سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: موتين جي دٻلي

صفحو :15

 

10- آرو =محبّت، پيار؛ رغبت،

لاڙو، فخر، ناز؛ لاڏ ڪوڏ.

11- ڪير پئي منجهه رولي=

رولڙي يا دربدريءَ ۾ ڪير پوي؟

پئي منجهه ڀولي=ڀُل يا غلطيءَ ۾ پئجي، ڀُلجي غلطي کان.

13- تيمّم= پاڻي هٿ نه اچڻ جي حالت ۾ پاڪ  مٽيءَ يا واريءَ سان وضو سارڻ (نماز پڙهڻ کان اڳ).

عزم= اِرادو.

مصمّم= پَڪو، پُختو.

مَسِيتُن= مسجدن،

14- تصديق= صداقَت، صحّت، سچائي، ثبوت، گواهي، شهادت.

توفيق= طاقت، همت، حوصلو؛

مدد، آسرو وسيلو؛ خدا جي

مهرباني، هدايت، رهنمائي،

تفريق= تفرقو، جدائي،

ڦڙڦوٽ، ورهاڱو، علحدگي،

فرق.

تقليد= پيروي، نقل، اَهل،

تحقيق= تصديق، ثبوت،

تلاش، ڳولا، جستجو، کوجنا،

پُڇا ڳاڇا، جانچ جونچ، پڪي

ڳالهه، دريافت، يقين، اعتبار؛

تجربو، امتحان.

15- ڇاهه= ڇا آهي؟

17- مُهڙئي ۾= ابتدا يا شروعات

کان ئي، مُنڍ يا اَصل

کان ئي.

18- درمان= دوا دارُو، علاج

معالجو.

21- فاخلع لعليڪ= پنهنجي جُتي

لاهه (القرآن= سورة طٰہٰ آيت 12).

اَچن ٿا= (يا) آحنئي يعني، تو وٽ اَچن.

پَيڪ= قاصد، هر ڪارو.

22- من  احسن صبغة  مِن الله=  الله کان رنگ ڏيڻ ۾ ڪير بهتر آهي؟

زير فرمان= فرمانبردار،

حڪم مڃيندڙ.

24- رضوان= بهشت، برڪت؛

هڪ فرشتي جو نالو، جو بهشت جو دربان آهي.

 

 

29- جهت= طرف، پاسو.

عاري= خالي.

30- ڪليسا= گرجا، ديول، قوم

ترسا جو عبادتخانو.

31- محرم= واقف، همراز،

روشناس، رازدان.

32- آئين= اوهين.

زاغ= ڪانگ.

زغن= سرڻ.

33- تعذير= سزا، گوشمالي، تنبيہ.

34- پرڪار= گول يا دائري

ڪڍڻ جو آوزار.

40- مُشڪي= مشڪ جي رنگ جهڙا ڪارا.

46-  هَنجن= اکين جا ڳوڙها.

49- ٽي ڦُڙا= (يا) ڪي ڦُڙا.

عُسرت= تنگي، مفلسي،

غريبي.

 

 

 

 

 

 

 

زالن جي سردار،

جنت بيبي فاطمة الزهرا جو

خطاب يا لقب).

بضعة منّي= (حديث) منهنجو

ٽُڪر (جگر جو).

58- زندو= زنده، جيئرو.

60- فصيح= خوش ڪلام، شيرين

زبان، خوش بيان.

62- فرنگي= انگريز.

63- ممتاز= نامور، مشهور،

اعليٰ افضل.

ممتاز ٿيڻ= مرتبو وڌڻ،

معزز بڻجڻ، عزت حاصل

ڪرڻ.

شاق= دشوار، ناگوار،

ڏکيو، بُرو.

شاق لڳڻ= (دل کي) دشوار

يا ناگوار محسوس ٿيڻ،

بار ٿيڻ، خراب يا بڇڙو،

محسوس ٿيڻ يا لڳڻ.

66- ٽوٽو= نقصان.

سُود مندي= فائدو.

سربلندي= سرفرازي، عزت،

شرف.

67- همدم= دوست.

بيڪسي= بيچارگي، مجبوري،

لاچاري.

محرم= رازدان، همراز.

واقف.

68- رِيڌو= (”ريجهڻ“ مصدر مان ماضي)؛ پَرتو، مشغول

رهيو، راضي رهيو.

مَلَڪ= فرشتو.

اَهر  يمن= اهرمن، شيطان،

ديو.

69- حُسن لطافت= حسن ۽ لطافت،

سونهن ۽ نزاڪت.

دلخواهه= دل کي وڻندڙ،

دلي دوست.

ڪوتاهه= ننڍو، ڇوٽو،

بندرو.

70- ڇَلُ= ڇَند، فند، فريب،

جادو، ڌوڪو، عياري.

74- لَکا پوڻ= محسوس ٿيڻ،

لَکائڻ.

75- ڪو چئيس= ڪو ماڻهو هن کي چوي.

ڪو چئيس ته.... الخ= ڪو ماڻهو، منهنجيءَ يار کي چوي ته هوءَ پٿر تي، تيشو ڇو ٿي

هڻي؟ هوءَ خود شيرين آهي؛

پوءِ فرهاد وارو ڪم، ڇو ٿي ڪري؟

77- صواب= راست، درست، بهتر.

ڪري گناهن کي صواب=

گناهه جهڙن ڪمن کي

بدلائي، چڱو يا ثواب جهڙو ڪم ٿو ڪري(توبہ جو رُئڻ).

وَسڪارو= (يا) برسات.

وَسڪارو..... ڪاري کي=

جڏهن ڪاري ڪڪر مان پاڻي، برسات جي صورت ۾ وسندو آهي ته اُهو ڪڪر اَڇو ٿي ويندو آهي.

80- دل جي نه هوّئي= (يا)

هوّئي دل جي نه،....

82- تاب= ڦيرو، وَٽُ، چَڪرُ.

83- ڇهني پاسن کان= ڇهن  پاسن

يعني چار طرف  (اُتر، ڏکڻ، اولهه ( اوڀر) ۽ ٻه

طرف زمين ۽ آسمان جا____

شش جهات يا شش جهت؛

سڄي دنيا.

