين.

                رزميه ڳاهن جي ڪيفيت: هن سَربَستي ڪيڏاري کي پيرائتو ۽ بار بار ٻڌڻ کان پوءِ، خاص ڳالهه هيءَ محسوس ٿئي ٿي ته هن ميدان جو حقيقي مانجهي (Hero) ته چنيسر جو پٽ، ڳاني ٻڌڙو گهوٽ، ننگر راؤ ئي آهي، جنهن جنگ شروع ڪئي ۽ جيڪو رزم گاهه جو پهريون ئي نمايان شهيد آهي. هن مينديءَ رتڙي ۽ موڙن ٻڌڙي ننگر گهوٽ کي، جڏهن دودو راءِ محاذ تي موڪلي رهيو آهي، ته سندس امڙ اتي هيءَ صدا ڪري ٿي ته:

”منهنجو ڪونڌر هيءُ ڪُسندو وڃي، جو آلادين اڳيان،

تنهن جي جيجل جوڳياڻي ٿيندي، جنهن جو پٽ نڪو ٻيو ڀاءُ،

سا پرتي اٿئي سومرا، وِلهي وڳهه ڪوٽ وچان.“

                ننگر لاڏلي جي ڪُنئار (دودي جي دُختر)، شهزادي سونل، جيڪا وناهه ۾ ويٺل هئي، سا به هن آخري الوداعيءَ واسطي ڀڙڪو ڏيئي اٿي کڙِي ٿِي-

وِلهٽي اٿي وِڄ جيئن، ناز ڀري نينگر،

کائي ٿي کنوڻ جيان، ڌيءَ دودي دختر.

                هوءَ ننگر کي ننگ وجهي ٿي، ماءُ جون آسون اميدون ياد ڏياري ٿي، ڪئين انديشا آڻي ٿي، وهم ۽ وسوسا وجهي ٿي:

تو ننگر ڳانو ٻانهن ۾، تنهنجي وني ويٺي ونواهه،

چاچيءَ ڳهه گهڙائيا، سي گهڙيا ڪيئن رهيا،

امڙ ڏيج رڱائيا، سي رڱيا ڪيئن رکبا،

متان ڪارا ڏيندين ڪپڙا، ائين ڪندو ڪيئن خدا.

        ليڪن ننگر گهوٽ ڇڳير، پنهنجا آخري الفاظ هيئن چئي، روانو ٿي وڃي ٿو ته: (هاڻي)

”ميڙي محمد مير جي، پنهنجو نبي پڙهندو نڪاح“

        نگر نَــــرُ مَهمِيرُ، هاڻي پنهنجي سوٽ مُنگر کي ساڻ ڪري، اچي ويرا واهه تي ڪڙڪيو، ۽ اتي:

وڙهيا ڪٽارئين ڪاتئين، ٿا بڙڇيون ڀالا هڻن،

”هڻ وِڙهه“ وائي وات ۾، سي ٻولي ٻي نا ڪن،

تيرنهن ڏينهن ترار سان، ڪيو مقابلو مردن،

چوڏهين ڏينهن چوگان ۾، ڪي ديمون پيون دونڪن،

ادا، سورهين ڏينهن سَهاءُ ٿيو، وي سج ڏٺو مردن!

                هن حملي ۾ ننگر ۽ مُنگر، مست هاٿيءَ (گينور) جهڙي گجگوڙ ڪندا، دشمن تي وڄ ۽ واچوڙي وانگر ڪڙڪي پيا. ”واچوڙي سان وِڄڙيءَ، ڄڻ گينور گوڙ ڪيا“ ۽ دشمن تي اهڙي چوٽ ڪيائون، جو ڪلنگي دارن جا ڇٽ ۽ تاج پڻ پرزا پرزا ٿي ويا. تنهن ۾ علاؤالدين جا به ڪئين اڙد ليٽائي رکيائون.

ننگر مُنگر پاڻ ۾، چڙهي ڪئي چوٽ،

ڇٽ ڀڄي ڇيهون ٿيا ۽ گهايا ڪئين گهوٽ.

                مطلب ته رُڪ وهنديءَ هن راند ۾، ڪات ڪٽارا ڪُڏندي ۽ ڀالا بڙڇيون هڻندي، ڪڇ جا هي ڪؤڀا وڃي ڪاري ڪلر جا مهمان بڻيا. سندن لاش کڄي جڏهن وڳهه ڪوٽ اچي پهتا، تڏهن دودي راءِ جي دل کي ڌڌڪو آيو ۽ افغانن تي للڪار چوائي مُڪائين. پٺاڻ اتي پڇائون ٿا ڪن، ته دودو به هنن جوڌن جهڙو ئي ڪو جنگي جهونجهار آهي يا ڪجهه ڪسو مٺو آهي. چنيسر هنن کي پار پتا ڏيئي ٻڌائي ٿو ته:

مُڙس ته مُني جيترو، مٿو جنهين جو مٽ،

ٻانهون ٻيڙيءَ اولوان، چيلهه چوپائي کٽ،

دوداڻيءَ دودل جي، ڪو شينهن جهليندو سٽ.

        وري علاؤالدين کي مخاطب ٿي چنيسر چوي ٿو ته:

چڙهندو وڳهه ڪوٽ مان، جڏهن ڀڙ منهنجو ڀاءُ،

ڌرتي ڌان ڌان، ڌان ڪندي، ۽ وڻ ڇڏيندا واءَ،

انهيءَ ڏينهن ڪٽڪ جو، سُڪي ته ويندو ساهه،

تنهنجا ويٺل وڙهندا ڪينڪي، جن کاڌا ٻوڙ پلاءَ.

        هاڻي چنسير جي ندامت:

ڪلر ويري ڪوٽ جو، ۽ مڇيءَ ويري ڄار،

مرد ويرياني ننڊڙي، ۽ مِهريءَ ويري سينگار،

’ڄم‘ ويري ’جرڪو‘ ٿئي، ۽ پکين ويري باز.

                اهڙيءَ طرح هنن ڳاهن ۾- ڪردارن جا ڀڙڪندا جذبات، رزم جي جولاني ۽ جنگ جا قيامت خيز منظر، مهمير مانجهين جا مقابلا ۽ ڪونڌرن جي ڪسڻ جا المناڪ حادثا وغيره، بلڪل بلاغت سان بيان ٿيل آهن.

                پر هتي فقط اهڙيون ئي ڳائون (ڳاهون) انتخاب ڪيل آهن، جيڪي پنهنجيءَ لکيل صورت ۾ سهڻيون ڏسجن. جي نه، ته ڪيتريون اهڙيون به ڳائون آيل آهن، جيڪي تمام ڇوٽيون ۽ ساديون، سٽن جي ماپ گهٽ وڌ ۽ سندن قافيا به اڳي پوءِ نظر اچن ٿا. وري ڪي ڊگها بيت به آهن! پر اهڙن بيتن جي تُڪن جو ماڻ ۽ مقدار توڙي قافيو، هر ٻن ٽن سٽن کان پوءِ مٽجيو وڃي. شايد ساڳئي مضمون واريون ڪي ننڍيون ڳائون هڪ ٻئي سان ڳنڍي، اهڙا بيت بنائي بيهاريا اٿن! ڇو ته اوائلي شعر ته تمام ننڍا ۽ مختصر هوندا هئا. طويل نظم انهيءَ وقت ۾ موجود ئي ڪونه هو.

                انهن ڳاهن جو پورو قدر ڪو ڪاغذ پڙهڻ سان ڪري نه سگهبو. ڇو ته انهن جو اصلي لطف ته ڳائڻ سان ئي آهي. اهو ’ڳائڻ‘ ئي ته شعر ۽ نظم جو اصلي بنياد ۽ جند جان آهي. حقيقت ۾ سُرود ۽ غنا جي اها متحرڪ تنوار ئي آهي، جيڪا نظم کي نثر کان ممتاز (جدا) ڪري بيهاري ٿي. هن لاءِ سنڌ جي اعليٰ مفڪر، علامه آءِ آءِ قاضي صاحب پڻ، مغرب جي مشهور عالم ڪارلائل جو قول ورجائيندي دعويٰ ڪئي آهي ته-

                ”شعر اهو آهي، جيڪو ڳائجي. جو ڪلام ڳائي نٿو سگهجي، سو شعر نه آهي.“

                مطلب ته ڳاهُن جو اصلي بنياد ۽ روح، انشاد ۽ سرود آهي، جنهن به شائق هيءُ ڪيڏارو ڪنهن خوش الحان رزم گوگان کان ڳائيندي ٻڌو هوندو، تنهن لاءِ هيءُ سڄو ڪاغذي ٽڪساٺ ڄڻ ته رڳو بيجان ڪاريون ليڪون ئي آهن.

                فن داستان گوئيءَ جي ابتدا ۽ تاريخي ارتقا: ”..... الله تعاليٰ انسان کي پيدا ڪيو ۽ کيس ’بيان‘ ڪرڻ جي نعمت عطا ڪئي.“ (الرحمٰن) انهيءَ ڪري ادبي ذوق ته انسان ۾ ازل کان ئي موجود هو. تاريخ جي خانه بدوشيءَ واري دور ۾ به هو باهه جو مچ ٻاري، انهيءَ جي چوڌاري ويهي رات جي رهاڻ ڪندا هئا. خاندان جو ڪو بزرگ بعضي ته پنهنجي اٻوجهائيءَ ۽ سادگيءَ واريءَ زندگيءَ جا واقعا ويهي بيان ڪندو هو، يا ته وري ڪو وڏن جي وتان سئل وهمي ڳالهيون ويهي دهرائيندو هو. انهن ۾ خيالي ديو ۽ پريون، ڀوت ۽ راڪاس، توڙي جن ۽ جناور وغيره، عام ۽ خاص ڪردار هوندا هئا. اهڙيءَ طرح ڏند ڪٿا (Myth) جو بنياد پيو ۽ وهم پرستي شروع ٿي. ڪي خاص ماڻهو وري پنهنجيءَ جسماني قوت يا ڪنهن دماغي صلاحيت سبب قبائلي سردار بنيا، ته بعد ۾ اهي به راڪاس ۽ ديو سمجهيا ويا!

