سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: موتين جي دٻلي

صفحو :11

 

 (423)

آءٌ ياد ڪري گناهه سؤ وار رئان،

توبهه ڪري راتين جو ٿي بيدار رئان؛

جيئن هٿ مان ويل پکيءَ لاءِ ٻار روئي،

تيئن عمر ويل جي لاءِ آءٌ زار رئان.

(424)

هوئي ذات شرافت جو جنهين کي بهرو،

ڏيکاري نشان اهڙو اُن جو چهرو؛

ڇو شجرو ڊگهو بنائي پنهنجو ماڻهو،

ڇو پنهنجي وڏن جي ڏئي هڏن تي پهرو.

(425)

جي شاهه ڪري لطف ڪڏهن ساڻ گدا،

يا اُن تي ڪري عطا ڪري معاف خطا؛

ٻيو ڇا ڪري سگهندو هِي ويچارو هُن لاءِ،

اِن ڌارا ته دل منجهان ڪري اُن کي دعا.

(426)

چُيئي ڪنهن ته تون هٿ شيخ الاسلام جو چُم،

ڪنهن پِير جو پير، دَرُ يا ڪنهن ڄام جو چم؛

اُٿ دوست ۽ وڃ، جي دين دنيا گهُرجئي،

ميخاني اندر ويهه ۽ چپ جام جو چم.

(427)

مُنهن تنهنجي جو عڪس اکين جي لاءِ نُور ٿيو،

تنهنجي ئي آءٌ نُور سان ڏسان منهن تنهنجو؛

تو چيو ته نهار مون بنا غير ڏي ڪين،

پر تو بنا آهي ڪٿي ڪو غير ٻيو.

(428)

عارف وجهي نُور سان ڀري جانِ ۽ تن،

ڪَنڊا ڪڍي جهنگ کي بنائي گلشن؛

ڪامل ڪري هِڪ هزارين ناقص ڪامل،

هڪ شمع ڪري هزارين شمعون روشن.

(429)

ٿي شيخ ۾، پّوءِ رسول، پوءِ حق ۾ فنا،

تا تون ڏسين هن عالمي فانيءَ ۾ بقا؛

حق بين ٿئي جو، اُن جو آهي هي ڪمال،

جنهن شيءِ ڏي نظر ڪري، ڏسي اُن ۾ خدا.

(430)

روئڻ سان اکيون ويَم، ڪيو عشق انڌير،

آءٌ پاڻ کان پڻ ويس پرينءَ منجهه تنهن وير؛

منهنجو نه رهيو نشان، پوءِ ڪهڙو عشق،

معشوق ٿيس جڏهن آءٌ، پوءِ عاشق ڪير.

(431)

عاشق جي ٿو تَن ۽ مَن مان پيدا ٿئي موهه،

تَن مَن کي ڪري سو ناس، ڏس عشق جو ڊوهه،

نڪرن جي وڇوئنڙيءَ مان ٻچا، کائن ماءُ،

ڪَٽُ لوهه مان پيدا ٿئي ۽ کائي لوهه.

(432)

منهن ۾ لکيا اِنسان جي قدرت اَزَلي،

هڪ نڪ ٻه اکيون، ڀرون ٻه، منجهه خط جلي؛

’عينون‘ ٻه، ٻه ’ييئون‘ اُبتيون ۽ هڪڙو ’لام‘،

يعني ٻه دفعا ابتو لکيل  نانوءُ ’علي‘.

(433)

جنهن شخص جو سينو درد جو ناهي مڪان،

بيجان آهي، انسان نه، پڻ نا حيوان،

لهه ڳولي ادا درد ڪو، جو بيدردي،

درد اهڙو اٿئي جو اُن جو ڪونهي درمان.

(434)

عاشق ٻه مَنو نه ٿيو، چڱو ٿيو جو نه ٿيو،

شاعر نڪمو نه ٿيو، چڱو ٿيو جو نه ٿيو؛

ٿورو نه کڻن فلڪ جو ٻئي، ان سببان،

ڪم تن جو چڱو نه ٿيو، چڱو ٿيو جو نه ٿيو.