84- گوشو ڪرين= ڀڄين، ٽهين،

لڪين، نٽائين، نافرمان بڻجين.

85- حِلم= بُر دباري، برداشت،

نرم دلي.

حامل= ڪا شئي کڻندڙ يا

کڻي ويندڙ؛ پُر، ڀريل.

راحم= رحم ڪندڙ.

86- پُرڪين= ڪيني يا ساڙ يا

بغض سان ڀريل؛ جهيڙاڪ،

جهيڙو يا فساد ڪندڙ؛ ڪينو يا بغض رکندڙ.

88- في البديہ (لفظي) في الفور،

فورَاً، هڪدم، بنا سوچڻ

۽ سمجهڻ جي (اصطلاحي)

اُهو شعر، جو بنا سوچڻ ۽ سمجهڻ جي هڪدم چئي ڏجي.

جان گُدازي= جان جي هلاڪت، روح جو ڳارو يا ساڙو. جان جو پگهرڻ.

چاره سازي= علاج معالجو،

دوا درمل، چاره گري،

ياري، مدد.

بنده نوازي= مهرباني، احسان،

سخا.

89- فرسنگ= فرسخ، هڪ ڪوهه،

ٽن ميلن جو فاصلو.

90- اَسب= اسپ، گهوڙو.

91- بِلي= حوالي.

من کي=”مُنکي“ يا ”مونکي“

92- زلفن جي..... يار سندي=

اڄ، يار جي زُلفن جي

ڇانگ ٿِي آهي (يار جا

زلف، ڇانگجي ويا آهن؛

زلفن جي حجامت ٿي آهي).

ڇانگڻ سان..... وڌي= سرو

جي وڻ کي جئن ڇانگبو آهي، تئن زور وٺندو آهي

۽ ڏسڻ ۾ سهڻو ايندو آهي.

94- نئي چنڊ بابت= هن جي

بدران پڙهو ”بديہ، نئين چنڊ بابت“.

والو= ڪَنن جو هڪ زيور،

ڇلو (ڪنن جو).

99- بَد خُو= بدعادت، بدخُلق،

بدطبيعت.

گوءِ= کينهون، بال.

چوگان= ڪاٺ جو ڏنڊو

(بيٽ) کينهونءَ راند

کيڏڻ لاءِ.

خطا= غلطي، چُوڪ، ڏوهه،

خرابي، بڇڙائي.

100- خط= ليڪ، لڪير؛ دائري

يا گول جي ليڪ.

101- بط= بدڪ.

نقط= نقطا، ٽُٻڪا.

آئين= اَوهين، توهين.

103- شَيۡونُ= آه وبُڪا، زاري. روڄ راڙو، دانهن ڪوڪ، ماتم جو آواز.

104- زُحل= ڇنڇر؛ هڪ تاري

جو نالو( جو ستين آسمان تي نهايت سُست رفتار ۽ نحس خيال ڪيو وڃي ٿو).

حلقه بگوش= غلام، گولو.

هلال= نئون چنڊ(پهرين تاريخ جو).

بدَر= چوڏهينءَ جو چنڊ.

105- قد تنهنجي... چمن= ڪنهن به چمن ۾، تنهنجي قد جهڙو سَرو نه آهي.

جوش=”جوش“ جي بدران

”جوشن“ پڙهڻ گهرجي.

”جوشن“ جي معنيٰ آهي زرهه.

گيو= هڪ پهلوان جو نالو

(جو گودرز جو پٽ هو)؛

پهلوان، بهادر.

نيزو=  ڀالو.

107- اي واءَ صبا جا= اي صبح

جي ٿڌڙي هير! اي صبح

جو لڳندڙ ٿڌڙي هوا!

111- فرياد= فرياد! منهنجو فرياد آهي!

114- دل جان تان کڻ= حياتيءَ يا زندگيءَ جو شوق ڇڏي ڏي.

وَصل جانان= محبوب جو

وصال يا ميلاپ.

شَڪردان( يا) زَلَخۡدان

= کاڏي.

اک طمع جي= طمع يا لالچ واري اک.

116- فرد ٿيڻ= لاثاني ٿيڻ، سڀني

کان چڱو ٿيڻ.

مُردو= مُرده، مُئل.

117- دام= ڄاري (پکين ڦاسائڻ جي).

مان جوش خروش= جوش

۽ جولان وچان.

خرگوش= سَهو (جهنگلي

جانور).

121- بازي= راند.

بَرهم= اُنڌي، اُبتي، ختم.

بازي برهم ٿيڻ= راند هارائڻ.

123- ڏينهن تَتي= ٻنپهرن يا

ٽاڪ منجهند جي وقت.

125- عقرب ۾ قمر= قمر در عقرب،

نحس يا منحوس ساعت

(جنهن ۾ سفر نه ڪندا آهن).

127- ٿَئيِ= اَٿيئي، تو کي آهي.

ٿَس= اَٿس، هُن کي آهي.

128- رحماني= رحمت جي (رات).

هوّئي= هجي.

130- تميز= شناس، پڇاڻ، ڄاڻ،

شناخت، عقل، شعور، ادب،

قاعدو.

عزيز= مصر ملڪ جو شاهه.

131- بيگانو= بيخبر، ڌاريو،

اوڦٽو، غير، اَجنبي، ناواقف،

اڻڄاڻ، پرايو (ماڻهو).

آنو= بيضو (پکيءَ جو).

132- پِٿون= ٽُڪرا ٽُڪرا،

ڀور ڀور، چڪنا چور، ذرا ذرا.

133-  سِرشت= خلقت، پيدائش،

طبيعت، نيچر، مزاج، عادت،

خصلت، خمير، فطرت.

وَس= طاقت، قوت، قبضو،

پهچ، اخيتار.

ليڪ= ليڪن، پر، مگر.

135- خطا کائڻ= نقصان هيٺ

اچڻ، خراب نتيجو ڏسڻ،

سزا پائڻ، ڪِيتو لوڙڻ.