                خانه بدوشيءَ جو دور جڏهن ختم ٿيو ۽ مستقل سڪونت شروع ٿي، ته ڳوٺاڻي آباديءَ جو بنياد پيو. ڳوٺن جا وڏيرا ۽ مکي مقرر ٿيا ۽ ننڍيون ننڍيون ابتدائي حڪومتون وجود ۾ آيون، جتي روزانه رس ۽ راوڻا ٿيڻ لڳا ۽ ڳهيرن (Story Tellers of Singers) جو هڪ مخصوص طبقو اُسريو. اوائلي وڏيرا ۽ مُکي، پوءِ جي آکاڻين ۾ وري غير انساني ڪردارن جي بجاءِ، هاڻي نيم انساني حيثيت سان شمار ٿيڻ لڳا، ۽ بعضي ته انهن کي ديوتائون به تصور ڪيو ويو.ا هڙيءَ طرح باطل پرستيءَ (Hero Worship) جو عقيدو اڀريو. وقت گذرندي، اهي ڳوٺاڻيون اوائلي رياستون هڪ ٻئي ۾ مدغم ٿيون، ته وري ابتدائي شهري حڪومتون (City States) اسريون. انهن جا حڪمران پوءِ عوامي آکاڻين جا علامتي ڪردار بنيا. هنن جي ڪن قياسي ڪارنامن ۽ فرضي واقعات کي تيليءَ مان ٿنڀ بڻائي، انهن متعلق عوامي ’ڪهاڻيون‘ گهڙيون ويئون. نيٺ انهن مان وري ’بادشاهن جون ڳالهيون‘ اُسريون.

                مطلب ته اوائلي آکاڻين مان ڪيتريون ئي ڪهاڻيون سرجيون، ۽ انهن جي پيڙهه تي وري ’نيم تاريخي ڳالهيون‘ يعني اڌ- سچيون حڪايتون قائم ٿيون. هنن حڪايتي ڪهاڻين جا ڪي بنيادي ٽاڻا، ڪن سريلن فقرن ۾ آلاپي، سَنَد جي طور تي ڳايا ويا، جن کي ’ڳاءِ‘ (ڳاهه) سڏيو ويو. هتان ئي ’ڳاهُن سان ڳالهيون‘ شروع ٿيون، جنهن کي قصا خوانيءَ واري فن جو بنياد سمجهڻ کپي.

                لفظ ڳاهه (ڳاءَ) جو بنياد آهي ”ڳائڻ“. تنهنڪري هن جي لفظي معنيٰ ته تنوار، آلاپ، جهونگار، لات ۽ لئي آهي. پر هن مان مراد وري اهڙا غنائي فقرا ۽ سُرائتا ٻول آهن، جن ۾ ڪُهنا اهڃاڻ موجود هجن. اهڙين نيم تاريخي ڳاليهن جا ڪي اهم ۽ بنيادي نڪتا، جيڪي اول عام گفتگو جو دلچسپ موضوع بنياد ۽ زبان زد عام ٿيا، تن کي اول آلاپيو ۽ جهونگاريو ويو. اهي سُرائتا فقرا، پوءِ آکاڻيءَ جي مناسب موقعي تي مِٺيءَ جهيل ۽ جهونگار سان ڳائجڻ لڳا. انهن جي ڍار ۽ لئي رکڻ واسطي وري ٿالهي يا جهانجهه وڄائيندا هئا. (پنجاب ڏي ته وري انهيءَ سان گڏ چمٽو به کَڙڪائيندا هئا). هنن ڇوٽڙين ڳائن مان پوءِ ڊگهيون ڳاهون اسريون، جيڪي وڏن تاريخي قصن ۾ ڳايل آهن.

                تازو هاڻي، سنڌ جي نامور عالم ۽ سنڌي ادب جي عظيم محقق، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، اهڙيون جملي ’ڳاهن سان ڳالهيون‘ جمع ڪري، انهن کي ڪتابي صورت ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي طرح ئي ’سنڌ جا عشقيه داستان‘ توڙي ’مشهور سنڌي قصا‘ به ڪٺا ڪري، پاڻ ڪافي تعداد ۾ ڇپرائي ظاهر ڪيا اٿن. انهن تي سندن ڪيل تبصري ۽ تاريخي تجزئي کي مطالع ڪرڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته: اهڙن نيم تاريخي توڙي تاريخي قصن ۽ داستانن جي عام قبوليت ۽ عوام جي دلچسپيءَ سببان، ملڪ جي پيشه ور ڳائڻن ۽ ڳاهرن، چارڻن ۽ مڱڻهارن، توڙي ڀٽن ۽ منگتن، انهن کي عوام جي وندر ۽ ورونهه خاطر، اول عام رهاڻين ۽ پوءِ خاص وڏين ڪچهرين ۾ ڳائڻ چالو ڪيو. ابتدا ۾ ته عام آکاڻيون ۽ ڪي ننڍيون ڳالهيون، ڪن سُرائتين ڳاهن (ڳائُن) جي آڌار سان بيان ٿيڻ لڳيون. تن ۾ ڏمڻ سونارو ۽ وڪيو ڏاتار، همير سومرو ۽ بوبنا جراڙ، توڙي ڦل وَڌو ۽ لاکو ڦلاڻي وغيره، انهن اوائلي قصن ڪهاڻين مان آهن، جن جي پهه پچار پهريائين چالو ٿي.

                ان بعد خاص تاريخي قصا ۽ وڏا جنگي داستان، جن ۾ مشهور مورڙو ملاح ۽ مانگر مڇ، ڍول مارو، ليلا چنيسر، موکي متارا، سيف الملوڪ، شاهه بهرام ۽ دولهه دريا خان وغيره (جيڪي تازو هاڻي ڇپيا آهن)، سي پهرين مجلسن ۽ وڏن عام مجموعن آڏو ڊگهين ڳاهُن (بيتن) ۾ بيان ٿيڻ لڳا. مگر دودي چنيسر جو جنگي داستان هنن مڙني کان وڌيڪ مشهور ۽ مقبول عام ٿيو. ان کي سنڌ جي رزم خوان مڱڻهارن ۽ رجزگو ميراڻين، چوڏهين صدي عيسويءَ کان وٺي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڳايو وڄايو ۽ هنڌين ماڳين مشهور عام ڪيو. اهڙيءَ طرح داستان گوئيءَ ۽ رزم خوانيءَ جو هيءُ عجيب فن، پنهنجيون ابتدائي منزلون ۽ مدارج طئي ڪندو، آخرڪار اچي ترقيءَ جي شاهراهه تي گامزن ٿيو.

                پيشه ور قصه خوانن به هاڻي انهن قصن ۽ داستانن کي، رڳو اثرائتي انداز ۾ بيان ڪرڻ جي بدران، انهن کي هاڻي باقاعدي ڳائڻ چالو ڪيو.- ”قصي کي حمد و ثنا جي آداب سان، شانائتي نموني ۾ شروع ڪرڻ، داستان جي ڪن خاص واقعن کي، موزون ۽ مناسب لفظن ۽ گفتن، اصطلاحن ۽ محاورن، چوڻين ۽ پهاڪن توڙي مثالن ۽ مصراعن سان، نثر ۾ ورجائي واضح ڪرڻ،- ۽ ڳاهُن توڙي بياني بيتن کي، سازن جي سنگت ۽ تال جي وڄت لئي تي، گڏجي سر سان ڳائڻ، شاهي رزم خوانيءَ جي ڪمال عروج تي پهچڻ جا نمايان نيشان آهن.

                قديم ڪهاڻين واريون اوائلي ڳائون ته ڳائڻ ۾ سڌيون سنواٽيون ۽ ساڌن سُرن ۾ لس ئي لس ڳائبيون هيون. پر پوءِ وارن خاص تاريخي قصن ۾ وري هر ڪنهن داستان جي ڳائڻ جو خاص انوکو ۽ نرالو انداز قائم ٿيو. دولهه درياهه خان، ليلا چنيسر، ڍول مارو ۽ بانڪو بهرام وغيره، سڀ پنهنجي پنهنجي نرالي ڍنگ ۽ مخصوص لئي سر ۾ رچيل آهن. ليڪن دودي چنيسر جي داستان ۾ ته هنرمند ڳائڻن، هن جي انداز ۽ لهجي ۾، سرن ۽ راڳن جي گهڻي ڀڃ گهڙ ڪئي آهي. بنياديءَ طرح سان ته ڪوبه جنگ نامو سُر ڪيڏاري ۾ ئي ڳائبو آهي. پر هيءُ داستان ته هاڻي سورٺ، حسيني ۽ راڻي ۾ به ڳائجي رهيو آهي.

