سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نيڻن ۾ ڏياريون

صفحو :2

غزل جي شاعري اصل ۾ حسن ۽ عشق جي شاعري آهي، انهيءَ ڪري منجهس جماليات جو عنصر غالب هوندو آهي. محبوب جي لب و رخسار جي  ساراهه ۽ اُن جي حسن جي جادوگريءَ جي بيان کان سواءِ نامڪمل آهي. جيڪڏهن دنيا جي ڏکن ۽ زماني جي ناهموارين جون ڳالهيون ڪرڻيون به آهن ته اُهي به سڄڻ جي ساراهه کان پوءِ.

مون کي ملندو مَردهَ صبح بهاران عنقريب،

بام تي ايندو سڄڻ سائين خرامان عنقريب.

محبوب ڇت تي بيهي جلوو پسايو ته عاشق کي بهار جي دل آفرين صبح جو سنيهو ملي ويو. سڄڻ سائين جي لفظ شعر ۾ حسن پيدا ڪري ڇڏيو آهي.

حسن وارن ۾ اسانجي حوصلن جي هاڪ آهي،

قتلگاهِ عشق ۾ ٿينداسون قربان عنقريب.

”عنقريب“ جي رديف غزل ۾ حسن پيدا ڪرڻ سان گڏ هڪ تسلسل ۽ تواتر پيدا ڪري ڇڏيو آهي. بس اِجهو ڪي اِجهو سڀ مرحلا پورا ٿي ويندا. تنهن کان سواءِ قتل گاهِ عشق ۾ قربان ٿيڻ جو سلسلو ته ڪڏهن ختم ٿيڻو ئي ڪونهي ۽ اهو سڀ ڪجهه عنقريب ٿيڻو آهي جو شروع کان ٿيندو آيو آهي.

مون عرض ڪيو ته شبير هاتف جي شاعريءَ ۾ جمالياتي عنصر سڀ کان وڌيڪ نمايان آهي يا ائين کڻي چئجي ته هو سنئون سڌو هڪ جمالياتي شاعر آهي. محبوب جي مرڪ، مکڙين جي مهڪ، اکڙين جا الماس ۽ ايندڙ رُتن جون بهار آفرينيون ئي هن جي شعري فڪر جو سرمايو آهن:

مصحفِ رُخ جون آيتون ساڳيون،

عاشقن جون تلاوتون ساڳيون.

 

مکڙين کي تو مُرڪون بخشيون،

چانڊوڪين کي تو جرڪايو.

 

جِيئن جِيئن نيڻ نشيلا کولَئي،

تِيئن تِيئن رُت تي جوڀن آيو.

رُت جو اِهو جوڀن شبير هاتف جي سڄي شاعريءَ تي ڇانيل آهي.

تنهنجي جوڀن جي اُٿل ساوڻي دريا جهڙي،

دل کي پائي ڪنهن گرداب ۾ پائين ته چڱو!

 

يار جي رفتار جي مسيحائي ته ڏسو:

گهمائي پير جتان ويو هو يار جانِ بهار،

سو بوستان ته ڪڏهن بي بهار ٿي نه سگهيو.

 

يا وري يار جي حسن جو اِهو ڪرشمو:

جمالِ يارِ مهوش جو ڪرشمو ناهي ڇا يارو،

جو هن تي جئن نظر پيئي علاج رنج و غم ٿي ويو.

 

يا اهو شعر:

 

ڪهڙي تعريفِ حسن و عشق ڪجي!

نڪهت و گل جو رشتو بي تفصيل.

جهڙيءَ طرح گل ۽ خوشبو جي رشتي لاءِ ڪنهن تفصيل يا دليل جي ضرورت ناهي، اهڙي طرح حُسن ۽ عشق جي تعريف لاءِ ڪنهن دليل ۽ تفصيل جي ضرورت ڪانهي. اهي ته ازل کان هڪٻئي سان وابسته رهيا آهن ۽ ازلي لاڳاپي لاءِ ڇا دليل يا تفصيل بيان ڪجي.

غزل جي شاعري ۾ انداز بِيان کي وڏي اهميت حاصل آهي؛ ڪنهن به خيال ۽ ڪنهن به مضمون کي سهڻي انداز ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته شاعر لفظن جي وسيع ذخيري رکڻ سان گڏ تشبيهه ۽ استعاري جي استعمال جي به مهارت رکندڙ هجي. شبير هاتف جي غزل ۾ اهي ٻئي خوبيون نمايان نظر اچن ٿيون. ان سان گڏ هن رعايتِ لفظي جي فني پابندين کي به خوب نباهيو آهي. مثال طور:

 

جهڙيون ميخاني جون روايتون،

اکڙيون ڪاريون ۽ مڌ واريون.

