سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نيڻن ۾ ڏياريون

صفحو :12

بس اسان سان به ڪي پرت جا پير ڀر،

هاڻ ديريون نه ڪر! هاڻ ديريون نه ڪر!

 

اچ اچڻ جي اٿئي مند، مندائتي مينهن وانگي اچ،

دِل جي ٿر بر تي الفت محبت جي پالوٽ ڪر،

پاڻ سان آڻ ڪي زندگانيءَ جون شادابيون،

۽ مون کي پنهنجي آغوش جون بخش آسودگيون،

مون کان جاليا نٿا ٿين فرقت جا شام و سحر:

هاڻ هيڏانهن به ٿئي ڪا ڪرم نظر!

هاڻ ديريون نه ڪر! هاڻ ديريون نه ڪر!

 

اچ ته جڳ جڳ ۾ گڏجي جئڻ جا ڪريون ويهي قول،

اچ ته ڪي پرت جا پيار جا پيچ پختا وجهون،

اچ ته دنياء عشق و محبت سنواريون سڄڻ!

اچ شب زندگي ڀاڪرن ۾ گذاريون سڄڻ،

تو سان ڪرڻيون اٿم قرب جون ڪئين ڳجهيون ڳالهيون:

۽ حياتي جون گهڙيون بنهه مختصر،

هاڻ ديريون نه ڪر! هاڻ ديريون نه ڪر!

(18 آگسٽ 1968ع)

لاهور

لاهور منهنجو شهر عديم المثال شهر،

لاهور حسنِ ذوق جو آهي ڪمال شهر.

لاهور سرو و سوسن و سُنبل سمن جو شهر،

لاهور صد بهار، چمن در چمن جو شهر

لاهور موتين جو گلابن جو شهر آهه،

لاهور رنگ و بُو جو، شرابن جو شهر آهه.

لاهور آهه حسن جي شهزادين جو شهر،

لاهور دلبرين جو ۽ دلشادين جو شهر.

لاهور جنهن ۾ حسن جا درياءَ ٿا وهن،

لاهور جنهن ۾ عشق جا بادل گجن وسن.

لاهور جنهن ۾ حسن جي فرمانروائي آهه،

لاهور جنهن ۾ عشق جي قسمت سوائي آهه.

لاهور جنهن ۾ عشق کي آسودگيون ملن،

لاهور جنهن ۾ حسن کي سو بندگيون ملن.

هت هر طرف کان مست اکين کان ملن پيام،

مٺڙن چپن جي مُرڪ جي بخشش ته عام جام.

هت اکڙين جي مئي جا پيالا پيئڻ ثواب،

ڪنهن جي نگاههِ ناز سان ڪُسجي وڃڻ ثواب.

هت عاشقن کان دل نه کسڻ آهه هڪ گناهه،

۽ دلبرن کي دل نه ڏيڻ آهه هڪ گناهه.

لاهورين جي تيغ ادا واهه واهه واهه!

جڏانهن ڪر نگاهه ته قتلام عام آهه.

جن کي جُهڪي جُهڪي ٿيون بهارون به ڪن سلام،

گلبرگ مارڪيٽ ۾ گهمنديون وتن مدام.

هڪ پاسي لاله فام ته ٻئي پاسي گلبدن،

هٿ ڏيئي هٿ ۾ ڪيئن نه ٿيون ٽولا ڪري ٽلن.

هڪڙيءَ گهڙيءَ ۾ ڪيئي دليون وانگيو وڃن،

جي موتئي جا ٻانهن ۾ گجرا وجهيو گهمن.

شايد هي آهه شهر جي آب و هوا جو رنگ،

اڌڙوٽ هوندي مائي مگر هوندي شوخ شنگ.

(2)

لاهور بيشڪ آهه پرستانِ عرضِ پاڪ،

پر پاڻ کي ته تنهنجي گهٽيءَ جي وڻي ٿي خاڪ.

سا خاڪ جيڪا آئون اکين ۾ کنيون وتان،

سا خاڪ جيڪا پنهنجي جبين سان چميو چمان.

سا خاڪ جنهن ۾ خاڪِ شفا جون نشانيون،

سا خاڪ جنهن کي درد جو دارون ڪري پيون.

سا خاڪ جنهن جو اوج ستارن کان مٿڀرو،

هر ذرو جنهن جو غيرتِ صد آفتاب ٿيو.

سا خاڪ جيڪا سينڌ ۾ پائي سهاڳڻيون،

پنهنجي پرين جي پرت جو ڳائين ڳالهيون.

لاهور منهنجو شهر عديم المثال شهر،

پر تو سوا گهڙي به گذارڻ لڳي ٿي زهر.

هت جنهن کي ڏس سو پنهنجي پرين کي وٺيو گهمي،

مون کي سندئي فراق جو غم کائيندو وڃي.