                شروعاتي سازن ۾ ته فقط چمٽي، جهانجهه ۽ ٿالهيءَ جي وڄت سان، ۽ بعد ۾ وري دلي ۽ يڪتاري بلڪ سُرندي ۽ نڙ جي سنگت سان به قصي ڳائڻ جو رواج وڌندو رهيو. ان کان پوءِ ويجهڙائيءَ ۾ وري ڪن استاد مڱڻهارن ۽ ميراثين، هاڻي ته ڍولڪ ۽ هارمونيم کي به رواج ڏنو آهي. مگر موجوده وقت ۾ مسوڀرڳڙيءَ جا ميراثي، جيڪي رجز گوئيءَ جي فن ۾ سڄيءَ سنڌ اندر پنهنجو ثاني ڪونه سنڀرن، تن وري تنبوري، ستار، سارنگي ۽ طبلي جهڙي اعليٰ سازيني کي پنهنجو معيار مقرر ڪيو آهي.

                اندازن چاليهارو سال اڳي، مسو ڀرڳڙي (تعلقي حيدرآباد) جي ميراثين جو مهندار عنايت فقير نالي سان هڪڙو پيرسن بزرگ هوندو هو. هيءُ موروثي موسيقار، نه رڳو رزم گوئيءَ ۾ ڪامل استاد هو، پر راڳداريءَ جي فن ۾ پڻ ماهر مڃيل هو. نار سپتڪ يعني ٽيپ آستان تي وڃي پهچندو هو، ته به سندس شڪل و صورت ۾ ڪو معمولي تغير به محسوس ڪونه ٿيندو هو. تانَ پلٽي ۾ ته هي مشڪندو معلوم ٿيندو هو، انهيءَ ڪري گائڪيءَ جي فن ۾، پاڪستان قائم ٿيڻ تائين به هو سڄيءَ سنڌ جو وڏو گويو سمجهيو ويندو هو. داستان گوئيءَ جو هاڻوڪو رنگ ۽ ٺاٺ به هن ئي قائم ڪيو. پاڻ هن جنگ نامي کي همير ڪلياڻ ۽ ڪيڏاري ۾ ڳائيندو هو. سنڌ جو هيءُ لاثاني داستان گو، پاڪستان قائم ٿيڻ کان ڪجهه سال پوءِ، اندازن ستر سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو.

                هن جي وفات کان پوءِ، سندس چارئي ڀاڻيجا، مٿي ڳڻايل سازن سان- جمعو فقير- وڏو طنبورو، فضل فقير- سارنگي، علي فقير- ننڍي ستار ۽ ڪرم فقير - پڪواز (ڍولڪ) جي سنگت سان گڏجي ڳالهه کڻندا هئا. تن ۾ پهريائين ته جمعو فقير ۽ هن کان پوءِ فضل فقير اڳواڻي ڪندو هو. سندن آواز ۾ ايڏو ڪو جذبو ۽ جوش، ۽ ڳائڻ ۾ ڪو ايڏو ته جادو هوندو هو، جو جنگ جو منظر منهن سامهون اچي ويندو هو ۽ بعضي ته پنهنجو پاڻ کي ئي ميدان جنگ تي موجود سمجهبو هو! هن ذاتي آزمودي کان علاوه به انهيءَ سحر انگيزيءَ جا ڪي ٻيا عجيب مثال پڻ موجود آهن. سنڌ جي هڪڙي وڏي رئيس جي بنگلي تي متل رهاڻ ۾ فقيرن جڏهن ننگر راءِ جي شهادت وارا بيت ڳايا ته رئيس مرحوم مستيءَ ۽ جوش ۾ اچي، اوطاق جي اڱڻ ۾ بندوقن جا فائر چالو ڪيا! ڪچهريءَ وارن کي خوف زده ۽ گهٻرايل ڏسي چوڻ لڳو ته ’هيءُ اسين ننگر گهوٽ جو استقبال ڪري رهيا آهيون‘- ڪجهه سال ٿيا جو اهي فقير به هڪ ٻئي پٺيان چارئي ڄڻا گذاري ويا.

                هاڻي سندن اولاد، باوجود عام ذوق جي ڪمي ۽ مجلسن جي ڍرائيءَ جي، اڃا تائين به اهو ساڳيو رس رهائيندو اچي. تن ۾ فضل فقير جو پٽ مؤلا بخش هن وقت (عمر 50 سال) مڙني ۾ ملوڪ، مڻيا وارو ۽ وڏو سڄاڻ فقير آهي. جمعي فقير جي پٽن ۾ وري دوست علي پنهنجي ٽوليءَ جو اڳواڻ آهي. هيءُ داستان، جيڪو (Folklore Research Centre) اسلام آباد وارن رڪارڊ ڪيو آهي، سو به دوست علي فقير جي ئي زباني ورتو اٿن. هن مان ظاهر آهي ته دودي چنيسر جو هيءُ جنگي داستان، اڄ به سنڌ جي ڳوٺاڻي ادب ۾ پنهنجي پوري آب و تاب سان گونجي رهيو آهي.

ڪنڌيءَ سيئي ڪن، عادي جي اوڙاهه جا،

سٽاڻي سمونڊ کي، تان گهوريو گهاتوئڙن،

ڳڀرو ڳوٺ ڳلين ۾، پيا هُل هنگاما ڪن،

توڙ نه تانگهيا تن، هي ڪرنگها ڪارونڀار مان!

 


 

سُمنگ چارڻ

(سنڌ جو هڪ قديم چارڻ)

                ويهين صديءَ جي هن سائنسي ۽ تحقيقاتي دؤر ۾، دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ مختلف علمن (خاص طرح علم اللسان ۽ طبقات الارض) جا ماهر، جديد تحقيق جي اصولن تي، جنهن مستند طريقي سان ڇنڊڇاڻ ڪري، قديم قومن ۽ ڪُهني تهذيبن جا تاريخي ۽ تمدني پهلو اجاگر ڪري چڪا آهن، تن جي روشنيءَ ۾ ڪنهن به قوم جي ثقافتي ۽ ادبي ورثي جي صحيح قدامت ۽ قدر ڪٿڻ البت آسان ٿي چڪو آهي. انهيءَ ڏس ۾ واديءِ مهراڻ جي تاريخ، تمدن ۽ ادب جي عظمت ۽ قدامت پڻ، اڄ هڪ مڃيل حقيقت جي حيثيت حاصل ڪري چڪي آهي.

                زبان، جيڪا ادب ۽ ثقافت جو هڪ اهم عنصر آهي، ان جي باري ۾ پڻ بين الاقوامي معيار تي نوان نوان نظريا نروار ٿي چڪا آهن، جن جي آڌار تي ڪنهن به ٻوليءَ جي قدامت ۽ اصليت بابت وڌيڪ صحيح نتيجا قائم ڪري سگهجن ٿا. سنڌي زبان پڻ اهڙين آزمائشن ۽ تجربن سان منهن مقابل ٿي چڪي آهي ۽ جيئن منهن مهٽ تيئن سرهي، جي مصداق، ڏيهي توڙي پرڏيهي محقق ان جو مادو ۽ اصل اڃا ڪي اڳرو مڃي رهيا آهن.

                اسان جي ادب جي ابتدا ۽ ان جي اوسر جي آکاڻي ته اڃا به اور ٿيندي ٿي وڃي. سنڌ جي جڳان جڳ جهوني شاعري ۽ ڪسابن جي پراڻي ڪويتا ديويءَ، هاڻي پنهنجي مشتاقن اڳيان، هري هري حجاب جا نقاب هٽائڻ شروع ڪيا آهن. پنهنجيءَ گنير گت سان ماضيءَ جي مڪان ڏانهن مڙندي، پنهنجن متوالن کي مام ۽ ميڇ سان موهيندي، انهن کي سندس اصلي آستان ڏانهن نيئي رهي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي سرويچ سرواڻن ۽ ساهت جي سوجهيندڙ سڄاڻن، انهيءَ پريءَ پيڪر جا پير ڪڙيندي، جيڪا وڻڪار وؤڙي آهي ۽ جيڪي ڏونگر ڏوريا آهن، تن کي سچ پچ ته جس جڳائي. انهيءَ سٻوجهه سڄڻن، سپون سوجهي منجهانئن جيڪي ماڻڪ موتي ميڙيا آهن، سي تحسين جي لائق آهن پر:

”تِهان ڏور سُڄن، واڌايون وصال جون.“

                جڏهن اسين هن بحر بي- ڪنار کي پار ڪريون، جڏهن هزارها سالن جي هن قديم ۽ عظيم قوم جي علم ۽ ادب جا اهم اهڃاڻ ۽ قيمتي ڪڙيون ڳولي هٿ ڪري، انهن کي تناسب ۽ ترڪيب سان ڀچائي ملائي، دنيا اڳيان پيش ڪريون، ۽ دعوا ۽ دليل سان دم هڻي سگهون ته اسان جو ادبي ورثو ۽ ترڪو مستند طور ڪيترو نه قديم، عظيم ۽ قابل قدر آهي!

                ادبي تاريخن ۽ تذڪرن ۾ هيل تائين قاضي قاضن (متوفي 1551ع) کي ڇند جي ماترائن تي دوها، سورٺا، ٺاهيندڙ سنڌ جو پهريون شاعر مڃيو پئي ويو پر اڄ، محققن انهيءَ کان به گهڻو اڳ جا اهڙا اٽڪل سورهن سڄاڻ سگهڙ سوجهي هٿ ڪيا آهن، جن جي ڪلام جو ”مشت از نمونهء خروار“ نمونو پڻ غواصن سطح تي آندو آهي، جو سڀ ڳاهن جي صورت ۾ آهي. مٿين معلوم ڪيل ملوڪن مان مکيه هي آهن.

(1) شيخ حماد جمالي،

(2) پير صدرالدين،

(3) درويش نوح هوٿياڻي،

(4) پير حسن ڪبير،

(5) پراڙ فقير،

(6) سلطان حسين آپلاڻي عرف پير پٺو ديبلي،

(7) فاضل بکري،

(8) اسحاق لهار، ۽

(9) ميون علي ٺٽوي.

