سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌ سنڌي ٻولي، ۽ سنڌي شاعري

صفحو :1

سنڌ سنڌي ٻولي، ۽ سنڌي شاعري

پروفيسر محرم خان وگهامل

ڇپائيندڙ پاران

”سنڌ ـ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري (آڳاٽو دور)“ ڪيڏو نه مبارڪ نالو آهي. پروفيسر محرم خان جي هن ڪتاب جو، جيڪو توهانجي هٿن ۾ ۽ مطالعي ۾ آهي. ”ڪوزي ۾ دريا بند ڪرڻ“ هڪ اصطلاح آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن انسان کان اهڙا ڪرشما ٿي ويندا آهن. پروفيسر محرم خان جا هي ليک به هڪ اهڙي ڪوشش آهي.

        ڪتاب جي نالي مان ئي پڌرو آهي ته ان ۾ آيل مقالن جي موضوعن جو ڪئنواس ڏاڍو وسيع آهي. اهي ليک مختصر به آهن ته جامع به. محرم خان جي سڄي زندگيءَ جي تجربي، مشاهدي ۽ علم جو جوهر آهي انهن مقالن ۾. ان سڄي ڪم، ايڏي وڏي ڪم جي پٺيان نظريو ڪهڙو آهي؟ سندس ئي لفظن ۾ِ:

”جڏهن اسين هن بحر بي ڪنار کي پار ڪريون، جڏهن هزارها سالن جي هن قديم ۽ عظيم قوم جي علم ۽ ادب جا اهم اهڃاڻ ۽ قيمتي ڪڙيون ڳولي هٿ ڪريون، ۽ دعوا ۽ دليل سان دم هڻي سگهون ته اسان جو ادبي ورثو ۽ ترڪو ڪيترو نه قديم، عظيم ۽ قابل قدر آهي.“ [سمنگ چارڻ، ص 215]

انهيءَ ليک ۾ هي لفظ ڪيڏا نه معني خيز آهن:

”عروضي شاعريءَ جي عشق ۾ گرفتار ٿي اسين هنن ڳوڙهين ڳاهن کي پارس بدران پٿر سمجهي پراڻي ڪٻاڙ خاني ڏانهن اڇلائيندا آيا آهيون.“ [ص 216]

        سچ اهو آهي ته اسان پنهنجي شاندار ۽ جاندار لوڪ ـ ڪلاسيڪل اتهاس سان اهڙوئي احساس ڪمتري/ (برتري!) وارو رويو اختيار ڪيو آهي. سائين محرم خان پنهنجين هنن تحريرن وسيلي اسان کي اهڙو احساس ڏياريو آهي.

        پروفيسر محرم خان هڪ سادو سودو ڳوٺاڻو ماڻهو هو. محمد ابراهيم جويي جي لفظن ۾ ”پروفيسر محرم خان سچ ته ٿور ڳالهائو، ايڪانتي، بنهه نماڻو ۽ رڄ چڱو شخص هو.“ ساڳئي وقت پاڻ هڪ گني ماڻهو هو. پاڻ هڪ اهڙي ڳوٺ ۾ پليو نپنو، جتي سُر سنگيت، ڏور، بيت، ڳجهارت، رس رهاڻين ۽ ڪچهرين جو ماحول هو ۽ اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن سماج ۾ آسودگي ۽ امن هوندو آهي ۽ سنڌ جو سماج اهڙو ئي سماج هو ۽ سنڌ جي ڳوٺن، توڙي شهرن ۾ ثقافتي سرگرميون عروج تي هيون. نئين نسل جي لاءِ اهو هڪ خواب آهي! ۽ اسين جڏهن به پنهنجي لوڪ دور جي ڳالهه ڪريون ٿا، تڏهن مقصد اهو هوندو آهي، ته پڙهندڙ اهي خواب ٻيهر ڏسن، جاڳندڙ اکين سان. ايئن ئي سُکي ستابي، پڙهيل ڳڙهيل، پرامن سنڌ جا خواب سچا ٿي سگهن ٿا. جيئن پاڙ کان سواءِ وڻ جو تصور نٿو ڪري سگهجي، تيئن لوڪ اتهاس کان سواءِ ڪا به قوم تاريخ ۾ اُڀي ڳاٽ بيهي نٿي سگهي، ۽ سنڌي قوم کي پروفيسر محرم خان، ”قديم ۽ عظيم قوم“ [سمنگ چارڻ] چئي ٿو، بلڪ مڃي ٿو. اهڙي دعوا ڪري ٿو ۽ اُن جي سچائيءَ لاءِ دليل ڏئي ٿو.

        ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کان پوءِ پروفيسر محرم خان ئي سنڌيءَ جي عظيم وير _ ڪٿا ”دودو چنيسر“ تي ڀرپور لکيو آهي. ايئن هن ڀاڳو ڀان جو ذڪر ڪيو آهي. اسين سنڌي شاعريءَ جي شروعات قاضي قادن کان ڪندا آهيون، پر پروفيسر محرم خان اهڙن سڄاڻ سگهڙن جو انگ 16 ٿو ٻڌائي، جيڪي آڳاٽا آهن ۽ انهن مان 9 نالا به ڏئي ٿو: ”تن جو ڪلام بطور تبرڪ جي جيئرو رهندو.“ [سمنگ چارڻ ص 215] - اهي سمن جي دور جا شاعر آهن_ پر پروفيسر محرم خان ان کان به آڳاٽي ڀاڳو ڀان ۽ سمنگ چارڻ جو ڏس ڏئي ۽ انهن جي ڏات ۽ ڏانءَ کي دل کولي واکاڻي ٿو. اڃا به هو آڳاٽي لوڪ دور ۾ پيهي اهو سلسلو ڳيچ سان جوڙي ٿو ۽ بنيادي لفظ ”ڳاءُ“ سان ڳنڍي ٿو ۽ ”هڪ لفظي شاعري“ جو نظريو پيش ڪري ٿو ۽ شاعريءَ ۽ ڳائڻ جي اڻٽٽ رشتي بابت ٻڌائي ٿو. ”ٻوليءَ“ بابت به هو اوائلي انسان ۽ انساني ارتقا تائين پڄي ٿو. ليک ”وائي“ ۾ پروفيسر محرم خان، جائز طور تي شاهه عنايت رضويءَ جا ڳڻ ڳائي ٿو. ان ليک جي پڄاڻي هيٺين لفظن تي ٿئي ٿي:

