سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نيڻن ۾ ڏياريون

صفحو :8

نگاههِ تيغ زا جي رقص بسمل جي خبر پوندي،

خا جو سونهن ته اڄ ئي رنگِ محفل جي خبر پوندي.

 

اِجهو هو ساقِي نورِ مجسم جلوه گر ٿيندو،

جناب شيخ! هن محفل ۾ دل دل جي خبر پوندي.

 

سراغِ منزلِ هستي رموزِ عشق ۾ ملندو،

خردوارن کي ڪهڙِ حق و باطل جي خبر پوندي؟

 

مِس دِل کي بنائي سون خالص ٿو ڇڏي اڪثر،

مون کي ڏسندا ته شانِ حسنِ ڪامل جي خبر پوندي.

 

تون پهرين پيچ پائي پوءِ وسارين ٿو ته مارين ٿو،

دلِ بيمار مان تنهنجي تغافل جي خبر پوندي.

 

اي هاتف! جي جنون ۾ يار کي چُميم ته ڀو ڪونهي،

ڀلا مستن کي ڇا آدابِ محفل جي خبر پوندي؟

(26 آڪٽوبر 1958ع هالا)

(تاريخ 28 آڪٽوبر 1958ع هالا مان موٽندي محترم محبوب سروري ۽ هاتف جو لاريءَ ۾ چيل في البديهه غزل:

م              هن گهٽيءَ مان جي يار گذري ها،

باغ مان ڄڻ بهار گذري ها.

 

هه              قرب وارا ٿين ها جي ڪانڌي،

م              هي سفر خوش گوار گذري ها.

 

هه              عشق جي جانگداز آه و فغان،

حسن کي ناگوار گذري ها.

 

م              دل تي غيرن کي ڦيهه ڏيان ها پر،

يار کي ناگوار گذري ها.

 

هه              جيڪڏهن تون هجين ها مونسا گڏ،

ڪئن نه فصلِ بهار گذري ها!

 

م              حالت دِل بيان ڪريان به کڻي،

تنهنجي دل تي هي بار گذري ها.

 

هه              عاشقِ زار کي ڏسي روئندو،

م              هرڪو ئي بيقرار گذري ها.

 

هه              هر گهڙي پنهنجو حالِ دل اورڻ،

طبعِ نازڪ تي بار گذري ها.

 (16 نومبر 1958ع تيزگام لاهور کان ايندي، رات جي اڪيلائيءَ ۾ لکيل ڪجهه سٽون)

توکي ڏاڍو ٿي ساريم سهڻا،

دل کي ويٺي ڌتاريم سهڻا.

 

تنهنجي دستِ ڪرم ڏي آهه نظر،

تو ۾ حجت ٿي ساريم سهڻا.

 

تنهنجي ارشاد تي ڇڏيم توکي،

تنهنجي لئي پاڻ ماريم سهڻا.

 

تنهنجي ناز و ادا تان قربان ٿي،

تنهنجو نالو اُجاريم سهڻا.

 

زندگي حادثات ۾ گذري،

ڪونه ٻوٽو ڪو ٻاريم سهڻا.

 

زلف جي پيچ و خم کان واقف ٿي،

زندگي کي سنواريم سهڻا.

 

سائي ساعت سندم سجائي ٿي،

جيڪا توساڻ گهاريم سهڻا.

 

چشمِ مخمور مان جڏهن پيتم،

خون دل جو پياريم سهڻا.

 

هجرَ جي رات ۽ پرائو ڏيهه،

ڪلَ اٿئي ڪئن گذاريم سهڻا؟

حسن کي بيقرار ڪير ڪري!

عشق کي داغدار ڪير ڪري!

 

منهنجو گل رُو سدا شگفته آهي،

انتظارِ بهار ڪير ڪري؟

 

سنگدل سان اسين نباهيون پيا،

پر اسان سان پيار ڪير ڪري؟

 

ڪنهن تصور ڪيو ته ڪُسجي ويو،

ذڪر اِبروُءِ يار ڪير ڪري!

 

تنهنجي حسنِ ڪرم کي ڇا چئجي،

مهربانيون شمار ڪير ڪري!

 

منهن تي چڙهبو، شڪايتون ڇڏبيون،

وصل کي زهر مار ڪير ڪري.

 

شيخ کي آڇبو ته پي ويندو،

زهد کي شرمسار ڪير ڪري!

 

پاڻ وٽ جهوپڙي به ڪانهي ڪا،

فڪرِ برق و شرار ڪير ڪري!

 

جيڪو ٻرندو، سو ڪنجهندو هاتف،

آه تي اختيار ڪير ڪري.

