سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :27

  

 

عبدالحسين ’سانگي‘

 

مون کي لاچار ڪيو ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو
ايڏو آزرا ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.

 

اهڙو جادو نه ٻڌو ۽ نه ڏٺو ڪنهن آهي
زلف کي مار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.

 

ڪين ماپان ٿو آءُ ڪپڙن ۾ مون سان
پرت مان پيار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.

 

دل گرفتار ڪرڻ لاءِ اسان جي آهي
سانگي سينگار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.

 

غلام محمد شاهه ’گدا‘:

 

مون سان اقرار ڪيو ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو
لطف بسيار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.

 

چشم مخمور جي غمزه سان ڪري چڪناچور
مون کي سرشار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.

 

عشق مشڪل هو مگر مون تي ڪري پنهنجو ڪرم
سهل دشوار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.

 

عشقبازن ۾ گدا شاهه ڪيائين مون کي
منهنجو مقدار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.

 

مرزا قليچ بيگ:

 

مون کي ميخوار ڪيو ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو
مست سرشار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.

 

ناز انداز سان من موهي، ڌتاري دل کي
عاشق  راز ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.

 

دل جلين دردوندن بره جي بيمارن جو
مون کي مهندار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.

 

طبع منهنجي کي  ته سانگيءَ سندي سنگت ۾ قليچ
تيز رفتار ڪيو، ڪنهن ڪيو؟ دلدار ڪيو.

 

بزم نشاط ٺٽو

هيءَ بزم سيد مرتضيٰ شاهه ’مرتضائي‘ جي هڪ ڪوشش سان ٺٽي ۾ قائم ڪئي وئي هئي. هن بزم ۾ مقامي شاعرن جهڙوڪ  مرتضيٰ شاهه مرتضائي، امام بخش شاهه فدا، شاڪر ٺٽوي، قاضي عبدالمجيد مجيدي، محمد صابر پٽ ڪمي ميان غلام دستگير عقيلي ’پياسي‘، خليفو محمد قاسم صنم، پير گندرو نقيب، خليفو غلام ’ظريف‘، آخوند محمد عمر عشاقي، ۽ ٻيا شريڪ ٿيندا هئا انهن کانسواءِ ٻاهريان شاعر جهڙوڪ غلام محمد شاهه ’گدا‘، عبدالحسين سانگي، به بزم جي شاعرن ۾ دلچسپي وٺندا هئا.

 

علي محمد خالدي بزم نشاط جي هڪ مشاعري جو بيان لکندي ٻڌائي ٿو ته ’ان مشاعري ۾ حافظ شيرازي جي جڳ مشهور ’غزل اگر آن ترڪ شيرازي به دست آرد مارا، تي تضمين ڪري مشاعري ۾ غزل پڙهيا ويا. مشاعره ۾ حافظ حامد، ماتم حيدرآبادي، مرتضائي، سانگي ۽ گدا شاهه جي غزلن خاص طور تي داد حاصل ڪيو.(1)

 

بزم نشاط جو هڪ ٻيو مشاعرو عيدالضحيٰ جي رات آخوند محمد عمر عشاقي جي اوطاق تي ٿيو هو جنهن ۾ محمد عمر صابر، عبدالمجيد مجيدي ۽ محمد ’شاڪر‘ شريڪ ٿيا هئا.

 

هن بزم جو ذڪر محمد شاڪر ٺٽوي پنهنجي هڪ غزل ۾ هيئن ٿو ڪري ۽ مرتضائي کي انجمن جي وڌيڪ رونق افزا ٿيڻ جي دعا ڪري ٿو.

 

اي اقليم تهته تو کي واه وڌايون هجن
تو ۾ قائمِ هوءِ دائم شاعراني انجمن .