 

ميخاني جي رعايت سان مڌ يعني شراب ۽ راتين جي مناسبت سان ڪارين اکين جو ذڪر شعر کي استعاري جو هڪ خوبصورت شعر بڻائڻ سان گڏ رعايتِ لفظي جي شعري قريني کي به نباهيو آهي.

انهي غزل جو هڪ ٻيو شعر آهي:

تو لئه سوَ سينگار ڪيائون،

آسون جهڙيون ڳاڙهيون ڪنواريون.

 

هي شعر به استعاري جو هڪ خوبصورت شعر آهي. دل جون اُميدون به محبوب جي اچڻ جي خوشيءَ ۾ سينگار ڪرڻ کان پوءِ ڳاڙهي ڪنوار وانگر حسين پيون لڳن:

 

شبِ فرقت ۾ ياد جو عالم،

چشم گِريان ۾ ٿا ٻرن قنديل.

 

هن شعر ۾ به استعاري جو خوبصورت انداز آهي. جدائيءَ جي رات جا اڪثر اونداهيءَ جي درد انگيز رات هوندي آهي، پر محبوب جي ياد ۾ جيڪي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا سي ڄڻ ته روشنيءَ جا قنديل هئا جن جدائي جي رات کي روشن ڪري ڇڏيو. تنهن کان سواءِ هن شعر ۾ لفظي رعايت جو به بهتر طور تي خيال رکيو ويو آهي. رات ۽ اوندهه سان قنديلن جو ذڪر شعر جي فني ضرورت هئي.

تغزل

تغزل جون زبان ۽ فن جي ڄاڻن مختلف تعريفون بيان ڪيون آهن. شعر ۾ ڪا فني خامي ۽ زبان جي غلطي نه هجي، مضمون واضح ۽ ابهام کان پاڪ هجي ۽ جيڪي ڪجهه چيو وڃي اُهو حسن ۽ عشق جي بياني انداز ۾ هجي. پر منهنجي خيال ۾ تغزل جي سڀ کان اهم تعريف اها آهي ته جهڙي طرح خوشبو گل جي وجود مان اُڏري ذهن کي متاثر ڪندي آهي اهڙي طرح تغزل به شعر جي هڪ خوشبو يا سرهاڻ آهي جا شعر مان اُڏري ٻڌندڙ جي ذهن کي متاثر ڪندي آهي. جهڙي طرح هر گل ۾ خوشبو جي اها مهڪ موجود نه هوندي آهي، اهڙي طرح هر شعر ۾ به تغزل جي سرهاڻ نه هوندي آهي. اسان کي ڪيترن ئي اهڙن شاعرن جا شعر نظر ايندا جي صرف بحر وزن ۽ قافيي جي پابندين کي نباهڻ لاءِ چيا ويندا آهن. اهڙن شعرن ۾ معنويت ته بيشڪ هوندي پر منجهن تغزل واري مهڪ ڪانه هوندي آهي.

طوالت ۽ دل آزاري جي خيال کان آئون اهڙا شعر پيش نٿو ڪريان نه ته اهڙن شعرن جي به اسان جي ڇپيل شاعريءَ ۾ ڪمي ڪانهي. مون کي خوشي آهي ته شبير هاتف جي ڪلام ۾ اڪثر شعر تغزل جي هن خوبي سان سينگاريل آهن ۽ پنهنجي ڀرپور خوشبو سان پڙهندڙ جي ذهن کي معطر ڪندا رهن ٿا. مثال طور سندس هي ٻه چار شعر توهان ڏسندا ته انهن ۾ اُهي تمام خوبيون موجود آهن جيڪي مون تغزل جي زمري ۾ ڄاڻايون آهن:

تنهنجي ايڏي جي بي رخي هوندي،

زندگي ڪهڙي زندگي هوندي.

 

اُهو جنهن سان ڪي روحَ رچنديون هيون،

اُهو راتَ خوابن ۾ آيو وري.

ورڻ جا ته ويساهه ڏاڍا ڏنئين،

وڃڻ وارو موٽي نه آيو وري.

 

تنهنجي يادن جون بهارون، تنهنجي غم جون لذتون،

دل جي دنيا ۾ ته آهن، راحتون ئي راحتون.

