سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نيڻن ۾ ڏرياريون

صفحو :1

نيڻن ۾ ڏياريون

سيد شبير علي شاهه

ناشر جي طرفان

سنڌي ادبي بورڊ هيستائين سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن جا ديوان، ڪُليات ۽ ڪلام شايع ڪري سنڌي ڪلاسيڪي شاعري کي گهڻي ڀاڱي محفوظ ڪري وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي.

سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعري جي اشاعت گڏوگڏ بورڊ جي چيئرمين محسن، علم و ادب قبله سائين مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ جن جي لائق قيادت ۾ پڻ اهڙو فيصلو ٿيو آهي ته بورڊ جي اشاعت ۾ قادرالڪلام دور حاضر جي معياري شاعرن کي به ڀاڱي ڀائيوار ڪيو وڃي. ڪيل فيصلي جي روشنيءَ ۾ ڪيترن ئي معياري شاعرن جا ڪلام اشاعت جي مختلف مرحلن هيٺ آهن.

سنڌ جي پراڻي ۽ پخته گو شاعر محترم شبير هاتف جو ڪلام پڻ انهيءَ پروگرام هيٺ شايع ڪري اوهان جي هٿن ۾ پهچايو ويو آهي جيڪو اميد ته پڙهندڙن لاءِ ذوق جي تسڪين جو باعث ٿيندو.

محترم شبير هاتف جي شاعري تمام مٺي ۽ لذيذ آهي جنهن جو اندازو سندس ڪلام جي عنوان ”نيڻن ۾ ڏياريون“ مان لڳائي سگهجي ٿو. اميد آهي ته معزز پڙهندڙن جي ذوق جي تڪميل ٿيندي.

محمد بچل پنوهر ”محبوب سروري“

سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو

ٿورا

دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان قبله طالب الموليٰ سائين جو جن سنڌي ادبي بورڊ جهڙي نامياري اداري مان منهنجي ڪلام جي ڇپائيءَ جو انتظام ڪري منهنجو مانُ مٿانهون ڪيو. جميل الزمان سائين ذاتي دلچسپي وٺي هن ڪتابڙي جي جَلد ڇپائي جو اهتمام ڪيو ۽ ترتيب ۽ بيهڪ لاءِ مفيد مشورا ڏنا. نصير مرزا ۽ نورالهديٰ جي جاکوڙ کان سواءِ منهنجي ڪلام جو منظر عام تي اچڻ ممڪن ئي ڪونه هو. انهن جا لک ٿورا. خصوصاً مشڪور آهيان نصير مرزا جو جيڪو هن ڪتاب جو مرتب به آهي. طالب الموليٰ سائين، امداد، عنايت، مجروح، نصير ۽ نورالهديٰ منهنجي ذات ۽ ڪلام جي باري ۾ جيڪي به لکيو آهي اهو منهنجي لاءِ سَنَد جي حيثيت رکي ٿو. بورڊ جي اُن عملي جو به شڪرگذار آهيان جيڪي هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ۽ ڇپائي سان وابسطه رهيا.

ٿورا نه ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.

 

23 آڪٽوبر 1991                             شبير هاتف

خاص راءِ

شبير علي شاهه صاحب هاتف ٽکڙائي کي سندس خانداني ورثي ۾ شاعري ملي آهي. پاڻ گهڻو ته ڪونه لکيو اٿس تاهم جيڪي به لکيو اٿس (شاعري) اها بهترين لکت آهي. ان ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته هاتف صاحب منهنجي پسند جو شاعر آهي ۽ هي به يقين اٿم ته ٻين شاعرن کي به سندس ڪلام ايترو ئي وڻندو جيترو مون کي وڻي ٿو.

هاتف صاحب جي شاعري ۾ شاعري جون تقريباً سڀيئي خوبيون موجود آهن جيڪي ڪنهن پختي شاعر جي ڪلام ۾ هئڻ گهرجن. آءٌ هاتف صاحب جي ڪلام تي بلا خوشامد داد ۽ تحسين ڏيان ٿو.

