سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌ سنڌي ٻولي، ۽ سنڌي شاعري

صفحو :6

        هيءَ به عجيب ۽ حيرت انگيز حقيقت آهي ته سومرن جو اسلام سان عقيدت ۽ صداقت جو عين اهو زمانو آهي، جيڪو سندن ڪمال عروج وارو زمانو پڻ آهي. سندن سلطنت جي وسعت ۽ عظمت جو اندازو ڪجهه ته ذڪر ڪيل حدود اربع مان ٿي چڪو هوندو ۽ ڪجهه ايندڙ احوال مان به ثابت ٿيندو. اتر ۾ ديرو غازي خان، ملتان، اُچ، پٽن، سبي، اروڙ، سيوهڻ، بکر وغيره ۽ اڀرندي ڏي راجسٿان، لوڌيرو (لڊاڻو)، جيسلمير، ڍٽ، پونڳل، بيڪانير، ٿر، برهمڻ آباد ۽ عمرڪوٽ وغيره. ڏکڻ ڏي گجرات، مالواه، ڪاٺياواڙ، ڪڇ، سورت، وڳهه ڪوٽ ۽ روپاه ماڙي وغيره، ۽ الهندي ڏي ڪڇ، مڪران، لسٻيلو، قلات، جهالاوان، ڪاڇي ۽ اتر اڀرندي بلوچستان سبيءَ کان ڦري ديري غازي خان تائين، جيئن هيٺ ڏنل احوال مان به ثابت ٿيندو، ايترا پرڳڻا ۽ انهن جا ايترا تختگاهه معلوم ڪرڻ کان پوءِ، ممڪن نٿو لڳي ته ڪو هڪڙو ئي بادشاهه ساڳئي وقت ايڏي ساري سلطنت سنڀالي سگهيو هوندو، جيڪا ڏکڻ پنجاب کان وٺي، هيٺ سمنڊ تائين ۽ مشرقي بلوچستان جي روهه کان وٺي اڀرندي رڻ ۾ ڪنهن نامعلوم رڃ جي حدن تائين پکڙيل هئي. ٿي سگهي ٿو ته جدا جدا وقتن تي مختلف بادشاهن ڪي پاسا والاريا ۽ خالي ڪيا هجن، يا ساڳئي وقت هڪ کان گهڻا سومرا بادشاهه هڪٻئي جا دنگئي يا پاڙيسري هجن. پر ائبٽ صاحبَ، تاريخ طاهري، چچنامي، تحفته الڪرام ۽ منتخب تواريخ وغيره کان علاوه گجراتي تاريخن جي خوب ورق گرداني ڪئي آهي ۽ ثابت ڪري ڏيکاريو اٿس ته ڪو زمانو ڪڇ، ڪاٺياواڙ، گجرات، ۽ سورت تي جيڪي راجپوت حڪمران هئا، سا سومرن جي قوم هئي، مُنگڀينءَ واري قصي ۾ ڀيم درويش جي بيگناهه قتل ٿيڻ واري واقعي مان به پڌري پٽ ثابت ڪيو اٿس ته ان وقت ڪڇ، گجرات، سورت ۽ ڪاٺياواڙ تي اهڙو هڪ زبردست سومرو حاڪم راڄ ڪندو هو، جنهن جي مڃتا ڪيچ مڪران کان يوندي، بکر ۽ ملتان تائين هوندي هئي[1]. ازان سواءِ قلات ڏي ڪڇي ۽ جهالاوان به سندن ماتحت هئا[2]. مطلب ته ريگستان جي علائقي کان وٺي بلوچستان جي ڪيچ ۽ مڪران، ڪاڇي ۽ جهالاوان تائين سومرن جي حڪومت پکڙيل هئي[3].

                ايڏي وسيع ۽ عظيم سلطنت ڪيئن ۽ ڪڏهن ختم ٿي؟ ان جو ٿلهي ليکي جواب، ته اُها 1350ع ۾ سمن جي هٿان ختم ٿي. هيءُ ڄام انڙ جي هٿان دهلي سلطنت پاران مقرر ڪيل سيوهڻ جي عملدار ملڪ رتن جي 1333ع ۾ مارجڻ جو واقعو آهي. جڏهن ڄام انڙ درياهه جي الهندي، ٺٽي ۽ دادو ضلعن ۾ سمن جي طاقت جو بنياد رکيو. هي ڪو سومرن جي خاتمي جو قطعي واقعو نه آهي. هن واقعي کان پوءِ سومرن پنهنجيءَ حڪومت جو فقط ڪجهه حصو ئي ڇڏيو آهي. هن کان پوءِ به هڪ- ٻه صديون سومرن جي حڪومت اڀرندي سنڌ ۽ راجسٿان ۾ باقاعدي هلندي رهي آهي. سومرا حڪومت جو پهريون دؤر ڄام انڙ جي سوڀ کان ڪجهه اڳڀرو پورو ٿيو هو، جڏهن هنن الهندي لاڙ واري مرڪز کي ڇڏي ڏنو ۽ سمن کي اُسرڻ جو موقعو مليو. هن کان پوءِ سومرن ۽ سمن جون ٻه متوازي حڪومتون الهندي ۽ اڀرندي سنڌ تي گڏوگڏ هلنديون رهيون آهن. ( سومرن جي ڀيٽ ۾ سما حڪومت فقط صدي- ڏيڍ صدي هلي آهي، سا به اولهه- ڏکڻ سنڌ تي). سومرن جا تختگاهه هميشه ڦرندا ئي رهيا آهن. محمد طور سومري (1256- 1071ع)[4] جي وسايل شهر ”محمد طور“ کي ڇڏي، هُنن وري ٻيو ڀيرو عمر ڪوٽ گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو. سومرا حڪومت جو هيءُ ٻيو دؤر 1355ع کان شمار ٿئي ٿو. عمر- مارئي، ليلان- چنيسر، مومل راڻو، نيرل راڻي، عمر ۽ گنگا وغيره جا واقعا به هن ٻئي دؤر ۾ ٿي گذريا آهن. عمر سومري (1355- 1390ع) کان پوءِ ڀونگر ٽئين، ڏهه سال عمر ڪوٽ تي حڪومت ڪئي ۽ 1400ع ۾ وفات ڪيائين. پوءِ همير (راڻي مينڌري جو ڀيڻويو) تخت تي ويٺو، جنهن کان همير سوڍي (1439- 1440ع) ۾ عمر ڪوٽ هٿ ڪيو[5]. هيءُ واقعو ڄام انڙ کان هڪ صدي پوءِ جو آهي ۽ اهڙي صدي کن پوءِ به سومرا حڪومت تاريخن مان ثابت ٿئي ٿي. گجرات جي حاڪم محمود شاهه بيگڙي سومرن جي مذهبي روش کان خفا ٿي ساڻن ٿر ۽ ڍٽ ۾ لڙايون ڪيون، جيئن مٿي بيان ٿي چڪو آهي. هيءُ سن 1471ع جو واقعو آهي. ان کان ڏهه ويهه سال پوءِ، معروف نالي بکر جي قاضيءَ (جو سومرن جي حڪومت ۾ هو) ڄام سنجر وٽ شڪايت ڪئي ته ’سومرن مون کي گذران لاءِ معقول وظيفو نه ڏنو آهي، تنگدستيءَ سبب ڌرين کان بخشش وٺڻي پوي ٿي.‘ ڄام سنجر جو زمانو 1484- 1490ع تائين آهي.[6] تنهن کان پوءِ جا به ڪي سومرا حاڪم پنهنجن مرڪزن ۾ قلعن جي مرامت ڪرائيندا معلوم ٿين ٿا. بيڪانير، بهاولپور سرحد وٽ، هاڪڙي جي ڪناري تي، مروٽ جو قلعو به سومرن جو مرڪز هو. ان جي مرمت سومري حاڪم سنبت 1548ع بڪرمي (1491) ۾ ڪرائي آهي. انهيءَ سال جو هندي ڪتبو قلعي جي دورازي تي لڳل آهي[7]. سورهين صديءَ جي اوائل ۾ به محمد نالي سومرن جو ناليرو سردار هو، جو مصر ۽ شام تائين مشهور هو. انهيءَ محمد سومري وٽ، مصري امام جو داعي، شام کان پڇائيندو پڇائيندو اچي سنڌ ۾ پهتو هو. پر محمد سومري کيس پير ئي نه کوڙڻ ڏنا[8]. مٿين حوالن مان ثابت آهي ته سنڌ ۾ سومرن جو زور پندرهين صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين، بلڪ سورهين صديءَ جي شروع تائين باقي رهيو آهي. عام معلومات وارو سال 1350ع سومرن جي خاتمي جو نه، پر سندن انتهائي عروج وارو زمانو آهي. سنڌ جي تاريخ ۾ سومرا دراصل هڪ اهڙي پراسرار قوم آهي، جن جي حڪومت، زماني جي ڪنهن خفيف نشان وٽان شروع ٿئي ٿي، سندن عروج ۽ ڪمال جي ڌاڪ شام ۽ مصر تائين وڃي ٿي، ۽ ستن- اٺن صدين جي ڊگهي حڪومت ڪرڻ کان پوءِ وري به سندن ستارو وقت جي ڪنهن اڻلکي نقطي ۾ غروب ٿي وڃي ٿو. هن هيٺ، انهن اٺن صدين (اٺين صديءَ جي شروعات کان پندرهين صديءَ جي خاتمي تائين) جي ڊگهي عرصي جي بنيادي ۽ تعميري دؤر تي ”قديم سنڌي شاعريءَ“ جو جائزو پيش ڪجي ٿو.