137- برات= خوشي، شاد ڪامي؛

قسمت، نصيب، ڇوٽڪارو،

آزادي.

لاءِ منهنجي= منهنجي لاءِ،

مون لاءِ.

139- باقي جي تون ٿين= جيڪڏهن

تون هميشہ جيئرو رهڻ

چاهين، جيڪڏهن تون چاهين

ته ڪڏهن نه مرين.

140- دهر= زمانو.

خُلد= بهشت.

صرّاف= جوهري.

141- فرد= فهرست، حساب، حساب

جو چِٺو، رجسٽر (فرد قرار

داد، جرم يا اُهو ڪاغذ،

جنهن ۾ ڪنهن ڏوهيءَ جا ڏوهه درج ٿيل هجن).

142- سَحَر= صُبح (ضد- شام.)

بَتر= خراب، بُڇڙو، بَدتر،

گهڻو خراب.

143- موڙهن= موڙهلن، منجهيل،

ماڻهن، گمراهه، مُٺلن،

پريشان حال.

144- نَمَد= کٿو، ٽاٽ، (اوني

يا پشمي ڪپڙو، نرم وارن يا بُجن وارو بستر.)

نَمدَ پوش= ڪَمّل پوش،

کٿو ڍڪيندڙ، کَٿيرو،

پوستين پوش، پوستين پهريندڙ،

دوريش.

پوش= پوشاڪ، لباس، ڍَڪُ.

145- جذ راصم= اُهو اَنگ جو

سڄن ۾ ضربجي نه سگهي

(جئن- 3، 7، 11 وغيره جو انگ).

سوز= ساڙو، سوزش، کامَ،

سيڪ، جلن، ڏک، درد،

سوختگي.

146- عزازيل= ابليس، شيطان

عزرائيل= ملڪ الموت، موت

جو فرشتو.

سِگهو چرڪو= جلدي يا

دير سان، دير سوير.

147- رِيا= ظاهر داري، زمانه سازي،

مَڪر ۽ فريب، ڌوڪو،

دولاب، منافقي، مڪاري؛

ڪنهن جو ناجائز پاسو يا

طرف وٺڻ، بي انصافي.

148- دجّال= هڪ نهايت وڏي

ڪوڙي يهوديءَ جو لقب،

جو زماني جي پڇاڙيءَ ۾

يا قيامت اچڻ کان اڳ

پيدا ٿيندو؛ ڪوڙو، فريبي،

ڪاذب، مڪار، لعنتي.

نائب= زبردست.

150- ڪور= آنڌيون (اکيون).

مَٽُ= برابر، هڪجهڙو،

يڪسان.

151- رت رو... ڪهڙي سبب؟=

جيڪڏهن يار تو کي چوي

ته نيڻن مان نير (رت) وهاءِ

ته اُن کان (اُن حڪم جو)

سبب نه پُڇ ۽ جيڪڏهن تو کي هو، ساهه ڏيڻ لاءِ

حڪم ڪري ته اُن کي ائين نه چئو ته ڇالاءِ پنهنجو ساهه ڏيان؟

152- مستزاد= شعر جي قسمن

مان، هڪ قسم جي شعر جو

نالو؛ ڏيڍو شعر.

153- مفهوم نه ٿيڻ= فهم يا سمجهه

۾نه اچڻ، معلوم نه ٿيڻ.

154- آغاز= شروعات، ابتدا، منڍ

(ضد- انجام).

اَنجام= پڇاڙي، انتها.

155- مڊم= (انگريزي مئڊم

(Madameيا  Madam

ميم صاحبه، بيبي، مائي، سکر زال.

ميري=(انگريزيءَ ۾)نالو

زال جو، مريم؛ (اُردو يا هنديءَ ۾) منهنجي؛ (سنڌيءَ

۾ )”ميرو“ لفظ جي تانيث؛

گدلي، مٽيءَ يا دَ زَ هاڻي

(صاف جو ضد).

157- اک کاڻي=کاڻل اک،

سُڄيل يا اُٿيل اک، چشم

بريان، عشق جي آتش يا

باهه ۾ ڳاڙهي يا لال ٿيل اک. کان سوز اندر  جي= اندر يا دل جي سوز يا ساڙي

کان.

158- حُورالعين= وڏين اکين

واري حُور.

شاهين= هڪ اَڇي رنگ

جو شڪاري پکي، شاهه باز.

159- مشرب= دين، مذهب، ملت؛

طور، ڍنگ، طريقو، طرز.

160- ڪلام جامع= (ضد- ڪلامِ

ناقص)نهايت عمدو ڪلام.

سامع= ٻُڌندڙ.

قانع= قناعت ڪندڙ.

طامع= طمع ڪندڙ، لالچي.

161- اِستغفار= توبہ ڪرڻ، خدا

پاڪ کان بخشش طلب ڪرڻ؛

توبہ جو ڪلمو (استغفرالله

آءٌ، خدا کان مغفرت چاهيان ٿو).

ملعون= لعنتي، ڦٽڪاريل.

استڪبار= تڪبّر، هَٺ

غرور، اڀمان.

ڪَنۡز’‘= مخفي= لڪل خزانو.

ڪثرت= (وحدت جو ضد)

گهڻائي، ججهائي.

استظهار= ظهورو، اظهار، پڌرائي.

162- غيبت= گِلا.

خسيس= (يا ڪميني) تُڇ،

هيچ، نيچ، حقير، نالائق.

163- ساقي، ڪوثر= ڪوثر(بهشت

جي هڪ نهر يا حوض) مان پاڪ شراب

(شراب طهورا)

پياريندڙ؛ حضرت عليءَ جو هڪ لقب.

عيد غدير= نو روز جي ڏينهن

واري عيد، جا اڪثر، شيعي

فرقي وارا ملهائيندا آهن.

164- صانع= صنعتڪار، ڪاريگر،

هنرمند.

صنعت=ڪاريگري، پيشو،

هنر، دستڪاري.

ڀِت جِي صورت= ڀت تي

چِٽيل نقش، نقش بدِ يوار.

