سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: موتين جي دٻلي

صفحو :16

 

370- مصحف= قرآن مجيد، پاڪ

صحيفو، يا پاڪ ڪتاب.

مقدّس= پاڪ.

قَلمي= قلم جو، اَڻڇاپيل

نسخو يا مسوده.

ناياب=اڻلڀ، بينظير.

وقف= بيهڪ جون نشانيون

(ڪلام الله ۾).

خط= ڏاڙهي، ريش، ڳلن جا وار.

خال= ڳل جو تِرُ.

اعراب= حرفن جون حرڪتون:

زيرون زيرون ۽ پيش وغيره.

371- آهَ جانُ= آهَ وانگي، دل

مان نڪتل دانهن يا ٿڌي ساهه وانگي.

هَنجُن= اکين جي ڳوڙهن.

هنج= گودي، گود، جهولي۔

373- خانه نشين= گهر ۾ ويٺل،

ٿانيڪو.

خانه خراب= دربدر.

374- گُلگون= گُل وانگي

(ڳاڙهو)، ڳاڙهو، لال.

377- دل راز.... آهي ڪٿي= اُها

دل جا محرم راز هجي، سا

ڪٿي آهي؟

378- اسرار= (سرّ جو جمع)ڳُجهه،

گهڻا راز يا ڀيد.

ڪشف= الهام، القا،

انڪشاف، اظهار، غيب جي

ڳالهين جو اظهار، کولڻ يا

ظاهر ڪرڻ جو عمل.

زباندان= عالم، شاعر، فاضل،

فصيح، بليغ، زبان يا گهڻين

ٻولين جو ماهر.

ناطقِ قرآن= ڳالهائيندڙ يا

ٻوليندڙ قرآن.

منطق طير= پکين جي ٻولي.

381- عاصين= گنهگارن.

گبر= آتش پرست، باهه جو

پُوڄاري، پارسي.

382- گهوري ٿو= گُهمائي ٿو.

وسَائي ٿو، قرُبان ڪري ٿو.

383- تَنَ تي= بدن يا جسم تي.

پيراهن= چولو، پهراڻ.

رَهَيمُ= مون کي رهيو.

384- عُود= اگر، هڪ قسم جي

ڪاري ڪاٺي، جا باهه ۾

سڙڻ سان خوشبو ڏيندي آهي.

385- اَڳيانس= وَٽس، هن جي

اڳيان، هن جي آڏو يا روبرو.

386- تعمير= بناوت، اڏاوت.

387- لافزني ڪرڻ= لاف هئڻ، ٻٽاڪ هڻڻ.

اَصل= بُنياد.

مَني= ڌات (ماڻهوءَ جي).

392- دنيادار= شاهوڪار ماڻهو.

سَگها= چاق، صحتمند.

393- زار زبون= برباد، ناس،

چٽ، بدحال.

جُنون= سودا، چريائي.

نگون= اُونڌو، اُلٽو، هيٺ

جهُڪيل.

394- خواند نوشت= لکپڙهه،

پڙهڻ لکڻ.

سرشت ڪرڻ= پيدا ڪرڻ،

خلقڻ.

395- شق القمر=(حضور صلعم

جن جو هڪ معجزو)

چنڊ جو ٻه اَڌ ٿيڻ يا ڏري پوڻ

دونيم= ٻه اَڌ

397- سعادت= نيڪ بختي،

سڀاڳائي، خوشقسمتي.

بدر= چوڏهينءَ جو چنڊ.

صدر= پريزيڊنٽ، اعليٰ يا

مٿانهين درجي وارو اعليٰ

بزرگ، امير (مجلس)، سردار،

مجلس جو مور.

محشر= قيامت.

شب قدر= رمضان المبارڪ

جي ستاويهينءَ جي رات،

عزت ۽ عظمت واري رات.

398- ڏاڻ= انعام، دان، سخا،

سوکڙي، تحفو.

اهڃاڻ= نشاني.

اَشراف= شريف ماڻهو،

معزز.

399- وظيفو= ورد، روزاني دُعا،

روز مرَهه جو ذڪر.

لاالہ الا الله= (ڪلمي شريف

جو پهروين حصّو) ناهي

ڪو الله سواءِ هڪ الله جي.

صراف=جوهري، سونارو.

کوٽو= ڪوڙو، جعلي.

مَرُ= بيشڪ، ڀلي.

400- محرم= واقف، ڄاڻندڙ.

غيب= غائب، پوشيده،

لڪل، مخفي (ڳالهه)، خدائي

ڳجهه يا راز.

لاريب= بيشڪ، بلاشڪ.

401- دل بَستو= دِلبَسستہَ، دل

ٻَڌل، رغبت يا شوق رکندڙ،

دوست، يار.

دل خستو= خسته دل، پريشان،

غمگين، مايوس، نامراد،

ناڪام.

بَرجستو= مضبوط، طاقت

وارو، طاقتمند.

402- رهنس= هن جون (اکيون) رهن

406- بدر منير= روشن چنڊ

(چوڏهينءَ جو).

بيمثل نظير= بيمثل ۽ بينظير،

لاثاني، لاجواب.

گوءِ= کينهون، بال.

چوگان= بيٽ يا کينهونءَ

سان راند کيڏڻ جي ڪاٺي.

407- بَڻُ=(بڻڻ مان امر) بڻج،

ٿيءُ.

بيخود= آپي کان ٻاهر،

بيهوش، چريو، پاڳل،

مدهوش.

408- قفل= ڪلف، تالا.

409- ڪُشتو=(باهه ۾) ماريل

ڌاتو (طاقت جي لاءِ).

410- اَهل دل جا= اهل دل،

صاحب دل درويش، الهه لوڪ

(بزرگ)، صوفي، سالڪ.

شهرت= مشهوري.

411- روڳ= بيماري.

ساز= وڄائڻ جو اوزار.