طالب الموليٰ

15- ڊسمبر 1990ع

هالا

شبير هاتف

سنڌي ادب ۾ جي نوجوان شاعر ذوقِ جماليات جي ترجماني ڪن ٿا ۽ جن جي شاعري خالص عشقيه چئي وڃي ٿي، تن ۾ شبير هاتف هڪ منفرد مقام حاصل ڪري چڪو آهي. سندس تغزل فني لحاظ سان پنهنجي معاصر نوجوان شاعرن ۾ جنهن بلندي تي پهتل آهي، ان جو داد وڏن وڏن قادر الڪلام استاد شاعرن پڻ ڏنو آهي. سندس غزل ۽ عرياني ۽ فحاشي کان پاڪ آهي. تغزل جي زبان نهايت صاف آهي ۽ اسلوب رنگين اٿس. نهايت نازڪ ۽ مغلق مضمون کي رمز ۽ ڪنايي جي انداز ۾ بيان ڪرڻ تي دسترس حاصل اٿس.

سندس فن کي ڏسڻ کان پوءِ اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اگر فن تي رياض ۽ مشق سخن جاري رهيا ته پوءِ سندس فن دوامي شهرت جو مالڪ ثابت ٿيندو ۽ ٽکڙ جي عظمتِ رفته کي قائم رکي سگهندو.

غلام محمد گرامي

(مهراڻ شاعر نمبر (1969) تان ورتل)

شبير هاتف غزل جي آئيني ۾

غزل هڪ نهايت مشڪل ۽ منفرد صنفِ سخن آهي. مشڪل ان ڪري ته ان ۾ روايت جي پابندين جو هڪ طويل سلسلو موجود آهي، جنهن کي نباهڻ لاءِ فني ڄاڻ ۽ علمي مهارت جي ضرورت آهي. روايت ۾ قدامت به آهي ته لطافت به. حُسن ۽ خوبي به آهي ته انداز بيان جي شوخي ۽ نواڻ به. منفرد ان ڪري ته ٻي ڪنهن به صنف، سُخن ۾ ايڏي وسعت موجود ڪانهي جو هر خيال، هر مضمون، هر تجربي ۽ مشاهدي ۽ انساني جذبن جي هر ڪيفيت کي پاڻ ۾ سموئڻ کان پوءِ پنهنجي وجود جي اصل بيهڪ ۽ بناوت سان گڏ پنهنجي قدرتي حسن کي به قائم رکي سگهي. داخليت جيڪا بذات خود انسان جي اندر ۾ پيدا ٿيندڙ موج در موج جذبن جو هڪ لامحدود سمنڊ آهي، اُن جي ترجماني لاءِ پڻ غزل ئي هڪ بهترين ذريعو آهي. انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته انسان جي سموري زندگيءَ جي مختلف ڪيفيتن سان ڀرپور آهي. هجر جي درد انگيز ڪاري راتين جو ذڪر هجي يا وصل جي مسرت ۽ خوشين ۾ ٻڏل خوشگوار لمحن جو تذڪرو. زندگيءَ جا بيشمار ڏک هجن يا سکن جون اُڏندڙ ساعتون. بهار جي رنگين رُت هجي يا باغن ۾ پکين جون نغمه سرائيون. گلن جي رنگ ۽ خوشبو جون ڳالهيون هجن يا بادِ صبا جي خرامِ ناز جو احوال. محبوب جي حُسن جون جلوه طرازيون هجن يا عشق جون بيقراريون: خزان جي ويراني واري دور ۾ جڏهن گلن ڀريل شاخن سان گڏ انسانن جي اندر مان اُڀرندڙ جذبا به ڪوماڻجيو وڃن ته ان جي ترجماني به غزل ۾ ئي بهتر طور تي ٿئي ٿي. انهي ڌار ڌار ۽ رنگ رنگ ڪيفيتن، موسمن جي بدلجڻ ۽ جذبن جي مختلف صورتن جو نالو ئي غزل آهي. جيڪڏهن غزل ۾ اهي سڀ عناصر شامل نه آهن ته ان کي ٻيو ڪو نالو ته ڏئي سگهجي ٿو پر غزل سڏي نٿو سگهجي. مون کي خوشي آهي ته شبير هاتف جي ڪلام ۾ اُهي سڀ خوبيون موجود آهن جن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي. يا جيڪي غزل جي شاعري لاءِ بيحد ضروري هونديون آهن.