                مٿي سومرن جي زماني کان اڳي واريءَ اوائلي اپڀرنش ٻوليءَ جي هڪ جهوني ڳاهه (گاٿا) مثال طور پيش ڪئي ويئي آهي، ”لجي جيئن ته وئڻ سئن،،،، انت“، جنهن جو ٿلهي ليکي ڪجهه مطلب ته سمجهه ۾ اچي به ٿو ۽ ڪجهه نه به، پر ان جي ٻوليءَ ۽ اڄوڪي زماني جي ٻوليءَ ۾ فرق آهي. موجوده ’زماني‘ جي ٻوليءَ جو مثال هي آهي:

ڀڳو آءٌ نه چئان، جهُ ماريو ته وسهان،

ته پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾.[9]

                انهيءَ ’زماني‘ جي فرق کي ئي لسانيات جا ماهر ٻوليءَ جي ’تاريخي ارتقا‘ سڏين ٿا. ٻوليءَ جو اهو ’زماني فرق‘ ئي آهي، جنهن تاريخي ورڇ موجب قديم ٻوليءَ کي اپڀرنش جي دفعي ۾ شمار ڪيو ويو آهي. اپڀرنش جو زمانو جدا جدا ماهرن، لڳ ڀڳ عيسوي سن کان ٻه- ٽي صديون پوءِ مقرر ڪيو آهي. انهيءَ زماني کان ڪجهه پوءِ جي هن قديم سنڌي گيت (ڳيچ)[10] جي ٻولي به ملاحظه فرمايو:

چُنڙيءَ وارو، چيرڙي وارو، لوڏ ڳاهيلو ڙي!

سانول ٻائي، ڍوليو پالر جهلي، راڻو منڌ سين کلي.

ٻاجهٽ پايون ٻنڀ تي ڙي.[11]

                هيءَ ڳيچ (ڳاچ) اڄ به سنڌ ۾ مروج آهي ۽ شادين مرادين ۾ عام طرح ڳايو پيو وڃي. پر اڄوڪي زماني جي عام استعمال واريءَ زبان مان مٿين جهوني ٻولي خارج ٿي چڪي آهي.

                مٿئين ڳيچ (راڳ) جهڙا ٻيا به ڪئين ڪُهنا مثال موجود آهن، جن مان ئي جهوني سنڌي ٻوليءَ جا آثار ملي سگهن ٿا. هي رسمي ۽ روايتي راڳ (ڳائڻ) ئي (Traditional Singing) آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ توڙي سنڌي شاعريءَ جو پراڻي ۾ پراڻو نمونو پيش ڪري سگهن ٿا. يعني سنڌي شاعريءَ جو به اوائلي ۽ ابتدائي نمونو اهي ئي لاڏا (سهرا) آهن. انهيءَ ڳائڻ (ڳانچ) کان وڌيڪ جهوني جنس ٻي ڪا به سنڌي شاعريءَ ۾ باقي نه رهي آهي. ڪن قديم ڳيچن ۾ ته سنڌ جي اوائلي بدويانه ۽ جهنگلي زندگيءَ جا يادگار به موجود آهن. جڏهين اڄ وانگي شهري چلامان ڪو نه هو. عام ماڻهو مارو ۽ مالوند هئا ۽ جوُءِ جي سانگي سان، نت نئين ويڙهه وسائيندا هئا. ان ويڙهه ۾ ئي ويڙهيچن جا وهانءَ واڌاڻا ٿيندا هئا، جتي سندن وقتي ديرو بسيرو هوندو هو. ’ويڙهه‘ لفظ گهڻن ئي ڳيِنَ ۾، ويڙهي، واهڻ يا وسينءَ جي معنيٰ سان عام طرح اچي ٿو.: ”ونهيل تنهنجيءَ ويڙهه ۾ آيا ڀائر مڙي“، جديد سهرن ۾ وري هيءُ ”حاڪم بنرا، تنهنجي محلي آيا مهمان“ جي برابر آهي. اهڙا ڳانچ سنڌ جي آڳاٽي قبائلي تهذيب ۾ خانه بدوشيءَ واري دؤر جو يادگار آهن. ڳِينَ جي قديم ترين هجڻ ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش نه آهي. سندن سادي سٽاءَ ۽ مضمون جي اندروني ڪيفيت ئي ڳيچن جي قديم هجڻ جي چٽي پڌري ثابتي آهي. ڳيچن جي گهري مطالعي مان به معلوم ٿئي ٿو ته قديم زماني جون مذهبي ۽ معاشرتي حالتون، سماجي لاڙا، ذهني ڪيفيتون ۽ نفسياتي رجحان، عقيدا ۽ عادتون، رسمون ۽ رواج، وهم ۽ وسوسا، ڀرم ۽ سنسا ۽ انهيءَ قسم جا ٻيا ڪئين ڪهنا تاريخي يادگار ۽ قديم آثار گيتن جي مضمونن ۾ محفوظ آهن. اڄڪلهه رواجي طرح شادين مرادين ۾ اهي گيت محض وڏن جي پر ۽ ابن ڏاڏن جي پيرويءَ (Tradition) ۾ يا رسمي طرح خوشيءَ ۽ وندر خاطر ڳايا وڃن ٿا. پر اڳئين جُڳ ۾ اهي هڪ قسم جا بامعنيٰ ۽ بامقصد منتر جنتر، دعائون ۽ ڦيڻا يا منڊ ۽ ڪامڻ مڃيا ويندا هئا. ’ڪامڻ‘ لفظ ته اڄ به انهيءَ ساڳي معنيٰ سان ئي، ساٺ- ڳين جو خاص نالو آهي.