هالا- 1985-11-17

تون ڀلي ڪر بي رُخي تنهنجي خوشي،

آهه منهنجي زندگي تنهنجي خوشي.

 

هر تمنا کي ڪيم توتان نثار،

مدعاءِ آخري تنهنجي خوشي.

 

محب هي ماڻا وري ڪنهن سان ڪندين؟

پاڻ وينداسون مري، تنهنجي خوشي!

 

اڄ رقيبن سان ٿئي ها فيصلو،

مون کي آڏي ٿي ڦري تنهنجي خوشي.

 

الله الله ڪيڏو رنگين دور هو،

هئي جڏهن منهنجي خوشي تنهنجي خوشي.

 

يارَ جي قدمن کي اي دل! ڪيئن ڇڏيان،

آهه ڏاڍي قيمتي تنهنجي خوشي.

 

واڳ تنهنجي وس، وڻئي جيڏانهن وار،

اي رفيقِ زندگي! تنهنجي خوشي!

 

پنهنجي هٿ سان ويهي پنهنجن کي ڪٺئي،

مهربان! هي ڇا ڪئي! تنهنجي خوشي.

 

جنهن ۾ تون خوش تنهن ۾ خوش رهبو سدا،

آهه هاتف جي خوشي تنهنجي خوشي.

(1959 _ 1_ 3، حيدرآباد)

ڀلي اسان سان هلي ناز بي نيازانه،

اسان جو رهندو تعلق نيازمندانه.

 

زماني ڪيڏو سندم بي ڪسيءَ جو ساٿ ڏنو،

ستم ستم جو توجهه رهيو ڪريمانه.

 

مون کي به پنهنجي قريبن ۾ ڇو نٿا ڳڻيو،

اوهان جي حسنِ جفا کان نه آهيان بيگانه.

 

اسين ازل کان اوهان جا نيازمند آهيون،

اوهين ئي ڪڏهن کان رهو ٿا بيگانه.

 

صبا ٿي ساغرَ گل مان پيئي مئيِ نگهت،

شجر شجر ۾ ٿا ڏسجن هزار ميخانه.

(1959_2_15، ڪراچي)

آهيان قتيل خنجرِ حُرن و ملال جو،

يعني اسير فتنهء حسن و جمال جو.

 

ڪٿ زاهدِ حرم ۽ ڪٿي مي ۽ ميڪدو،

هي فيض آهي ساقِي چشمِ غزال جو،

 

هن حال ۾ به ساهه سان سانڍي ٿي يادِ يار،

ٿورائتو رهان ٿو دلِ پُر ملال جو.

 

دورِ خزان ۾ باغِ دلِ زار گلفشان،

اعجاز آهه ديدهِ جادو مثال جو.

 

توصيف ٿي ڪجي ته ٿو محدود حسن ٿئي،

ڪهڙو ڏجي مثال عديم المثال جو؟

 

ساقي جي در تان جيڪي مليو سو اکين تي رک،

اي شيخ! ٽار فتنو حرام و حلال جو.

 

ڇا ڇا چيو ٿي ديدهِ حيران جي خامشيءَ

ثاني نه ڪو شريڪ هو زهره  جمال جو.

 

اي حالِ زار! حالِ دل اورڻ فضول آهه،

هڪڙو به ناهه بزم ۾ پنهنجي خيال جو.

 

فضل و ڪمال جي ته هتي ڳالهه ئي نه ڪر،

”هاتف“ هي دور آهي ڪمالِ زوال جو.

(1959)

غمِ فراق صنم نغمه بار ٿي نه سگهيو،

انهيءَ ڪري هي غزل شاهڪار ٿي نه سگهيو.

 

سواءِ شوق وِصال ۽ فراقِ ماه لقا،

تلاشِ يار ۾ منهنجو ڪو يار ٿي نه سگهيو.

 

جي اوچتو رخِ محبوب بي حجاب ٿيو،

ته پوءِ حُسنِ قمر آشڪار ٿي نه سگهيو.

 

اي شيخ! جنت و حور و پري جون ڪر نه سڌون،

رهينِ زوق هوس ڪامگار ٿي نه سگهيو.

 

جهلي سگهيو نه جو تير نِظر جو تاب، اُهو،

وصالِ يار جو اميدوار ٿي نه سگهيو.

 

گهمائي پير جتان ويو هو يار، جانِ بهار،

بوستان ته ڪڏهن بي بهار ٿي نه سگهيو.

 

مان بي خوديءَ جي حقيقت نٿو ٻڌائي سگهان،

گهڻو ئي غور ڪيم اختصار ٿي نه سگهيو.

 

جهانِ عشق ۾ شبير! مون ڏٺو اڪثر،

جو بيقرار ٿيو، باقرار ٿي نه سگهيو.