سوز= درد، شوق.

جيڪي تون پُڇين= جيڪي

پُڇجينِ.

ورنديءَ ۾= جواب ۾.

تادر..... تن تن= ساز جي

وَڄَت (جو آواز).

412- ڪلمه گو=ڪلمو پڙهندڙ،

مسلمان.

مُرتد= بيدين، ڪافر.

ڪبير= (ضد- صغير) وڏو.

شمرذي الجوشن= يزيد جي فوج جو هڪ افسر، جنهن حضرت امام حسين کي ڪربلا جي ميدان ۾ شهيد ڪيو هو، مردود، ملعون، بد ذات، ظالم.

جوشن= وظيفن جو مشهور

ڪتاب (جوشن ڪبير).

413- ڪوءِ بَڪُوءِ= هڪ گهٽيءَ کان ٻيءَ گهٽيءَ تائين، ڪُو بَڪُو. سوءِ بسوءِ= هڪ طرف کان، ٻئي طرف تائين، سُو بَسُو.

سربسر=سارو، سربستو.

موءِ بموءِ= وار وار جيترو،

سارو، سربستو.

دست بدست= هٿ ۾ هٿ.

لب بلب= چپ تي چپ،

روءِ بروءِ= منهن تي منهن، روبرو.

414- ڪنهن پَر= ڪنهن طرح، ڪنهن ريت.

415- اسرار=(سر جو جمع) ڳجهه،

ڀيد، راز.

اَبَد= (ضد= اَزل) پڇاڙي،

انتها (دنيا جي)، آخرت.

416عُقدو= ڳَنڍ، مُشڪلات،

ڳجهه، راز، مسئلو.

اَڻچيل= بيان نه ڪيل.

417- منجهه ابجد= ابجد جي حساب

موجب (ميم حرف جو انگ

يا قيمت، چاليهه آهي).

418- رنج ڪڍڻ= تڪليف سهڻ

يا برداشت ڪرڻ، محنت ڪرڻ.

ڏک ڏنج= (سُک سنج جو ضد)ڏک ڏوجهرا، ڏک ڏاکڙا.

گنج= دولت، مال، خزانو.

419- مرثيه خواني= مرثيو پڙهڻ،

نوحه خواني، روڄ راڙو.

421- ٻانڀ= پوڙهي، بنهه بڇڙي

يا بد صورت، ڏائِڻ زال.

گُلچَهر= گُلرخ، گُل

جهڙي، گُل جهڙو چهرو رکندڙ.

ترياق= زهر کي ماريندڙ دوا.

ٽوٽو=نقصان.

دل افگار=زخمي دل،

گهائل، مجروح دل،

وڍيل دل.

صحّت= چڱڀلائي، چاقائي،

تندرستي.

423- سؤ  وار= سؤ گهمرا، صدبار.

بيدار ٿيڻ= هوشيار ٿيڻ، ننڊ

مان جاڳڻ، سُجاڳ ٿيڻ.

424- ذاتي شرافت= ذاتي جوهر.

426- شيخ الاسلام= سڀ کان

وڏو دين جو پيشوا، وقت

جو امام،  سرگروه شريعت جو.

427- چَپُ= ڪنارو.

428- عارف= سڃاڻندڙ، خداشناس،

خدا رسيده.

ناقص= (ڪامل جو ضد)

اَڌورو، غير مڪمل، اڻپورو،

عيبدار، ناڪارو، نڪمو.

429- شيخ= مرشد، اُستاد، پير.

حق بين= حق کي ڏسندڙ.

431- موهه= محبت.

ڊوهه= جادو.

432- اَزلي= اَزل کان، آد کان.

خط جلي= روشن خط (اَکر).

433- درمان= علاج معالجو،

دوا درمل.

435- ڪوهه= جبل.

ڪکن ۽ گاهه= تُڇ يا

حقير ڳالهه.

436- سِڪ= چاهه، انتظار، محبت،

عشق.

ري بهري= بيبهره، لاحاصل،

محروم، نراس.

436- تائين عيد= عيد تائين.

438- چوٽي= بلندي، ترقي.

همدم، دمساز= (هم معنيٰ

لفظ) گهرا دوست.

439- خودبين= پاڻ کي ڏسندڙ،

مغرور.

عالم= زمانو، دنيا.

440- داد دِهي = اِنصاف.

441- آس= اُميد، آرزو، حسرت (دل جي).

442- بينائي= بصيرت، اکين سان ڏسڻ جي طاقت، اکين جي روشني.

آنڌائي= معذوري، نابينائي.

443- علم دلي= دل جو علم.

حال= الهيٰ جذبو، رقّت، حالت، ڪيفيت.

قال= محويت، مدهوشي.

سهي= چَکي.

444- اک جي چوٽي= اکين جا

مٿيان پنبڻ.

ارض و سما= زمين ۽ آسمان.

445- پاهڻ= پٿر.

اَياڻ= اَياڻو، بيوقوف.

446- مايو= (مائڻ مصدر مان

ماضي) سمايو.

450- طواف= ڪنهن به مقدس يا

پاڪ مقام(جهڙو ڪعبو)

جي چوڌاري ڦِرڻ جو عمل.

452- گلگون= گل جهڙو ڳاڙهو، لال.

پُر خون= رت سان ڀريل.

453- جُهد= سخت ڪوشش.

454- پرده پوش= عيب ڍڪيندڙ.

ستر ڪندڙ۔

ڪرم= احسان، مهرباني.

بُخل= ڪنجوسي.

سَرپوش= ڍَڪڻ، ڪنهن

شيءِ جي مٿان وجهڻ لاءِ

چادر جو ٽُڪر( جئن ميز پوش).

456- جاڪُون= جڏهن کان.

ڏولا= تڪليفون، ڏولاوا،

ڏک ڏنج.