ڪامڻ ٻولان ٻول لڳي، ڪامڻ زوران زور لڳي،

رتڙيءَ مينديءَ وانگر لڳي، چوُلي چندن وانگ لڳي.[12]

        وهانءُ ۾ سوڻ ساٺ، ٽوڻا ٽيڪڙ، سڳا ڌاڳا ۽ واس ڌوپ اهي سڀ لازمي عملي يا ضروري ’پرڀ‘ مڃيا ويندا هئا.

ويهي ڏيوس لانئون، هيءُ ’پِرڀ‘ سڳورو،

ويهي ڏيوس لانئون، ڙي، نکٽ سدورو.[13]

                هي سڀ قديم زماني جي ٻالن ڀولن انسانن جا حيلا وسيلا، هنر ۽ حرفتون آهن، جن مان ڪي اڄ تائين ’مائٽاڻي پر‘ جي نالي سان باقي آهن. انهن مان گهڻا ساٺ سَوڻ جيتوڻيڪ هاڻي رواج ۾ نه آهن، ته به انهن جون يادگيريون ۽ ثابتيون اڄ به سنڌي گيتن ۾ محفوظ ۽ جيئريون جاڳنديون موجود آهن. ’لاڏل ڪر کهنبڙو ويس، ٻڌ کهنڀڙي پاڳ‘. اڄڪلهه گهوٽ زنانا (ڳاڙها) ڪپڙا پائي ۽ کهنبو مٿي سان ٻڌي، ته اسان کي اها جيڪر ڏاڍي عجيب ڳالهه لڳي، پر انهيءَ وقت ۾ اها وڏي فخر ۽ شان واري پر هئي. اڄ به اڪثر سماٽ قبيلن ۾، لانئن مهل گهوٽ کي کهنبو يا ريٽو ڍڪائي، مٿان موڙ ٻڌايا ويندا آهن. پپر- پوڄا جو پِرڀ، هند- سنڌ جي تمام جهوني ۾ جهوني چلت آهي، جيتوڻيڪ، اڄڪلهه خود هندستان ۾ به انهيءَ کي ڪا اهميت نه رهي آهي، ليڪن پراڻن سنڌي گيتن ۾ هيءَ ”ڪَلِي“ (ڳيچ جي مصرع) وري وري ڳائبي آهي ته:

پپر تنهنجا پن، پپر تنهنجا پن،

آءٌ سڀئي مڙهايان سون ۾......[14]

                اهڙيءَ طرح قديم عقيدو ته ڪي پکي جهڙوڪ: ڪانءُ، ڪٻر طوطو، تتر ۽ مئنا وغيره سڀاڳا يا نڀاڳا آهن ۽ اهي پنهنجيءَ پر ۾ ڪنهن نحس ساعت يا شُڀ سوڻ جي ڏانهي ڏين ٿا وغيره. اهڙين ڪسابن جا ڪهنا وهم ۽ وسوسا به ڳيچن ۾ موجود آهن. ”امڙ! بس ته ڪريو، ڪانگل ڇا ٿو چئي!“

        ٻيو ڳيچ، وراڻي:-

اديون! منهنجو ڪالهونڪر، پوڃاڙيءَ ڪانگ لنوي،

ڪَلِي: ٻن درياهن وچ ۾، تتر تنواري، اديون ڪالهونڪر.

پوڃاڙيءَ ڪانگ لنوي.[15]

                ڳيچ جي وصفن ۾ هيءَ هڪڙي مُک وصف آهي ته هر زماني ۾ ان جو ڪونه ڪو لفظ مٽجي نئون ٿيندو پئي آيو آهي. هاڻوڪن توڙي اڳين ڳيچن جو عام مضمون آهي، گهوٽ توڙي ڪنوارجي ويس وڳن، ڳهڻن زيورن، سندن لڇڻن توڙي سونهن سوڀيا ۽ شاديءَ جي ٻئي سامان ۽ انتظام وغيره جو فخر سان اعلان ڪرڻ، ۽ جنهن نموني سان ٽپڙن ٽاڙين جو بندوبست ڪيو ويو هوندو آهي، ان کي تفصيل سان ڳائي ٻڌائڻ، ۽ گهوٽ ڪنوار کي آسيسون ۽ دعائون ڪرڻ وغيره. ڳيچن جو اهو مک مقصد هوندو آهي، جيئن اڄڪلهه ڳائين ته:

دُهريءَ دير مَ لاءِ، سونارل! دهريءَ دير مَ لاءِ،

هيءَ ويل لاڏي اچڻ جي.........[16]

يا

بينسر گهڙي ڏي، ادا ڙي سونارا،

گهوٽ سوداگر..........[17]

پراڻن ڳيچن ۾ ان جي بجاءِ چئبو هو ته:

”آڻ، آڻ ڪوري! سهاڳڻ چُنڙي.“[18]

                اهي ڳيچ انهيءَ زماني جا اهڃاڻ آهن، جڏهن اڳواٽ سُوٿي ڏيئي، پوءِ مهينن جا مهينا ڪورين وٽ پنڌ ڪبا هئا ۽ مهل سر چُني آڻي ڏيڻ لاءِ کين منٿون ايلاز ڪبا هئا، ڪوريءَ جي ڪاڻ مان مس جندُ ڇٽندي هئي، ته وري ’ٻانڌڻ‘ ٻڌائڻ لاءِ ’ٻانڌاري‘ کي ڳولي گهر وٺي اچبو هو، ڇو ته شاديءَ رات گهوٽ به ٻانڌڻ ڪلهن تي ٽِلائيندو، انهيءَ ڪري ٻانڌاري جي به خوشامد ڪري کيس ماهيا کير پياربا هئا، يا مينهن ڪاهي ڏبي هئي.

ٻانڌڻ ٻڌائيندو، سي ته ٽلائيندو،

ٻانڌارو گهر آيوڙي، مينهڙو کير پياريوس.[19]

                ۽ هي وري اهڙي ڪنهن قديم زماني جا اهڃاڻ آهن، جڏهن جُتي گهڙائي پائڻ به ڪو راجائي ٺاٺ کان گهٽ ڪارنامو نه هو.

”جُتي وارو لاڏو، منهنجو ڀاءُ، ساهرين گهر آيو.“[20]

”مون ته جُتي گهڙائي سيم سان، ڙي لاڏل....“[21]

                انهيءَ قسم جا ڪي ڪوڙئين ڪهنا آثار ڳيچن ۾ ڳالهائي رهيا آهن. خود ڳيچن ڳائڻ جو نمونو به اهڙي ساڳي ڀري رهيو آهي ته هي سنڌي تهذيب جو قديم يادگار آهن. جڏهن شادي وهانءَ جو سعيو ٿيندو آهي ته ٻه- چار ساهيڙيون پاڻ ۾ جوڙي ڪري، ٺهي جُڙي ڳائڻ ويهن، تڏهن ’ٿالهي‘ وڄائينديون آهن ۽ انهيءَ جي ڇرڻاٽ تي ئي مگن ٿيو وڃن، سگهڙپن جي اهڙي وڏي انبوهه ۾ بعضي وڏو ’ٿالهه‘ به ڀير وانگر ٻُرندو آهي.

