سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌ سنڌي ٻولي، ۽ سنڌي شاعري

صفحو :3

بهرحال، ناچ ۽ ڇند، عروض ۽ تال جي مقال سان گڏ، سنڌ جي ڪن ٻين ڪُهنن سازن جو به ڪجهه ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي انساني نڙيءَ جا ساٿي رهيا آهن. انهن جا ٻه گروهه آهن: هڪڙا وات جي ڦوڪ سان وڄائڻ جا تند وارا ساز (Wind- instruments) ۽ ٻيا هٿ سان وڄائڻ وارا ساز (Stringed- instruments). جيئن ته پراڻن سازن جي پچار پڻ قديم شاعريءَ جي تاريخي آثارن جي تلاش آهي، انهيءَ ڪري هتي تند واري هڪڙي ساز جو ڪجهه ذڪر ڪري ٿو.

ويڻا: The lyre

        هيءَ ايجاد اصل ۾ انهن اوائلي ’آسٽريلوي‘ انسانن جي آهي، جن اول اول سنڌ ۾ اچي سُڃا پيل پٽ وسايا. مٿي اُنهن لاءِ اڳي ئي اچي چڪو آهي، ته هي جهنگلي ماڻهو اول حيواني زندگي بسر ڪندا هئا. ۽ لکين سالن تائين ته رڳو گاهه ٻوٽا، ڦل ڦول ۽ ٻيو سڄو جهنگل ڀيليندا وتندا هئا. پوءِ ڏڪار ۽ اڻاٺ ڪري، جي انهيءَ مان به پورت نه پئي، ته سنها ٿلها ساهوارا به جهلي، انهن کي ڪچو ئي کائڻ چالو ڪيائون. هنن گوشت خور شڪارين کي، ٽاهڙ پَسون ۽ پکي پکڻ، جيئرا جهلڻ لاءِ ڏکيائي ڏسڻ ۾ آئي، ته انهن کي ڏوران ئي ڏجهڻ ۽ چُٽڻ لاءِ چِت مَن سوچڻ لڳا. آخر هنن قوس ڪمانن جي ڪمي محسوس ڪئي. انهيءَ زماني جي ضرورت به سڀني ايجادن جي پڙ ناني هئي ۽ وري ٻه- پيرو انسان به ته خدا جو نائب بڻجي رهيو هو. تنهن نيٺ هڻي وڃي هنڌ ڪيو. آخر اڄ کان اٽڪل ويهارو هزار سال اڳ، وڻ جي ڪنهن آليءَ لڙهيءَ کي رسو  ٻڌي، شڪارين پهرين ڪمان جو اوائلي ۽ تجرباتي نمونو پيدا ڪيو. دنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن ۾ ته شڪار لاءِ ڪمان جي قدامت هڪ لک سالن تائين به مڃي وئي آهي. جا انساني قد کان به گهڻو ڊگهي هئي. پر هتي فقط سنڌ جي ڳالهه ڪرڻي آهي. قديم سنڌيءَ، سَرَ جي ڪاني کي چوٽيءَ تي چنهبيارو ڪنڊو هڻي، ڪانيءَ کي ڪانُ بڻائي ڇڏيو. اهو ڪم ته سٺو ٿيو، پر اهڙي قديم ڪال ۽ اوائلي عهد ۾ واڻ جي واڍ آئي ڪٿان، جنهن سان بانس جي ڇڙهيءَ کي ورائي سوگهو ڪري ٻڌائون؟ هن ڏس ۾، مُنيِءَ ڪاتياينه جي کوجنا، مڃڻ وٽان آهي. چي،

”اڳيان آهيڙي ۽ پارڌي (شڪاري) پنهنجي ڪماڻ جي رسي يا نوڙي، ڊَڀَ ۽ مُڃ جي گاهه مان ’واڻ‘ وانگر وٽي، پڪي ڪري، ڪمان تي چاڙهيندا هئا[1].“