(1959)

ڏٺي جنهن تيغِ ابرو سو سرِ تسليم خم ٿي ويو،

جو آيو عشقَ جي مقتل ۾ ان جو سر قلم ٿي ويو.

 

خدا جو شڪر، هاڻي جنتين ۾ ٿيو شمار آهيان،

جو منهنجو اهلِ ميخانه جي خدمت ئي ڌرم ٿي ويو.

 

اسان جي گُهر گهڻي جي ناهه، واعظ تون ئي ويٺو پي،

ملي جي سُرڪ ساقي کان ته سمجهو پنهنجو ڪم ٿي ويو.

 

اي چشم باده گون! دير و حرم ميخانه ٿي ويندا،

جي تنهنجو واعظن ۽ زاهدن تي ڪجهه ڪرم ٿي ويو.

 

جمالِ يارِ مهوش جو ڪرشمون ناهه ڇا يارو!

جو هُن تي جئن نظر پيئي، علاجِ رنج و غم ٿي ويو.

 

بهارِ حُسنِ جانان جو به مان ٿورائتو آهيان،

هو آيو، منهنجو اُجڙيل باغِ دل، باغ ارم ٿي ويو.

 

سندم رنگِ تغزل کي ڏسي هاتف چيو هڪدم،

ته شبيرِ شخنور شاعر اهلِ قلم ٿي ويو.

(سروري اسلاميه ڪاليج هالا جي طرحي مشاعري لاءِ چيل _ 1959)

 

درد ڏئي دل کي ڌتارين جاني!

يعني ماريو ٿو جيارين جاني!

 

غمزه و ناز جي خيرات ڏئي،

پينڙاتن کي ٿو پارين جاني!

 

مرتبو تِن جو شهيدن کان مٿي،

جِن کي ٿو مُرڪ سان مارين جاني!

 

اڄ ته ڪا سُرڪ ڏيارين جاني!

مان مئلن کي جيارين جاني!

 

ورهه ۾ تنهنجي وسايان واري،

واڳڙيون وصل جون وارين جاني!

 

جيڪي توکي نه وساري سگهندا،

تن کي تون ڪئن ٿو وسارين جاني!

حُسن وارا ٿا مٿئي ساهه ڏين،

نازَ مان جي ٿو نهارين جاني!

 

زهر طرياق يقينا ٿيندو،

پنهنجي هٿ سان جي پيارين جاني!

 

لهر لوڏن ۾ تون ئي ياد آهين،

ٻيڙيون پار اُڪارين جاني!

1959- هالا

 

ڪٿي آئون ڪٿ شانِ دستِ ستم!

انهيءَ کي ته چئجي ٿو حُسنِ ڪرم.

 

اسين بينيازانِ لوح و قلم،

اسان جو مقدر اوهان جو ستم.

 

اسان لئي سندئي در ٿيو بيتِ حرم،

اسانجيون جبينون اوهان جو قدم.

 

اوهان جا پرستار آهن لکين،

اسان جو سهارو اوهان جو ستم.

 

اجهي تنهنجا ديوانا آيا اٿئي!

ڳچيءَ منجهه ڳارا ۽ يا چشمِ نم.

 

سندئي خشم ٿو حشر برپا ڪري،

سندئي مُرڪ سان ليڪ کليوارم.

 

متان عشق مجبورِ ناله ٿئي!

الاهي حسينن جو رکجئين ڀرم.

 

زماني جا اسرار ڪنهن کان پڇون،

ڪو سمجهي سگهيو زلف جا پيچ و خم؟

 

 

وسارڻ ڇڏڻ شيوهّ، حسن آهه،

اسين عشق ۾ آهيون ثابت قدم،

 

شڪايات جو سلسلو ٿيو شروع،

اڃا عشق ۾ آهه پهريون قدم.

 

1959-05-29 حيدرآباد.

سحر آشنا ٿي شبِ زندگي،

نگاههِ ڪرم جي ملي روشني.

 

سڪندر ۽ دارا رهيا سرنگون،

جڏهن کان وٺي توسان نسبت رهي.

 

غمِ عشق جا ڪير ڳوڙها پيي!

اها آهه منهنجي ئي دريا دلي.

 

بهارن جون رنگينون ٿيون فدا،

رُخِ زرد تي اشڪِ خون کي ڏسي.

 

اڃا مس لٿو گل رُخن جو خيال،

بهارن وري باهه ٻاري ڏني.

 

خدائي جي دعويٰ هئي بي دليل،

سر عجز جيسين نه ڪئي بندگي.

 

سندم چشم پرخون ۾ هردم بهار،

سندئي حسن جي رنگ بو عارضي.

