سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: سنڌي غزل جي اوسر

صفحو :18

 

سانگي:

 

يار اکڙين ٺار گل رخسار جاني دل جا يار
ساهه سر سرواه سائين آءُ ڪريان توتي نثار.

 

عاشقن کان هاڻ حاصل ٿي نه تسڪين و سڪون
هن طرح هرجا ته آهن عشق جا ٿيا اشتهار.

 

سي اگرچه ٿا گذارين دولتِ دنيا کان ڌار
حسن جي سرڪار جا عشاق آهن ڪاردار.

 

تنهنجي ڪاڪل تان ڪريان قربان کٿوري جاکرا
عين آهو جي اي جاني، تنهنجي نيڻن تا نثار.

 

فصلِ گل آيو وري آهي رهي هي آرزو
ساقيءِ گلرو اچي لاهيندو دل جي خار خار.

 

اڄ گدا و حيدري هن شعر رنگين کي ڏسي
شاعرِ ٽکڙ سان گڏجي ٿا ڪڍن ڪي انتظار.

 

ناسخ و آتش سان گڏجي شاعر، شروان ڏسي
 ٿو ڪري سانگي ته غزلن جي غزالن جا شڪار.

 

غلام محمد شاهه ’گدا‘:

 

دل گهريا دلدار، خوش ڪردار جانان جيءَ جيار
سئو لڱا، سهڻا سڄڻ، تو تي ڪريان سر کي نثار.

 

تنهنجي سهڻي قد تي، آءُ سرو کي گهوري ڇڏيان
تنهنجي  عارض تي سڄڻ، صدقي ڪريان آءُ گل انار.

 

تنهنجي اکڙين جي اڳيان نرگس ڪري ٿي صد نياز
تنهنجي رخ جي رشڪ کان، لاله جي دلڙي داغدار.

 

شل سدائين گڏ گذاريون، خوشتر و خندان رهون
رشڪ کان اغيار جي دل کي ڪريون ساڙي اڱار.

 

عشق وارن تي سدائين سر ڏيڻ، ڏونگها سهڻ
عشق جي سرڪار جو، هن طرح آهي اشتهار.

 

هر گهڙي، هر لحظه دل سان، آءُ ڪريان ٿو هي دعا
حضرتِ سانگي جا ياور شل هجن هشت وچهار.

 

هن گدا جي، تنهنجي در آهي سدائين هي صدا
ساقيءِ ڪوثر جي صدقو، ساقيا ساغر ڏيار.

 

حافظ حامد:

 

هوت هينئڙي هار، دل جا ٺار، گلرخ گلعذار
جڳ اندر جاني نه ٿيو ڪو جوڙ تو سان جي جيار.

 

جُلهه سان جونجهار جن کي عاشقن جي سر اچيو
نازنين نت نيڻ تنهنجا ڪن قتال و ڪارزار.

 

نافئه تاتار کي ڪيو نڪهتِ گيسو خجل
چهرءِ گلرنگ تنهنجي تان آءُ گهوريان گل انار.

 

تنهنجي لعلن کان لڄايا ڏس ته ياقوت و عقيق
لولوءِ دندان لڳو لڳ ڪيئن ڳتي آهي قطار.

 

حضرتِ سانگي جو يڪتا شعر لاثاني سڄو
هر غزل ان جو ته هڪ نوطرز تي آهي نگار.

 

آهي سنجيده سخن سيد گدا ان ساڻ گڏ
ٿو ڪري اهڙن ته غزلن جي غزالن  جا شڪار.

 

چست ۽ چالاڪ آهي هوش جنهن جو هر طرح
ڪيئن ڪڍي سو شاعرِ ٽکڙ ادا اڄ انتظار.

 

سانگي پنهنجي غزل ۾ جنهن جو رديف ”ٻئي“ آهي، مرتضائي ۽ گدا کي جوابي غزل لکڻ جو اشارو ڪري ٿو. ٻئي شاعر ”ٻئي“ رديف ۾ ٻن ٻن شين جو ذڪر آڻي هڪ ٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ساڳي زمين ۾ مرزا دوست محمد به جوابي غزل لکيو آهي.

 

زلف دلبر جا مشڪ فام ٻئي
طائرِ دل لئه آهن دام ٻئي.