”وڄن ٿالهه گهڙيال، اچي ڏسو راڻل جا،

وڄن ڀيريون، ڇمڪن ڇيريون، هلي ڏسو.....[22]

                دراصل اهو ’ٿالهه گهڙيال‘ ئي ڳانچ (ڳيچ) جي سنگت لاءِ بنيادي ۽ مڪمل سازينو (Orchestra) آهي. ڍولڪ (دهلڙي) پوءِ جي پيشيور ڳائڻين جي ايجاد آهي، نه ته ’ٿالهي‘ ئي ڳانچ جو شروعاتي ساز آهي. مطلب ته ڳانچ ڪنهن اهڙي پراڻي زماني جو يادگار آهن، جڏهن ٿالهيءَ يا جهانجهه کان سواءِ ٻيو ڪو ساز ئي اڃا ايجاد نه ٿيو هو.

                مٿين ڳيچن جي ٻوليءَ جي اپڀرنش سان قريبي مناسبت: مضمون ۾ منتر، ڪامڻ، پِرڀ ۽ نکٽ، وڻن ۽ پکين جي طلسمي حيثيت، گهوٽ کي زالاڻو ويس ۽ ڪائڻ ۽ ٿالهيون وڄائڻ ۽ ٻيا اهڙا اٻوجهائيءَ واري دؤر جا اهڃاڻ ۽ بدويانه قبائلي زندگيءَ جا آثار، تمام ڪنهن قديم زماني ڏانهن اسان جي تصور کي اڏائي رهيا آهن. پر وري به سوال اٿي ٿو ته آخر ڳيچن جي قدامت ڪڏهن کان ڪٿڻ کپي؟ جيتوڻيڪ ”ڳيا“ لفظ ته پراڻن هندو شاسترن ۾ به ملي ٿو، پر راءِ گهراڻي کان اڳ جي ته اسان وٽ تاريخ ئي ڪانهي! ڊنڊڻ جي اشاري مان به ان کان پوءِ ئي اهڙو سلسلو شمار ڪري سگهجي ٿو. ڀلا راءِ گهراڻي جو ڪو گيت جي هوندو به کڻي ته به اهو هن وقت تائين نانگ وانگر ست کلون مٽائي، جديد بڻجي چڪو هوندو. تنهن هوندي به راءِ جي نسبت وارو هڪ اڌ ڳاچ اڃا باقي آهي. شاديءَ رات گهوٽ کي جيڪي اعزازي لقب ڏنا ويندا آهن، تن ۾ اڳي راجائي نسبت واريون تشبيهون اينديون هيون. اهڙي هڪ ڳيچ جي وراڻي اڃا تائين سالم حالت ۾ تڳندي اچي: ”راءُ رُتو، راءُ رُتو، راول رات.“[23] (جديد ڳيچن ۾ ’سنڌ جو صاحب‘، ’ناري جو نواب‘ ۽ ’ولات جو وزير‘ وغيره گهوٽ جا لقب هوندا آهن.) مٿيون ’راءُ‘ جيڪڏهن راءِ ديوجي (495ع) يا ستين صديءَ وارو راءِ سهاسي راءِ (632ع) نه آهي، ته انهن مان ڪنهن جو پاڇو يا پڙاڏو ضرور آهي. انهيءَ کان پوءِ ”سوم راءِ“ يعني سومرا پڳدار جو به لقب ’راءِ‘ هو، جو راجا جو مخفف آهي. گهوٽ کي مانَ ڏيڻ لاءِ اڄ تائين ’گهوٽ راجا‘ چئي مخاطب ڪبو آهي. بهرحال، ڳيچن کي لٿي پٿي به سومرن جي بلڪل شروعاتي وقت کان ته اڻپڇو شمار ڪري سگهجي ٿو. مٿي سومرا حڪومت جو آغاز اٺين صديءَ جي شروعات (723ع) کان ثابت ڪيو ويو آهي. انهيءَ وقت کان وٺي سومرن راجائن جا نالا، نشان، لقب ۽ ٻيا تاريخي آثار ڳيچن ۾ ملڻ شروع ٿين ٿا. هيٺئين ڳيچ ۾ ڪنهن اوائلي سومري سردار جي عام رواجي ماڻهن جي گهران پرڻجڻ وارو موقعو هڪ تاريخي يادگار بڻجي ويو آهي:

سنگهارن گهر سومرو ڙي، موتي پائي ٿار ۾،

ساٺ سنگهاريون ڪن، موتي پايو ٿار ۾.[24]

اٺينءَ- نائينءَ صديءَ کان اڳ توڙي پوءِ، همير نالي سان سومرن ۾ ڪي ناليرا راوَ ٿيا آهن. هيٺيون ڳيچ انهن مان ئي ڪنهن همير جي نسبت سان شروع ٿيو آهي.

”پُڙو همير هلايو، جنهن تي لڳڙو لک سوا“[25]

                سومرن ۾ دودو پهريون ’نهري دودو‘، دودو ٻيو توڙي ٽيون، پنهنجن امتيازي ڪارنامن کان نمايان آهن. ’دودو ۽ چنيسر‘ ته تمام مشهور آهن. انهن ۽ ڪن ٻين سومرن جي نالي سان به گهڻا ڳيچ شروع ٿيا آهن.

(الف) سردار سومرن جو ڙي! اڳ ۾ ٿي آيو،

ڪلي: گهوڙو دودل گهوٽ جو، آهي گهڻو اڙٻنگ،

سردار سومرن جو ڙي!...[26]

(ب) مالها گهڙائج نهري، ونهيان دودل ڙي!

ليلا ماڻڻ ڀلي چنيسر اچي.

وڏڙي راڄ منجهان، سُرهي راڄ منجهان،

ليلا ماڻڻ ڀلي چنيسر اچي.[27]

(ث) بچين ليلان جا وَر، سونن ڦلن وارو ڪنجرو،

وينڊو گهڙائي آڻ چنيسر.[28]

                جن ڳيچن ۾ ’ڄام سمون‘ يا ’ڄام جراڙ‘ وغيره جي ساراهه آهي. سي يقينن سمن جي اقتدار جي پيداوار آهن ۽ سندن رسوخ واري دائري (لاڙ) ۾ مقامي طرح رائج ٿيا. بدين پاسي جي هڪ ڳيچ جي وراڻي آهي:

”توکي نکڙيو ڄام جراڙ“[29]

يا ’سمون ڄام جهلو، ڙي سمون ڄام جهلو‘[30]

                اهڙا ڳيچ به سومرن جي ئي پوئين دؤر (سن 1351- 1500ع) ۾ شمار ٿي سگهندا. مطلب ته سومرن جي زوال تائين ڪجهه ڦير گهير سان نوان ڳيچ ٺهندا رهيا آهن.