                انهيءَ سڄيءَ سٿ جا سڄاڻ سگهڙ، سڀ سومرن جي صاحبيءَ کان پوءِ جا آهن، جن جو ڪلام بطور تبرڪ جي جيئرو رهندو، اچي اسان تائين پهتو آهي. مٿيون سموهيل سڄو ادبي سرمايو، سمن جي ئي دؤر (1351- 1521ع) جي درمياني عرصي جو عڪس آهي، پر انهيءَ کان به اڳي تيرهين- چوڏهين صديءَ جي ڪن ڀٽن ۽ ڀانن جو پڙاڏو فضا کي گونجائيندو اسان تائين اچي پهتو آهي. انهن ڀانن مان ’ڀاڳو ڀان‘ برک آهي، جيڪو چندر بردائي چارڻ وانگر سومرن جو درٻاري ڀٽ هو ۽ علاؤالدين جي سنڌ تي حملي وقت (1313ع ۾) به هڪيو حاضر هو.[1] انهيءَ جنگ تي سندس ٺاهيل ڳاهون اڄ به ڀٽ ۽ ميراثي فقير عام جام ڳائيندا وتن. ٻيو مشهور منگتو وري ’سمنگ چارڻ‘ آهي، جنهن جون ڳاهون هن مضمون جو مرڪزي مقصد آهن. پر، اهي ڳاهون ۽ ڳيچ، ڪيرتون، قول، گفتا ۽ ٻول، علم وارن جي نظر ۾ شايد ايتريءَ اهميت وارا نه هجن، جو انهن کي ليکي ۾ آڻين. ممڪن آهي ته عروضي شاعريءَ جي عشق ۾ گرفتار ٿي، اسين هنن ڳوڙهين ڳاهن کي پارس بدران پٿر سمجهي پراڻي ڪٻاڙ خاني ڏانهن اڇليندا پئي آيا آهيون.

                اهي ڳاهون جيڪي اڄ ڏينهن تائين ڀٽن ۽ ڀانن، ميراسين ۽ مڱڻهارن جي واتان ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، شاعريءَ جي اعتبار کان، پوئين دؤر جي دوهڙن (ڏوهيڙن) کان زياده دلچسپ ۽ مضمون جي خيال کان اهم تاريخي حقيقتن تي شاهد آهن. اهي ڳاهون، انهن چارڻن ۽ جاجڪن جو في البديه ڪلام آهي، جن انهيءَ جڳ جي عڪاسي ڪندي عام ۽ خاص ماڻهن جي اٿڻيءَ ويهڻيءَ، سخا، سوڀ ۽ سچائيءَ جو جيڪو خاڪو پيش ڪيو آهي، سو حقيقت ۾ توجهه جي لائق آهي. مٿير مانجهين جا مقابلا، ڪونڌرن جي ڪسڻ جا المناڪ حادثا، سخي ڏاتارن ۽ مهامير مردن جي مناقبا، اهڙي ته ڪوڏ ۽ لوڏ سان ڳايائون، جو اهي اڄ به امر آهن. سومرن جي دؤر جون اهي حسين ۽ رنگين تنوارون ۽ جهونگارون ئي آهن، جن اسان جي موجود سدابهار ۽ عظيم ادبي گلستان کي اوائل ۾ ٻيجي (Nursery) جو ڪم ڏنو آهي. ڳاهن جو سرجڻ ۽ انگورجڻ، سومرن جي بلڪل اوائلي زماني يارهين صديءَ ۾ ٿيو آهي. جنهن جي معنيٰ ته ڳاهن جي حقيقي حيثيت کي قبول ڪرڻ سان، اسان کي اڄ کان اٽڪل هڪ هزار سال اڳ جي رائج سنڌي شاعريءَ جو نمونو ملي وڃي ٿو.

                ڳاهه، اصل ۾ اپڀرنش (پراڪرت) لفظ گاٿا يا گاها آهي، ۽ ان جي معنيٰ آهي ڳائڻ، (اسم) يعني جيڪي ڳايو وڃي يا جو ڪجهه سر سان چئجي. (Melody, Modulation, Lyric) ڳيچ، ڳاچ، گيت ۽ ڳائڻ (هندستانيءَ ۾ گانا، گيت وغيره) ۽ اهڙا ٻيا سڀ لفظ ڳاهه جائي مٽيل مهانڊا آهن. هندي ادب ۾ به معلوم ڪيل شاعريءَ جي آڳاٽي صنف گاٿا ئي مڃي ويئي آهي. انهيءَ ڪري هندي ادب جي تاريخ جو اوائلي دؤر به ”وير گاٿا ڪال“ يا ”وير ڳاها جُڳ“ جي عنوان سان شروع ٿئي ٿو.

                لڳ ڀڳ نائين- ڏهين صدي بڪرميءَ ڌاري هندي ادب جي تاريخ شروع ٿئي ٿي. وير گاها (وير رَس) جو پهريون مجموعو، ديش وجيه جو ٺاهيل ’کمڻ راسو‘ (870- 890ع) مرتب داستان جي صورت ۾ اوائلي حيثيت رکي ٿو. بقول ڪرنل جيمس ٽاڊ، انهيءَ عرصي ۾ بغداد جي خليفي مامون الرشيد عباسيءَ، چتور جي راجا کمڻ راءِ تي حملو ڪيو هو. هندي ادب جي پختگي اٽڪل يارهين- ٻارهين صديءَ ڌاري آهي. انهيءَ زماني ۾ ’چندر بردائي‘ نالي هڪ چارڻ، جيڪو (ڀاڳو ڀان وانگر) پرٿوي راج چوهاڻ جو درباري ڀٽ هو، تنهن ’پرٿوي راج راسو‘ جوڙيو، جنهن جا وير گيت (دودي چنيسر جي رزميه ڳاهن وانگر) بهادريءَ ۽ حب الوطنيءَ جي جذبات سان آراسته آهن[2]. عيسوي ٻارهين صديءَ ڌاري، راجسٿان جي راجائي درٻارين ۾ ڀَٽَ ۽ چارڻ، جنگ و جدل ۽ بهادرن جي ڪارنامن جي منظرنگاريءَ تي مامور ڪيا ويا. راجسٿان ۾ اڪثر اهڙيون لڙايون محض جاهه و جلال جي نمائش خاطر به لڙيون وينديون هيون. وير رس گيتن ۾ ”همير مهاڪاويه“ پڻ قابل ذڪر آهي. بيسل راسو (سنبت 1212) ۾ بپسل ديو جي بهادريءَ سان گڏ، مالوا جي پرمار ڪماريءَ سان سندس پيار جي پچار پڻ ڪيل آهي. اهڙيءَ طرح تيرهين صدي عيسويءَ کان ’وير رس‘ (رزميه شعر) ۽ ’سينگار رس‘ (عشقيه شعر) جو پاڻ ۾ ميلاپ شروع ٿيو. رزم ۽ رومان جي ميل جي اها روايت بدستور جاري رهي، تان جو چوڏهين صديءَ ڌاري نج عشقيه شاعريءَ (سينگار رس) جو دؤر به آيو. ’وير ڳاها جُڳ‘ پوءِ به بڪرمي سنبت 1450 تائين هلندو آيو ۽ همير ديو جي عهد حڪومت جي خاتمي سان گڏ، ڳاهن جو پنج ست صديون پراڻو دور پڻ پورو ٿيو. هندي ڳاهن وانگر سنڌي ڳاهن جي شروعات پڻ ڪن ڪردارن جي شخصي ساراهه يا سِٺَ ڪرڻ سان ٿي آهي. پوءِ جي ڪن ڳاهن ۾ وري دعائون ۽ تمنائون به ظاهر ڪيل آهن. جيئن شيخ حماد جمالي جي هن ڳاهه مان ڄام تماچي ۽ پٽس صلاح الدين لاءِ دهليءَ جي بند مان نڪري ننگر پهچڻ، ۽ جوڻي ڄام کان تخت وٺڻ جي تمنا ۽ دعا ڪيل آهي.

صلاح الدين تماچي ايندا سيگهه سري،

جوڻا جهڙ جهپيو، پيس ڪوٽ ڪري.

                سمن جي دؤر ۾ چيل انهن ڳاهن ۾ اڳتي هلي سڪار ۽ امن جي زماني ۾ تفريح طبع خاطر عشق جو اظهار پڻ رسمي طرح ٿيڻ لڳو. جيئن اوٺي ڪيهر ۽ هوٿل لڱا مريءَ جي ڳاهن ۾ آهي.

                سمن جي دور جا جيڪي به بزرگ شاعر اڄ تائين معلوم ڪيا ويا آهن، تن سڀني گهڻو ڪري ڳاهون ئي چيون آهن، ڇو ته ڳاهن جي سٽاء سادي، موضوع سادو ۽ انهن جو قالب پڻ قدري لچڪيدار ۽ وزندار آهي. سندن مضمون به واقعاتي بيتن وانگر، انهيءَ دور واريءَ سنڌ جي حدن اندر ٿيل تاريخي واقعن جي تذڪري تي ٻڌل آهي. اهي ڳاهون ئي آهن، جن ۾ سومرن ۽ سمن واري تاريخي دؤر جا اعتبار ڪرڻ جوڳا ۽ مستند احوال ملن ٿا. جن جي مڃڻ لاءِ اسان وٽ معتبر تاريخي حوالا پڻ موجود آهن. مثلن سلطان حسين اپلاڻي (پير پٺي ديبلي) جي هن ڳالهه ديبل بندر تي سمنڊ جي وير چڙهڻ، انهيءَ سيلاب ۾ ديبل شهر جي غرق ٿيڻ، خلق جو دربدر ٿيڻ ۽ سلامتيءَ خاطر مڪليءَ ۽ ٻين مٿاهين ٽڪرين تي ٽڙي پکڙي وڃڻ جو المناڪ تاريخي واقعو بيان ڪيل آهي.