 

چون گلستان نشاطي بزم تو زيبا عجيب
جمله شعرا چون همه بلبل در آن شيرين سخن.
مرتضائي رونق افزا هو چراغ بزم تو
شاد اهل سنده هو چو نو بهاران چمن.
(1)

 

بزم مشاعره لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻي شهر ۾ قادري فقيرن جو خاندان ميرن جي زماني کان درويشي، علم ادب ۽ شاعري جو مرڪز رهيو آهي. هن خاندان جي ٻن فردن ميان علي محمد قادري ۽ ميان غلام سرور ’فقير‘ لاڙڪاڻي ۾ بزم مشاعره جي اهڙي شمع  روشن ڪئي جنهن کان روشني وٺي سنڌ جي ڪيترن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ٻيون بزم مشاعره جون شمعون روشن ٿيون.

بزم مشاعره لاڙڪاڻو کان اول سنڌ ۾ يا ته اخبارن ۾ مشاعره ٿيندا هئا يا مير عبدالحسين سانگيءَ وٽ ڪڏهن ڪڏهن ڪي شاعر ڪٺا ٿي ساڳئي طرح تي غزل چوندا هئا. مگر لاڙڪاڻي ۾ جڏهن مشاعرو شروع ٿيو ته اهو عوامي مشاعرو ٿي پيو جنهن جا دروازا هر  ڪنهن جي لاءِ کليل هئا جنهن ۾ هر ڪو شاعر ۽ سامعين وڏي خوشيءَ سان شريڪ ٿي سگهندو هو. سانگي هميشه پاڻ وٽ شعر و سخن جي مجلس ڪندو هو شاعرن کي گڏ ڪري کانئن هر طرح غزل پڙهائيندو هو. انهيءَ مجلس کي شعر بازي چئبو آهي. مشاعري جي نالي مان اڃا ڪو واقف نه هو. لاڙڪاڻو سنڌ ۾ پهريون شهر آهي جتي انهيءَ طرحي شعر بازي جي ميڙ يا محفل کي، هندستاني طرز تي ’مشاعرو‘ سڏيو ويو ۽ پهريون ڀيريو مشاعري جا گهڻو ڪري سڀ آداب انهن مشاعرن ۾ استعمال ڪيا ويا. (2)

 

شمس الدين بلبل 1915ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ هفتيوار اخبار خير خواهه جو ايڊيٽر هو. هن جو ميان علي محمد قادري ۽ ميان غلام سرور ’فقير‘ سان گهرو دوستاڻو رستو هو. ميان علي محمد قادري جي اوطاق تي هو ۽ ٻيا ڪيترا سخن فهم ۽ سخن سنج جڏهن به گڏجي ويهندا هئا ته محفل مشاعره ٿي ويندي هئي. بلبل قادرين جي ڪچهرين جي رونق ڏسي کين بزم مشاعره قائم ڪرڻ جو مشورو ڏنو. رئيس بلبل جي صلاح ۾ ٻين بزرگن جي همٿائڻ سان لاڙڪاڻي ۾ 1915ع جي بهار وارن ڏينهن ۾ بزم مشاعري جو بنيادي وڌو ويو. (1) هن بزم مشاعره جا باني علي محمد قادري، ميان غلام سرور ’فقير‘ ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي، نواز علي نياز، امير الدين ’همدم‘ ۽ حاجي محمود ’خادم‘ هئا.

 

 هن بزم مشاعره جو صدر  ميان علي محمد قادري ۽ سيڪريٽري حاجي محمود خاد،م هو. مشاعره ميان علي محمد قادري جي اوطاق تي مهيني ۾ به ڀيرا ٿيندو هو. هن بزم جي سرگرم ڪارڪنن جو ذڪر هڪ اردو شاعر سلطان علي ’علي هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:

هي شهر لاڙڪانه مين بزم مشاعره
 شاعر نياز قادري خادم فقير هين.

 

اس بزم کي  عناصر اربع يه چار هين
 اسکه جو دام زلف مين هردم اسير هين.

 

اشعرا بزم ڊاليگي سندهي ادب مين جان
ادب فتاده که لئه يه دستگير هين.