شبير هاتف جو تعلق ٽکڙ جي هڪ علمي ۽ ادبي گهراڻي سان آهي. شاعري ته کيس ورثي ۾ مليل آهي. سندس بزرگ به شاعر هئا ته سندس سرپرست ڀائر به سنڌي زبان جا معروف شاعر هئا. منهنجو مطلب آهي ته مرحوم حافظ شاهه ناطق ۽ ڊاڪٽر اسد الله شاهه بيخود سان؛ ٻئي ڏاڍا پيارا انسان ۽ قدر شناس دوست هجڻ سان گڏ سهڻا شاعر به هئا. شبير هاتف انهيءَ ماحول ۾ شاعري شروع ڪئي. هي اُهو زمانو آهي جڏهن سنڌي شاعريءَ ۾ غزل پنهنجي ڀرپور روايت سان موجود هو. هونئن ته سنڌ ۾ غزل جي شروعات ڏاڍي آڳاٽي آهي پر اسان جيڪڏهن انهي زماني کي سانگي- قليچ واري دور کان شروع ڪريون ته اسان کي سنڌي موزون شاعري جي ميدان ۾ غزل جي ئي ڪارفرمائي نظر ايندي. مير عبدالحسين سانگي ۽ اُن جا هم عصر جن ۾ سندس اُستاد غلام محمد شاهه گدا کان سواءِ فاضل، حيدري، مرتضائي، حافظ حامد ٽکڙائي، قليچ ۽ ٻيا باڪمال شاعر موجود هئا. اهي سڀ جا سڀ غزل جا اُستاد شاعر هئا ۽ سندن ڪلام اڄ به سنڌي زبان جي ڪلاسيڪي غزليه شاعريءَ ۾ سَند جو درجو رکي ٿو. سنڌ ۾ غزل کي رواج ڏيڻ ۾ پڻ انهن بزرگن جي شاعري وڏو ڪم ڪيو ۽ سنڌ ۾ مشاعرن جو ماحول پيدا ڪيو. پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان پوءِ لاڙڪاڻي، حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ پڻ غزل جا مشاعرا منعقد ٿيندا رهيا جن کي غزل جي شاعريءَ ۾ تاريخي حيثيت حاصل آهي. جميعت الشعراء سنڌ جو قيام پڻ سنڌي غزل جي ترقي جو بهترين ذريعو ثابت ٿيو.

هالا جو شهر پڻ قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جهڙي غزل جي قادر الڪلام شاعر ۽ عوامي ۽ روحاني رهبر جي مسڪن هجڻ سبب غزل جي شاعريءَ جو هڪ اهم مرڪز پئي رهيو آهي، اُتي پڻ غزل جي جوت جلي. ادبي ڪانفرنسون به وقت به وقت منعقد ٿينديون رهيون ۽ ان سان گڏ مخدوم صاحب جي سرڪردگيءَ ۾ بزمِ طالب الموليٰ جو قيام پڻ عمل ۾ آيو، جنهن جي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قائم ٿيندڙ شاخن ۾ پڻ غزل کي ئي قبول عام حاصل رهيو.

بزمِ طالب الموليٰ جي مشاعرن ۾ ئي شبير هاتف پنهنجي شاعري جي شروعات ڪئي. اهوئي سبب آهي جو سندس ڪلام اُن وقت جي غزل جي روايتي حُسنَ جو آئيندار آهي.

هي دور سنڌي غزل ۾ فارسي ترڪيبن جي استعمال جو درو هو ۽ تشبيهه ۽ استعارن ۾ پڻ اُهو ساڳيو التزام موجود هو جيڪو اُن وقت جي شاعريءَ جو بهترين معيار سمجهيو ويندو هو. مثلاً ڪشنچند عزيز جو هي ترڪيبي شعر جنهن ۾ استعاري جي به خوبي موجود آهي.