165- بَلۡعَمۡ بَاعُوۡر=بني اسرائيل جي هڪ عالم جو لقب.

پورهيو ڪُٽ ڪرڻ= ڪمائي

ڪُٽ ڪرڻ، پنهنجي ڪيل

چڱي ڪم تي پاڻي ڦيري ڇڏڻ (ڪنهن غلط قدم کڻڻ سان).

شهوت= نفساني خواهش يا خيال؛ آرزو، خواهش، شوق، شيطاني سَڌ.

مان شهوت= شهوت مان.

166- آزِلِفتِ الجنّة= جنّت کي

ويجهو ڪيو ويو.

168- نادر، اخر، همايون ۽

انور= مرحوم مرزا قليچ بيگ

صاحب جن جا وڏا چار پٽ (نمبر وار)- مرحوم  مرزا صاحب جن کي ڪُل اولاد ٻارهن پٽ ۽ ٽي نياڻيون ٿيون. راقم الحروف (اَجمل)

مرحوم جن جو ستون نمبر فرزند آهي.

169- اَفضل، اَڪمل، اَسد، اَجمل=

مرحوم مرزا صاحب جن جي

ٻين چئن پُٽن جا نالا-

جن مان الحاج مرزا اسد

بيگ صاحب سڀني کان وڏو

۽ مرزا اجمل بيگ (راقم الحروف) سڀني کان ننڍو آهي. جن کي مرزا صاحب مرحوم، هڪ ”رباعي“

ڪوٺيو آهي. مرزا صاحب جن جي باقي مانده چئن ننڍن پُٽن جا نالا هي آهن.

اَدهم بيگ، اَرشد بيگ، اَصغر بيگ، اَطهر بيگ.

170- اقليم=ولايتون (اشارو آهي ”هفت اقليم“ يا دنيا جي ڪُل ستن ولايتن ڏانهن)، ڪُل دنيا.

سَت پُٽ هئا بابي جا=

مرزا صاحب جن جي والد، مرحوم مرزا فريدون بيگ گُرجيءَ کي ست پٽ هئا، جن مان مرزا صاحب مرحوم ٽيون نمبر پٽ هو.

ست ٿيا منهنجا= مٿي رباعي

نمبر 168 ۽ 169 ۾، مرزا صاحب، پنهنجن اَٺن پٽن جا نالا ڏنا آهن، جن مان هڪ پٽ ”اَنور“، رباعي لکڻ وقت وفات ڪري ويو هو.

اهڙيءَ ريت، مٿين ٻنهي رباعين لکڻ وقت، مرزا صاحب مرحوم جا ڪۡل

ست پٽ موجود هئا.

171- بُرج= راس، يعني ستاري

جو مقام؛ آسمان جي دائري

يا گول جو نظري طور،

ٻارهون حصو.

172- دل ۾ گهوڙا= دل ۾چوپائي

مال وغيره جو خيال.

روا= جائز.

ڪيئن اهڙو.... روا!= اهڙو

شراب، جنهن جي پيڻ سان خدا ياد اچي، ڪنهن به مذهب ۾ ڀلا ڪيئن نه جائز ٿي ٿو سگهي!

174- موحّد=پڪو مسلمان يا مومن؛ هڪ الله جو مڃيندڙ،

176- ڄٽَڪِي= ڄٽپائي، ڄَٽپُڻو،

بيوقوفي، ناداني.

179- توحيد= وحدانيت، خدا کي

هڪ ڪري مڃڻ يا ان جي هڪ هجڻ تي يقين رکڻ.

توجّہ= ڌيان، خيال.

ڪنان غير= ڌارئين يا غير الله کان.

ٿَئي= اَٿيئي.

منطق طير= پکين جي مِٺي

ٻولي يا خوش ڪلامي.

180- شَينۡ=عيب، بُرائي. ٿيون شان.... شين= اي ذات پاڪ! تنهنجي شان ۽ شوڪت ۾ ڪو ڪلام ڪونهي يعني، تنهنجي ذات پاڪ، بي عيب آهي.

حق تنهنجي ۾= تنهنجي حق ۾، تو لاءِ، تو بابت، تنهنجي متعلق.

ڪيف= ڪيئن؟

آين= ڪٿي؟

ڪيف و اَيۡنَ= بحث مباحثو،

جون چرا، مڪان ۽ ڪيفيت

بابت سوال جواب.

صفات= صفت جو جمع.

عين= حقيقت، جوهر؛

هُو بهُو، درست، ٺيڪ.

180- چشمو سندو آفتاب= سج جو چشمو.

182- والد= پيءُ

وَلد=پُٽ.

183- جهات=(جهت جو جمع)

گهڻا طرف، ڏِسيون.

جماد= جمادات، بيجان شيون

جهڙوڪ ڌاتو، پٿر، جبل

وغيره.

نبات=نباتات،سبزيون،

ترڪاريون، وڻ ٽڻ، ٻوٽا.

185- حفظِ مراتب= مرتبي يا

عزت يا درجي جو لحاظِ،

ادب جو لحاظ.

زندّيق= بيدين، ملحد،

ڪافر، منافق، مُشرڪ.

186- شتاب= جلدي، فوراً، تُرت.

ڦوٽو=پاڻيءَ جو ڦوڪڻو، حُباب.

188- ظلمات=(ظلمت جو جمع)

اونداهيون، انڌيرا؛ اُها

اونداهي يا تاريڪي، جنهن ۾ چون ٿا ته اَب حيات (اَمرت) جو چشمو آهي.

گهمسان= گهڻائي، ججهائي،

ڪثرت، گوڙ شور، پِيهه.

189- فسلسي جي بدران فلسفي

پڙهڻ گهرجي يعني فلاسافر،

حڪيم، فلسفو ڄاڻندڙ، منطقي.

190- ٻه آن= ٻه پلڪ، ٻه لحظا،

ٻن سيڪنڊن ۾، ٻن لمحن ۾.

هر آن ۾= هر لحظي ۾،

هر پَل ۾.

ڪُل ّ يوم في شان=

خدا تعاليٰ هر روز ڪنهن نه

ڪنهن مشغوليءَ ۾ آهي.