 

جو کام چند ماه مين بزم نه کئه
سچ پو چئي تو آپ وه اپني نظير هين
(2)

 

هر مشاعري لاءِ سنڌي ۽ اردو ۾ طرح ڏني  ويندي هئي. مصرع طرح جو اعلان  مشاعري ۽ اخبارن ۾ ڪيو ويندو هو ۽ ڪيترن شاعرن ڏانهن ڪارڊ رستي اطلاع پڻ موڪليو ويندو هو. مشاعري  ۾ نه صرف لاڙڪاڻي جا شاعر شريڪ ٿيندا هئا پر وقت به وقت سنڌ جي مختلف هنڌن تان شاعر پنهنجو ڪلام ٻڌائڻ ۽  داد حاصل ڪرڻ لاءِ اچي ڪٺا ٿيندا هئا. سنڌ جو ڪو اهڙو شاعر نه هوندو  جيڪو هن بزم جي مشاعرن ۾ شريڪ نه ٿيو هوندو. مشاعري جي صدارت عموما ميان علي محمد قادري ئي ڪندو هو. مشاعري شروع ٿيڻ سان پهريان سيڪريٽري حاجي محمود خادم ٻاهران آيل  شعر پڙهي ٻڌائيندو هو ان کانپوءِ حاضر مجلس شاعرن کي موقعو  ملندو هو. مشاعري ۾ ڪنهن شعر کان عروضي، فني يا لغت جي سهو ٿي ته يڪدم گرفت ٿيندي هئي حاجي محمود اها ڳالهه هيئن بيان ڪئي آهي.

 

اسان جو لاڙڪاڻو آهه ڄڻ آهه هڪ سنڌ جي محفل
اسان جي بزم آهي سنڌ ۾ ڄڻ شمع محفل جي.

 

پريزيڊنٽ وزنن سان کنيو ويٺو ترازو آهه
سندس بحر فصاحت کي نه صوررت آه ساحل جي.
(1)

 

جڏهن حامد علي لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر مقرر  ٿيو ته هن بزم مشاعري جي همت افزائي ڪئي ۽ بزم مشاعره ڏاڍو زور ورتو (2) ۽ ان کي ايتري اهميت حاصل ٿي جو 1919ع جي ڊسمبر مهيني ۾ ڏهين آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس خيرپورميرس ۾ منعقد ٿي ته ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بزم مشاعره لاڙڪاڻو کي ڊيليگيٽ موڪلڻ لاءِ دعوت ڏني وئي.  ميان علي محمد قادري ميان غلام سرور ’فقير‘ ۽ حاجي محمود ’خادم‘بزم مشاعره لاڙڪاڻو طرفان نمائنده ٿي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا. ساڳي طرح 1925ع ۾ جڏهن آل سنڌ محمدن ايڊيوڪيشن ڪانفرنس حيدرآباد ۾ منعقد ٿي ته ان ۾ لاڙڪاڻي جي بزم مشاعره جي بانين کي ڪل سنڌ مشاعره (ادبي ڪانفرنس) منعقد ڪرڻ جي اجازت ملي.)

بزم  مشاعره لاڙڪاڻي جي وڌيڪ ترقي ۽ مقبوليت ان وقت ٿي جڏهن 1932ع ۾ ميان غلام سرور ’فقير‘ هفتيوار ’الحقيقت‘ جاري ڪئي. هاڻي بزم مشاعره لاڙڪاڻو کي مشتهر ڪرڻ جو پنهنجو ذريعو پيدا ٿي پيو. مشاعرن ۾ پيش ٿيل غزلن جي انتخاب ۽ ڪلام تي تنقيد ۽ تبصرو باقاعدگي سان الحقيقت ۾ شايع ٿيڻ لڳو. جنهن ڪري الحقيقت اخبار بزم مشاعره لاڙڪاڻي کي سنڌ جي گهر گهر تائين پهچائي ڇڏيو. شعر و شاعري سان دلچسپي رکندڙ صاحب گهر ويٺي بزم مشاعره لاڙڪاڻي جو مزو ماڻڻ لڳا. شاعرن جي وڌيڪ دلچسپي ڏسي بزم جي صدر ميان علي محمد قادري ڊسمبر 1925ع ۾ گلدسته سنڌ نالي ماهوار رسالو جاري ڪيو جنهن ۾ بزم مشاعره جي انتخاب کانسواءِ غير طرحي غزل، شعر و شاعري خاص طرح عروض جي اصولن بابت مضمون شايع  ڪيا ويندا هئا. هي سنڌ ۾ شاعري بابت پهريون رسالو هو.

