سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :39

 

سترهين سنڌ ادبي ڪانفرنس

(خيرپور)

سترهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس، جمعيت الشعراءِ سنڌ جي سهاري ۽ بزم ناز خيرپور جي ڪوششن سان هاءِ اسڪول جي ايوان ۾ ٻي، ٽين ۽ چوٿين مارچ 1957ع  تي خيرپور ۾ ڪوٺائي وئي. ڪانفرنس کي ڪامياب بنائڻ لاءِ پروفيسر عطا محمد حاميءَ، کي سخت محنت ڪرڻي پئي.

 

ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمين عبدالرحيم جوڻيجو ۽ سيڪريٽري پروفيسر عطا محمد حامي هئا.

 

ڪانفرنس جو افتتاح عثمان علي انصاريءَ (ڊي-پي- آءِ- سنڌ) ڪيو ۽ مختلف نشستن جا صدر مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ خان صاحب عبدالله چنا هئا.

 

ڪانفرنس جي پهرئين ڏينهن ٻي تاريخ صبح جو جمعيت الشعراءِ سنڌ جو ساليانو جلسو ٿيو، جنهن ۾ جمعيت الشعراءِ جا عهديدار چونڊيا ويا ۽ سالياني ڪم جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.

 

ڪانفرنس جي پهرين نشست رات جو اٺين بجي عثمان علي انصاري جي صدارت هيٺ شروع ٿي. عبدالرحيم جوڻيجي چيئرمين استقباليه ڪميٽيءَ پنهنجو خطبو پڙهيو جنهن ۾ هن سنڌي زبان کي درپيش خطرن جو جائزو ورتو. جنهن کانپوءِ سبجيڪٽ ڪميٽيءَ جي نالن جو اعلان ٿيو ۽ عثمان علي انصاري پنهنجي صدارتي تقرير ڪئي. نشست رات جو يارهين بجي ختم ٿي.

 

تاريخ ٽين مارچ تي ڪانفرنس جون ٽي نشستون ٿيون. صبح جو پهريائين سبجيڪٽ ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ٿي. جنهن ۾ ٺهراءُ تيار ڪيا ويا.

 

ٽين تاريخ جي پهرين نشست عبدالله چنا جي صدارت هيٺ ٿي. هي مقالن جي نشست هئي. عثمان علي انصاري شاهه عبداللطيف بابت مقالو پيش ڪيو جنهن کانپوءِ ساقي سجاولي، موتيرام راماڻي، ماستر قالو خان اياز، ساقي سجاوليءَ پنهنجا مقالا پڙهيا ۽ جناب مخدوم مير احمد مشاعرن جو ماضي ۽ حال جي موضوع تي تقرير ڪئي.

 

ٻي نشست شام جو ساڍي چئين بجي شروع ٿي جنهن جي صدارت نياز احمد ڪمشنر خيرپور ڪئي، هي اردو مشاعري جي نشست هئي.

 

ٽين نشست سنڌي مشاعري جي نشست هئي جنهن جي صدارت جناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڪئي. رات جو ٻارهين بجي سندن اٿي وڃڻ کانپوءِ محبوب علي چنا صدارت جا فرض پورا ڪيا. مشاعرو رات جو نوين بجي شروع ٿيو. جيئن ته شاعرن جو انداز هڪ سو کان به مٿي هو تنهن ڪري هر هڪ ضلعي مان هڪ شاعر کي واري واري تي سڏيو ٿي ويو. (1)

 

مشاعري لاءِ هري دلگير جي منظور ٿيل طرح مصرع هئي:

’پنهنجي برپٽ کي وري گلشن بنائيندا هلو‘

 

چوٿين تاريخ تي ٻه نشتون ٿيون. پهرين نشست صبح جو ڏهين بجي حافظ شاهه حسيني جي صدارت هيٺ ٿي جنهن ۾ پنجويهه ٺهراءَ منظور ڪيا ويا. جنهن ۾ هڪ ٺهراءُ پاڪستان جي دستور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي تسليم ڪرڻ بابت هو.

 

ٻي نشست موسيقي جي نشست هئي جا رات جو اٺين بجي مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي صدارت هيٺ شروع ٿي. جنهن ۾ الهنواز ڪتائي، محمد سومر ڀٽي، حسين بخش خادم هالائي، محمد عيسيٰ مست جي پارٽي، آخوند مولابخش خيرپوري ۽ رسول بخش گويه حصو ورتو. نشست رات جو اڍائين بجي ختم ٿي.

 

هن ڪانفرنس ۾ جمعيت الشعراءِ سنڌ جي ڪارڪنن، ادبي سنگت ۽ بزم طالب الموليٰ جي مختلف شاخن، بزم نظامي، محفل احباب، بزم ادب، بزم قليچ، بزم بسمل، بزم آفتاب ادب، بزم شهباز، بزم ناز، بزم بلبل بزم تارڪ، جي نمائندن شموليت ڪئي.(1)

 

هن ڪانفرنس ۾ جن اديبن ۽ شاعرن شموليت ڪئي يا پنهنجو شعر ڏياري موڪليو انهن مان ڪن جا نالا هي آهن- عثمان علي انصاري، عبدالله چنا، عبدالرحيم جوڻيجو، محمد زمان طالب الموليٰ، محبوب علي چنا، موتيرام رامواڻي، مخدوم امير احمد، ساقي سجاولي، حافظ محمد يعقوب، مولوي عبدالواحد سنڌي، الله بخس عقيلي سرشار، عبدالحليم جوش، محمد جمن هالو، امير بخش قريشي امير، اياز حسين قادري اياز، محمد حسن ساز، محمد يوسف شاڪر، صوفي دوست محمد ساجد، شيخ مهر الله، اظهر گيلاني، اوستو غلام حسين، محمد علي جوهر، حاجي محمود خادم، عبدالفتاح عبد عاقلي، هري درياني دلگير، شيخ اياز، عبدالرزاق راز، نواز علي نياز جعفري، حافظ شاهه حسيني، لطف علي شاهه عبدالحئي قريشي، عارف الموليٰ حاجي عبدالله واقف، مولوي نور الدين نور، محمد علي جوهر، پير علي محمد اظهر صديقي، صوبو خان آسي، امير علي شاهه جامي، حسين بخش خادم، رشيد لاشاري، محمد احسن، محمد رمضان ثاقب، فقير عبدالرحيم بلوچ عابد، برده سنڌي، عبدالرحمان ضيائي، مظهر شاهه لڪياري، مولوي حبيب الله حبيب، علي انور گوپانگ، ٻرڙو خير محمد سوز، گل حسن گوپانگ، سعد الله سپاهي، محمد رمضان آزاد، الهورايو مهر سليم، انور علي انور، نواز علي شوق، محمد صالح مجاهد، حڪيم محمد صادق طالب، محمد عالم خانپوري، عبدالرشيد سولنگي، حڪيم محمد ڇتل فدا، محمد عيسيٰ عاجز، سيد شان بخاري، سيد سليمان شاهه صالح، حاجي شفيع محمد هالا، عاشق واحد بخش، خواجه محمد عيسيٰ، الله نواز رڪڻائي، خادم رفيقوي، فيروز حسين لڪياري، زيب عاقلي، دائود پوٽه ولي، مشتاق خيرپوري، حافظ غلام قادر صدائي، مولوي در محمد خاڪ، نور محمد  شاهه نور، مولوي محمد صادق راڻپوري. (1)

 

انتخاب مشاعره  (1)

پرسرام ’ضياءُ:

 

داڻو داڻو ڌار ٿيو، مالها محبت جي ٽٽي
هڪ ئي ڌاڳي ۾ اهي داڻا ملائيندا هلو.