 

هڪ طرف وار ٻئي طرف رخسار
ڪيئن مقابل ٿيا، صبح شام ٻئي.

 

هڪڙو الفت جو ٻيو محبت جو
يار تو کي ڪريان سلام ٻئي.

 

دوستي ۽ حياتي اي يارو
وهم وانگر هي آهن، مدام ٻئي.

 

هڪڙو شبر آهي ۽ ٻيو شبير
درد هن جو ته آهن نام ٻئي.

 

’مرتضائي‘ ۽ ٻيو ’گدام‘ باهم
ڏسجي تان هيئن ٿيو هي لام ٻئي،

 

جنهن کي دارين ٿا چون سانگي
هي ته آهن مقام عام ٻئي.

 

مرتضائي:

 

تنهنجا رخسار سرخ فام ٻئي
لعل مرجان ڪن غلام ٻئي.

 

خال هڪ برجبين ٻيو رخ تي
نافئه عنبرين مشام ٻئي.

 

تيغ ابرو ترڪشِ مرﱞگان
مفت حملا رکن حشام ٻئي

 

يار وٽ شل رهان ۽ قربان ٿيان
قاصدا ڪج ادا پيام ٻئي.

 

مفتي و محتسب نه مانع ٿين
عاشقن ڪيا سي لاڪلام ٻئي.

 

شير شبير و شبير سبطِ  رسول
منهنجا آهن اهي امام ٻئي.

 

دل وٺڻ لاءِ مرتضائي جي
زلف تنهنجا ڏسان ٿو دام ٻئي.

 

مرزا دوست محمد ’دوست‘:

 

زلف زندگي سدا ظلام ٻئي
 ڪن ٿا عاشقن کي قتلام ٻئي.

 

يار جو رحم ۽ ڪڏهن بيداد
منهنجي سر تي آهن مدام ٻئي.

 

جي ڇڏيا ڇوڙي وار ڪارا يار
منهنجي دل لئه وڌئين سي دام ٻئي.

 

يار لئه منتظر رهيس دائم
صرف ڪيم تنهن ۾ صبح و شام ٻئي.

 

’دوستا‘ مرتضائي ۽ رهي
هاڻ تو کي ڪندا سلام ٻئي.
(1)

 


 

گدا:

 

چشم دلبر جا ميگسار ٻئي
مست و مخمور پُرخمار ٻئي.

 

غمزهِ چشم، عشوهِ ابرو
نازنينن جا ڪاردار ٻئي.

دانہء خال، دامِ زلف دراز
طائرِ دل جي لئه تيار ٻئي.

 

منهنجو سر منهنجو ساهه سوڀيرا
مدجبينن تان نت نثار ٻئي.

 

صبح رخسار شام زلفِ سياه
ڪيئن ٿيا هڪ ٻئي سان سازوار ٻئي.

 

روز محشر جي شبرو شبير
شل ڪندا مون کي رستگار ٻئي.

 

هڪڙو مخلص ٻيو محتبائي شاه
اي ’گدا‘ منهنجا دوستدار ٻئي.

 

سانگي پنهنجن ٻين غزلن تي غزل چوڻ لاءِ شاعرن کي دعوتِ غزل هيئن ڏئي ٿو:

 

1- باشده که بگو يد بجوابِ غزلِ من
   واقف ته آهي  ’حيدري‘ مضمون جي وٽن جو.

 

2- آهي اميد ته ڏيکاري غزل جوڙي جلد
    حيدري هن کان به موزون ۽ بهتر مون کي.

 

3- زور لائيندو ’حيدري‘ تنهن تي
   صاحبِ طبع سو ادا آهي.

 

4- حامد ڏسي گدا ڏسي ۽ حيدري ڏسي
    پر ان تي منهنجي طبع جي بحري ڪٿي ڪٿي.

5- حيدري ۽ گدا کي چئو ته چون
     ٿيو غزل آهي چوڻ کان وڌيڪ

 

سانگي جتي شاعرن کي دعوتِ غزل ڏني آهي اتي دعوتِ غزل قبول به ڪئي آهي. هن کي جنهن به شاعر جو ڪو غزل يا غزل جي مصرع پسند آئي آهي ته هن ان تي سوا ڪنهن حجاب جي طبع آزمائي ڪئي آهي، غلام محمد شاهه ’گدا‘ جو هي غزل سانگي کي پسند آيو آهي جنهن جي جواب ۾ پاڻ به غزل لکيو اٿس.