457- همزاد= هڪ ئي وقت تي ٻئي ڪنهن سان گڏ ڄاول، جاڙو، هم سن، شيطان يا جِنُ جو هر ڪنهن انسان سان گڏ ڄمي ٿو ۽ هميشہ اُن سان گڏ رهي ٿو.

همشير= ساڳيءَ ماءُ جي ٿڃ

ڌائيندڙ، (ڀيڻ).

دلگير= مايوس، رنجيده، نراس.

458- وارد ٿيڻ= لهڻ، نازل ٿيڻ، ڄمڻ.

459- ساٿي، مددگار، واهرو.

460- وَنگ وجهڻ= وَنگڻ،

رسيءَ سان (پير) ٻَڌڻ،

قابُو ٻَڌڻ، سلهاڙڻ.

461- سيمرغ= ڪوهه قاف جو

هڪ قداور پکي، شاهين

(لفظي معنيٰ- ٽيهه پکي).

462- شبڪور=- رات جي وقت انڌو.

466- هر قسم= هر نموني،  هر طرح سان.

طلسم= جادو، افسون، سحر.

غذا= کاڄ، کاڌو.

467- ايذا= تڪليف، ڏک.

ڪينو=بغض، حسد، وير،

اندر جو ساڙ، ڪُپت.

اَئين= اوهين.

سوز گُداز= کامڻ ۽ پگهرڻ

يا ڳرڻ، روڄ راڙو، رِقت،

دل جو درد ۽ غم.

469- عالم بالا=مٿانهين دنيا،

آسمان، عرش، بهشت جي اعليٰ

درجي وارن ماڻهن جو جهان.

چؤ وائو= چئني طرفن کان

لڳندڙ هوا، طوفاني واءُ.

470- ٿاڻو=آستان، مڪان، رهائش.

471- راز= پيار‏، محبّت، عشق،

مام، اٽڪل، ڳجهه.

نيازي= نيازمند، نياز ڪندڙ،

نمندڙ، جهڪندڙ.

هِڪَ تارو= يڪتارو، وڄائڻ جي ساز جو هڪ

قسم؛ هڪ تار وارو.

رباب= وڄائڻ جو ساز.

472- مٿي آل عيال= زال ۽ ٻارن ٻچن تي.

شفقت= لطف، مهرباني،

محبت، پيار.

473- سَرگشتو= حيران، پريشان،

آفت زده، بدبخت، رُلندڙ

پنندڙ.

محمل=ڏولي، اُٺ جو ڪجاؤ

يا هودج (هوده).

474- روءِ= شڪل، منهانڊو.

خوءِ= عادت، خصلت.

475- نمودار ٿيڻ= ظاهر ٿيڻ،

پر گهٽ ٿيڻ، وارد ٿيڻ.

ڪُوزه گر= ڪُوزو (ٺڪر جو) جوڙيندڙ، ڪُنڀار.

476- مُنعم= نعمت ڏيندڙ، فياض، سخي، داتا، مربي، آقا، مالدار، تونگر، خدا تعاليٰ.

477- ڪري دير بحال= دير سان بحال ٿو ڪري، دير سان سوال ٻُڌي ٿو، سوال پورو ڪري ٿو.

478- تدبير= ڪوشش.

تقصير= قصور، خطا، گناهه.

479- شتاب= جلد، تڪڙو؛ فوراً.

480- بعيد= پرَي، ڏور. پليد=نجس، ناپاڪ.

ديد=نظر، اک.

481- ڀاڻين= پسند آئي، وَڻي.

483- اَلوان= قسمين قسمين، نموني

نموني، طرحين طرحين.

484- مَلڪ= ملائڪ، فرشتا. بيت الله= الله جو گهر، ڪعبو.

485- لوڪشف غطاء (لوڪشف الغطاء ما از دوت يقيناً)= جيڪڏهن تون پردي کي پري ڪندين ته منهنجي يقين ۾ اضافو نه ٿيندو

يقين مون= مون کي يقين

پُوڄان نه اُنهيءَ رب کي....

=(لااعبد رباَلَم آره ) ڏانهن اشارو يعني نه پوڄيندس

انهيءَ رب کي جنهن کي مون نه ڏٺو آهي.

جلي= چٽو، ظاهر، روشن،

487- اَئِين= اوهين. ڪلام ڪرڻ= گفتگو ڪرڻ،

ڳالهائڻ.

488- قوي= طاقتمند، مضبوط،

همت وارو، قوت وارو.

اتحاد= ايڪو، ٻَڌي،

ايڪتا.

قالب= جسم، بدن.

489- زور= طاقتمند، مضبوط.

490- خاني= گهر.

491- مَثَل=  پهاڪو، مثال،

ضرب المثل.

يَڪ مُشت نمونہ خروار=

نموني خاطر هڪ وڏي ڍِڳ مان هڪڙي مُٺِ.

492- گردان= ڦيرو.

صَرف ونَحو = گرامر، ويا ڪرڻ، اُهو علم جنهن ۾ لفظن جو جوڙ توڙ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جا قاعدا بيان ڪيل آهن.

مشق= اُهو لفظ، جو ڪنهن ٻئي لفظ مان نڪتل هجي، اُهو صيغو، جو مصدر مان ٺهيل  هجي.

493- صُنع= ٺهيل شيءِ، مصنوع.

صانع= ڪاريگر.

آخوند= اُستاد، معلم، مدرس.

جامع=ڪُل، تمام، ڪامل،

اَڪمل.

خليفو= نائب، قائم مقام.

قانع= قناعت ڪندڙ، ٿوريءَ شيءِ تي قناعت ڪندڙ يا راضي رهندڙ، صابر.

نحن صُنع الله= اَسين الله

جا ٺهيل آهيون(حديث).

494- بسيار= گهڻو.

اقرار ڪرڻ= اعتراف ڪرڻ،

مڃڻ.