                ڳيچن جي قدامت ۽ انهن جي دؤر دريافت ڪرڻ کان پوءِ، وري هيءُ سوال ٿو اٿي ته اهي ڪيئن ٺهيا ۽ ڪنهن ٺاهيا؟ انهيءَ جو صاف جواب هيءُ آهي ته اهي ڪنهن به سڄاڻ سگهڙ يا ڪنهن ڳهير مائيءَ هاسيڪار ڪونه ويهي جوڙيا آهن. اصل ڳالهه هيئن آهي ته اڳئين زماني جا انسان، مرد توڙي زالون، پنهنجيءَ موج جي حالت ۾، يا ڪنهن خاص خوشيءَ جي موقعي تي، پنهنجيءَ دل جون آسون ۽ اُمنگ، وهم ۽ وسوسا ۽ ان جي عمل يا ردعمل ۾، منتر ۽ دعائون اڪيلي سر توڙي گڏجي آلاپيندا ۽ ڳائيندا آيا آهن. ۽ ڪافي ڊگهيءَ مدت تائين لاڳيتو ڳائبي رهڻ سان انهن باقاعدي ڳيچن جي شڪل ورتي آهي. انهيءَ ڪري، ڳيچن ٺاهڻ ۾ مردن توڙي زالن جو هڪ جيترو حصو آهي. ڇاڪاڻ ته هي جماعتي نوعيت جا راڳ آهن، ۽ اوائل ۾ نه رڳو زالون، پر انهن سان مرد به انهيءَ خوشيءَ ۾ ڀاڱي ڀائيور ٿيندا هئا. اهڙي ثابتي خود ڳيچن مان به ملي ٿي. ”ڀائر چون ٿا ڳيچ ڳايو هر هر.“[31] ظاهر آهي ته گهوٽ جا ويجها عزيز اهڙي خوشي ڪندا هوندا. منگتا ۽ مڱڻهار ته اڄ به ڳيچ ڳائي ’لاڳ‘ گهرندا آهن.

”منگتا مڱن لاڳ، مر ٻانهن لوڏي“.[32]

                مرد ماڻهن کي جيئن ته ٻاهرينءَ دنيا جي هوا لڳندي رهي آهي ۽ ان جو اثر به فوري طرح ٿيندو رهي ٿو، انهيءَ ڪري ڳيچ ڳائڻ ته ڇا، پر ٻيون به ڪيتريون ئي تهذيبي ڳالهيون منجهانئن اڄ حرف غلط وانگر مٽجي چڪيون آهن. اهي اسان جون مائون ڏاڏيون آهن، جي اسان کي اڳئين جُڳ جون آکاڻيون ۽ گيت ٻڌائينديون اچن، ۽ اصل ’مادري ٻوليءَ‘ جو وجود ۽ سلسلو سلامت رکنديون اچن. اهي اسان جون مائرون ئي آهن، جن ڪنهن به ڌاريءَ پچار کي چانئٺ جي اندر اچڻ نه ڏنو آهي. هينئر جي ڳيچن جا جلد ڇپجي رهيا آهن، سي به انهن سڳورين جي ميڙيل ميراث آهن.

                ”ڳيچ“ لفظ، جيئن هن وقت مروج آهي، معنيٰ شاديءَ جا ’لاڏا‘. پر اهو لفظ ڪنهن پراڻيءَ زبان پالي، پراڪرت، اپڀرنش يا ماڳهين ’زند‘ ٻوليءَ جو لفظ گاٿا (گيتا) آهي. حضرت مسيع کان اڳ، ٻڌ مذهب جي عروج واري زماني ۾، ٻوڌي ڀڪشو گاٿائون ڳائيندا هئا، جن ۾ ’ساڪيا مُنيءَ‘ جي مهما ڪيل هوندي هئي. اهي گاٿائون ٻوڌي ڪتابن ۾ اڄ به موجود آهن، ان کان ڪجهه پوءِ ڀَرو ’اوستا‘ جون گاٿائون وجود ۾ آيون، سي به عيسوي سن کان اڳ جون ئي آهن. ايراني مجوسين جون اهي ’گاٿا‘، توڙي ٻڌ مذهب جون گاٿائون، سنڌ ۾ به ڳايون ويون آهن. ٻنهي جو مک مضمون آهي بزرگن جون تعريفون، نصيحتون ۽ هدايتون. انهيءَ گاٿا جو اُچار، سنڌي ”ڳاهه“ ۽ ڳيچ“ ۾ موجود آهي. سنڌي ڳيچ اسان وٽ پراڻي ۾ پراڻي شاعراڻي صنف آهي، ۽ ”ڳاهه“ ان کان جان تان صدي- ٻه صديون پوءِ پيدا ٿي آهي. ڳيچن ۾ ڳاهن جي ڀيٽ ڪرڻ مان به معلوم ٿئي ٿو ته ٻنهي جي وچ ۾ هڪ اهڙو دؤر اچي ٿو. جڏهن ڳيچ اوائلي ٻه- ٽي صديون گذارڻ کان پوءِ پختي ڄمار بنجي وڃي ۽ ڳاهه اتان ئي ڦٽي پنهنجي ٻالجتيءَ جي واٽ تي اڃا ابتدا ڪري رهي آهي. ان کان پوءِ ڳاهون ۽ ڳيچ يا ڳاچ ٻه- چار صديون گڏوگڏ هلندا رهيا آهن. انهيءَ وچ واري مخلوط دؤر جون ڳاهون به ڳيچن جهڙيون آهن. نيرل راڻيءَ جي آکاڻيءَ ۾ هيءَ ڳاهه انهيءَ جي ثابتيءَ لاءِ آهي:

اچي مڙو ڏاڏي پوٽيون، ساٺ ڪريو ساري،

نيرل وڃي ٿي ساهرين، عمر اُڌاري.[33]

                ڳيچ جي مختلف صنفن ۾ جيئن ڪامڻ، ساٺ- ڳيا ۽ لاڏا وغيره ٿين ٿا، تيئن ’هيرا‘ به ٿيندا آهن، جي شاديءَ ۾ خوش طبعي خاطر ڳيا وڃن ٿا. پر انتهائي خوشيءَ جي ڪري هيرن ۾ ڇڙواڳي ۽ ڪچيون ڦڪيون ڳالهيون به اچيو وڃن، جيئن فارسي ’هزل‘ ۾. ڳاهن ۽ ڳيچن جي مشترڪ دؤر ۾ هيري جهڙيون ڳاهون به ملن ٿيون. مثال وير ويهاس کي همير سومري، ان لڙائي ۾ ماريو، جنهن لاءِ ڄام پونئري سڱ ڏيڻو ڪيو هوس. پر لڙائيءَ ۾ سندس ڏند به ڀڄي پيو. شاديءَ ۾ جڏهن راجڪماري ۽ سندس ماءُ سينگارجي آيون، تڏهن هڪڙي مڱڻهار گهوٽ جو ڏند ڀڳل ڏسي، هيرو ڳايو ته:

جهڙو اڻهر ڦٽرو، تهڙو جي ور هوءِ،

ته ڪچو نه ڪري ڪوءِ، سس ڀلين سينگار ڪري[34]

                مٿيون مثال انهيءَ جو ثبوت آهي ته انهيءَ عبوري دؤر واريون ڳاهون، ڳيچن جي مطلب واريون آهن. اهڙيءَ طرح ڪن ڳيچن ۾ پڻ ڳاهن وارو رجحان ڏسي سگهجي ٿو، جنهن جو مثال ڳالهين جي اُپٽار سان اڳتي ايندو.