تون اُهو ساڳيو ئي بيگانن جيان هلندو اچين،

عشق ويچارو اڃان ساري ٿو تو ۾ حجتون.

 

هيءَ حقيقت ته آشڪار آهي،

تو اڳيان چنڊ شرمسار آهي.

ورهه ٿيا خواب ۾ ڪو آيو هو،

ذهن اڄ تائين مشڪبار آهي.

 

هاءِ اُهي رنگين بهاريون،

تو جي مُرڪي ياد ڏياريون.

منهنجي من ۾ تنهنجيون سارون،

بر ۾ لڳيون ڄڻ بازاريون.

تو لئه سو سينگار ڪيائون،

آسون جهڙيون ڳاڙهيون ڪنواريون.

 

وڇوڙي جا طوفان ايندا رهيا،

ڏيا تنهنجي يادن جا ٻرندا رهيا.

ڪئي حڪمراني ٿي موجن تي جن،

سي ٻيڙا ڪنارن تي ٻڏندا رهيا.

هُيون جن سان ميخاني جون رونقون،

اُهي سُرڪ جي لاءِ سڪندا رهيا.

 

 

جي نگاهه ناز جون هي فتنه سامانيون رهيون،

پاڻ کان ويندا ڇڏائي دين و ايمان عنقريب.

 

دشمنن تي عنايتون ساڳيون،

دوستن جون شڪايتون ساڳيون.

 

مکڙين کي تو مُرڪون بخشيون،

چانڊوڪين کي تو جرڪايو.

جِيئن جِيئن نيڻ نشيلا کولئي،

تِيئن تِيئن رُت تي جوڀن آيو.

 

هيل نيڻ به ڪيا واهه جا آگم آهن،

مينهن جي مند مٺا مون سان ملهائين ته چڱو.

 

مان بي خوديءَ جي حقيقت نٿو ٻڌائي سگهان،

گهڻو ئي غور ڪيم اختصار ٿي نه سگهيو.

 

هي حُسن ۽ عشق جا افسانا، چئبا ته نگاهن ۾ چئبا،

اي ڪنهن جي محبت جا ماريل! محفل ۾ ويهي فرياد نه ڪر!

 

توکي تنهنجي زبان ۾ سهڻا،

شوخ، نازڪ، گداز، ڇا چئجي!

 

اهي شعر جيڪي مون پيش ڪيا آهن، انهن مان ڪنهن به شعر جي تشريح جي ضرورت ڪانهي. هر شعر زبان ۽ بيان جي خوبيءَ سان موجود آهي ۽ تغزل جو حُسن به نمايان نظر پيو اچي ۽ ان جي معنوي ۽ لفظي سرهاڻ ٻڌندڙ ذهن کي متاثر ۽ معطر ڪريو ڇڏي. اهائي تغزل جي سچي پچي تعريف آهي ۽ اهائي شبير هاتف جي ڪلام جي خوبي آهي. اهڙا بي شمار شعر سندس بياض ۾ موجود آهن جن مان هرهڪ غزل جي شاعري جي حُسن ۽ تخيل جي بلندين جو آئينو آهي.

غزلن کانسواءِ شبير قطعا، رباعيون ۽ هڪ اڌ نظم به چيو آهي. قطعن ۾ پڻ انداز اُهو ساڳيو غزل جو ئي رکيو اٿائين. پهرين گهڻو ڪري شاعر غزل کان اڳ قطعا پيش ڪندا هئا جن ۾ پڻ غزل وارا عشقيه مضمون هوندا هئا. اڄ ڪلهه قطعا ڪجهه موضوعاتي بڻجي چڪا آهن. شبير جي قطعن ۾ به اُهو ئي عشقيه انداز موجود آهي.

 

مون ڏٺا آهن جهان ۾ حسن وارا بي شمار،

ڪن تان چانڊوڪيون فدا، ڪن تان فدا رنگِ بهار،

ڪن ۾ پرين جا مهانڊا، ڪن ۾ حورن جا نشان،

پر مٺي محبوب جي هڪڙي ادا تان سڀ نثار!

 

تون لڪڻ ساڻ ڪو لڪي سگهندين،

منهنجا محبوب سائين موچارا!

رخ تان لاهي حجاب زلفن جو،

سجَ کي سُپ ڏئي ڍڪڻ وارا!

 

منهنجي دل جا مڪين اکين کان پري،

ايترو قرب ايتري دوري!

شيوهء حُسن آهي جوروجفا،

هاءِ تنهنجي ڪرم جي مجبوري!