        ”هن موجوده دور ۾ وائيءَ جيڪو نئون جنم ورتو آهي، تنهن جو تجزيو پڻ آئيندي ڪنهن مضمون ۾ پيش ڪري سگهبو.“ [ص 252]

        پر ايئن نه ٿي سگهيو يا اهڙو تجزيو به پروفيسر محرم خان جي ٻين ڪيترين ئي تحريرن وانگر گم ٿي ويو! البت اهو ضرور چونداسين ته ”وائيءَ“ جو نئون جنم نه ٿيو هو، پر ”وائي کي به ڪافي (قافي) ڪلام طور ليکيو ويو.

        سائين محمد ابراهيم جويي نه رڳو هن ڪتاب کي، پهرئين لفظ کان وٺي آخري لفظ تائين ڏٺو آهي، بلڪ ان جو ڀرپور تعارف پڻ لکيو آهي، انهن مان پهريون، ٻيو، ٽيون ۽ چوٿون مقالو خود سندس ئي تحرڪ تي لکيا ويا، جيڪي ٽه _ ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيا، جتان پوءِ سنڌي شعبي جي تحقيقي جرنل ”ڪينجهر“ ۾ ڇپيا ۽ هاڻي هن ڪتاب ۾ ٻين مقالن سان شامل آهن.

        هن ڪتاب جي ٻين مقالن ۽ مضمونن کي هٿ ڪري ڏيڻ ۾ سائين محمد رحيم وگهئي (پرنسيپال ٽيڪنيڪل ڪاليج مٽياري)، سنڌي شعبي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن، پروفيسر ڊاڪٽر تهمينه مفتي، ڊاڪٽر انور هڪڙي ۽ سنڌ الاجيءَ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سائنڻ رضيه قاسم ٻگهئي اسان سان بيحد سهڪار ڪيو، جنهن لاءِ اسين سندن ٿورائتا آهيون. سنڌي ادبي بورڊ جي ڪارڪن عبدالحفيظ قريشيءَ جي محنت به ان ڏس ۾ شامل آهي.

        بهرحال، پروفيسر محرم خان جي هن ڪتاب ”سنڌ _ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري (آڳاٽو دور)“ ڇپڻ جو هڪ مقصد سنڌ جي ان ”پٽ سَپُٽ“ کي سنڌي ادبي بورڊ پاران، خراج تحسين پيش ڪرڻ به آهي.

 

ڄامشورو، سنڌ                                                 اعجاز احمد منگي

اربع 2 رجب المرجب 1428 هه                                           سيڪريٽري

بمطابق 18 جولاءِ 2007ع                                            سنڌي ادبي بورڊ

تعارف

پروفيسر محرم خان مرحومُ، زير نظر ڪتاب جو لائق ۽ فائق مصنف-سندن نالو مبارڪ هِن سندن اعليٰ قومي خدمت جي طُفيل سنڌي قوم جي تاريخ ۾ سدا ياد رهندو.

        پاڻ 18 جولاءِ 1918ع تي ضلعي حيدرآباد جي تعلقي هالا جي ڳوٺ ”نور محمد وگهامل“ ۾ جنم ورتائون. هيءُ ڳوٺ مٽياري شهر کان ڏکڻ _ اوڀر پاسي چئن کن ميلن جي پنڌ تي بيٺل آهي. سندن پيءُ محمد يوسف وگهاملُ هڪ سجھاڻُ سگهڙُ ۽ دنيا ديد ماڻهو هو، پنهنجي آسپاس ۾ هوُ هڪُ ڏاهي ۽ قربائتي ماڻهوءَ جي حيثيت ۾ خوش گفتارو ۽ مانَوارو ليکيو ويندو هو. هو واڍڪو ڪم ڪندو هو. سندن ڇپرائين دُڪان تي ڪَمَ هلندي به، ڪچهريون جاري رهنديون هيون، جن ۾ ڪهاڻيون، ٽوٽڪا، ڳالهيون، پروليون، پهاڪا ۽ بيت ٻڌبا هئا، ۽ بزرگن ۽ سڳورن شخصن، سنڌ جي سدا حيات سورهين ۽ سخي مردن جا حال احوال ۽ قصا هلندا رهندا هئا.

        رات جو وٽن ڪچهرين ۾ ڀرپاسي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پري پري جا ماڻهو ايندا هئا، جن ۾ صوفياڻي راڳ سان دلچسپي رکندڙ ۽ وقتي ناميارا راڳي ۽ سگهڙ به هوندا هئا، ۽ اُهي لوڪ ڪچهريون سياري جي راتين ۾ باهه جي مچ تي، ۽ اونهاري ۾ کُليل آڳنڌ واريءَ سندن اوطاق ۾ ٿينديون ئي رهنديون هيون. محرم خان اُنهن رس ڀرين گڏجاڻين ۾ ويهندو هو، سگهڙن، هندرمندن ۽ صوفي راڳين کي دل جي ڪَنن سان ٻڌندو هو، ۽ ائين سنڌي لوڪ ثقافت جي ڄاڻوءَ بلڪ، ان جي قدرشناس مَنورَتيءَ ۾ ننڍپڻ کان ئي هو ڄڻ نُنهن کان چوٽيءَ تائين رڱيل هو.

