سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: موتين جي دٻلي

صفحو :1

موتين جي دٻلي

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ مرحوم

 

اي گت غواصن، جيئن سمنڊ سوجهيائون

پيهي منجهه پاتارجي ماڻڪ ميڙ يائون،

آڻي  ڏنائون، هيرا لعل هٿن سين.

 

__ شاهه

 

 

 

 

 

 

 

بسم الله الرحمٰن الرحيم

تعارف

ربائيءَ جي تشريح: رباعيءَ جو لفظ ”ربع“ مان نِڪتل آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ عربي زمان ۾ آهي ”چار“، يا ڪنهن شيءِ جي چوٿِين پَتِي يا چوٿون حصو؛ ۽ ”رباعيءَ“ جي لفظي معنيٰ آهي، چار حصا يا چار پهلو يا چار جُزا. اصطلاحي معنيٰ موجب رباعي چئن مصرعن واري انهيءَ نظم کي چئبو آهي، جو رباعيءَ جي مخصوص بحر ۽ ان مان نڪتل خاص چوويهن وزنن مان ڪِن تي به لکيل هجي. اَهل عرب ان کي ’رباعي‘ انهيءَ ڪري چوندا آهن، جو ’بحر هزج‘، جنهن ۾ رباعي چئي وڃي ٿي، چئن جُزن مان مُرڪب ٿئي ٿو ۽  ان ڪري انهيءَ وزن جي هڪ مصرع عربيءَ ۾ ٻن جُزن  وارو هڪ شعر بڻجي ٿو. انهيءَ حساب سان، رباعيءَ جي چئن مصرعن ۾، چار شعر ٿين ٿا.

جيئن ته رباعيءَ ۾ صرف ٻه شعر، يا ٻه بيت، يا چار مصرعون ٿين ٿيون، تنهنڪري هن شعر جي صنف کي ’دوبيتي‘، ’چار مصرعي‘ ۽ ’ترانہ‘ جي مختلف نالن سان پڻ سڏيندا آهن، جي نالا هاڻي متروڪ سمجهڻ گهرجن.

رباعيءَ جي ترتيب يا بناوت: علم عروض ۾، فقط اها ئي شعر جي هڪ صنف اهڙي آهي، جنهن جو وزن معيّن يا مقرر ٿيل آهي. رباعي هميشہ انهيءَ ئي هڪ بحر ۽ ان مان نڪتل چوويهن وزنن مان ڪن تي به لِکي سگهجي ٿي. رباعيءَ جو بحر، ’بحر هزج‘ مان مشتق آهي.

رباعيءَ جا مخصوص وزن ڪُل چوويهه آهن، جي سڀئي ’بحر هزج‘ مان اخذ ڪيل آهن، رباعيءَ جي خزاني جو اَصل رُڪن ’مفاعيلن‘ آهي. شعر جي ڪُل صنفن منجهان اهو شرط صرف ’رباعيءَ‘ سان لاڳو آهي، ته اها انهن مٿي ذڪر ڪيل چوويهن وزنن مان ڪِن تي به ٻَڌل هئڻ گهرجي.

عروض جي ماهرن جي اڪثريت هن راءِ سان شامل آهي ته رباعيءَ جي چئن ئي مصرعن جا وزن مختلف  هئڻ گهرجن. انهيءَ مان هيءَ ڳالهه واضح ٿي ٿئي ته رباعيءَ جي چئن ئي مصرعن رباعيءَ جو وزن هڪ جهڙو نٿو ٿئي، بلڪه چار ئي مصرعون رباعيءَ جي مخصوص چوويهن وزنن مان ڪن به چئن وزنن تي ٻڌل ٿين ٿيون. (رباعيءَ جي انهن چوويهن مخصوص وزنن جو بيان وضاحت سان هيٺ ڏينداسين.)