 

1940ع ۾ بزم مشاعره لاڙڪاڻي  جي سيڪريٽري ۽ روح روان محمود خادم ’اديب سنڌ‘نالي ماهوار  رسالو شروع ڪيو جنهن بزم مشاعره لاڙڪاڻي جو نمائندو ٿي ڪيترن سالن تائين غزل کي وڌائڻ لاءِ ڪم ڪيو.

 

بزم مشاعره لاڙڪاڻو جي مقبوليت جو اهو اثر نڪتو جو سڄيءَ سنڌ ۾ بزم مشاعره قائم ٿيڻ لڳا، جن بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي پيروي ڪندي طرحي مشاعرا شروع ڪيا اهڙي طرح سنڌي غزل شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ پهچي ويو.

شعر و شاعري جي معاملي  ۾ ڪجهه وقت تائين لاڙڪاڻي ساري سنڌ جي اڳواڻي ڪئي. (1)  جنهن ڪري بزم مشاعره لاڙڪاڻو جي خدمتن کي وقت به وقت شاعرن ساراهيو آهي. پهرين ڪانفرنس 1921ع جي موقعي تي عبدلقادر ’بيدل‘ چوي ٿو:

 

سخن داني، سخن سنجي، لڏي وئي سنڌ مان ليڪن
ٻڌان ٿو لاڙڪاڻي ۾ ته البت شعر خواني آ.
(2)

 

ساڳي موقعي تي محمد بخش واصف چوي ٿو:

 

کڻي نقد غزل تون ڀي خريد داد لئي هل دل
کليو منجهه لاڙڪاڻي اڄ دڪان شعر خواني آ.
(3)

 

بزم مشاعره لاڙڪاڻي جو  اوج 28 سال گذرڻ کانپوءِ به ساڳيو قائم هو. ڏهين ادبي ڪانفرنس 1949ع جي موقعي تي قادر بخش ’بشير‘ لاڙڪاڻي وارن جي هنن لفظن ۾ مدح سرائي ٿو ڪري:

 

ڀلي آيا ڀلي آيا ڀلارا لاڙڪاڻي ۾
ادب ۽ علم جا ٿيندا ته چرچا لاڙڪاڻي ۾.

 

مبارڪ مان ڏيان دل جان سان ٿو لاڙڪاڻي کي
گهرايا جنهن گهڻا ادبا ۽ شعرا لاڙڪاڻي ۾.

 

ٿين ٿا سر زمين سنڌ ۾ اڪثر گهڻا جلسا
مگر جلسا ٿين ٿا هت نرالا لاڙڪاڻي ۾.

 

اديب سنڌ جي مجلس چڱو ئي ڪم ڪيو آهي
ٿيا نظم و نثر جا ڳچ  سڌارا  لاڙڪاڻي ۾ .
(1)

 

بزم مشاعره لاڙڪاڻي جي بانين مان ميان غلام سرور ’فقير‘ 1932ع ۾ ۽ ميان علي محمد ’قادري‘ 1940ع ۾ وفات ڪئي. جنهن ڪري بزم مشاعره جي جوت ڪجهه جهڪي ٿي وئي پر حاجي محمود ’خادم‘ جنهن جو بزم سان نيهن هو، تنهن بزم مشاعره جي شمع کي گل ٿيڻ نه ڏنو، تان جو 1960ع ۾ سندس زندگي جي شمع به گل ٿي وئي.

 

هن بزم مشاعره  1915ع کان 1960 تائين پنهنجي زندگيءَ جي پنجيتاليهن سالن ۾ ڪيترا ٻيا بزم مشاعره پيدا ڪيا. عروضي شاعري جي واڌاري لاءِ وڏو ڪم ڪيو. سنڌي غزل کي سنڌ ۾ وڌيڪ مقبول ڪيو ۽ سوين نه بلڪه هزارين غزل گو شاعر پيدا ڪيا. هن بزم جي ڪري لاڙڪاڻو ”بلبلن جو آکيرو“ جي نالي سان مشهور ٿي ويو.