        اهڙي ڏاهپ ۽ ڏات واري گهر جي ”پنجَ ته گنجَ“ ڀائرن ۽ ڀينرن واريءَ آڪهه ۾ هوُ چوٿين نمبر تي هوــ (1) ليمون، (2) ٻائي، (3) جنت، (4)محرم ۽ (5) ڀرائي ــ پنجن ئي معصومن، ڀينرن ۽ ڀائرن، جا نالا اهي هئا، مٿن اولَ گهولَ ٿيندڙ پورهيت، نيڪ طبع ۽ سُگهڙ ماءُ جو نالو ”هاتل ٻائي“ هو. ٻنهي ماءُ پيءُ وڏي هيج مان خاص طور هِن چوٿين پُٽ محرم کي، ڏسجي ٿو ته سندس پختيءَ عمر ۾، ”ڳوٺ شيخ ٽيِهَر“ جي پرائمري اسڪول جي پهرئين درجي ۾ داخل ڪرايو. اُهو ڳوٺ سندن ڳوٺ کان اَڍائي، ٽي ميلَ پري هو. اُتي پڙهڻ لاءِ سدورو ٻار محرم وِگهاملُ روزانو پنڌ ڪري ويندو هو، ۽ واپس ايندو هو. اِئين ڀار ڀريا چار سال اُتي پڙهي سنڌيءَ جا چار درجا پاس ڪرڻ کان پوءِ، مهربان پيءُ، هٿ ۾ هٿ ڏيئي، ڏهه ميل پنڌ ئي پنڌ، هُن کي نيئي حيدرآباد شهر جي مشهور اسڪول نور محمد هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو. تعليم جا ست درجا وڌيڪ اُتي پاس ڪيائين ۽ اُن ئي اسڪول ۾ هِن خوش بخت نوجوان مئٽرڪ پاس جي آڌار تي، اُن ئي اسڪول ۾ پهرين مَٿين درجن جي شاگردن کي بئنڊ سيکارڻ لاءِ (بئنڊ وڄائڻُ اُتي ڪا سکي ورتي هئائين) بئنڊ ماستر ۽ هيٺين درجن جي ٻارن لاءِ سنڌيءَ جو استاد مقرر ڪيو ويو. اُتي ئي نوڪري ڪندي، همت ٻڌي، مدت کان پوءِ، محرم خان سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. اي ۽ آهستي آهستي اڳتي وڌي ايم. اي سنڌيءَ جا امتحان پاس ڪيا. تان جو 1961ع يا 1962ع ۾ ايم. اي جي آڌار تي، حيدرآباد ۾ ئي ڪرستانن جي پرائيويٽ اسڪول، سينٽ ميري ڪانِوينٽ، ۾ سنڌيءَ جي استاد طور، ۽ اُنهن ئي جي نُظرت ڪاليج ۾ سنڌي جي ليڪچرار جي جاءِ حاصل ڪيائين. ترت ئي ٻئي سال، 45 سالن جي عمر ۾ 19 جنوري 1963ع تي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ليڪچرار جي خالي پوسٽ لاءِ مقابلي ۾ ويهي، پنهنجي صلاحيت لائق هُن اها جڳهه به حاصل ڪئي.

        تيتر، بي. اي ۽ ايم. اي تائين رسڻ جي وچ ۾، موقعو وٺي، دل جي اُڌمي جي وسِ چڙهي، محرم خان لوڪ شناسائيءَ ۽ تلاش علميءَ جي ذوق ۾ ڪا مدت ڏکڻ هندستان، بمبئيءَ، سُورت، راجسٿان، جهونا ڳڙهه، گرنار ۽ ڪڇ ڪاٺياواڙ ولايتن، فقيراڻو گيڙو ويس ڍڪي، جوڳين ۽ کاهوڙين جي سنگ ۾، سيرُ سَفرَ به ڪيا، ۽ اُن پنهنجيءَ ياترائي لوچ ۽ سوچ ۾ تصوف ۽ ويدانت جي روح افزا راههَ، يعني ڌرم کان وڌ ڪَرَمَ جي، شرع شريف جي ڏيک ويک ۽ ريت رسم کان وڌي عمل ۽ سماج سڌارڪ جي فهم ڏانهن نيندڙ راهه جو هو پانڌي ۽ سِر گهورُ بڻجي موٽيو.

        سندس اهڙيءَ حالَ ـــ مست ڪيفيت ۾ ئي محرم خان جي مون راقم، هڪ لوڪ ــــ پُڇائو ۽ ڳالهه ڳڻت طور ”ها سان ها“ ملائي هلندڙ شخص، سان جلد ئي ملاقات ٿي. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پهتا ئي هئا ته مارچ 1963ع ۾ راقم به ڦري گهري، پر هِن ڀِيري اعزازي حيثيت سان، سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽريءَ طور، لاهور مان حيدرآباد ۾ اچي سهڙيو هو ــــ ون يونٽ جي ويسٽ پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، لاهور جي ڪوئيٽا، ڪراچي ۽ حيدرآباد ريجنس لاءِ ڪارمختيار جي حيثيت ۾ حيدرآباد ۾ ئي، اها منهنجي پوسٽنگ عمل ۾ آئي هئي. محرم خان جهڙي محبوب صفت ماڻهوءَ سان پوءِ منهنجو ساٿ سنگُ نه رڳو سندن 1978ع ۾ يونيورسٽيءَ جي سروس تائين بلڪ سندن سون ورنيءَ حياتيءَ جي آخري دم تائين، طرفين جي ٻٽيِهه پٽيهه دلين جي قرب ۽ نيازمنديءَ وارو قائم رهيو.