                آکاڻيون ڳاهن جو بنياد آهن ۽ ڳاهون آکاڻين جا اهم جُز آهن. انهيءَ ڪري هر هڪ ڳاهه کي پنهنجو پنهنجو پس منظر ٿيندو آهي. انهيءَ پس منظر جي پچار سان ئي ڳاهه جو ڳجهه صاف طرح سمجهه ۾ ايندو آهي. جيئن مٿين ڳاهن جو مثال ڏنو ويو آهي. ”ڳاهه“ لفظ جي معنيٰ آهي ڳائڻ. ڳيچن وانگر ڳاهون به ڳائبيون آهن، پر ڳاهن جي لفظي جوڙجڪ تُڪن جي ٻڌڻيءَ، توڙي ڳائڻ جي ڍنگ ۾ فرق آهي. ڳيچن ۾ لفظ تڪرار يعني دُهر (Repetition) لازمي يا بنيادي شرط آهي: ان جي ڀيٽ ۾ ڳاهه جي رڳو پڇاڙيءَ ۾ ٽيڪ يا وراڻيءَ جي هڪ فالتو ”لنڊي تڪ“ هوندي آهي، سائي جهِيل خاطر ورائي ورائي ڳائبي آهي. انهيءَ ٽيڪ کي ڇڏي ڪري، خود ڳاهه هڪ سٽ کان وٺي، ٻن- ٽن (يا ان کان وڌيڪ سٽن جي به ٿئي.) وير ڳاهون ته خاص طرح ڊگهيون آهن، جي ’تڪميل‘ واري دؤر ۾ جڙي راس ٿيون آهن. ڳاهن جو واسطو آکاڻين سان آهي.

                جهوني جڳِ ڪن اکئين ڏٺل واقعن يا ڪنين ٻُڌل ڪهاوتن ۽ ڪهاڻين جا اهم پهلو اول عام گفتگو جو دلچسپ عنوان بڻيا. انهن مان ڪي خاص فقرا ۽ ٻول زبان زد عام ٿيا ۽ انهن تي تُڪون ٻَڌي، انهن کي آلاپيو ۽ جهونگاريو ويو. پوءِ اهي تڪون ۽ ٻول آکاڻين جي وچ ۾ ڳائجڻ لڳا. اهڙيءَ طرح ڳاهون رچي راس ٿيون آهن. آکاڻين ۾ ڳاهون واقعات کي چٽو ڪرڻ، ڪردارن کي سنوارڻ، ڳجهيون ڏانهيون ڏيڻ ۽ سوال- جواب ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ آيون آهن. ٻهراڙيءَ ۾ ڳاهن سان ڳالهيون کڻڻ وارا ڳهير به، ٿالهيءَ جي وڄت تي ئي ڳاهون ڳائيندا آهن ۽ اهو اهڃاڻ، ڳيچن وانگر، ڳاهن جي پڻ قديم هجڻ لاءِ وڏي سَنَدَ آهي. ڳاهن جو رواج لاڙ ۽ ٿر ڏانهن اڄ به عام آهي. اڀرندي سنڌ ۽ راجسٿان ۾ قصا ٻڌائڻ ۽ ڳاهون ڳائڻ وارا اڪثر ڀَٽ ۽ چارڻ (Bards) هوندا آهن، انهيءَ ڪري راجسٿان طرف ڳاهن کي ’چارڻي لوڪ گاٿا‘ (Traditional Ballads) چوندا آهن.

                جهوني ۾ جهونيون آکاڻيون توڙي انهن ۾ آيل ڳاهون تمام ساديون آهن. اوائلي ڳاهون ته بلڪل ننڍڙين تڪن واريون آهن. جيئن ’ناني ڙي ناني! مون کي ديو جهلي ڏي.‘ قديم ترين ڪهاڻين مان ڪي ته ڏند ڪٿائن وانگر به آهن جن جا ڪردار به ديو، راڪاس ۽ ڀوٿ وغيره آهن. پراڻين آکاڻين مان انسانن جي اٻوجهه هئڻ واري زماني جون ثابتيون به ڳاهن ۾ ملن ٿيون، جن ۾ مبالغي آميز واقعا، ڪائنات جا اڻ ٿيڻا ڪرشما، جادوءَ جا جڙتو ڪرتب، توڙي ديوتائن ۽ جوڳين جا پِرتا وغيره ڳاهن جي مک مراد آهي. سونل جي هڪ مقبول عام گهريلو آکاڻيءَ ۾، وڏو ڀاءُ شام جو گهر موٽي ٿو ته ديو اڳي ئي ويچاريءَ ننڍڙيءَ ڀيڻ کي قيد ڪري چڪو آهي. ڀاءُ ٻاهران سڏي ٿو: ”ادي سونل، ادي سونل! درلاهه، ڏيو ٻار!“ ڀيڻ اندران جواب ڏئي ٿي ته ”ادا، ڙي ادا! اکيون سُنيءَ سبيون، وٽو ٿنڀ ٻڌو، راڪاس گوڏڙي ستو!“ (جيڪڏهن ڪن ڏيئي ٻڌندا ته انهن ڇوٽڙين ڳاهن مان به جهيل ۽ تنوار ٻڌڻ ۾ ايندي.) ٻي به هڪ فرضي آکاڻي، جنهن جي سورمي پڻ سونل نالي آهي، جا مائٽن کان رُسي اڱڻ واري وڻ تي چڙهي ويئي آهي. ننڍڙو ڀاءُ هيٺان بيهي سڏيس ٿو.

امان سونل، امان سونل! لهي آءُ، لهي آءُ انهيءَ وڻ تان، لهي آءُ،

پنهنجي گهر دهل وڄن، ڌمر وڄن، وينڊ وارا گهوٽ نچن!

لهي آءُ، لهي آءُ، انهيءَ وڻ تان لهي آءُ.[35]

                مٿينءَ ڳاهه ۾ به ’دهل، ڌمر، وينڊو، گهوٽ‘ ڳيچن جا ئي پڙلاءَ آهن، ڇو ته هيءَ ڳيچن ۽ ڳاهن واري عبوري دؤر جي ڳاهه آهي.

                تاريخي ۽ نيم تاريخي قصا انهن سان ملحق ڳاهون اندازن نائين صديءَ کان شروع ٿين ٿيون. جن ۾ راجائن، مهاراجائن جا خدائي اختيارات، وزيرن جا ڊوهه ۽ نمڪحراميون، ڌوتين جي مڪاري ۽ ٻانهين جي چالاڪي، ڍاري ۽ ٽِپڻي جي مڃتا ۽ انهيءَ پِروليءَ ۾ مبهم جواب، عاشقن ۽ معشوقن جا تيرٿ ۽ تڪيا ڀيٽڻ، مندرن ۽ مڙهين ۾ ملاقاتون ۽ اتي رمز سان سوال جواب ڪرڻ- اهي هن دؤر جي ڳاهن جا مک مضمون آهن. هتي مجبوريءَ سبب انهن مان ڪي ٿورا ئي مثال پيش ڪري سگهبا.