 

ڪيڏيون معصوم تمنائون ڪهي ڇڏيوسين،

بزمَ  جانان کي نئون رنگ ڏيڻ جي خاطر،

ڪيترا ڀيرا اِنهي در تي مئا هونداسين،

رڳو هڪ ڀيرو جيئڻ وانگي جيئڻ جي خاطر.

 

قطعن جي روشنيءَ ۾ به شبير هاتف جي شاعري ساڳي غزل جي تسلسل جي شاعري ٿي معلوم ٿئي. هر قطعو خيال ۽ لفظن جي بندش جو بهترين نمونو آهي. تشبيهه ۽ استعاري جو به اُهوئي ساڳيو ئي التزام آهي جو سندس غزل ۾ آهي ۽ وڏي ڳالهه اُهو لفظي ۽ معنوي ربط جو هر قطعي جي چئني سٽن ۾ موجود هئڻ گهرجي، شبير جي قطعن ۾ ڏاڍي سهڻي انداز ۾ موجود آهي ۽ هن ربط يا چئني سٽن جي هڪ ٻئي سان لاڳاپي سندس قطعن کي به نهايت خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي.

مولانا غلام محمد گرامي مرحوم اسان جو هڪ نهايت قابلِ احترام بزرگ ۽ سدا بهار طبيعت رکندڙ دوست هو. شبير سان سندس نيازمنديءَ وارا تعلقات هئا. ڏاڍي مهرباني، قرب ۽ شفقت سان ساڻس پيش ايندو هئو. شبير روزگار جي رولڙن تحت ڪئنبيرا پهتو ته کيس اِها خبر حسرت آيات به پهتي ته محترم گرامي گذاري ويو. ان خبر سندس شاعراڻي طبيعت تي جيڪو اثر ڪيو اُن جو رد عمل هڪ نظم جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. پرديس ۾ گرامي جهڙي هڪ عزيز ترين مربي جي موت جي خبر جو اِهو ردِ عمل هئڻ به گهربو هو.

ڪئنبيرا ۾ بهارن جي رُت،

آئون هڪ صبح جو ڇرڪي اُٿيس،

مون کي بي نور لڳو صبح بهار،

منهنجي آڳنڌ ۾ گلابن جا گَل،

اهڙا بي رنگ لڳم جهڙيون جوان بيواهون.

بلبلين قمرين، چيهن ۽ چتن،

حسبِ معمول پئي ٻوليون ٻوليون،

پر عجب رنج ۽ غم سان سرشار.

ڪئنبيرا ۾ بهارن جي رُت،

اهڙي افسرده ڪڏهن ڪانه ڏٺم،

اهڙي غمناڪ سمي ۾ مونکي محسوس ٿيو،

منهنجو پنهنجو ڪو بنهه پنهنجو گرامي جهڙو،

اهڙي ڏورانهين سفر سنڀيو آهي،

نه جتان ڪو وري موٽيو، نه خبر آئي نه خواب،

جان ڏٺم دل ڏي ته هڪ آهه ڪري،

غم جي اوڙاهه ۾ ٿي غرق وئي.

هي نظم هڪ دوست مشفق ۽ مهربان اُستاد جي موت جي خبر کان پوءِ دل ۾ پيدا ٿيندڙ ڏک ۽ دنيا جي بي ثباتيءَ بابت پيدا  ٿيندڙ اُن پُرسوز ڪيفيت جي آئينه دار آهي جيڪا پنهنجي بنهه پنهنجي گراميءَ جهڙي انسان جي ڌار ٿي هڪ اهڙي دنيا جي سفر تي اُسهڻ جي خبر جي ردِعمل طور پيدا ٿي آهي، جتان نه اڄ ڏينهن تائين ڪو موٽيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن اهو احوال ٻڌايو آهي ته اُن دنيا ۾ بي انت اونداهه کان سواءِ ٻيو به ڪجهه آهي!

مون کي خوشي آهي ته شبير هاتف جو ڪلام سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپجي منظر عام تي اچي رهيو آهي. مون کي اُميد آهي ته سندس ڪلام سنڌي ادب جي پڙهندڙن، خاص طور غزل جي شائقين لاءِ هڪ بيش بها تحفو ثابت ٿيندو اُها تشنگي جا غزل جا پڙهندڙ گهڻي عرصي کان محسوس ڪري رهيا هئا سا هن ڪتاب جي اشاعت کان پوءِ دور ٿي ويندي.