 واڻ جي انهن ساڳين نوڙين مان پوءِ جا گاڏڙ قبيلا شايد ست هزار ق. م. ڌاري شڪار جون پنجوڙون اُوڻيندا هئا، يا مڇيءَ ڦاسائڻ لاءِ ڄاريون واڻيائون. تنهنڪري انهن نوڙين کي ’واڻ‘ چوندا هئا. ڪنهن ٻئي سبب ڪري ’واڻ‘ لفظ ٺهيو، انهيءَ جي پچار پوءِ ڪبي. اها ’واڻ‘ جي نوڙي آهيڙين جي ڪماڻ لاءِ جٽادار ثابت نه ٿي، تنهنڪري گهڻو پوءِ انهن شڪار ڪيل جانورن جي آنڊن مان ڏور وٽي ڪمان تي چاڙهي[2]. انهن آنڊن جي ڏور کي (ايراني اثر ڪري) پوئين زماني ۾ ’زههَ‘ يا ‘زِههُ‘ ڪوٺيو ويو. پر ’واڻ‘ لفظ پوءِ به پنهنجي جاءِ تي جيئرو ئي رهيو! انهيءَ ’واڻ‘ لفظ تان ئي (ڪماڻ) ڪمان تي ’ٻاڻ‘ (ٻان) نالو پيو[3].

                ’ٻان‘ مان ڪانُ ڇٽڻ وقت، ان جي ڏور يا نوڙيءَ کي پوريءَ طاقت سان جا ’تڻڪ‘ (Dhanush Tankara) اچي ٿي، ان جي ردعمل ۾ زهه يا ڏور هڪ زوردار ۽ گنڀير قسم جي گونج (Air Wave) پيدا ڪري ٿي، جا چوڌاري پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. درويش راضي فقير انهيءَ ڪري چوندو هو ته: ”مون کي پنجوڙ، ڦَندي ۽ ڪوڙڪيءَ جو ڪيل شڪار کائيندي شرم ٿو اچي، جو اهو دغا ۽ فريب سان ڦاسايل آهي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ گز ڪماڻ جو شڪار کائڻ درست آهي، ڇاڪاڻ جو ڪمان مان ڪان نڪرندي ئي ’ٻئون‘ چئي پکيءَ کي ڀڄڻ لاءِ خبردار ڪري ٿو. يعني ٻولائي وڙهي ٿو.“ انهيءَ ’ٻئون‘ جهڙي آواز (Sound Wave) ٻڌڻ ۽ ان جي ڪاٿي ڪرڻ کان پوءِ، شڪارين ۽ ’پارڌين‘ پهريائين شڪار جي دوران، انهيءَ مان اول هيءُ ڪم وٺڻ شروع ڪيو: جو ڪنهن ڀيانڪ جهگلي جانور يا ڪنهن خوفناڪ ۽ خونخوار درندي جي حملي کان بچڻ لاءِ، آڱر سان انهيءَ ڏور کي وڄائي، هڪ ٻئي کي فوري خطري کان خبردار ڪندا هئا[4]. گويا هيءَ سندن مخفي سخن گوئي (Code-Word) هئي. ٻاڻ جو ٻُرندڙ آواز (Wave Sound) جو اهڙيءَ طرح انهن جو حالائي بڻيو ۽ سڄڻ ثابت ٿيو، ته سندن ڪَن کي هونءَ به سيبائڻ لڳو. واندڪائيءَ ۾ به وڄائي ان جو حظ حاصل ڪرڻ لڳا ۽ رات جي رهاڻ ۾ به ان سان آواز ملائڻ لڳا. انهيءَ جو آواز گهري ۽ گنڀير هئڻ ڪري، پهريائين فقط انهن کي ’آس‘ (Drone) جو ڪم ڏيندو هو. ڀائنجي ٿو ته هاڻوڪي سرگم جي ستن سرن ۾ هيٺئين ۾ هيٺيون آواز يا پهريون سُر ’س‘ (سَدَجَ)، جنهن جي سوامي شنڪر آنند جي چوڻ موجب معنيٰ آهي هيٺ ’پٽ تي پيل‘، سو اول انهيءَ گهري ۽ گنڀير آواز تي مقرر ٿيو[5]. انهيءَ ’ٻاڻ‘ يا ’واڻ‘ کي ئي پوءِ ’اِڪتانتري واڻا‘ يا ’اڪتاره ويڻا‘ (يعني يڪتارو) چيو ويو. جيڪو دنيا جي سڀني ڪُهنين قومن جو قديم ترين ساز آهي. آواز کي وڌيڪ گونجائڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جدا جدا قسم جو کوکو (Frame) ان سان شامل ڪيو ويو ۽ بتدريج تندن جو تعداد به وڌايو ويو. هينري بئلفور (Henry Balfour) ’موسيقاڻي ڪماڻ جي ارتقائي تاريخ‘ (1899ع) ۾، انهيءَ ڳالهه کي واضح ڪري ٻڌايو آهي ته شڪارين جي ڪمان ئي اصل ۾ سڀني تند وارن واڄن جي پيدا ٿيڻ جو سبب ۽ وسيلو بڻي آهي[6].“ جنهن مان پوءِ ستار، سرندا، رباب ۽ تنبورا وغيره بنايا ويا. موئن جي دڙي واري تصويري خط ۾ به چنگ ۽ هارپ مهرن تي نقش ٿيل مليا آهن[7].