بزم مشاعره لاڙڪاڻو جي هڪڙي مشاعري جو اختصار پيش ڪجي ٿو، جيڪو عبدالرزاق ’رفعت‘ پرنسپال مدرسہ ناز هاءِ اسڪول خيرپور جي صدارت هيٺ 26 جون  1932ع تي رات جو نائين بجي ميان علي محمد قادري جي اوطاق تي ٿيو هو. مصرع طرح هئي:

 

”نگاهِ قيس کي پرواهه ڇا ليليٰ جي محمل جي“

اختصار مشاعره (2)

 

ميان علي محمد ’قادري‘.

 

الائي دل وئي ڪاڏي نه آهي ڪا خبر دل جي
جا آهي سيني ۾ دل سا ته آهي آب ۽ گل جي.

 

نه دل آهي نڪي دلبر، خبر مان ڇا ڏيان دل جي
جهين وٽ آهي دل منهنجي پڇو ان کان خبر دل جي.

 

عبدالرزاق ’رفعت‘:

 

تمنا ٿو رکي مجنون سدا ليليٰ جي محفل جي
نگاه قيس کي پرواه ڇا ليليٰ جي محمل جي.

 

سڏائي ڇو هتي هر بوالهوس عاشق و شيدا
ڪري تقليد نا هر گز سگهي استاد ڪامل جي.

 

ميان غلام سرور ’فقير‘:

 

بنائي قيس جي دل جاءِ مسڪين ليليٰ آهي پو
نگاهِ قيس کي پرواهه ڇا ليليٰ جي محمل جي.

 

تڪبر حسن ڪامل تي نه ڪر اي نازنين سهڻا
تنزل ۾ رهي صورت سدائين ماهه ڪامل جي.

 

نواز علي جعفري ’نياز‘:


حقيقت ڇا ٻڌايان تو کي پنهنجي دلربا دل جي
اٿس حالت اها ساڳي جا آهي نيم بسمل جي.

 

’نياز‘ آخر ٻڌي منهنجو غزل سهڻي چيو وه واه
تمنا بزم شعر  ۾ ٿي پوري اڄ ائين دل جي.

 

محمد بخش ’واصف‘:

 

خيالِ زلف ۾ بگڙي وئي حالت وري دل جي
نظر ۾ ٿي ڦري هر وقت اڄ صورت سلاسل جي.

 

هميشہ تر اکيون آهن، سدا خشڪي لبن تي آ
رهي قسمت ازل کان اهڙي منهنجي آب ۽ گل جي.

 

حاجي محمود ’خادم‘:

 

تمنا آخرين هيءَ آهه يارو نيم بسمل جي
رهي شل پاڪ دامن خون کان اڄ منهنجي قاتل جي.

 

اکين جي ماڻڪي بڻجي، رهي ليليٰ ٿي مجنون ۾
نگاهِ قيس کي پرواه ڇا ليليٰ جي محفل جي.

 

حڪيم لعلچند’ مجروح‘:

 

پيار ج جام اڄ ساقي، هميشہ آ صدا دل جي
رکي قائم سدا رونق خدا تنهنجي ته محفل جي.

 

نه وڃ ٺوڪر هڻي گور غريبان کي تون اي ظالم
نه آ معلوم تو کي قبر آ مجروح بسمل جي.

 

مير غلام عباس ’جوش‘ قادري:

ڏسي ديدار دلبر جو ٿو دائم خانئه دل ۾
نگاهِ قيس کي پرواهه ڇا ليليٰ جي محمل جي.

 

ڏسي هي بيڪسي ۽ بي بسي اي جوش قاتل جي
بوقت قتل مقتل ۾ ڏڪي وئي تيغ قاتل جي.

 

ممتاز علي ’ممتاز‘:

 

ڀنڀن ڀروهه جا ڀالا ڇو الاريا ٿا وڃن مون تي
ڪهڻ لئه منهنجي ڪافي آ ڪٽاري چشم قاتل جي.