 

پيار جئن جاڳي اٿي، جاڳي اٿي انسانيت
ايڪتا جا، جا بجا نعرا لڳائيندا هلو.
(2)

 

شيخ عبدالحليم ’جوش‘:

درد سان ئي زندگيءَ ۾ لطف آهي دوستو
غم ڏئي مونکي خوشي منهنجي وڌائيندا هلو.

 

فڪر تي پهرو، تخيل تي نظر داري هجي
اهڙي محفل جي چراغن کي وسائيندا هلو.

 

هري درياني ’دلگير‘:

 

بادلن وانگر سدا موتي وسائيندا هلو
برپٽن ۾ باغ جي رنگت رچائيندا هلو.

 

مثل گل گلزار دنيا ۾ رهڻ ڪل چار ڏينهن
پاڻ مشڪو ۽ زمانو مسڪرائيندا هلو.

 

محمد حسن ’ساز‘:

 

پنهنجو دامن دستِ رهزن کان ڇڏائيندا هلو
رهبرن جي رهبريءَ کي آزمائيندا هلو.

 

مالڪِ تهذيب و حڪمت سنڌ جي هي آهي زمين
ناز سان ۽ فخر سان سڏائيندا هلو.

 

محمد علي ’جوهر‘:

هڪڙي ٺوڪر ساڻ ڊاهيو آمريت جو نظام
وقت ٿورو ڪم گهڻو آهي ڇڏائيندا هلو.

 

سر وڃي صدقي ٿئي جو ڪجهه ٿئي سو ڀل ئي
سرخرو ٿيو ملڪ سان سڀ ڪجهه سهائيندا هلو.

 

’ولي‘ دائود پوٽو:

 

آنڌيون بڻجي اٿو، طوفان مچائيندا هلو
همت و مردانگي سان وک وڌائيندا هلو.

 

مرڪنديون مکڙيون چمن ۾ گل کڙي بيهندا سوين
باغ جي مٽيءَ سان دل جو رت ملائيندا هلو.

 

محمد جمن ’هالو‘:

 

پنهنجي منزل جو پتو پاڻئي پڇائيندا هلو
ڪامرانيءَ ڏي قدم پنهنجا وڌائيندا هلو.

 

جن گلن مان ڪنهن کي حاصل ڪين ٿي خوشبو ٿئي
اهڙي گلشن کي ڀلي برپٽ بنائيندا هلو.

 

خواجه محمد عيسيٰ(ميرپور بٺورو):

 

هت اڏي ۽ ڪات آهي سڌ نه ڪو سڌڙيو ڪري
مرڪ سان مقتل ڏي يارو پير پائيندا هلو.

 

محب جي ماڻيو ته يارو ساهه سر صدقو ڪيو
درد و غم، رنج و الم ۽ سور کائيندا هلو.

 

’اظهر‘ گيلاني:

 

هي اوهان جي رت جا قطرا ويندا موتين کان مٿي
ڪجهه وهائيندا هلو ۽ ڪجهه لٽائيندا هلو.

 

ڇا ڪجي تقدير جي محتاج ڪهنه ڪائنات
ڪنهن نئين رٿ سان نئين دنيا بنائيندا هلو.

 

نظام الدين گوپانگ:

 

سر قلم پنهنجو ڪرائي آزمائيندا هلو
طرزِ تحريرِ مقدر کي مٽائيندا هلو.

 

منزلِ مقصود خاطر زخمَ کائيندا هلو
پنهنجي رت سان راه کي رنگين بڻائيندا هلو.

 

 

ارڙهين سنڌي ادبي ڪانفرنس

(حيدرآباد)

 

ارڙهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس، ايڪٽيهين مئي ۽ پهرين جون 1958ع تي جمعيت الشعراءِ سنڌ جي سهاري ۽ مرڪزي بزم طالب الموليٰ جي انتظام هيٺ حيدرآباد ۾ ڪوٺائي وئي هئي. ڪانفرنس جو انتظام سنڌ يونيورسٽي (اولڊ ڪئمپس) ۾ ڪيو ويو هو.

 

هن ڪانفرنس جي مختلف نشستن جي صدارت علام آءِ- آءِ- قاضي، سيد هاشم رضا، مخدوم محمد زمان، غلام محمد گرامي، سيد ميران محمد هاشم ۽ حفيظ هوشيارپوري ڪئي. چيئرمين استقباليه ڪميٽي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هو.

 

ڇنڇر 31 مئي 1958ع تي شام جو پنجين بجي ڪانفرنس جي پهرين نشست علام آءِ-آءِ- قاضي جي صدارت ۾ شروع ٿي. پهريائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ چيئرمين استقباليه ڪميٽي پنهنجو خطبو پڙهيو، جنهن ۾ هن حيدرآباد شهر جي تاريخ تي روشني وڌي. هن کانپوءِ علام آءِ-آءِ- قاضي پنهنجو صدارتي خطبو پڙهيو جنهن ۾ هن ادبي تحريرن کي محفوظ ڪرڻ تي زور ڏنو.

رات جو نائين بجي اردو سنڌي مشاعرو ٿيو. اردو مشاعري جي صدارت سيد هاشم رضا (ڪمشنر حيدرآباد ڊويزن) ڪئي ۽ سنڌي مشاعري جي صدارت مولوي غلام محمد گرامي ڪئي. (1)

 

ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن صبح جو اٺين بجي مخدوم محمد زمان جي صدارت هيٺ وقت جي اهم ادبي مسئلن بابت ٺهراءَ منظور ڪيا ويا.

 

 شام جو پنجين بجي سيد ميران محمد شاهه جي صدارت هيٺ مقالن جي نشست ٿي. چار موضوع مقرر ڪيل هئا. (1) ماضيءَ جو ادب، (2) موجوده ادب (3) ٻهراڙيءَ جو ادب (4) سنڌي ڪافي.