                ”مصر ۾ 4000 ق. م. جو مصري ساز ’بو هارپ‘ (Bow Harp) معلوم ڪيو ويو آهي، جو هندستان ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن جي ’ويڻا‘ (وينا) سان مشابهه آهي[8].“ سنڌو ماٿر ۾ پڻ چار هزار سال اڳ جي ’وينا‘ (بينا) سان گڏ هارپ ۽ ٻيا ساز – بانسريون، کڙتال، جهانجهه ۽ مرڌنگ – مليا آهن. پروفيسر اسٽوئرٽ پگٽ انهيءِ ’بينا‘ (بين) جي تارن جو تعداد ’ستن‘ تائين چئي چڪو آهي[9]. پر هندن جا ويد جيڪي عيسوي سن کان فقط هڪ هزار کن سال اڳ لکجڻ لڳا، تن ۾ بين يا بينا جو ذڪر ئي ڪونهي! ساڳئي زماني جي لڳ ڀڳ، يونان ۾ ساڳئي ساز جو پتو هومر (900 ق. م.) وٽان ملي ٿو[10]. مشهور جرمن انڊولاجسٽ مئڪس مولر حيرت جو اظاهر ڪندي چيو آهي ته: بينا (وينا) لاءِ ڪا به اهڙي سندَ ويدن مان ڪانه ٿي ملي، جنهن جي معنيٰ ”لاير“ ٿي سگهي. رگ ويد ۾ به وينا (ويڻا) جي بدران ’واڻ‘ لفظ ملي ٿو[11]. ساڳيو ’واڻ‘ لفظ پهلويءَ ۾ به آيل آهي، جنهن پوءِ سُمير ۽ ميسوپوٽيميا جي ٻوليءَ ۾ وري ’بان‘ جي شڪل ورتي[12]. مئڪس مولر انهيءَ ’واڻ‘ لفظ جو ترجمو (Voice) ’انساني آواز‘ ڪيو آهي. مُني پاڻيني به ساڳئي ’واڻ‘ جي معنيٰ سُر ۽ آوازي گونج (Musical Tone) ٻَئي ٻڌائي ٿو[13]. انهن ڳالهين مان ڪجهه ائين پيو لڳي ته ’واڻ ۽ ٻاڻ‘، جي ڪماڻ جا اصلي نالا آهن، انهن تان ئي سندن سخن گوئيءَ جا صفائي نالا ’واڻي يا ٻاڻي‘ ٻَئي ٺهيا هوندا ۽ انهن جون معنائون به ڳائڻ توڙي ڳالهائڻ ٻَئي مقرر ٿيون. انهن ٻنهي لفظن جي مترادف ۽ ساڳين معنائن وارو ٻيو به هڪڙو لفظ، جيڪو اسان وٽ اصل کان ئي ’واڻيءَ‘ جي بجاءِ استعمال ٿيندو آهي سو ’وائي‘ آهي. انهيءَ جو به ’واڻيءَ‘ سان بنيادي واسطو آهي. مٿي جيڪي پنڊت پاڻينيءَ ۽ مئڪس مولر جا گفتا (’انساني آواز، آوازي گونج ۽ سُر‘ وغيره) ڏنا ويا آهن، تن مڙني جي معنيٰ به ساڳي ۽ حقيقت ۾ هڪڙي ئي آهي. جا مٿي اڳي ئي منڍ ۾ ڄاڻائي ويئي آهي. (آواز = ناد= Air) ۽ سُر= پاڻهي پئدا ٿيل (’پِران وايو‘ = The Air) انهيءَ موجب سڀني لفظن جو منڍ يا اصل (ڌاتو) وري