 

ڪري پردو اچي ٿو قتل گهه ۾ هاءِ اڄ قاتل
وڃي رهجي نه شل ديدار جي حسرت ڪا بسمل جي.

 

حافظ عبدالله وڳڻ ’حافظ‘:

 

الائي عشق ڪهڙي حافظا آفات آهي جو
عشاقن کي ڇڏي ساڙي ٿي آتش قاتل جي.

 

واحد بخش ’عاشق‘:

 

خدادرا لهه  خبر جلدي پنهنجي گهورن جي گهائل جي
مڃڻ گهرجي مٺا سائين صدا ڪنهن وقت سائل جي.

 

جڏهن ليسن بندوقن ۽ ترارن تي پيل آهي
ڇڏي سرڪار ڇو آهي ايها تلوار قاتل جي.

 

رامچند ’رام‘:

 

جگرسوزيءَ سبب سينو ٻري ٿو عشق آتش ۾
رهيس مان شمع روشن ٿي سدا سهڻن جي محفل جي.

 

ماستر حبيب الله ’آزاد‘:

 

سوا تنهنجي صنم سهڻا، ڇا حالت  ٿي آ بسمل جي
اچي ڏس قرب جا پيرا ڀري  تون جان بيدل جي.

 

نه ڪر آزاد تون ڳڻتي جا مشڪل  پيش تو آئي
ڪندو مشڪل ڪشا مشڪل ڪشائي تنهنجي مشڪل جي.

 

مولوي محمد عظيم ’شيدا‘:

 

چيم ارني مگر هن لن تراني  چئي، چيو نادان
 ڪليم الله کي طاقت نه ٿي ڪا منهن مقابل جي.

 

ڪرشمہ ناز تنهنجي تي حياتي ڀر ٿيس ”شيدا“
هينئر انصاف سان ڏس ڇا روش هي آهه عادل جي.

 

ميرعلي نواز  جا مشاعرا

خيرپور جي ميرن ۾ مير علي نواز ’ناز‘ هڪ وڏو  سخن فهم، سخن سنج ۽ شاعرن جو سرپرست هو. ڪيترا سنڌي ۽ اردو شاعر سندس فيض مان فيضاب ٿيندا هئا. کيس شعر و شاعري سان نهايت دلچسپي هوندي هئي ۽ وٽس ڪافي مشاعرا ٿيندا هئا. (1)

 

هن پنهنجي  فرزند مير فيض محمد جي ولي عهد بنائڻ واري موقعي تي پڻ هڪڙو مشاعرو منعقد ڪيو هو جنهن ۾ سنڌ جا ڪيترا شاعر اچي شريڪ ٿيا هئا ۽ قصيدا پڙهيا هئائون.

 

سنڌي ساهت سمليت (بزم مشاعره) شڪارپور

آغا صوفي جي ڪوشش سان  1920ع  ڌاري سنڌي ساهت سميلن جو بنياد پيو. هن ساهت سميلن هيٺ گيت جا پروگرام، ادبي ڪچهريون ۽ مشاعرا ٿيندا هئا. هن سميلن جي ڪوششن سان 1932 ۾ ٽين سنڌي ادبي ڪانفرنس شڪارپور ۾ ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت ڄيٺمل  پرسرام گلراجاڻي ڪئي ۽ استقباليه ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري آغا صوفي هو.

 

آغا صوفي جي ڪوشش سان بزم مشاعري وڏي ترقي ڪئي جنهن ۾ شڪارپور جي آس پاس جا ڪيترا نالي وارا شاعر اچي شريڪ ٿيندا هئا، لطف الله بدوي چوي ٿو، ”زندگيءَ جي شروع ۾ ادبي سرگرمين ۾ حصو وٺندو هوس، آغا صوفي شڪارپور ۾ ادبي سرگرمين ۾ هفت روزه مشاعره جو اهتمام ڪندو هو، اتي پنهنجو شعر پڙهندو هوس. (2)

 

جيئن ته لطف الله بدوي 1921ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج پڙهڻ حيدرآباد ويو هو، تنهن ڪري چئي سگهجي ٿو ته آغا صوفي 1920ع ڌاري بزم مشاعره قائم ڪيو هو.