 

خدا ڪنهن کي شلَ ڪر فردا نه ڏي،

گلن جهڙي چهرن تي افسردگي.

 

محبت جو پردو ته حائل هجي،

چڱيءَ آهه ڏاڍن کان بيگاني.

 

عجب بي نيازيءَ جو آهه جهان!

جتي ٿا هلن سر تريءَ تي کڻي.

 

جڏهن عزمِ ڪامل ٿيو دستگير،

ته منزل اچي مون کي پيرين پئي.

 

صنم بي تحاشه ٿيو سجده ريز،

جڏهن ويٺو آئينو اڳيان رکي.

 

اي هاتف! اُها ڪهڙي شمعِ حيات؟

سرِ شام ئي جا وسامي وئي.

 

چون ٿا خداء سُخن هو انيس،

مگر آهه هاتف ۾ ڪهڙي ڪمي!

 

آسمانِ دل تي چمڪيو تنهنجي يادن جو قمر،

منهنجي شامِ غم کي هاڻي ڇو هجي فڪرِ سحر!

 

مون کي پئجي ويئي جنت جي حقيقت جي خبر،

تنهنجو ٿيو آهي جڏهن کان واديِ دل مان گذر.

 

راهه جي دشوارين کان بي نياز ۽ بي خبر،

تنهنجي ڳولها ۾ اِجهو نڪتا اٿئي ڪي بي ثمر.

 

شام کان ئي ڪنهنجي لئي نيڻن ۾ ٻارياسون ڏيا،

شام کان ئي پاڻ سينگاريو شبستانِ نظر.

 

مون ته ڀانيو ڪنهن اچي مردو بهارن جو ڏنو،

تنهنجي زلفن کي چُمي آئي جڏهن بادِ سحر.

 

خانه دِل تنهنجو آهي، تنهنجو رهندو، تنهنجو هو،

پنهنجي گهر تڙ هوندي سهڻا ڇو رهين ٿو دربدر؟

 

حسن وارن جي جفائن ۾ به آهي دلبري،

حسن بي شڪ آهه منهنجي عشق وانگر بي ضرر.

1960

وري ياد آيو سندئي روءِ روشن،

وري چاڪ آهي شبِ غم جو دامن.

 

غمن جون بهارون جوانيءَ تي آهن،

اچي گلبدن ڪو ڏسي دل جو گلشن.

 

بهارن ۾ بيدادگر! بندشون ڀڃ،

لبن جي قفس ۾ تبسم ٿا ڦٿڪن.

 

متان گلشن رخ ۾ آيون بهارون!

اسيرانِ زُلفَ دوتا ڇو ٿا ڦٿڪن؟

 

طلوعِ رُخ يار ۾ دير آهي.

اکين ۾ اِڃا ڪي ستارا ٿا چمڪن.

 

الائي شڪايت جو ڪيئن حوصلو ٿيو،

اکين ۾ ندامت جا ٿا اشڪ ٽهڪن.

 

زماني جون ڪئين ٺوڪرون کائي کائي،

جهليو آهه اشڪن اچي تنهنجو دامن.

 

اڙي! هيءَ تي خاڪ آهه هاتف جي دل جي،

ڪو ٻاري ويو طائر غم جو خرمن!

1960

اسان کي ڪڇڻ جي ته ڪا واٽ ناهه

اوهان کي مڙئي محب آهي مباهه.

 

ڪي اشڪن جا موتي ڪي زخمن جا گل،

عروسِ محبت جو سينگار آهه.

 

اُميدن جي معصوم مکڙين مٿان،

ڀري ڀونر وانگي ٿو بختِ سياهه.

 

شب بخت جون تيرگيون الامان!

هتي تنهنجي زلفن جا ڪا جاءِ ناهه.

 

اکين جا شبستان روشن ڪريو،

ڪو ماهِ سراپا اچڻ وارو آهه.

 

پڄائي ڪو هاتف پرين کي پيام،

پيارا اٿئي پنهنجو پويون پساهه.

 

تنهنجا چيڙا چمي ڪو ڏسي!

هن صراحيءَ مان پي ڪو ڏسي!

 

عشق خوددار ٿيندو وڃي،

حسن جي بيڪسي ڪو ڏسي!

 

عشق ڇا ڇا ڪري ٿو سگهي،

منهنجو محبوب ٿي ڪو ڏسي!

 

ڪير ڄاڻي بَهارن جو ڀاڳ،

چشمِ گل جي نمي ڪو ڏسي!

 

ڇا حقيقت هتي عرشن جي،

پاءِ ساقي چمي ڪو ڏسي!

 

غيرتِ گل پڪاري پئي،

زخمِ دل جيئن کلي ڪو ڏسي!