(435)

هِت ڏوههَ سَوين هڪ آه تي ٿا بخشين،

هِت ڪوههَ ڪَکن ۽ گاهه تي ٿا بخشين؛

درگاهه ۾ دوست جي نظر دل تي آهه،

لک نعمتون دل جي چاهه تي ٿا بخشين.

(436)

جيسين تائين درد ۾ نه تون سِڪ جي هجين،

لذّت کان وصال جي تون ري بهري هجين؛

ري پياس رهين هميشه پاڻيءَ کان نِراس،

جيتوڻيڪ درياهه جي ڪنڌيءَ تي هجين.

(437)

روزن جو مهينو ٿو اچي ماهه سعيد،

مُلاّ ٿا چون، شراب پي ٿي نه پليد؛

شعبان جي آخر ۾ پِيان ايترو جو،

رمضان سڄو مست سمهان تائين عيد.

(438)

مُمڪن ته ڇڏي چال زمانو کوٽي،

ممڪن ته چڙهي بخت ڪري پڻ چوٽي؛

ايندا ڪٿان دوست، هئا جي همدم دمساز،

۽ عمر جا وئي لنگهي، اچي ڪيئن موٽي.

(439)

تون ڀروسو رک خدا تي هر ڪنهن ڪم ۾،

خودبين نه ٿي ته خوش رهين عالم ۾؛

ڪر ڪو نه حياتيءَ تي ۽ دولت تي تون فخر،

جو هُوءَ به وڃي دم ۾ ۽ هيءُ پڻ دم ۾.

(440)

ڏي صبر من کي ۽ رحم هُن کي ٻئي تون،

ڪر داد دَهِي منهنجي ۽ هُن جي ڀي تون؛

آءٌ هن جو جيڻ گهران ۽ هُو منهنجي مرڻ،

رب آس اسان ٻنهي جي ڪر پوري تون.

(441)

ٿي ذات شريف تنهن جي عالَم کان مٿي،

عالم سڄو ٿو نُور سان تنهنجو چمڪي؛

عالم ۾ تون ۽ اکين ۾ پڻ تنهنجو نُور،

توسان ڏسون عالم، نه ڏسون ٿا توکي.

(442)

اُڀ جي ڪٿان اُونچائي ڏسي تون سگهندين،

يا بحر جي اُونهائي ڏسي تون سگهندين؛

ڪامل جڏهن بينائي ٿئي تنهنجي ”قليچ“،

پنهنجي تڏهن انڌائي ڏسي تون سگهندين.

(443)

هيءُ عشق جو ڳجهه ٻَهر ڪڍي سگهبو ڪين،

هيءُ علم دلِي پڙهي لکي سگهبو ڪين؛

ٿيو حال ۽ قال ۾ وڏو فرق ادا،

سگهبو سهي جيڪي سو چئي سگهبو ڪين.

(444)

جڏهن بند ڪريان آءٌ پنهنجي اک جي ڇوٽي،

منجهه ارض سَما ڦران آءٌ جيئن ڦِرموٽي؛

ٿا چون هُن جهان مان موٽي ڪونه،

هر روز گهڻئي دفعا اچان آءٌ موٽي.

(445)

دشمن جو مٿو ڀڃين ٿو تون پاهڻ ساڻ،

گُل پنهنجي مٿي تي ٿو ٻَڌين، ٿي نه اياڻ؛

رهه پاڻ سان اهڙو جهڙو دشمن سان رهين،

دشمن سان رهه اهڙو جهڙو تون پاڻ سان پاڻ.

(446)

محبت جو هو مچ اندر ۾ جنهن ڀڙڪايو،

سو آيو لنگهي رات ۽ مَن منجهه مايو؛

ويهي ذرو موٽي ويو کڻي پاڻ سان دل،

گهر منهنجي هو ڄڻ، ’ٽانڊي کڻڻ لاءِ آيو.‘

(447)

گلشن ۾ جڏهن وڃين نه ڇن تون ڪو گل،

اسرار الاهي آهي سڀڪو گل ڦل؛

هر گل آهي ڪَنُ، ڏنو جو بلبل کي گلاب،

هر مکري آهي دل، جا ٻَڌي اُت بلبل.

(448)

اڄ آهي ته صبح نڪتو هڪ پاسي کان،

برقعو کنيو ٻئي پاسي سڄڻ پڻ منهن تان؛

جي ناهي قيامت ته سبب ڪهڙي اڄ،

هڪ طرف کان صبح نڪتو، سڄ ٻئي طرفان.