ديبل پاس ڌڪيلجي، آيو آب اپار،

مڪليءَ ماڳ مٿاهينءَ، ٿياسون ڌارو ڌار.

                اهڙن اهڃاڻن مان خاطري ٿئي ٿي ته هيئت توڙي موضوع جي اعتبار کان، ’ڳاهه‘ سنڌ جي سخن گوئيءَ جي بناءُ ۽ بنياد آهي، جنهن جي پيڙهه مٿان پوءِ ’دوهڙي‘ جي دلڪش عمارت اڏي ويئي آهي. ڳاهه جي گهاڙيٽي ۽ ’وهَٽَ‘ کي جاچڻ سان اها اسان کي اهڙو ئي ٻه ٺپو ٻول ڏسڻ ۾ ايندي، جهڙو ’دوهو‘. ليڪن دوهڙي (ڏوهيڙي) جي ڀيٽ ۾ ڳاهه جو بنياد ’ڇند وديا‘ تي ويهاريل نه آهي، پر ’سنگيت وديا‘ موجب سٽيل آهي. ڳاهون ڇند جي ڦند سان پابند نه آهن ۽ نڪي ماترائن جي ماپي ۽ ڳاڻيٽي تي ڳتيل آهن. ڳاهون ڳائڻ سان اسريون آهن، تنهنڪري انهن جي بيهڪ، سُر جي جهيل ۽ ڍار جي آڌار تي بيٺل آهي. انهيءَ سبب ڳاهون تن جي تنوار، جيءَ جي جهونگار ۽ اندر جو آهنگ آهن. منجهن دوهڙي واري ڌنڪ ڪانه ٿئي. اها آهي ڳاهه جي اوائلي هيئت ۽ حقيقت، ٻالجتيءَ کان ان جي شباب ۽ جوانيءَ تائين سرگذشت ۽ حيثيت.

                ٻالجتيءَ جي اوائلي اوستا کان اڳڀرو اچي، ڳاهه جڏهن اٿاهه جوانيءَ جي ديواني وهيءَ ۾ پير پاتو ۽ جواني ۽ جوڀن جي جوت اندران اڌمو کاڌو، تڏهن شباب جي تاب سندس اڳوڻا اسلوب ۽ آداب ئي اُڏائي ڦٽا ڪيا. اسحاق لهار (اسحاق آهنگر) جو ’جهرڪ‘ بنجي پرينءَ جي ڇڄ تي ويهڻ، انهيءَ اوائلي آداب جو ليڪو لنگهڻ آهي. وڏن جي ورتل واٽ ۽ هليءَ چليءَ رسم جي برخلاف بغاوت آهي. اسحاق فقير (پندرهين صديءَ) جو اهو نئون موضوع، سنڌ جي ڪهنه ڄمار ڪويتا ۾ هڪ اهم انقلاب آهي. ڇند جي اوٽ ۾ پريت (سينگار) جي پالوٽ ۽ پيار جي پڪار آهي. سنڌ ۾ سورٺي ۽ دوهي جي سرجڻ جو به اهوئي سمو آهي. دوهو عشقيه جذبات (پريم رس) جو آئينه دار آهي. ان جي موضوع ۾ مستي ۽ هيئت ۾ چستي آهي ۽ اهائي ڇند جي بندش ۽ موضوع ۾ نراج، دوهي جو امتياز بنجي ويو آهي. انهن ئي ٻن نادر نڪتن ۽ انوکن اصولن ۾ اڄ دوهي جي پوري وصف سمايل آهي. انهيءَ طويل تبصري جي تور تڪ مان پڪ ٿئي ٿي ته استو اسحاق، سنڌ جي مٿين ذڪر ڪيل سورهن ئي ستان ۾ پهريون شاعر آهي، جنهن نه فقط عشقيه شاعريءَ جو آغاز ڪيو آهي، پر دوهي جي فني اصولن کي پڻ فروغ ڏنو آهي. سندس قائم ڪيل انهيءَ معيار ۽ ان جي اصولي ماپي، سانچي ۽ ڍانچي ۾ پوءِ جا استاد شاعر پنهنجا جوهر پلٽيندا پئي آيا آهن. تان جو سنڌ جي سالڪ سيد علي ٺٽوي (متوفي 1573ع) انهيءَ قائم ڪيل قالب اندر پورين چئن سٽن جو مڪمل بيت بيهاري ڏيکاريو، جنهن جو موضوع ۽ مضمون پڻ مجازي ۽ حقيقي راز جو آواز آهي. انهيءَ زماني ڌاري ڏوهڙي جي ڏاڏيءَ ماتا، ڳاهه ديويءَ پڻ ستن صدين جي عمر ۾ هي جهان ڇڏيو.

                سمنگ چارڻ جو سمو سندس سهاڳ جو سمو هو، جنهن ۾ ڦلي ۽ ڦولي، رس ۽ رنگ ڪيائين. سمنگ جي ڪاويه رس جو رنگ ئي نرالو آهي. ساراهه، سِٺ، سورهيائي ۽ ثنا جا سڀ عنوان آندا اٿس، پر مرثيه ۽ مزاح وارا مضمون پڻ موجود آهن. قافيي ۽ بند جي بيهڪ ۾ به برابر محتاط رهيو آهي، تان جو آخر عمر ۾ ته ڳاهن جي انهيءَ سلسلي ۾ سندس ڪَسَب ڪماليت جي ڪڙيءَ تي بيٺل نظر اچي ٿو.

”هميران پو راهه، راڄ نه ڪندا سومرا.“

                سمنگ چارڻ جو نالو، مٿي معلوم ڪيل سورهن ئي سڄاڻ سگهڙن  کان اول اچي ٿو. هو قاضي قاضن کان گهٽ ۾ گهٽ ٻه صديون آڳاٽو آهي. سومرن جي صاحبيءَ کان ئي سندس غوغاءُ سڄي پيو. هو اصل سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد لڳ ڪيرا ڪوٽ جو رهاڪو هو ۽ ڄام لاکي ڳوراهي سمي جي راڄ جو مڱڻهار هو. هو سومرن جي راڄ جو سخت مخالف هو ۽ سما پرستي سندس سرشت ۾ سمايل هئي. سڄي عمر سنڌ جي سير ۽ سفر ۾ گذاريائين، جو چارڻن جي اها آبائي ۽ امتيازي عادت هئي. جنهن جي شاهه صاحب پڻ وضاحت فرمائي آهي ته:

چارڻ سي چئجن، جنين سک ناهه ڪو،

رمي راهه پڇن، مٿي ڪلهن ڪينرا.

                سومرن جي پوئين پڳدار، راءِ همير جي ڏينهن ۾، سمنگ چارڻ ملڪ جو گشت ڪندو، سنڌ جي سرويچ سما سپهه سالارن جي سورهيائيءَ جون ڪيرتون ڳائيندو وڄائيندو، نامور سما ڏاتارن وٽ رس رهاڻيون ڪندو، کانئن ڏنُ ۽ انعام اوڳاڙيندو، اچي همير سومري سردار جو سلامي ٿيو. تن ڏينهين اهي چارڻ ۽ ڀان، ايلچين جهڙو مان ۽ منصب ماڻيندا هئا. سمنگ چارڻ جي سماپرستي ته اڳيئي ملڪ ۾ مشهور هئي. چئي:

’لاکي لک لٽائيا ۽ ڪرن بخشي ڪروڙ.‘

                حق ساک جو اهو اعلان، سخي سردارن جي شان ۾، سندس زبان جادو بيان مان علي الاعلان گونجندو رهندو هو. سومرا سردار توڙي برسر اقتدار هئا ۽ سندس راڄ ۾ سما ڄام فقط سکيا ستابا عوام هئا، ته به هيءُ چارڻ سومرن جي حريف، سما سردارن جي سخا جا ڳڻ ڳائيندو ۽ سندن سورهيائي جي ثنا خواني ڪندو رهندو هو.