 

رات جو نائين بجي موسيقيءَ جي نشست ٿي جنهن ۾ صدارت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ريجنل ڊائريڪٽر حفيظ هوشيارپوري ڪئي.

 

مشاعري لاءِ ڊاڪٽر ’خليل‘ جي ڏنل مصرع طرح هئي:

’هي سرمد و منصور جو آواز نه آهي‘

هن ڪانفنرس ۾ جن شاعرن ۽ اديبن شموليت ڪئي تن مان ڪن جا نالا هي آهن:

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، حاجي محمود خادم، محبوب علي چنا، غلام محمد گرامي، عقيلي سرشار، صوفي دوست محمد ساجد، منظور نقوي، محمد خان غني، رشيد لاشاري، پروانو ڀٽي، مظفر حسين جوش، نياز همايوني، عبدالله خواب، شمشير الحيدري، تاج بلوچ، سيد سردار علي شاهه ذاڪر، عبدالقيوم صائب، احسن الهاشمي، عبدالطيف راز بلڙائي، حسين بخش خادم، انور هالائي، عبدالرحمان نسيم، اياز قادري، عبد عاقلي، زيب عاقلي، محمد جمن هالو، امير بخش قريشي ۽ محمد حسن ساز.

 

انتخاب مشاعره

عبدالله ’خواب‘:

 

هر موڙ تي صياد ڪيئن دام وڇايا
گلشن ۾ ڪو گلگشت جو انداز نه آهي.

 

اي خواب قفس کي به کڻي هوند اڏان مان
پر طائرِ دل مائلِ پرواز نه آهي.
(1)

 

محمد جمن ’هالو‘:

سر يار ڏي جهڪيل هجي دل غير ڏي مائل
هي عشق نه آ، عشق جو انداز نه آهي.

 

هر جاءِ ڏسون حسن جا صاحب ٿا هزارين
تو جهڙو منجهن يار ڪو پر ناز نه آهي.
(2)

 

محمد حسن ’ساز‘:

 

جو حسن جهان تاب جو همراز نه آهي
فطرت جي نگاهن ۾ سو ممتاز نه آهي.

 

ٿو منزلِ عقبيٰ جو هتان ئي ٿئي آغاز
انجام نه ڪجهه آهي، جي آغاز نه آهي.
(3)

 

شعبان ’بخت‘:

 

شهباز جو ڪم آهي، بلنديءَ تي اڏامڻ
پستي ۾ پيل آهي ته شهباز نه آهي.

 

ڪاهل نه ٿي، سرگرم عمل ٿي جو هي سچ آ
زنده به مثل، جي تگ و تاز نه آهي.
(1)

 

اوستو غلام حسين ’حسين‘:

 

ڇو تنهنجي تجلي ٿي اچي ڪيئن نظر هاڻ
ڇا طور سندءِ جلوه گہِ ناز نه آهي.

 

جنبش ۾ ’حسين‘ نه آڻي جيڪو ارض و سما کي
سو قلبِ شڪسته سندو آواز نه آهي.
(2)

 

نظام الدين گوپانگ’نظام‘:

 

جت فڪر رسا ڪنهن جو قضا ساز نه آهي
سو ملڪ ڪري سگهندو ڪڏهن ناز نه آهي.

 

جي ڪنهن جي اميري ۾ فقيري نه نهان آ
پو اهڙي اميري ڪو اعزاز نه آهي.
(3)

 

ميان غلام عباس قادري ’جوش‘:

دزيده نگاهن سان ڏسي منهن کڻي ڦيرڻ
هي ڪوس جو انداز آهي ناز نه آهي.
(4)

 

جو دل ۾ سمايل آ اهو آهه لکن جو
جو لب تي آيو راز اهو راز نه آهي.

 

شمشير الحيدري:

 

ڪنهن طرح اسين ظلم جا قائل نه ٿياسين
زنجير کان وڌ پنهنجو ڪو دمساز نه آهي.

 

هر هر ٿيون اچن وقت جي سوريءَ جون صدائون
افسوس ’اناالحق‘ جو آواز نه آهي.
(1)

 

اڻويهين سنڌ ادبي ڪانفرنس

(ميرپور بٺورو)

 

اڻويهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس، بزم طالب الموليٰ سنڌ ۽ جمعيت الشعراءِ سنڌ جي سهاري هيٺ، مهر علي شاهه جي ميلي جي موقعي تي ميرپور بٺوري ۾ ٻي ۽ ٽين جنوري 1960ع ۾ ٿي.  هي پهريون ڀيرو هو جو لاڙ جي ڪنهن شهر ۾ ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي. ڪانفرنس جو انتظام هڪ پنڊال ۾ ڪيو ويو هو.

 

هن ڪانفرنس جو افتتاح پير حسام الدين راشديءَ ڪيو. مختلف نشستن جي صدارت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، محمد اسماعيل نون (ڪليڪٽر ضلع ٺٽو) ۽ پير حسام الدين ڪئي. استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمين مولوي عبدالله سجاولي ۽ سيڪريٽري فقير محمد عيسيٰ ميمڻ هو.

ٻي جنوري شام جو ستين بجي پير حسام الدين ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو. هن پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ ٺٽي جي تاريخ، سنڌي زبان ۽ ان جي موجوده حالت تي روشني وڌي ۽ اديبن ۽ شاعرن کي نين راهن تي گامزن ٿيڻ جي تلقين ڪئي. جنهن کانپوءِ چيئرمين استقباليه ڪميٽي مولوي عبدالله سجاوليءَ پنهنجو خطبو پڙهيو ۽ مخدوم محمد زمان پنهنجي صدارتي تقرير ڪئي.

 

ٿوري وقت کانپوءِ ڪانفرنس جي ٻي نشست ۾ مشاعرو ٿيو جنهن جي صدارت محمد اسماعيل نون ڪئي. (1) مشاعرو غير طرحي هو تنهن ڪري شاعرن پنهنجو چونڊ ڪلام ٻڌائي محفل کي وجد ۾ آندو.

 ٽين جنوري صبح جو نوين بجي جمعيت الشعراءِ جي سالياني ميٽنگ ٿي جنهن ۾ عهديدار چونڊيا ويا ۽ ٺهراءَ پاس ڪيا ويا.

شام جو پير حسام الدين شاهه راشدي جي صدارت هيٺ لوڪ ادب جي ڪچهري ٿي، جنهن ۾ لاڙ ۽ اتر جي سگهڙن  حصو ورتو ۽ ڳجهارتون ۽ نڙ بيت بيان ڪيا ويا.