        محب ماڻهوءَ محرم خان پنهنجي هِن زير نظر ڪتاب جا ڏهه ئي سَچُلا ۽ عالمانا مقالا اِن عرصي يعني خصوصن 1963ع کان 1973ع جي مدت ۾ ئي لکيا. تقريبن سڀ راقم جي ئي تحرڪ تي ۽ راقم تي ئي نوازش جي نگاهه طور لکيائون ۽ شايع ڪرايائون. جيئن هيٺئين تفصيل ۾ واضح آهي: پهريون مقالو، ”سمنگ چارڻ ــــ سنڌ جو هڪ قديم چارڻ“، ٻيو مقالو، ”قديم سنڌي شعر ۽ شاعري“، ٽيون مقالو، ”شاعريءَ جي شروعات ۽ قديم سنڌ“، ۽ چوٿون مقالو، ” پراڪرتي شاعريءَ جي شروعات ۽ قديم سنڌ“. هي چارئي مقالا سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي رسالي مهراڻ ۽ سال 1966ع ۽ سال 1968ع ۾ شايع ٿيا. سندس ڪجهه لکڻيون جهڙوڪ: ”مضمون ــــ نثري ادب جي هڪ صنف“ ۽ مقالا ” وائي ــــ سنڌ جي قديم سُرائتي صنف“ ۽ ”سنڌ جي اوائلي شاعري“ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي مختلف مخزنن جهڙوڪ: ”سوکڙي“ (سال 64 ــــ 1963ع) ”پورب“ جي ٻئي پرچي (سال 69 ــــ1968ع) ۽ ”پرک“ (سال 77 ــــ 1976ع) ۾ ڇپيا آهن. جڏهن ته سندن لکيل اٺون ۽ نائون مقالو: ”انساني ٻوليءَ جي ابتداءِ علمي ۽ سائنسي تجزيو“ ۽ ”جيرڪو ــــ قديم دنيا جو ابتدائي ڳوٺ“ اڻ ڇپيل آهن ۽ پهريون ڀيرو هن ڪتاب ۾ ڇپجي رهيا آهن.“ محرم خان جو ڏهون مقالو جيڪو زير نظر ڪتاب ۾ پنجين نمبر تي ”تاريخِ سنڌ جي امر وير ڪٿا“ جي نالي سان موجود آهي، اهو 14 ڊسمبر 1973ع جو لکيل هونِ، پر ”نئشنل انسٽيٽيوٽ آف فوڪ ائنڊ ٽريڊشنل هيريٽيج، اسلام آباد“ جي ڪتاب ”دودو چنيسر“ جي مقدمي لاءِ راقم جي چوڻ لکيلُ، رکجي رکجي ٻه سال پوءِ 1975ع ۾ شايع ٿيو. اُن مقدمي توڙي ڪتاب ۾ آيل ”دودو چنيسر جي ڳالهه“ جي رڪارڊ ٿيڻ ۽ محرم خان هٿان اُن مقدمي لکرائڻ لاءِ انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ميان نصرالله ملڪ، راقم جو نالو وٺي پنهنجي تعارفي نوٽ ۾ ٿورا مڃيا.

        محرم خان جا هي ڏهه ئي مقالا پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي ۽ پنهنجي پنهنجي نوع جا حَتَمي يعني بي بدل ۽ بي مثل مقالا آهن. ۽ جي قومن جي تاريخ ۾ ڪا قومي ٻولي قومي ادب جي صورت ۾ قوم جو ماضي اجاگر ڪري ٿي ۽ اُن سان قوم جي ڏات ۽ ڏاهپ، حڪمت ۽ فضيلت جا بنيا پختا ٿي بيهن ٿا، جن تي قوم جو آئيندو تاحيات انساني قائم ۽ دائم رهڻ جي ضمانت ماڻي ٿو، ته محرم خان جا هي اٺ مقالا سنڌي قوم لاءِ اهو ڪارج ادا ڪن ٿا ــــ هڪ هڪ مقالو ان سلسلي ۾ پنهنجو پنهنجو ڪارج ادا ڪري ٿو ــــ جيئن مثلن هن ڪتاب جي آخر ۾ آندل سندن مقالو ”تاريخ سنڌ جي امر وِيرَ ــــ ڪٿا ــــ داستان دودو چنيسر“. هن ڪتاب جي لائق پڙهندڙ کي معلوم هئڻ کپي ته سنڌي قوم جي اِن هڪ ويِرَ ڪٿا (Epic) تي سنڌي ادبي بورڊ ٽي وڏا جلد شايع ڪيا آهن، جي اسان جي قابل صد احترام ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا وڏيءَ محنت ۽ ڏاهپ سان جمع ٿيل، ايڊٽ ڪيل ۽ پوري تعبير ۽ تفسير سان هيٺينءَ طرح، اوهان ۽ اسان پڙهندڙن لاءِ تيار ٿيل آهن:

(1) ”دودو چنيسر“ــــ جلد پهريون 1967ع، ص ص 592

(2) ”دودو چنيسر“ــــ جلد ٻيو 1977ع، ص ص 620

(3) سومرن جو دور ــــ دودي چنيسر جي ڳالهه ۽ ٻئي روايتي ذخيري جي روشنيءَ ۾“، سيپٽمبر 1980ع ص ص 348.

