سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :37

 

ٻارهين سنڌ ادبي ڪانفرنس

(دادو)

 

ٻارهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس، جمعيت الشعراءِ سنڌ جي نگراني ۽ انجمن آفتاب ادب دادو جي سهاري هيٺ تاريخ ڏهين ۽ يارهين نومبر 1951ع تي رئيس ضياءُ الدين، آخوند شفيع محمد ۽ قاضي علي احمد (وڪيل) جي ڪوششن سان دادوءَ ۾ ميونسپل پارڪ ۾ ڪوٺائي وئي. هن ڪانفرنس جي صدارت علامه آءِ – آءِ - قاضي کي ڪرڻي هئي مگر ڪن مجبورين سبب هو ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي نه سگهيو ۽ پنهنجو صدارتي خطبو ڏياري موڪليائين انهيءَ ڪري ڪانفرنس جي صدارت ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي ڪئي.

 

ڪانفرنس جي استقباليه ڪميٽيءَ جو صدر آخوند شفيع محمد ۽ سيڪريٽري حافظ محمد احسن هو. ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن ڊاڪٽر عبدالمجيد صديقي جي صدارت هيٺ جمعيت الشعراءِ سنڌ جون چونڊون ٿيون ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي سرڪردگيءَ هيٺ سنڌ ادبي سوسائٽي سنڌ جو اجلاس ٿيو.

 

ڪانفرنس جي پهرين نشست رات جو نائين بجي ڊاڪٽر دائود پوٽي جي صدارت هيٺ شروع ٿي. پهريان ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، جناب آءِ- آءِ- قاضي جي موڪليل تقرير پڙهي جنهن ۾ هن پنهنجي قديم ادب کي محفوظ ڪرڻ بابت خيالن جو اظهار ڪيو هو. جنهن کانپوءِ آخوند شفيع محمد مرحبائي خطبو پڙهيو جنهن ۾ هن سنڌ جي ادبي بزمن ۽ جمعيت الشعراءِ سنڌ جي ادبي ڪار گذارين تي روشني وڌي. آخر ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي پنهنجي صدارتي تقرير ڪئي.

 

يارهين تاريخ صبح جو سبجيڪٽ ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ٿي ۽ شام واري نشست ۾ مولوي عبدالڪريم چشتيءَ جي صدارت هيٺ مختلف ٺهراءَ پاس ڪيا ويا.

 

ڪانفرنس جي آخري نشست مشاعري جي هئي جنهن جي صدارت رئيس ضياءُ الدين ضيا ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ وڏي تعداد ۾ اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي پوئين ڏينهن جي پوئين نشست ۾ انهن جو شمار وڃي هڪ سو ويهه تي بيٺو. (1)

 

هن ڪانفرنس ۾ جن شاعرن شرڪت ڪئي يا پنهنجو شعر موڪليو هو تن مان ڪن جا نالا هي آهن:

 

شيخ عبدالحليم جوش، علي محمد مجروح، محمد حسن ساز، محمد جمن هالو، عقيلي سرشار، محمد حسين آتش، علي محمد اسير، حبيب الله فڪري، عبدالرحيم غمگين، امير بخش قريشي امير، قاضي ڇتن، ميان عبدالحق، محمد خان سارنگ، دوست محمد صوفي ساجد، عبدالله عاجز، محمد يوسف شاڪر، محمد حسين عادل، عبدالعزيز بيدل، عبدالرحمان ابڙو نسيم، قمر الدين قمر قريشي، محمد دائود  مسڪين، خانصاحب امير الدين همدم، اياز قادري، مولوي محمد شفيع هاتف، (ڪراچي) حاجي محمود خادم، هري درياني دلگير، عبدالفتاح عبد عاقلي، عبدالله اثر، مولوي نور الدين نور، مولوي محمد عظيم شيدا، حافظ ضياءُ الحق اسلم، مولوي حبيب الله حبيب، قربان علي نقشبندي، محمد ڇتل فدا، سردار گل محمد زيب، عبدالڪريم شاد، مولوي خير محمد فاتح، سنتو لعل درياني، نواز علي نياز جعفري، ماستر حضور بخش وفا، (نئون ديرو لاڙڪاڻو) پير علي محمد صديقي اظهر (دادو)، رئيس ضياءُ الدين ضيا، حافظ محمد احسن، جمع خان غريب، احمد خان آصف مصراڻي، احمد شاهه بخاري استاد، علي حيدر ملڪاڻي حيدر، دادن فقير (ميهڙ) شاهه محمد صوفي، امام الدين ضامن، ماستر محمد علي، محمد عابد ابڙو عابد، صاحبزاده مجتبيٰ  احمدملڪاڻي، فتح علي فتح، لونگ خان لائق ماستر، محمد هوت بلوچ مجروح، ماستر عبدالواحد محزون، نور احمد ميمڻ، محمد رمضان ثاقب (دادو) ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، محمد بخش واصف، منظور نقوي، سرور علي سرور، مظفر حسين جوش، رشيد احمد لاشاري، عبداللطيف راز بلڙائي حاجي پير محمد سائل هالائي، عبدالقيوم صائب، ڊاڪٽر عبدالفتاح عبد، (حيدرآباد) انور علي شاهه اظهر،  محمد عالم عباسي عالم، غلام علي سرور (سکر)، قادر بخش بشير، اوستو غلام حسين حسين، آغا گل حسن گل، (جيڪب آباد)، عطا محمد حامي، الهورايو مهر سليم، مولوي محمد صادق صادق (خيرپور)، ماستر محمد خان مجيدي، علي محمد خالدي، محمد خان بلوچ، (ميرپور ساڪرو)، (ٺٽو) ميوه خان بلوچ موج (سانگهڙ)، حاجي عبدالله واقف (نوابشاهه) حاجي سوڀو خان جمالي آسي (بلوچستان).