                همير وٽ سندس اهڙي هاڪ جي ڌاڪ اڳيئي پهتل هئي. ويتر جو سمنگ چارڻ جو ساٿ شاهي طمطراق سان اچي لٿو، تنهن هيڪاري همير تي هيبت ويهاري ۽ سندس مت منجهائي وڌي. خچر، گهوڙا ۽ مال متاع جيڪو ڏن ۾ مليو هوس ۽ ٻيا ڪيترا ٻانها، ٻالڪا، چيلا ۽ چاڪر پڻ چارڻ سان هم رڪاب هئا. همير کي اتي ئي ڪنهن ڏاهي ڏانَهِيء ڏني ته ’مڄاڻ هن منگتي وٽ ڪو ڪيميا جو راز آهي، جو فقيريءَ جي نالي  لڪايو، اميرن کان به اڳرو ٿيو پيو گهمي..... فقير کان اها ڪلا ڪنهن به ريت هٿ ڪجي!‘حقيقت ۾ چارڻ ڪيمياگر نه هو، پر هڪ پهتل فقير هو، جنهن جي ڍاري ۽ فال جي مقال به ملڪ ۾ موچاري هلندڙ هئي. پر سومرن ساڙ وچان سمنگ کي ساعت به نه سٺو. ٽڪر ٽانڀي جي ته ڪنهن ڪوڙي آڇ به ڪانه ڪئي، هٿئون راتو واهه سندس وهٽ ڪاهي روانا ٿيا. سردار ڍوريءَ راءِ سومري ئي هيءَ سوڀ کٽي هئي. سمنگ صبح جو ڏسي ته سڃ، ڪاريءَ وارا ڪک هئا. مٺيون ڀيڙي ڀڳو بادشاهه وٽ دانهين، جنهن دانهن سڻي داد ڪيو ته ”هڻوس ڪاٺ ۾ ته پاڻهي ڪلا پڌري ٿئيس، جڏهن منهنجي معما سمن کان به سرس ڳائي، تڏهن تُرم کان ٻاهر ڪڍجوس.“ منگتو مسڪين، هن اوچتي آئيءَ ۾ اچي ويو. پنهنجي جان ڇڏائڻ لاءِ گهڻيون ئي وينتيون ڪيائين، منهن مٿو پٽيائين، پر اڳيان به همير هو. نيٺ ڪي چڱا سکر وچ ۾ پيا، جن همير کي ٿڌيون مٺيون سڻائي، هن بيڏوهيءَ کي بند مان ڪڍايو. بند مان بيدخل ٿيندي ئي، هن ستايل جي سڙيل دل مان آهه غريبان ۽ الؤن، ڄڀيون ڪري ڀڙڪي نڪتو ۽ اتي ئي ڪن تي هٿ رکي، نهايت بيڊپائيءَ سان المناڪ آواز ۾ ڳاهه ڳايائين. چي:

همير کان پيئي، سومرن کان ويئي،

همير کان پوءِ راڄ نه ماڻن سومرا!

                هيءُ قهري ڪان عضب جي زبان مان، وڄ وانگر واڪو ڪري وَهي ويو. سمنگ جو سراپ هنڌين ماڳين هلي ويو. ماڻهن ۾ اڳيئي مڃتا هئي، ته فقير جي وائي ڌڻيءَ در اگهاڻيل آهي، تن فقير جي هن پاراتي کي سومرن جي پڄاڻيءَ لاءِ اڻٽر اڳڪٿي ڪري قبوليو، ۽ انهن جي آڏ وڏائيءَ جي انت جو انتظار ڪرڻ لڳا. فقير پنهنجي مال متاع تان آسرو پلي، پنهنجي ٻيلين ساڻ جهنگ منهن ڪري نڪري پيو، ۽ سومرن جي سينه زوريءَ جا سور هر ڳوٺ ڳليءَ ۾ ڳائيندو رهيو. انهن جي انياءَ ۽ ارڏائيءَ جا اوڳڻ عوام اڳيان اپٽاري، انهن کي اڀاريندو آيو. کٽ نکٽ نهاريندي، انهن کي آگاهه ڪيائين ته سومرن جي صاحبيءَ جو ويلو وهامي رهيو آهي.

ستينءَ هو سوجهرو، اَٺينءَ ٿي اونداهه،

هميراڻي باهه، وسائي ورهين کي.

                مٿينءَ ڳاهه ۾ فقير، ستين سن کي ڳائيندي وضاحت ڪئي آهي ته، ”بيشڪ ڀونگر راءِ اول جي واري ۾ سومرن جي راڄ جو روشن زمانو هو، پر اٺين صديءَ هجريءَ، جنهن ۾ تاريخي حوالن مطابق سندن صاحبيءَ جي سج ٽٻي ڏني آهي، هاڻي انڌاريءَ رات جو روپ وٺندي وڃي ٿي. همير جي حڪومت هاڻي هميشه لاءِ پنهنجو تاب ڇڏي چڪي آهي ۽ سندس پوين مان ڪوبه پڳدار ڪونه ٿيندو.“

                فقير جي مڃتا ۽ مقبوليت جو اهو عالم هو، جو سندس وات مان نڪتل ويڻ، سومرن جي سهائي سج مٿان ڪاري ڪڪر وانگر ڇانئجي ويا ۽ ان کي ابد تائين اونداهو ڪري ڇڏيائون. پبلڪ ۽ پرجا کي اهو ويساهه ڏياريائين ته هاڻي هميراڻي حرص جو ڏيئو، هميشه لاءِ گل ٿيڻ وارو آهي. پڳدار سومرن جي سلسلي ۾ ستاويهين پڳ دودو هو، جنهن جي راڄ ۾ ته ڪجهه سهاءُ هو، پر سندس پوٽو همير پويون جو اڻٽيهين پيڙهي هو، تنهن جي گادي نشين ٿينديئي، روان جي راڄ مٿان اهڙو ته ڪو نحس گرهه اچي ويٺو، جو سندن سهاڳ جو ستارو آهستي آهستي ٽمڪندو آخر غائب ٿي ويو. سمنگ سندن پيڙهين ۽ پڳڙين کي پهندي ۽ پچاريندي پڪايو ته:

ستاويهين سهاءُ هو، ڪئي اڻٽيهين اونداهه،

هميراڻي باهه، ٻري نه ٻرئي جهڙي.

                هن فقير ڳهير جي ڳوڙهين ڳاهن جي ڳڻڳوپ مان، هڪ ڳجهي ڳالهه به ڳولي سگهجي ٿي. مٿيان انگ اکر (ستين، اٺين، ستاويهين ۽ اڻٽيهين وغيره) سڀ جا سڀ حڪومت جي هيبت ۽ حراس کان، استعاري ۾ ويڙهيل معمائون آهن. سمنگ جي ڪلام جو ڪمال اهو چئبو جو سندس سخن جي سوز سومرن خلاف ملڪ ۾ اهڙي ته بغاوت جي باهه ڀڙڪائي، جو هميراڻي حڪومت ان جي لپيٽ چپيٽ کان بچي نه سگهي. حقيقت ۾ همير سومري خود ککر ۾ کڙو هڻي، ان جا ڏينڀو ساري ڏيهه ۾ پکيڙي وڌا:

’شامت اعمال او، صورت سومنگ گرفت.‘

                هاڻي ته هيءُ مست به اچي مڇريو. سومرا حڪومت کان نجات حاصل ڪرڻ، هاڻي سمنگ جو باقي حياتيءَ جو نصب العين بڻجي چڪو هو. ۽ انهيءَ مقصد ماڻڻ لاءِ هن پاڻ کي سچ پچ وقف ڪري ڇڏيو هو. سنڌ جي سياست ۾ سمنگ جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي، انهيءَ جي مدنظر سندس مرتبو ۽ منصب، اسلامي تاريخ جي هيرو ۽ جڳ مشهور خطيب ابو مسلم خراسانيءَ جي مدمقابل آهي. جهڙيءَ طرح عباسي خلافت جي هن انقلاب داعيءَ ۽ گفتار جي غازيءَ پنهنجي زور زبان ۽ جادو بيان سان، دمشق جي جابر جلاد اموي امراءَ جو انت آندو ۽ عباسي اقتدار جو علم بغداد مٿان بلند ڪيو، تيئن سمنگ پڻ سنڌ ۾ سومرن جي سلطنت جو انت آندو ۽ سمن جي سياسي سهاڳ جو سنڌ تي جهنڊو جهولايو.

                سومرا سلطنت جي زوال واري زماني ۾ بادشاهي گهراڻي مان تڏي جا خان، جي مهمان کي مان ڏيندا هئا، پنهنجو وارو وڄائي ويا هئا. سندن پوين مان اهو اباڻو انگ ۽ ننگ نڪري چڪو هو، سي هاڻي پنهنجي ماڳن تي جهوڪ ويلي جهيڻي باهه ٻاريندا هئا، ته متان انهي جي اولڙي تي ڪو واٽهڙو لڙي اچي يا ڪمهلو ڪو مهمان اچي ڪڙڪي، جنهن کي لولو کارائڻو پوي. چي:

”رڳو مانيءَ جو ٽاڻو ٽري، پوءِ باهه ڀل ته لاٽون ڪريو پئي ٻري!“

                سمنگ جي سر تان خود اهڙي ويل وهامي چڪي هئي، سو سومرن جي انهيءَ اوڳڻ کي اپٽاريندي، هجويه انداز ۾ سومرن تي سِٺَ جوڙيائين ته:

سڄو ڦسي پيا سومرا، اڌ ڦسي پيو لوڪ،

جهيڻي ٻارن جهوڪ، نه ته ليڙپيائي لاٽون ڪري.

                هيءَ ڳالهه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ئي اول ڳولي نروار ڪئي آهي ۽ انهي سلسلي ۾ صاحب موصوف ٻئي هڪ بيت جو به ذڪر ڪيو آهي ته ”حاڪم همير سومري جي ڏينهن ۾.... هڪ چارڻ جا ڪي گهوڙا..... ڍوريءَ راءِ سومري جي سازش سان چورائجي ويا.“ انهي تي هن چارڻ پِٽَ طور هي بيت چيو ته:

ڍري ڍوريءَ راءَ، جنهن ”چارڻ“ سان کاههُ،

پتڻ پٽي جو ٿيو، سيج وتايو ساهه،

هميرا پو راهه، راڄ نه ڪندا سومرا.

مٿئين بيت جو زمانو 1352- 1365ع قرار ڏنو اٿن.