هن شهر ۾ اڪيلو گذارڻ عذاب آهه،

اي سهڻا سائين! تنهنجي ضَرورت شتاب آهه.

اي دوست! تون نه آهين ته لاهور جون گليون،

جهڙيون ڀري بهار ۾ ڪوماڻيل ڪليون.

(1972ع)

ڏورانهون سفر

(گرامي صاحب جي وڇوڙي تي)

 

”ڪئنبيرا“[1] ۾ بهارن جي رُت،

چوطرف رنگ ۽ رعنائي جا انبار ئي هوندا آهن،

منهنجي آڳنڌ ۾ گلابن جا گل،

شوخ محبوب جي مکڙي وانگي،

ٻهڪندا ٻهڪندا رهندا آهن.

بلبلون، قمريون چيها ۽ چتون،

منهنجي رشوان2 ۽ صفوان3 جيان

چهڪندا چهڪندا رهندا آهن.

ڪئنبيرا ۾ بهارن جي رت،

آئون هڪ صبح جو ڇرڪي جو اُٿيس،

مون کي بي نور لڳو صبح بهار،

منهنجي آڳنڌ ۾ گلابن جا گل،

اهڙا بي رنگ لڳم جهڙيون جوان بيواهون.

بلبلين قمرين، چيهن ۽ چتن

حسبِ مِعمول پئي ٻوليون ٻوليون،

پر عجب رنج ۽ غم سان سرشار!

ڪئنبيرا ۾ بهارن جي رُت

اهڙي افسرده ڪڏهن ڪانه ڏٺم،

اهڙي غم ناڪ سمان ۾ مون کي محسوس ٿيو.

منهنجو پنهنجو، ڪو بنهه پنهنجو، گراميءَ جهڙو

اهڙي ڏورانهين سفر سنڀيو آهه،

نه جِتان ڪو وري موٽيو، نه خبر آئي، نه خواب،

جان ڏٺم دل ڏي ته هڪ آهه ڪري

غم جي اوڙاهه ۾ ٿي غرق وئي.

سهرا

 

ٻڌا آهن امين[2] گلفام و گلبو گلبدن سهرا،

کڻي چئجي ٻڌا شانِ چمن، جانِ چمن سهرا.

 

رُخ تابان تي بيتاب و پريشان ٿا ٿين سهرا،

ڪڏهن ٿا رقص ڪن سهرا، ڪڏهن ڦٿڪن لُڇن سهرا.

 

جنابِ طالب الموليٰ مبارڪ جو ٻڌا آهن،

سندئي نورِ نظر، لختِ جگر، سيمي بدن سهرا.

 

امينِ مهه جبين و مهه وش و مهرو مههِ ڪامل!

سندئي رُخ تي بلاشڪ تان ٺهن جلوه فگن سهرا.

 

زمين آسمان هر چيز ٿي وئي نور بار آهي،

رُخِ انور تي آهن ضوفشان ۽ ضوفگن سهرا.

 

ڪجي ڇا وصف سهرن جي نزاڪت ۽ نفاست جي،

رخِ محبوب تي اهڙا ئي سهڻا ٿا سونهن سهرا.

 

هِنن جي دلبري وهه وهه، هِنن جي دلڪشي وهه وهه،

نه ڪنهن اهڙا ڏٺا سهرا نه ڪنهن کي ٿا سُجهن سهرا.

 

لکي شبير آيا ڪيئي استادِ سخن سهرا،

مگر آهن بلاشڪ تنهنجا جانِ انجمن سهرا.

 

مخدوم جميل الزمان جي شاديءَ ۾ سهري جي طرحي مشاعري لاءِ لکيل

جنهن جي وجاهتن ۾ نشانيون امين[3] جون،

جيڪو مثالِ حسنِ محمد زمان[4] آهه.

 

جنهن ۾ مِهه تمام جا اُهڃاڻ ٿا ملن،

سو پيڪرِ جمال جميل الزمان آهه.

 

مهتاب جهڙو مکڙو ان تي حجاب سهرا،

ناياب آه نوشه ۽ لاجواب سهرا.

 

سوسن، سمن، بنفشه، نرگس، گلاب سهرا،

صد موسمِ بهاران جو هڪ جواب سهرا.

 

حَسنين کي ٻڌايا جي بو تراب سهرا،

آندم اهي ئي تو لئي عزت مآب سهرا.

 

تارن ڪتين مان پوئي اهلِ فلڪ اماڻيا،

هي بي مثال سهرا، هي لاجواب سهرا.

 

ارض و سما ۾ آهن شاديون ۽ شادمانيون،

حورون پريون ٿيون ڳائن اڄ بي حساب سهرا.

 

حافظ هجي يا جامي، صائب هجي يا سعدي،

سڀني جي شاعري جو لبِ لباب سهرا.

 

ڏيکاري توکي مولا شل تنهنجي زندگي ۾،

پوٽن جا ڪيئي پوٽا، تن جا جناب! سهرا.