مخلص

علي محمد مجروح

شاعري: هڪ مسلسل تخليقي عمل

شاعري هڪ مسلسل تخليقي عمل آهي. جيڪڏهن ان ۾ وير به ويساند پئي ته، پوءِ سڀڪجهه جهڙوڪر نئين سر شروع ڪرڻو پوندو. ۽ يقيناً ڪن اڻٽر ڪارڻن جي ڪري اهو تخليقي عمل ٺپ به ٿي ويندو آهي، جهڙوڪ: معياري رسالن جي کوٽ، ايڊِيٽرن جو تخليقي ملهه- ڪٿ کان سنڍ هجڻ، صحيح تنقيد جو ڏڪار، سنجيده پڙهندڙن جي اڻاٺ، لکڻ مان ڪنهن به اپڙاسي جو نه هجڻ، اشاعتي ۽ نشرياتي ادارن تي اڻ لاڳاپيل ماڻهن جو قبضو...

مٿي ڄاڻايل سمورا ڪارڻ خارجي آهن، پر اهي داخلي سطح تي به اثر انداز ٿي سگهن ٿا ۽ ڪجهه به تخليقڻ تان ارواح کڄي سگهي ٿو، پر اهڙي صورتحال ۾ به ڪڏهن ڪڏهن:

اندر وِهُه ولوڙجي

ٻاهر ساگر سانت

واري ڪيفيت هوندي آهي. شبير سان ان ڏس ۾ ڪهڙي ڪار ٿي؟

الاءِ ڪنهن جي نظر کائي ويئي ”هاتف“ کي

سندس ڪلام ڪتابن ۾ ڳولبا آهن

شبير جي سموري شاعري عروض تي مشتمل آهي ۽ هُن عروض کي ڏاڍي ڪاميابيءَ سان ورتايو آهي ۽ عروضي شاعريءَ جا سمورا لوازمات هن پورا ڪيا آهن. شبير جنهن دور ۾ لکڻ شروع ڪيو هو، اُهو سنڌي شاعريءَ جو پنهنجي اصل سان رشتي جوڙڻ جو دور هو. اياز شمشير ۽ تنوير... انهيءَ تقليدي روايت مان پلاند آجا ڪري رهيا هئا، خود منهنجي شاعريءَ جي شروعات به ڪافي ڪلام سان ئي ٿي هئي، نه ڪي ”نثري نظم“ ٽائيپ جي شين سان! جيئن شبير لکيو آهي. جيتوڻيڪ مون شبير کان اڳ شاعري شروع ڪئي هئي، پر اُها سُرن تي آڌارڪ هئي. ۽ جڏهن شبير ۽ سوز امين منزل هيرآباد ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندا هئا ۽ اتان موٽي اچي اتي جون خبرون ڪندا هئا، ته منهنجو روح به رسڪندو هو. پوءِ ڀائو قاضيءَ (بيخود حسيني) مون کي عروض جو پهريون سبق ڏنو هو. ۽ مون شاعري ڪرڻ ئي ڇڏي ڏني هئي. ۽ پوءِ جڏهن شاعري ڪئي ۽ ان کي جاري رکيم، ته شبير ۽ ڀائو قاضي شاعري تياڳي چڪا هئا.

غزل شبير جي پسنديده صنف آهي ۽ هن گهڻو ڪري غزل ئي چيو آهي، سندس رباعين ۽ قطعن ۾ به تغزل جو رنگ نمايان آهي. زمين، بندش، ترڪيب، تشبيهه، استعاري... جي جيڪا پختگي شبير وٽ آهي، سا ڪنهن به استاد جي مرهون مِنت نه آهي. ڇاڪاڻ ته مان ذاتي طور تي به ڄاڻان ٿو ته، پنهنجي وقت جي استاد شاعرن کان، عروض جي ڄاڻ، شبير وٽ ڪجهه وڌيڪ ئي آهي. عروض تي اها دسترس کيس پنهنجي ڏاڏي کان ورثي ۾ ملي آهي.