 

جنتن کي پڇي ڪير ٿو،

منهنجي دل ۾ رهي ڪو ڏسي!

 

چشمِ ساقي جي اعجاز کي،

هوش وارو اچي ڪو ڏسي!

 

اڄ ته هاتف به هوندو ضرور،

رنگِ محفل هلي ڪو ڏسي!

1961

 

ساقي پيو ڏي ويهه جون وٽيون ڀري ڀري،

ڪو آهه جو پيو ٿو پيي ۽ ٺري ٺري.

 

مستن ڏي ڇو نهارين ٿو ڪرڙيون اکيون ڪري؟

الله ڪري ته تون به اچين عشق جي اري.

 

ويچارڙن جو هاڻ مڙئي بخت ٿو وري،

پاڻئون پيارا آيا پکين پيرڙا ڀري.

 

ساٿي! سٻاجهڙن کي سڻائي وڃي سِگهو،

ڪو توکي ساري ساري اِجهو هاڻ ٿو مري.

 

ساقي! سندئي شرابي نگاهن کي ڇا ٿيو؟

ديوانو عقل جون ٿو اڃا ڳالهيون ڪري!

 

سهڻا متان لڳي نه وڃئي ڊيل جي نظر،

منهنجا صبا خرام خدارا هري هري!

 

اي چنڊ! تنهنجو يار سان ڪهڙو مقابلو؟

اهڙي ته ڳالهه ڪر جو مڙئي ڪجهه وري سري.

 

هو ٿو چوي وسار ۽ هي ٿو چوي ته مار،

ٻن محبتين جو ڪير اچي فيصلو ڪري!

 

خالي ڪو موٽندو آهي داتا جي دَر مٿان!

نادان! ڪانه ٿي ٺهي گُهر گُهر ذري ذري.

 

هاتف الائي ڪيئن ٿو گذاري شب فراق!

سهڻن سوا اسان کي ته ساعت نه ٿي سري.

(1960)

هي وفائن تي ناز ڇا چئجي!

واه بنده نواز! ڇا چئجي!

 

ديدهّ نيم باز ڇا چئجي!

غيرتِ بزمِ ناز ڇا چئجي!

 

اي وفائن جا پاسبان سائين!

ايترو احتراز! ڇا چئجي؟

 

ڪو شب و روز مائلِ غارت،

پر، به اندازِ ناز، ڇا چئجي!

 

دوستن جو ڪرم نٿو وسري،

آهه قصو دراز، جا چئجي؟

 

زلف پيچان جا سلسلا والله،

شبِ غم کان دراز، ڇا چئجي؟

 

توکي تنهنجي زبانَ ۾ سهڻا،

شوخ، نازڪ، گداز، ڇا چئجي؟

 

نگهِ ناز جو ڀرم نه کلي،

ورنه مان ۽ نياز، ڇا چئجي!

 

عشق ۽ حُسن لازم و ملزوم،

رشته سوز و ساز ڇا چئجي!

 

بنده پرور جي بندگي ته ڏسو!

غزنوي ٿيو اياز، ڇا چئجي!

 

آه هاتف مڙئي ٺڳيءَ جو ٺاهه،

شِيخ ۽ پاڪباز، ڇا چئجي؟

(1961)

دل جا دروازا گل جيان کليل،

ڪاش اڄ ڪو صبا خرام اچي!

 

تون به آئين سکن جي ساعت جئن،

ڪو غمِ عشق جئن دوام اچي.

 

ڪشورِ دل جا بادشاهه سائين!

حرمِ ناز ۾ غلام اچي؟

 

دل جا ويرانا ڪي ٿيا آباد!

موسمِ گل به اهتمام اچي.

 

اڄ وري ڪن جي ياد ماريندي،

اڄ وري ٿو مهه تمام اچي.

 

ساغرِ دل ۾ ڏي شرابِ نظر،

تنهنجي درَ تي ٿو تشنه ڪام اچي.

 

سايهء زلف ڪو مليو ڪنهن کي؟

ڇو نه ٿي زندگيءَ جي شام اچي؟

 

دلِ فطرت شناس کي هر هر،

تنهنجي شوخين کان ٿو پيام اچي.

 

بس جيئن شال! تنهنجو لطف هجي،

پو ڀلي گردش ايام اچي.

(1961)

جتي ناهه جبريل پارن جو وس،

اُتي عشق وارن جو روزانو گس.

 

نه ڦاسو، جي ڦاسو ته ڦٿڪڻ ڇڏيو،

جيئو رشڪِ گلشن بنائي قفس.

 

وري پاءِ نازڪ کي تڪليف ڇو!

اوهان جي ته هئي موئي جيئري جي بس!