 

رات جو مخدوم محمد زمان جي صدارت هيٺ راڳ جي نشست ٿي جيڪا لڙيءَ رات تائين هلي ۽ ان ۾ سنڌ جي مشهور راڳ ۽ ساز وارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.

 

ڪانفرنس جي موقعي تي هڪ ثقافتي نمائش جو انتظام ڪيل هو جنهن ۾ ٺٽي جي قديم کنڊرن مان هٿ آيل سڪا وغيره نمائش لاءِ رکيل هئا، سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڪتابن جي نمائش جو پڻ انتظام هو.

 

ويهين سنڌ ادبي ڪانفرنس

(لاڙڪاڻو)

 

ويهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس، جمعيت الشعراءِ سنڌ جي نگراني ۽ ماسٽر ڪلب لاڙڪاڻو جي انتظام هيٺ پنڌرهين ۽ سورهين تاريخ ڊسمبر 1962ع لاڙڪاڻي ۾ ڪٺي ٿي.

 

ڪانفرنس جي مختلف نشستن جي صدارت عبدالمجيد افغان (ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو) ۽ علي نواز وفائي ڪئي. ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمين عبدالفتاح عبد عاقلي ۽ سيڪريٽري ماستر غلام دستگير هو.

 

ڪانفرنس جي پهرين نشست جو ساڍي ڇهين بجي نيشنل اسٽيڊيم ميدان تي عبدالمجيد افغان جي صدارت هيٺ شروع ٿي. هن اجلاس جي صدارت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي ڪرڻي هئي. هن جي نه شريڪ ٿي سگهڻ ڪري عبدالمجيد افغان صدارت ڪئي. پهريائين عبد عاقلي، چيئرمين استقباليه ڪميٽي پنهنجو  خطبو پڙهيو جنهن کانپوءِ عبدالمجيد افغان پنهنجي صدارتي تقرير ڪئي ان بعد علي نواز وفائيءَ جي صدارت هيٺ مشاعري جي نشست شروع ٿي.

 

مشاعره جي طرح هئي:

’ڪندس جان قربان وطن تان زبان تان‘

هن نشست جي تعريف روزانه مهراڻ هنن لفظن ۾ ڪئي، ”هر هڪ هي واتان اهي لفظ ٻڌا پئي ويا ته ان طرح ڪڏهن به مشاعري جي نشست ڪامياب نه ٿي آهي. “ (1) ٽماهي مهراڻ پنهنجو رايو هيئن ڏنو،  ”واقعي هي نشست تعريف جي قابل هئي.“ (2)

 

ٻئي ڏينهن سورهين ڊسمبر صبح جو يارهين بجي ڪانفرنس جي موقعي تي انجمن مديران جرائد سنڌ جي ميٽنگ ٿي.

 

شام جو ٽين بجي جمعيت الشعراءِ سنڌ جي سالياني ميٽنگ ٿي جنهن ۾ جمعيت جي ڪار گذارين جو جائزو ورتو ويو ۽ جمعيت کي فعال بڻائڻ لاءِ سوچ ويچار ڪئي وئي. ڪيترا ٺهراءَ منظور ڪيا ويا مکيه ٺهراءُ هو سنڌي زبان کي هن علائقي جي سرڪاري زبان تسليم ڪيو وڃي.

 

رات جو اٺين بجي ڪانفرنس جي آخري نشست مدرسہ هال ۾ ٿي، جنهن ۾ طرحي مشاعري جي رهيل شاعرن پنهنجو ڪلام ٻڌايو ۽ غير طرحي مشاعرو ٿيو جو رات جو سوا هڪ بجي ختم ٿيو.

 

هن ڪانفرنس ۾ جن اديبن ۽ شاعرن شموليت ڪئي تن مان ڪن جا نالا هي آهن. انهن کانسواءِ ڪيترن شاعرن رواج مطابق مشاعري ۾ پڙهڻ لاءِ ڪلام ڏياري موڪليو هو.

 

رشيد احمد لاشاري، صالح شاهه بادل، محمد حسين آتش، جناب محمد رمضان راز، جناب سليمان ناظم، مولا بخش فدا، صوفي دوست محمد ساجد، عبدالرحمان نسيم، استاد بخاري، غلام سرور سرور عاقلي، عبدالفتاح عبد عاقلي، حڪيم محمد صادق طالب، محمد رمضان آزاد، ماستر علي حسن گدا، جهامنداس عاشق، نياز رجباڻي، علي شير راز، مشتاق علي وفا، امير بخش قريشي امير، فيض بخشاپوري، محمد علي جوهر، مولوي غلام مصطفيٰ دادوي.

نظام الدين گوپانگ ’نظام‘: انتخاب مشاعره

 

ڪريا هجر ۾ لڙڪ ٽي چار جيڪي
لهي بار ويو منهنجي روح روان تان.

 

چمن ۾ جو باد سود سموم آئي اهڙي
بهارن جو کٽڪو لهي ويو خزان تان.
(1))

 

حافظ محمد ’احسن‘ چنا:

 

وطن ۽ زبان جي ڪرڻ فرض خدمت
اهو فرض لهندو نه هر گز اسان تان.

 

هجن هم وطن هم زبان شاد احسن
سوين گهورجن گهورون اهڙي بيان تان.
(2)

 

’محسن ڪڪڙائي:

 

ڀٽائي جي بيتن جي مفهوم جو سنهن
ڪندس جان قربان، وطن تان زبان تان.

 

خلش، درد، اميد، حسرت، تمنا
تصدق وڃان دل جي هن خاندان تان.
(3)

 

ايڪويهين سنڌ ادبي ڪانفرنس

(لاڙڪاڻو)

 

ايڪويهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس، تاريخ ٻي ۽ ٽين مئي 1964ع تي جمعيت الشعراءِ سنڌ جي نگراني ۽ ماسٽر ڪلب جي انتظام هيٺ جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ ٿي.

 

ڪانفرنس جي مختلف نشستن جي صدارت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، غلام محمد گرامي ۽ خليل احمد (ايس پي لاڙڪاڻو) ڪئي. چيئرمين استقباليه ڪميٽي مسٽر نظام الدين ميمڻ (وڪيل) ۽ سيڪريٽري محمد علي جوهر هئا.

 

ڪانفرس جو افتتاح وزير خارجه پاڪستان جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪرڻو هو مگر ملڪ کان ٻاهر دوري تي وڃڻ ڪري هو ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي نه سگهيو، تنهن ڪري ڪانفرنس جو افتتاح ٻي مئي شام جو پنجين بجي سيد درٻار علي شاهه ڪمشنر خيرپور ڊويزن ڪيو. پهريائين نظام الدين ميمڻ چيئرمين استقباليه ڪميٽيءَ پنهنجو خطبو پڙهيو پوءِ سيد درٻار علي شاهه پنهنجي تقرير ڪئي.