هن ٽئي نمبر واري ڪتاب جي صفحي 21 تي اوهان ۽ اسان سڀني جي عبرت لاءِ، مُنڊيءَ تي ٽڪ جهڙي روايت آندل آهي ته:

” اڍائي قلندر جڳ ۾ آهن ۽ اڍائي ڪُل جهيڙا“ــــ جڏهن الله تعاليٰ لڙائيءَ جا بُخرا هٿ ۾ جهليا ته پهريائين امام صاحب جو روح آيو ۽ اٺ آنا ڏنائين ان کي، پوءِ دودي جو روح آيو ۽ چار آنا ڏنائين ان کي، باقي رهيا چار آنا، جيڪي مليا سڄي جهان کي“!

        پروفيسر محرم خان جي دوستن ۽ ساٿين ۾ سنڌي سماج جي هر طبقي جا ماڻهو شامل هئا. مَسوُ ڀرڳڙيءَ ۽ کٽياڻن مان سگهڙ، لوڪ فنڪار ۽ مڱڻهار، فقيرن جي فقير دوست عليءَ ۽ فقير نواز عليءَ کان وٺي، ڪلاسيڪي استاد منظور علي خان، وزير علي خان، محترمه عابده پروين صاحبه، سندس احبابن ۾ شامل هئا ته ٻئي طرف سماج جي مختلف سطحن تي خدمت ڪندڙ استاد، پروفيسر ۽ ڪامورا به سندس گهاٽا دوست هئا ــــ جهڙوڪ ميان عبدالرحيم ڏيٿو، رحمت الله قريشي، ڊاڪٽر سائينءَ ڏنو هاليپوٽو، ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو، حاجي غلام شاهه ۽ ٻيا، سندس ناميارن شاگرن ۾ جناب مظهر الحق صديقي (نور محمد اسڪول واري دورَ ۾) ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو، محترمه رضيه قاسم ٻگهيو، ميڊم نور افروز خواجه صاحبه، محترم ڊاڪٽر قاضي خادم، محترم امداد حسيني، ڊاڪٽر سحر امداد حسيني ۽ ڪيئي ٻيا قابل قدر دوست ۽ ساٿي ــــ اُنهن سڀني ۾ هيءُ ساهه کڻندڙ راقم غريب، جنهن کي ”ڪس نه ڪس بپردسڪ بِرادر ڪيستي!“ به پاڻ کي سندن پياسين ۾ شمار ڪري ٿو.

        پروفيسر محرم خان سچ ته پاڻ به ٿورَ ڳالهائو، ايڪانتي، بِنهه نماڻو ۽ رڄ چڱو شخص هو. کيس پنهنجو ڪو اولاد ڪو نه ٿيو، سندس گهر واريءَ مائي ٻڍائيءَ پنهنجي وڏيءَ نڻانَ جنت ٻائيءَ جو پٽ محمد صفر ۽ ننڍيءَ نڻانَ ڀرائيءَ جي نياڻي رقيه ٻائيءَ کي اولاد ڪري نپايو ۽ سندن پرڻو به ڪرايو. محمد صفر سٽي ڪاليج ۾ ليڪچرار هو، گهڻو اڳو جوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو. سندس گهر واري حال حيات آهي ۽ کيس محمد سليم، محمد عالم ۽ محمد وسيم نالي ٽي پٽ آهن، جيڪي مختلف سرڪاري محڪمن ۾ نوڪريون ڪري رهيا آهن.

        جيئن مٿي چيو اٿم، محرم خان وگهامل هڪڙو حال مست، ڪنڊائتو گذاريندڙ ماڻهو هو ــــ مرنجان مرنج، سڀ جو خير گهورو، پنهنجي دلي لاڙي سان هڪ مقصد هيٺ زندگي گهارڻ وارو هڪَ ڪَنوُ، صاف دِل انسان. جڏهن 19 جنوري 1977ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ مان سندس ريٽائرمينٽ وارو فائيل شيخ اياز (ان وقت وائيس چانسلر هو، منهنجو جگري دوست، ڀائرن جهڙو ڀاءُ هو) وٽ پيش ٿيو، ته اهو ڏسي چيائين ته ”جيستائين آءٌ وائيس چانسلر آهيان، تيستائين پروفيسر محرم خان ريٽائر نه ٿيندو. سندن سنڌي ادبي بورڊ جي مهراڻ رسالي ۾ بي بها بي مثال مضمون ڇپيل آهن. سندن خدمتون سنڌ يونيورسٽيءَ کي حاصل رهنديون.“ ائين محرم خان ٻن سالن کانپوءِ شيخ اياز سان گڏ يونيورسٽيءَ مان 30 جنوري 1979ع تي فارغ ٿيو ۽ حيدرآباد جي ميمڻ محلي جي ڀر ۾ ڪرايي جي جڳهه وٺي پنهنجي نپايل اولاد سان گڏ زندگي گذارڻ لڳو.

        محرم خان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪچهري پروگرام جي ميزبانيءَ طور خدمت واري عرصي ۾ ڪيترائي سگهڙ ۽ فنڪار ريڊيو تي متعارف ڪرايا، جن ۾ ڪيترا ته سندس تَر جا سگهڙ ۽ راڳي هئا. هو راڳ جو به وڏو ڄاڻو هو. اصلوڪين سنڌي راڳڻين جي کيس پوريءَ ريت سوُجههَ ٻوُجههَ هئي.