 

پيارڻ تي ڪَئين مسئلا ٿيا کڙا،

پيئڻ مهل واعظ نه ڪئي پيش وپس.

 

اسين محب! مرندا آهيون مُرڪ سان،

هتي تير تلوار جو ڪهڙو وس؟

 

ڀلي ڪا نظر آزمائي جگر،

اسان کان نه ٿيندي ڪڏهن پيش وپس.

 

مون کي تنهنجي مٺڙن چپن جو قسم،

جي هڪ ڀيرو مُرڪي نهارين ته بس!

 

بهارون ته جن سان هيون سي ويا،

چمن ۾ ته ويندي ٿئي ٿو حبس.

 

مچائي هزارن غمن بزمِ دل،

نه ٿيو تنهنجي غم ري رهاڻين ۾ رس.

 

 اي ساقي رڳو مست اکيون ته کڻ!

ڇڏي ڪعبه و دير ايندا اوس.

 

جي تون وئين ته تنهنجو ستم باقي هو،

اسان کي ته سائين! ڪسر هئي نه ڪس.

 

سرِ راهه رهبر لٽيو قافلو،

نه منزل، نه راهي، نه بانگ، جس.

 

نه شڪوه شڪايت، نه آه و فغان،

رڳو پيا دعائون ڏيون هر نفس.

 

ڏسان آهه ڪهڙي نظر تير ڪش!

جو هاتف کي ڦٽجڻ جو ايڏو هوس.

(17 ڊسمبر 1961ع)

اچي ويا تنهنجي مُرڪڻ جا زمانا،

بهارن جو شباب آيو ڪي آيو!

 

ڪريو اڄ هر رگِ خون ۾ چراغان،

اِجهو، هو بي نقاب آيو ڪي آيو!

 

اِجهو تاريڪين جو بخت بگڙيو،

اِجهو هو بي نقاب آيو ڪي آيو!

 

ڦري پيو خون جو ساغر چمن ۾،

مڙئي ڪو انقلاب آيو ڪي آيو!

 

هي هر هر پاڻ ڏي ڇرڪي نهارڻ،

خدا جو سنهن شباب آيو ڪي آيو!

 

زماني کان آهيون خوش فهمين ۾،

ڪبوتر ڪامياب آيو ڪي آيو!

 

چڱو ٿيو، موت! آئين، پر گهڙي ترس،

اميد آهي، جواب آيو ڪي آيو!

 

اوهان ساغر ڦرڻ لئي هٿ وڌايو،

اسان ڀانيو شراب آيو ڪي آيو.

 

وري حشرت ڀريون اکيون کنيوسين،

وري سمجهو عتاب آيو ڪي آيو.

 

سفيرانِ حرم آيا ڪي آيا،

اٿي هاتف! عذاب آيو ڪي آيو.

(4 جنوري 1962ع)

هاءِ اُهي رنگين بهاريون!

تو جي مرڪي ياد ڏياريون.

 

جهڙيون ميخاني جون راتيون،

اکڙيون ڪاريون ۽ مڌ واريون.

 

دل جو سودو ڪرڻو آهي،

ڪنهن دل واري کي هوڪاريون.

 

منهنجي من ۾ تنهنجون سارون،

بر ۾ لڳيون ڄڻ بازاريون.

 

مون کي ساري گل جيئن ٻهڪين!

منهنجون يادون شوخ بهاريون.

 

دل ويچاري مس مس ريڌي،

چنڊ! وري تو باهيون ٻاريون!

 

تنهنجي آئي من ۾ هوليون،

تنهنجي وئي نيڻن ۾ ڏياريون.

 

زخمن جي سينن کي چيري،

مکڙين کي مرڪڻ سيکاريون.

 

تولئي سَوَ سينگار ڪيائون،

آسون جهڙيون ڳاڙهيون ڪنواريون.

 

تنهنجي ڳڻن جون ڳالهايون ڳايو،

مَرڪيو مَرڪن ڪئن موچاريون.

(4 جنوري 1967)

ڪيم ڇا ڇا نه زيبِ داستان ۾!

لڦون پئجي ويون منهنجي زبان ۾،

 

اڃا تنهنجي اچڻ جو آسرو آهه،

اڃا ڪا جان آهي، خسته جان ۾.

 

ثريا ۾ ڪٿي يا ڪهڪشان ۾؟

ملي منزل جا سنگِ آستان ۾.

 

مون کي ايڏو نه مجبورِ فغان ڪر،

مون کي ايڏو نه وجهه تون امتحان ۾.

 

اسان جي هَٿ ۾ جيسين جام آهي،

اسان جي شهنشاهي دو جهان ۾.

 

دلين جا شهر، لحظي ۾ لڙهي ويا،

عجب طوان هو اشڪ روان ۾!