 

ڪانفرنس جي پهرين نشست مشاعره جي نشست هئي جنهن جي صدارت مولوي غلام محمد گرامي ڪئي. جا شام جو نائين بجي ڌاري شروع ٿي ۽ لڙيءَ رات تائين هلي. سنڌ جي مختلف حصن مان آيل شاعرن پنهجو ڪلام پڙهيو. مولوي گراميءَ پنهنجي صدارتي تقرير ۽ شاعرن کي شعر جي فن ڏانهن توجهه ڏيڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته هو شعر جو فن ڪنهن قابل کان سکن ۽ جيڪو شعر تيار ڪن ان جي ڪنهن قابل شاعر کان اصلاح ڪرائين. (1)

 

ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن تاريخ ٽين مئي صبح جو نوين بجي جمعيت الشعراءِ سنڌ جي ميٽنگ ٿي جنهن جي صدارت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڪئي. ان ميٽنگ ۾ جمعيت الشعراءِ جون ساليانون چونڊون ۽ ٺهراءَ منظور ڪيا ويا.

 

شام جو خليل احمد جي صدارت هيٺ اردو مشاعرو ٿيو ۽ رات جو موسيقيءَ جي محفل مخدوم محمد زمان جي صدارت هيٺ ٿي، جا رات جو گهڻي وقت تائين هلندي رهي.

ڪانفرنس ۾ جن اديبن ۽ شاعرن شموليت ڪئي يا ڪلام موڪليو تن مان ڪن جا نالا هي آهن:

 

مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، عبدالفتاح عبد عاقلي، حڪيم شاهد علي شهيد، محمد علي جوهر، محمد ڇتل فدا، امير بخش قريشي امير، شيخ مهر الله، محمد جمن هالو، صوفي دوست محمد ساجد، فيض بخشاپوري، عبدالڪريم گدائي، صوڀو خان بلوچ، صوفي جهامنداس عاشق، مولوي غلام مصطفيٰ دادوي، نشتر ناٿن شاهه، اظهر گيلاني، محمد حسن ساز، اياز قادري، آثم ناٿن شاهي، مولوي محمد عظيم شيدا، حافظ ضياءُ الحق اسلم، ماستر علي حسن گدا، مخدوم احمد منظور، حڪيم محمد بخش مشوري، مرشد گيلاني، مير محمد مير شڪارپوري، محمد ابراهيم نياز (ڪراچي)، بدر، حقير، احسن الهاشمي.

 

مشاعره لاءِ مصرع طرح هئي:
’چمن جو رنگ ڏسو، موسمِ بهار ڏسو‘

 

انتخاب مشاعره (1)

 

مولوي محمد عظيم ’شيدا‘:

 

لڳي جا تار سڄڻ جي اچي سا تار ڏسو
ڪفن جي تار ۾ يار يار ڏسو.

 

تبر جي ڌار جا ابرو جي وار وار ۾ هئي
انهيءَ جي پار جگر ڪيو سا موتمار ڏسو.

 

’نشتر‘ ناٿن شاهي:

 

وفا شعار سندي بزم اشڪبار ڏسو
صداقتن تي غلط تهمتن  جا وار ڏسو.

 

ڪٿي نفيس ڪلي ۽ ڪٿي شديد خزان
بقائي گل ۾ خطرناڪ اضطرار ڏسو.

 

محمد جمن ’هالو‘:

 

سوين هڻائي سيون گل جڏهن ٿو سيني ۾
تڏهن ته ڪنهن جي گلي جو ٿئي ٿو هار ڏسو.

 

بگاڙي پنهنجو چمن پاڻ ٿا چئون هالا
چمن جو رنگ ڏسو، موسمِ بهار ڏسو.

 

حافظ ضياءُ الحق ’اسلم‘:

 

ڏکي ٿي جان ڏکي ٿو جگر، ڏکي ٿي دل
ڏکن کان واندو نه منهجو ڪوئي وار ڏسو.

 

الائي زندگي ڇا هي ۽ ڇا سندس مقصد
اسان جي سر تي ته آهي نسورو بار ڏسو.

 

محمد حسن ’ساز‘ (نو آباد)ڪراچي:

 

انهيءَ جو ڪجهه به نه آهيان، گهڻو ئي جنهن جو هئس
ڪٿان جي ڳالهه ڪٿي آئي آهي يار ڏسو.

 

جو دشمني ٿو ڪري، تنهن  کي دوست ٿو سمجهان
فريب هن جو ڏسو، منهنجو اعتبار ڏسو.

 

’آثم‘ ناٿن شاهي:

 

خزان نصيب ڪلين جي اداس چهرن مان
چمن جو رنگ ڏسو، موسمِ بهار ڏسو.

 

هي داغ چنڊ جي دل ۾ هي تڙپندڙ تارا
مان ڇو چوان ته رڳو منهنجو حال زار ڏسو.

 

’وفا‘ ناٿن شاهي:

 

حضور! حسن کي منظور فاهه رسوائي
هوس پرست نظر سان نه بار بار ڏسو.

 

جفاشڪار يقينا وفا اڳيان جهڪندا
اداس اداس محبت جو انتظار ڏسو.

 

’حقير‘:

 

اداس مور ڏسو عندليبِ زار ڏسو
نه ڪوئي اهلِ چمن آهه نغمه بار ڏسو.

 

لڇڻ گناهِ ڪڇڻ منهنجي لاءِ ڏوه ٿيو
هي منهنجو حال ڏسو، منهنجو اختيار ڏسو.

 

مولوي نور الدين ’نور‘:

 

زبان کي بند ڪٿي ٿو ڪري سگهي منصور
ڪري ٿو دار خوشيءَ سان اختيار ڏسو.

 

ڏسان ٿو باغ جي هر شاخ تي چٻون ويٺل
چمن جو رنگ ڏسو،  موسمِ بهار ڏسو.

 

نياز علي شاهه ’محسن‘ ڪڪڙائي:

 

زبان  بند، قلم سان به هڪ قلم لاڳو
خيال و فڪر جي دنيا جو ڪاروبار ڏسو.

 

غمِ حيات، غمِ دوستان، غمِ جانان
هي منهنجا محسن و همدم ۽ غمگسار ڏسو.

 

عبدالڪريم پلي:

 

جيئڻ به زهر برابر، خودڪشي به حرام
حيات ڪيئن نه بڻي آه سر تي بار ڏسو.