        سن 1990ع ۾ جڏهن حيدرآباد لساني فساد جو شڪار هئي، اهو شهر جتي امنُ ۽ پيارُ جي ڪانکيءَ، نيِت ۽ پريت ڀريل دل واري محرم خان، زندگيءَ جا ڀريا 70 سالَ، (نور محمد هاءِ اسڪول جي هاسٽل کان وٺي ماستريءَ ۽ ليڪچرار واري نوڪريءَ وارا سڀ دورَ) گذاريا هئا، اُهو شهر ڇڏي، هو ٻيهر پنهنجي اباڻي ڳوٺ وڃي رهڻ لڳو. 23 ڊسمبر 1992ع تي کيس دل جي تڪليف محسوس ٿي، ۽ کَڄيِ، ”ديوان مشتاق،“ لياقت ڪاليج اسپتال، حيدرآباد ۾ اچي داخل ٿيو.

        سنڌ جو هيءُ لوڪ – پراڻي، لوڪ ادب جي رنگ ۾ رتل ماڻهو، آخري وقت تائين پنهنجي ڄم جي سُتيءَ واريءَ ٻوليءَ جو ٻانهنِ ٻڌو ۽ اُن تي هر پل ٻلهار ٿيڻ وارو سُگهڙُ ئي رهيو. اسپتال ۾ سندس هڪ ويجهي مائٽ پروفيسر محمد رحيم وگهئي جڏهن سندس طبيعت جو کانئس پڇيو، تڏهن کيس هيءَ ڳالهه ڪري ٻڌايائين:

        ”ڀاءُ رحيم! منهنجي طبيعت جو مون کان ڇا ٿو پُڇين! لُنواريءَ واري بزرگ کي سندس ڪن فقيرن ٻڌايو ته ’اوهان جي خليفي مخدوم عبدالرحيم گرهوڙيءَ جو تعويذ ڏاڍو هلي ٿو- اصل جنهن کي ڏئي ٿو ته هُن جا ٻيڙا ٻاجهه سان وڃيو ٿا پار پون!‘ لُنواريءَ جي بزرگ ڳالهه ٻڌي، ويٺلن کان پڇيو، ’ابا، اوهان مان ڪنهن وٽ گرهوڙيءَ جو ڪو تعويذُ پيل آهي؟‘ ويٺلن مان هڪڙي هاوءڪار ڪئي، ۽ تعويذ لاهي، بزرگ لُنواريءَ واري کي ڏنائين. جڏهن بزرگ پاڻ اهو کولي ڏٺو ۽ پڙهيائون ته اُن تي لکيل هو ته:

                ’مون کي ڏنو اَٿئي قلم ۽ مَسُ!

                پر آهي سڀڪجهه تنهنجي وس!‘

        اسان جي هن معصوم طبع، فقيريءَ ۾ اميري ماڻيندڙ سگهڙ محرم خانُ ٻئي ڏينهن پوءِ 28 ڊسمبر 1992ع تي ”ديوان مشتاق“ ۾ دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيو، ۽ کس اباڻي مُقامَ، ساڀن شاهه لڳ، مَسوُ ڀرڳڙيءَ، تعلقي حيدرآباد ۾ مٽيءَ ماءُ ڀيڙو ڪيائون-

       

ماءُ! کاهوڙي هَليا، دُکائي دوُنهان،

ڇَپرَ جا سوُنهان، ڏوٿين ڏُٿُ چتائيڪ.

                                           (شاهه)

        ايڏي ڀريل ۽ پرسڪون دل واري پنهنجي وڇڙيل دوست محرم خان ۽ سندس هيرن ۾ تورڻ جهڙي ڪتاب بابت هي تعارفي ٻه اکر لکي سگهيو آهيان، ان لاءِ آءٌ پنهنجي نوجوان هم قلم عبدالحفيظ قريشيءَ جي سهڪار جو سدا، دل ۾ رهڻ لائق سندم دوست اعجاز منگيءَ جو تهه دل ٿورائتو آهيان.

حيدرآباد، سنڌ                                         محمد ابراهيم جويو

20 اپريل، 2007ع

سنڌ

سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري

(آڳاٽو دَورُ)

شاعريءَ جي شروعات ۽ قديم سنڌ

        ”شعر“ عبراني زبان جي ”شير“ لفظ مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ، ڳائڻ، گيت ۽ ڀڄن آهي. عربي زبان ۾ جو اڄ تائين شعر پڙهڻ لاءِ ”انشاد“ لفظ عام آهي، تنهن جي معنيٰ پڻ ڳائڻ ئي آهي. مطلب ته شعر جو ماخذ هر طرح سان غِنا ۽ موسيقي آهي[1]. مصر جي مشهور استاد احمد حسن ”زيات“ انهيءَ سلسلي ۾ اڳتي لکيو آهي ته تحقيقات مان به معلوم ٿيو آهي ته انهيءَ ڏس ۾ عرب اول آزاد نثر کان مسجع نثر ڏانهن مائل ٿيا. پوءِ اتان وري مقفيٰ نثر جي طرف قدم وڌايائون. آخرڪار مسجع ۽ مقفيٰ وٽان بتدريج ترقي ڪندي رجز تائين اچي پهتا. انهيءَ ڪري شعر جي سڀ کان پهرين شڪل مسجع نثر ئي هئي. جنهن کي شروع ۾ ڪاهن عبادتگاهن ۾ ڳائڻ لڳا. ۽ اهڙيءَ طرح عربي شاعريءَ جي پيڙهه وڌائون.