                هن پوئين ڳاهه جي پرتال مان پڪ ٿئي ٿي ته ڳاهن جي انهيءَ سلسلي جي هيءَ هڪ انتهائي مڪمل ڪڙي آهي، جا سمنگ جي ڪسب ڪمال ۽ پڪيءَ ڄمار جو ڄڻ هڪ پڪل ۽ رسيل ڦل آهي. هن جون پهريون ٻه سٽون ته پاڻ ۾ ملي ڏوهيڙي جو روپ ڌارين ٿيون، جن ٻنهي جو قافيو آخر ۾ اچي ٿو. پر وري ٽين سٽ به، اڌڪ وراڻيءَ سان آهي، جنهن جو قافيو به وچ تي بيٺل آهي، سان ته سورٺي جون سڪون ٿي لاهي، خدا نٿو ڀلائي ته هن ڳاهه ۾ ”چارڻ“ لفظ سمنگ جي تخلص طور آيو آهي. انهيءَ مضمون واريون ڪيتريون ڳاهون، جيڪي سڄيءَ سنڌ جي سگهڙن وٽ هلندڙ آهن، سمنگ جي سورن جو ئي داستان آهن.

                آخرڪار سمنگ جو سُڀ سڻايو ٿيو. سندس سعيا نيٺ ساڀ پيا ۽ ’ڪجهه دعا ڪجهه ڌڪ‘ واري ڳالهه پنهنجي سٽيل سٽ ۾ سوڀارو ٿيو. هاڻي وڏن ماڻهن ۾ به اچي وڳوڙ پيا ۽ راجائي گهراڻي ۾ به رڳڙا ۽ ڦڏا پيدا ٿي پيا. مئي مومل جو معاملو به ان موقعي جو مسئلو بنجڻو هو. جيئن ته راڻي مينڌري جو بادشاهه ڀيڻوو هو ته سوڍو وري سڱ ۾ سندس سالو ۽ وڏو وزير هو. تن ۾ ڦيٽهڙو پئجي ويو. جنهن ڪري سوڍا (جيڪي سندس صاحبيءَ جي سڄي ٻانهن هئا، سي) ۽ سومرا پاڻ ۾ پاسيرا ٿي پيا. ٻئي طرف وري راءِ همير ۽ هالو ڄام، جيڪي هڪ ٻئي جا سڳا سيڻ هئا، سي به سڱن بندن تان اهڙا اچي باهڙيا، جو هيڪاري هنگامو مچي ويو. ڳالهه نيٺ اتي اچي پهتي، جو ڄام هالي جا پٽ ڄام هوٿي، ڄام پلي ۽ ڄام علي پڙ تي نڪري نروار ٿيا ۽ ميدان ملهائي موچارا ٿيا. انهيءَ موقعي جي هن ڳاهه ۾، ڄام پليءَ کي غيرت ڏياريل آهي ته:

پلي پاڻي نه پيءُ، علي ان نه کاءُ،

هميراڻي ڪوٽ سان، جان جان جنگ نه ڪياء.

                ڄام هالي جو ڪونڌر ڪنور، ڪٽڪ جو ڪوپو، هوٿي ڄام به وڏو وير وريام هو. هن جهونجهار جي جنگ جو به جهر جهنگ ۾ غوغاءُ هلندڙ هو. هن پاونگ جي پچار ڪندي سمنگ سندس سورهيائيءَ جي ساک ڀري آهي ته:

وڻين جهليو نه رهي، هوٿيءَ سنڌو گهاءُ،

ڪونه پرائيندو ڀاءُ، تنهن سان وجهي مامرو.

        بيشڪ ڄام هوٿي به ڏهيسر هو. هيءُ راوت رڪ وهنديءَ راند جو ميڙهي ۽ مانجهي هو، پر (هن):

کڳمار کلندي جهليا، نَـــــوَ سوء ۽ نَــــــوَ گهاءُ،

پلي به پلٽيو پڙ ۾، ڀيڙَ هوٿي ڀاءُ.

                 سمن نيٺ رڻ کي رت سان رڱي لال ڪنوار بنائي ڇڏيو. آخر هوٿي گهوٽ ڇڳير، انهيءَ رتڙي رڻ کي، موڙ ٻڌي ماڻيو. سندس ماتم جو هيءُ مرثيو ملڪان ملڪ مشهور ٿيو ته:

هوٿيءَ سنديءَ ڦڻيءَ کي، هو گيو گيور گُل،

سڀ مرن سومرا، تو ڪونهي ڦڻيءَ مُلُ (مُلهه).

                ڦڻيءَ جو ملهه بيشڪ مهانگو نڪتو. اهڙن افعالن هاڻي حاڪم به سڄي ڏيهه ۾ ڏٺو ٿي ويو. سوڍا ۽ سما به سندس ساٿ ڇڏي پري ٿيا. سمن جا حڪومت سان نزاع ويا وڌندا. ڄام ۽ عوام به پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويا. سمن جي ساري سرس ٿي ۽ سنڌ جي صاحبي سندن حوالي ٿي.

                سمنگ پنهنجي مشن ۾ سوڀارو ٿيو. سمن جو راڄ پنهنجي اکين سان ڏٺائين ۽ سماننگر جي رهاڻ جو ”رَتَنُ“ بنيو. پر وڏي ڄمار ڪري ڪو عارضو اچي ٿيس. سو ڄام جي سلام تي وڃڻ کان معذور هو. چون ٿا ته سندس عمر ان وقت سوا صديءَ کان به سرس هئي. ڏينهن- وار تي بادشاهه ڏانهنس ڏولي ڏياري موڪليندو هو، ان جي سند لطيف وٽان ملي آهي:

چارڻ چڙهي چوڏول ۾، تهان پوءِ نيو،

اچي رات ڪئو، سرفراز سيد چئي.

(سر پرڀاتي)

        ڪمار ۽ جوابدار چوڏول کڻائي، اچي سندس جهوليءَ اڳيان جهمندا هئا ۽ سمنگ کي سمي ڄام جو سنيهو سڻائيندا هئا ته:

آءُ مٿاهون مڱڻا، چڙهي ۾ چوڏول،

توکي گهوٽ گهرائيو، راجا منجهه رتول.

(شاهه)

        فقط اهڙي موقعي تي جهونو پاڻ کڻائي وڃي ڪچهريءَ ۾ حاضر ٿيندو هو، نه ته ٻارهوئي گهر وسايو ويٺو هوندو هو. سما ڄام کيس گهر ويٺي ئي وظيفا ۽ ڏن ڏياري موڪليندا هئا. سمنگ جيتوڻيڪ پيريءَ ۾ پاٿاري وسايو ويٺو هوندو هو، پر سندس ڳاهن کي پکيءَ وارا پر پيدا ئي انهيءَ عرصي اندر ٿيا. ساري ڄمار جا سمن جي ثناخواني ڪئي هئائين. تنهن هينئر ڦٽي ڦر ڏنو. سندس سرپرست سخي سما ڄام، دريا دل داتا هئا، جي مسڪين پروريءَ ۽ ڪرم نوازيءَ جي ننگ کان گهڻو ناليرا آهن. سمنگ سندن انهيءَ انسان دوستيءَ، هر دلعزيزيءَ ۽ غريب نوازيءَ جي ڳُڻ کي، سندن شاهاڻي شان جي شايان ڳايو وڄايو آهي. سنڌ جي سڄيءَ سماٽ برادريءَ مان ”ست سؤ ورهيه ۽ ڏهه ڏاتار“ ڳڻي ڳيا اٿس. مدحيه مضمون واريون اهڙيون ڳاهون، سنڌ جي سگهڙن ۾ اڄ به عام آهن.

ڪيشب گهر سورهيه هو، واسنگ گهر تاکو.

اوڍي گهر جکرو، ڦول گهر لاکو.

                اهڙيءَ طرح (1) سخي سُپڙ ڄام چوٽائي، (2) راءِ ويري جو پٽ راءِ ڏياج چاوڙو، (3) جکرو اوڍئي، (4) اوڍو جکراڻي، (5) لاکو ڦلاڻي، (6) ڄام ڪرن، (7) ڄام هڻند ٿڌياڻي، (8) جيسوڌن اڳڙو، (9) وڪيو ڏاتار جاڙيجو ۽ (10) سخي ساهڙ ڄام رونجهو: اهي ڏهه ئي هن ڏيهه جا ڏاتار، سنڌ جا سينگار، سمنگ جي ساهه ۽ ساز جو آواز آهن. انهن کان علاوه ٻيا ست سرفروش سورما سما: (1) ڄام انڙ وير، (2) ابڙو اڙٻنگ، (3) پونئرو پاونگ، (4) بانڪو بڊاماڻي، (5) ڪارائڙو ڪونڌر، (6) هوٿي وريام ۽ (7) لاکو ڦلاڻي- جن کلندي ڪڏندي ڪنڌ ڪپايا. انهن جا پار ڪڍي کين نروار ڪيائين. چي:

پينگهي پائي لوڏ، سر سمي ڄام جو.

                اهڙن اوسارن مان هوٿي ڄام جو ماتام مٿي مذڪور آهي.