191- وَدُ ود= دوست، محبّ.

جُود= ڪرم، احسان،

بخشش، سخاوت.

192- رهنمون= رستو ڏيکاريندڙ،

هادي، رهبر، راهنما.

بي چون، بي چگون= بيمثل،

بينظير، لاثاني، لاجواب.

194- عجز= ڪمزوري، ناتواني،

مسڪيني، غريبي، انڪساري،

نهٺائي، منت، سماجت.

مطلوب= گهربل، طلب ڪيل، خواهش ڪيل، جنهن جي طلب ڪجي.

محجوب= حجاب رکندڙ؛

شرمنده؛ پوشيده، لڪل،

مخفي، پردي ۾.

منسوب= نسبت ڪيل، متعلق، لاڳاپيل.

195- شَرُ= (خير جو ضد) شرارت،

فساد، شيطاني، شيطنت،

جهڳڙو، خرابي.

عَدَم= نيستي، نانهن،

ناپيدي.

وُجُود= هستي، زندگي،

حياتي؛ ظهور، نمائش.

غير و جُود= (ضد- وجود)

عدم، نيستي، نانهن يا نيستيءَ جو عالم، غير موجود، جنهن جو ڪو ؤ وجود ئي نه هجي.

200- اَحد=هڪ، هڪ جو انگ، الله پاڪ جلشانہ.

موجود اَحد... عدد= جيڪو به عدد يا انگ کڻندؤ، ان ۾ هڪ جو انگ سمايل آهي. (هڪ جو انگ وڌي سؤ، هزار، لک، ڪروڙ،

پدم وغيره بڻجي ٿو.)

203- خورسند دِلن=(خورسند

دل جو جمع) خوشدل ماڻهو.

204- دَيۡر= بتڪده، بتخانو،

مندر.

فافتح بالخير.... بالخير= اي

منهنجا پالڻهار! خير سان

کول ۽ خير سان پُورو ڪر.

205- مطلق= قطعي آزاد،

خودمختار، بي تعلق.

مُجۡمَلۡ= جو تفصيل جو

محتاج هجي، گڏيل، انتخاب.

مفصّل= صاف، واضع،

بالڪل ظاهر يا چِٽو.

206- عين بطون ۾= بالڪل لِڪل

يا مخفي.

207- رب= پاليندڙ، تاتيندڙ،

تربيت ڪندڙ؛ مالڪ،

خدائي تعاليٰ.

مَربُوب= پاليل، تاتيل،

تربيت ڪيل.

مُحبّ= يار، دوست، مشفق،

شفيق، مهربان.

محبوب= جنهن سان محبت

ڪئي وڃي؛ يار، دوست،

دلبر.

مطلوب= جنهن جي طلب

ڪئي وڃي؛ طلب ڪيل،

خواهش ڪيل، گهُربل.

208- جڏهن نيٺ... کڄندو=

قيامت جي ڏينهنُ (يا روز جزا

۾) جڏهن اسان جا عمل

چڪاسيا ويندا يا اسان جن ڪيل ڪمن تان پردو کڄندو.

ظاهر ٿئي=تڏهن ظاهر ٿيندو.

209- عتاب= ڏوراپو، اوڀالو،

طعنو.

خِطاب= گفتگو.

210- سازڪار= موافق، سازگار،

همراز، ڪنهن سان ٺهي ويل،

يا ڀيت، تي پئجي ويل.

سَڌَ = خواهش، آرزو،

اَجائي سِڪ يا شوق.

نِڪار= بيڪار، نِڪّمو.

213- درد انگيز= درد کي

وڌائيندڙ.

پرهيز ڪرڻ= پاسو ڪرڻ،

اِجتناب ڪرڻ، نفرت ڪرڻ،

پري ڀڄڻ، دوري ڪرڻ.

ڪَنَ اُن جي... اُن جي تيز=

خلق جي نصيحت، عاشق جي

عشق جي باهه کي پاڻ تيز ٿي ڪري، خلق جي نصيحت جو واءُ، عشق جي باهه کي وڌيڪ مچائي ٿو.

215- سبز آب= ڀنگ (جو پاڻي).

فرحناڪ= گهڻي فرحت ڏيندڙ،

فرحت بخش، خوشي ڏيندڙ.

سبز اسب= سائي رنگ جو

گهوڙو (ڀنگ جي نشي جو اثر).

راڪب= سوار.

اَفلاڪ=(واحد- فلڪ) گهڻا

آسمان.

سبز خطن=(سبز خط جو

جمع) ڳڀرو جوان (جن جي ڏاڙهيءَ جو خط اڃا مس لٿو هجي)، نوجوان،

سبزو آغاز.

سَبۡزو= سبزه، سبز پاڻي،

ڀنگ جو پاڻي، ڀنگ.

سَبزي= سواڪ، گاهو پَٺو،

ڇَٻر.

سبزيءَ جانُ= سبزيءَ يا سبزه وانگي.

216- زمرد=ڀنگ.

ياقوت= شراب.

نيلم= آفيم.

آلودگي= آرائش، گندگي.

220- جٽاءُ=بقا.

222- ساز= آميزش، ميلاپ.

آغاز ڪرڻ= شروع ڪرڻ.

224- مُهوَسَّ=هَوسَ يا لالچ

رکندڙ، لالچي.

خار ۽ خس=ڪک ڪهڄر،

تُڇ شئي.

ناڪس=نالائق، سفلو،

ڪيمنو، پاجي.

226- گنج= مال ملڪيت، خزانو.

گنجينه=خزاني رکڻ جي جاءِ.

230- هُڊ هُد= هڪ مشهور خوبصورت پکي، جنهن کي ”مرغ سليمان“ به چوندا آهن. مٿي تي ڪلنگي يا تاج ٿيندو اٿس.

233- هنج=جهولي، گودي.

هنجون= اکين جاڳوڙها.

234- نِڪُو نامِي=نيڪنامي.

عامي= عام ماڻهو(خاص جو

ضد).

235- مجذوب= خدا جي محبت

۾ غرق ٿيل، مست ديوانو،

چريو، سودائي.