دراصل شبير جي شاعريءَ جو اهو روايتي رنگ به ٽکڙ جي مڪتبه فڪر جو بخشيل آهي. انهيءَ روايت کي اسين ٽن دورن ۾ ورهائي سگهون ٿا:

(1)                 شروعاتي دور

(2)                وچيون دور

(3)                هاڻوڪو دور

شروعاتي دور (1130هه) ۾ نور محمد ”خسته“ انهيءَ روايت جو مُک شاعر آهي. ”خسته“ سنڌي ۾ عروضي شاعريءَ جي آڳاٽن شاعرن مان آهي ۽ ساڳئي وقت سنڌي شاعريءَ ۾ غزل جي صنف جو پيڙهه رکندڙ آهي. ”تذڪره شعراء ٽکڙ“ ۾ 18 صفحي تي سندس هڪڙو ئي غزل ڏنل آهي. انهيءَ غزل جون ڪي مصراعون ته فارسيءَ ۾ چيل آهن:

”خسته“ وخوار منجهه ”وسيءَ“ مون جيئن

نيست ديگر کسي ز شيخ و شاب

اهو حسنِ اتفاق ئي چئجي ته، شبير به پنهنجي هڪ غزل ۾ ساڳيو قافيو ”شيخ و شاب“ ڪتب آندو آهي:

 

ٻڌون ٿا يار وٽ اڄ رعوتِ نظاره عام آهي

مڙيا آهن اچي سڀ شيخ و شاب آهسته آهسته

 

وچئين دور ۾ علامه اسدالله شاهه ”قذا“، محمد هاشم ”مخلص“، حافظ هارون ”دلگير“ ۽ حافظ عبدالله ”بسمل“ انهيءَ روايت جا اهم شاعر آهن: ۽ هاڻوڪي دور ۾ شبير في الحال انهيءَ روايت جو آخري نمائندو شاعر آهي.

ٽکڙ جي مڪتبه فڪر جو هڪڙو ٻيو به رنگ آهي، جيڪو روايتي ۽ نج سنڌي رنگ جي ميلاپ سان جُڙي ٿو. ”حافظ حامد“ انهيءَ سلسلي جو وڏو شاعر آهي. قاضي محمد دائود، حاجي عبدالستار جان ”پير“، سائين ميران محمد شاهه ”مير“، محمد خان ”غني“، پير ابراهيم جان ”خليل“، سيد حافظ شاهه ”حافظ“ (ناطق)، اسدالله شاهه ”اسد“ (بيخود) به انهيءَ رنگ ۾ ورتل آهن. انهن غزليات سان گڏ بيت ۽ ڪافيءَ جي صنف تي به طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ غزل ۾ سنڌي رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

ٽکڙ جي مڪتبه فڪر جو سڀ کان منفرد ۽ سُريلو شاعر سيد حاجي محمد حافظ شاهه آهي. شبير جو نانو، جنهن جي اوطاق کي ٽکڙ ۾ هڪ ثقافتي مرڪز جي حيثيت حاصل هئي. پاڻ ڪافيءَ جي وڏن شاعرن مان آهي. چون ٿا ته هڪڙي ڀيري ناني حافظ شاهه فارسي رنگ ۾ هڪ روايتي غزل چيو، تڏهن سندس ٽيون نمبر وڏي ڀاءُ علامه اسدالله شاهه ”فدا“ وڏي واڪ ان تي هن ريت تبصرو ڪيو ته:

”اَبا، حافظ شاهه ”عشق“ ڇڏي ”فشق“ ۾ ڪاهي پيو آهي. ڪافي ڪلام جي انهيءَ نج سنڌي روايت کي ٽکڙ ۾ پوءِ محمد سعيد شاهه ”سعيد“ زنده رکيو.

شبير ان معاملي ۾ خوش نصيب آهي ته کيس پنهنجي گهر ۾ ئي ادبي ماحول مليو. سندس ٻئي وڏا ڀائر ڀائو حافظ شاهه ۽ ڀائو قاضي اڳي ئي ادبي ميدان ۾ ڪونتل ڪُڏائي رهيا هئا. ڀائو حافظ شاهه ته ورهاڱي کان اڳ ئي ادب ۾ پير پائي چڪو هو ۽ نثر ۾ ۽ خاص ڪري ڪهاڻي- ڪلا ۾ هن نه وِسارڻ جهڙيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ ڊاڪٽر ”بيخود“ حسيني ورهاڱي کان پوءِ تخليق توڙي تحقيق جي ميدان ۾ اڳتي وک وڌائي ۽ ”تذڪره شعراء ٽکڙ“ جي صورت ۾ ٽکڙ جي ادبي، سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ سياسي تاريخ کي مرتب ۽ محفوظ ڪيو. شبير اڳتي هلي محمد خان ”غني“ ۽ مولانا غلام محمد ”گرامي“ جي صحبت مان فيضياب ٿيو ۽ پوءِ سائين ميران محمد شاهه جي ڪچهرين ۾ رچي راس ٿيو. قبله مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ سائين جي رس رهاڻين سون تي سهاڳي وارو ڪم ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org