سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: نيڻن ۾ ڏياريون

صفحو :10

کي نيڪ نام يا رسوا ٿيڻ کپي؟

تنهنجو ٿيڻ جي واسطي ڇا ڇا ٿيڻ کپي؟

 

ساغر، شراب، چنڊ، چمن، آب جُو، بهار،

باقي ڪو دلنواز مهيا ٿيڻ کپي.

 

پيراندي تنهنجي ويهي ڪيم جي گذارشون،

تن کي قبول هاڻ ته آقا! ٿيڻ کپي.

 

دل ۾ هزار آسون اميدون کنيون وتان،

پوري اُنهن مان ڪاته خدايا! ٿيڻ کپي.

 

تنهنجي نظر سان ساري زماني ڇا ڦٽ ڇُٽا،

منهنجو به اُن نظر کي مسيحا ٿيڻ کپي.

 

پيريءَ جو بس اهوئي طبيبن ڏَسيو علاج،

”ڪنهن جي نگاههِ ناز جو شيدا ٿيڻ کپي.“

 

ڪيڏيون نه تنهنجي پيار جون خوش فهميون اٿم،

سڀڪا سچي کڻي نه ٿئي، ڪا ٿيڻ کپي.

 

بدنامين جو پاڻ کي اُلڪو ڪڏهن نه هو،

مون ساڻ تنهنجو نالو نه رسوا ٿيڻ کپي.

 

جي عادلن جا هٿ هجن خون سان رڱيل،

ڪهڙين عدالتن ۾ پوءِ دعويٰ ٿيڻ کپي؟

 

مون جهڙي تُڪ بندي ته سڀيئي ٿا ڪري سگهن،

شاعر ٿجي، ته طالبِ مولا ٿيڻ کپي.

 

تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ ڳجهيون ڳالهڙيون هيون،

هي راز حاسدن تي نه افشا ٿيڻ کپي.

 

يڪتاءِ روزگار جي آهين تون حسن ۾،

مون کي به عشق بازي ۾ يڪتا ٿيڻ کپي.

 

هاتف وڃي هي راهه رُلين کي پيام ڏي،

هر قافلي جو رخ سوءِ بطحا ٿيڻ کپي.

(7 نومبر 1991ع)

جنهن جي وجود سان آهي ساري چمن جو بُو،

هاتف جي هر غزل ۾ انهيءَ گلبدن جي بُو.

 

تنهنجي بدن جو رنگ ۽ تنهنجي بدن جي بُو،

منهنجي سخن جو رنگ ۽ منهنجي سخن جي بُو.

 

ڇاجو گلن جو رنگ ۽ ڇاجي گلن جي بُو!

تنهنجي چپن جو رنگ ۽ تنهنجي چپن جي بُو.

 

هوڏانهن گلاب، موتئي، سوسن، سمن جي بُو،

هيڏانهن حواس منجهه رڳو پيرهن جي بُو.

 

صبح چمن جي ٻَهڪَ يا تنهنجي جبين جي جوت!

شامَ چمن جي مَهڪَ يا هن ڪاڪلن جي بُو!

 

رنگِ بهار ۾ لب و رخسار جا ئي رنگ،

بُوء بهار تنهنجي لعابِ دهن جي بُو.

 

ڏندن ۾ ڪارساز جي ڪاريگريءَ ته ڏس،

موتين منجهان جُڙيا ۽ منجهن موتِين جي بو.

 

ڪيڏو نه زندگيءَ کي معطر ڪري ڇڏيو،

مينديءَ رتن هٿن جي گلن ۽ چٽن جي بُو.

 

هن مند ۾ الائي گهڻا گل ٿيا شهيد،

بادِ صبا کڻي آئي خونِ چمن جي بُو.

 

باغات ديسَ ديسَ جا آيس گهمي مگر،

مون کي وڻي ته ڳوٺ جي ساون سُڪن جي بُو.

 

بيشڪ انهيءَ زمين تي ڪونڌر ڪَئين ڪٺا،

”ليڪن وڻي ته وئي خاڪِ وطن جي بُو“

 

نيڻن جا جي پياڪ انهن کي ڀري پيار،

باقي ٻين جي لائي شرابِ ڪُهن جي بُو.

 

تن کي ڪڏهن نه ڀانءِ پيو سيم و زر جو تاب،

سر ۾ سمائي ويٺا جي دارو رسن جي بُو.