 

مشاعره لاءِ مصرع طره هئي:

’وطن سان گڏ سلامت شل رهي سنڌي زبان پنهنجي‘

انتخاب مشاعره (1)

 

ڊاڪٽر محمد ابراهيم ’خليل‘:

 

ٽڙيا جڏهن، ٿيا سڀ غنچه و گل نذر گلچين جي
اهو ڏسندي تماشو عمر گذري باغبان پنهنجي.

 

ڊڄڻ ڇا جو جهلي دامن جو چوڻو آهه سو چئبو
جهليندو هٿ کڻي، پر ڪين روڪيندو زبان پنهنجي.

 

هري درياني ’دلگير‘:

 

ٿو ڳايان آبشارن سان، ستارن ساڻ مشڪان ٿو
مون کان قدرت ٿي ڳارائي، ڏئي رنگين زبان پنهنجي.

 

ڪڏايون ٿا هٿن پنهنجن ۾ رانديڪو مقدر جو.
ڪريون ٿا پنهنجي ڪوششن ساڻ ئي قسمت عيان پنهنجي.

 

شيخ عبدالحليم ’جوش‘:

 

ترقي تي هجي، سر سبز ٿي، ويجهي وڌي هردم
زبان سان گڏ وطن پنهنجو وطن سان گڏ زبان پنهنجي.

 

نه ٿيندي برق سان، سيماب سان، دريا جي  لهرن سان
مثالِ زلف سان ٿيندي پريشاني بيان پنهنجي.

 

رشيد احمد لاشاري ’رشيد‘:

 

دماغ و دل جو خون ڏيئي ڪيم آباد صد گلشن
بهار آندم بيابان ۾ دشمن ٿي خزان پنهنجي.

 

ڪڏهن افشان ته ٿيندو حال پنهنجي غنچئهِ دل جو
صبا آهسته آهسته ٿئي ٿي رازدان پنهنجي.

 

محمد حسن ’ساز‘:

 

جيئڻ ڇا جو، مرڻ ڇا جو، قضا سان واسطو ڪهڙو
محبت زندگي آهي بنائي جاودان پنهنجي.

 

هينئر هِن شوخ جون نظرون ته مصروفِ ڪرم آهن
الائي ڇو اڃا آهي، طبيعت بدگمان پنهنجي.

 

سرور علي ’سرور‘:

 

چمن ۾ صورت- گل ۽ فلڪ تي صورتِ انجم
هزارين رنگ بدلي ٿي، حياتِ جاودان پنهنجي.

 

هي غنچن جو کلڻ، بلبل جو نغمو ۽ صداءِ دل
زماني جي زبان آهيم زبانِ داستان پنهنجي.

 

نواز علي جعفري ’نياز‘:

 

وطن ٿيو سنڌ پنهنجو ۽ مٺي سنڌي زبان پنهنجي.
نه ٻوليءَ ڪنهن به ٻئي کي مان سڏيندس پيار مان پنهنجي.