 

جهڙو جميل سهڻو اهڙا اکر پئي ڳوليم،

آوازِ هاتفي ۾ آيا شتاب سهرا.

 

ڇڙوڇڙ

 

ڪافي

قرب ڪٺل دل پارا پارا توتان صدقي صدقي صدقي

لک ڀيرا آءُ پريم پيارا توتان صدقي صدقي صدقي

ڇوڙي ڇڏين جي ڇيڪ ڇتن کي،

ونگ وجهن هوند واٽهڙن کي،

روز هزارين ٿين ويچارا، توتان صدقي صدقي صدقي

جن ملائڪ، حورون غلمان،

حسن تنهنجي تي هر دم حيران،

قطب ڪتيون سڄ چنڊ ۽ تارا، توتان صدقي صدقي صدقي.

راتون ڏينهان راهون نهاريان،

پلپل ويٺي پرت پچاريان،

نت وهن ٿا نيڻن نارا، توتان صدقي صدقي صدقي.

ڪيفي ڪاريون ڪجليون اکڙين،

آهن ڏاڍيون ڏاهيون ڏِنگڙيون،

ڪن ٿيون مشتاقن تي مارا، توتان صدقي صدقي صدقي.

يار شبير ڏي موڙ مهارون،

نڪريو ڪريان نرت نهاريون،

نرمل تنهنجا نوري نظارا، توتان صدقي صدقي صدقي.

(1955)

بيت

ساعت ڪين سَري، ساجن سوريتين کي؛

فرقت ڦٽي آهيان، چاڪن ڪيس چري،

هٿڙو رک هيڻيءَ تي، وارثَ وَرَ! وري؛

وينديس محب مري، ته سهڻا ساريندين گهڻو.

(13 سيپٽمبر 1958ع- حيدرآباد)

پيام عيد

ساقي پيار باده ڪشن کي ڪو جامِ عيد،

مدت کان رند رهندا اچن تشنه ڪامِ عيد.

 

گل گل کِليو ۽ نغمه سرا بلبلون ٿيون،

آندو جڏهن نسيمِ بهاران پيامِ عيد.

 

سينن کي چيري خون سان سينگاريئون چمن،

اهڙو گلن ڪڏهن نه ڪيو اهتمامِ عيد.

 

جي يادِ يار ۽ غمِ هجران هجي ته پوءِ،

هر روز روز عيد ۽ هر شام شام عيد.

(1958ع حيدرآباد)

غزل

گلبدن جيسين پرده دار نه هو،

باغ منت ڪشِ بهار نه هو.

 

آئون ڏسندو رهيس ۽ دل ويئي،

مون کي پنهنجن تي اختيار نه هو.

(1958ع)

 

سلام اي غمِ عشق! تنهنجي ئي صدقي،

سدا دل ۾ هوليون، اکين ۾ ڏياريون.

 

سينهء گل جو حشر ڇا هوندو!

هئي نگاهِ بهار تير انداز.

 

لڙڪن جا ٻه ٽي موتي، زخمن جا ٻه ٽي گل،

گيسوء شبِ زيست جو سينگار ڪياسون.

(1962ع)

 

جيسين منهنجي عادت جرمِ وفا زنده رهي،

ڀل سندئي مشقِ ستم، رسمِ جفا زنده رهي.

(1990ع)

تنهنجي چهري کي چمي ٿو سج اُڀاريان ۽ ڪٽيان زلفن ۾ رات،

صبح منهنجو صبح عيد آهي ته منهنجي رات آهي شب برات،

 

مون ته پنهنجي عُمر خضري ان مٺي محبوب جي نالي ڪئي،

جنهن جي نيڻن جو شراب آهي مريض عشق لئي آب حيات.

(16 مارچ 1980ع، لنڊن Playboy Club)

مشقِ ستم جي شوق سان اڄ انتها ڪجي،

بيشڪ اسان وٽان ئي کڻي ابتدا ڪجي.

 

دنيا جي ڇو طلب ڪجي، عقبا کي ڇا ڪجي!

بس منزلِ مراد درِ مصطفيٰ ڪجي.

 

سورن جا ساٿ يار مُڪا هن پيام ساڻ،

مدت ٿي ويئي آهه ڪا محفل بپا ڪجي.

 

هاتف جي هل هلان آهي هاڻي ته آءُ پرين،

سڪرات محفل ئي کڻي وعدو وفا ڪجي.

(مارچ 1991ع)


[1]  هي نظم ڪئنبيرا (آسٽريليا ۾ گرامي صاحب جي موت جو اطلاع ملڻ تي لکيو ويو

3،2 رشوان ۽ صفوان منهنجا پُٽَ آهن.

[2]  مخدوم امين فهيم جي وهانءَ تي چيل 1957

[3]  مخدوم محمد امين فهيم

[4]  مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org