جيڪڏهن رباعيءَ جي پهرين، ٻي ۽ ٽين مصرع مختلف وزنن تي ٻڌل هجي ۽ ان جي چوٿين مصرع ٽينءَ مصرع جي وزن سان موافقت رکندي هجي، تڏهن به روا آهي. مثال طور، رباعيءَ جي پهرينءَ مصرع جي وزن جا ارڪان هي آهن- مفعول مفاعيل مفاعيلن فع (فاع)؛ ان جي ٻيءَ مصرع جي وزن جا ارڪان هن طرح آهن- مفعول مفاعلن مفاعيلن فع (فاع)؛ ۽ان جي ٽينءَ ۽ چوٿين مصرع جي وزن جا ارڪان هن ريت آهن- مفعولن فاعلن مفاعيلن فع (فاع).

بعض وقت، انهيءَ بحر کي ’بحر رباعي‘ يا ’رباعيءَ جو بحر‘ پڻ چئبو آهي.

رباعيءَ جون پهريون ٻه مصرعون ۽ آخرين چوٿين مصرع، پاڻ ۾ هم قافيہ ۽ هم رديف پڻ ٿينديون آهن. بعض وقت، چار ئي مصرعون پاڻ ۾ هم قافيہ ۽ هم رديف پڻ ٿينديون آهن. شاعر پنهنجو تخلص رباعيءَ جي چئن مصرعن مان ڪنهن به هڪ مصرع ۾ ڪم آڻي سگهي ٿو؛ پر جيڪڏهن هُو رعابيءَ جي ڪنهن به مصرع ۾ پنهنجو تخلص ڪم نه آڻي، تڏهن به وَس وارو آهي.

رباعيءَ جو مضمون: شعر جي مربوط صنفن ۾ رباعي سڀني کان هڪ ننڍو نظم جو قسم آهي. شعر جي مربوط صنفن مان اسان جي مُراد شعر جي انهن صنفن سان آهي، جن ۾ ڪنهن هڪ ئي مضمون تي شعر لکي سگهجي ٿو ۽ اُنهن ۾، شروع کان آخر تائين، معنيٰ ۽ مفهوم جو سلسلو يا ربط ٽُٽي نٿو پوي، بلڪ قائم رهي ٿو. جهڙوڪ قصيده، قطعه وغيره ۾.انهن جي برعڪس، غزل جو هر هڪ بيت يا شعر پنهنجو پنهنجو مطلب ۽ مفهوم رکندو آهي.

رباعيءَ جي هڪ خصوصيت هيءَ آهي ته اُن ۾ صرف هڪ شيءَ، هڪ ڳالهه يا هڪ واقعي جو بيان مختصر ۽ مجمَل، مگر دل چُڀندڙ انداز ۾ ڪري سگهجي ٿو. قطعي وانگر، رباعيءَ جي مضامين ۾ پڻ شاعر کي اِختيار آهي ته هوُ جنهن به مضمون تي شعر چوڻ گهُري، رباعيءَ جي صورت ۾، پنهنجا خيال ظاهر ڪري ٿو. مشّاق رباعي گو شاعرن جو وڏو ڪمال ته اِهو ئي آهي ته اُهي صرف چئن مصرعن جي محدود وسعت ۾، پنهنجي مافي الضمير کي اهڙيءَ ريت ادا ڪري سگهندا آهن، جو معنيٰ ۽ مطلب ۾ ڪا به غيريت، اَجنبيت يا تشنگي محسوس نه ٿيندي آهي. رباعيءَ جي پهرينءَ مصرع ۾ شاعر جنهن به شيءَ کي رُوشناس ڪرائڻ چاهيندو آهي، اُن جو ذڪر ڪندو آهي. اُن جي ٻيءَ ۽ ٽينءَ مصرع ۾، اُن  جي وضاحت ڪري، چوٿين مصرع ۾ منتها تائين پهچائيندو آهي. رباعي، ايجاز جو مڪمل نمونو ٿيندي آهي؛ تنهنڪري زور ۽ اثر اُن جي ممتاز وصف ليکجڻ ۾ ايندي آهي. رباعيءَ جي شرطن  شروطن ۽ پابندين جو لحاظ ڪندي، هِڪُ مشّاق شاعر چئن مصرعن ۾ علم ۽ حڪمت جا اُهي نُڪتا، مڪمل طور بيان ڪندو آهي، جنهن جي وضاحت يا حقيقي معنيٰ کي سمجهائڻ لاءِ، هُوند صفحن جا صفحا ڀَري سگهجن. مطلب ته هڪ مشّاق شاعر، رباعي لِکي، گويا درياهه کي ڪُوزي ۾ بند ڪري ٿو ڏيکاري !.

جئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي، عروضي حيثيت سان، رباعيءَ جا اوزان، بحر هزج سان مخصوص آهن. رباعين ۾ فقط ڏهه ارڪان مستعمل آهن، جن مان پهريون مفاعيلن (سالم) ۽ باقي نَو، مزاحف آهن. اُنهن ڏهن ارڪانن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

مفاعيلن-  سالم، مخصوص بحشو.

مفاعلن- مقبوض، مخصوص بحشو.

مفاعيل- مڪفوف، مخصوص بحشو.

فاعلن- اشتريا مقبوض محبق، مخصوص بحشو.

مفعولن-  اخرم يا محبق- مخصوص بصدر و اِبتدا؛ پر جڏهن اهو صدر ۽ ابِتداءِ کان سواءِ حشو ۾ ايندو، تڏهن اُن کي ’محبق‘ چئبو ۽ جيڪڏهن صدر ۽ اِبتداءِ ۾رهندو ته ان کي ’اخرم‘ چئبو.

مفعول-  اخرب يا مڪفوف محبق، مخصوص بصدر ۽ ابتدا؛ پر جيڪڏهن هيءُ حشو ۾ ايندو، تڏهن ان کي ’مڪفوف محبق‘ چئبو.

فعول   - اهتم، مخصوص بعروض و ضرب.

فعل – محبوب، مخصوص بعروض و ضرب.

فاع- اذل،مخصوص بعروض و ضرب.

فع- ابتر يا محبق محبوب، مخصوص بعروض و ضرب.

اِنهن ئي مٿين ارڪانن مان ئي رباعيءَ جا چوويهه وزن بڻايا ويا آهن، جن مان ٻارهن ’اخرب‘ آهن ۽ ٻارهن ’اخرم‘ آهن. پڙهندڙن جي سهولت ۽ ڄاڻ خاطر، رباعيءَ جي اِنهن چوويهن ئي وزنن جا ارڪان، ۽ هر هڪ وزن جا مثال،  پنهنجا جوڙي، تقطيع سميت، هيٺ عرض رکان ٿو:

پهرين، اخرب وارن وزنن جو ذڪر ڪجي ٿو:

صدر ۽ اِبتداءِ اخرب- ٻئي حشو مڪفوف- عروض ۽ ضرب اهتم-

وزن-    مفعول مفاعيل        مفاعيل        فعول

مثال- انسان کي خالق کان مليو عقل و تميز.

تقطيع-                مفعول مفاعيل                مفاعيل                فعول

انسان که خالق که     ملو عقل       تميز

صدر ۽ ابتداء اخرب- پهريون حشو مقبوض ۽ ٻيون حشو مڪفوف- عرض ۽ ضرب اهتم.

وزن-    مفعول مفاعلن         مفاعيل        فعول.

مثال- سُورن ۾ خزان ڪَٽي ۽ حسرت ۾ بهار.

تقطيع-        مفعول         مفاعلن                 مفاعيل                فعول

سورن ۾               خزان ڪٽي     آ حسرت ۾    بهار

صدر ۽ ابتداء اخرب- پهريون حشو سالم ۽ ٻيون حشو مڪفوف محبق- عروض ۽ ضرب اهتم.

وزن-    مفعول مفاعيلن       مفعول فعول

مثال - دل ڪنهن جي ڏکائڻ جو ڪر قصد نه مور.