495- مستغرق= ٻُڏل، غرق ٿيل،

نهايت مصروف.

496- عشاقن= عاشقن (عاشق جو

جِمع عشاق آهي، پر هتي

سنڌيءَ ۾ جمع الجمع ڪم

آيل آهي).

مطّهر= پاڪ، صاف، مبّرا،

معصوم.

ميسّر ٿيڻ= حاصل ٿيڻ،

هٿ اچڻ.

498- ٽاهُو= ٽهندڙ، لڄاڙُو.

ٽاهُو وڄائن= نالو ناموس

ڪڍڻ.

باهُو ڪُتا= بَهندڙ يا ڀونڪندڙ ڪُتا.

باهُو= سلطان باهُو (هڪ مشهور صوفي، عابد، زاهد شيخ ۽ پير ٿي گذريو آهي).

يا هُو، يا هُو= ”يا الله يا الله“ جو ورد يا وظيفو يا تسبيح. يا هُو گهٽا= زاني، بدڪار، بدمعاش، اوباش.

499- مشقت= گهڻي محنت، رياضت، تڪليف، ڏک، ضروري.

درمان=دوا درمل، علاج معالجو.

چندن‏= صندل جي ڪاٺي.

عُود= اگر، سُرهي ڪاري ڪاٺي.

عَنبر= هڪ قسم جي سرهاڻ

(جا باهه تي ميڻ وانگي

پگهر جي ويندي آهي).

502- اي نيڪ= اَي چڱا مڙس !

503- مَٽ ٿيا= برابر يا هڪجهڙا يا هڪ جيڏا ٿيا.

ليل ونهار= رات ۽ ڏينهن.

مُردا= مئل ماڻهو، مُرده.

زندا= زنده، جيئرا.

حَمل= آسمان جو پهريون بُرج، ميک.

غفار= معاف ڪندڙ، گناهن

تي پوش ڏيندڙ، خدا تعاليٰ

جو صفاتي نالو.

قهار= قهر ڪندڙ، جبار، خدا تعاليٰ جو هڪ صفاتي نالو.

504- مُوم= ميڻ.

معدوم= ناممڪن(نيست، نابود)، مشڪل.

نسبت= واسطو، تعلق، لاڳاپو.

معلوم= ڄاتل، علم ۾ آيل.

505- وَبال=بار، بوجو، مصيبت، آفت.

محض= فقط، رڳو، صرف.

506- ”شايد تو ڏٺو“= ”شايد تو لَڌو“.

”غور مان“= ”گهُور مان“.

507- هَوس= لالچ، طمع، لوڀ.

پيش ۽ پَس=اڳ ۽ پوءِ.

نَفَس= ساهه، دم.

509- لڳو هُم= مون کي لڳو هو.

تاب و توان=طاقت، سگهه، همت.

سَرتاپا= مٿي کان وٺي پيرن تائين، ننهن کان چوٽيءَ تائين.

ڪيو اُن جريان=منهنجي هڏ هڏ ۽ رڳ رڳ ۾ عشق، درد جو جريان يا درد جي وَهُڪَ جاري ڪري ڇڏي آهي.

510- ڪَهڪايو=(ڪهڪائڻ يا

ڪهڪائجڻ مصدر مان ماضي)

ڪَهڪايل، ستايل.

وَرسايو= وَسايو، واسيو،

خوشبودار يا معطر ڪيو.

512- ڪَون و مڪان= دنيا،

جهان، جڳ، سنسار، عالم

موجودات، هستي.

513- سَرائ= گهر، رهڻ جي جاءِ.

هَمسايو= پاڙيسري.

رابعه چيو.... الدّار= بيبي رابعه بصريءَ چيو ته پهرين پاڙيسري(ڏس)، پوءِ گهر (وٺ).

514- گيڙ وان= گيڙوءَ رتا.

مرادَ=آس، اُميد، خواهش، آرزو.

 

مُريد= حق جو طالب.

ڪَنان= ڪَنن مان.

515- سندئي= تنهنجو.

ريائي= ريا جو، ظاهرداري يا ڏيکائيءَ جو، زمانه سازيءَ يا مڪر ۽ فريب جو، ڌوڪي يا دولاب جو، ناانصافيءَ جو.

اطاعت= فرمانبرداري، عبادت.

لال= سُرخ.

خرقي ۽ ڪُلاه سان=

درويشاڻي گودڙيءَ ۽

ٽوپيءَ سان.

516- اسرار= ڳجهه، راز، ڀيد.

ڇاڻين= سمجهين.

لِقا= ديدار، جلوو، ملاقات، چهرو، صورت، شڪل. لِقا ماڻڻ= دوست جو ديدار ڪرڻ.

517- رعد= وڄ يا کنوڻ جو ڪڙڪو، ڪڪرن کي هلائڻ واري فرشتي جو آواز.

سَرگشتو= پريشان، حيران، دربدر.

وصال=(ضد= فراق) ميلاپ، گڏجاڻي، ملاقات.

519- وجود ۽ عدم=(ٻئي هڪٻئي

جا ضد) هستي ۽ نيستي.

520- روز اَلست= شروع وارو ڏينهن.

بليٰ= هائو، بيشڪ.

522- تولاءِ بس.... ناهين=اي يا ڇا! تو لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي ته تون سِڄ کان پري يا دور نه آهين.

523- پاڻ کان پاڻ پلڻ= پنهنجي هستي وڃائڻ، پاڻ کي پاڻهئي نيست نابود يا قربان ڪرڻ، آپو يا خودي وسارڻ، پنهنجو پاڻ کي وسارڻ.

آشنا ٿيڻ= واقف ٿيڻ، شناسا

ٿيڻ، دوست ٿيڻ، دوستي رکڻ.

525- مقصود= مقصد، غرض،

مدّعا، مطلب.

طلسم= جادو.