        يوناني ڪاهَنَن وانگر عبراني ۽ سرياني ڪاهَنَ به مسجع ۾ ديوتائن جي ڳڻن ڳائڻ سان گڏ، عوام کي عجب ۾ جهڻ ۽ متاثر ڪرڻ لاءِ پرولين ۾ پنهنجا ڀيد بتائيندا هئا ۽ اها ساري ڪارگذاري مسجع ۾ ئي ٿيندي هئي. ڏيک وري اهڙو ڪندا هئا، جو ڄڻ ته هو الهام جا ڄاڻو هئا ۽ ديوتائن جي وات سان ڪن لڳائي، گويا انهن سان سس پس پيا ڪندا هئا. انهيءَ واسطي گيتن جي ذريعي سندن حضور ۾ رحم جا خواستگار ۽ دعائن جي وسيلي غيبي معلومات ۽ الهامات لاءِ رجوع ٿيندا هئا. پوءِ پنهنجن ديوتائن جا راز مقفيٰ فقرن ۾ (منجهائي) عوام کي ٻڌائيندا هئا. انهيءَ عبارت جو نالو ”مسجع“ رکيائون، ڇاڪاڻ ته ڪبوتر جي آواز (سجع) وانگر انهيءَ ۾ به هڪ قسم جي هم آهنگي ۽ غنايت محسوس ٿيندي هئي.[2]. ”پروفيسر احمد حسن زيات ”تاريخ ادبيات عربيءَ“ (اردو ترجمو) ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته عربي ۽ عبرانين ۾جڏهن ڳائڻ وڄائڻ جو ذوق وڌيو، ته شعر، عبادتگاهن مان نڪري، ميدان ۽ بيابان ۾ آيو.... مسجع ۽ مقفيٰ جي ميل کائڻ سان ”رجز“ جي شڪل بڻجي پيئي.عبرانين ۽ شامين اول اهائي صنف سفر ۾ (حُدي خوانيءَ لاءِ) ڳائڻ شروع ڪئي. رجز جو وزن اُٺ جي ٽور ۽ لوڏ تي ئي مقرر ڪيائون. انهيءَ ڪري رجز جي تقطيع به اُٺ جي پير رکڻ ۽ کڻڻ تي ورڇي ويئي آهي.... مختلف راڳن ۽ سُرن ۾ وزن جي اختلاف سان ته پوءِ ڪئين بحر ۽ پيمانا پئدا ٿيا... هاڻي ته اوهان خود به ڏسي ورتو ته شاعريءَ جو شروعاتي سرچشمو ”ڳائڻ“ آهي! ڪبوتر جي آواز مان سجع ۽ اُٺ جي هلڻيءَ ۽ ان جي گهيچي تان رجز جو جنم وٺڻ به انهيءَ حقيقت کي ثابت ڪن ٿا ته شاعريءَ جو اولين مصدر ”شير“ يعني موسيقي ۽ غنايت آهي[3].

        ”موسيقي“ ((Music جو لفظ، قديم يونانيءَ توڙي يورپ جي ٻين پراڻين ٻولين ۾ هڪ جامع لفظ آهي. جنهن جي معنيٰ ايتري وسيع آهي، جو شاعري، ڳائڻ، وڄائڻ، نچڻ، ناٽڪ ۽ ٻيا جملي اهڙا نَوَ فن (The Nine Musess) آهن، جي سڀ انهيءَ هڪڙي ئي لفظ ”موسيقي“ (Music) ۾ مضمر آهن[4]. دراصل، دنيا جي ڪل قديم قومن ۾ گيت ۽ ڀڄن، سانگ ۽ ناٽڪ، ڪيرت ۽ ڪلا، نچڻ ۽ پنبڻ توڙي قصا ۽ ڪٿا، اهي سڀ اوائلي انسانن جي آٿت لاءِ اول وندر ۽ ورونهه جو بهانو بڻيا، جن مان ايندڙ زماني جي شاعريءَ لاءِ پڻ ميدان مهيا ٿيندو رهيو. اهڙيءَ طرح، ايران جي اوائلي زبان ”زند“ ۾ شاعريءَ لاءِ ”سُرود“ (Surood) لفظ آهي. اهو پڻ بنيادي طرح ڳائڻ جي ئي معنيٰ رکي ٿو. جيڪو رقص و سرود جي علاوه سخن ۽ ترنم جي معنيٰ ۾ به استعمال ٿيو. سنڌ ۾ به مجوسين ۽ آتش پرست ايرانين جي اثر کان ”سَروز يا سَروج“ لفظ عام ٿي ويو آهي، جو ساز- سرود (Instrumental Music) جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. ان کان سواءِ پارس جي پراڻي پهلوي ۽ زند زبانن ۾ خود شاعر کي به ”گوسم“ (Gosam) يعني گائڪ، گوَيو ۽ ڳائڻو چوندا هئا[5]. انهن ڳالهين مان اندازو ٿئي ٿو ته لفظن کي ڳائڻ ڪري، انهن ۾ جيڪا ازخود ترتيب آئي، سا ئي شاعريءَ جي اوائلي ۽ فطري صورت هئي. ايشيا ۽ يورپ جي ٻين قديم تهذيبن وانگر خود انڊو – پاڪستان جي پراڻين ٻولين ۾ به موسيقيءَ لاءِ ”سنگيت“ جو لفظ آهي، انهيءَ جو بنياد يا ڌاتو ”گيت“ آهي، جنهن ۾ ”ٻول“ يا شاعريءَ جو مفهوم سمايل آهي. ”سم“ ان جي اڳياڙي (Prefix) آهي، جنهن جي مراد آهي ”سريلو يا سٺو ڳائڻ“. انهيءَ هڪڙي ئي گفتي ۾ راڳ ۽ ڪويتا ٻَئي گڏوگڏ، هڪ ئي وقت موجود آهن. اهي سڀ ڳالهيون موسيقي ۽ شاعريءَ جي ساڳئي سرچشمي ۽ هڪڙي ئي بنياد يا اصل جو اعلان ڪري رهيون آهن. مطلب ته شاعريءَ جي شروعات يعني اُن جي آغاز جو نقطو هر طرح سان سُر ۽ سَرواد آهي، جو ئي انساني ڪائنات جو اوائلي آهنگ ۽ آواز آهي. اسان کي سنڌي شاعريءَ جي شروعات به انهيءَ ڪري ”ڳائڻ“ مان ئي ڳولي لهڻي آهي. انهيءَ کان الڳ ٻيو ڪو به اهڙو ڇوُمنتر ڪونهي، جنهن اڄ يڪايڪ شاعريءَ کي وجود ۾ آڻي ڇڏيو هجي. انهيءَ ڪري مٿي ڏَسيل پارپتا، تاريخ مان تلاش ڪري، ان جو منڍ معلوم ڪرڻو آهي. ان جي جنم، نيپاج، ٻالجتيءَ، ۽ جوانيءَ جا سڀ سلسليوار مرحلا انهيءَ اصول مطابق ئي مرتب ٿي سگهندا. اهڙيءَ مراد حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي اول پٺ ورائي، پنهنجي پراڻيءَ تاريخ جي تهه تائين پوري پڙتال ڪرڻي پوندي.