236- وهسن=کِلن، خوش ٿين،

مُشڪن.

241- هنجون= اکين جا ڳوڙها.

242- ڀاڙي ويهڻ= ڀاڙڻ، ڪنهن تي تڪيو ڪرڻ يا آسرو رکڻ مدار رکڻ.

مَرُ= ڀلي، بيشڪ.

243- هيءَ رباعي، مرزا صاحب

مرحوم پنهنجي فرزند انور

بيگ جي وفات تي، ان جي ياد ۾ لکي هئي.

244- مقدار= قدر، قدر داني،

عزت، وزن.

247- دَيۡر= بتخانو، مندر.

عاقبت بالخير ٿئي= پڇاڙي

موچاري ٿئي.

248- گنجينو= مال ملڪيت، خزانو، خزاني کرڻ جي جاءِ.

دلق= درويش جي گودڙي.

پشمينو= اوني ڪپڙو، وارن

يا بُجن وارو ڪپڙو.

داغ ديرينو= اُهو ڦٽ، جو

گهڻي وقت کان هجي ۽ نه ڇُٽي، پُراڻو ڦٽ يا زخم.

250- عار= شرم.

254- آب= عزت.

باب=بابت، حق ۾، متعلق.

255- سان ساهه= ساهه سان گڏ،

دم سان گڏ.

257- پيراهن= پيرهن، پهراڻ،

چولو.

259- بانِي=بنياد وجهندڙ، شروع

ڪندڙ، مُوجِد يا ايجاد

ڪندڙ، باعث، سبب، ڪارڻ،

سرچشمو.

ڪَمخوار= گهٽ (کاڌو)

کائيندڙ، ڏُچر.

ڪَم خوار= گهٽ خوار خراب،

گهٽ بدنام.

260- تيغ= تلوار.

تنها= اَڪيلو.

264- مَٽُ= برابر، ثاني،

هڪجهڙو.

265- موّحد= پڪو مسلمان يا

مومن، الله پاڪ جي

هيڪڙائيءَ کي مڃيندڙ(ضد-

مُشرڪ).

مُشرڪ= ڪافر، شرڪ

ڪندڙ، الله سان ٻئي کي

شريڪ ڪندڙ.

268- ڪنهن وار= ڪنهن دفعي،

ڪنهن موقعي تي، ڪنهن

گهُمري.

غُرّه= پهرين تاريخ جو

چنڊ، مهيني جو شروع.

سَلَخ= مهيني جي پڇاڙي.

269- تاخير= دير، توقف، وقفو.

ضرب المثل= پهاڪو، چوڻي.

آفات=(آفت جو جمع) آفتون،

مصيبتون، بلائون.

مَيل،= شوق، لاڙو، رغبت.

قصد= ارادو.

جَفا=سختي، ظلم زبردستي.

ڪات= ڪاتي، وڏي ڇُري.

271- نشتر= سِير ڇوڙڻ يا زخم

يا ڳَڙ کي چهڪ ڏيڻ جو

(ڊاڪٽري) اوزار.

272- درمان= دوا درمل.

جانان= محبوب، جانب،

پيارو.

273- محراب نشين= عابد، زاهد

(مسجد جي محراب ۾ ويهي

عبادت ڪندڙ).

سِري= وڌي ٿو، رڙهي ٿو، اڳتي.

زنّارپرست= گبر، بُت پرست،

جڻيو پهريندڙ يا پوڄيندڙ.

274- روئِي ٿِي چوڻ= روئي

چوڻ لڳي (دل).

275- مانڌاڻ= مانڌاڻي.

موجن= بحر جي وڏين لهرن

يا وِ يرُن (موج جو جمع).

ڇڪتاڻ= ڪشمڪش.

276- آه= افسوس! دانهن،

شڪوه.

تغافل= غفلت، بيخبري،

بيپرواهي، بي التفاتي، سُستي،

ڪاهلي.

277- مَٽُ= برابر، ثاني.

طوبيٰ= بهشت جو وڻ

(جنهن جون ٽاريون

هر بهشتيءَ جي مڪان ۾

ڇانيل هونديون ۽ جنهن ۾

هرقسم جو ميوو لڳل هوندو).

279- وَنگ وجهڻ= ونگڻ،

رسي سان قابو ٻڌڻ،گرفتار ڪرڻ.

ٻَنگ هڻڻ=ٻنگڻ، ڀاڪر

پائڻ، سوگو جهلڻ.

مَٽ= برابر، مثل.

280- عالِيهَاَ سَافِلَهاَ= زبر ۽

زير، مٿي هيٺ، مٿيون حصو

هيٺ ٿي پوي(هُن جو

مٿيون پاسو، هِن جو هيٺيون

پاسو ٿي پوي).

زير و زبر= هيٺ مٿي،

اُلٽ پُلٽ.

282-وِ هَڪ=بيٺڪ، ويهڻ جي

جاءِ، آستان.

پيراهن= چولو، پهراڻ.

آستين= چولي جي ٻانهن

(وارو حصو).

284- شڪوه= شڪايت، دانهن،

ڪُوڪ،گلا، فرياد.

مَنصب= درجو، عهدو،

رُتبو، مرتبو.

بَند=تنگ.

اسرار= (سِر جو جمع) راز،

ڳجُھه.

دانهين= دانهن يا شڪوه

ڪندڙ، فريادي.

285- تارو چڙهيو= قسمت جو ستارو

اُڀريو، قسمت زور ٿي.

286- آرزدو= (هن لفظ جي بجاءِ آزُردو پڙهڻ گهرجي) مايُوس، ڏکويل، ستايل، آزاريل، خفا، ناخُوش، ڏکيو، ناراض.

ڪَم آزار=گهٽ آزاريندڙ، گهٽ ستائيندڙ.

287- عالم سوز= دنيا کي ساڙيندڙ.

آتش خيز= باهه ڀڙڪائيندڙ.

288- دجّال=(ڏسو رباعي نمبر

148 جي معنيٰ)

وَبال= سختي، بار، عذاب،

آفت، مصيبت، جان جو

عذاب.