اِسم= نالو.

526- خندان =کِلندڙ، ٽِڙندڙ.

527- سان باهه= باهه سان. گاهه بيگاهه= وقت بيوقت، هر وقت.

528- نِنڊاکيون= نِنڊاکڙيون، نِنڊ ۾ ورتل (اکيون)،

خواب آلود اکيون.

زنگ= ڪَٽ.

530- باري بها لعل= بي بها يا لاثاني لعل، اَملهه لعل، وڏيءَ قيمت وارو لعل.

532- پنهان= (عيان جو ضد)، لِڪل، مخفي،ڳُجهو.

دشوار= (ضد اسان جو) ڏُکيو، مشڪل.

534- مظلوم= (ضد- ظالم) جنهن تي ظلم ٿئي، ستايل، ستم زده، ظلم رسيده، ڏکويل.

مفهوم ٿيڻ= فهم يا سمجهه ۾ اچڻ، معلوم ٿيڻ.

اِسرار=(سر جو جمع)راز، ڳُجهه، ڀيد.

535- مچايو ٿئي= مچايو اَٿيئي، تو مچايو آهي.

گهر غم ۽ خطا جو= يعني اِنسان، خاڪ جي مُٺ، اي انسان ! اي غم ۽ خطا جا گهر !

ڪور= انڌو، معذور.

اِيءُ= ايترو، ايتريقدر.

536- شڪرانو= آءٌ شڪر بجا ٿو

آڻيان، شڪر الحمد الله !

آس= اُميد، آرزو، حسرت.

دام= ڄار (جانورن کي

ڦاسائڻ جي).

538- صدا= آواز، دانهن.

روباهه= لومڙ.

صفت= مثل، وانگي.

خواب خرگوش= مدهوشي،

بيخبري، غفلت جي ننڊ،

سُستي، تغافل، سَهي جهڙي ننڊ.

539- وصل هجر=(هڪٻئي جا

ضد) وصال ۽ فراق، گڏجاڻي ۽ ڦوڙائو.

خلوت= تنهائي، اَڪيلائي، ڪُنڊ ڪوڇو، پوشيدگي، خوابگاهه، علحدگي.

540- سُوئي بسُوئي=هرطرف، هڪ طرف کان ٻئي طرف تائين.

مُوئ  بمُوئ= هر وارُ (مٿي جو).

ڪُوئ بڪُوئ= هر گهٽي،

هر گلي، هڪ گهٽيءَ کان

ٻيءَ گهٽي تائين.

لب بلب= چپ تي چپ.

رُوئ برُوئ= منهن تي منهن.

541- مُهر لِڪي هڻڻ= سِڪو

جوڙڻ (جعلي).

پارکو= صرّاف.

542- محرم= واقف، ڄاڻو، رازدان، دوست.

هَمنفَسَ= ساڳيو ساهه

کڻندڙ، همدم، دوست.

543- حال زار=افسوسناڪ حالت، بُڇڙي يا خراب حالت.

سودائي=چريو، ديوانو.

هر ديار= هر ملڪ، هر ديس، هر شهر.

544- مقصود=مقصد، خواهش، آس.

زهره= ٽئين آسمان جي هڪ ستاري جو نالو.

مِرّيخ=(اُچار-مِر+ريخ) هڪ آتشي قسم جو سيّاره، جو ستين آسمان تي آهي، منگل.

زُحل= ستين آسمان جي هڪ نهايت سُست رفتار تاري جو نالو(جو نحس سمجهيو وڃي  ٿو)، ڇنڇر.

سَهل= آسان، سولو.

ڪَنا= کان.

قطب= قطب تارو(جو اُتر يا ڏکڻ پاسي نهايت روشن رهندو آهي ۽ هميشہ هڪ ئي جاءِ تي بيٺل نظر ايندوآهي.

سُهيل= مشهور چمڪندڙ

تارو، جو يمن جي مُلڪ

۾ اُڀرندو آهي ۽ اُن جي

تاثير کان چمڙي ۾ خوشبو

پيدا ٿيندي آهي ۽ زمين جا سڀئي  جيت جنتر (حشراة الارض) مري ويندا آهن.

سُها= هڪ ننڍو تارو.

546- اکين جا ماڻهو=ماڻڪيون

(اکيون جُون).

خطر=خطرو، ڊپ.

547- آبرو خاڪ ڪرڻ= عزت

خاڪ ۾ ملائڻ، سخت بيعزتي

ڪرڻ.

548- مِهر ۽ ماه=سج ۽ چنڊ.

ناگاه= اوچتو، اَچانڪ.

549- فاخلع نعليڪ= پنهنجي جتي لاهه.

پَيڪ= قاصد.

550- ڪَس و ناڪس= اعليٰ ۽ ادنيٰ، خاص ۽ عام، هرڪو ماڻهو.

باريڪ= سنهي، سوڙهي.

هوَس= لالچ، لوڀ، اَجايو حرص.

551- کان تنهنجي غم= تنهنجي غم کان.

552- اَلستي حڪم= اَلست جو حڪم، روزالست جو حڪم.

چؤڦير=چوڌاري.

553- راهگذر= واٽهڙو، واٽ تان لنگهندڙ.

ڪوتاه نظر= ڪم نظر، ڪم

عقل، گهٽ سمجهه وارا،

ڪم بين، گهٽ ڏسندڙ،

ڪوتہ اَنديش.

554-خلوت= اڪيلائي، تنهائي،

ڪُنڊ ڪوڇو، لڪل جاءِ.

555- شيخ= پير مرد، مُرشد، پير، پيشوا، صوفي، سجاده نشين، خانقاه جو سردار، عرب جو سردار، معزز ماڻهو.

اَڌ رات جي آه= نالہء نيم شبي،

اُها آه ۽ زاري، جا آڌيءَ

رات جو اُٿي ڪئي وڃي.