ٽپڻو ٽپڻيدار هنيو، ٻانڀڻ پوٿيءَ دان،

ڌيءَ دلوراءِ جي، لکڙيو مسلمان،

تن سونارن سان الا! مون من موهيو وي.[36]

        راجا دلوراءِ اول (723- 729ع) ڌيءَ ڄمڻ وقت پنڊت گهرائي ڍارو وجهرايو. تنهن چيو ته ”’ڏومڻ سوناري‘ جي پٽ سان لکيو اٿس.“ تنهن تي راجا، سوناري جا ڇهه ئي پٽ مارائي ڇڏيا، ستون ’سهائيءَ‘ جو سهاڳ پوءِ ڄائو، جنهن کي پڻس سمجهاڻي ڏني:

اڪ نه ڪجي ڏندڻو، مَرَ سَپ کائجي ماهه،

اتي نه لائجي نينهڙو، جتي ٿئي جيءُ وڻاهه،

تن سونارن سان الا، مون من موهيو ري.

        سُهائي، مڙساڻي ويس ۾ اُٺ تي چڙهي رات جو ڏومڻ جي پٽ سان ملڻ ويندي هئي، ته واٽ تي ’ٽيڏو‘ (رقيب) رکڻ ۽ حجائتو ٿيڻ لڳو، پر ڪماريءَ ٺڙڪ جواب ڏنس ته:

بابي سندا واڻيا، تون ويڻ نه اولا آل،

سج اڀري سنئون ٿئي، تنهنجي بُهه ڀرايان کل،

مون من موهيو، وي تن سونارن سان الا!

سُهائيءَ جو مڱڻو ڪاڻي سان ٿيو، جنهن گهڻائي ٺڪر ڀڳا ۽ وڙ وڃايا، پر سُهائي چوي ته ’صفا راند سوءنٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي.‘

سچ ته بيٺو نچ ڪاڻا، ڪارو منهن آهي ڪوڙ،

سچن ملندو سچ سگهو، ڪوڙن پوندي ڌوڙ،

مون موهيو، من ڙي سونارن.[37]

                اهڙين ڳاهن ڏيڻ لاءِ هيءَ مجبوريءَ آهي ته ڪهاڻيءَ جو اختصار ۽ هر ڳاهه جو پس منظر به ڏيڻو پوي ٿو، نه ته هر ڳاهه جو مطلب سمجهه ۾ ئي نه ايندو، ڇو ته ڳاهن ۾ ٻي ته ڪابه اونهي فلاسافي يا طريقت رمز رچيل آهي ئي ڪانه. پر تنهن هوندي به ٻه - ٽي تاريخي ڳاهون اشاري ۾ ڏجن ٿيون. ڪاٺياواڙ جي مهاراجا پوناراءِ (نائين صديءَ) ۽ ڍٽ جي سندري ليلا ديويءَ جي ڳالهه ۾ ’مگڌر‘ منتريءَ جي ويساهه گهاتي، نوڪرياڻيءَ جي نمڪحرامي ۽ ڌُوتين جي دولاب جي نندا ڳايل آهي. ڪنهن برهمڻ ڀوپي پٽ تي ليڪا ڪڍي ليکو پئي جوڙيو، ته مٿان راجا اچي نڪتو. ٻانڀڻ ڍارو هڻندي ئي ڦاٽ کاڌو ته:

ويري ڀانئين واهرو، ڪلر کاڌيءِ ڪوٽ،

جوٺو کايو جکرن هڻين، اڃا تون اٻوٽ!

ڍر ڍارا پئو ٻارهن.....[38]

        اتي راجا کي به ڪو پسڻ پيو، سو هڪدم ڪوٽ ڏي موٽ کاڌائين. هڪ چنڊالڻ، جيڪا چاري بيٺل هئي، تنهن راجا کي اوچتو ايندو ڏسي ڳاهه ڳائي ته:

پوناراءُ پلٽيو، آيو پنهنجي ديس،

مگڌر ليلا ڇڏ کڻي، متان ڪات ڪٽيس،

او متان ڪات......[39]

                جيسلمير جي پدمڻيءَ آڀل ڪماريءَ تي کنراءِ موهت ٿي، رڻ جهاڳيندو اچي انهيءَ کوهه تي پهتو، جتان آڀل جون سهيليون ۽ ٻانهيون ۽ گوليون راند رونشا ڪنديون ۽ گهٽ-وڌ پاڻي به ڀرينديون رهيون. کنراءِ سڀ ساڳئي نظاري ۾ ڏسي، منجهي پيو. سو سڀني جي هڪجهڙي خوشامد ڪندي، پدمڻيءَ پڇڻ لاءِ ڳاهه ڳايائين ته:

گهاٽي گهاٽي جل ڀريو ۽ آهيو به هڪڙيءَ نهار!

پوءِ ڪهڙي آڀل جي ٻانهي آن ۾، ڪهڙي لال ڪنوار؟

اوڀئي، ڪهڙي آهه ڪنوار.[40]

                مٿي جن ڳاهن جا مثال ڏنا ويا آهن، تن جو دائرو اٺين- ڏهين صديءَ جي درميان آهي.

                ڳاهن جو تاريخي دؤر يارهين صدي عيسويءَ کان شروع ٿئي ٿو، جو ٻه- ٽي صديون اڳتي هلي ٿو. هن زماني کي سورهيائيءَ جو عهد سڏيو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن کان پوءِ ٻه- چار صديون لاڳيتو لڙائين جو سلسلو جاري رهيو آهي، جن ۾ اهي وير جيڪي ميدان ملهائي ويا، يا جن ويرن پاڻ موکيو، تن کي سنڌ جي ڀَٽن آڀاري آڀاري آڻي آسمان تي چمڪايو آهي. راجسٿان ۾ هن جُڳ کي ’وير گاٿا ڪال‘ يعني ’سورمن جي سوڀ وارو سمون‘ (Minstrel ballad age) قرار ڏنو ويو آهي. ”ويرس رس ڪَوتَ“ جي شروعات راجسٿان جي ’پنگل‘ شاعريءَ کان ٿي آهي. وير ڳاهن جا وري ٻه جدا جدا نمونا آهن. پهريون ڇوٽيون ۽ منتشر ڳاهون، جيئن ’آلها اودل‘ جي بهادريءَ جا گيت، (هي ڳاهون سنڌي ڳيچن جهڙيون آهن.) ٻيو قسم ڊگهين ڳاهن جو آهي، جن جو مثال ’پرٿوي راج راسو‘ آهي، جنهن جا ستر (70) باب آهن. محقق چون ٿا ته هي چندر بردئي ڀاٽ (سن 1191- 1196ع) ڏانهن منسوب آهي. اهڙا ٻيا به جنگناما آهن، جي سڀ ’راسو‘ ڪوٺجن ٿا. ”رسانيا“ معنيٰ جنگي نظم ۽ ”راهسا“ معنيٰ جنگي واقعات.[41] سنڌيءَ ۾ دودي- چنيسر جو ڪيڏارو ”دودل- راسو“ به انهيءَ ٻئي قسم (Form) جو مثال آهي. وير ڳاهن جي پڇڙيءَ ۾ فالتو تڪ (Coda) چهٽل نه هوندي آهي. يارهين صديءَ جي هن تاريخي دؤر کان راجائي گهراڻن ۾ سڱن-بندن جي ڇڪتاڻ، لڙاين جا تفصيل، بهادرن جي تعريف ۽ سخين جي ساراهه، ڪانئرن ۽ ڪنجوسن لاءِ ڪُوارَ ۽ سِٺون، شهيدن جا پار ۽ اوسارا، منگتن ۽ مڱڻهارن جي ڊگهي پهچ ۽ هلندي وغيره، انهيءَ زماني جي ڳاهن جا نمائندا موضوع آهن. هن دؤر ۾ سنڌ ۽ راجسٿان جا پاڻ ۾ سياسي ۽ سماجي توڙي تمدني ۽ تاريخي تعلقات تمام گهرا ۽ گهاٽا آهن، جنهن جو اثر سنڌ جو جذبو نياڻين ۾ به اتم درجي تي پهتل هو.