تقطيع -       مفعول         مفاعيلن               مفعول         فعول

دل ڪهه ج    ڏکائڻ جو      ڪر قصد      نه مور

4. صدر ۽ ابتداء اخرب- ٻئي حشو مڪفوف- عروض ۽ ضرب مجبوب.

وزن-    مفعول مفاعيل        مفاعيل        فعل.

مثال- دنيا جا آهن رنگ عجب، ڍنگ عجب !

تقطيع-                مفعول         مفاعيل                مفاعيل                فعل

دنيا ج                 آهن رنگ      عجب ڍنگ    عجيب

صدر ۽ ابتدء اخرب- پهريون حشو سالم ۽ ٻيون حشو مڪفوف محبق- عروض ۽ ضرب محبوب.

وزن-    مفعول مفاعلين       مفعول فعل.

مثال- شطرنج جا مهرا ٿيا انسان مِڙئِي.

تقطيع-                مفعول مفاعلين               مفعول فعل

شطرنج         ج مهرا ٿا      انسان مڙي

6. صِدر ۽ ابتداء اخرب- پهريون حشو  مقبوض ۽ ٻيون حشو مڪفوف- عروض ۽ ضرب مجبوب.

وزن     مفعول مفاعلن         مفاعيل                فعل

مثال- ڪنهن رند کان پُڇ وڃي، خرابات جي سُڌ.

تقطيع- مفعول         مفاعلن                 مفاعيل                فعل

ڪہ رند        که پڇ وڃي    خرابات                 ج سڌ

7.صدر ۽  ابتداء اضرب  پهريون حشو مڪفوف ۽ ٻيون سالم- عروض ۽ ضرب اذل.

وزن- مفعول مفاعيلن مفاعيلن فاع.

مثال- رنگين چمن آخر ڪندا خَر پامال.

تقطيع-        مفعول         مفاعيلن               مفاعيلن               فاع

رنگين         چمن آخر       ڪدا خرپا      مال

8. صدر ۽ ابتداء اخرب- پهريون حشو مقبوض ۽ ٻيون حشو سالم- عروض ۽ ضرب اذل.

وزن-    مفعول مفاعلن مفاعيلن فاع

مثال- يا رب ! آءُ گناهگار، تون بخشڻهار.

تقطيع-        مفعول         مفاعلن         مفاعيلن               فاع

يا رب آ                گناهگا         رتو بخشڻ     هار

9. صدر ۽ ابتداء اخرب- پهريون حشو سالم ۽ ٻيون حشو محبق – عروض ۽ ضرب اذل.

وزن-    مفعول مفاعيلن       مفعولن        فاع

مثال- سنسار ۾ ڏک سک جي آميزش آهه

تقطيع         مفعول مفاعيلن               مفعولن        فاع

        سنسار                 ۾ ڏک سک جي              آميزش آهه

10. صدر ۽ ابتداء  اخرب-  پهريون حشو مڪفوف ۽ ٻيون حشو سالم-  عروض ۽ ضرب محبق محبوب.

وزن- مفعول مفاعيل مفاعيلن فع.

مثال- پار آهه جي وڃڻو، ته پُليون ڇو پُڇجن ؟

تقطيع-                مفعول         مفاعيل                مفاعيلن               فع

پاراهه           ج وڃڻو ته     پُلو ڇو  پڇ     جن

صدر ۽ ابتداء اخرب- پهريون حشو مقبوض ۽ ٻيون حشو سالم- عروض ۽ ضرب محبق مجبوب.

وزن-    مفعول مفاعلن مفاعيلن فع.

مثال- شيطان کي ناهي اڄ ڪمن کان فرصت.

تقطيع-        مفعول         مفاعلن                 مفاعيلن               فع

شيطان                 که ناهه اڄ     ڪمن  کا فر   صت

صدر ۽ ابتداء اخرب- پهريون حشو سالم ۽ ٻيون حشو محبق- عروض ۽ ضرب محبق مجبوب.

وزن-    مفعول مفاعيلن مفعولن فع.