 

زمين ته وجہ تسلي نه ٿي سگهي يارو
ڪري ٿو ڪهڙي عطا ڍنڊ داغدار ڏسو.
(1)

 

ٻاويهين سنڌ ادبي ڪانفرنس

(لاڙڪاڻو)

 

ٻاويهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس، جمعيت الشعراءِ سنڌ جي نگراني ۽ ماسٽر ڪلب لاڙڪاڻي جي انتظام هيٺ لاڙڪاڻي ۾ تاريخ پنجين ۽ ڇهين نومبر 1966ع تي جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ ٿي.

 

ڪانفرنس جو افتتاح  رفيق مرزا ڪمشنر خيرپور ڊويزن ڪيو. مختلف نشستن جي صدارت سيد غلام مصطفيٰ شاهه (ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن) محمد رفيق (ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو) ڪئي.

 

ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽي جو چيئرمين محمد علي جوهر ۽ سيڪريٽري ماستر غلام دستگير هئا.

 

ڪانفرنس جو افتتاح تاريخ پنجين نومبر شام جو چئين بجي رفيق عنايت مرزا ڪيو، جنهن کانپوءِ محمد علي جوهر چيئرمين استقباليه ڪميٽيءَ پنهنجو خطبو پڙهيو.

 

ٻي نشست رات جو اٺين بجي کان يارهين بجي تائين هلي جنهن جي صدارت سيد غلام مصطفيٰ شاهه ڪئي. هيءَ نشست طرحي مشاعري جي هئي جنهن ۾ اٽڪل پنجاهه کن شاعرن پنهجو ڪلام ٻڌايو. (1)

مشاعري جي مصرع طرح هئي:

’خزان کٽي ته بهارن جو انتظام ٿئي‘

نشست  جي آخر ۾ شاهه صاحب پنهنجي تقرير ڪئي جنهن ۾ هن شاعرن کي قومي شعر وڌائڻ جي سلسلي ۾ هدايت ڪئي. (2)

ٽين نشست ساڳي رات يارهين بجي کانپوءِ ٿي. هيءَ اردو مشاعري جي نشست هئي، جنهن جي صدارت محمد رفيق مرزا ڪئي. جنهن کانپوءِ موسيقيءَ جو پروگرام ٿيو.

 

ڪانفرنس جي ٻئي ڏينهن ڇهين نومبر تي صبح جو جمعيت الشعراءِ سنڌ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سنڌي ادب جي مختلف مسئلن تي ويچار ڪيو ويو. جمعيت جي عهديدارن جي چونڊ ٿي ۽ ڪيترا ٺهراءَ منظور ڪيا ويا.

 

هن ڪانفرنس ۾ جن اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي تن مان ڪن جا نالا هي آهن. ڪيترن شاعرن مشاعري لاءِ پنهنجو ڪلام موڪليو.

 

سيد غلام مصطفيٰ شاهه، غلام محمد گرامي، فيض بخشاپوري، عبدالڪريم گدائي، استاد بخاري، نشتر ناٿن شاهي، مولوي نور الدين نور، عبدالفتاح عبد عاقلي، محمد علي جوهر، امير بخش قريشي، خادم سروري، اظهر گيلاني، صوفي دوست محمد ساجد سرشاري، امر پريمي، حسين بخش خادم، عبدالرحمان نسيم، رشيد ارشد، راز ناٿن شاهي، اثر مورائي، نظام الدين نظام، احمد خان مدهوش ۽ شمشيير الحيدري.

 

ذوالفقار (هفتيوار) گهوٽڪي ڪانفرنس جي مشاعري جي ڪارروائي رشيد لاشاري، جهامنداس صوفي عاشق حبيب الله حبيب، حق نواز خادم، غياث الدين شاهه راسخ، غلام سرور عاقلي، شوق شڪارپوري، پروفيسر محمد ميان سحر، جناب سرائي صاحب لاڙڪاڻو، افقر رتوديرو، مولوي محمد عظيم  شيدا، حافظ ضياءُ الحق اسلم، مهيسر محمود رفيقي عبدالواحد رند، هنگورو، علي عباس ڌاريجو، قاضي حيات مورو، مرشد گيلاني، لاله عبدالرشيد حيدري، محمد ڇتل فدا، مسرور ڪيفي جا غزل شايع ٿيل آهن. (1)

انتخاب مشاعره (2)

 

مولوي محمد عظيم ’شيدا‘:

 

کلين ٿو مون سان مگر اک اٿيئي غيرن ۾
ٻڌاءِ ننڊ ڀلا ڇو نه پو حرام ٿئي.

 

عبدالڪريم ’گدائي‘:

 

سمو ڪو اهڙو اچي، اهڙو اهتمام ٿئي
الاهي رسمِ محبت جهان ۾ عام ٿئي.

 

سرءُ ۾ يار بهارن جا گيت ڪيئن ڳايان
خزان کٽي ته بهارن جو انتظام ٿئي.

 

عبدالفتاح ’عبد‘ عاقلي:

ٿئي ٿو شهرِ خموشان جو باغ تي ڌوڪو
صبا ڪڏهن ته گلن ساڻ هم ڪلام ٿئي.

 

خرد ڪمند وڌا چنڊ تي، ستارن تي
جنون کي ڪير ٻڌائي ته تيز گام  ٿئي.

 

رشيد احمد لاشاري ’رشيد‘:

 

مقابلو ڪندي مرجي، ڪڏهن نه مڃجي شڪست
زمانو نرم رويءَ سان ڪٿي ٿو رام ٿئي.

 

اسين ته پاڻ زماني جا ڪارساز آهيون
رشيد پنهنجو ٿو ڪيئن وقت کي سلام ٿئي.

 

’نشتر‘ ناٿن شاهي:

 

چمن ۾ ٻوليو به جنهن منهن ۾ آ زبان رکي
اهو پکي وڃي اڳ ۾ نذر دام ٿئي.

 

اڃا آ شامِ محرم، پڇو نه صبحِ خوشي
خزان کٽي ته بهارن جو انتظام ٿئي.

 

جهامنداس صوفي ’عاشق‘:

نمازِ عشق ۾ پيرِ مغان امام ٿئي
صراحي سجدو ڪري، جام در قيام ٿئي.

 

نگاهِ شوق جو ڪوئي ته مڙهه مقام ٿئي
خزان کٽي ته بهارن جو اهتمام ٿئي.

 

مسرور ڪيفي:

 

نصيب جنهن کي ٿئي زلفِ يار جو سايو
انهيءَ تي آتشِ دوزخ نه ڇو حرام ٿئي.

 

گلن کي رنگ ملي، ۽ خوشي بهارن کي
وري ڪو يار جو گلشن ۾ اڄ خرام ٿئي.

 

حسين بخش ’خادم‘سروري:

 

چپن تي ماٺ جو محشر ۽ داغ سيني تي
هي سڀ اوهين ٿا ڪريو، ڪير هم ڪلام ٿئي.