                اهڙن چتر زبان چارڻن ۾، پوئين دؤر ۾، ”جمن چارڻ“ مدح گو شاعرن جو سر موڙ ٿي گذريو آهي. پر اصل چارڻ جي چئجن، تن ۾ ٻيجل پڄاڻان سمنگ چارڻ ئي هڪ اهڙي هستي آهي، جنهن کي وڏي تاريخي اهميت حاصل ٿي آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ سندس نالو اهڙن ئي اهم واقعات جي يادگار طور ئي قائم رهندو اچي، جنهن جو مثال مٿي اچي چڪو آهي. سنڌي ادب ۽ ان جي تاريخ ۾ پڻ سمنگ جي شخصيت نمايان آهي. سنڌ جا سڄاڻ سندس سوانح جي مختلف موقعن جي مقال ڪندا، سندس نالو جيئرو رکندا پئي آيا آهن ۽ انهن موقعن جي نسبت واريون ڳاهون، سنڌ جي سگهڙن وٽ اڄ به عام آهن. اهڙن عجيب واقعن مان ٻئي به هڪڙي مشهور واقعي جو مثال مختصر طرح هيٺ ڏجي ٿو. هيءُ واقعو سندس جوانيءَ جي سير سفر واري دؤر سان وابسته آهي. جنهن موجب سمنگ چارڻ، لاکي ڦلاڻيءَ ڄام سان هوڏ هڻي، وڪيي ڏاتار جي سخا آزمائڻ لاءِ، کيس اڻمدائتين پيرن جي انوکي سئن اچي هنئي. جي ائين آهي ته ڄام لاکي ڦلاڻيءَ جو ڪردار اتي آنيراءِ کان اتاهون نٿو رهي. ڪن چڱن جو چوڻ آهي ته اصل ۾ اهو اڙانگو سوال سمنگ خود ڄام لاکي وٽ ئي وڃي وڌو هو. چي: ”ڄام لاکا، منهنجي گهر اميدواري آهي. چارڻيءَ کي پيرن جي چاهت ٿي آهي، انهيءَ لاءِ تنهنجي جود ۽ سخا جي هاڪ ٻڌي، پيرن جي لپ واسطي اچي تنهنجو در جهليو اٿم. هاڻي منهنجي مشڪل آسان ڪر!“ لاکو ڄام اهڙي عجيب صدا ٻڌي حيران ٿي ويو، ويتر چارڻ چوڻ لڳس ته:

                ”ويڪو ڄام به ڏاتار آهي ۽ هو سواليءَ جي سئن سڻي، سر سوڌي به سخا ڪري ڄاڻي ٿو. پر آءٌ ته تو وٽ ئي آس رکي آيو آهيان، جو توکان نه پڄي ته وڃان وڪيي ڄام وٽ.“

        ايترو ٻڌندي ئي لاکو تپي باهه ٿي ويو. چي:

                ”هينئر جو هينئر منهنجي ملڪ مان نڪر، سڌو وڪيي وٽ وڃ، اٺن پهرن اندر يا ته وڪيي جي ملڪ مان پيرون اچي پهچاءِ، يا ته سندس سر آڻي ڏي، نه ته تنهنجي ۽ تنهنجي چارڻيءَ جي سر جو خير ناهي.“

                ائين ڳالهه مان ڦري ڳالهوڙو ٿي پيو. پيرون ته پيرن جي ماڳ، مورڳوئي جهڳيءَ کي رولو! سمنگ اتان ئي، ٻيجل وانگر ڪينر ڪلهي ڪري، رمندو رهيو.

                سنڌ جي سٻوجهن اهڙن احوالن کي به سانڍي سلامت رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ميرن جي صاحبيءَ ۾، ڪراچي واري ڪوهستان جي ڪنهن شاعر، حاجي موسي ”حاجيءَ“ انهيءَ واقعي جي تاريخي ۽ ادبي اهميت محسوس ڪندي، ان جي ياد قائم رکڻ لاءِ سربستي ڳالهه اول کان آخر تائين ويهي منظوم ڪري، محفوظ رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. چوي ٿو:

هو ڪامل رهندڙ ڪڇ جو، هيءَ سنڌو سالار،

هو سخي سخاوت اڳرو، اوچو تنهن اوتار،

لاکي ڄام لوڪ مان، سُئو سارو سماچار،

سو ورنهه پيو وماس ۾، وڏي سان ويچار،

ڪنهن ڏينهن ڪهي آيو، ات مانجهي مڻيادار،

سو سائل ان سنباهيو، پُرس انهيءَ جي پار،

ته وهلو وڃ تون وڪيي ڏي، جو ٿو ڏان ڏئي ڏاتار،

پيرون پني آءُ تون، مڱج مٿو مڱڻهار،

تحقيق وڃي تڪرار، تون سڌ لهي آءُ سمنگا!

مثال ٻيو:

پوءِ وسايو وٿاڻ ڏي، هيجان ويو هلي،

تنهن منهن آئي ماڻڪي، جهونجهارا هيءَ جهلي،

پيرون تنهن جي پور ۾، پيا پڪا ٽار ٽلي،

تنهن ڏاڻ ڏنو ڏاتار هو، ”حاجي“ چوي هلي،

راحم رب وڪيي جي، سائينءَ ڪي سولي،

لٿس گوندر گهٽ تان، ٻي ڀلي ڪيس ڀلي،

هن پاٺ پرڙيو ڪين ڪي، آڳاٽو اصلي،

ڏات وٺي سو ڏيس تي، چوڪس ويو چلي،

تنهن ثابت سڌ سلي، وڃي لاکي اڳيان لال جي.

آخري بيت:

تڏهن سڻي سو سرهو ٿيو، وڏيرو وريام،

مڪو تنهن مانجهيءَ ڏي، پُرس لکي پيغام،

ته سخي تو سخاوت اڳرو، آهي نر تنهنجو نام،

توسان راضي رب ڌڻي، ٻيو مير محمد ڄام،

هاڻي مرسل سر مدام، ڪلمو ڪَهو قلوب سان.

                اهڙي طرح انگريزن جي اوائلي دور (1870ع) ۾، ورنيڪيولر لٽريچر ڪميٽيءَ به ٺٽي جي آخوند عبدالرحيم عباسيءَ کان ساڳيو ”قصو وڪيي ڏاتار جو“ ڇپائڻ خاطر لکائي هٿ ڪيو هو. خانبهادر حاجي محمد صديق ميمڻ به سندس تاريخ ۾ انهيءَ ساڳئي وڪيي ڏاتار جي پچار ڪئي آهي. تازو ننگر پارڪر جي مهراج منگهارام اوجها به ساڳي آکاڻي لکي آهي، جنهن ۾ اهي ڳاهون به اچي وڃن ٿيون، جيڪي سمنگ سئن هڻڻ وقت ڏهن ڏاتارن جي شان ۾ ڳايون هيون. انهن مان ڪي ڳاهون نموني طور هيٺ ڏجن ٿيون، پارکن جي ڪسوٽيءَ جي مهميز ماڻين ۽ سمنگ جي سخن سنجيءَ جو به سماءُ پوي:


([1]) علاوءالدين جي سنڌ تي ڪاهه، تاريخي واقعي طور تحقيق طلب آملي آهي، پر روايت طور ان جو بيان عين روا آهي، ته ڀاڳو ڀان، ٻڌل روايت تي ڪبت چيا هجن. (غلام محمد گرامي)

([2]) چندر بردائي ۽ سندس پرٿوي راج راسا، علمي حلقن ۾ هڪ اختلافي مسئلو بنجي چڪو آهي. عالمن ۽ محققن جي راءِ آهي ته اهو ڪتاب جعلي ۽ الحاقي آهي، جو سورهين يا سترهين صديءَ ۾ تاليف ڪري، چندر بردائيءَ ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي. ناقدن ان ڪتاب جي لساني پهلوءَ سان گڏ، ان جي مواد جي تاريخي طور تي ڇنڊڇاڻ پڻ ڪئي آهي. محققن جو آخري فيصلو اهو بيٺو آهي ته پرٿوي راج راسا ۾ ڏهه سيڪڙو فارسي ۽ عربي لفظ موجود آهن. ان مان صاف ثابت اهڙي ابتدائي زماني ۾ اجمير ۽ دهليءَ جي زبان ۾،عربي ۽ فارسيءَ جا ايترا لفظ آميزش ٿي وڃن،سو ناممڪن آهي. لساني حيثيت سان، اڙدو توڙي هندي زبان جي تاريخ ان آميزش کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ٻيو ته ان ڪتاب ۾ شهاب الدين غوريءَ جي ستن شڪستن کي جنهن غلط ۽ افسانوي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي، ان جي ترديد خود هندو محققن به ڪئي آهي.

ان طرح راسا ۾ اهڙن جنگي هٿيارن جو بيان موجود آهي، جي سلطان ۽ پرٿوي راج کان ڪيئي صديون پوءِ، بابر ۽ آخري مغل بادشاهن جي زماني ۾ پيدا ٿيا. مثلن توبون، بندوقون، زنبورڪ ۽ ٻيا آتشي اوزار وغيره. ٽيون ته خود بادشاهه جو نالو به غلط استعمال ڪيو ويو آهي. شهاب الدين، سندس ٻاراڻيءَ وهيءَ جو نالو آهي. بادشاهه ٿيڻ تي پاڻ کي معزالدين محمد بن سلم سڏايائين. سندس سرڪاري حڪمن، دستاويزن ۽ سڪن تي به معزالدين نالو آيل آهي. ان ڪري اگر راسا جو مصنف، سلطان معزالدين جي معاصرن مان هجي ها ته پوءِ هُو شهاب الدين نالو نه آڻي ها! راسا ۾ توپ ۽ بندوق جو ذڪر، ۽ زبان ۾ ڏهه في صدي عربي، فارسي لفظن جي آميزش مان ظاهر آهي ته هي ڪتاب مغل دوءر ۾ لکيو ويو آهي. ڇالاءِ ته مغلن کان اڳ هندستان ۾ توب ۽ بندوق جو تصور ئي نٿو ڪري سگهجي.

چنانچ مهامهو پاڌيا ڪبيراچ شيامل دانجي، ۽ حافظ محمود شيراني، تاريخي بحث ڪري، ثابت ڪري چڪا آهن ته اهو ڪتاب جعلي آهي، ڏسو ’هندي نورتن‘: ص 520، ۽ پنجاب ۾ اردو، ص 126. اميد ته سنڌي اهل قلم دوست، ان ڪتاب جي حوالن کي استعمال ڪندي ڪجهه خيال ڪندا. (غلام محمد گرامي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org