تاريخ جي شروعات: Beginning of History

سنڌ جو پرڳڻو سمنڊ مان پيدا ٿيل چيو ويو آهي. سالن جي ڳاڻيٽي موجب اهو عمل اندازن اڌ ڪروڙ کان ويهه لک سال اڳ ٿيو آهي. ان وقت تائين انسان جو ته اڃا نالو نشان ئي ڪو نه هو، پر ساري جاندار مخلوق ئي منڍ ۾ گنگي هئي، ۽ ابتدائي جهنگلي انسان جو به شايد اهو ئي حاصل هوندو!- ”انسان کي هن فاني جهان ۾ رهندي اٽڪل پنج لک سال ٿيا آهن[6]“. سنڌ ۾ به انسان جو وجود انهيءَ وقت کان ئي پوءِ شمار ڪري سگهجي ٿو. پهريون پهريون (جهنگلي) انساني نسل، جيڪو اول اچي سنڌ ۾ آباد ٿيو. سو ”جنوبي پروٽو- آسٽريلائيڊ“ يعني آسٽريلوي نسل هو. انهيءَ نسل جي ماڻهن ئي پريندي اچي، پراڻي پٿر واري زماني جي شروعات ڪئي. اها ئي سندن ايجاد هئي. جا هو لکن سالن جي نويڪلائيءَ واري ڊگهي عرصي اندر ڪري سگهيا. هي ماڻهو منڍ ۾ حيوانن وانگر ولر ولر ٿي رُلندا هئا ۽ ڪک پن، گاهه ٻوٽا، ڦل ڦول، جيت جناور، مطلب ته جيڪي به هٿ اچي ٿي سگهين، سو کائي پيٽ ڀريندا هئا. نيٺ گذريل لک – سوا سالن کان پنهنجي پيٽ گذر لاءِ پهريون پهريون ڌنڌو، جيڪو هنن اختيار ڪيو، سو شڪار جو شغل هو. پکي پکڻ، ننڍا وڏا پَسون ۽ مڇيون وغيره ماري، انهن جو ڪچو گوشت کائيندا هئا. پوين ويهاري هزار سالن ۾، هي ماڻهو شڪار لاءِ بانس جو ڀالو يا ڏڦو به ڪم آڻڻ سکيا، ۽ ممڪن آهي ته انهن شڪاري ماڻهن ۾ تير ڪمانَ جو تصور پڻ پيدا ٿي چڪو هجي! ڇاڪاڻ ته لکين پيڙهين جي آزمائشن کان پوءِ به ساڳيائي جهنگلي جانور ته نه رهيا هوندا! هي شڪاري شڪار ڪندي، پکين ۽ پَسُن جا آواز پڻ آزمائيندا ۽ آلاپيندا هئا، جي ئي سندن ”اوائلي ٻوليءَ“ جي شاعري، راڳ ۽ ٻيو سڀ ڪجهه هئا. ڀيل، ڪولهي، سنتال وغيره، انهيءَ بڻ مان چيا وڃن ٿا.


[1] تاريخ ادبيات عربي ص 66، پروفيسر احمد حسن ”زيات“ (مصر)، (اردو ترجمو) عبدالرحمان طاهر سورتي. 1961ع.

[2]”تاريخ ادبيات عربي“، ص 64 ۽ 65. پروفيسر احمد حسن زيات (مصر)، اردو ترجمو عبدالرحمان طاهر سورتي. 1961ع

[3]”تاريخ ادبيات عربي“، ص 65 ۽ 66، پروفيسر احمد حسن زيات (مصر)، اردو ترجمو، عبدالرحمان طاهر سورتي. 1961ع 

[4] انسائيڪلو پيڊيا برٽئنيڪا، جلد 16، ص 3 کان 19 تائين، ”موسيقي“

[5] پروفيسر ڊاڪٽر قاضي نبي بخش، صدر شعبه فارسي، سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد کان، زباني ٻڌي قلمبند ڪيل

نوٽ: (پروفيسر محرم خان پنهنجي مقالن ۾ شعري صنف ”گيت“ کي ”ڳيت“ ڪري لکيو آهي. ان لاءِ وٽس مضبوط دليل پڻ هئا، پر هِند سِنڌ جي سنڌي شاعرن ۽ ليکڪن وٽ ”گيت“ لفظ عام واهپي ۾ هئڻ جي ڪري، هتي لفظ ”گيت“ ئي ڏنو ويو آهي. ادارو)

[6] صديقي محمد ادريس، ”واديءَ سندهه کي تهذيب“: محڪمه آثار قديمه پاڪستان، ڪراچي، 1959ع

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org