”منهنجي ٻاٻل ٻول ٻڌا، سڱ ڌارين کي نه ڏيندو“[42]

هن دليريءَ جي دؤر جو اثر عورتن ۾ به عام طرح نظر اچي ٿو. هن دؤر جي ڳيچن ۾ ’وير ڳاهن‘ جو روح متحرڪ آهي.

سرويچ لشڪر ۾، آءُ دودا راءَ،

سو ته سونهي لاڏل امر سان.

جوهر دار ترار سان، آءُ دودل ڄام،

سا ته سونهي لاڏل هٿ ۾.

سونيءَ مُٺ ڪاتيءَ، آءُ دودا راءَ،

سا ته سونهي لاڏل بيٺ سان.

وراڻي: دودل دودل ڪن، آءُ دادا ڄام،

اسان جو دودل وڏڙيءَ ڄمار![43]

                ’ڇوٽيون وير ڳاهون‘ به سنڌيءَ ۾ سوين ٽڙيل پکڙيل ملنديون. هتي انهن سڀني جا مثال ماپي سگهجن، سو ممڪن نه آهي. البت ڪجهه نمونا پيش ڪري سگهجن ٿا. تيرهين صديءَ ڌاري، ابڙو ’اجيت‘ وڏسر جو والي هو، جنگ ۾ شهيد ٿيو. سندس لاش لڪائي اچي ڪوٽ ۾ قابو ڪيائون. ويري سندس سر وڍڻ لاءِ آيا ته ڏٺائون ته ’ابڙي ابڙاڻيءَ‘ جو ننڍو پٽ، ڏهن سالن جو ’ڏونگر راءُ‘ ڀالا بڙڇيون کنيو، پڻس تي پهرو بيٺو ڏئي. سندس ڏيا ڏسي دشمن دهلجي ويا. هڪڙي ٻارٽ منگتي پريان ئي پڪاري چين ته:

ڏوران ڏونگر ننڍڙو، اوران ٿئي آفت،

هيءُ پهاڙيءَ پيٽان ڄڻيو، پيءُ جنهين پربت.[44]


([1]) ”تاريخ سنڌ“: عبدالغني ميمڻ، مسلم ادبي سوسائٽي، ص 96. ۽ ائبٽ صاحب جو ڪتاب ”سنڌ“: ص 89 ۽ ”جنت السنڌ“: مولائي شيدائي، ص 318.

([2]) ”تاريخ جنت السنڌ“: رحيمداد خان مولائي شيدائي، ص 313- 330- سال 1958ع.

([3]) ”جنت السنڌ“: رحيمداد خان مولائي شيدائي، ص 313- 330.

[4] ”قديم سنڌ ان جا شهر ۽ ماڻهو“: شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، ص 372.

[5] ”تاريخ ريگستان“: رائچند هريجن، ص 69.

[6] ”تاريخ سنڌ“: عبدالغني ميمڻ، سنڌ مسلم سوسائٽي، ص 161.

[7] ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ص 82 (۽ فوٽ ص 96 جي هيٺان).

[8] ”تاريخ سنڌ“ (اردو): مولانا سيد ابوظفر ندوي، ص 324.

([9]) ڪيڏارو- داستان 3.

([10]) لوڪ ادب سلسلي جي سورهين ڪتاب ”ڳيچ“ مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مان سڀ مثال ورتل آهن.

([11]) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”ڳيچ“، جلد 1- باب 5، ص 321، سال 1963ع، سنڌي ادبي بورڊ.

 [12] بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”ڳيچ“: جلد: 1، ص 17، سال 1963ع، سنڌي ادبي بورڊ.

[13] بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”ڳيچ“: جلد: 1، ص 315، سال 1963ع، سنڌي ادبي بورڊ.

([14]) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”ڳيچ“: جلد 2، ص 21.

([15]) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”ڳيچ“: جلد 1، باب6، ڳيچ نمبر 135.

([16]) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”ڳيچ“: جلد1، باب 5، ص 282-

([17]) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”ڳيچ“: جلد1، باب 2، ص 77.

([18]) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”ڳيچ“: جلد 2، ص 13.

[19] بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”ڳيچ“: جلد 1، ڳيچ نمبر 50، ص 16

[20] بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”ڳيچ“: جلد 1، باب 3، ص 158.

[21] بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”ڳيچ“: جلد 2، ڀاڱو 1، باب 8، ص 107.

[22] بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”ڳيچ“: جلد 1، ص 72

[23] ”ڳيچ“: جلد1، ص 378

[24] بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”ڳيچ“: جلد 1، باب 4، ص 219

[25] بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”ڳيچ“: جلد 1، باب 4، ص 215.

[26] بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”ڳيچ“: جلد 2، ڀاڱو 1، باب 9، ص 160

([27]) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”ڳيچ“: جلد 1، باب 3، ص 176.

([28]) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”ڳيچ“: جلد 1، ص 253.

([29]) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان، ”ڳيچ“: جلد 2، ص 159.

([30]) ايضن: جلد 1، ص 222.

([31]) ايضن: جلد 1، ص 119.

([32]) ايضن: جلد 1، ص 374.

[33] بلوچ نبي بخش خان: ”لوڪ ڪهاڻيون“: ڳاهن سان ڳالهيون، جلد 7، ص 289.

([34]) بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان: ”لوڪ ڪهاڻيون“: (ڳاهن سان ڳالهيون) جلد 7، ص 116.

[35] بلوچ ڊاڪٽر نبي بخش خان: ”لوڪ ڪهاڻيون“: (ڳاهن سان ڳالهيون) جلد 7، سال 1963ع سنڌي ادبي بورڊ.

[36] ”لوڪ ڪهاڻيون- ڳاهن سان ڳالهيون“: جلد 7، صفحي 5 کان 12 تائين.

[37] ”لوڪ ڪهاڻيون- ڳاهن سان ڳالهيون“: جلد 7، صفحي 5 کان 12 تائين.

[38] ”لوڪ ڪهاڻيون“- ڳاهن سان ڳالهيون“، ص 60.

[39] ”لوڪ ڪهاڻيون“- ڳاهن سان ڳالهيون“، ص 62.

[40] ”لوڪ ڪهاڻيون“- ڳاهن سان ڳالهيون“، جلد 7، ص 149.

[41] ”هندي ادب“: ص 33.

[42] ”ڳيچ“: جلد 1، ص 395.

([43]) ”ڳيچ“: جلد 2، ڀاڱو 1، بابت 9. ۽ (ڳيچ نمبر 83) ص 159

([44]) (سگهڙن کان ٻڌل).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org