مثال- خلقت جو سدا آهي رازق خالق.

تقطيع-        مفعول         مفاعيلن               مفعولن                فع

 خلقت ج      سدا آهي       رازق خا        لق

هاڻي هيٺ ’اخرم‘ جي وزنن جو تفصيل ڏجي ٿو:

صدر  ۽ ابتداء اخرم-پهريون حشو مڪفوف محبق ۽ ٻيون حشو مڪفوف- عروض ۽ ضرب اهتم.

وزن- مفعولن مفعول مفاعيل فعول.

مثال- خدمت ٿي انسان کي مخدوم بڻائي.

تقطيع-        مفعولن                مفعول         مفاعيل                فعول

خدمت ٿِي     انسان          که مخدوم     بڻاءِ

2. صدر ۽ ابتداء اخرم- پهريون حشو مقبوض محبق ۽ ٻيون حشو مڪفوف- عروض ۽ ضرب اهتم.

وزن- مفعولن فاعلن مفاعيل فعول.

مثال- پڙهه شام و صبح قل هو الله مدام.

تقطيع-        مفعولن                فاعلن          مفاعيل                فعول

پڙهو شامو     صبح قل       هو للاه                 مدام

3. صدر ۽ ابتداعه اخرم- پهريون حشو محبق ۽ ٻيون حشو مڪفوف محبق- عروض ۽ ضرب اهتم.

وزن- مفعولن مفعولن مفعول فعول.

مثال- مُنهن ۾ آهي جن جي شيرين زبان.

تقطيع-        مفعولن                مفعولن                مفعول         فعول

مہ ۾ آ                هي جن جي    شيرين         زبان

صدر ۽ ابتداء اخرم- پهريون حشو مڪفوف محبق ۽ ٻيون حشو مڪفوف- عروض ۽ ضرب مجبوب.

وزن- مفعولن مفعول مفاعيل فعل.

مثال- جي چاهين، بيدار ٿئي بخت سندءِ.

تقطيع-        مفعولن                مفعول         مفاعيل                فعل

جي چاهي      بيدار           ٿئي بخت     سدءِ

صدر ۽ اِبتداء اخرم- پهريون حشو  مقبوض محبق ۽ ٻيون حشو مڪفوف- عروض ۽ ضرب مجبوب.

وزن- مفعولن فاعلن مفاعيل فعل.

مثال- صدقي تو تان ٿيان رسول، عربي.

تقطيع- مفعولن                فاعلن          مفاعيل                فعل

صدقي تو      تا ٿيا          رسولي ع      ربي

صدر ۽ اِبتداء اخرم- پهريون حشو محبق ۽ ٻيون حشو مڪفوف محبق- عروض ۽ ضرب مجبوب.

وزن- مفعولن مفعولن مفعول فعل.

مثال- حاصل ٿئي دنيا ۾ جي يار سچو.

تقطيع-        مفعولن                مفعولن                مفعول         فعل

حاصل ٿي     دنيا ۾                 جي يار                 سچو

صدر ۽ ابتداء اخرم- پهريون حشو مڪفوف محبق ۽ ٻيون حشو سالم- عروض ۽ ضرب اذل.

وزن- مفعولن مفعول مفاعيلن فاع.

مثال- بطحا ڏي،  ٿِي خاڪ اُڏامان اي ڪاش !

تقطيع-        مفعولن                مفعول         مفاعيلن               فاع

بطحا ڏي      ٿِي خاڪ       اُڏاما اي                ڪاش

صدر ۽ اِبتداء اخرم- پهريون حشو مقبوض محبق ۽ ٻيون حشو سالم- عروض ۽ ضرب اذل.

وزن- مفعولن فاعلن مفاعيلن فاع.

مثال-  آرامي قبر ۾ ٿِبو آخرڪار.

تقطيع-        مفعولن                فاعلن          مفاعيلن               فاع

آرامي          قبر ۾          ٿبو آخر                ڪار

9.صدر ۽ اِبتداءِ اخرم- پهريون حشو ۽ ٻيون حشو محبق- عروض ۽ ضرب اذل.