289- نِت= هميشہ، ڏهاڙي.

گُل= گلاب.

زر= زري، زربفت.

(نوٽ: زر، موتي ۽ ياقوت

جواهر جا قسم آهن؛ زرهه،

خنجر ۽ سپر (ڍال) هٿيارن

جا نالا آهن؛ گل (گلاب)،

سمن ۽ نرگس گلن جا نالا

آهن؛ باهه، واءُ، پاڻي ۽ مٽي

عنصرن جا نالا آهن؛ نِتُ،

ڪلهه، اَڄ ۽ سُڀان ڏينهن

جا نالا آهن).

291- دلدارا= اي دلدار، اي دوست!

ڏيکارا ڏيڻ= منظر پيش

ڪرڻ، ڏسڻ ۾ اچڻ، ڏيکائي

ڏيڻ.

295- فرد= اڪيلو، چڙهو، يڪتا.

297= پُرنَم= آليون، ڳوڙهن

سان ڀريل (اکيون).

ڪَم= گهٽ.

انداز تي غم جي غم جي

مقدار مطابق، غم جي بنسبت.

299- جانفشان= جان قربان ڪندڙ،

جان نثار.

300- آڙي= بدڪ جو قسم

مارُين= (ماريءَ جو جمع)

پکي ڦاسائيندڙ، شڪاري،

صياد.

ٽاهه وجهڻ= ٽاهِڻ، ڇرڪ

وجهڻ، ڀڄائي ڪڍڻ.

302- محروم= نااُميد، نراس.

مفهوم ٿيڻ= فهم يا سمجهه

۾ اچڻ، معلوم ٿيڻ.

303- وَئون وڃڻ= پري ڀڄڻ،

ٽهڻ.

304- پِيِنَمَ=منهنجو(رت پِيَن).

ٻُڌانِ= اُنهن کي ٻُڌان.

اَچَنَم=مون وٽ اچن.

ڍڪيانِ= اُنهن کي ڍڪيان.

307-ڪسب= ڌنڌو، ڪم.

311- آسير= قيدي، باندي،

ساز= ٺاهه، صُلح.

دستگير= هٿ وٺندڙ،

مددگار، سونهون، رهبر.

313- پيرِ مغان= آتش پرستن جو

پيشوا يا مرشد، آتشخاني

جو مجاور، شراب وڪڻندڙ،

ڪلال، گُرو گهنٽال.

314- غم کائڻ= غمگساري ڪرڻ،

غم سهڻ، سُور سهڻ، فڪر

ڪرڻ، همدردي ڪرڻ،

افسوس ڪرڻ، تحمل ڪرڻ.

315- هجر= (وصال جو ضد)

فراق، جدائي، ڦوڙائو.

نشئِي=نشو واپرائيندڙ، نشي

۾ ورتل يا گرفتار، مست.

دِلي خاليءَ جان= خالي مَٽ

وانگي.

320- ظرف= ٿانءٌ، پيالو؛ برتن.

321- ڪنهن  پر= ڪنهن طرح،

ڪنهن ريت.

رضا= رضا مندي، خوشنودي.

دِل پَلڻ= دل کڻي ڇڏڻ.

پَچر= پچار، يادگيري،

ذڪر.

پچر ڇڏڻ= هٿ کڻي ڇڏڻ،

وساري ڇڏڻ، واسطو ٽوڙڻ.

322- ڌارا=ڌاران، سواءِ، بنا.

جفا=ظلم، زبردستي،

ڏک سُور.

324- هُما= هڪ مشهور خيالي ۽ سڀاڳو پکي، جنهن بابت چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن هوُ ڪنهن جي مٿي يا سر جي مٿان اُڏامي ته اُهو بادشاهه ٿي وڃي، هيءٌ پکي هڏا کائيندو آهي ۽ ڪنهن کي ستائيندو نه آهي.

اَزدرها= آجگر، ازدها،

اڙدر، نهايت وڏي بلا يا

وڏو نانگ.

327- ضدا، آه وفعان= دانهن،

ڪُوڪ، فرياد، رڙ، واڪو.

328- جگر= سينو.

330- جان کان هٿ ڌوئڻ=

حياتيءَ تان آهو کڻڻ يا

لاهڻ، قربان ٿيڻ، مرڻ لاءِ تيار ٿيڻ

گرياڻ ٿيڻ يا هئڻ= روئڻ.

231- رهوار= گهوڙو.

يا پيو ڄڻ ڪَن ۾ ڇَلو

فلڪ جي، اُن يار سنہ و=

يا ته  ڄڻ آسمان جي ڪَن

۾، اُن يار جو ڇلو يا حلقو

پيو( ڪَن ۾ ڇلو پوڻ=

حلقه بگوش ٿيڻ، غلام بڻجڻ).

332- زرّين= سونهري، سونَ مان ٺهيل.

عميق=اونهو.

333- گڏ دوست.... الخ= اي دوست! چمن ۾ رنگبرنگي گُل، گڏ ٺهن ٿا يا سُونهن ٿا.

237- دم، چَپن تائين رسڻ=

زندگيءَ جا پساهه اچي پورا

ٿيڻ، مرڻ کي ويجهو ٿيڻ.

مان منهنجي اکين= منهنجين

اکين مان (يا منجهان).

238- بنده نواز= مهربان، ٻانهن

کي نوازيندڙ.

نياز= نئڙت.

دراز= ڊگهو.

339- رِند= جو ماڻهو مذهب جو

پابند نه هجي، آزاد، متوالو،

نشه باز.

زاهد= پرهيز گار، متّقي.

340- پامال= پيرن ۾ لتاڙيل،

چيڀاٽيل، پُرزا پُرزا ٿيل.

341- شاق= دشوار، ناگوار، بارُ.

مَڪّر= فريب، ڌوڪو‏،

ڇَل، حيلو، بهانو، چالاڪي،

عياري.

نفاق= (اتفاق جو ضد)

تفرقو، ڦوڙائو، جدائي،

لڙائي، جهڳڙو، دشمني،

عداوت، ڪينو، بغض، ڦوٽ.