 

وري هو مائلِ لطف و ڪرم آهه،

الاهي! عاشقن کي رک امان ۾.

 

سنڀاليو، پنهنجي دامن کي سنڀاليو!

ٻري پئي باهه هن اشڪِ روان ۾.

 

رُلو ڇو پيا، وڃيو ساري جهان ۾،

پيا آهن اسان جهڙا اوهان ۾.

 

پراوا پنهنجا سڀ ٿيا پيالي ڀائي،

رڳو هاتف نه هو هڪڙو اسان ۾.

 

هئي ڪيڏي نه رنگين بزمِ عشرت!

ڪٿان هاتف اچي ويو درميان ۾؟

(1974)

رندن هٿان ڪڏهن به نه مئي وئي نه جام ويو،

ماهِ صيام آيو ۽ ماهِ صيام ويو.

 

اڄ واعظانِ شهر وٽان هي پيام ويو،

ساقي! شراب آڻ جو ماهِ صيام ويو.

 

هاڻي چون ٿا جبه و دستار جا ڌڻي،

بي باده، بي رباب مهينو حرام ويو.

 

بيشڪ اُهوئي ٿيندو دو عالم ۾ سُرخرو،

جيڪو ديارِ يار ۾ بي ننگ و نام ويو.

 

لحظي ۾ لُڙهه لهي ويا، پل ۾ لٿام پورَ،

هڪ ڀيرو بس حضور کي منهنجو سلام ويو.

 

هر چوڏهين ته اوڻٽيهين وانگي ٿي لڳي،

مون کان رُسي جڏهن کان هو ماهِ تمام ويو.

 

بيشڪ هُتي هو پيار جو دريا روان دوان،

مون جهڙو بدنصيب مگر تشنه ڪام ويو.

 

هن ڪاغذي گلن جي زماني ۾ اي نديم!

لاله بجائي جڳ کي وڻي لاله فام ويو.

 

پڃري ۾ جي ملي ته ملي ڪنجِ عافيت!

ٻاهر ته هر قدم تي وڇائي ڪو دام ويو.

 

بزمِ سُخن الائي ڪڏهن هوش ۾ اچي،

هاتف ته خير سان پڙهي پنهنجو ڪلام ويو.

(1987)

وڃي شهر ۾ هُل هُلايو وري

ڪو سرمد سردار آيو وري.

 

گهڻو دوستن آزمايو وري،

اسان پنهنجو وارو وڄايو وري.

 

اکين ساڻ اکيون ملايو وري،

نئين سر نئون نينهن لايو وري.

 

متان آسرن ۾ رهايو وري!

اسان تان نه ماڻهو کِلايو وري!

 

پرين کي اسان پنهنجو ڀانيو وري،

اکين جي اشارن ڀلايو وري.

 

اُهو، جنهن سان ڪي روح رچنديون هيون،

اُهو رات خوابن ۾ آيو وري.

 

اسين پرت پيالن جا پياسا آهيون،

صبح ساڻ ٿئي ڪو سوايو وري!

 

ورڻ جا ته ويساههَ ڏاڍا ڏنئين،

وڃڻ وارو موٽي نه آيو وري.

 

اسان عادتاً بس اوهان جا آهيون،

اوهان عادتاً منهن مٽايو وري.

(1987)

هيءَ حقيقت ته آشڪار آهي،

تو اڳيان چنڊ شرمسار آهي.

 

هو خيالن ۾ همڪنار آهي،

بيقراريءَ کي ڪجهه قرار آهي.

 

روح مجروح، دل فگار آهي،

پوءِ به وعدن تي اعتبار آهي!

 

تون ڏسين پيو تندون گريبان جون،

دامنِ دل به تار تار آهي.

 

آشيانن ۾ خوفِ برق و شرار،

تحفهءِ موسمِ بهار آهي.

 

وره ٿيا خواب ۾ ڪو آيو هو،

ذهن اڄ تائين مشڪبار آهي.

 

غمِ جانان جو مون کي غم ناهي،

غم ڏيڻ وارو غمگسار آهي.

 

زندگي، زندگي ڪري ماڻيو،

زندگي ورنه مستعار آهي.

 

حافظ[1]،  بيخودو2    گرامي3،   لئي،

اک اڃان تائين اشڪبار آهي.

 

شاعري شاعرن کان وسري وئي،

ياد بس پيٽ جي پڪار آهي.

 

تون جي چاهين ته منهنجي پل پل تي،

توکي ساڳيو ئي اختيار آهي.

 

آبِ جو، مئي، چمن، بهار، شباب،

موسمِ عشق سازگار آهي.