 

ايها حب وطن ناهي، زبان پنهنجي وڃي وسري
جي سنڌي آهين دل تي ياد رک طرزِ زبان پنهنجي.

 

سيد لطف علي شاهه ’منظور‘ نقوي:

وفا تي اچان سيني مان چيري دل ڪڍان پنهنجي
مگر تنهنجي نگاهن ۾ به ڪا وقعت ڏسان پنهنجي.

 

جفائن کي وفا سان، وفائن کي جفائن سان
محبت آزمائي هيئن، اسان پنهنجي توهان پنهنجي.

 

علي محمد ’مجروح‘:

 

نه آهي مطمئن گهر ۾، نه صحرا ۾، نه گلشن ۾
عجب مشڪل ۾ ئي ڏسجي دلِ بي خانمان پنهنجي.

 

عجب آهي دلِ محزون تمنا با وفائي جي
هو چشم پر غضب ٿيندي نه ڪڏهين رازدان پنهنجي.

 

قادر بخش ’بشير‘:

 

ڏني پينگهي ۾ جا لولي هئي مٺڙي امان پنهنجي
ڪنن کان ڪين ٿي وسري اها مٺڙي زبان پنهنجي.

 

مبادا ڪو مخالف ان جي ميٽڻ لاءِ مائل ٿئي
ڪندس قربان ٻوليءَ تان سدائين جان مان پنهنجي.

 

عطا محمد ’حامي‘:

سچل بيدل حمل روحل جي فڪرِ دور رس جا در
رکي ٿي پاڻ وٽ سانڍي سڀئي سنڌي زبان پنهنجي.

 

سڀئي سنڌي، سکون سنڌي، پڙهون سنڌي، لکون سنڌي
ته هر مشڪل ٿئي آسان خدا جي فضل سان پنهنجي.

 

اوستو غلام ”حسين ’حسين‘:

 

نه دل  ۾ ضبط جي طاقت نه پر شڪوه زبان پنهنجي
مترجم آهه حالِ راز جي آه و فغان پنهنجي.

 

مٿس قربان ڪندس سڀ ڪجهه، جي هو مون وٽ اچي يا رب
متاعِ دل، درِ ناياب چشم و نقدِ جان پنهنجي

 

نواب زاده گل محمد مگسي زيب:

 

لنگهي وئي مد سانوڻ جي، ڪڪر هٽيا مگر آهي
روئڻ ۾ وڌ ڪڪن کان هي چشمِ خون فشان پنهنجي

 

محمد عرس (عبدالقيوم) ’صائب‘:

 

نگاهن کان پري آهين مگر دل کان پري ناهين
خدا چاهيو ته گڏجاڻي به ٿيندي مهربان پنهنجي.

 

محمد جمن ’هالو‘:

 

ڪري بي چين عالم کي اهو پيدا اثر ڪريون.
ستارن کان وڃي پهچي پري آه و فغان پنهنجي.

 

علي محمد اسير:

 

اسان جو قافلو منزل تي پهچي ڀي ته ڪيئن پهچي
ڪري هر فرد ٿو پنهنجي ۽ مير ڪاروان پنهنجي.

 

مظفر حسين جوش:

 

مٽايو اي اسيرانِ چمن طرزِ  فغان پنهنجي
ڏسو بدلي چڪو آهي  روشن پڻ باغبان پنهنجي.

 

تيرهين سنڌ ادبي ڪانفرنس

(جيڪب آباد)

 

تيرهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس بزمِ ادب جيڪب آباد جي دعوت ۽ جمعيت الشعراءِ سنڌ جي نگرانيءِ هيٺ 30 نومبر 1952ع تي جيڪب آباد ۾ ٿي.

 

هن ڪانفرنس جي مرحبا ڪميٽيءَ جو چيئرمين اوستو غلام حسين ’حسين‘ ۽ جنرل سيڪريٽري قريشي محمد بخش ’جوش‘ هئا، جيڪي بزم ادب جيڪب آباد جا پريزيڊنٽ ۽ سيڪريٽري هئا.

 

هن ڪانفرنس کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڪئپٽن قاضي سچيڏني ڪليڪٽر جيڪب آباد جو مڪمل تعاون رهيو، جنهن ڪري ڪانفرنس شاندار نموني منعقد ڪئي وئي. ڪانفرنس کي ڪامياب بنائڻ لاءِ حاجي محمود خادم سيڪريٽري جمعيت الشعراءِ سنڌ به گهڻو ڪم ڪيو. هي ڪانفرنس 30 نومبر ۽ 1 ڊسمبر ٻه ڏينهن هلي.