 

تنهنجو اچڻ ته اِئين لڳو، تاڙي جي لاءِ جيئن،

ساوڻ جي پهرين مينهن جي پهرين ڦڙن جي بُو.

 

هاتف جي خوش مزاجي نسورو فريب آهه،

ٽهڪن مان صاف صاف اچي پئي غمن جي بُو.

(نومبر 1991ع)

تنهنجي چَئي تي کڻي ڇڏيان توکي،

تنهنجو نعم البدل هجي ته ٻڌائي.

 

توسان ڪرڻيون اٿم ڳپل ڳالهيون،

توکي فرصت جو پل هجي ته ٻڌائي.

 

مون ڪڇيو ڪونه، ڇو ڇڏئي خنجر؟

ٻانهن ٿي ويئي شل هجي ته ٻڌائي.

 

نه دنيا جي، نه دولت جي، نه ننگ و نام جي پروا،

مون کي بس آهه پنهنجي خير سان اِتمام جي پروا.

 

ڪٽي جن زندگي هُن شوخ جي گهر جي طوافن ۾،

پڇاڙيءَ ۾ ڪندا ڇا حج ۽ احرام جي پروا!

 

الائي ڪِيئن نشي ۾ توکي مون پنهنجو ڪري سمجهيو،

متان سهڻا ڪرين اهڙي خيالِ خام جي پروا.

 

جڏهن سڀڪو گهري پيو خير پنهنجي پنهنجي خرمن جو،

مون کي ڇا لئي چمن جي هر شجر، هر لام جي پروا!

 

جتي هر آشياني کي ڏٺئون زندان جو درجو،

اتي ڪهڙي ڪبي صياد جي يا دام جي پروا.

 

جنابِ شيخ جي جهاتي وجهي پنهنجي گريبان ۾،

ته سمجهي ويندو ڇو ناهي سندس احڪام جي پروا.

 

اسان کي عشق ڪرڻو هو سو بسم الله ڪري ڪيوسين،

اِهو ڪم هاڻ ڪوڙن جو ته ڪن انجام جي پروا.

 

تصور ۾ جڏهن هُن ساڻ هردم هڪنار آهيون،

ڪڍون ڇو ڪاڻ دربان جي، ڇو در ۽ بام جي پروا!

 

انهيءَ منزل تي پهتي بي نيازي تنهنجي مستن جي،

نه خوشين جي ضرورت ٿي، نه ڪا آلام جي پروا.

 

نه عارض جي کپي گرمي، نه زلفن جو کپي سايو،

نه روشن صبح جي حاجت، نه رنگين شام جي پروا.

 

ازل کان جيڪي آهن مست ڪِن مخمور نيڻن جا،

انهن کي ناهه مئي جي، ميڪدي جي، جام جي پروا.

 

اسين پيا سينَ هڻنداسين، ڪتا ڀونڪن ته پيا ڀونڪن،

فقيرن کي به هوندي آهه ڪا دشنام جي پروا!

 

ڪيم شڪراني جو سجدو ته هاتف جي ندا آئي،

”نه ڪر مردِ قلندر گردشِ ايام جي پروا.“

 

تعلق جيڪو پنهنجي درميان آهي،

ڀنل نيڻن منجهان بلڪل عيان آهي.

 

اڻائو واءُ، ڦاٽل بادبان آهي،

”اسان جي عشق جو اڄ امتحان آهي.“

 

بهار آئي عجب انداز سان آهي!

نه گل خندان، نه بلبل نغمه خوان آهي.

 

اڃان مس جوڙيو مون آشيان آهي،

مٿان ڪڙڪي اچي برقِ رتپان آهي.

 

گلن وانگي ٽِڙي مرجهائجي وياسين،

اسان جو ايترو ئي داستان آهي.

 

محبت جي چمن جي آبياري ٿئي،

اکين مان اِن ڪري دريا روان آهي.

 

اسان کي حڪم ٿيو جشنِ بهاران جو،

اگرچه دل جي گلشن ۾ خزان آهي.

 

چمن ۾ چوطرف چوٻول هو جن جو،

ڪکن ڪانن ۾ تن جو ڪو نشان آهي؟

 

حياتيءَ جون ٿڌيون ڪوسيون سهي وڃبيون،

اگر زلفن جو مون تي سائبان آهي.