 

حيف هاتف کي عشق بازيءَ تي،

ڇو اڇن ۾ ٿيو خوار آهي؟

(11 فيبروري 1988)

تنهنجي ايڏي جي بي رخي هوندي،

زندگي ڪهڙي زندگي هوندي!

 

جيسين اکڙين ۾ روشني هوندي،

مون کي لوري سندئي لڳي هوندي.

 

آرزو منهنجي ايتري هوندي،

جيڪا تنهنجي سڄڻ خوشي هوندي.

 

تنهنجي چپڙن مان جنهن چکي هوندي،

زندگي تنهن جي زندگي هوندي.

 

مهه جبينن جو ٽولو ساڻ هجي،

شاعري پوءِ شاعري هوندي.

 

هٿ ڏئي هٿ ۾ جا گهڙي گذري،

حاصلِ زندگي رهي هوندي.

 

نرم آغوش، آتشين جذبا،

هاءِ اهڙي به ڪا گهڙي هوندي!

 

آهه هاتف انهيءَ زماني جو،

دوستي جنهن ۾ دوستي هوندي.

 

مون کي ملندو مزدهء صُبح بهاران عنقريب،

بامَ تي ايندو سڄڻ سائين خرامان عنقريب.

 

ايندو ايندو غيرتِ چشمِ غزالان عنقريب،

رشڪِ صحرا آهه دل، ٿيندي گلستان عنقريب.

 

چيلهه تي ڇوڙي ڇڏيندو زلفِ پيچان عنقريب،

منهنجي برباديءَ جو پيدا ٿيندو سامان عنقريب.

 

خار و خَس کي جن ڪيو ريحان وسوسن جو بدل،

سي سڏائيندا هتي جانِ بهاران عنقريب.

 

هو به ضد آهي ته گهر ٻاري ڪبي ڏياري ضرور،

روشنيون ٿينديون سيه بختن لاءِ ارزان عنقريب.

 

جي نگاهِ ناز جون هي فتنه سامانيون رهيون،

پاڻ کان ويندا ڇڏائي دين و ايمان عنقريب.

 

منهنجا سانگيئڙا وري پيا سانگَ جو سانباهو ڪن،

آگمين اکين ۾ اُٿندا ڪيئي طوفان عنقريب.

 

جن جي جلون ساڻ ٻهڪي ٿو جهانِ رنگ و نور،

دل جي خس خاني ۾ شايد ٿيندا مهمان عنقريب.

 

حُسن وارن ۾ اسان جي حوصلن جي هاڪَ آهي،

قتل گاههِ عشق ۾ ٿينداسون قربان عنقريب.

 

عشقَ جا بيمارَ آهن اهڙي منزل تي رسيا،

درد دِل ئي درد دِل جو ٿيندو درمان عنقريب.

 

هاتفِ خسته ٿو چورائي حسينن جون دليون،

شاعريءَ ۾ هي به هڪڙو ٿيندو عنوان عنقريب.

 

تنهنجي حُسنَ جو ذڪر جي آيو،

ڪنوارين ڪلين ٿي شرمايو.

 

سهسين تنهنجا روپَ سڃاڻان،

سونهن ۾ هرڪو روپ سوايو.

 

مکڙين کي تو مُرڪون بخشيون،

چانڊوڪين کي تو جهرڪايو.

 

جئن جئن نيڻ نشيلا کولئي،

تيئن تيئن رُت تي جوڀن آيو.

 

ڇاجي مصري ڇاجي ماکي،

تو جو مٺڙو ٻول ٻڌايو.

 

تنهنجي رروپَ جي قوس قزح مان،

ڪالهه گُلن پئي رنگ چورايو.

 

پيشانيءَ جي جوت جي جڳمڳ،

ڪئن ٿي تارن کي تڙپايو!

 

تنهنجي نورَ جي تڙڪي سائين!

روح اسان جو آ گرمايو.

 

تنهنجو جوڙ نه جوڙيو صاحبَ،

توکي، تنهنجو جوڙ بنايو.

 

ٺاهڻ واري توکي ٺاهي،

پاڻ کي ڪيڏو ويهي پڏايو.

 

اوچا تن جا ڳاٽ ڏٺاسون،

هن در تي جن ڪنڌ نمايو.

 

تن جا ٻيئي جهان موچارا،

جن تي تنهنجي سر جو سايو.

 

آءُ ته پيارا جهوليءَ پائين،

مون وٽ جو محبت جو مايو.

 

هاتف هيڏو ڪوجهو ڪارو،

تو ڪئن پنهنجي ساهه سمايو.


1 حافظ شاهه ناطق حشيني

2 ڊاڪٽر اسدالله شاهه بيخود حسيني

3 مولانا غلام محمد گرامي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org