 

30 نومبر صبح جو نائين بجي ڪانفرنس جو افتتاح ڊاڪٽر دائود پوٽي ڪيو (1). جنهن کانپوءِ حاجي محمود خادم جمعيت الشعراءِ سنڌ، جميعت جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي ۽ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل صدر جمعيت الشعراءِ سنڌ تقرير ڪئي. جنهن کانپوءِ جمعيت الشعراءِ سنڌ جا عهديدار چونڊيا ويا.

 

ڪانفرنس جي پهرين نشست شام جو ستين بجي ڪانفرنس لاءِ خاص تيار ڪيل پنڊال جنهن کي خوبصورت نموني سينگاريو ويو هو، ۾ شروع ٿي. شروع ۾ اوستي غلام حسين چيئرمين مرحبا ڪميٽيءَ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙ احبابن جو شڪريو ادا ڪيو.

 

 تنهن کانپوءِ جناب عثمان علي انصاريءَ کي ڪانفرنس جو صدر چونڊيو ويو، جنهن پنهنجي صدارتي تقرير ڪئي.

 

رات جو طرحي مشاعرو منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ڪئي.

 

1- ڊسمبر سومر ڏينهن ڪانفرنس جي ٻي نشست ٿي، جنهن ۾ مختلف ٺهراءَ پاس ڪيا ويا ۽ ڪجهه مقالا پڙهيا ويا.

 

ٽين نشست شام جو ٽين بجي شروع ٿي جنهن ۾ مقالا پڙهيا ويا، ٻنهي نشستن جي مقالن ۽ تقريرن جي فهرست هن ريت آهي:

 

1- آغا تاج محمد

2- رشيد احمد لاشاري

3- مولوي عبدالڪريم چشتي

4- ماستر ڪالو خان اياز

5- اوستو قطب الدين

6- سيد لطف علي شاهه منظور نقوي

7- ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل

8- محمد بخش واصف

9- مولائي شيدائي

10- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ

شاهه ناصح

سرائڪي ٻولي ۽ ان جا شاعر

تقرير

جيڪب آباد ضلعي جا شاعر

سنڌي ادب

ملڪ محمد جائسي ۽ شاهه

سانگيءَ جي شاعري

قديم  ۾ علم تاريخ جي ارتقا

سنڌ ۾ علم تاريخ جي ارتقا

هندي ۽ سنڌي شاعريءَ جو لاڳاپو

 

ڪانفرنس جي هن ڏينهن جي ٽين نشست رات جو اٺين بجي شروع ٿي، جنهن ۾ شروع ۾ ميلاد نبي جي نسبت سان نعتيہ مشاعرو ڪيو ويو، جنهن جي صدارت ڪئپٽن قاضي سچيڏني ڪئي. جنهن کانپوءِ رهيل طرحي مشاعرو ڪيو ويو. مصرع طرح هئي:

 

’فدائي قوم ٿي ۽ جذبئه ايثار پيدا ڪر‘

تيرهين ادبي ڪانفرنس جي يادگار قائم رکڻ لاءِ بزم ادب جيڪب آباد جي ميمبرن ”گلدستئه ادب“ نالي سان ڪتاب شايع ڪيو. جنهن ۾ ڪانفرنس جي سموري ڪارروائي شايع ڪئي وئي. جنهن ۾ سٺ شاعرن جا شعر شايع ٿيل آهن. جنهن مان پتو پوي ٿو ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان شاعرن جو وڏو تعداد ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو هو ۽ ٻين پنهنجو ڪلام ٽپال رستي ڏياري موڪليو هو.