342- پير= پوڙهو.

دلگير= غمگين، مايوس،

اُداس.

34

343- سانڍيو پي شراب مون=

مون انهيءَ ڪري شراب کي پاڻ وٽ پئي سانڍيو ته (اُهو پيريءَ ۾ پيئندس).

رباعيءَ جو مطلب= حڪمت جو هيءُ قول ياد رکڻ  گهرجي ته ڪڏهن به شراب، جوانيءَ جي عمر ۾ پيڻ نه گهرجي، ڇالاءِ جو اُهو جوانيءَ کي ناس ڪري ڇڏيندو.

مون، شراب کي پاڻ وٽ انهيءَ ڪري پئي سانڍيو ته جيئن پيريءَ ۾ اُهو پِي سگهان، تاڪِه اُن جي خراب اَثر کان پيري، ناس ٿي وڃي ۽ منهنجي ساري عمر جوانيءَ ۾ گذري.

344- ڀيڄ ڀني= صبح جو وقت.

هنجون= اکين جا ڳوڙها.

غالب ٿئي= فتح حاصل ڪري

(باز تي تِترُ).

346- عُمّان= سمنڊ(عرب جي اتر- اوڀر وارو ڀاڱو).

عميق=اُونهو، کَهُرو،

بيڪران= اَٿاهه، بنا ڪنڌيءَ

يا ڪناري جي.

باري= وڏا.

347- موميائي- موم يا ميڻ وانگي

نرم، هڪ دوا جو قسم جا ڀڳل هڏن،ڌڪ ڦٽ، ۽ زخم لاءِ مفيد هوندي آهي. دل جو عُقدو= دل جي تڪليف، دل جي پريشاني

يا پيچيده ڳالهه، دل جو راز يا ڀيہ يا ڳجهه.

عقده ڪُشائي= گره ڪشائي،

مشڪلڪشائي، مشڪل کي

حل يا آسان ڪرڻ جو عمل

يا فعل.

349- ناشاد= ناخوش.

مراد پُڄائڻ= حسرت پوري ڪرڻ، آرزو يا خواهش

پوري ڪرڻ، آس پُڄائڻ،

اُميد پڄائڻ يا پوري ڪرڻ.

351- هَڄُ=(هَڄڻ مان امر)،

سخت محنت ڪرڻ.

353- گلعذار= محبوب، دوست (جنهن جا ڳٽا يا ڳل، گُل وانگي ڳاڙها هجن).

”لال ڄمي“ جي بدران

”لالا ڄمي“ پڙهڻ گهرجي.

لالا= لاله، هڪ قسم جو

ڳاڙهو گُل (جنهن جي وچ

ڪارا داغ ٿيندا آهن).

بيد مجنون= هڪ قسم جو

وڻ، جنهن جون ٽاريون

جُهڪيل رهنديون آهن

(شاعر، اُن کي، ”مجنونءَ“

سان تشبيہ ڏيندا آهن.)

356- شبستان عدم=مُلڪ عدم

جي اونداهه يا ظلمت، نيستيءَ

يا نانهن جي اونده (شبستان

= رات جي وقت سمهڻ جو

ڪمرو يا ڪوٺي.)

ڏئي بند درياهه.... ماڻهن جي

ٻَڌَڻ= ڪنهن درياهه يا

وهندڙ نئي کي بَندُ ٻڌڻ

يا سمنڊ تي ڪاٺ جي پل

ٻڌڻ يا سج ۽ چنڊ جو  رستو روڪڻ، ممڪن آهي؛ ليڪن ماڻهوءَ جي زبان روڪڻ يا ٻَڌڻ، ممڪن نه آهي.

158- لاءِ بدلي وٺڻ= بدلي يا

عيوض وٺڻ خاطر(آسمانُ،

هڪ ئي ڪافي يا بس آهي).

359- جڳ جو گهرين..... پسند=

جڳ جو جيڪڏهن تون خير

چاهيندين ته تو کي جڳ

پسند ڪندو.

خورسند= خوش، سُکيو،

شادان.

361- هيهات= هاءِ هاءِ، افسوس!

تا پرڀات= پرڀات تائين.

364- بيداد= ظلم، بي انصافي، قهر.

جفا= ظلم، عذاب، پيڙا.

365- هِندي سَپَ= ڪارا نانگ،

هندستاني نانگ.

فرنگي= انگريزي، انگريزن

جا.

ڪَپُ= چاقُو، مُڙيل چاقو.

غبغب= کاڏي، کاڏيءَ جي

هيٺان لڙڪندڙ گوشت (جو

ماڻهوءَ جي خوبصورتي وڌائي

ٿو)،کاڏيءَ جي وچ ۾

کَڏ( جا خوبصورتيءَ ۾

شامل آهي).

حبشي خط= ڏاڙهيءَ جو

ڪارو خط.

خُتنِي=رومي، خُتن(ملڪ)

جو (تاتار جو هڪ علاقو،

جتي جي مشڪ مشهور آهي).

پدخشاني= بد خشان شهر جو

(افغانستان جو هڪ مشهور

شهر، جو ڪنهن زماني ۾

لعل ۽ ياقوت کان مشهور

هو).

366- غمخوار= غم کائيندڙ،

همدرد، دوست، هڏڏوکي،

هُئان= هُجان.

دردن کان.... رت به رُئان

=صراحيءَ يا شراب جي گهگهيءَ وانگي، دنيا جي دردن کان آءٌ ٽهڪ ڏيئي کِلان به ٿو ته رَت به ٿو رُئان (شراب جي صراحيءَ مان، شراب نڪرڻ جي آواز کي ٽهڪ ڏيئي کلڻ سان ۽ منجهانئس رنگين شراب نڪرڻ کي، رت رُئڻ سان تشبيہ ڏنل آهي).

367- زِهه= ڪمان ۾ لڳل چمڙي

وُغيره مان ٺهيل رسي يا

تسمو.

368- خُلق= خُو، عادت، خصلت،

خوشمزاجي، ملنساري.

تحرير ڪرڻ=لکڻ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org