به وڃي ’واء‘ (پران = Air) بيٺو، جنهن مان شايد ’وائي‘ لفظ ٺهيو. هن کان اڳ ۾ سنڌ جي اوائلي جهنگلي ماڻهن جا گيت يا ڳِيا بيان ڪيا ويا آهن. انهن لاءِ به ’واء‘ (Air) نالو ڪم ايندو هو، جيئن مٿي اچي چڪو آهي. غالباً انهيءَ ’وا‘ مان ئي جمع ’وايون‘ (شاهه جي رسالي واريون) آهن، جن جي به لفظي منعيٰ آهي ’غنائي گفتار‘ (خالي ’گفتار‘ به، سُر ۽ سرود به، ۽ شاعري يا الهام به.) ڀٽ ڌڻيءَ انهن واين (Airs) جي غنائي ترتيب ’تنبوري‘ جي تارن تي ڪيئن ڪئي، يا ڪهڙين تندن ۽ ڪيترن سرن تي واين جو سرود سموهيو ۽ سينگاريو آهي، اهڙي بحث جو افسوس ته اڃا هيءُ موقعو نه آهي. اهڙيون ڳالهيون هن مضمون جي مدنظر ڄڻ ته اڄوڪيون ڳالهيون آهن. هتي ڪنهن تمام ڪُهنيءَ ’ڪالهه‘ جي قديم ساز سان بحث آهي. پر، هتي سازن جي قدامت تي زور ڏيڻ مان به ڳائڻ ۽ گيت جي رڳو قدامت ثابت ڪرڻ جو مقصد نه آهي. ڳيچ جي قدامت ته هونئن به مڃيل آهي. هتي مڃڻو هن ڳالهه کي آهي ته اڄ کان هزارين سال اڳ، جيڪي سگهڙ ساز کي آواز ۾ سميٽي چڪا هئا ۽ آواز کي ساز ۾ سموهي چڪا هئا، ۽ جيڪي سٻوجهه سر ۽ تار کي هڪ ٻئي جي باهمي رابطي ۾ جڪڙي چڪا هئا، ناچ کي تار جي تابع ڪري چڪا هئا، ۽ اهي سڄاڻ، جيڪي آرين جي اچڻ کان به اڳ ٻوليءَ جي مجموعي آوازن کي تحرير جي ضابطي هيٺ آڻي چڪا هئا، سي ضرور ڪي ته ڪليون ۽ تڪون، محاورا ۽ ٻول مرتب ڪرڻ ۾ به ماهر هوندا! جڏهن شام جي يهودين ۽ عبرانين وٽ ڏيڍ هزار سال (1450 ق.م) حضرت موسيٰ جو مڪمل تورات موجود هو، ته سنڌ ۾ انفرادي جملن واريون دعائون به ته هونديون! جيتوڻيڪ انهن جا هوبهو اصلي لفظ هن وقت ملڻ ناممڪن آهن، پر ڳائڻ وڄائڻ جا هي جيئرا جاڳندا ثبوت، اُنهيءَ جڳ جي شاعريءَ جا اکئين ڏٺا شاهد آهن. هن مقالي جو اصل ۾ ته واسطو ئي شروعاتي ’شاعريءَ‘ سان آهي، ڳائڻ وڄائڻ کي ته هڪ وسيلو ۽ بهانو بڻائي، انهيءَ جي رهبريءَ هيٺ ڪويتا جا ڪُهنا ڀِڙا ۽ کنڊر کوٽيا ويا آهن. ٻيءَ ڪنهن به طرح سان اسان وٽ آرين کان اڳ وارين قومن (Tribes) ۽ جاتين جي ادبي تاريخ ته موجود آهي ئي ڪانه!