 

اهو ٿو عشق کپي جنهن سان دل ٿئي روشن
خدا ڪري ته هتي عشق عام جام ٿئي.

 

اظهر شاهه گيلاني:

فريبِ دورِ خرابات گر تمام ٿئي
حياتِ نو جي حقيقت جو نقش عام ٿئي.

 

اسان چمن ۾ رهي آشيان جلايو آ
ڇو  برق باد جو بي واسطو ٿو  نام ٿئي.

 

نظام الدين گوپانگ ’نظام:

 

جڏهن جڏهن به ٿو آتش مٿان قيام ٿئي
تڏهن تڏهن ٿو بهارن جو اهتمام ٿئي.

 

ڪيا نه لختِ جگر رت جا قطرا جنهن جنهن پيش
ڪٿي اهڙي جي ڳوڙهن جو احترام ٿئي.

 

ٽيويهين سنڌ ادبي ڪانفرنس

(لاڙڪاڻو)

 

ٽيويهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس، تاريخ ٽين ۽ چوٿين ڊسمبر 1973ع تي جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ ٿي.

 

هن ڪانفرنس جي مختلف نشستن جي صدارت سيد غلام مصطفيٰ شاهه (وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي) ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڪئي، استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمين محمد علي جوهر هو.

 

ڪانفرنس جو افتتاح جناب ممتاز علي ڀٽي وزيراعليٰ سنڌ کي ڪرڻو هو مگر هو ڪن سرڪاري ڪمن سبب اچي نه سگهيو تنهن ڪري ٽين ڊسمبر شام جو پنجين بجي عبدالوحيد ڪٽپر هيلٿ منسٽر سنڌ جناب ذوالفقار علي ڀٽي جو پيغام پڙهڻ سان ڪانفرنس جو افتتاح ڪيو. جناب ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي پيغام ۾ چيو هو، ”سنڌي زبان هڪ شاهوڪار زبان آهي، ليڪن ان ۾ اهڙي ادب پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪو عام فهم ۽ حالتن جي نمائنده هئڻ سبب عام ماڻهن ۾ بيداريءَ جي لهر پيدا ڪري.“ (1)

 

ڀٽي صاحب جي پيغام کانپوءِ محمد علي جوهر پنهنجو خطبو پڙهيو. ان بعد  عبدالوحيد ڪٽپر افتتاحي تقرير ڪئي. جنهن ۾ هن چيو، حڪومت سنڌ، سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ صوبي اندر صوبائي ٻولي قرار ڏئي سنڌ صوبي يا سنڌين تي ڪو خاص احسان ڪو نه ڪيو آهي، بلڪ هڪ پراڻو قومي فرض ادا ڪيو آهي. (2) سيد غلام مصطفيٰ شاهه حاضرين کي خطاب ڪندي چيو، دنيا ۾ اها ئي زبان عزت ۽ نگاهه سان ڏٺي وڃي ٿي جنهن ۾ بين الاقوامي قدرن تي مشتمل صحتمند ادب پيدا ٿئي ٿو. (3)

 

ڪانفرنس جي پهرين نشست مشاعره جي هئي جا رات جو نوين بجي شروع ٿي جنهن جي صدارت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڪئي. مشاعره ۾ سڄيءَ سنڌ مان آيل هنن شاعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو. هي مشاعرو غير طرحي هو.

 

عبدالوحيد ڪٽپر، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، مخدوم خليق الزمان خليق، مخدوم امين فهيم، ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، غلام محمد گرامي، تنوير عباسي، نياز همايوني، رشيد ڀٽي، فيض بخشاپوري، حافظ محمد احسن چنا، امير بخش قريشي امير، اظهر شاهه گيلاني، آغا گل حسن گل، محمد علي جوهر، زيب عاقلي، عبدالله اثر، مولوي نور الدين نور، پروفيسر عطا محمد حامي، استاد بخاري، سرويچ سجاولي، قيوم طراز، دادن فقير، عنايت بلوچ، پرڀو ناشاد،، قادر بخش زيب ڀٽي، حسين بخش خادم، علي محمد خالدي، علي محمد مجروح، احمد خان آصف، غازي الدين نشتر ناٿن شاهي، محمد حسن ساز، قطب الدين تاب، منظور نقوي، حافظ ضياءُ الحق اسلم، لقمان حڪيم، محمد حسين آتش، نظام الدين نظام چانڊيو، صوفي جهامنداس عاشق، علي بخش جمالي، استاد هادي بخش جتوئي، سيد فيروز شاهه اظهر سيوهاڻي، محترم گل حسن گوپانگ شاد، عبدالواحد رند، قلندر بخش بدوي ۽ ساجد لعلپوري.

 

چوٿين ڊسمبر 1973ع جو نوين بجي جمعيت الشعراءِ سنڌ جي جنرل باڊيءَ جو اجلاس مخدوم محمد زمان جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن ۾ جمعيت جون ساليانه چونڊون ڪيون ويون ۽ سنڌي زبان کي درپيش مسئلن تي ويچار ڪيو ويو ۽ ڪيترائي اهم ٺهراءَ منظور ڪيا ويا.

 

رات جو جناب طالب الدين الموليٰ جي صدارت هيٺ محفل موسيقي تي جنهن ۾ سنڌ جي ناميارن فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.

 

ڪانفرنس جي موقعي تي سنڌي ڪتابن ۽ رسالن جي نمائش جو پڻ اهتمام ڪيو ويو هو جنهن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ سنڌي ادبي بورڊ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ سنڌ سرڪار جي اطلاعات کاتي حصو ورتو. نمائش جو افتتاح اوستي در محمد وزير تعليم سنڌ ڪيو ان نمائش کانسواءِ مصوري جي نمائش جو پڻ اهتمام ڪيو ويو هو. گل محمد کتري، قاضي خضر حيات، عظيم چانڊئي، منور ميمڻ، محم علي چني، رفيق احمد، اختر جانوري، فهيم اختر ۽ حفيظ الله جا شاهڪار جن ۾ سنڌ جي زندگيءَ جا عڪس  نمائش لاءِ رکيا ويا هئا. هن نمائش جو افتتاح جناب چاڪر علي جوڻيجو ڪيو.

 

انتخاب مشاعره

 

مخدوم محمد زمان ’طالب‘ الموليٰ‘:

محتسب مستي نه ڪر، اڄ مان به پي موٽيو آهيان
هن مثل دنيا اندر، مس جس ته جي موٽيو آهيان.

 

اڄ فرشتن تي به منهنجي اک ٻڏي ئي ڪا نه ٿي
ميڪدي ڏي آسمانن تان لهي موٽيو آهيان.

 

ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘:

 

هاڻ شوقِ بزم آرائي ڪٿي
هاڻ ذوقِ باده پيمائي ڪٿي.