 

”گلدستہ ادب“ ۾ ترتيب وار هنن شاعرن جا شعر شايع ٿيل آهن: آتش محمد حسين (ڪراچي)، عاصي حاجي صوڀو خان جمالي (اوستو محمد)، آصف  احمد خان مصراڻي، احسن حافظ محمد چنه، اديب مولوي محمد صبغت الله شڪارپور، اسير علي محمد نو آباد ڪراچي، اظهر پير علي محمد، سيد انور علي گيلاني گهوٽڪي، امير بخش قريشي ڪراچي، انور محمد شفيع هالا، بشير سومرو قادر بخش ٺل، پيرل پيرل فقير جيڪب آباد، امير علي شاهه معصومي جامي پراڻو سکر، محمد علي جوهر لاڙڪاڻو، چئن راءِ چئن شهدادڪوٽ، محمد رمضان ثاقب دادو، عطا محمد حامي خيرپور ميرس، حبيب الله ڀٽو، حبيب شڪارپور، محمد حسن صديقي، نوابشاهه، حسين غلام حسين اوستو جيڪب آباد ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل حيدرآباد، ميان عبدالڪريم خوشتر جيڪب آباد، ڀڳوانداس داس، قنبر علي خان، خدا دوست دوست ابن بشير ٺل، عبداللطيف راز بلڙي، رشيد احمد لاشاري رشيد حيدرآباد، رضوان هالا، روشن علي نسيم لاڙڪاڻو، گل محمد خان مگسي زيب شهدادڪوٽ، محمد خان سارنگ ڪراچي، الله بخش سرشار عقيلي ٺٽو، الهورايو مهر سليم خيرپور ميرس، خير محمد ٻرڙو سوز لاڙڪاڻو، بخاري غوث علي شاهه شان جيڪب آباد، محمد عرس (عبدالقيوم) صائب حيدرآباد، ضياءُ الدين ضيا جتوئي پير پاڳاره ڳوٺ، ضياءُ الدين ضيا ميهڙ، واحد بخش قريشي عاشق لاڙڪاڻو، عبدالفتاح عاقلي عبد لاڙڪاڻو، علي احمد قاضي علي، ڪراچي، عبدالرحيم غمگين ڪراچي، محمد خان غني حيدرآباد، محمد ڇتل فدا شهدادڪوٽ، حبيب الله فڪري ڪراچي، عبدالحق قاضي ڪراچي، سيد غلام حيدر شاهه ڪوثري ٺٽو، آغا گل حسن گل سلطان ڪوٽ، سيد مٺل شاهه مٺل رانجهاپور، عزيز الله مجروح ڳڙهي ياسين، امام بخش مخمور جيڪب آباد، پير بخش منظور  هميون، زوار ميوه خان موج لغاري جهول، عبدالرحمان نسيم ڪراچي، مولوي نور الدين نور لاڙڪاڻو، نواز علي جعفري نياز لاڙڪاڻو، حاجي عبدالله واقف ٺارو شاهه، محمد جمن هالو ڪراچي.

 

سٺ شاعرن مان ٻائيتاليهن شاعرن جا غزل آهن ۽ باقي ارڙهن شاعرن مسدس، مخمس وغيره ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، جيتوڻيڪ مصرع طرح قومي هئي پر گهڻن شاعرن جي غزلن ۾ عشقي رنگ غالب آهي.

 

انتخاب مشاعره (1)

 

قادر بخش’بشير‘:

 

ڏنو دوزخ جي داروغي فرشتي کي اهو دڙڪو
جهنم لاءِ جلدي قوم جو غدار پيدا ڪر.

 

غريبن واسطي هتڙي نه خالي جاءِ ڪا آهي
هي دوزخ آ وڏو موذي وڏو بدڪار پيدا ڪر.

 

عطا محمد ’حامي‘:

ملي مطلوب ويندو ۽ سڀئي مطلب جڙي پوندا
طلب ۾ پختگي اي طالبِ ديدار پيدا ڪر.

 

سهڻ کان سخت غم هوندو ته ايندو ئي نه پڪ آهي
غمن جي وهم جو دل تي نه هرگز بار پيدا ڪر.

 

اوستو غلام حسين ’حسين‘:

 

ٿي غفار جنهن کان خوش سا گڏ ڪر دولتِ  عصيان
تون آخر ڪجهه ته نذرِ رحمتِ غفار پيدا ڪر.

 

رشيد احمد لاشاري ’رشيد‘:

 

چمن آهي چمن، صحرا ۾ برگ و بار پيدا ڪر
خزان جي دور ۾ ڀي رنگتِ گلزار پيدا ڪر.

 

زبان سان ڪجهه نه چئو، محفوظ ڪر دل کي نگاهن سان
خوشي ۾ ئي تون هڪ لذتِ گفتار پيدا ڪر.

 

الله بخش عقيلي:

 

نه فرقتِ ۾ تمناءِ وصالِ يار پيدا ڪر
غمن جو پاڻ تي اي دل نه ايڏو بار پيدا ڪر.