هيهات! تشنه ڪاميِ بسمل بوقتِ قتل

خود آب صاف ٿي ويو تلوار کان جدا

حالانڪ هي شعر بهترين شعر آهي پر مٿين مصرع سنڌيءَ جي گرفت کان نڪري فارسي ۽ عربيءَ جي بحر بِيڪران ۾ وڃي پيئي آهي. پر خدا جو شڪر آهي ته شبير هاتف ترڪيبن جو استعمال به نهايت احتياط ۽ اعتدال سان ڪيو آهي جنهنڪري سندس شعر سولائي سان سمجهه ۾ به اچيو وڃن ۽ عام فهم ترڪيبن جي استعمال سبب بياني انداز ۾ وڌيڪ لطف ۽ وسعت به پيدا ٿي پيئي آهي.

هاڻي هي هڪ شعر جنهن ۾ غمِ جانان يعني محبوب جي ڏک کي به دعا جي قابل سمجهيو ويو آهي هڪ خوبصورت انداز بيان ۽ زبان جي لطف جو آئينه دار آهي ۽ وڏي ڳالهه ته سنڌيت جو مزاج به برقرار آهي.

اي غمِ جانان خدا بخشئي حياتِ جاودان،

زندگي ڀر ياد رهنديون دل کي تنهنجيون قربتون

يا ساڳيءَ غزل جو هڪ ٻيو شعر:

تنهنجو حسنِ دلنواز آماده مهر و ڪرم،

تنهنجي شوخين ۾ نگاههِ شوق لئه ڪئين دعوتون

هن شعر جو به ساڳيو مزاج آهي ۽ ڪابه ترڪيب ناگوار نٿي لڳي. مورڳو شعر جي حسن ۾ اضافو آڻيو ڇڏي.

هن حال ۾ به ساهه سان سانڍي ٿي يادِ يار،

ٿورائتو رهان ٿو دلِ پُر ملال جو.

هي شعر ترڪيب جي خوبصورتيءَ کانسواءِ مضمون جي معنويت جي لحاظ کان به خوبصورت آهي. ڏکن جي پُرملال دور ۾ به يار جي تات ۽ تنوار ساڳي سِڪَ سان سندس دل جي دنيا ۾ موجود آهن. نه هن ڏکن جي پيڙا کان پريشان ٿي يادِ يار کان منهن موڙيو آهي ۽ نه دوست جي ياد ئي کيس ڇڏيو آهي بلڪه هن ملال ۽ ڏک جي زماني ۾ به کيس ساهه سان سانڍي کيس آٿت ۽ سهارو ڏيندي رهي آهي.

توصيف ٿي ڪجي ته ٿو محدود حسن ٿئي،

ڪهڙو ڏجي مثال عديم المثال جو.

لازوال حُسن ۽ اُن جي سچي ساراهه لاءِ نه لفظن جي رنگينين ۽ نه ئي مثال لاءِ ڪنهن تشبيهه ۽ استعاري جي معنيٰ آفريني جي ضرورت آهي هو ته پنهنجو مثال پاڻ آهي اُن جي جمال و ڪمال جي رعنائين کي لفظن ۾ قيد ڪري محدود ڇو ڪجي. خوبصورت شعر آهي.

انهن شعرن کان سواءِ اهي ٻه چار شعر، جيڪي شبير هاتف جي انداز بيان جو خوبصورت نمونو آهن، پيش ڪجن ٿا. انهن ۾ فارسي ترڪيبون ضرور ڪتب آيون آهن پر شعر جي معنويت ۽ خوبصورتي ۾ اضافي خاطر:

 

خزان رسيده دلِ زار ۾ اچي ويٺين،

تون آهين جانِ بهار ۽ مان خود بهار آهيان.

 

دورِ خزان ۾ باغِ دلِ زار گلفشان،

اعجاز آهي ديدهِ جادو مثال جو.

 

سرِ دار جيڪي ٿيا سرخرو،

اُهي لاله و گل ۾ زندا رهيا.

 

ڪنهن تصور ڪيو ته ڪُسجي ويو،

ذڪرِ ابرءِ يار ڪير ڪري.

 

آشيانن ۾ خوفِ برق و شرار،

تحفهءِ موسمِ بهار آهي.

 

حُسن وارن ۾ اسان جي حوصلن جي هاڪَ آهي،

قتلگاهه عِشق ۾ ٿينداسون قربان عنقريب.

 

چيلهه تي ڇوڙي ڇڏيندو زلفِ پيچان عنقريب،

منهنجي برباديءَ جو پيدا ٿيندو سامان عنقريب.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org