556- بَدّل=عوض، بدلو.

قيام= قيامت جي ڏينهن.

فضل= رحم،ڪرم، مهرباني.

557- مان حق جي خوان= حق جي دستر خوان مان، زمين مان.

558- زِندو= زنده، جيئرو.

عَفو= بخشش.

چارو= رستو، طريقو.

جُويندو= جُوينده، ڳوليندڙ.

يابِندو= يابِنده، لهندڙ،

حاصل ڪندڙ، لڀندڙ.

559- شَر جو= شيطاني، ناخيري.

محض= فقط، رڳو، صرف.

بشر=انسان، آدمي.

561- مان بحر زماني جي=زماني جي بحر مان.

562- لاءِ دلدار= دلدار يا دوست لاءِ.

درڪار= گهُربل.

دَلق=درويشاڻي گودڙي.

دستار= مولوين جو پَٽڪو.

563- هڪ دم= هڪ لحظو،

هڪ ساهه.

قفس= پڃرو، جسم.

حرص هوا= لالچ، هَوسَ،

لوڀُ.

564- تائب= توبہ ڪندڙ.

تقصير= قصور، ڏوهه،

جُرم، غلطي.

565- رهڻيءَ ۾= بودوباش ۾،

گڏ رهڻ ۾، گڏ جالڻ ۾،

خويش= مِٽ مائٽ، پنهنجو

عزيز (ضد- غير).

بيش= زياده، وڌيڪ، معتبر، مٿانهون.

پيش=اڳي، اعليٰ، صدر، گوءِ کڻندڙ، سونهون.

بَد اَنديش=دشمن، مَٺگهُرو.

566- درمان= دوا درمل، علاج معالج.

دشمن جان= جان جو دشمن،

جاني دشمن.

567- قرب= (ضد- بُعد) نزديڪي،

ويجهڙائي (خدا جي).

مقيم= رهاڪو، رهندڙ.

تفويض= خدا تي ڀروسو.

تسليم= خدا کي سڀڪجهه

سونپڻ.

559- سيّد= سردار.

سيّد ڪنهين........... مدام=

اِشارو هن حديث ڏانهن آهي

”سيد القوم خاد مهم“ قوم

جو سردار ان جو خادم آهي.

570- پرڪار= گول ڪڍڻ جو اوزار، پلڪار.

571- پڙهئي  جو=پڙهيل (ماڻهوءَ)

جو، پڙهيل ڳڙهيل جو.

572- بَدر= چوڏهينءَ جو چنڊ.

هِلال= پهرين تاريخ جو چنڊ.

تنزّل=(”ترقي“ جو ضد) زوال.

573- ناقِص= اَڌُرو، اَڻپُورو، نُقص وارو (ڪامل جو ضد).

فَواري= ڦُوهاري، فّواره.

آغاز=(ضد= انجام)شروعات، منڍ.

574- وَڌ وَڌ= هڪٻئي کان وڌيڪ.

روزَ= ڏِهاڙا، ڏينهن.

575- حق کان=رب کان.

جَنَم= پيدائش، ڄَمُ.

بهلول= هڪ مست درويش

۽ شاعر جو نالو.

والد کان....وڏو= جيئن آءٌ، پنهنجي پيءُ کان به ويهه سال وڏو آهيان. (مرزا صاحب مرحوم جن جي والد بزرگوار جن جي عمر 57 سال هئي ۽ خود مرزا صاحب جن جي عمر، هن رباعيءَ لکڻ وقت 77 سال هئي).

577- اَنت=تُون.

نَحن= اسين.

مُصحف= قرآن پاڪ.

578-سواديشي= سوديشي، پنهنجي

ديس جو، ديسي، مُلڪي.

579- اختلاط= ميلاپ، هڪٻئي ۾ گڏجڻ، آميزش، ميل جول،

ربط ضبط.

580- سواراج= سوراج، پنهنجو راڄ، حڪومت خود اختياري، هوم رُول.


 

 

 


 

ڪتاب موتين جي دٻلي (عمر خيام)

جي ڏکين لفطن جي معنيٰ.

 

 

ر- ن

لفظ، اصطلاح ۽ معنيٰ

ر-ن

لفظ اصطلاح ۽ معنيٰ


 

1- پيمانا= پيالا.

مئي= شراب.

2- منظور= پسند يا قبول.

3- حسرت= پشيماني.

4- درآغوش= ڀاڪر يا بغل ۾.

ڪُوزو= صراحي.

5- تلقين= مرڻ مهل دين جا

اُصول ياد ڏيارڻ.

6- خط= ليڪ يا چِٽ.

7- سڀان= صبح يا سڀاڻي.

8- ناقوس= ديول جو گهنڊ.

ترانو= راڳ.

ڪليسا= ديول.

صليب= ڪراس يا سوري،

پارسي ۾ چليپا.

9- بدانديش= بدخواهه يادشمن.

نوش= مٺائي.

نيش= ڏنگ يا زهر.

10- نفس= دم يا پساهه.

12- خوب= گهڻو.

فرط= گهڻائي.

خراب= نشئي، بيحال.

ٿئي= باهه پاڻيءَ جو معجزو.

13- خراب= مست، نشئي.

14- ڪامراني= منهنجي مراد

حاصل آهي.

زندگاني= حياتي.

15- تاوان=چٽي.

16- پَستي=نااُميدي، ڪمزوري.

18- دير= مڙهي.

19- اذان= ٻانگ.

سالوس= ريا يا مَڪر.

22- قصر= ماڙي، محلات.

جُوءِ= رهڻ جي جاءِ.

گور= گورخر جانور.

گور= قبر.

24- قدح=وڏو پيالو يا ڪوزو.

جام= ننڍو پيالو.

الايّام= سڀني ڏينهن جو

سردار حديث موجب.

25- روان= ڪوچ.