 

چويٿو عقل، هي چاڪِ گريبان آه رسوائي
جنون ويتر چويٿو، جامئهِ صدتار پيدا ڪر.

 

محمد عرس (عبدالقيوم) ’صائب‘:

 

خيالِ رفعت و فڪرِ رسن ۽ دار پيدا ڪر.
وري منصور جهڙو محرمِ اسرار پيدا ڪر.

 

حيات و موت جي وچ ۾ اگر تو کي ملي وقفو
ته پنهنجي زندگي جو ڪو نه ڪو معيار پيدا ڪر.

 

ضياءُ الدين بلبل ’ضيا‘:

 

نه ٿي احسان جو بندو، نه وٺ امداد غيرن جي
ڪرڻ هائو چڱي پر طاقتِ انڪار پيدا ڪر

 

تماشو عقل جو ڀي تو ڏٺو اي ساقيِ محفل
مجازِ دل جي ڏسڻو ٿي ته ڪو سرشار پيدا ڪر.

 

واحد بخش قريشي ’عاشق‘:

 

نه ووٽن لاءِ نوٽن جا وڏا انبار پيدا ڪر
رڳو هڪ پير سان ڪي مولوي ٽي چار پيدا ڪر.

 

خدايا چور پيدا ڪر، پٽاري دار پيدا ڪر
وڌي جي ملڪ ۾ رشوت ته صوبيدار پيدا ڪر.

 

ميان عبدالحق ’قاضي‘ ڪراچي:

 

اگر چاهين رهي قائم جهان ۾ عشق جو چرچو
ته دنيا ۾ خداوند رڳو بيڪار پيدا ڪر.

 

ملي جت مفت جي ماني رهائش مفت ۾ قاضي
ادب جون مجلسون اهڙيون  خدا هر بار پيدا ڪر.

 

محمد خان ’غني‘:

 

نه رکجي وصل جي خواهش مزو وٺ دردِ فرحت جو
نه پوري ٿئي ڪڏهن سا حسرتِ ديدار پيدا ڪر.

 

بتِ ڪافر جا عشوه، ناز ۽ غمزه پراڻا ٿيا.
انهيءَ کي چئو ته هاڻي ڪو نئون هٿيار پيدا ڪر.

 

عبدالفتاح’عبد‘ عاقلي:

 

خدا شاهد آ تو کي شاهدِ رعنا نٿو سونهين
گل و بلبل ڇڏي ڪو جنتي گلزار پيدا ڪر.

 

وري هڪ ڪربلا گهرجي ٿي اڄ حق و صداقت کي
اٿي عباس جهڙو ڪو علمبردار پيدا ڪر.

 

عبدالڪريم ’گدائي:

 

هوا بدلي زماني جي مگر تنهنجي نه خوءِ بدلي
دلِ پر آرزو ۽ ديدهِ بيدار پيدا ڪر.

 

گدائي خونِ دل سان تون چمن جي آبياري ڪر
وطن جي گوشي گوشي ۾ گل و گلزار پيدا ڪر.
(1)

 

’تنوير‘ عباسي:

 

رسي ۽ پوءِ پرچڻ ۾ عجب لطف آهي اي همدم
چوي ٿي دل ته هن سان ڪو نئون تڪرار پيدا ڪر.

 

وڃي صحرا ٿو بنجي رشڪِ جنت ڪيئن نه ڏس تنوير
فقط تنهنجي تخيل ۾ تون ڪوءِ يار پيدا ڪر.
(2)
 


(1)  ايڊيٽر (رئيس ضياءُ الدين)- ٻارهين سنڌ ادبي ڪانفرنس- اديب سنڌ نومبر ڊسمبر  1951ع، ص 8.

(1)  ٻارهين ادبي ڪانفرنس جي ڪارروائي (قلمي) ملڪيت حافظ محمد احسن چنا.

(1)  محمد علي  جوهر ”جمعيت الشعراءِ سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ پرنٽنگ پريس، 1973ع- ص 31

(1)  ”گلدستئه ادب“ (13 ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس جو يادگار)- الحجاز پرنٽنگ پريس سکر 1954ع.

(1)  غلام رسول ڪلهوڙو- ’عبدالڪريم گدائي جي شاعري‘ قلمي (مونو) سنڌالاجي ص 40.

(2)  بياض تنوير (قلمي) ملڪيت تنوير عباسي خيرپور.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org