 

وڃائي عمر مون کي زلفِ بتان ۾
بسر ٿي زندگي هندوستان ۾.

 

اثر ظاهر ٿيو آه و فغان ۾
لڦون پئجي ويون منهنجي زبان ۾.

 

پريشان ڪيئن نه مون بيدل جي دل ٿئي
هٿيڪي ٿي، خمِ زلفِ بتان ۾.

 

دلِ بيتاب جي ديوانگي ڏس
وڃي قابو ٿي زلفِ بتان ۾.

 

جڏهن ٿي عاشقن جو امتحان ٿيو
تڏهن فل پاس ٿيس آءُ آبِ روان ۾.

 

سندم نيڻن جون نهرون، نت وهن جام
لڙهان جنهن جي امتحان ۾.

 

نهاري ڪين بلبل هوند گل ڏي
گذر جي يار جو ٿئي بوستان ۾.

 

فقيريءَ ۾ ڪري ٿو بادشاهي
’گدا‘ شاهن کان وڌ پنهنجي مڪان ۾.

 

سانگي- جوابِ غزل:

 

ازل اکن محو هس عشقِ بتان ۾
تڏهن پيدا ٿيس هندوستان ۾.

 

ٻڌم دل يار جي موٽي ميان ۾
مڪاني پاڻ کي ڪيم لامڪان ۾.

 

سا تيزي نيل جي دريا ۾ ناهي
رواني جا آهي طبعِ روان ۾.

 

اسان شيخن ۾ جيڪا آهه شوخي
نٿي ڏسجي اها ڪنهن نوجوان ۾.

 

مدرس عشق جي مون کي چيو شابس
جڏهن آءُ پاس آيس امتحان ۾.

 

ترنم ٿو ڪيان تازن گلن تي
 آهيان بلبل برهه جي بوستان ۾.

 

’گدا‘ جي آهي هي دلچسپ مصرع
لڦون پئجي ويون منهنجي زبان ۾.

 

اي سانگي نڪري وئي تيزي ۽ تندي
مگر برش آهي تيغِ زبان ۾.

 

مرزا قليچ بيگ جو هڪ غزل:

 

اچ اڱڻ منهنجي لنگهي محب به آيو منهنجو
شڪر صد شڪر، ٿيو بخت سوايو منهنجو.

 

جنهن جي محبت ۾ لٽايم دل و دولت سڀ
سو مليو نيٺ، ٿيو خرچ سوايو منهنجو.

 

وصل ۾ دوست جي ٿيو مون کي ميسر معراج
 ويو لنگهي عرش کان پڻ اوج ۾ پايو منهنجو.

 

هيستائين هجر ۾ هس بوم کان آءُ شوم وڌيڪ
هاڻ هما کان به همايون ٿيو سايو منهنجو

 

ڪيو غلامي ۾ جڏهانڪر مون کي دلبر مقبول
دارا درٻان، سڪندر ٿيو دايو منهنجو.

 

ان جي صحبت ۾ ٿيس صاحبِ اقبال قليچ
گرچه ڪمتر هو گهڻو اصل ۾ مايو منهنجو. 
(1)

 

مير عبدالحسين سانگي کي پسند آيو خاص طرح هي مصرع:

”هاڻ هما کان همايون ٿيو سايو منهنجو.“

 

مير صاحب ان تي هڪ وڏو جوابي غزل لکيو جنهن جا ڪجهه شعر آهن:

 

چاهه مان يار غزل هي هو چوايو منهنجو
آهي الله سجايو ڪيو، لايو منهنجو.

 

حضرتِ عشق ٿي ڪيا عاشق ۽ معشوق شمار
پاڻ کي يار تڏهن يار چوايو منهنجو.
 
تڏهن دلدار هلي آهه اڱڻ تي آيو
جڏهن الله وري بخت ورايو منهنجو.

 

حسن آباد ۾ هو ڪالهه حسينن جو هجوم
سڀني سهڻن کان هو سهڻو ته سوايو منهنجو.

 

آهي دلچسپ هي ٿي مصرع موزون قليچ
هاڻ هما کان به همايون ٿيو سايو منهنجو.