ڌار ڌار جاتي ڳيا: The Different Tribal Tunes

                مٿي اڳي ئي ڊاڪٽر سُڪس جو حوالو ڏنو ويو آهي ته منڍ ۾ هر هڪ جاتيءَ يا قبيلي جا ڳِيا ۽ ٻول پنهنجي پنهنجي نموني سان ڳائبا هئا. انهن جي نوعيت جيتوڻيڪ ٻين سڀني جاتين کان علحدي نموني جي هوندي هئي. پر ساڳئي گفتي يا ٻول (Phrase song) ۾ خاص طرح ۽ ساڳيءَ جاتيءَ جي مڙني جهونگارن (Tribal Airs) ۾ عام طرح ’ڳائڻ‘ جي شڪل ساڳي هوندي هئي. هتي لفظ ’جاتي‘، جيئن ظاهر آهي، اصل ۾ انهن ڀاڳين ۽ مالوند قبيلن يا پوءِ زراعتي دؤر ۾ ساڻن گڏ وچڙ ٿيل ٻين کيتي ڪندڙ هارين ۽ مالدارن جي جدا جدا ذاتين (Clans) واسطي ڪتب آيو آهي. انهن مان اٺن – ڏهن ذاتين جا نالا اڳي ئي مٿي ڄاڻايا ويا آهن، ۽ ٻيا نالا هيٺ به ايندا، پر انهن جو پورو تعداد معلوم نه آهي. جدا جدا شاسترن ۾ جاتي گيتن جو تعداد ارڙهن تائين به آيو آهي، اهو غير آريائي قبيلن جو تعداد سمجهڻ گهرجي. ايندڙ زماني جي اجنبي آرين ساڳيو لفظ قديم قبائلي گيتن ۽ پراڻن ٻولن جي گڏيل نالي وانگر پڻ ڪتب آندو آهي. اهو ٻٽيءَ معنيٰ وارو منجهائيندڙ لفظ، پوءِ جي سنسڪرت ساهت ۽ سنگيت ۾ به ٻنهي معنائن ۾ ڪم ايندو رهيو. انهيءَ طرح انڊو- پاڪستان جي ’شروعاتي شاعريءَ‘ ۾ اسان کي پراڻي ۾ پراڻيءَ جنهن شاعراڻي صنف جو نالو معلوم ٿي سگهيو آهي، سو به اهو ئي ’جاتي‘ لفظ آهي. اهي ’جاتي ڳيا‘ آرين جي اچڻ کان گهڻو اڳ، ست هزار ق.م. ڌاري، چراگاهي دؤر کان ئي چالو ٿيا هوندا، جيڪي زراعتي زمانو به گذاري ۽ عبور ڪري، آريائي آمد تائين باقي رهيا. ”جاتي ’ڳيو‘ ڪو اڄوڪيءَ معنيٰ وارو ’گيت‘ ڪو نه هو، پر ان جو خالي هڪڙو ابتدائي خاڪو يا بنياد هو. پوءِ جڏهن اهو ڪثرت سان ڳائجڻ ۾ آيو، تڏهن ان ۾ گهڻيون ئي ڦيريون گهيريون آيون ۽ ان کي وڌيڪ سڌاريو ويو[14].“ آرين انهن ڳِين کي جيئن به مقامي ماڻهن واتان ورتائيندو ٻڌو، يا جيئن به انهن جي سمجهه ۾ آيو، يا نه آيو، انهي سارو انهن جا اهڃاڻ مُنجهائي سلجهائي، بطور قديم آثارن جي، هو پوين لاءِ ڇڏي ويا. جاتي ڳين لاءِ جيڪي سمجهاڻيون پوءِ جي پستڪن ۾ ٽڙيون پکڙيون پيون آهن، انهن جا ڪي ٿورا ٽڪر هتي ڏجن ٿا:-


([1]) Historical Development of Indian Music: p. 360 & 371.

([2]) Ibid. p. 355.

)[3]( Litrary History of Ancient India. P.72. C. Chakarvarti Culcutta.6.

([4]( Historical Development of Indian Music: p. 358

)[5]( Prof: O. gosvami: “The Story of Indian Music”. P.7.

([6])Historical Development of Indian Music: p.365

([7]) صديقي محمد ادريس ”واديء سندهه کي تهذيب“: ص 155، محڪمه آثار قديمه پاڪستان.

)[8]( Historical Development of Indian Music: p.357.

([9]) Prof: Stuart Piggot: “Pre- historic India” p. 270, 271.

([10]) Ibid, p.359.

([11]) Ibid, p.356.

([12]) Ibid, p.362.

([13]) Ibid, p.361,362.

([14])Prof: O. gosvami: “The Story of Indian Music”. P.52.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org