(449)

موليٰ جي محبت ۾ رهن جي ٿا مست،

سي دين ۽ دنيا ۾ ڏسن ڪا نه شڪست؛

بُتخانو ۽ ڪعبو ٿيو برابر تن لاءِ،

ديدار پرست سي، نه ديوار پرست.

(450)

تو نُور جان ڪيو اچي اکين ۾ ديرو،

تشريف کان تنهنجي ٿيو اکين منجهه ڪعبو؛

ڏس پنبڻيون صفون ٻڌي ٿيون ڪن توکي طواف،

اکڇنڀ ۾ توکي ٿيون ڏين سي سجدو.

(451)

مستيءَ کان تون زاهد ڏسين منهنجي پَستي،

وئي واٽ ۾ نيستيءَ جي منهنجي هستي؛

آءٌ مست محبت جو، عبادت جو تون مست،

ڪيڏي آهي منهنجي، ڪيڏي تنهنجي مستي.

(452)

مينديءَ کان چون ٿا ٿيو سندس هٿ گلگون،

ايئن ناهي، حقيقت اها معلوم ڪئي مون:

زلفن کي جڏهن ڦڻي هٿن سان ٿي ڏنئين،

دل منهنجي ۾ نُنهن لڳس، ٿيس هٿ پُرخون.

(453)

جڏهن موت کان اڳ حياتي آفت ٿي ڏِسي،

ڇو غم ۾ وجهين موت کان پنهنجي دل کي؛

جي آهي اها حياتي، ڊڄ موت کان ڪين،

ڪر جُهد ۽ پاڻ مر مرڻ کان تون اڳي.

(454)

عدل آهي، جو بنياد آهي نفعن جو،

ظلم آهي جو ڪارڻ ٿئي نقصانن جو؛

هر عيب جو پرده پوش نت آهي ڪرم،

بُخل آهي جو سرپوش رهي هنرن جو.

(455)

دلبر جو وَصال دل سان پيو چاهيان آءٌ،

ويجهو آهي مونکي پر پري ڪاهيان آءٌ؛

هر شيءِ آهي دوست ڏي وڃڻ جي هڪ واٽ،

واٽون گهڻيون، ڇا ڪريان انڌو آهيان آءٌ.

(456)

پرديس ۾ جاڪؤن مون گذاريو تو ريءَ،

ڏولا ڏٺا شمع وانگي نت منهنجي جيءَ؛

کاميُس ۽ پچيُس سڙيُس ۽ وگهريُس ۽ مُئس،

جو تو کان پري ٿئي سزا ان جي ايءَ.

(457)

آءٌ عشق جو همزاد ۽ همشير ٿيس،

دائم تڏهن دنيا ۾ آءٌ دلگير ٿيس؛

گڏ عشق جي غم سان ماءُ پيٽان ڄائس،

هو رهجي ويو جوان، آءٌ پير ٿيس.

(458)

وارد هتي آءٌ غيب جي عالَم مان ٿيس،

صحبت مان ڪجهه فيض، وٺڻ لاءِ جيُس؛

جڏهن راز جو محرم نه ڏٺو مون ڪو هِت،

آيس جنهين در کان، موٽي ٻاهر آءٌ ويس.

(459)

وحدت جي ۽ ڪثرت جي ڪهاڻي منجهه بَرف،

پاڻيءَ سان نه ڦوٽو رهي ساڻي منجهه برف؛

حق بحر حقيقي آهي ۽ اُن ۾ جهان،

جيئن برف ٿي پاڻيءَ ۾ ۽ پاڻي منجهه برف.

(460)

ٿو عشق وجهي اگرچه هر ڪنهن کي ونگ،

ڪنهن سان به نه صُلح ٿو رکي اُو ۽ نه جنگ؛

بيرنگ شراب عشق جو آهي اصل،

شيشي جي ڪري مگر ٿيو رنگا رنگ.

(461)

سيمرغ کي ڳولڻ هليا گڏ ٽيهه پکي،

ويچارا رُلي رُلي پيا سڀ ٿڪجي؛

معنيٰ جڏهن سيمرغ جي سمجهيئون ۽ ڳڻيئون،

هئا ٽيهه، ۽ سيمرغ هئا پاڻ سڀئي.