26- باد= هوا جا پيٽ مان نڪري.

27- ڪِشت = پوک.

28- عود ۽ چنگ= وڄائڻ جا آواز.

فرسنگ= ٽي ميل.

29-ٿي= رهه.

30- حق= واجب.

31- ٿي عمر= گهڻا ڏينهن ٿيا.

وِرد= وظيفو.

34- دين دشمن= دين جي دشمن جي بجا.

35- بشر= انسان.

36- جبار= خدا تعاليٰ.

37- باغ اِرم= بهشت. عصيان= گناهه.

38- سلخ= مهيني جي پوئين تاريخ.

غزّه= مهيني جي پهرين تاريخ.

39- سڦرو= چڱو، سجايو.

طرب= خوشي، عيش.

40- غذا=کاڌو.

ڪهربا=زرد.

ياقوت= لال يا ڳاڙهو.

تابوت= جنازي جو کٽولو.

42- سجاده=مصلو.

خر= گڏهه.

ريا= ڏيک.

44- نِستو= ضعيف.

45- ساغر= پيالو.

دفتر= وڏا وڏا ڪتاب.

تر= آلو، شراب سان ڀريل.

47- هنان=هن کان.

48- منصبدار= وڏي در جي وارا.

50- خريء=بيعقلي، گڏهه

جهڙو عقل.

52- ڪاسو= پيالو، ڪوپري.

ڪوزه گرن= ڪنڀرن.

53- گل مل= شراب.

باده پرستن= شراب پيئندڙن.

55- درمان= علاج.

جانان= محبوب.

پايان= پڇاڙي.

56- جان=روح.

58- شاخ= ڏند.

59- آب انگور= شراب انگوري.

بتن= محبوبن.

دور= پري.

60- ممڪن= ممڪن آهي ته.

61- پر و بال= کنبڙاٽيون.

خط و خال= سينگار، سونهن.

62-ڪا رات = ڪا رات ناهي.

65- قصور= بهشت جون ماڙيون.

66- مست خراب= بيحال. نشئي.

67- طهور=شراب طهورا يعني پاڪ شراب.

معشوق= معشوق  پرست.

مامور= حڪم.

68- نقد= ترت يا حاضر، روڪ.

نسيه= اوڌر تي يا ايندڙ

وقت جي انجام تي.

69- قدر= قضا ۽ قدر.

70- علت= بيماري

71- حق= سچ ۽ خدا.

73- سوز= ساڙو، سيڪ.

ساز= چڱائي.

74- ناب= ڳاڙهو.

75- ڪور= انڌيون.

77- جم= جمشيد.

غذائي= غيب مان آيل طعام جيئن بيبي مريم کي ٿي مليو.

فرياد= نعرو.

ابوسعيد ادهم= ٻه وڏا اولياء.

83- منظر= تماشه گاهه.

85- بتن=محبوبن.

87- ڪوزه گر= ڪنڀر.

ڪوزا= صراحيون.

ڪوزه خر-خريد ڪندڙ.

ڪوزه فروش= وڪڻندڙ.

88- اصل شناس= اصل ذات

سڃاڻندڙ.

الياس= حضرت خضر ۽ الياس.

منافع للناس= قرآن مان شراب

جي بابت ته ماڻهن کي

انهيءَ مان نفعو آهي، مگر نقصان زياده آهي.

90- يڪباره= يڪبارگي.

91- نار= باهه.

ناقوس ڪليسا= ديول جو

گهنڊ ۽ ديول.

زنار= جڻيو.

92- ڊاک جو رت= شراب.

94- ڪيُئي= جوڙيئي.

96- هوئي=جي هجي ته.

خط سياهه= عملنامون.

99- گبر= ڪافر.

100- تمام= پورا يا پڪا.

103- غرب= الهندي.

شرق=اڀرندي

105- باقي= بقا يا جٽا واري.

زراقي= ٺڳي.

حوض= حوض ڪوثر.

106- بينوا= بي سامان، محتاج.

نوا= سامان.

107- ماٺيڻائي= ماٺ يا نا گويائي.

108- معما= ڳجهارت يا پرولي.

سرو= سرو ۽ سوسن کي

ماڻهو ڇو آزاد سڏيندا آهن.

هِن کي= سوسن کي.

هُن کي= سرو کي.

110- افلاڪ= آسمان.

116- لعل ناب= ڳاڙهو.

117- نوحه =زار، فرياد.

آئني= آرسي.

118- چين بجبين=پيشانيءَ ۾

گهنڊ وجهي.

120- ستن= آسمان ۽ زمين.

122- دائرو= گهيرو يا چڪر.

نگين= ٽڪ.

124- مشوش= بي آرام، پريشان.

فانوس= جادؤ جو شمعدان.

125- ڌيءَ= شراب.

128- اذالسماءُ انفطرت، اذالنجوم

انڪدرت= قرآن مان اشارا

قيامت جي ڏينهن جا.

باي ذنب قتلت= ڪهڙي

ڏوهه ڪري مون کي ماريئي.


 

 

 


 

موتين جي دٻلي (ڀاڱو پهريون)

مضمون جي الف- بي وار فهرست.