وزن- مفعولن مفعولن مفعولن فاع.

مثال- کِلندي کِلندي مجنونءَ ڪئي دامن چاڪ.

تقطيع-        مفعولن                مفعولن                مفعولن                فاع

کلدي کل      دي مجنو      ڪي دامن     چاڪ

صدر ۽ اِبتداء اخرم- پهريون حشو مڪفوف محبق ۽ ٻيون حشو سالم- عروض ۽ ضرب محبق مجبوب.

وزن- مفعولن مفعول مفاعيلن فع.

مثال- هَٿ هڪڙي ۾ جام ته ٻئي ۾ شيشو.

تقطيع-        مفعولن                مفعول         مفاعيلن               فع

هٿ هڪڙي   ۾ جاءِ          ته ٻي ۾ شِي          شو

11. صدر ۽ اِبتداء اخرم- پهريون حشو مقبوض محبق ۽ ٻيون حشو سالم- عروض ۽ ضرب محبق مجبوب.

وزن: مفعولن فاعلن مفاعيلن فع

مثال-آڌي مانجهي پُڪار پنهنجي رب کي.

تطيع- مفعولن                مفاعلن                         مفاعيلن               فع
آڌي            ما جهي پُڪار                 پهجي  رب    کي

 

صدر ۽ اِبتداء اخرم- پهريون ۽ ٻيون حشو محبق- عروض ۽ ضرب محبق مجبوب.

وزن- مفعولن مفعولن مفعولن فع.

مثال- سر تي ڳٺڙي ڀاريِ توبہ زاري.

تقطيع-                مفعولن                مفعولن             مفعولن                فع

سر تي ڳٺ    ڙي ڀاريِ       توبہ زا                 ري.

رباعيءَ جي مٿينءَ تشريح مان معلوم ٿيندو ته شعر جُون جيڪي به صنفون آهن، تن ۾ رباعيءَ جي صنف، ان جي بحر ۽ مختلف وزنن ۽ ٻين شرطن شروطن ۽ بندشن جي نقطه نگاهه کان، نهايت مشڪل آهي. در حقيقت، سنڌي زبان ۾ رباعي لکڻ، پارسيءَ کان به وڌيڪ دشوار سمجهڻ گهرجي. اهو ئي سبب آهي، جو جڏهن کان سنڌي شعر و شاعري عربي ۽ فارسي بحرن ۽ وزنن ۾ ٿيڻ لڳي آهي، تڏهن کان اڄ ڏينهن سوڌو، سواءِ شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ صاحب مرحوم و مغفور جي، ڪنهن به ٻئي سنڌي شاعر، سنڌي زبان ۾، صحيح معنيٰ  ۾ رباعي نه لکي آهي.

سنڌ جي شعري متقدمين جي اوائلي ڇپيل ديوانن جي پويان، ڪي قطعات يا مربع شعر يا بند ڏنل آهن، جن جي سري تي ”رباعيات“ جو لفظ ڏنل آهي، جو صريحاً غلط آهي. مطلب ته سنڌ ۾،ڪن به چئن مصراعن واري نظم کي، ’رباعيءَ‘ جي نالي هيٺ آندو وڃي، جو بلڪل غلط آهي. جيئن مٿي به عرض ڪيو ويو آهي، رباعيءَ جا مختلف اوزان ۽ ان جو بحر مخصوص آهي. انهن مخصوص وزنن کان سواءِ، ٻئي ڪنهن به وزن ۾ رباعي چئي نٿي سگهجي؛ تنهنڪري رباعي، مربع ۽ قطع جي وچ ۾ جيڪو فرق آهي، سو سمجهڻ نهايت ئي ضروري آهي.