(462)

هئي رات اونداهي، چور هڪ هو شبڪور،

ڀَٽڪيو گهڻو پر هٿ نه لڳس هڪڙو ڀور؛

ڀلجي آيو گهر پنهنجي هنيئين کاٽ اُتي،

ٿيو ڏينهن، ڏٺئين ته پاڻ هو پنهنجو چور.

(463)

جو سون رُپو گهڻو گهُري هت ٿو هاءِ،

اُن کي  ٿي ملي مُئي کان پوءِ باهه ۾ جاءِ؛

ڏِس ڪپڙو زَريءَ جو ٿئي پراڻو جڏهن،

ساڙين انهيءَ کي سون ۽ چانديءَ لاءِ.

(464)

سک يار سبق تن کان وڃن مرندا جي،

ماتم ۾ تون رهه پنهنجي مرڻ کان به اڳي؛

اڄ تنهنجي ڪُلهي تي ٿيو جنازو ٻئي جو،

ٿئي تنهنجو سڀاڻي پڻ ڪُلهن تي ٻئي جي.

(465)

تون عمر وڃائين ٿو هَوسَ حرص ۾ ڇو؟

نادانُ يا ٻار يا چريو ڏسجين ٿو؛

چئين ٿو ته ٻڍاپي ۾ ڪندس آءٌ توبهه،

شڪ ڪهڙو جوانيءَ ۾ مرين، ٿين نه ٻڍو !

(466)

تون جسم جو پنهنجي ٻانهو آهين هر قسم،

جيڪا تون عبادت ٿو ڪرين آهي طلسم؛

لذّت نه اچي ڪا بندگيءَ مان توکي،

هُوءَ آهي غذِا روح جي، تون سارو جسم.

(467)

ڪِينو آهي نت ڪِني مڇيءَ کان به کِکو،

بلدو اوهين ايذا جو زماني کان سکو؛

آسان نه سمجهو دل جو آئين سوز گداز،

شيشو جڏهن پگهري، باهه کان آهي تکو.

(468)

وٺ جام شراب جو ته کائين نه شڪست،

دنيا ۾ رهين خوش ۽ سدا بالادست؛

جام آهي شريعت ۽ طريقت ٿيو شراب،

جڏهن جام ڀڃين، سڏجين تڏهن رند تون مست.

(469)

ٿا عالم بالا ۾، پُڪارين منکي،

جڏهن آءٌ ٿو مران وري جيارين منکي؛

چَووائي ۾ شمع جان مران پيو ۽ جِيان،

ٿو جڏهن اُجهامان، موٽي ٻارين منکي.

(470)

اي ٻارو ٻچو قدر سڃاڻو منهنجو،

هوندو نه هتي سدائين ٿاڻو منهنجو؛

شوخيءَ سان به جيڪا آءٌ چڱائي ٿو چوان،

احسان اهو پاڻ تي ڄاڻو منهنجو.

(471)

هردل سان رکين ٿو تون سڄڻ راز ٻيو،

توسان ڪري هر نيازي ٿو ناز ٻيو؛

هڪ تارو رباب عشق جو ٿيو، تنهن مان،

هرجا ٿئي آواز ٻيو ساز ٻيو.

(472)

حق ساڻ فقط، ولي محبّت ٿا رکن،

ٻئي سڀڪنهين دوست ساڻ الفت ٿا رکن؛

بيشڪ سي رکن پيار مٿي آل عيال،

پر ناهي محبّت سا، شفقت ٿا رکن.

(473)

سَرگشتو آءٌ مجنونءَ سندي نت منزل ۾،

ليليءَ  جان، اي دوست، تون اندر محمل ۾؛

پر رات ۽ ڏينهن توسان گڏ گهاريان آءٌ،

آءٌ تو سندي در تي ۽ تون منهنجي دل ۾.

(474)

جا شيءِ ٿو ڏسان جڳ ۾، رکي تنهنجي رُوءِ،

جو خيال اچي دل ۾، رکي تنهنجي خُوءِ؛

آدم ۾ ڏسان آءٌ، تنهنجي صورت سيرت،

هو ناهي تون، پر سدا رکي تنهنجي بُوءِ.