 

جڏهن شڪارپور ۾ سي –ايس ڪاليج قائم ٿيو ته آغا صوفي اتي به مشاعره ڪرڻ لڳو. مرحوم، سي- ايس ڪاليج شڪارپور جي تربيت ۾ گهڻي ڪوشش ورتي ۽ ان جي برپا ٿيڻ کانپوءِ منجهس شعر و سخن جي دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ بزم مشاعره جو پايو وڌائين (1). سي- ايس ڪاليج شڪارپور جي هڪ مشاعري جي مصرح طرح هئي:

 

 

”سج چڙهي آيو مٿي اٿ ننڊ مان بيدار ٿي.“

بزم مشاعره شڪارپور جي هڪ مشاعره جو اختصار پيش آهي مصرح طرح: ”ڪوئي آشاد شاهيءَ ۾ ڪوئي شادان فقيريءَ ۾“

انتخاب (2)

آغا صوفي:

 

ڪوئي آ شاد شاهيءَ ۾ ڪوئي شادان فقيريءَ ۾
ڪوئي آ رنج غربت ڪوئي نالان اميريءَ ۾.

 

عاصي عبدالرؤف’عبد‘:

 

ڪوئي مسرور محنت ۾، ڪوئي رنجور راحت ۾
ڪوئي م شڪور نعمت ۾، ڪوئي حيران حقيري ۾.

 

حافظ واليڏنو سومرو:

خداوند جا خلق خلقي، هزارين ٿا ڪرن حيلا
ڪوئي پوشيده پريريءَ ۾، ڪوئي گريان اسيريءَ ۾.

 

حاجي يار محمد سومرو:

 

سڌاري ۾ سدا ڪوئي ته ڪو فرنو فسادن ۾
ڪوئي دنيا تي آدائم، ڪوئي شيطان شريريءَ ۾.


(1)  علي ممحمد خالدي- شاڪر ٺٽوي- (قلمي سنڌالاجي) مونو 1962ع. ص 55

(2) ساڳيو ص 7                            

(1)  علي محمد خالدي، شڪر ٺٽوي، (قلمي سنڌالاجي) مونو 1964ع ص 55

(2)  حسام الدين راشدي پير ’هو ڏوٿي هو ڏينهن ‘ سنڌي ادبي بورڊ 1977ع، ص 22.

(1)  محمد خادم حاجي- اديب سنڌ-  ماهه فيبروري مارچ 1953ع، اسان جون ناچيز خدمتون، ص  8.

(2)  علي محمد قادري ميان- گلدسته سنڌ- اپريل مئي 1926ع، ص 147.

(1)  ” ڪليات خادم “قلمي ملڪيت محمد علي قريشي لاڙڪاڻو.

(2)  عبدالمنان ”خطبئه صدارت“ تحفئه لاڙڪاڻه انصاف پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻو 1950ع، ص12

(1)  علي محمد راشدي-  اهي ڏينهن شينهن- جلد پهروين سنڌي ادبي بورڊ، ص 483

(2)  جمع خان غريب- اديب سنڌ- ماهه اپريل 1941ع لاڙڪاڻو ص 21

(3)  ساڳيو ص 17

(1)  تحفته لاڙڪاڻه – انصاف پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻو 1954ع، ص 141.

(2)  ”الحقيقت“ هفتيوار لاڙڪاڻو- تاريخ 2 جولاءِ 1932ع، ص 2- 3.

(1) پروفيسر عطا محمد حامي- ”خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو“ (قلمي)- سنڌالاجي، ص  234.

(2) انور هالائي- ”مرحوم لطف الله بدويءَ جو هڪ خط“- نئين زندگي فيبروري 1969ع- ص 27.

(1)  لطف الله جوڳي (بدوي) آغا صوفي- ”سنڌو“ نومبر 1938ع- ص 12.

(2)  غلام رسول سومرو ”عاصي  عبدالرؤف جي شاعري“ (قلمي)- سنڌالاجي- مونو  1964ع- ص 8.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org