 

الف

اَبحيات ۽ خضر                20

آدم کي بهشت مان داڻي

پاڻي ڪڍيو            86

آدم حرص هوا سان ڍور

ڍڳي جهڙو             183

آءٌ ۽ تون جي ٻولي

پردي پٺيان آهي               21

ابن زياد جي ظلم جي

شڪايت               110

اثنا عشري حق تي            62

اڇا وار ڪارو منهن شل

نه ٿئي                         154

اسپنگريابدر قطونا

دو رنگائي جو مثال            107

اصل نسل کان زر زياده

ضروري                        55

اصل نسل جي ٻٽاڪ      148، 149

اعمال هن جهان تائين ٿا هلن     28

اڪسير ڇا آهي                        98

اک، زبان ۽ ڪن کان

سواءِ رهڻ                      162

اکيون دل جون ضروري

آهن                            83

اندر هڪڙو ٻاهر  ٻيو          63

اندر جي باهه ۽ اک جي

پاڻيءَ جي تعريف                      75

انسان جي ذات مخفي گنج

آهي                            10

انسان الاهي نسخو ۽

نمونو                           12، 87

انسان کي خدا کان هستي

۽ طاقت مليل آهي            13

انسان دنيا ۾ ٽن ڏينهن

جو مهمان                      25

انسان لفظ آهي ۽ خدا

ان جي معنيٰ                  87

انسان کي دنيا ۾ غم ضرور آهي     103

انسان جا چار دشمن           114

انسان ۽ خدا هڪٻئي  جا آئينا       121

انسان جي تعريف                      141

اوليا ڪوڙا ڪهڙا                      145

اوليائن جي شناخت            138

ب

باغ ۾ محبوب جي مجلس   163، 164

بخت سمهندڙ ۽ جاڳندڙ.                     60

بدلي نه وٺڻ جي تعريف                       42

بدر قطونا يا اسپنگر

دو رنگائي جو مثال                 107

بديءَ سان دوست به

دشمن ٿئي                          77

بقا ۽ فنا                               82

بندو مقبول ڪير آهي                 42

بِندرو فسادي آهي                     125

بندو ٿي ته خدائي ڄاڻين             187

بهشت بيدردن جي جاءِ               69

بهشت مان آدم کي

ڪنهن ڪڍيو                  86

بهشتي                                112

بيداريءَ جا قسم                      57

ٻ

ٻارهن امامن تي اعتقاد                62

ٻڌڻ گهڻو گهرجي ۽

ڳالهائڻ ٿورو                   45

ڀ

ڀنگ جي تعريف                       137

ت

تدبير ۽ تقدير                 98

تسخير ڇا کي چئجي         98

تقدير ۽ تدبير                 98

تقدير نيڪي ۽ بديءَ ۾             124

توبهه ڪرڻ ۽ ڀڃڻ            76

توبهه ۾ هنجون هارڻ          112

توڪل جي تعريف             113

پ

پاڻ کي ڀڃڻ ۽ پاڻ کان ڇٽڻ               38

پاڻي شراب به آهي ۽

گلاب به آهي                  85

پردي ۾ عيان ۽ ري

پردي نهان                     15

پيادو ٿي وزير نه ٿي                   51

پير ۽ اوليا ڪوڙا ڪهڙا آهن 145

پيريءَ جي شڪايت 84، 102

پيري ۽ جواني         132

پيريءَ ۾ جوانيءَ جو شوق 166

پيسو پنهنجي قوم تي

خرچڻ گهرجي          161

پيسو وڏي شي آهي           56

پيسو ڪونهي تڏهن

حرص هوس ڪونهي          129

ج
جزو ۽ ڪُل؛            18

جمال ۽ جلال          6

جنگ ۽ صلح ڪنهن سان

ڪنهن سان ڪرڻ گهرجي     54

جواني ۽ پيري                 132

جَوَ پوکي ڪڻڪ ڪو نه لڻندو 46

جهان نٿو  لنگهي اسين ٿا

لنگهون                          26

جهان جو تماشو فانوس خيال 175

جهان جو حال ڪڏهن

ڪهڙو ڪڏهن ڪهڙو 176

جهنم جي باهه ڪئن اجهائجي       112

جيئرو اهو جو عشق ۾ مري      32

چ

چاءِ جي تعريف                117

چوڻ مان ڪي به حاصل ناهي         80

ح

حرص هوا دنيا ۾ گهڻو                89

حرص هوس آهي مگر

پيسو ڪونهي                 129

حرص هوس کان فراغت

ضرور آهي             183

حق ڪل ۽ انسان جزو 18

حق  عالم ۾ ۽ عالم حق ۾ 9

حق گهڻي روشنائي کان

لڪل آهي             95

حق ڏي وڃڻ جون

ٽي واٽون                       140

خ

خدا جي رحمت                2، 177

خدا پري ۾ عيان ري پردي نهان      15

خدا پاڻهئي گهر ويٺي ملي ٿو  16

خدا مَنَ ۾ ٿو ماپي            17

خدا کي گهر آهي پر

زال ڪانهي            59

خدا ۽ انسان هڪ ٻئي

جا آئينا                        121

خدا غفار به ۽ قّهار به         150

خدا جا احسان اسان جن

گناهن کان زياده               172

خدا کي ڏسڻ ۽ سڃاڻڻ

مشڪل                        179

خدا هر جا حاضر ۽ سڀ

سندس تعريف ٿا ڪن         1

خدا رحيم ڪريم آهي         2،91

خدا گناهه معاف ڪندڙ آهي  3، 4، 8

خدا سڀ پاڻ آهي             5

خدا جو جمال ۽ جلال

سمجهڻ جو ناهي             6

خدا جي ڳولڻ جا هزارين رستا         7

خدا عالم ۾ ۽ عالم خدا ۾           9

خدا ڏي وڃڻ جون ٻه واٽون     11

خدا کي پاڻ منجهه ڳولجي نه ٻاهر

66، 79، 108، 153، 157، 158

خدا جي راضپي ۽ ناراضپي

جي نشاني 73

خدا معنيٰ ۽ انسان لفظ       87

خدا جي در کانسواءِ

ٻيو در ڪونهي                99

خدا مسڪينن جو يار          182

خدا ڳولين ته بندو ٿي         187

خضر ۽ آبحيات               20

خود پسنديءَ جي گلا 188

خيال پچائڻ سان سڀڪجهه

ٿي سگهي ٿو                 18

د

دانا ۽ نادان ڪير آهي         40

درويش ڪير آهي                      53

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org