 

رهي سانگي جي ته سهڻن سان سدائين صحبت
عمر جو وقت ويو ڪو نه اجايو منهنجو.
(2)

 

سانگي ۽ قليچ جي غزلن جي جواب ۾ گدا به هڪ غزل چيو، جنهن جا ڪجهه شعر پيش آهن:

 

پارڪ الله ٿيو اقبال سوايو منهنجو
پنهنجي پاسي ۾ ته گهر يار اڏايو منهنجو.

 

ٿيو مسخر سو  اچي منهنجو  پريزادو پرين
لله المحمد وظيفو ٿيو سجايو منهنجو

 

آهوي چشم صنم اهڙو ڪيو وحشي مون کي
جنهن کان ڏس مون کان گريزان ٿيو سايو منهنجو.

 

مون کي دلبر چيو ”آءُ تنهنجو ته دلدار آهيان“
هن سخن يار جي ڪيو فخر سوايو منهنجو.

 

مون کي ”استاد غزل“ سنڌ ۾ سڀڪو ٿو چوي
آهه هن فن ۾ فزون سڀ کان ٿيو پايو منهنجو.
(1)

 

سانگي کي حافظ حامد جي هڪ غزل جون ٻه مصرعون پسند اچي ويون:

 

1- سڻي سرهو ٿيو سانگي، هي مصرع حاجي حامدجي
   محبت وابين موران نه ڏونگهن کان ڏرڻ گهرجي.

 

2- اها حامد جي سانگي کي وڻي ٿي مصرعِ موزون
   نماڻي نينهن جي کي نيٺ هن ٺنڀ ۾ ٺرڻ گهرجي.

 

انهن ٻنهي مصرعن تي سانگي علحده علحده غزل لکيا آهن. حافظ حامد جو غزل ۽ سانگي جو ان غزل تي چيل هڪ غزل ملاحظه ڪريو. ٻنهي غزلن ۾ سهڻيءَ ۽ دريا جو ماحول پيش ڪيو ويو آهي.

 

حافظ حامد:

ڏسي مهراڻ مستي ۾ نه ويرن کان ورڻ گهرجي
ميهر محبوب لئه موجن ۾ منڌ تو کي مرڻ گهرجي.

 

ابت ۽ آر اوڀارو ڪپر ڪنڌين ڪري ڪڙڪا
اهو اوڙاهه آڌيءَ جو طلب وارن ترڻ گهرجي.

 

سيارو سير سائر جي سٽاڻي ڇا جهلي سڪ کي
نماڻي نينهن جي کي نيٺ هن ٺنڀ ۾ ٺرڻ گهرجي.

 

ڪري مر ڪانڌ تو ڪاوڙ سدا ساهڙ هجي سر تو
 سندو ڏم ڏوم ڏوراپو نه ڪنهن پرڪن ڪرڻ گهرجي.

 

چريو ڪيو جنهن چوواڪي  چت سدا سا سرڪ ساريان ٿي
رهي اوراڙ اوني کان نه تنهن کيران کرڻ گهرجي.

 

ڪيم جو قول ۾ قابو وڃڻ جو يار سان ويلي
انهين انجام تي آخر پريان سان پت ڀرڻ گهرجي.

 

ٻڏين تان ٻاجهه ڀانئج، جي رسين تان آهه سڀ رحمت
ڇڏي حيلا حبيبن ڏي ڀلا ڪا وک وجهڻ گهرجي.

 

رکڻ ناتو نهارڻ ننگ حامد ٿئي نه هيڪاندو
محبت وارين موران نه ڏونگهن کان ڏرڻ گهرجي.
(1)
 


(1)  ”ديوان دوست“ (قلمي)- ملڪيت مرزا عباس علي بيگ- حيدرآباد.

(1)  ”ديوان قليچ“- سنڌي ادبي بورڊ، 1956ع- ص 272.

(2) ” ڪليات سانگي“- سنڌي ادبي بورڊ، 1969ع ص 60.

(1)  ”ڪليات گدا“- سنڌي ادبي بورڊ- 1957ع- ص 198.

(1)  ”ارمغان حامد“. مسلمان پرنٽنگ پريس ميرپورخاص- 1926ع- ص 35.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org