سنڌ جي شعراي متاخرين مان هز هائينس مير علي نواز خان ٽالپر مرحوم و مغفور (والي رياست خيرپور سنڌ)، عمر خيام جي چند رباعين جو ترجمو سنڌي زبان ۾ ڪري، ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايو هو؛ ليڪن افسوس آهي، جو مير صاحب موصوف جون اڪثر رباعيون ناموزون آهن- يعني جيڪڏهن انهن رباعين جي تقطيع ڪبي ته منجهن، وزن ۽ ٻين بندشن وغيره جون، گهڻيون ڪَميون پيشيون نظر اينديون (1).

سنڌ جي شعراي متاخرين مان ٻين به ڪن شاعرن، جهڙوڪ مرحوم محمد بخش صاحب واصف(حيدرآبادي)، پڻ رباعي لکڻ جي ڪوشش ڪئي؛ ليڪن سندن چيل رباعين جون چار ئي مصرعون، رباعيءَ جي چوويهن وزنن مان فقط هڪ ئي سادي ۽ عام مروج وزن- ”مفعول مفاعيل مفاعيل فعل“ (يا) ”مفعول مفاعيل مفاعيلن فع“ کان اڳتي وڌي نه سگهيون ! اسان مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته هڪ رباعيءَ جون چارئي مصرعون جدا جدا وزن تي ٿينديون آهن ۽ نه هڪ ئي وزن تي. لهٰذا مرحوم محمد بخش واصف صاحب ۽ ٻين ڪن شاعرن جون سنڌيءَ ۾ لکيل رباعيون غلط سمجهڻ گهرجن‏.

اهو پهريون بزرگ ۽ ميدان شعر و شاعريءَ جو شهسوار، جنهن اهل سنڌ کي رباعيءَ جي صحيح روح سان روشناس ڪرايو ۽ رباعيات تي هڪ کان وڌيڪ ڪتاب سنڌي زبان ۾ لکيا، سو هو مرحوم و مغفور شمسالعلماءِ مرزا قليچ بيگ صاحب، جنهن سنه 1900ع ڌاري، عمر خيام جي فارسي رباعيات جو ترجم سنڌي رباعيات جي صورت ۾ ان وقت ڪيو، جنهن وقت رباعيات عمر خيام جهڙي جڳ مشهور ڪتاب جو ترجمو اڃا پوري هندستان ۾ به ڪنهن شاعر نه ڪيو هو؛ صرف يورپ جي ڪن ٻولين ۾، نثر توڙي نظم ۾، اُن ڪتاب جا ايڪڙ ٻيڪڙ ترجما ٿيا، جي جلدي سڄي دنيا ۾ مشهور ٿي ويا. هن حقيقت ڏانهن اشارو خود رباعيات عمر خيام جي ديپاچي ۾، مرحوم مرزا صاحب جن پڻ ڏيڻ فرمايو آهي، جو اتي ڏسڻ گهرجي.

انهيءَ ڪتاب کان پوءِ مرحوم مرزا صاحب جن سنڌي رباعيات تي ٻيو به هڪ ڪتاب ”موتين جي دٻلي“ نالي ٻن حصن ۾ لکيو، جنهن جو پهريون حصو، سن 1914ع ۾،سنڌي ساهت سوسائٽي حيدرآباد  سنڌ جي طرفان، نهايت ئي عمدي نموني ۾ شايع ٿيو ۽ ان جو ٻيون حصو، سال 1966ع جي آگسٽ مهيني تائين اڻ ڇپيل ۽ دستخط نسخي جي صورت ۾، مرزا صاحب مرحوم جن جي پوين وٽ محفوط  رهيو.آخر، سنڌ جي مايہ ناز سُپوت محترم محمد ابراهيم جويه صاحب، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، جي نظر انتخاب، انهيءَ ڪتاب مستطاب تي پيئي، جنهن جي فوري طور ڇاپائڻ جو بندوبست ڪرڻ، هُن صاحب ضروري سمجهيو، ۽ مرزا صاحب مرحوم جي ڪُل سنڌي رباعيات کي هڪ هنڌ محفوظ ڪرڻ جي خيال کان، مرزا صاحب مرحوم جي لکيل ٽن ڪتابن- رباعيات موتين جي دٻلي (ڀاڱو پهريون)، رباعيات موتين جي دٻلي (ڀاڱو ٻيون) ۽ رباعيات عمر خيام- کي گڏي، هڪ ئي ڪتاب جي صورت ۾ ڇاپائڻ جو انتظام، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد جي طرفان ڪرڻ فرمايو آهي.