 

اکين انڌو، ڪَنين ٻوڙو ڪري مون کي،

چون ٿا ڪجهه ته چئو، تو وٽ زبان آهي.

 

رڳو منهنجو ته ڪونهي جو ڪريان شڪوا،

هو محبوبِ زمان، جانِ جهان آهي.

 

وري ڪنهن آزمائش ۾ وجهي ويندو،

الاهي خير! هُو ٿيو مهربان آهي.

 

نه ٻيڻي ٿئي، نه ٽوڙڻ سان ٽٽِ هرگز،

ٺهيو هاتف انهيءَ ڪاٺيءَ منجهان آهي.

(21 ڊسمبر 1991ع)

اگرچه ميڪدي ۾ ڪلهه شراب عام جام هو،

مگر اهي ڪي ٻيا هئا هٿن ۾ جن جي جام هو.

 

انهن کي باغبان ڪَيئون جو گل ڇني هو وڪڻندو،

مون جهڙو گل پرست پر هميشه زيردام هو.

 

هٿن سان باهه ۾ وڌم، جي شعر خون سان لکيم،

جهانِ قدر ناشناس کان هي انتقام هو.

 

فقيههِ شعر فيصلا ڏنا ٿي حيثيت ڏسي،

جو هِن جي لئي حلال هو سو هُن جي لئه حرام هو.

(29 ڊسمبر1991ع)

خلوصِ دل هجي، الفت هجي، پيار هجي،

پرين جا پار گهڻا، پر ڪو اهڙو پار هجي!

 

ڪو حال ڀائي هجي، يا ڪو غمگسار هجي،

ڀلي پوءِ دل کڻي ڪيڏي به داغدار هجي.

 

ڀلا رقيب کان ڇا لائي مون کي عار هجي؟

جو هن يار جو يار هجي ڇو نه منهنجو يار هجي!

 

مون کي ته هُن جي محبت تي اعتبار آهي،

جي هُن کي منهنجي محبت تي اعتبار هجي!

 

مون وقتِ نزع به هُن جو ئي خير پئي گهريو،

مان ڪيئن چوان ته قبر ۾ به همڪنار هجي!

 

اسين زماني جا ونهوار ڪيئن ادا ڪريون؟

ٻڏل جي قرضِ محبت ۾ وار وار هجي!

 

اڳوڻي سال جيان هي به انتظار ۾ ويو،

”خدا ڪري ته نئون سال خوشگوار هجي.“

 

نگاههِ ناز کڻي مُرڪَئين ته مون ڀانيو،

ازل کان جهڙو انهيءَ پل جو انتظار هجي.

 

صلاحون دوستَ نَئين نينهن جون ڏين ٿا مگر،

مون کي جي پنهنجي ارداتن تي اختيار هجي!

 

چون ٿا اُن کي ڪريو پنهنجي فڪر جو رهبر،

وڍي جو چيچ شهيدن ۾ ٿيو شمار هجي.

 

جو پنهنجي روح جي بدصورتي لڪائي سگهي،

سو آرسيءَ جي اڳيان ڇو ته شرمسار هجي!

 

خزان ۾ گيت گلن جا نٿا سُنهن يارو،

بهار کي ڀلي ڳايو اگر بهار هجي!

 

هواءِ وقت ۾ ڪَئين گلعذار ڪوماڻا،

پوءِ منهنجي بلبل دِل ڪيئن ته نغمه بار هجي!

 

حضور صه ريءَ ڪو اُڪاري سگهي ٿو هاتف کي؟

جي زندگيءَ جي سفيني ۾ هيڏو ڏار هجي!

(30 ڊسمبر 1991ع)

هن جي پيار مون کي ڪيو اِئين نيازمند،

شاخن کي جئن جهڪائي ڇڏي ٿو گلن جو بار.

 

روئي هِيئين کي هلڪو اڪيلائيءَ ۾ ڪريون،

ڪنهن دِل گُهرئي تي ڇو وجهون پنهنجي غمن جو بار.

 

ڪي بلبلون قفس ۾ ته ڪي زيرِ دام ٿيون،

مون بي نوا تي پيو اچي بزمِ چمن جو بار.

 

هٿ هٿ ڪرڻ سان ڪوههِ هماله کڄي پوي،

اي دوستو اُٿو ته کڻون دوستن جو بار.

(31 ڊسمبر 1991ع)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org