(475)

خالق اچي خلق ۾ نمودار ٿيو،

ڳوهي مِٽي ڪُوزه گر ڪنڀار ٿيو؛

ڪوزي جي مِٽي پاڻ ۽ ڪُوزو پڻ پاڻ،

پاڻ ئي وري ڪُوزي جو خريدار ٿيو.

(476)

نعمت کي سڏي حديث هڪ وحشي پکي،

جو شُڪر جي دام ۾ پوي ٿو ڦاسي؛

ڪر شُڪر سان تون شڪار نعمت جو ادا،

مُنعم کي مڃُيئي ته قيد ڄڻ نعمت ڪيئي.

(477)

حق کي وڻي پنهنجي خاص بندي جو سوال،

سو ڪين ٻُڌي ترت، ڪري دير بحال؛

ڀانئي ته وري وري ٻُڌي اُن جي دعا،

۽ زاري ڏسي، رحم ڪري اُن تي ڪمال.

(478)

معصوم ٿيو منهنجو ٻار، يعني تدبير،

چُوسڻ ۽ چَٽڻ ۾ نه ڪري ڪا تقصير؛

پر وس نه هلي ٿو منهنجو يا هُن جو ڪو،

جو کير ٿڻن ۾ ناهي، يعني تقدير.

(479)

اهڙو وڏو آهي فضل حق جي جو ڪتاب،

جو ٿي نه سگهي انهي جي صُفحن جو حساب؛

آڱر جي پُسائي ورق ڪو اُٿلائي،

بيشڪ پئي کُٽي سمنڊ جو پاڻي شتاب.

(480)

صحبت کان تون بڇڙن جي ادا رهج بعيد،

هوندين جي تون پاڪ ته به ٿي ويندين تون پليد؛

سڄ هيڏو وڏو لڪي ڪڪر ذرڙي کان،

جيڪو ڏسي تنهن کي نه اچي ٿو منجهه ديد.

(481)

ڪَيئي مست منکي، هي ڪهڙي توکي ڀاڻِين،

ان هوندي به دل ۾ منهنجي موجون ماڻين؛

ڄاڻي نٿي خلق ڪهڙو غم دل ۾ اٿم،

پر تون جو رهين دل ۾ سو سڀ ٿو ڄاڻين.

(482)

وهنجاريو نبيءَ عليءَ کي، ڄائو هو جڏهن،

۽ هنج ۾ کڻي رُنئين، چيئين هيئن ٿي تڏهن؛

مون غسل عليءَ کي آهي پهريون هي ڏنو،

۽ ڏيندو علي غسل منکي پونيون ڪڏهن.

(483)

دنيا ٿي عبادت جو وڏو دسترخوان،

نعمت جا طعام ان تي رکيل ٿيا اَلوان؛

روزا ۽ نمازون ٿيون چٽڻي آچار،

اِن چَهر تي کاڄن ٿا حقيقي پڪوان.

(484)

انسان جي دل اصل خدا جو گهر آهه،

تصويرون ۽ بُت غير جا تون اُن مان لاهه؛

تصويرون ڪڍين، اچن مَلڪ ۽ اچي حق،

ڪعبي جان جي بتخانو ڪرين بيت الله.

(485)

’لَو ڪَشۡف غَطاء‘ آهي فرمايو علي،

وڌ ٿئي نه يقين مون، کڄي پردو ڀلي؛

پُوڄان نه انهي رب کي ڏسان جنهن کي ڪين،

دل منهنجي ڏيکاريو منکي ربُ پنهنجو جلي.

(486)

راحت نه ڪا زر جمع ڪرڻ ۾ آهي،

جي آهي ڪا، تا اُن جي وڃڻ ۾ آهي؛

جڳ کي جو رسي نفعو ٿو زر مان اي ادا،

خرچڻ ۽ هٿان پنهنجي ڪڍڻ ۾ آهي.

(487)

جيڪو اچي، ڪر پهرين انهي کي تون سلام،

پوءِ ان کي وهاري آڻ اُن لاءِ طعام؛

جڏهن کائي پِي فارغ ٿيو، تڏهن پاڻ ۾ ائين،

محبت منجهان هڪٻئي سان ڪريو پوءِ ڪلام.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org