معلوم رهي ته ڪتاب ”موتين جي دٻليءَ“ جي ٻنهي ڀاڱن ۾، مرحوم مرزا صاحب جن جون پنهنجون طبعزاد رباعيون پڻ گهڻي انداز ۾ موجود آهن ۽ ڪي رباعيون فارسي ۽ عربيءَ جي مشهور ۽ معروف شاعرن جي رباعيات جو ترجمو پڻ آهن. هر هڪ رباعيءَ ۾، جيڪي علم ۽ حڪمت جا نُڪتا سمايل آهن، سي سچ پچ ته سچن موتين کان به وڌيڪ بي بها ۽ ناياب آهن، تنهن ڪري اهڙي ڪتاب تي ”موتين  جي دٻليءَ“ جو نالو لاشڪ موزون ٿو لڳي. معلوم رهي ته انهن رباعين مان ڪيتريون رباعيون مرحوم مرزا صاحب جن انگريزي شعر ۾ پڻ ترجمو ڪري، پاڻ شايع ڪرايون هيون، ۽ انهيءَ ڪتاب تي نالو رکيائون”پرشين جيمس“، جو ڪتاب پنجن ڀاڱن تي مشتمل آهي ۽ ان جا فقط پهريان ٽي ڀاڱا آڳاٽو شايع ٿي چُڪا آهن.

ڪتاب ”موتين جي دٻليءَ“ جي هر حصي جي پويان رباعين ۾ ڪم آيل ڪن ڏکين لفظن، اصطلاحن ۽ مصرعن وغيره جون سمجهاڻيون پڻ ڏنل آهن، انهيءَ لاءِ جيئن پڙهندڙن کي شعر سمجهڻ ۾ ڪا دشواري نه ٿئي. انهيءَ کان سواءِ هر حصي جي پويان، رباعين ۾ ڪم آيل مضمونن جي الف – ب وار ياداشت پڻ شامل ڪئي ويئي آهي، انهيءَ لاءِ ته جنهن به مضمون تي ڪا رباعي گهربل هجي، سا آسانيءَ سان لهي سگهجي.

اميد وائق آهي ته هيءُ ڪتاب سنڌي علم ادب ۾ هڪ وڏو اضافو ثابت ٿيندو، ۽ سنڌي ادب جا وينجهار هِنن اَملهه موتين جو قدر ڪندا.

پڇاڙيءَ ۾، سنڌي ادبي بورڊ جي پريس مئنيجر، محترم ميان علي بخش احمد زئي کيۡرون لهڻيون، جنهن هن ڪتاب جي اشاعت، طباعت، ترتيب، بيهڪ ۽ پروف ريڊنگ تي خاص ڌيان ڏيئي، پڙهندڙن کان پنهنجي خدا داد هنر، پيشي ۽ تجربي جو  لوهُ، حُڪما حُڪميءَ مڃايو آهي. والسّلام

حيدرآباد                                       الراقم

21- آڪٽوبر، سنه 1966ع             اجمل بيگ قليچ بيگ مرزا (اَجمل)

= 6- رجب المرجب، سنه 1386 هه


 


(1)   افسوس جو مقام آهي ته محترم ڊاڪٽرمحمد ابراهيم صاحب کليل، پنهنجي هڪ تصبري ۾ مير صاحب موصوف جي رباعيات کي، مرزا صاحب مرحوم جي رباعيات تي ترجيح ڏني آهي. جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب کي علم عروض جي ٿوري به واقفيت هجي ها ته هو صاحب اهڙي غلط راءِ ڏيئي، پڙهندڙن کي گمراهه نه ڪري ها- (اجمل).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org