 

دم بخود آهيان ڏسي دنيا جو رنگ
اي ’خليل‘ اڄ تاب گويائي ڪٿي.

 

’نياز‘ همايوني:

 

اوهان وٽ بي حسيءَ ۽ بي وفائيءَ جي ڪمي ناهي
اسان ته به عشق جي راهن تي اوسيڙا اڀاريون ٿا.

 

اسان جي زندگيءَ ۾ غم ئي غم آهن، خدا ڄاڻي
وساريون ٿا جي غم پنهنجا، توهان جا غم سنڀاريون ٿا.

 

’فيض‘ بخشاپوري:

 

هر خار، خون ابله پا کان آ لاله رنگ
ويرانئهِ جنون کي گلستان ڪري ڇڏيم.

 

احسانِ نا خدا کان بچايو مون کي خدا
ڪشتي کي خود حوالئهِ طوفان ڪري ڇڏيم.

 

مخدوم امين ’فهيم‘:

 

منهنجون راهون پيو هو ڏسي اڄڪلهه
حسن ۽ انتظار ڇا چئجي.

 

دل جي ويراني ۾ به تون آهين
توکي جانِ بهار ڇا چئجي

 

عبدالله ’اثر‘:

 

ذهنن جي سر زمين۾ آيو انقلاب
انسان جا فلڪ تي ٿا ڏسجن سفر نوان.

 

سا بندگي کپي، جا ٿئي باعثِ نجات
سجدن جي لاءِ پاڻ کي گهرجن ٿا سر نوان.

 

عطا محمد ’حامي‘:

 

دل جي حال کي ڪوشش سان اي يار ڇپائڻ مشڪل آ
عشق ۾ مشق جي خوشبوءِ کي پابند بڻائڻ مشڪل آ.

 

سوز فراق جو سيني اندر جان جگر کي جلائي ٿو
ٿڌڙي ٿڌڙي آه ڀري، هي باه وسائڻ مشڪل آ.

 

علي محمد ’مجروح‘

 

هر لفظ تنهنجي سونهن منهنجو ساه گهري ٿو
شعرن ۾ اهو رنگ ڀرڻ راند ته ڪانهي.

 

مجروح سان ملندين ته هي محسوس ڪندين تون
انسان جو ٿي شمع ٻرڻ راند ته ڪانهي.

 

محمد حسن ’ساز‘:

 

هو رسي ٿو وڃي جڏهن مون کان
زندگيءَ کان رسي وڃان ٿو مان.

 

قلب اهڙو خدا ڏنو
درد ڪنهن جو لڇي وڃان ٿو مان.
 

پرڀو ’نوشاد‘ (نفيس احمد شيخ):

 

هن جي رخسارن ۽ زلفن درميان
روز شب جا سمورا فاصلا.

 

دل جي واديءَ ۾ اڃا  محوِ سفر
ڪيئي فرمانن  جا آهن  قافلا.
 

(پورو ٿيو)


(1)  الحقيقت هفتيوار لاڙڪاڻو مارچ 1957ع، ص 3.

(1)  نواءِ سنڌ روزانه ڪراچي تاريخ 12 مارچ 1957ع، ص 2 ۽ 5 .

(1)  هي نالا الحقيقت 11 مارچ 1957ع ۽ سترهين ادبي ڪانفرنس جي ڪارروائي (قلمي) ملڪيت پروفيسر عطا محمد تان ورتا ويا آهن.

(1)  سترهين سنڌي ادبي ڪانفرنس جي ڪارروائي (قلمي) ملڪيت پروفيسر عطا محمد حامي خيرپور.

(2)  ضيا پنهنجو غزل ڀارت مان موڪليو هو.

(1) محمد علي جوهر- ’جمعيت الشعراءِ سنڌ‘- سنڌي ادبي بورڊ  سال 1973ع، ص 36.

(1)  مهراڻ ٽماهي-  نمبر پهريون سال 1959ع، ص 36.

(3)  محمد حسن ساز ’قلمي بياض‘ ملڪيت محمد حسن ساز

(1)  (1) ’قلمي بياض‘ شعبان بخت ڪراچي.

(2)  قلمي بياض- اوستو غلام حسين جيڪب آباد.

 (3) نظام الدين نظام ’بياض‘ قلمي ملڪيت نظام الدين ميرو خان لاڙڪاڻو.

(4)  ’بياض جوش‘ قلمي ملڪيت الطاف حسين قادري لاڙڪاڻو.

(1)  مهراڻ (ٽماهي) شاعر نمبر پرچو 1-2-3-1969ع ص 510.

(2) عبدالفتاح عاقلي- بياض عبد قلمي ملڪيت زيب عاقلي لاڙڪاڻو

(1)  مهراڻ (ٽماهي)  حيدرآباد نمبر 3-4- سال 1960ع، ص 346.

(1)  مهراڻ روزانه 22 ڊسمبر 1962ع، ص 4.

(2)  مهراڻ (ٽماهي) نمبر 4 سال 1962ع، ص 158.

(1)  نظام الدين گوپانگ ’بياض‘ قلمي ملڪيت نظام الدين ميرو خان لاڙڪاڻو.

(2)  حافظ محمد احسن’ بياض احسن‘ قلمي ملڪيت حافظ احسن دادو.

(3)  محسن ڪڪڙائي ’بياض‘ قلمي ملڪيت محسن ڪڪڙائي ڪڪڙ.

(1)  عبرت (روزانه) حيدرآباد تاريخ 13 مئي 1964ع ، ص 4.

(1)  ذوالفقار (هفتيوار) گهوٽڪي تاريخ مئي 1964ع، ص 2کان 4.

(1)  عبدالڪريم پلي، مهراڻ (ٽماهي) نمبر 1-2 سال 1965ع، ص 97.

(1)  شيخ عبدالحليم- ’ادبي خبر نامو‘- نئين زندگي جنوري 1957ع، ص 55.

(2)  مهراڻ (ٽماهي) نمبر 3-4 1966ع، ص 194.

(1)  ذوالفقار هفتيوار گهوٽڪي تاريخ 20 نومبر 1966ع، ص 3-6.

(2)  ذوالفقار هفتيوار گهوٽڪي تاريخ 20 نومبر 1966ع، ص 3-6.

(1)  گلدسته لاڙڪاڻو (ميهڙ) سنڌي ادبي بورڊ پريس حيدرآباد جولاءِ 1974ع.

(2)  عبدالوحيد ڪٽپر- گلدسته لاڙڪاڻو- سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد جولاءِ 1974ع، ص 24.

(3)  غلام مصطفيٰ  سيد- لاڙڪاڻو- سنڌي ادبي بورڊ پريس حيدرآباد جولاءِ 1974ع، ص 27.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org